مير نصير خان بن مير مراد علي خان،
مير محمد خان بن مير غلام علي خان،
مير شهداد خان بن مير نورمحمد خان،
ميرحسن علي خان بن مير نصير خان،
ميرعباس علي خان بن مير نصير خان،
ميرفتح علي خان بن مير صوبدار خان، ۽
مير محمد علي خان بن مير صوبدار خان.
23ربيع الاول 1259هه (اپريل 1843ع) جو باقي رهيل
هيٺيان مير صاحب به ٻاهر روانا ڪيا ويا؛
مير حسين علي خان بن مير نور محمد خان،
مير محمد خان بن مير مراد علي خان،
مير يار محمد خان بن مير مراد علي خان،
مير نصير خان ۽ ٻيا ٽالپر ڪلڪتي، پوني، ساسور،
عظيم آباد، ۽ هزاري باغ ۾ قيد و بند جا ڏينهن
گذاريندا رهيا. مير نصير خان جيڪي خط پنهنجي ديري
ڏانهن بندي خاني مان لکيا آهن، انهن مان نهايت ئي
دردناڪ ۽ اندوهناڪ ڪيفيات جو پتو پوي ٿو.
مير نصير خان کي وطن ورڻ نصيب ڪونه ٿيو_ 7 ربيع
الاول 1261هه (1854ع) جو ڪلڪتي ۾ سندس انتقال ٿيو.
اتان لاشو کڄي اچي حيدرآباد واري هِديري ۾ دفن ڪيو
ويو. مير صوبدار خان ۽ مير نور محمد خان جي وچ ۾
سندس مزار آهي، جنهن تي هي ڪتبو لکيل آهي ؛
”وفات حضرت مير صاحب مغفرت رضوان مير محمد نصير
خان عليـﮧ رحمـة والغفران بتاريخ هفتم ماه ربيع
الثاني 1261هه“.
سندس ٻه مهرون پيش ڪيون وڃن ٿيون، جن تي ٻه مختلف
سجعون آهن؛
”بندهء آلِ علي مير محمد نصير_ 1235هه“
”امامم علي و محمد نصير_ 1257هه“
مير صاحب مرحوم جون وڌيڪ ٻه سجعون هي هيون ؛
”سزد گر نهد بر ثُر ّيا سرير،
کسي را کـﮧ باشد محمد نصير“.
”علي و حسين و حسن دستگير،
خدا يار و ياور محمد نصير“.
(5) مير محمد خان
مير محمد خان ٽالپر مير غلام علي خان جو فرزند هو.
والد جي وفات بعد، پنهنجن چاچن جو دست وباز رهيو،
۽ بنديخاني ۾ به پنهنجي خاندان سان گڏ هليو ويو.
1270هه (1854ع) ۾ جڏهن لارڊ ڊلهائوسيءَ جي سفارش
تي ڪمپني بهادر جي ڊائريڪٽرن ميرن کي ملڪ موٽڻ جي
اجازت ڏني، ان وقت سڀ کان پهريون ربيع الاول
1271هه (نومبر 1855ع) ۾ دهلي ۽ پنجاب کان ٿيندو،
مير محمد خان حيدرآباد پهتو، ۽ چند مهنن بعد 15
جمادي الثاني 1271هه جو فوت ٿيو. ثالپري مقابرن ۾
سندس جدا مقبرو آهي، جنهن ۾ ساڻس گڏ فقط سندس پٽ
مير شاهنواز خان رکيل آهي. روضي جي اندران ديوار
تي هي ڪتبو آهي ؛
”فغان از جفاهاي دورِ سپهر،
هم از بازوي روزگارِ کهن.
خوش آن کو دربن کهنه ديرِ خراب،
بناي نکو نامي افگنده.........ن.
بيالدار (؟) ميرِ محمد کـﮧ بود،
اميرِ زمان شهريارِ زمن.
خديوِ خردمند والا شکوه،
کـﮧ پاکيزه دين بود پاکيزه تن.
باخر زحق چون شنيد ’ارجعي‘،
روان شد بسوي بهشتِ عدن.
چو ”حيدر“ پيء سالِ تاريخِ او،
به بحرِ تفکر شدم غوطه زن؛
بناگـﮧ رسيد از سروش اين صدا،
کـﮧ ”بادا به خلدِ برين شد وطن!“ _1271هه
مزار تي ڪتبو آهي؛
”وصال مرحوم مغفور مير صاحب مير محمد خان
ٽالپر_ دوشنبـﮧ 15 جمادي الثاني 1271هه“.
مير صاحب جي سجع هئي؛
”مير محمد مـﮧ ِ اوج کرم“.
اسان جيڪي سندس ٻه مهرون ڏيون ٿا، اهي سجع کان
خالي آهن، ۽ مٿن فقط نالو اُڪريل آهي_
”مير محمد خان ٽالپر _ 1249هه“
”مير محمد خان ٽالپر _ 1267هه“
(6) مير صوبدار خان
مير فتح علي خان 10 محرم 1217هه جو انتقال ڪيو.
جنهن رات مير صاحب جو لاڏاڻو ٿيو، انهيءَ رات مير
صوبدار خان ڄائو. مير فتح علي خان جي آرزو پوري
ٿي، مرڻ کان چند ڪلاڪ اڳ اِها نويد کيس ملي ۽
شهزادو گهرائي ڏٺائين_ بوسو ڏيئي، دعا گهري، پوءِ
پاڻ دم ڏنائين.
ميرصوبدار خان جي زندگيءَ جا اهم واقعات مٿي ڏيئي
چڪا آهيون _ هتي زياده تفصيل جي ضرورت نه آهي. پاڻ
جڏهن سنڌ کان ٻاهر فرنگين جي بندي خاني ۾ هو، ان
زماني ۾ ”جدائي نامي“ جي عنوان سان نهايت ئي
دردناڪ، الم انگيز ۽ غريب الوطنيءَ جي جذبات سان
ڀرپور هِڪ عظيم الشان مثنوي تصنيف ڪيائين.
1263هه (1864ع) جو مير صاحب جلاوطنيءَ ۾ فوت ٿيو.
سندس لاش اتان کڻي، اچي پراڻي خدا آباد ۾ مير فتح
علي خان سان گڏ سپرد خاڪ ڪيو ويو.
اسان جيڪا مهر هتي پيش ڪري رهيا آهيون، سا 1258هه
جي آهي، ۽ ان تي هيءُ سجع اُڪريل آهي؛
”صوبدارم من از نبي و ولي_ 1258هه“
سندس ٻيون سجعون هي هيون ؛
”ظل احمد تاج فرق صوبدار.“
”صوبدار جهان ز فتح علي.“
(7) شهداد خان بن نور محمد
خان
مير شهداد خان، مير مراد علي خان جو پوٽو ۽ مير
نور محمد خان جو پٽ هو. پيءُ جي انتقال بعد، جڏهن
مير نصيرخان تخت تي ويٺو، تڏهن مير شهداد خان ۽
مير حسين علي خان جي وچ ۾ ملڪيت تي تڪرار ٿيو. مير
نصير خان، مير شهداد خان جو طرف هو، ڇاڪاڻ ته کيس
حق تي ٿي سمجهيائين. احمد خان لغاريءَ جي چُرچ تي
مير صوبدار، مير حسين علي خان کي هوا ٿي ڏني؛
جهيڙو شايد وڌي وڃي ها، ليڪن ڪرنل آئوٽرام جي وچ ۾
پوڻ ڪري صلح صفائي ٿي ويئي.
مياڻيءَ جي جنگ کان پوءِ، مير شهداد خان به گرفتار
ٿي جلاوطن ٿيو. مٿس هي سنگين الزام هو ته هن
انگريزي فوج جي ڪئمپ کي باهه ڏياري هئي ۽ ڪيپٽن
اِنس (Ennis)
کي هن ئي قتل ڪرايو هو. انهيءَ غصي ۽ ڪاوڙ سبب ٻين
سڀني ٽالپرن کان جدا ڪري، کيس اڪيلو سورت ۾ بند
ڪيو ويو. ڪيترن ڏينهن بعد، جڏهن لارڊ ڊلهائوسيءَ
کيس بيقصور ثابت ڪيو، ان وقت تنهائيءَ جي قيد مان
نڪري اچي ڪلڪتي ۾ مائٽن ڀيڙو ٿيو.
مير شهداد خان، 7 محرم 1284هه (28آگسٽ 1857ع) جو
ڪلڪتي ۾ هي جهان ڇڏيو. اتان سندس لاش کڻي اچي
حيدرآباد واري هديري ۾ مير مراد علي خان ۽ مير نور
محمد خان جي وچ ۾ دفن ڪيو ويو. مزار تي هي ڪتبو
لکيل آهي؛
”تاريخ وصال مرحوم مير صاحب مير شهداد خان
ٽالپر عليـﮧ رحمـة_ هفتم ماهه محرم 1274هه.“
سندس سجعون مختلف هيون_ اسان جيڪي ٽي مهرون پيش
ڪري رهيا آهيون، انهن تي هي سجعون آهن؛
”خاکپاي مرتضيٰ_ شهداد خان_
1249هه.“
”خاکپاي مصطفيٰ و مرتضيٰ_
شهداد خان سربلند از فضل حق
پيو سته باشد در جهان_ 1256هه“
.
”خاکپاي مصطفيٰ و مرتضيٰ و مرتضيٰ_ شهداد خان
سربلند
از فضل حــــــــق پيوسته بــــــــاشــــــــــد
درجهــــــــان_ 1257هه.“
(8) حسين علي خان بن نور محمد خان
مير حسين علي خان به سڀني ٽالپرن سان گڏ ڪلڪتي ۾
جلاوطن هو، ۽ جڏهن سنڌ موٽڻ جي سڀن کي موڪل ملي،
تڏهن شعبان 1275هه (مارچ 1859ع) جو وطن واپس آيو،
جتي 26 ربيع الاول 1295هه جو آچر ڏينهن 7 بجي شام
رب ڏانهن راهي ٿيو. ٽالپرن جي هديري ۾ مير مراد
علي خان ۽ مير علي بخش خان مرحوم جي وچ ۾ دفن ٿيل
آهي. هيٺيون ڪتبو سندس مزار تي موجود آهي؛
”حضرت بندگان، سرکار دولت مدار مير صاحب مير محمد
حسين علي خان ٽالپور عليـﮧ رحمـة و الغفران تاريخ
بيست و ششم ماه ربيع الاول 1295هه، شب يکشنبه بوقت
هفت کلاک.“
مير صاحب جون ٽي مهرون پيش ڪجن ٿيون، جيڪي هڪ ئي
سال (1271هه) جون آهن؛
”هست روشن ز فيض لم يزلي آفتاب جهان حسين علي _
1271هه“
”ز نورِ محمد بود منجلي چراغِ مرادِ حسينِ علي _
1271هه“
”سرکار دولتمدار عالي تبار امير صاحب مير ميان
محمد حسين علي خان ٽالپر بلوچ حمزوي العلوي
القرشي_ 1271هه“ هڪ ٻي به مهر آهي، جنهن تي لکيل
آهي_
”ادر کني يا حسين _ 1277هه“
اسان سمجهون ٿا ته اها به مير صاحب جي ئي آهي.
(9) مير حسن علي خان بن مير نصير خان
مير حسن علي خان مير نصير خان جو فرزند هو. سندس
ٻه مهرون پيش ڪجن ٿيون_
”آسوده بر سرير امارت بخوشدلي
فخرالملوک ظل الاهي حسن علي_ 1254هه“
”محمد حسن علي _ 1273.“
(10) امير محمد علي خان ٽالپر
هڪ مهر مٿئين نالي سان ڏني وڃي ٿي، جنهن تي هيٺين
اُڪر آهي؛
”امير محمد علي خان ٽالپر _ 1244هه.“
مير محمد علي خان مير صوبدار خان جو فرزند هو،
جنهن جي ولادت 4 صفر 1243هه جو ٿي. جنهن صورت ۾
مهر جو سال 1244هه آهي، تنهنڪري اها مهر ڪنهن ٻئي
هم نام ٽالپر جي آهي، جنهن کان اسان واقف ٿي نه
سگهياسين.
[”مهراڻ 1_ 1956ع] |