”مقالات الشعرا“ ۾ شاهه شهيد جي فقط هڪ مريد مير
جان الله شاهه رضويءَ جو ذڪر آيو آهي، ليڪن دوران
مطالعي سندس هڪ ٻئي مخلص عقيدتمند، شاهه اسماعيل
صوفيءَ، جو به ذڪر، بحيثيت شاعر جي، ملي ويو. ٻئي
ماخذ تي لکڻ کان اڳ مناسب آهي ته انهيءَ بزرگ سان
به ملاقي ٿيندا هلون. ”مقالات الشعرا“ جي صاحب، هن
ريت سندس احوال بيان ڪيو آهي.
شاهه اسماعيل صوفي، شيخ عبدالله انصاريءَ
جي اولاد مان هو؛ شاهه عاشق الله جو مريد ۽ جناب
حضرت شاهه عنايت الله صوفيءَ جي مخلصن مان هو. هن
ويجهڙائيءَ ۾ سندس جهڙو صاحب ڪمال ۽ اهل حال ڪونه
ڪو ٿيو. زبان سندس صفت ۽ ساراهه کان معذور آهي،
جيتري به وصف ڪجي اها ٿوري آهي؛ سندس ڪرامتن مان
هڪ ته سندس طبابت هئي، جو لاعلاج ۾ مرندڙ مريضن کي
اهڙيءَ دوا جي ذريعي جيئندان ڏيندو هو، جو هوند
اها دوا ڪو عقلمند طبيب ان مرض لاءِ نه ڏئي. گويا
دوا بهانو هئي، حقيقت ۾ سندس نظر شفا اثر جو ئي
سارو کيڏ هو.
هميشـﮧ استغراق ۾ رهندو هو، ۽ مولانا روم
جي مثنويءَ جو درس دل نشين نموني ۾ ڏيندو هو. جنهن
کي سندس زيارت نصيب ٿي هوندي، اهو ئي ڄاڻندو هوندو
ته ڪهڙي پايي جو بزرگ هو. مير ’قانع‘ نموني طور هڪ
فارسيءَ جو شعر ڏنو آهي:
دوست گرچه جملـﮧ مغز و پوست ماست
در برون هر چيز بينم دوست ماست.
اسان مٿي هڪ شاعر محمد رضا جو ذڪر ڪري چڪا آهيون،
جيڪو نواب اعظم ۽ شاهه عنايت جي مڪالمي وقت موجود
هو ۽ مڪالمي هلندي، شاهه کي مخاطب ٿي، هي بيت چيو
هئائين:
دوست بيدار بشو عالم خوابست اينجا،
حرف بيهوده مگو پاي حساب ست اينجا.
مير علي شير”مقالات الشعرا“ ۾ ان جو به ذڪرآندو
آهي. لکي ٿو ته ”اهل ٺٽي جو هو، ليڪن بکر ۾ بود
وباش ڪئي هئائين، فارسيءَ ۽ عربيءَ جو ماهر هو.
عالمگير کان وٺي، محمد شاهه تائين (1068هه
تا1161هه) بکر ۾ سرڪاري حدن تي رهندو آيو. علامه
عبدالجليل بلگرامي
سان خاص دوستي هيس. علامه مرحوم جڏهن موڪل تي
هندستان ويو ته پنهنجي پٺيان کيس ئي نائب ڪري ويو.
ٺٽي ۾ پڻ سرڪاري ماڻهن وٽ ايندو ويندو هو؛ شاهه
عنايت واريءَ جنگ ۾ نواب اعظم خان سان گڏ هو. سندس
عزيز ٺٽي ۾، پت بکر ۾ رهندا هئا. مير ’قانع‘ سندس
وفات (1143هه) جي تاريخ هن طرح چئي:
محمد رضا داده جان، در جنان شد.
”جان“ جا عدد سندس نالي جي عددن مان ڪڍي ۽ ”جنان“
جا عدد وجهبا ته سن نڪري ايندو.
بياض ”قانع“:
اسان جي سامهون مرحوم مير ’قانع‘ جو پنهنجي هٿ
اکرين لکيل هڪ بياض آهي، جنهن ۾ هن مختلف شاعرن جي
پسنديده فارسي بيتن جو انتخاب ڪيو آهي. شاهه عنايت
جي نالي تي ان ۾ هيٺيون شعر درج آهي:
سرو
مي
ترسد که بالِ قمريان را بشکند
سخت مي پيچد بخود از حيرتِ رفتار او
هن وقت تائين اسان کي نه شاهه جو ڪو ٻيو بيت مليو
آهي، ۽ نه وري ڪو تفصيل ئي مليو آهي ته شاهه شهيد
سنڌيءَ يا فارسيءَ جو شاعر به هو. مير ’قانع‘
”مقالات“ ۾ به انهيءَ سلسلي ۾ ڪو ذڪر ڪونه ڪيو
آهي؛ شاهه شهيد جيڪڏهن شاعر هجي ها، ته هوندو ضرور
سندس ذڪر ”مقالات“ ۾ ڪيو وڃي ها. بهرحال بياض ۾،
جنهن صورت ۾ مٿيون شعر سندس نالي منسوب ڪيو ويو
آهي، تنهنڪري اسان به ان کي هن مضمون ۾ آڻڻ مناسب
سمجهيو.
تحفهه ”الڪرام:
”مقالات“ جي ختم ٿيڻ کان ست سال پوءِ مير ’قانع‘
پنهنجو شهره آفاق ڪتاب ”تحفـة الڪرام“ 1181هه ۾
لکيو، جنهن ۾ پڻ هن مختلف جاين تي شاهه شهيد، سندس
خاندان ۽ سندس متعلقين جو ذڪر ڪيو آهي. سڀ کان
پهرين نواب اعظم خان جي ضمن ۾ شهادت واري واقعي کي
بيان ڪيو اٿس، لکي ٿو ته_
”نواب اعظم خان ولد صالح خان بن فدائي خان، سيد
هو، ۽ خان جهان ڪو ڪلتاش جي ڀاءُ جو ڏهٽو هو. مير
لطف علي خان (رضوي ٺٽوي) جي معزول ٿيڻ بعد پنهنجي
جلوس فرخ سيريءَ ۾ 1128هه ٺٽي جي صوبيداري کين
ملي. پهرين هن خواجا محمد خليل کي پنهنجو نائب ڪري
موڪليو ۽ پوءِ پاڻ به اچي پهتو. مير ’قانع‘ اڳتي
هلي لکي ٿو ته ”شيخ حق شناس، شريعت اساس، گوهر
يڪتا ۽ بحر حقيقت، شناساي دفايق رموز طريقت، مرشد
مرشدان خدا آگاه، شاهه عنايت الله صوفيءَ جي شهادت
جو واقعو سندس دؤر ۾ ظهور پذير ٿيو.“
واقعي جا تفصيلات اهي ئي ساڳيا ڏنا ويا آهن، جيڪي
”مقالات“ ۾ ا چي چڪا آهن، البته چند ڳالهيون نيون
۽ ڪن واقعن جي وضاحت ٿيل آهي، جا هن ريت آهي:
1_ بلڙيءَ جي سيدن جي نا اتفاقي هن ڪري ٿي، جو
سندن مريد کانئن ڇڄي، شاهه شهيد جي سلسلي ۾ داخل
ٿيا ٿي.
2_ نور محمد پليجي ۽ حمل جت جي مخالفت جو سبب اهو
هو، جو انهن جا ڪڙمي ڪاري، سندن زمينون ڇڏي، شاهه
جي خذمت ۾ وڃي رهيا هئا.
3_ اعظم خان بادشاهه جي حضور ۾ عرض ڪري، اتان ميان
يار محمد ڪلهوڙي ۽ ٻين اثر ماڻهن جي نالي، امداد
ڏيڻ لاءِ حڪم گهرايا.
4_ 9 صفر 1130هه جو،جيڪي نواب جي دل گهريو سو
ڪيائين، (يعني شهادت عمل ۾ آئي).
5_ ٺٽي ۾ موٽي اچڻ بعد نواب، لشڪر ۽ جنگ تي ٿيل
خرچ ٺٽي جي واپارين مٿان مڙهيو، جنهن جي ڪري سخت
ناراضگي پيدا ٿي، ۽ مخدوم رحمت الله طالب العلم
جيڪو انهيءَ دؤر جو جيد عالم، خداشناس ۽ وڏي اثر
وارو بزرگ هو، سو نواب جي انهيءَ ظلم تي سخت ناراض
ٿيو ۽ بيحد مخالفت ڪيائين؛ ليڪن جڏهن نواب نه
مڙيو، تڏهن مخدوم صاحب پاڻ شهر ڇڏي هليو ويو؛
ڇاڪاڻ ته جتي اهڙا ڪلور پيا ٿين، اتي رهڻ کيس جائز
نظر نه آيو. نواب جون اکيون، جنهن صورت ۾ حق
شناسيءَ کان پوريل هيون، تنهنڪري، ظاهر ۽ باطني
علومن جي انهيءَ جامع بزرگ کي تڪليفون ڏيئي، شهر ۾
واپس گهرائي، کيس بنديخاني ۾ وجهي ڇڏيائين. انهيءَ
سبب ڪري، ويتر خلق خدا جي ۾ نارضپو وڌيو، ۽ آخر
جڏهن فرخ سير جو ستارو غروب ٿيو (1131هه) ۾ رفيع
الدرجات (1131هه) ۽ رفيع الدوله (1131هه) جي به
پڄاڻي ٿي ۽ محمد شاهه بادشاهه غازيءَ جي بخت جو سج
اڀريو، ان وقت 1131هه ۾، نواب اعظم خان به معزول
ٿيو ۽ سندس جاءِ تي نواب مهابت خان آيو.
شاهه شهيد جي خاندان جو احوال:
مير ’قانع‘، ”تحفـة الڪرام“ ۾ شاهه شهيد جي خاندان
جو ذڪر ڳوٺ نصريي جي عنوان هيٺ آندو آهي. اهو ڳوٺ
ميران پور جهوڪ سان گڏ آهي ۽ هاڻي ڦٽو پيو آهي،
شاهه شهيد جي بزرگن جون قبرون انهيءَ ويراني ۾ اڃا
به ظاهر آهن.
”مقلات الشعرا“ جي عنوان هيٺ اسان شاهه شهيد جو
جيڪو نسب نامو ڏيئي آيا آهيون، سو هن ريت آهي،
جنهن کي ذهن ۾ رکي ”تحفـة الڪرام“ ۾ آيل احوال
پڙهڻ گهرجي. _ شاهه عنايت الله بن مخدوم فضل الله،
بن ملا يوسف، بن ملا شهاب الدين، بن ملا آجب، بن
مخدوم صڌو
لانگاهه،
مٿين بزرگن جو احوال تحفـة الڪرام جي صاحب هن ريت
ڏنو آهي:
(1) مخدوم صڌو:
هي بزرگ، وقت جي اجل مشائخن مان هو، ترڪ مال جي
هيءَ حالت هئي، جو رات ٿيڻ تي مَٽن مان پاڻي به
هاري ڇڏيندو هو ۽ فرمائيندو هو ته ”نئون سج نئون
رزق“. سندس ڪافيون ۽ ڪرامتون ڳڻائيءَ کان مٿي آهن.
بزرگ جي مزار نصريي ڳوٺ ۾ عقيدتمندن لاءِ
زيارتگاهه آهي. سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي
اولاد مان اڪثر سادات انهيءَ بزرگ جا مريد هئا.
(2) مخدوم آجب:
مخدوم صدوءَ جو فرزند پڻ وڏيءَ ڪرامت جو صاحب هو.
هڪ دفعي جي ڳالهه ٿا ڪن ته بزرگ ڪنهن ديهه تي ويو
ٿي، ٽپهريءَ جي نماز وقت درياءُ جي ڀڪِ تي پهتو،
ٻيڙيءَ وارو پرينءَ ڀڪِ ڏانهن هو، جنهنڪري درياءَ
اُڪرڻ جو ڪو وسيلو ڪونه هو. ڏينهن اچي لڙيو،
سرديءَ جو زمانو هو؛ ملازم عرض ڪيو ته جيڪر موٽي
هلجي ۽ وري سڀاڻي صبح جو اچي درياءَ ٽپجي. ليڪن
پاڻ واپس ڪونه ٿيو ۽ رات اتي ئي رهي پيو. پهر رات
گذري، خدا جي قدرت سان درياءُ پنهنجو پاڻ سڪي وڃي
ڍنڍ جي مانند ٿيو؛ ۽ آواز آيو ته ’اي شيخ! جي
اُڪرڻ جو خيال هجئي ته اِجها واٽ حاضر آهي؟‘ پاڻ
انڪار ڪيائين، جنهن تي ٻيهر به ساڳيو آواز آيو،
جنهن تي مخدوم جواب ڏنو ته ’اسان جو تڪيو الله تي
آهي، نتيجو احسان نه کڻبو.‘ آخر جڏهن صبح ٿيو ته
پاڻ ٻيڙيءَ جي ذريعي درياءُ ٽپيو.
(3) ملا شهاب الدين:
ولد ملا آجب، صالح ۽ ڪامل ٻانهو رب جو هو؛ کيس ملا
يوسف نالي پٽ ٿيو، جيڪو پڻ فقر ۽ توڪل جو صاحب ۽
معرفت وارو درويش هو. مخدوم فضل الله انهيءَ درويش
جو فرزند هو، ۽ آبائي طريقي جو سالڪ ۽ فقير بي
رياءُ هو؛ انهيءَ بزرگ جو پٽ شاهه عنايت جهوڪ وارو
آهي.
(4) شاهه عنايت الله:
مير ’قانع‘، شاهه شهيد جي سوانح بيان ڪندي لکيو
آهي ته ”ابتدائي زندگيءَ ۾ حق جي ڳولا لاءِ، عنايت
الله صوفيءَ سياحت ۽ سير ۾ ڏاڍي تڪليف سر تي سَٺي.
آخر ڪيتريءَ ڳولا بعد، ڪنهن زماني کان پوءِ، شاهه
عبدالملڪ وٽ دکن ۾ وڃي رهيو، ۽ اتان فيض وٺي،
بزرگيءَ جي انهيءَ درجي ۽ مرتبي تي پهتو، جو زبان
انهيءَ جي بيان کان عاجز ۽ قاصر آهي. پنهنجي مرشد
جي حڪم مطابق رياضت ۾ ڏاڍيون محنتون ڪيائين. ظاهري
علومن ۾ هو شاهه غلام محمد جو شاهجهان آباد (دهلي)
۾ وڃي شاگرد ٿيو، جيڪو بزرگ شاهه عبدالملڪ جو مريد
۽ سندس ئي ارشاد تي دهليءَ ۾ رشد و هدايت جي مسند
وڇايو ويٺو هو.
شاهه غلام محمد، ظاهري علومن جو درس، شاهه عنايت
الله کي ڏيئي، پاڻ باطني علومن ۾ سندس شاگرد ٿيو ۽
سندس بيعت ڪيائين. جڏهن شاهه عنايت الله سڀ ڪم
پورا ڪري ٺٽي موٽيو ته شاهه غلام محمد به ساڻس
گڏيو آيو، ۽ اتي جڏهن شاهه غلام محمد کي وقت جي
علمائن، شاهه عنايت جو پنهنجي خاص صوفياڻي طريقي
تي سجدو ڪندي ڏٺو، تڏهن اچي هنگامو پيدا ڪيائون ۽
شرعي محڪمي ۾ کيس گهرائي تعزير ڏيڻ جي ڪوشش
ڪيائون. آخر پنهنجي مرشد جي ارشاد تي، شاهه غلام
محمد موٽي دهليءَ ويو، جتي مدت مديد تائين سندس
خانقاهه مرجع خلائق رهي.
انهيءَ کان پوءِ، مير’قانع‘، شاهه جي شهادت جو
واقعو اختصار سان لکي، سندس اولاد جي سلسلي ۾
هيٺينءَ طرح بيان ڪري ٿو:
شاهه عزت الله:
شاهه شهيد جو ناميارو فرزند، سندس شهادت بعد،
1186هه ۾ فوت ٿيو.
شاهه سلام الله:
سندس ٻيو فرزند، شاهه سلام الله، سالن جا سال صحرا
نوردي ڪندو رهيو. رياضت ۾ سخت اذيتون برداشت ڪندو
رهيو، ۽ ڪيترو وقت بيخوديءَ ۾ محويت جي انتهائي
عالم ۾ غرق هو. ڪن سالن، بلڪ ايامن پڄاڻان انهيءَ
حالت مان ٻاهر نڪتو. مشهوريءَ کان بلڪل ٽهندو هو،
۽ وتندو هو لڪندو ۽ ڇپندو؛ سندس متوسل رنج، تڪليف،
ڏک ۽ اذيت کي روح جي ريجهه سان راحت ۽ آرام تي
ترجيع ڏيو وتندا هئا ساڻس گڏ گهمندا.
سندن ڪيتريون ڪرامتون مشهور آهن. غلام شاهه ۽
عطرخان ڪلهوڙي جي وچ ۾ مخاصمت واري زماني ۾ ڪنهن
کي يقين نه هو ته غلام شاهه تخت ۽ تاج جو وارث
ٿيندو. هڪ دفعي ماڻهن ڳالهين ڪندي شاهه کان پڇيو،
پاڻ فرمايائين ته ”(غين) ڪامياب ٿيندو، پر (آهه)
غلام شاهه!“ ٿوري گهڻي ڏينهن آخر ٿيو به ائين.
اهڙيءَ طرح جيڪي زبان مان ڪڍندو هو، سو پورو ٿيندو
هو؛ غلام شاهه ڀاءُ جي جيئري ئي پاڻ گذاري ويو.
ميان زاهد:
ولد شيخ خدا آگاهه شاهه ابراهيم صوفي، شاهه عزت
الله جو نياڻو ۽ انهيءَ گهراڻي جو روشن ڏيئو آهي.
مير ’قانع‘ انهيءَ خاندان جو ذڪر هن عبارت تي ختم
ڪري ٿو_ ”خامهءِ خامکار چـﮧ قدر شرح اوصاف
بزرگيءَ اين خاندان کند؟ خدام اين سلسلـﮧ امروز هم
با آنکه، هزاران هزار در فترت شهادت مرشد بکار
آمدند، و کسي ازان دودمان مشيخت دوست نيست، در
سنده مريدان بيشمار عيان و نهان اند، و در ديگر
بلاد مشائخ کبار
بتوسل ارادت اين در، داخل اجلـﮧ اهل کمال ميباشند“
(171)
شاهه شهيد جا متوسل ۽ معتقد:
تحفـة الڪرام ۾، شاهه غلام محمد جو ذڪر ضمناً پنجن
ڇهن جاين تي (170، 233، 250) آيو آهي، تفصيل سان
ذڪر ڪونه آندو اٿائين.
شاهه اسماعيل صوفي، جنهن جو ٿورو ذڪر مقالات
الشعرا جي سلسلي ۾ اچي چڪو آهي، تحفـة الڪرام ۾ ان
جو احوال ڪي قدر تفصيل سان آيل آهي. مصنف لکي ٿو
ته ”ٺٽي جو شاهه اسماعيل صوفي، جنهن جو نالو شاهه
اسد الله هو، جيڪو پٽ هو ميان نعمت الله جو، اهو
پٽ جي محمد يوسف جو، اهو پٽ محمد يعقوب جو، جيڪو
پٽ هو ٺٽي جو مشهور ۽ وڏي بزرگ شاهه ابوالقاسم
انصاريءَ جو_
اهو شاهه اسماعيل، شاهه عنايت الله جو گهرو دوست
هو، ۽ ويجهڙائيءَ ۾ جهڙس ڪامل بزرگ ۽ پهتل ٻانهو
رب جو ٻيو ڪونه گذريو آهي؛ زبان سندس صفت کان
عاجز آهي، مثنويءَ جو درس ڏاڍيءَ محويت سان ڏيندو
هو.“
شاهه اسماعيل صوفيءَ کي ٻيو ڀاءُ به هو، جنهن جو
نالو شاهه عزت الله هو، ۽ اهو عالمگير بادشاهه جي
حضور ۾ پهچي. ملازمت وٺي، برهانپور ۾ وڃي مقيم ٿيو
هو ۽ اُتي ئي شادي ڪئي هئائين، جنهن مان کيس پٽ به
ٿيا. شاهه حسين الله انهيءَ بزرگ جو پٽ هو، جيڪو
پنهنجي چاچي شاهه اسماعيل جي ڪوٺڻ تي، اتان لڏي
اچي ٺٽي ۾ مقيم ٿيو. سندس چاچو شاهه اسماعيل سندس
پهچڻ کان اڳ انتقال ڪري چڪو هو، جنهنڪري پاڻ ڪجهه
وقت رهي، شاهه مسعود ولهاريءَ سان گڏجي شاهه غلام
محمد ڏانهن دهليءَ ويو، ۽ اتان وري موٽي اچي ٺٽي
رهيو. مير ’قانع‘ لکي ٿو ته ”هن وقت (1181هه) وڏن
درويشن مان آهي ۽ خلق الله جي خدمت ۾ مشغول آهي.“
مير ’قانع‘، شاهه اسماعيل جو وري ذڪر ڇيڙي، چوي ٿو
ته ”شاهه اسماعيل صوفي، شاهه عاشق الله
جو، جيڪو هندستان مان آيو هو، مريد آهي.هڪ ڏينهن
درس جي دوران ۾ اوچتو سندس طبيعت متغير ٿي ويئي، ۽
سڄي بدن تي چهبڪن جا نشان ظاهر ٿي آيا، لڪائڻ خاطر
رلهي گهرائي ڍڪي ويهي رهيو. آخر ظاهر ٿيو ته ان
وقت ٺٽي جي ڪوٽواريءَ ۾، چبوتري تي، هڪ ماڻهوءَ
کي، سرڪاري ملازم بنا ڏوهه جي، محض سياسي ضد سبب،
ديڙا هڻي رهيا هئا، ۽ اهي ديڙا شاهه جي بدن تي
ظاهر ٿي رهيا هئا.“ ان بعد سندس طبابت ۽ ڪرامتن جو
مير ’قانع‘ ذڪر ڪيو آهي، جيڪو مقالات جي عنوان هيٺ
اچي چڪو آهي. آخر ۾ لکي ٿو ته ”سندس مزار تي هر
سال ميلو لڳي ٿو، ۽ هزارين ماڻهو زيارت ڪرڻ اچن
ٿا، هن بزرگ اولاد ڪونه ڇڏيو 3/233“.
شاهه اسماعيل صوفيءَ جو وڏو جيد مريد شاهه مسعود
ولهاري هو، جنهن ظاهري علومن جو درس مخدوم حاجي
محمد قائم
کان ورتو هو. ۽ وڏيءَ فضيلت وارو صاحب هو. مير
’قانع‘ لکي ٿو ته ”فضيلت جي شهرت اوري پري اٿس ۽
مثنويءَ کي ڏاڍي شوق ذوق سان پڙهندو آهي؛ پنهنجي
مرشد جي ارشاد تي، سندس انتقال بعد، دهليءَ ويو ۽
شاهه غلام محمد وٽان رهيل امانت هٿ ڪري موٽي آيو؛
هن وقت سندس جهڙو صوفي ٺٽي ۾ ٻيو ڪونه آهي؛
مثنويءَ جو درس خوب ڏئي ٿو؛ زماني جي وهمن ۽ سلسلن
کي ڇڏي، قناعت ڪيو، پاسيرو ٿيو، پيو ٿو پنهنجي يار
سان ريجهه ۽ رهاڻ ڪري (233).“
شاهه لطيف ڀٽائيءَ لاءِ، مير ’قانع‘ لکي ٿو ته
”شاهه اسماعيل سان دوستيءَ سبب ڀانئجي ٿو ته شاهه
سڳوري کي شاهه عنايت شهيد لاءِ قرب ۽ پيار هوندو ،
۽ ممڪن آهي ته چند بيت، جيڪي شاهه شهيد جي سلسلي ۾
چيا وڃن ٿا، سي حقيقت ۾ شهادت جي واقعي کان متاثر
ٿي شاهه ڀٽائيءَ چيا هجن.“
دهليءَ واري شاهه غلام محمد جو اثر ڏسجي ٿو ته
شاهه شهيد جي تعلق سبب سنڌ تي گهڻو هو، ۽ انهيءَ
سلسلي جا جيڪي معتقد ۽ متوسل هئا، سي سڀ شاهه غلام
محمد سان به عقيدت رکندا هئا. مخدوم عربي هالن
واري جي ڀاءُ حضرت پير آسات جي اولاد مان ميان
محمد حسين هو، جنهن کي ٻه پٽ هئا _ هڪ احمد ۽ ٻيو
محمد؛ انهن مان احمد دهليءَ وڃي شاهه غلام محمد جي
خذمت ۾ رهيو هو ۽ سندس لنگر و سمورو ڪم ڪار پيو
سنڀاليندو هو (250).
تحفـة الڪرام جي مصنف لکيو آهي ته ”بڪيرن جي شيخ
فاضل شاهه
قريشيءَ جي ناٺيءَ شيخ شهدالله جو پٽ شاهه سراج
الدين وڏي مانَ ۽ مرتبي سان ٿي گذريو آهي؛ جنهن
وقت شاهه کي شهيد ڪيو ويو، ان وقت هي پاڻ شاهي
درٻار ۾ دهليءَ ۾ هو، ۽ انهيءَ معاملي ۾ سندس پڻ
چرچ هئي (159).“
مٿئين واقعي مان معلوم ٿئي ٿو ته شاهه شهيد جو سنڌ
اندر وڌندڙ اقبال ۽ اثر ڏسي، فقير، پير، گادي نشين
۽ امير، سڀ دهلجي ويا هئا، ۽ پنهنجي پنهنجي وِت ۽
وس آهر، هر ڪنهن کيس ختم ڪرڻ ۾، پنهنجي آڏاڻي ۽
اقتدار کي بچائڻ خاطر، ڪسر ڪانه ڇڏي. بلڙيءَ وارا
سيد، بڪيرن جا خانقاهه نشين، ٺٽي جي مسند قضا جا
مالڪ، نور محمد پليجي ۽ حمل جت وارا زميندار، اپر
سنڌ جا ٺيڪيدار ميان يار محمد ڪلهوڙي وارا، ٺٽي جي
رضوي خاندان وارا سيد مير لطف علي وغيرهه، الغرض
انهيءَ فهرست ۾ سڀ پير، گادي نشين، امير يا
زميندار ڏسڻ ۾ پيا اچن.
تحفـة الڪرام جو صاحب لکي ٿو ته ”درويش صابر
ولهاري به انهيءَ دور جو وڏو خدا رسيدو بزرگ ۽
شاهه شهيد جو ننڍو معاصر هو (166).“
ٺٽي جي انجوي شيرازي ساداتن مان سيد لطف الله عرف
مير بطن، شاهه شهيد جو مريد ۽ شاهه اسماعيل صوفيءَ
جو صحبتي ۽ معتقد هو، پنهنجي دور ۾ اهو بزرگ به
توڪل، تسليم ۽ رضا جي وڏيءَ ڪڙيءَ تي رسيل هو
(189).
شاهه شهيد جي سلسلي ۾ مير علي شير ’قانع‘ جي ٻئي
ڪتاب ۾ انهيءَ طريقي جو بيان موجود آهي، اڳتي اسان
مير صاحب جي ٽئين ڪتاب ”طومار سلاسل“ ۽ چوٿين ڪتاب
”معيار سالڪان طريقت“ مان مٿئين سلسلي ۾ جيڪي ڪجهه
آيل آهي، سو پيش ڪنداسين.
”طومار سلاسل طريقت“:
مير علي شير 1202هه ۾ بزرگن جي طريقت جو هڪ شجرو
تيار ڪيو، جنهن ۾ شاهه شهيد جي طريقت جو سلسلو، هن
ريت ڏنو اٿائين:
شيخ عنايت الله صوفي، مريد شيخ عزيز الله (بن جان
الله)، اهو مريد پنهنجي والد جان الله المعروف بـﮧ
شيخ محمد سنوري قادريءَ جو، اهو مريد شيخ ميرانجي
برهانپوريءَ جو، اهو مريد شاهه عبدالشڪور جو، اهو
مريد شاهه برهان الدين جو، اهو مريد شيخ نجم الدين
جو، اهو مريد شيخ علي خطيب احمد آباديءَ جو، اهو
مريد شيخ برهان الدين (بن سيد محمود) جو، اهو مريد
سيد محمود
بن مخدوم جهانيان جو، اهو مريد پنهنجي والد سيد
مخدوم جهانيان جهان گشت
جو (جيڪو فرزند هو سيد احمد ڪبير جو ۽ اهو پٽ هو
سيد جلال سرخ بخاريءَ
جو)، اهو مريد شيخ رڪن الدين بن صدر الدين بن حضرت
بهاء الدين زڪريا ملتانيءَ جو، صدرالدين مريد هو
پنهنجي والد حضرت بهاءالدين جو ۽ اهو مريد هو
خواجـﮧ شهاب الدين سهرورديءَ جو.
”معيار سالڪان طريقت“:
1202هه ۾ مير علي شير ’قانع‘ انهيءَ نالي سان ٻيو
هڪ ڪتاب بزرگن جي تذڪري ۾ مرتب ڪيو، جنهن ۾ پڻ
شاهه عنايت ۽ سندس متعلقين جو ذڪر آيو آهي.
شاهه شهيد:
شاهه شهيد جي ساسلي ۾ لکي ٿو ته ”در آغاز حال بطلب
حق رياضت شاقه کشيده، خدمت و صحبت مشائخ بسيار
دريافتـﮧ“. اڳتي هلي لکي ٿو ته ”شاهه شهيد شاهه
عبدالملڪ جو مريد هو، ۽ ان جو طريقو قادري آهي،
جيڪو هن ريت هلي ٿو_
شاهه شهيد مربد شاهه عبدالملڪ جو، اهو مريد مولانا
برهان الحق والدين شيخ عزيز الله جو، اهو مريد
پنهنجي والد شاهه جان الله قادريءَ جو (عرف شيخ
جان محمد سنوري قادري)، اهو مريد قدوة المحققين
شيخ ميرانجي برهانپوريءَ جو، اهو مريد شاهه
عبدالشڪور قادريءَ جو، اهو مريد برهان الدين جو،
اهو مريد شاهه نجم الدين جو، اهو مريد شيخ علي
خطيب احمد آباديءَ جو، اهو مريد سيد ڪمال بهروچيءَ
جو، اهو مريد شيخ ميرانجي قادريءَ جو، اهو مريد
ملڪ لاد محمد جو، اهو مريد شاهه عالم عرف منجهن
بخاريءَ گجراتيءَ جو.
مٿئين سلسلي ۾ ان کان اول واري سلسلي ۾ فرق آهي،
جيڪو غور ڪرڻ ۽ تحقيق ڪرڻ جي قابل آهي، ڪڏهن وقت
مليو ته انهيءَ سلسلي ۾ آءُ پنهنجي تحقيق پيش
ڪندس.
”معيار سالڪان“ ۾ مير ’قانع‘ لکيو آهي ته ”شاهه
شهيد طلب حق جي سلسلي ۾ تمام گهڻي سياحت ڪئي ۽ ان
کان پوءِ ڳوٺ آيو“. مير ’قانع‘ ان کان پوءِ حمل جت
۽ نور محمد پليجي جي اختلاف جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ ان
بعد لکي ٿو ته ”ٺٽي جي حاڪم (اعظم خان) بادشاهه
ڏانهن لکي موڪليو: شاهه عنايت خروج جو ارادو ڪيو
آهي، اڃا ابتدا آهي، جيڪڏهن سڀني سرڪارن جي فوج
ملندي ته هن وقت استيصال ڪري سگهبو، ورنه ان کان
پوءِ ناممڪن ٿي پوندو“. انهيءَ کان پوءِ مير
’قانع‘ شهادت جو واقعو بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪابه
نئين ڳالهه ڪانه لکي اٿائين.
شاهه جو اولاد:
شاهه شهيد جي فرزند شاهه عزت الله لاءِ لکيو
اٿائين ته ”هو شاهه کان پوءِ سجاده نشين ٿيو، ۽
شهادت کان بچي ويل فقير ساڻس گڏ رهڻ لڳا. 1200هه
جي لڳ ڀڳ شاهه عزت الله فوت ٿيو. شاهه ابراهيم
صوفيءَ جو پٽ محمد زاهد، جيڪو شاهه شهيد جو ڄاٽو
هو، شاهه عزت الله کان پوءِ سجاده تي ويٺو_ ڇاڪاڻ
ته شاهه عزت الله لاولد فوت ٿيو.
شاهه شهيد جو ٻيو پٽ، شاهه سلام الله، جذب جو صاحب
هو، سڪر جي حالت ۾ برپٽ ۽ بيابانن ۾ بسر ڪندو هو،
مريدن جو مٿس ايترو اعتقاد هوندو هو جو هڪ ڏينهن
هڪ مريد کي سڏ ڪري ان کي ڪهڻ جو ارادو ڪيائين،
مريد جهٽ کڻي ڪنڌ سندس اڳيان نوايو. ان کان پوءِ
مير ’قانع‘، غلام شاهه ۽ عطرخان جي سلسلي ۾ شاهه
سلام الله جي پيش گوئيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪا
تحفـة الڪرام جي سلسلي ۾ اڳ لکي چڪا آهيون_ اهو
بزرگ شاهه عزت الله جي حياتيءَ ۾ برقعو مٽائي ويو.
مير ’قانع‘ لکيو آهي ته شاهه شهيد جا مريد ۽ معتقد
اڪيچار آهن، جن جو احوال هن هيٺ لکجي ٿو.
شاهه غلام محمد:
شاهه شهيد جو رفيق ۽ ساڻس گڏ شاهه عبدالملڪ وٽ
رهندو هو، شاهه وٽانئس ظاهري علوم حاصل ڪيا، ۽
پنهنجي مرشد (شاهه عبدالملڪ) جي حڪم تي خود شاهه
غلام محمد، شاهه شهيد وٽان سلوڪ جي راهه طيء ڪري،
سندس بيعت ڪئي، ۽ جڏهن شاهه ڳوٺ موٽيو ته هي به
ساڻس گڏ آيو. ٺٽي جي عالمن جڏهن ٻڌو ته شاهه غلام
محمد، شاهه شهيد کي تعظيمي سجدو ڪري ٿو، تڏهن هنن
سخت هنگامو پيدا ڪيو ۽ کيس دارالشريعت ۾ گهرائي
شرعي تعزير ڏنائون. ان کان پوءِ شاهه شهيد جي حڪم
تي، شاهه غلام محمد دهليءَ هليو ويو، ۽ _ ”و آنجا
ظهور کامل فرموده، معتقد عليـﮧ ملوک و امراء و
مرجع فقراي اهل الله گرديده، روز گاري دراز زيست،
در عهد محمد شاه بادشاه چون وي در مشائخ کم کسي
صاحب فيض بوده_.“
شاهه اسد الله:
شاهه اسد الله المعروف بشاهه اسماعيل صوفي، ولد
شاهه نعمت الله، بن شيخ يعقوب، بن شاهه ابوالقاسم
انصاري هروي، وڏي مانَ ۽ مرتبي وارو ڪامل درويش
هو. شاهه عنايت ۽ سندس وچ ۾ گهرو ۽ گهاٽو تعلق هو،
حال ۽ قال جو مجلسون ۽ صحبتون پاڻ ۾ ڏاڍيون ڪندا
هئا. 1140هه کان پوءِ فوت ٿيو، مڪليءَ تي سندس
مزار آهي ۽ سندس وفات واري ڏينهن تي هرسال عرس
ٿيندو آهي. شاهه اسد الله جو ڀائٽيو شاهه احسن
الله بن شاهه عزت الله، شاهه غلام محمد جو مريد
هو، ڪيترو وقت دهليءَ وڃي مرشد وٽ رهيو ۽ پوءِ ٺٽي
موٽي آيو، 1200هه جي لڳ ڀڳ فوت ٿيو.
شاهه مسعود صوفي:
”شاهه مسعود صوفي به انهيءَ خاندان جو مريد آهي،
ٺٽي ۾ شاهه اسماعيل صوفيءَ کان فيضياب ٿيو، ان جي
وفات بعد سندس ئي اشاري تي دهليءَ وڃي شاهه غلام
محمد وٽ حاضر ٿيو، ۽ جڏهن موٽي ٺٽي آيو ته پنهنجي
مرشد جي مرشد (شاهه عنايت) واري سلسلي جي خليفن ۾
شمار ٿيڻ لڳو، 1203هه ۾ اڃا حال حيات آهي.“
شاهه لطيف پڻ شاهه اسماعيل جي يارن مان هو، اهڙيءَ
طرح مخدوم محمد معين
جهڙو يگانه ءِ روزگار عالم پڻ انهيءَ سلسلي جو يار
غار هو.
سيد جانشاهه مير تخلص:
سيد حيدر رضوي (جيڪو سيد محمد مڪيءَ جي اولاد مان
هو) ان جي ڏوهٽي سيد جانشاهه، سڄي سنڌ مرشد جي طلب
۾ گهمي، ليڪن پنهنجي مقصد برابريءَ لاءِ ڪٿي به
اوجر ڏسڻ ۾ ڪونه آيس. آخر شاهه عنايت وٽ سندس دلي
مراد پوري ٿي ۽ اتي رهي، سلوڪ جي تحصيل ڪري، مرشد
جي موڪل سان ڳوٺ وڃي رشد هدايت جو سلسلو جاري
ڪيائين. جڏهن فوت ٿيو ته سندس پٽ مير قلندر علي
گاديءَ تي ويٺو، جو فقر فنا ۾ پيءُ کان به وڌي
ويو.
شاهه شهيد جو خط:
شاهه شهيد جي دؤر ۾ مخدوم روح الله بکري وڏو جيد
عالم هو ۽ بقول مير علي شير ”جامع علوم، منقول و
معقول، حاوي معالم فروغ و اصول“ ۽ پنهنجي دؤر ۾
صلاحيت ۽ تقويٰ سان مشهور ۽ معروف هو، ميان نور
محمد ڪلهوڙو سندس معتقد هو ۽ کانئس دعا گهرڻ لاءِ
هميشه احتياج ڏيکاريندو هو.
مير علي شير ’قانع‘ سان مخدوم صاحب جي ملاقات
1166هه ۾ محمد آباد ۾ ٿي، ان وقت هو ميان نور محمد
ڪلهوڙي کي دعا ڪرڻ تشريف فرما ٿيو هو. مير صاحب
لکي ٿو ته کيس معلوم ٿيو ته مخدوم صاحب سمورين
ڪماليتن جي باوجود، ڪڏهن ڪڏهن شعر شاعريءَ ڏانهن
به توجهه فرمائيندو آهي. مخدوم پاڻ بيان فرمايو ته
نادرشاهه جي تخت نشينيءَ جي تاريخ ”الخير فيما
وقع“ جي فقري مان ڪنهن شاعر ڪڍي هئي، مگر مخدوم
صاحب ”لا خير فيما وقع“ مان تاريخ ڪڍي، ۽ جڏهن
نادرشاهه سنڌ ۾ آيو تڏهن مخدوم صاحب ”الخير فيما
هو واقع“ مان سندس آمد جو سال ڪڍيو. (تحفـة
الڪرام)
شاهه شهيد انهيءَ بزرگ جي فضيلت ۽ علمي ڪمال کان
ڏاڍو متاثر هو. غائبانه مير امير علي صاحب (؟) کان
سندس تعريف ٻڌي موهت ٿي پيو. شاهه شهيد ڏانهس هڪ
خط لکيو آهي، جيڪو مرحوم مولانا وفائي صاحب پنهنجي
بياض ۾ نقل ڪيو آهي، ۽ اهو جنسي خط مولانا صاحب
پاڻ ڏٺو هو، انهيءَ خط مان شاهه عنايت جي ادبي
ڪمال جو پتو پوي ٿو، ۽ سندس ذوق شعريءَ جو پڻ ان
مان اندازو ٿئي ٿو، خط جو اصل لطف سنڌي ترجمي ۾
هليو ويندو، تنهنڪري اسان ان کي فارسيءَ ۾ ئي نقل
ڪيون ٿا:
بسم الله الرحمان الرحيم
نازم بمذهب مشرب قلندر جنون هنري را کـﮧ دست از
دامن صبح اميد کو تاه داشتـﮧ. شادم نا اميدي را
کـﮧ غريب شهرستان آرزوي هوشمندان حيرت ملاک تواند
بود، گريبان سر مقصود انديشيده، در خود شکنيها کـﮧ
بت شکني مردان حقيقت آگاه است، دست و پاي ميزند، و
تيشـﮧءِ فرهاد عشق کوه سينـﮧءِ خود ميکند.
شيشها چيد است بر طاق دلم دست اميد
گرفتد سنگي ز نوميدي تماشا ميشود
چـﮧ بلا شد رجاءِ مطالب دنيوي، کـﮧ باصطلاح جگر
خونان دگر گون ياس باده صهباي سبک روحي مقرر شده،
کدام جاذبـﮧءِ جان فرساي تمنا پا در هوا است، که
در زنگ گرد وباد جوشش نهاده بريشش وبروت اهل صورت
معني خراب پيچيده، و هر سر مو را بشاخ مطلب آويزان
ساخـﮧ، خيمـﮧءِ سر خشک سران بصد طناب ميبندند، و
صورت مضمون يک سر هزار سودا را بروي صفحه حال تشتت
فال زمانيان نقش مي کشد:
مرد باش و سخرهءِ مردان مباش
رو سر خود گير، سر گردان مباش
سر ديوانگي سلامت، گو پشت جنون نيرنگي ساز بي نياز
کـﮧ التجاي مشت هوسنا کان چندي را کـﮧ از را حت
گزيني خسخانه دنيا سر بازار، در نسائم بھار اسرار
ذکام زده دماغ اند، کفر ھمت شناختـﮧ دلق درويشي را
رسوا نساختـﮧ، ويرانـﮧءِ گمنامي را آباد سازد،
وخيال خود را از سواد خاطرھا اھل روزگار، کـﮧ دام
مکر و تزويري، بـﮧ ازين در آئينـﮧ وھم صورت نـﮧ
بستـﮧ چون آھو وحشت سرشت رم داده، قدم عظمت را از
پل عالم آنطرف نھد.
وحشتم کاش باندازهءِ صحرا ميبود
يک رميدن برد از ھر دو جھان بيرونم
نا آشنايان دارالشفاء خاکساري ، کـﮧ نشتر تيز زبان
در آند مشھد تسليم جنبش نبض را کوچـﮧ مي دھد، در
مقام انسکار در آمدن طالع فقر را وارﱞگون نمودن ست
نعوذ بالله سبحانـﮧ من الحور بعدالکور.
چون چتر سنجري رخ بختم سياه باد
با فکر گر بود ھوس ملک سنجرم
مٿين عالمانه ۽ صوفيانه تمھيد، رمزن ۽ نڪتن بعد،
اصل خط ھيٺينءَ طرح آھي:
|