سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :26

 

        ميرزا پنهنجي والد جو فرمان ڏسي ۽ اهي نظمون ٻڌي تمام خوش ٿيو ۽ مون کي وڃڻ جي اجازت ڏنائين. پر شرط وڌائين ته آءُ چئن اميرن سان گڏجي وڃان، جيڪي عنقريب ڪابل وڃڻ وارا هئا.

        انهيءَ عرصي ۾ شاهه ابوالمعالي گرفتار ٿي چڪو هو ۽ لاهور جي قلعي ۾ بند هو. تاريخ چوڻ جي انعام ۾ مون کي هڪ لک راهه خرچ جو حڪمنامو مليو. آءُ چئن اميرن سان گڏجي وڃڻ جي تياريءَ ۾ لڳي ويس.

        [هن کان پوءِ هندستان جي چند عجائبات جو ذڪر ڪري ٿو _ مثلاً هندن جو مذهب، لاشن جو ساڙڻ، ستي ٿيڻ، هرڻن جي شڪار ڪرڻ جو طريقو، جهنگلي پاڏن جي پٺيان هاٿي ڇڏي شڪار ڪرڻ، وغيره وغيره.]

        ربيع الاول جي وچ ڌاري اسين ڪابل روانا ٿياسين. اسين لاهور جو درياهه (درياء لاهور) ٻيڙين ذريعي ٽپياسين. ٻيءَ نهر (نهر عظيمـﮧ) تي آياسين. اتي اُڪرڻ جو وسيلو ڪونه هو. اسين تختا ۽ ڪاٺ ٻڌي (گت لر يعني سريرلر و ڪوزه لر)، انهيءَ جي ذريعي ٽپياسين. ٻي نهر واٽ تي بهره (درياء بهره) جي آئي. اها ٻيڙيءَ تي ٽپيسين. انهن جي حاڪم کي مون بادشاهه جي پئسن ڏيڻ لاءِ حڪم ڏيکاريو. هن قسم کڻي چيو ته بادشاهه جي فوت ٿيڻ سبب ڍلَ اڳڙي ڪانه سگهي آهي، ترسڻو پوندو، جيسين چوڌاري ماڻهو موڪلي اوڳڙ ڪرائي وٺجي!

        پنهنجي ساٿي اميرن (بيگلر) ۽ مير بابوءَ (مير بابوس) سان صلاح ڪيم. انهيءَ چيو ته شاهه ابولمعالي قلعي مان فرار ٿي چڪو آهي، پڪ ئي پڪ هو پنهنجو ڀاءُ ڪمرد بيگ (کهمرد بيگي Kihmerd Begy = وٽ ڪابل ويو هوندو. تنهنڪري رستو غير محفوظ آهي، اسين وڃون ٿا، تون پئسا وٺيو اسان جي پويان اچ. مون لالچ ڇڏي اهڙيءَ حالت ۾ گڏجي وڃڻ مناسب ڄاتو. اسين گڏجي ٻيڙيءَ تي درياء خوشاب ٽپي نيلاب وٽ آياسين، اهو پڻ ٻيڙيءَ جي ذريعي اُڪري اسان سرزمين باختر ۾ قدم رکيو. اسان مبارڪ مهيني جمادي الاول (963 هه) جي شروع ۾ نيلاب ٽپي ڪابل ڏانهن راهه ورتي! ........ [صفحي 36تان 60 ترڪي _ صفحي 36 تا 62 انگريزي.]

سمجهاڻيون

(1) ڏسو هيوز جو گزيٽير ص 583 _ ننگر پارڪر.

(2) راجپوتن جي ولر کي ڏسندي، مون اوٺنِ کي حڪم ڏنو ته پنهنجن مَهرين کي ويهاري ڇڏين، جيئن حلقو قائم ٿئي ۽ توب هلائڻ ۾ آساني ٿئي.

(3) وڳهه ڪوٽ. معصوميءَ ۾ قلعي واهکه (ص 61) آيو آهي، وگـﮧ ڪوٽ يا وجهه ڪوٽ پُراڻ درياهه کان پنج ميل مشرق طرف الله بند جي مٿان. رڻ ڪڇ ۾ جڏهن پاڻي هو ۽ ٻيڙيون هلنديون هيون، ان وقت وڳهه ڪوٽ بندر هو (دائود پوٽو، ص 294_ بحوالـﮧ ڪزنس ص 123).

(4) جوڻ _ فتح باغ _ ماتليءَ جي قريب آهن. شاهه حسن ارغون، همايون کي سنڌ مان ڪڍڻ جي خوشيءَ ۾ اهو ڳوٺ آباد ڪرايو هو (طاهري ص 77). ماتليءَ کان اٺ ميل ڏکڻ ۾ فتح باغ جا آثار موجود آهن. جوڻ وٽان همايون درياهه ٽپي قنڌار راهي ٿيو هو، 7_ تاريخ ربيع الاخر 950هه جو _ جوڻ تي ٻڌايل پل جي تاريخ آهي: صراط مستقيم (معصومي ص 180)

(5) ڏسو معصومي ص 183 _ سيدي علي رئيس پنج سال بيماريءَ جي مدت لکي آهي. انهيءَ حساب سان ميرزا تي 56_957هه ۾ فالج ڪريو.

(6) ڏسو معصومي ص 183 کان 190 تائين، ۽ طاهري 91_94. معصوميءَ ۾ آهي ته پهرين محرم 962 هه جو ٺٽي ۾ ارغون ۽ ترخان اميرن متفقه طور ميرزا عيسى جي بيعت ڪئي ۽ ميرزا شاهه حسن کان باغي ٿي ويا_ ميرزا جي غلامن، هر هڪ عربي گاهي، شنبه ۽ رفيق کي، جن کي ميرزا 960 هه جي اوائل ۾ ٺٽي مٿان مقرر ڪيو هو (معصومي ص 284)، قتل ڪيو ويو (معصومي ص 187). سيدي علي رئيس کين ”لائق امير“ لکي ٿو ۽ مير معصوم انهن لاءِ، مردم اراذل (184) ۽ اوباش (183) جا لفظ ڪتب آندا آهن. (تاريخ، ڏسو ص 91)

(7) نصرت آباد دراصل تغلق آباد کي (ڪلان ڪوٽ، مڪليءَ جي ڏکڻي ڇيڙي تي) سڏيو ويو آهي. انهيءَ فساد ۾ ميرزا شاهه حسن پنهنجي زر خريد غلام رفيق ۽ شبنه کي انهن جو قلعدار مقرر ڪيو هو، ذيقعده 960 هه جي آخر ۾. (معصومي ص 184)

        (8) 22_ محرم 962 هه جو سلطان محمود لشڪر وٺي، ميرزا شاهه حسن جي منزل تي پهتو. (معصومي ص 189)

(9) شيخ عبدالوهاب پوراني، شيخ الاسلام، ٺٽو. ڏسو منهنجو مضمون ”سنڌ جا پوراني سادات“.

(10) شيخ جماليءَ جو مقبرو مڪليءَ تي موجود آهي. (ڏسو مڪلي نامو، ص 81_ 84)

(11) شيخ الاسلام شيخ ميرڪ محمود متوفي محرم 962 هه بن شيخ جلال الدين ابو سعيد پوراني. سندس قبر پنهنجي خانداني قبرستان ۾ (مڪليءَ تي) موجود آهي. جنهن صورت ۾ ميرڪ وفات تازو ٿي هئي، تنهنڪري سيدي علي رئيس، شيخ الاسلام ميرڪ عبدالوهاب سان ملاقات ڪري اوڏاهين فاتح پڙهڻ ويو. (ڏسو راقم جو مضمون ”سنڌ جا پوراني سادات“)

(12) اهي جنگيون ساپاره؟ وٽ لڳيون (معصومي ص 189). جنگ هلندي ميرزا عيسى ۽ سلطان محمود جي وچ ۾ ( 2_ ربيع الاول 962 هه) قرآن مجيد تي اندروني صلح ته ملڪ کي ميرزا جي مرڻ بعد ٻه حصا ڪري کڻندا (معصومي 189_ 190). انهيءَ کان پوءِ ميرزا شاهه حسن کي ميرزا عيسى سان صلح ڪرڻ تي آمادو ڪيو ويو. صلح جا محرڪ شيخ عبدالوهاب پوراني، ميرزا قاسم بيگلار هڪ طرفان ۽ ٻئي پاسي کان سلطان محمود خان، مير شاهه محمود، مير شاهه حسين تڪدري هئا. مير معصوم جو قول آهي ته اهو واقعو (صلح) صفر مهيني جي آخري تاريخ ۾ ٿيو (962 هه _معصومي 190).

جنگ هلندي ڪي خاص امير قتل ٿيا، جن جا سِر شاهه حسن جي آڏو پيش ڪيا ويا. شاهه حسن روئي ويٺو. کيس چيو ويو ته جيڪڏهن مخالفن ۽ باغين جا سِر اچن ٿا، تڏهن به توهان روئو ٿا! جڏهن اوهان جا سپاهي قتل ٿين ٿا، تڏهن به ڳوڙها ڳاڙيو ٿا. جي اهو حال آهي ته پوءِ صلح ڇو نه ڪجي.

شاهه حسن جو اهو روڄ فقط ارغونن ۽ ترخانن جي لاءِ هو، هن جڏهن پاڻ ملتان کان وٺ ٺٽي تائين ڪوس ٿي ڪيو، تڏهن اکين مان هڪ لُڙڪ ڪونه وهيس؟ جنهن وقت پڻس ٺٽي ۾ قتل عام ڪيو ۽ جڏهن بکر جي قلعي تان بيگناهه سنڌين کي ڳوڻين ۾ وجهي درياهه ۾ ڪيرايو ويو، ان وقت اک آلي ڪانه ٿيس؟ پڻس بکر سرڪار ۾ رهندڙ سمورا جتوئي جنهن جي رات جو ٻارين ٻچين ڪُهرائي ڇڏيا، انهيءَ رات ننڊ ڪانه ڦٽيس؟ ليڪن جنهن وقت پنهنجن جا ٻه ٽي سِر آڏو آيا، ان وقت اکين مان لُڙڪن بس نٿي ڪئي _ فاتحن جي موت ئي روئڻ قانون آهي! مفتوحن جو موت ته ڪتي جي موت مثل آهي. ان تي ڪهڙي اک ورائي واجهائجي؟

(13) ميرزا صالح کي ميرزا قاسم بيگلار ٺٽي مان وٺي اچي شاهه حسن وٽ پيش ڪيو (3_ ربيع الاول 962 هه _ معصومي 190_ 191).

(14) ميرزا شاهه حسن، ملاياريءَ کي فرمان، ٻه نقارا ۽ خلعت فاخره ڏيئي، ميرزا عيسى ڏانهن موڪليو (معصومي 191). گويا ملاياري فرمان لکي پاڻ خلعت سميت ٺٽي ويو.

(15) ڏسو معصومي، 188_ 190

(16) صفر 962 هه جي آخري تاريخ جو ماه بيگم شاهه حسن وٽ پهتي (معصومي، 190).

(17) شاهه حسن جي طبيعت کي شيخ عبدالوهاب پورانيءَ سخت خراب ڏسي منزل کڻائي، سيوهڻ طرف رخ رکيو. بکر ڪونه پهتا، جو شاهه حسن فوت ٿي ويو (معصومي 191_ 192).

(18) معصوميءَ ۾ ماه بيگم جي پهچڻ جي تاريخ (آخر) 29_ صفر 962 هه آهي (190م). مير معصوم شاهه حسن جي وفات جي تاريخ ٻارهين ۽ روز دوشنبه لکيو آهي. ليڪن سيدي علي رئيس جي لکڻ مطابق 9_ جمادي الاول ٿيڻ گهرجي. مير معصوم جي بيان ڪيل تاريخن مطابق واقعات جي جدول هن ريت بيهي ٿي:

1_محرم962 هه ارغونن بغاوت ڪري ٺٽي ۾ ميرزا عيسى جي بيعت ڪئي (معصومي 187).

1_محرم962 هه ساڳئي ڏينهن ميرزا شاهه حسن جي خاص ماڻهن عربي گاهي، شنبه ۽ رفيق کي قتل ۽ شاهه حسن جي گهر واريءَ ماه بيگم کي قيد ڪيو ويو (معصومي 187).

_محرم962 هه    احمد ولي (خمير مايـﮧء فتنه و فساد) کي بکر ۾ قيد ڪري، مستي ساربان جي ذريعي سيوهڻ جي قلعي ۾ قيد رکڻ لاءِ موڪليو ويو ( معصومي 188). ۽ سندس مائٽ علي حسين ارغون کي قتل ڪري سندس سِسِي نيزي تي رکي ڦيرائي ويئي، جنهنڪري ارغونن جو غصو (يکي در ده) ڏهوڻون وڌي ويو (معصومي (188).

_سلطان محمود کي بکر جي ايالت ڏني ويئي. مير جاني ترخان، احمد خان، حمزه بيگ، ۽ مراد حسين بيگلار کي قيد ڪري، سلطان محمود شاهه حسن ڏانهن وٺي هليو. يادگار محمد ڪوٽوال کي مير شاهه محمود جي مخالفت واري ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو. قاضي قاضن جا ٻار ٻچا بکر جي قلعي مان ٻاهر ڪڍيا ويا (معصومي 188).

_ محرم 962هه   سلطان محمود بکر کان ٻن منزلن تي هو ته

؟           سيد جعفر مشهدي روضـﮧ رضويه جي نقيبن جو ڏانهنس موڪليل نقارو کڻي اچي پهتو، جنهن کي هن نيڪ فال سمجهيو (معصومي 189).

22_ محرم962هه  سلطان محمود لشڪر سميت شاهه حسن وٽ

؟           اچي پهتو (معصومي 189). ساپاه (ساپاه _ سامارو) وٽ سلطان محمود ۽ ميرزا عيسى جي وچ ۾ جنگيون ٿيون. ٻنهي جي وچ ۾ مخفي صلح ٿيو (معصومي 189).

آخر 29_صفر 962هه شاهه حسن اميرن جي _ جن جا نالا مٿي ڏنا ويا آهن_ وچ ۾ پوڻ ڪري. ميرزا عيسى کي معاف ڪيو (معصومي 190).

آخر 29_صفر 962هه ماه بيگم ٺٽي کان شاهه حسن وٽ پهتي (معصومي 190). ميرزا عيسى ماه بيگم را مڪه!خاصـﮧء خيلان ميرزا رخصت داده همـﮧ را بيارد و رسانيدند و آن واقعـﮧ در اواخر ماه صفر سنـﮧ مذکور (962) بود _ آخر ماه صفر مان مراد 29 _ صفر آهي.

1_ ربيع الاول 962هه شيخ عبدالوهاب پوراني ۽ ميرزا قاسم، ترخانن جو قصور معاف ڪرائي کين ٺٽي موڪليو (معصومي 190).

2_ ربيع الاول 962هه  سلطان محمود ۽ ميرزا عيسى جي وچ ۾ ٻيو دفعو ڪلام مجيد تي صلح ٿيو ته مرزا جي وفات بعد اپر سنڌ (ٺٽي) تي مرزا عيسى حاڪم ٿيندو. عهدنامو لکيو ويو، جنهن تي ٻنهي مهرون هنيون ۽ ٻين حاضر اميرن پڻ شاهديون وڌيون (معصومي 190_ 191).

3_ ربيع الاول 962هه (روزديگر) ميرزا قاسم بيگلار ٺٽي ويو ۽ محمد صالح ترخان کي پاڻ سان ميرزا شاهه حسن وٽ وٺي آيو (معصومي 191). شيخ عبدالوهاب ۽ امير سلطان (برادر سلطان محمود خان) ٺٽي ويا ۽ ميرزا عيسى سان مليا. شاهه حسن ميرزا صالح کي انعام ۽ سروپا ڏنو ۽ ملاياريءَ هٿان خط ۽ خلعتون ميرزا عيسى ڏانهن ٺٽي موڪليون (معصومي 191).

5،4 _ربيع الاول962هه    (روز ديگر) شاهه حسن، پنهنجي ڏاڏي امير

ذوالنون وارو عَلم جيڪو کيس شاهه حسن بايقرا ڏنو هو_ تمن توغ، نقارو ۽ پنهنجي مهر سلطان محمود خان بکريءَ کي ڏنا (معصومي 191).

5،4ربيع الاول962هه انهيءَ ڏينهن امير سلطان (برادر سلطان محمود) ٺٽي کان موٽي اچي منزل تي پهتو (معصومي).

6_ ربيع الاول962هه   شيخ عبدالوهاب پورانيءَ ميرزا جي طبيعت دگر گون ڏٺي ۽ منزل کڻي سيوهڻ ڏانهن روانا ٿيا (معصومي 191).

11_ربيع الاول962هه صبح جو علي پوتره ڳوٺ (علي پوترو ۽ شاهه ويس ٻيئي لڳ آهن _ طاهري 89) ۾ پهتا، ۽ اتي منزل ڪيائون                         (معصومي 192).

12_ ربيع الاول962هه دوشنبه (4_ فيبروري 1555ع) بوقت عصر ميرزا شاهه حسن وفات ڪئي. شيخ عبدالوهاب پوراني ۽ ميرزا قاسم سندس پاسي ۾ موجود هئا. سومهڻيءَ تائين غسل ڏيئي نماز پڙهي ويئي (معصومي 192).

13_ربيع الاول962هه سلطان محمود ڪوشش ڪئي ته لاش بکر هلي ليڪن ماه بيگم ٺٽي کڻي هلي ويئي. سلطان محمود معصوم ساڳئي ڏينهن بکر روانو ٿيو (معصومي 192_ 193).

        مٿئين مذڪور مطابق شاهه حسن سومر ڏينهن 12_ تاريخ ربيع الاول 962 هه (4_ فيبروري 1555ع) جو فوت ٿيو. در حقيقت مير معصومي تاريخن ۽ مهينن ۾ گهڻو ڪري احتياط کان ڪم ڪونه ورتو آهي، جنهنڪري اکيون بند ڪري تاريخ قبولڻ ۾ پاڻ کي احتياط ڪرڻ گهرجي. ٻئي هنڌ ميرزا عيسى جي تخت نشينيءَ جو مهينو ڏيندي، پنهنجي پهرين لکڻيءَ کي پاڻ مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو اٿائين _ لکي ٿو ته ”شاهه حسن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ اوائل جمادي الاول (962 هه) جو ميرزا عيسى تخت تي ويٺو (307)“ جيڪڏهن ميرزا جي وفات جو مهينو ربيع الاول قبول ڪجي ته انهيءَ حساب سان ميرزا عيسى ڪم و بيش پوڻا ٻه مهينا کن پوءِ تخت نشين ٿيو. جيڪا ڳالهه ڪهڙيءَ ريت قرين قياس ٿي سگهي ٿي! ڪوبه سبب نه هو ته اهڙي انتشار جي حالتن هيٺ پنهنجي حصي ۾ آيل ملڪ کي ميرزا عيسى تخت نشينيءَ کان خالي ڇڏي.

        انهيءَ جي مقابلي ۾ سيدي علي رئيس _ جو واقعي جو اکين ڏٺو شاهد آهي _ لکي ٿو ته ”ميرزا شاهه حسن 1_ جمادي الاول (962 هه) جو بکر طرف واپس ٿيو، ۽ ماه بيگم جي واپس ٿيڻ کان ڏهين ڏينهن تي ميرزا انتقال ڪيو.“ مير معصوم ماه بيگم جي واپس ٿيڻ جي آخر ماه صفر (29) تاريخ لکي آهي. ليڪن سيدي علي رئيس جي حساب سان اها تاريخ 29_ ربيع الثاني ٿيڻ گهرجي، ۽ ميرزا شاهه حسن جي وفات جي تاريخ 9_ جمادي الاول 962 هه (1_ اپريل 1555ع) بيهندي. مير معصوم جو ڏنل مهينو صفر به غلط آهي. 

        مير معصوم وفات جو ڏينهن سومر لکيو آهي. 12 _ ربيع الاول تي به  سومر هو ۽ 9_ جمادي الاول جو ڏينهن به سومر جو هو. تنهنڪري مير معصوم جي مقابلي ۾ سيدي علي رئيس جي ڏنل تاريخ 9_ جمادي الاول 962 هه (1_ اپريل 1555ع) زيادهه درست ۽ قرين قياس سمجهڻ گهرجي (هن تي ڏسو ڊاڪٽر محمود الحسن صديقيءَ جو انگريزي ترجمو تاريخ معصوميءَ جو (Appendix I) مطبوع انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالوجي حيدرآباد.)

        (19) زهر ڏيڻ جو الزام سيدي علي رئيس ماه بيگم لاءِ لکيو آهي. مير معصوم خاموش رهيو آهي. تاريخ طاهريءَ جي مصنف لکيو آهي ته ”بعض گفتـﮧ اند که چيزي در بيماري بدو دادند اما اصح آنست که بهمان عارضهء اصلي ..... از تخت بر تختـﮧء خاک تيره فرورخت (ص 94).“ اهو هُل ضرور هُليو هوندو، ڇاڪاڻ ته ماه بيگم (بنت ميرزا مقيم ارغون) جلد ئي ميرزا عيسى سان شادي ڪئي. فخري هرويءَ _ تذڪرو جواهر العجائب _ سندس نالي معنون ڪيو آهي (ڏسو مقدمو روضـة السلاطين از راقم الحروف).

(20) بيت جو ترجمو: اي برادر! جي مڙس آهين ته عورت تي اعتبار نه ڪر. عورت نبين کي به نه ڇڏيو آهي. (حمدي شاعر)

(21) ناصرپور غلط آهي. نصرپور جيڪو شهر اڃا موجود آهي.

(22) سلطان محمود جي والد جو نالو مير فاضل ڪوڪلتاش هو. تحفـة الڪرام (حصـﮧ اول مرتب راقم الحروف) جي صفحي 200 تي سندس سلسلو ڏسو.

(23) دبله غلط آهي، درٻيلو هجڻ کپي. انگريزي مترجم Dible لکيو آهي (ص 42).

(24) ترجمو: شاهه حسن سنڌ جو شاهه هو، ليڪن جام اجل جو پِي فنا ٿي ويو _ هاتف غيب سندس مرڻ جي تاريخ چئي: جنت فردوس ۾ سندس جاءِ هجي!

(25) ترجمو: 1_ اهل فرقت ڪيئن ٿيندا آهن؟ مون کي خبر ڪانه هئي، ۽ نه وري ڪڏهن مون خيال به ڪيو هو. 2_ نيٺ تنهنجي عشق مون کي آڻي منهن مقابل ڪيو. جيڪڏهن منهنجي وس ۾ هجي ها (حال ۾ هجي ها) ته هوند توکان جدا ڪونه ٿيان ها. 3_ اي مـﮧ چشم! جيڪڏهن درد رئاڙي ته ڳوڙهن اگهڻ جو دم به ڪونه اٿم! 4_ جيڪڏهن مون کي اها سُڌ هجي ته تون مون کي رد ڪندينءَ ته اي پري! آءُ هرگز تنهنجي در تي ڪونه اچان ها! 5_ ”ڪاتبي“ جيڪڏهن هجر جي باهه کي اڳ ۾ ڄاڻي ها، ته عشق جي واٽ ۾ هوند ايترو وقت سر گردان نه ٿئي ها!

(26) ترجمو: 1_ يار کان سواءِ آءُ جتي به آهيان، اها جاءِ منهنجي لاءِ بيت الاحزان آهي. انهيءَ يوسف لقا کان جيڪڏهن جدا آهيان ته هيءَ دنيا منهنجي لاءِ زندان آهي. 2_ منهنجي دشمن چيو آهي ته آءُ تنهنجي عشق ۾ جان ڏيئي نه سگهندس! اي منهنجا محبوب! اهو سراسر بهتان آهي. 3_ تنهنجي شربت جي عطا ٿيڻ وقت آءُ جيڪڏهن ساهه ڏيئي وجهان ته اها حيرت جي ڳالهه نه ٿيندي. اي منهنجا طبيب! چاهي تنهنجي لاءِ مشڪل آهي، ليڪن منهنجي لاءِ اها ڳالهه بلڪل آسان آهي! 4_ پنهنجي چوطرف سنگ ملامت ڏسي منهنجي دل خوش ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته غم جي لشڪر کي دفعي ڪرڻ لاءِ اهو بهترين قلعو آهي. 5_ ”ڪاتبي“ افسوس! ڪتن جي بند کي تو هم سفال ڪري ڇڏيو. اي منهنجا مالڪ (بيکوم)! تنهنجي نعمتن جا وڏا احسان آهن.

(27) انگريزي مترجم لکيو آهي ته جنهن صورت ۾ سلطانپور ۽ MAV جي نالي سان ڪيترا مقام آهن، تنهنڪري خبر نٿي پوي ته مذڪوره ڳوٺ ۽ قلعو ڪٿي هو (ص 44). رحيم يار خان (بهاولپور) کان ڇهه ميل اتر طرف مئو مبارڪ جي قديمي قلعو موجود آهي. سلطان حميد الدين حاڪم مڪراني (تربيت يافته مخدوم بهاء الدين زڪريا و خليفـﮧ اعظم شاهه رڪن عالم ملتاني) جي قبر اتي آهي، جنهن سبب مئو مبارڪ سڏيو وڃي ٿو. (قلعي جو احوال ڏسو: خطـﮧء پاڪ اُچ، ص 398_ 400 از مسعود حسن شهاب، 1967ع).

(28) ترجمو: 1_ ڪيترن شيرافگن تي قادر ٿيڻ وارا آهن، دشمن کي زير فقط تدراڪ ۽ تدبير سان ڪري سگهجي ٿو. 2_ قوي راءِ رکندڙ ڇڙو هڪ هجي ۽ ان جي مقابلي ۾ هزار جوان هجن، پر فتح جي موڙ ۽ مُهَڙ هميشـﮧ قوي راءِ (صاحب تدبير) واري ڏانهن هوندي آهي. 3_ جيڪڏهن اسين متحد هجون ۽ دشمن سَوَ هجن، اسان کي ڪو ڀؤ ڪونه آهي. پاڻ لاءِ آيت سڳوري ”ڪم من فايـة“ ڪافي آهي. (يتيم شاعر)

(29) سليم شاهه نه بلڪ اسلام شاهه ( 952_ 961هه) بن شير شاهه سوري (947_ 952هه). اسلام شاهه کان پوءِ محمد عادل شاهه (961هه) ۽ ابراهيم سوم (961 هه) ٿوري عرصي لاءِ تخت تي ويٺا، آخر سڪندرخان ٽيون (962 هه) نخت نشين ٿيو.

همايون 2_ ربيع الاخر 962هه (4_ فيبروري 1555ع) جو ڪابل کان هتي پهتو. سرهند وٽ 2_ شعبان 962هه (22_ جون) جو مقابلو ٿيو. جنهن ۾ سڪندر شڪست کائي ڀڳو. بيرم خان هيٺين تاريخ چئي پيش ڪئي:

منشيء خرد طالعِ ميمون طلبيد       انشاي سخن ز طبع موزون طلبيـد

تحرير چو کرد فتح ِ هندوســـــتان       تاريخ ز ”شمشير همايون“ _طلبيد

962 هه

                (”همايون“ _ بينرجي ص ص 235 _ 236)

(30) قلعـﮧ مانکوٽ (بايزيد بيات همايون و اکبر 941ع ص 194).

(31) بادشاهه 2_ جولا 1555ع جو دهليءَ جي قلعي سليم ڳڙهه کي هٿ ڪيو ۽ ٽن ڏينهن بعد يعني 23_ جولاءِ تي پايه تخت دهليءَ ۾ داخل ٿيو. مختلف علائقن تي هيٺيان امير مقرر ڪري روانا ڪيائين:

        1_ اڪبر                       حصار فيروزه

        2_ مير شاهه ابوالمعالي        پنجاب

        3_ بيرم خان                  سرهند

        4_ تردي بيگ خان           ميوات

        5_ سڪندرخان اوزبڪ         آگرو

        6_ محمد خان آختـﮧ بيگي    بيانـﮧ

        7_ علي قلي خان              سنڀل         

(بينرجي ص 246)

(32) بيرم خان خانخانان همايون جو امير ۽ سنگتي، اڪبر جو اتاليق، عبدالرحيم خانخانان جو والد.

(33) ترجمو: 1_ شاهه جم رتبت ۽ همايون بخت _ هفت اقليم هند جي باهه مثل. 2_ افغانن کي شڪست ڏيئي، سندن طاقت ٽوڙي، دهليءَ کي ورتو ۽ سمورا سرڪش سندس تابع ٿيا. 3_ انهيءَ فتح جو موقعي تي ماڻهن تاريخ چئي: طالع دولت همايونش ”ڪاتبي“.

(34) ترجمو: 1_ جيڪڏهن منهنجو حبيب ئي منهنجي حال تي رحم نه ڪندو ته منهنجي درد جو علاج طبيب ڪهڙو ڪندو! 2_ اي دل ! وصال يار مون کي هڪ ڏينهن به ڪونه ٿيندو، روز ازل ۾ ئي جيڪڏهن منهنجي نصيب ۾ نه هوندو! 3_ تنهنجي شراب لال کي پِي مست ٿي آهيان، اي ساقي! پر ڪو رقيب شل نه اچي وڃي. 4_ اهو ڇا روا آهي؟ تون ڪڏهن به ڪونه پڇندين ته غم هجر ۾ مون واري مسڪين جو ڇا حال ٿيو! 5_ اي ”ڪاتبي“! چهري کي ڏسندي ئي هزارن عشون هُن شوخ دلفريب منهنجي دل کي قابو ڪري ورتو! ”ڪاتبي“

(35) ترجمو: 1_ مون کي وصل جي اميد ڪانه آهي، آءُ دوست جي منهن ڏسڻ جو مشتاق آهيان. بهشت جي آرزو انهيءَ ڪري اٿم ته اتي سندس ديدار ڪيان. 2_ اي منهنجا طبيب! مون کي پنهنجي دارالشفا جي در تان پنهنجو شربت لال ڏيار. تنهنجي درد ۾ آءُ مبتلا آهيان. آءُ بيمار آهيان. 3_ يار جي عشق منهنجي عقل، فڪر، صبر ۽ منهنجي هوش تي چڙهائي ڪئي آهي. هجر جي واديءَ ۾ حيران آهيان، ڇا ڪريان؟ 4_ پنهنجي مجلس ۾ رقيب روسياه کي نه سڏاءِ، اي ساقي! آءُ سندس قبيح شڪل کان بيزار آهيان. 5_ ڪاتبي! خسروءَ وانگر نظر ۾ شيرين ڪلام ٿي ويو آهي. لعل يار جي وصف ۾ شڪر گفتار ٿي ويو آهي! ”ڪاتبي“

(36) ترجمو: مخلوق ۽ امت جي افتخار فرمايو ته تهمتن جي جاين کان پاسو ڪيو! ”ميرڪ“

(37) ترجمو: 1_ فلڪ رفعت همايون بادشاهه غازي! سندس پرچم جو شعاع مهر ۽ ماهه تائين وڃي پهتو هو. 2_ هند پهتو ۽ دهليءَ کي فتح ڪيائين. دين پناهه جي ڪوٽ وٽ منزل ڪيائين. 3_ ڪيترن خانن کي آگري روانو ڪيائين. سپاهه کي ڪافي استمالت ڪيائين! 4_ دوام دولت ۾ کيس فتح نصيب ٿي. انهيءَ خدا جو شڪرانو آهي. 5_ انهيءَ تي هڪ تاريخ چيم: مبارڪ هجي آگرو بادشاهه کي. ”ڪاتبي“

(38) ترجمو سلطان محمود جي خط جو: اشتياق ۽ اميدن بعد عرض ته محب جي دولت ملاقات ۽ سعادت مڪاتبت (خط و ڪتابت ۽ مقالات) کان محروم، رات ڏينهن انهيءَ فڪر ۽ ذڪر ۾ هئس ته يا رب! ڪڏهن ٿا سعادت پناهه حضرت بادشاهه ظفر دستگاهه جي درگاهه ۾ سڀيئي معروضات، جيڪي دولت خواهيءَ جي سلسلي ۾ آهن، مفصل عرض رکي، جيڪي ڪجهه قيل و قال هلي هجي، اها هن مسڪين تائين ذري پرزي پهچائين ٿا. انهيءَ حال ۾ ڪارندا پهتا، جن تاج خاصو ۽ مفتوح؟ ۽ خلعت (تاج خاصـﮧ و مفتوح و تون ڪيتو روب فرمان وعهد نامـﮧ ) فرمان ۽ عهدنامي سميت آڻي پهچايو. جڏهن حضرت بار شاهه دين پناهه جي مبارڪ چنبي (مبارڪ پنجه) (تمغا، يعني شاهي چنبي جو نشان ڳاڙهي رنگ سان خاص فرمانن يا عهدنامن تي هنيو ويندو هو) جو نشان انهيءَ فرمان جي پيشانيءَ تي ڏٺو، ان وقت هن فقير سمجهيو ته اها ڪوشش ۽ نيابت انهيءَ سعادت پناهه (سيدي علي رئيس) جي آهي:

ياري

        1_ زعفراني پنجي ڏيهن جي چنبي کي پست ڪري ڇڏيو. جيئن مثال مشهور آهي ته ”دست بر بالاي دست!“

        ۽ انهيءَ فرمان جي حاشيي تي حضرت بادشاهه دين پناهه جي ڪاڪ گوهر نثار سان لکيل هو ته ”وحيد الدهر فريدالعصر امير سيدي عليءَ سموريون ڳالهيون عرض ڪيو آهن، جن سڀني کي قبوليت جو شرف بخشيو ويو، ۽ انشاالله اهو رابطو، جو هن دنيا اندر توهان جي ۽ اسان جي وچ ۾ ٿيو آهي، سو آخرت ۾ به سوين دفعا وڌيڪ رهندو!“ اهڙيءَ طرح (سلطان محمود جو) محبت ڀريو خط پهتو ۽ ملاياريءَ جو مڪتوب هن ريت آيو (نمبر _ 4 پڙهو).

(39) ملاياري هرات جو باشندو هو، شاهه بيگ جن سان گڏجي سنڌ ۾ آيو. پهرين شاهه حسن وٽ هو، ان جي فوت ٿيڻ بعد سلطان محمود جي وزارت اختيار ڪيائين. غالباً شاهه حسن جي فوت ٿيڻ وقت، جڏهن سلطان محمود بکر روانو ٿيو، ان وقت هي به منزل تان ساڻس گڏ هليو ويو. مير معصوم لکي ٿو ته ”خوش طبع هو، بلاغت ۾ ڪمال هئس، انشا ۾ بيبدل هو، شعر پڻ خوب چيائين ٿي. سلطان محمود کيس ايلچي ڪري بادشاهه ڏانهن موڪليو هو، ليڪن ناڪام ٿي واپس آيو. اتان موٽي سيتپور ۾ اچي رهي پيو، جتي وفات ڪيائين.“ مير معصوم فارسيءَ جو هڪ شعر نموني لاءِ ڏنو آهي (239_ 240). مقالات ۾ آهي ته ”ملاياري همايون ڏانهن ويو هو، ليڪن مقصد ۾ ناڪام ٿي موٽيو (876).

        سيدي علي رئيس جي لکت مان معلوم ٿئي ٿو ته 1_ ملاياري ترڪيءَ ۾ پڻ شعر چوندو هو. 2_ خط و ڪتابت انهيءَ دؤر ۾ ترڪي زبان ۾ ٿيندي هئي. 3_ ملاياري همايون وٽ پاڻ ڪونه ويو هو، بلڪ سيدي علي رئيس جڏهن بکر کان موڪلايو ٿي، ان وقت سلطان کيس چيو ته هو وڃي ڪوشش ڪري. چنانچه مٿي آندل خطن مان به اها ڳالهه ظاهر آهي.

        (40) ترجمو ملاياريءَ جي خط جو: خدمت عاليءَ ۾ دعائن ۽ واکاڻن (دعا وثنا) بعد معروض راءِ مهر آراءِ ضمير افزاي ٿئي ته جيستائين هيءُ ذرهء قليل الاستطاعت، دولت ديدار (ملازمت) ۽ سعادت مواصلات (دولت ملازمت و سعادت مواصلات) کان محروم رهيو، تيسين هڪ لحظو بلڪ هڪ لمحو به اوهان جي يادگيرين ۽ خيالن کان غافل نه هو!

ياري

        جڏهن ته غربت ۾ مون کي توهان جو وصل نصيب نه آهي، انهيءَ حالت ۾ مون مسڪين جي جيڪڏهن خبر لهو ته اها تعجب ۽ حيرت جي ڳالهه نه آهي.

        اوهان حضرتن وٽان عهدنامون ۽ مڪتوب شريف نٿي آيو، جنهنڪري حضرت نواب سلطان (محمود بکري) خواهه هن واديء هجران کي ڏاڍي ڪلفت هئي ۽ هر وقت سلطان چيو ٿي اسين منفعل آهيون، شايد جڳائيندڙ (شائستـﮧ) خدمت نه ڪري سگهياسين ۽ ڪا تقصير ٿي ويئي آهي.

ياري

1_ اي دوست! دوستداريءَ جي خلاف نه هل. مون کي وڇوڙي (غربت) ۾ وجهي حد کان وڌيڪ خوار نه ڪر.

2_ اهڙيءَ ريت غفلت ۽ فراموشي منهنجي حال تي نه ڪر. پنهنجي يار کي نه وسار ۽ ياريءَ کي ترڪ نه ڪر، متان طوالت ملال خاطر پيدا ڪري، تنهنڪري آءُ مٿينءَ رباعيءَ تي اڪتفا ڪندي خط کي مختصر ڪريان ٿو.

(41) ترجمو (ڪاتبي): 1_ تنهنجي خون آلود هٿ پنجـﮧء مرجان کي مات ڪري ڇڏيو، جيئن چوڻي آهي ته دست بر بالاي دست! 2_ اهو لب ميگون وارو جيڪڏهن مجلس ۾ هڪ گهڙيءَ لاءِ به اچي وڃي ته ساقي رت روئي، ۽ جام ۽ صراحي ٽٽي ٽڪرا ٿي پون. 3_ تون حڪم ڪر ته اهل تقويٰ عشق جي مستيءَ واري تي چٿرون نه ڪن، طعنا نه ڏين. هوشيارن جي وچ ۾ ئي هميشـﮧ معذور مست هوندو آهي. 4_ انسان جي ظاهر کي نه ڏس، ان جي باطن تي نظر رک. اي زاهد! معنى کي پرک، انسان کي صورت پرست ٿيڻ نه کپي. 5_ اي ڪاتبي! جنهن روز الست ۾ شراب نه پيتو هجي، اهو تنهنجي ڪيف جي باعث ۽ ذوق کان ڪيئن واقف ٿي سگهندو!

(42) ترجمو (ڪاتبي): 1_ جنهن وقت سندس ڳل، ڪيفيت مئي سبب لال آهي، ساقيا! آءُ ان وقت سمجهان ٿو ته گلچهره فرحت ۾ (خوشحال) آهي. 2_ پنهنجي نقد عمر کي متاع وصال تي صرف ڪندڙ جي زباني مشوري تي نه لڳ _ هو دنيا جو دلال آهي. 3_ مردن جي مسيحائيءَ ۾ سندس لعل (لب) ته مسيحا آهي. ليڪن، سندس زلف جادو، سندس اک جي اڻي فتنه پرور ۽ سندس غمزو قاتل آهن. 4_ يار جا لب شيرين آهن، انهن ڏانهن دل رغبت ڪيئن نه ڪري! هر مٺيءَ شيءِ ڏانهن ظاهر آهي ته دل جو لاڙو ٿئي ٿو. 5_ اي ڪاتبي! ديوانو ٿي، پاڻ کي قلاش سڏي نه رو! لُڙڪن جي چانديءَ سان سينو سڄو ڀرپور آهي.

(43) ترجمو (ڪاتبي): 1_ اهو سچ آهي جيڪڏهن تنهنجي زلف جو ذڪر بطور جادوگر جي ڪيو وڃي، اي صنم! جيڪڏهن تنهنجي خط کي ڪفر سان تشبيـﮧ ڏني وڃي ته اهو بهتان نه ٿيندو 2 _ اي طبيب! پنهنجي دوا رکي ڇڏ. مون بيمار کي سندس لعل لبن جو شربت پياري ڇڏ. منهنجي درد جو درمان تنهنجي دوا ڪانه آهي. 3_ ڇا اها ڳالهه بري نه آهي ته عاشقن جي وچ ۾ انهيءَ شخص جي عشق جي ڳالهه ٿئي، جنهن جو سر ميدان عشق ۾ غلطان نه هجي. 4_ يار کي چئو، اغيار جي سامهون گفتگو نه ڪري. ڇاڪاڻ ته فرشتي سان گڏ شيطان جي همنفسي نه ٿيندي آهي. 5_ اي ڪاتبي! انهيءَ ڪمان جهڙن ڀِرنِ واري جي وصل جا جيڪي خواهشمند نه آهن، انهن مان هر هڪ شخص جو چهرو قبلي کان ڦري وڃي، جيڪو مٿس قربان نٿو ٿئي!

(44) ترجمو ( ڪاتبي): 1_ هو پري رو جنهن وقت ناز جو آغاز ڪري ٿو، عاشق ان وقت نالو ڪرڻ شروع ڪن ٿا. 2_ انهيءَ غنچي جي جاءِ تي دل آهي. هن جي بلبل گلشن طرف پرواز ڪندي. 3_ اي ساقي! عاشق اهو چوائيندو جو بزم غم ۾ پنهنجيءَ دانهن کي نڙ سان دمساز ڪندو. 4_ مون کي پنهنجي ڪتن سان هم سفال ڪري هو عالم ۾ ممتاز ڪندو. 5_ اي ڪاتبي! دلبر اهو آهي جيڪو عاشق تي لطف ته گهڻو ئي ڪري ليڪن مٿس مهر (جود) نه ڪري!

(45) ترجمو (ڪاتبي): 1_ تنهنجي لبن سان تشبيـﮧ پيدا ڪري شراب نفعو حاصل ڪيو آهي. نرگس تنهنجي اک سان مشابهت رکي ميءَ جي خمار کي دفع ڪيو ٿي. 2_ دعا سان گڏ جيڪڏهن دعوت ميسر ٿئي ته اغيار کي دعا سان هُن پريءَ کان پري ڪرڻ هوند آسان ٿي پوي. 3_ هن چنڊ جهڙي چهري تي زلف پردو وجهي ڇڏين ٿا. اي صبا! پهچ. وچ مان انهيءَ پردي کي اچي هٽائي ڇڏ. 4_ تنهنجي قد ۽ قامت کي ڏسندي ئي سجدا ڪياسين. انهيءَ لاءِ جو چوڻي آهي. ته نوڙڻ کان سواءِ نماز جائز نه ٿيندي آهي. 5_ منهنجي دل جيڪڏهن اُبتي سبتي ٿي سڙي وڃي ته منهنجي درد جو ڇا چئجي. اي ڪاتبي! فراق جي باهه تي منهنجي سڄي جسم کي رڌي ڪري ڇڏيو آهي!

(46) امير حسن سنجري دهلوي (652_ 737هه) دولت آباد دکن ۾ دفن ٿيل آهي. معلوم ٿئي ٿو ته سيدي علي رئيس غلطيءَ کان غالباً امير خسرو جي نسبت سان سندس ذڪر ڪري ويو آهي، ورنه امير حسن سنجري دهليءَ ۾ مدفون ڪونه آهي.

(47) هن بيت مان ظاهر آهي ته فارسيءَ جو به روان شاعر هو.

(48) ترجمو (ڪاتبي): 1_ هر صبح جو اي گلرو! تنهنجي گلشن مثل گليءَ  ۾ پهچي، منهنجي ڳوڙهن جي شبنم کي ڏسي، دل حالات تي روئي ٿي. 2_ اي غنچه دهن! تنهنجي گل جهڙي چهري کي گلشن ۾ ڏسي، گل سان گڏ غنچا با حياءَ کان سرخ ۽ خجل ٿي ويا. 3_ اي منهنجا طبيب! جيڪڏهن منهنجي زخمي دل شفا حاصل ڪري ته ڪهڙو عجب آهي! تون شڪر لب کي منهنجي جگر تي تحفي طور رکي ڏس. 4_ منهنجي دل هجر جي الم کان خون سان ڀرپور آهي. اي دل! خونيءَ کي جگر کولي ڏيکار. 5_ اي ڪاتبي! تون پڻ عشق جي راهه ۾ مشهور ٿي وئين! فرهاد ۽ مجنونءَ جو ذڪر ڇڏي ڏي، اهي ته ائين پٺتي رهجي ويا.

(49) ترجمو (ڪاتبي): 1_ يار جو ابرو (فاش) پنبڻين مٿان ڪمان جيئن لڳي ٿو. سندس دل منهنجي سيني مٿان زخم جي ڪپهه جو نشان ٺاهي ٿي. 2_ اي ڪمان جهڙن ابرن وارا! پنهنجي حسن تي مغرور نه ٿيءُ. رستم جهڙن جي ڪمان کي به ته زمانو درست ڪري ڇڏي ٿو! 3_ اي پري! جيڪڏهن تپ هجر سبب دل بيتاب ٿي وڃي ٿي، تڏهن منهنجي آه مهر ڪري مٿس پاڇو (سائبان) ڪري بيهي رهي ٿي. 4_ يار جي وصال واري محلات (قصر) تي چڙهڻ لاءِ عاشق جي آه جي ڏور (ڪمند) ڏاڪڻ جو ڪم ڏيندي آهي. 5_ اي ڪاتبي! منهنجي ڳوڙهن جي موتين کي دل رشتي ڏانهن ڇڪي ٿي. اهڙيءَ ريت جو يار تائين پهچڻ لاءِ ارمغان ٿي پون ٿا!

(50) ترجمو (ڪاتبي): 1_ اي دل! جيڪڏهن دولت (خوش نصيب) توسان ساڻي ٿئي، ته هوند اهو شوخ ۽ شيوه ڪار صنم پنهنجو پاڻ وفا ڪرڻ شروع ڪندو. 2_ جيڪڏهن محبوب مون سان قدم بقدم (گڏوگڏ) هلي ته سندس قدمن سبب رستي جي جيڪا مٽي اڏامي سان بي قدر قيمت خاڪ نه ، بلڪ عطر بيز خاڪ هوندي. 3_ جيڪڏهن عناب جهڙن لبن کي شفتالو(1) سمجهي چوسيان ته هوندو هر رقيب اهائي ڪوشش ڪندو ته آءُ پري هٽان. 4_ روئي روئي هن جي دروازي تي مون پنهنجو سمورو منهن رڳڙيو. معشوق کي منهنجا ڳوڙها درڪار هئا ته آءُ اهي تحفي طور گهوري ڇڏيان ها! 5_ اي بادشاهه! مان ڊڄان ٿو، متان مون کي الٽو ڪري، ٽنگي، سزا ڏئي(2). ڪاتبي پنهنجي دک کي تنهنجي خدمت ۾ پيش ڪري ٿو، ان ۾ ڪهڙو هرج آهي ۽ کيس ڪهڙو خوف ۽ انديشو آهي.

(51) ترجمو (ڪاتبي _ عثماني ترڪيءَ ۾): 1_ غافل نه ٿيءُ، تون جتي آيو آهين اهو ملڪ هندستان آهي، جيڪي ماڻھو مٿس موهجي رهي پيا آهن سي سڀ سرگردان آهن. 2_ دنيا جي گشت ڪندڙن جو هڪ زبان ٿي چوڻ آهي ته حقيقت ۾ دنيا ۾ جنت فقط عثماني مملڪت آهي. 3_ اُنهن پنهنجي دوستن جو ديدار ڪرڻ ئي اي خستـﮧء دل! تنهنجي هر درد جي دوا آهي. 4_ همايون بادشاهه جي قدمن تي ڪِري اجازت وٺ، هر ماڻھوءَ تي احسان ڪرڻ سندس مشغلو آهي. 5_ اي ڪاتبي! جيڪڏهن طفل دل هندستان ۾ رهي پوڻ تي ڪروڌ ڪري ٿي ته ان جي چوڻ تي نه لڳ، نيٺ هوءَ ٻار آهي.

(52) بادشاهه 7_ تاريخ ربيع الاول 963 هه (20 جنوري 1556ع) جو پنهنجي ڪتبخاني جي ڇت تي ويٺو هو. اهو ڪتبخانو شير منڊل ۾ جامع مسجد جي ڀرسان (مسجد قلعه ڪهنه مسجد شير شاهي ) ٺاهيو ويو هو. وٽس ان وقت مختلف طرفن کان امير آيل هئا، جن کان ويٺي حال احوال ورتائين. مثلاً: شاهه بداغ، عالم شاهه، بيگ ملڪ (اهي حج تان موٽيا هئا)، چغتائي خان (گجرات کان)، پهلوان دوست ۽ ملا اسد (ڪابل کان). بادشاهه جو ارادو هو ته انهيءَ نشست بعد سانهجيءَ جو دربار ڪري، جنهن لاءِ ڇت تي ستارن جي ذريعي ويٺي حساب ڪيائين. سيدي علي رئيس جي لکت مطابق هو پاڻ به ان وقت موڪلاڻي ڪرڻ لاءِ مٿي ڇت تي موجود هو.

        بادشاهه ٿوري دير آرام ڪرڻ لاءِ هيٺ لهڻ چاهيو. اڃا پهرئين ڏاڪي تي هو جو اذان آئي، جنهنڪري پهرئين ڏاڪي تي ويهي رهيو ۽ پير ٻئي ڏاڪي تي رکيائين. کيس سرديءَ سبب ان وقت پوستين ڍڪيل هئي. ٻانگ ختم ٿي. لهڻ تي هو، جو ترڪڻي ڏاڪڻ تان پير کسڪي ويس ۽ پاڻ جهلي نه سگهيو ۽ وڃي منهن ڀر ڪريو. ڪَنن مان رت وهيس ۽ بيهوش ٿي ويو. کيس فوراً محل ۾ پهچايو ويو.

        ٿوريءَ دير بعد هوش آيس ۽ اڪبر ۽ بيرم خان ڏانهن خط لکرايائين، انهيءَ کان پوءِ وري بيهوش ٿي ويو، ۽ مرڻ تائين هوش ڪونه آيس. (بينرجي، ص ص 244_ 258).

(53) ڌڪ لڳڻ واري ڏينهن کان اٺ ڏينهن پوءِ بادشاهه تاريخ 15_ ربيع لاول 963 هه (28 _ جنوري 1556ع) سج لهڻ وقت وفات ڪئي. سندس ٻي بادشاهي ڇهه مهينا اَٺ ڏينهن هلي (بينرجي، ص 256).

(54) ملا بيڪسي (بينرجي، ص 257) مولانا بيڪسي (تذڪرهء همايون و اڪبر بايزيد، 177).

(55) اڪبر جو خطبو 28_ ربيع لاول 963 هه (10_ فيبروي 1556ع) جو پڙهيو ويو. اڪبر جلوس ڪلانور ۾ ڪيو (همايون و اڪبر، 195). اڃا اتي ئي هو، جو سيدي علي رئيس دهليءَ کان وٽس اچي پهتو.

(56) ترجمو (ڪاتبي): 1_ هندستان ۾ هڪ ئي همايون بادشاهه هو، هڪ گهڙيءَ ۾ اوچتو انتقال ڪري الله ڏانهن هليو ويو! 2_ انهيءَ مصيبت تي زاري ڪندي تاريخ چئو: ”همايون بادشاهه فوت ٿي ويو!“

(57) ترجمو (ڪاتبي):1_ جتان جي بادشاهه ٿيڻ جو غرض ۽ غايت جور و جفا ڪرڻ نه آهي؟ اي مهه خدنگ! عاشقن جي آه کان خبردار ۽ هوشيار رهه. 2_ سلطان روم جي آستاني تي پهچي هميشـﮧ گدا ٿي رهڻ، منهنجي لاءِ هندستان جي بادشاهيءَ کان گهڻو بهتر آهي. 3_ يار جي ڳليءَ ۾، رقيب مون سان گڏ هلڻ گهري ٿو. اي خدا! تون انهيءَ جو همراهيءَ کان مون کي بچاءِ. 4_ مون کي جيڪڏهن مارڻ گهرين ته ان کي روڪ ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، بلڪ کيس ترغيب ڏي. مطلب هي آهي ته انسان کي انسان جو دولت خواهه (ڀلائي چاهيندڙ) ٿيڻ گهرجي! 5_ اي ڪاتبي! جيڪڏهن گهرين ٿو ته وفا جي راهه تي رهين، ته پوءِ اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن پنهنجي جفاپيشـﮧ رقيب جا عذاب برداشت ڪندو رهين!

(ڪراچي، 27_ فيبروري، 1971ع)

[سماهي ”مهراڻ“ _ 1_1971]


(1)  ترڪستان ۾ هڪ شفتالو ٿئي جنهن کي وڻ ۾ بيٺي کل لاهڻ جي چوسبو آهي. انهيءَ ڏانهن تشبيـﮧ آهي.

(2)  جيئن کل لاهڻ وقت ٻڪري اُلٽي ڪري وڻ ۾ ٽنگبي آهي، شايد، سزا ڏيڻ جو انهيءَ طريقي دستور هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com