بلڪ عين ممڪن آهي ته اُهائي چن سان لِتل قبر غيرت
خان جي قبر آهي. منهنجو هيءُ قياس اِنهيءَ ڪري به
ڀروسي جهڙو ٿي سگهي ٿو، جو آسپاس مقبرن جي انهيءَ
حلقي ۾ ٻين مغل حاڪمن ۽ اميرن جون قبرون پڻ موجود
آهن.
ڪتبو:
آءُ هتي انهن چبوترن جي تصويرن سان گڏ، ان ڪتبي جو
چرٻو ۽ تصوير پڻ پيش ڪري رهيو آهيان. ڪتبو اهڙي ئي
ڀوري پٿر تي اُڪريل آهي، جيڪو عام طور مڪليءَ جي
مقبرن تي استعمال ٿيل آهي. ڪتبي جي پٿر جي ڊيگهه
ويڪر 18×35 آهي (31)، ۽ ان تي ٻن سٽن ۾ هيٺين
عبارت ۽ تاريخ اڪريل آهي:
”بسم الله الرحمان الرحيم_ لا الـﮧ الا اللـﮧ محمد
رسول الله
گفت (32) تاريخ از ميان نام غيرت خان برار_
باقيء آن سال تاريخ وفاتش را شمار_ 1050هه
لفظ ”تاريخ“ جا عدد 1211، لفظ ”غيرت خان“ جي عددن
2261 مان ڪٽ ڪبا، ته وفات جو سال 1050 نڪري
اويندو، جيڪو ڪتبي جي ٻنهي مصراعن جي وچ ۾، انگن ۾
لکيل پڻ موجود آهي.
هيءُ معلوم ٿي ڪونه سگهيو آهي ته ”تاريخ“ ڪنهن ٻڌي
آهي: ”مفتاح التواريخ“ ۾ هيءُ شعر موجود آهي، پر
ڪتاب جي مـﺆلف تاريخ ٻڌڻ واري جو نالو لکيو ڪونه
آهي. ڪتاب جي اصل عبارت هيءَ آهي:
”(غيرت خان) ............. نام پدرش سردار خان
بود، در
سن يک هزار و
پنجاه هجري......... فوت کرده و عزيزي
در تاريخ فوتش اين بيت خوب يافته“:
”لفظ تاريخ از ميان نام غيرت خان برار
باقيء آن را تو در ابجد بيگر و بر شمار(33)
هن بيت ۽ ڪتبي تي اڪريل بيت ۾ ٿورو لفظي فرق آهي،
جيڪو ظاهر آهي.
حاشيا
(1) هيءُ مقالو پاڪستان هسٽري ڪانفرنس جي يارهين
سالياني اجلاس (30 مارچ 1961ع) ۾ پڙهيو ويو.
(2) ”ذخيرة الخوانين“ جي اصل عبارت هيءَ آهي:
”قريب پنج لک آدم از ذکور و اناث کفره اسير کرده
فروخته ام و همه مسلمان شده اند، و توالد و تناسل
آنها تا دور قيامت ارب کهرب آدم مي
شود..............“
(خطي نسخو، ملک راقم الحروف_ ص 268).
(3) ”ذخيره“ جي اصل عبارت هيءَ آهي:
”.............پيغمبر خدا براي اسلام بخانهء نداف
مي رفت و معجزات مي نمود تا يک کس مسلمان
مي شد_من يک مرتبه پنج لک آدم راه باسلام
آورده ام_اگر عدالت هم مي شود اهل اسلام بيشتر
مي آيند............“
(خطي نسخو، ملک راقم الحروف_ ص 269).
(4) ماثرالامرا_ جلد 2؛ ص 775 ۽ ان کان پوءِ.
(5) ماثرالامرا_ جلد 2؛ ص 863.
(6) اهوئي نالو بيل صاحب ”مفتاح التواريخ“ ۾ ڏنو
آهي.
(7) ماثرالامرا_ جلد 2؛ ص 863.
(8) امپيريل گزيٽئر
xiv
ص 310 (1908).
(9) پڻ ڏسو خافي خان_ جلد 1، ص 442.
(10) طالب ڪليم همداني.
(11) خان جهان لودي جڏهن قنڌار جو صوبه دار هو،
تڏهن ملتان سان گڏ بکر پڻ سندس جاگير م شامل هو؛ ۽
خان خانان سان ٺٽي جي مهم ۽ فتح ۾ پڻ غالباً شريڪ
هو. سندس شهادت جي تاريخ هيءَ آهي:
”آه و نالـﮧ از افغان برآمد“
”آه“ ۽ ”نالـﮧ“ جا عدد (92)، ”افغان“ جي عدد
(1132) مان ڪٽ ڪرڻ سان تاريخ جو سال (1040هه)
نڪرندو.
(12) خافي خان_ جلد 1؛ ص 444.
ٻئي شعر جي پهرينءَ مصرع جي پڙهڻي هن طرح به آهي:
از کشتن دريا، سر پيدا هم رفت
”پيدا خان“ اصل خان جهان جو نالو هو. انهيءَ بيت ۾
دريا جي قتل جو اشارو ”کشتن دريا“ مان ڪري، پوءِ
خان جهان جي سر وڍجڻ لاءِ ”سر پيدا هم رفت“ چيو
ويو آهي.
(13) ”بادشاه نامه“_ جلد 1؛ ص 280.
(14) ”ماثرالامرا“_ جلد 2؛ ص 864.
ڊاڪٽر برگس
The chronology of modern India (p.92,
۽ 25 ذي الحج (29 اپريل 1639ع) تاريخ ڏني آهي.
(15) ”ماثرالاامر“_ جلد 6؛ ص 864: جلد3؛ ص 463. پڻ
”عمل صالح“ جلد 3.
(16) غيرت خان کان الله وردي خان جائزو ورتو
(”ماثرالامرا“_ جلد 1؛ ص 210. ۽ ٻه سال ۽ ڪجهه
ڏينهن کان پوءِ جڏهن درياءَ جي پاسي کان لال قلعي
جي ڀت ڏهه گز وڌي چڪي هئي، هن کان ملا مرشد
شيرازيءَ عرف مڪرمت خان نظامت جو جائزو ورتو
ماثرالامرا_ جلد 2؛ ص 460، 462).
(17) ”بادشاهه نامه“ جلد 1؛ ص 158.
(18) خافي خان_ جلد 1؛ ص 442.
(19) ”ماثرالامرا“_ جلد 2؛ ص 865.
(20) اسٽوري 563_ ريو، جلد 1؛ ص 257، ”ماثر
جهانگيري“ جي ديباچي جي حوالي سان.
(21) ”بادشاهه نامه“_ جلد 2؛ ص 128.
(22) هن دور جي واقعن جون چند تاريخون، ”بادشاهه
نامه“ جي روايت مطابق هن ريت آهن:
17 ربيع الثاني 1048هه تي شاهجهان آگري کان لاهور
روانو ٿيو.
15 رجب 1048هه، لاهور پهتو.
1 ذيقعده 1048هه، لاهور کان ڪابل طرف روانو ٿيو.
25 ربيع الثاني 1049هه، ڪابل کان لاهور طرف موٽيو.
21 جمادي الثاني 1049هه، لاهور پهتو.
16 شعبان 1049هه، غيرت خان دهلي کان اچي لاهور ۾
حاضر ٿيو.
25 شوال 1049هه، بادشاهه لاهور مان ڪشمير ڏانهن
روانو ٿيو ۽ غيرت خان کي لاهور جو قلعدار مقرر
ڪيائين.
(23) ”بادشاهه نامه“_ جلد 2؛ ص 179.
(24) دولت خان مَئِي، جيڪو خواص خان جي نالي سان
مشهور ٿيو (مئي شعبه ايست از طوائف بهڻي که در
صوبهء پنجاب ميرسم زمينداري و قطاع الطرقي مي
گزرانند). پهريائين شيخ مرتضيٰ خان فريد بخاريءَ
جو ”رومال بردار“ هو ۽ هميشـﮧ شيخ سان گڏ حضور ۾
ويندو هو. ”ماثرالامرا“ جي مصنف جي چوڻ موجب ”چون
سر آغاز بهار، حسن نظر فرڍمي داشت“_ حضور جنت
مڪاني يعني حضرت جهانگير بادشاهه ضل اللـﮧ مٿس
’نگاه ڪرم‘ فرمائيندو هو ۽ شيخ جي وفات کان پوءِ
انهيءَ ئي شاهي ڪرم جي نگاهه کيس هميشـﮧ لاءِ
پنهنجو بنايو؛ ۽ جڏهن اهڙيءَ طرح شهنشاهه هند سان
وابسته ٿي ويو، تڏهن ”دولت خانيءَ“ سان گڏوگڏ
پنهنجي خصوصيات جي آڌار تي ”خواص خان“ به ٿي ويو.
شاهجهان جي تخت نشينيءَ جي اٺين سال (محرم
1045هه)، خواص خان کي يوسف محمد خان تاشقنديءَ جي
تبادلي سبب ٺٽي جي صوبه داري ڏني ويئي. ”
ماثرالامرا“ لکيو آهي ته: ”.......مدتها بحڪومت آن
ديار گزرانيد“. سندس حڪومت جي مدت جون تاريخون
ٻڌايون نه ويون آهن پر ”بادشاهه نامه“ منجهان
معلوم ٿئي ٿو ته اٽڪل پنجن ورهين کان پوءِ سندس
تبادلو عمل ۾ آيو ۽ غيرت خان اچي کانئس ٺٽي جي
صوبداريءَ جي چارج ورتي (”ماثرالامرا“ جلد 1؛
ص24).
(25) ”بادشاهه نامه“ جلد 2؛ ص 198.
(26) خطي نسخو، مڪتوبه 1267هه، ۽ پڻ ڇپيل نسخو.
(27) ”لب تاريخ سنده“، ڇاپو امرتسر 1900ع_ ٻيو
ڇاپو، سنڌي ادبي بورڊ 1959ع.
(28) شجاعت خان شادي بيگ پسر جانش بهادر_ شاهجهان
جي تخت نشينيءَ جي چوڏهين سال شاهه قلي بيگ جي
تبادلي سبب هن کي بکر جي حڪومت واسطر روانو ڪيو
ويو، جنهن لاءِ 19 رمضان 1050هه تي حڪم جاري ٿيو
(”بادشاهه نامه“_ جلد 2؛ ص 220). پوءِ جڏهن غيرت
خان جي وفات جي خبر (1050هه) آئي، تڏهن هن کي ٺٽي
تي مقرر ڪيو ويو (”ماثرالامرا“_ جلد 3؛ ص 262). هن
جو پيءُ، جانش بهادر، ميرزا حڪيم جو ملازم هو.
ميرزا جي وفات کان پوءِ، هو اڪبر جي اميرن ۾ داخل
ٿيو. سنڌ جي فتح جي ڪشمڪش ۾ هو خان خانان سان گڏ
هو_ 1009هه ۾ وفات ڪيائين (”ماثرالامرا“_ جلد 1؛ ص
511).
شاهه قلي جڏهن شادخان کي بکر جي چارج ڏيئي، پاڻ
صوبي ڪشمير جي نظامت سنڀالڻ لاءِ اوڏانهن روانو
ٿيو، تڏهن هن رستي ۾ حسن ابدال جي ويجهو وفات ڪئي.
هيءَ خبر پهرين ذي الحج 1050هه تي شاهجهان جي گوش
گذار ٿي، جنهن تي هن تربيت خان کي ڪشمير جو ناظم
مقرر ڪري، اوڏانهن روانو ڪيو (”بادشاهه نامه“_ جلد
2؛ ص 225).
(29) ”بادشاهه نامه“_ جلد 2؛ ص 225).
(30) ميرزا عيسى ترخان ثانيءَ
جي احوال لاءِ ڏسو ”حواشي مڪلي نامه“ از راقم
الحروف.
(31) پٿر جا ڪنارا ڀڳل آهن ۽ مٿينءَ سٽ جا ڪي لفظ
به ڀڄي پيا آهن.
(32) پٿر جي کاڄي وڃڻ ڪري هيءُ لفظ پڙهڻ ۾ ڪونه ٿو
اچي. اندازي طور ان کي ”گفت“ ئي سمجهي سگهجي ٿو.
(33) ”مفتاح التواريخ“_ بيل، ص 245. ۽ پڻ:
The Oriental Biographical Dictionary, by T,w.
Beale, Calcutta. 1881_p.94.
[روزنامه ”مهراڻ“، سالگره نمبر، 5 جنوري، 1962ع] |