سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون

باب: --

صفحو :11

سيد ثابت علي شاھه: سيد ثابت علي شاھه، ڪلھوڙن جي آخري دور ۽ ٽالپرن جي ابتدائي دور جو مرثيه گو شاعر ھو. سنڌ ۾ مرثيي کي رواج، بطور صنف جي ھن صاحب ڏنو. سنڌي، فارسي، سرائڪي ۽ اردو زبان تي ڪامل قدرت حاصل ھيس. جيڪڏھن سيد صاحب کي سنڌ جو مير انيس کڻي چئجي ته بيجا نه ٿيندو.

اصل ملتان جو ھو، جتي 1153ھه ۾ ڄائو. مدار علي شاھه جو پٽ ۽ نورمحمد شاھه جو پوٽو ھو. نواب اعظم خان سان گڏجي سنڌ ۾ آيو. جڏھن نواب صاحب، صوبه داريءَ جو مدو ختم ڪري واپس ويو، تڏھن سيد ثابت علي شاھه ساڻس گڏ واپس وڃڻ جي بجاءِ ھتي رھجي ويو، ۽ سيوھڻ ۾ مستقل طرح سڪونت اختيار ڪيائين. ڪجھ وقت کان پوءِ سندس والد، ۽ سندس ڀاءُ سيد پريل شاھه به مستقل طرح سنڌ ۾ ھليا آيا. سيد صاحب فارسيءَ ۽ عربيءَ جو عالم ھو. ڪلھوڙن جي دور ۾ کيس سرڪاري وظيفو ملندو ھو. ٽالپرن به ان دستور کي سندس زندگيءَ تائين جاري رکيو. مير ڪرم علي خان سندس قدردان ھو. ٽالپرن خانوادي جا بعض افراد چونڪ پاڻ شيعا ھئا، تنھنڪري انھيءَ دؤر ۾ سندس شاعري خوب چمڪي. کيس ٻه پٽ ٿيا، ھڪ امداد علي شاھه ۽ ٻيو احسان علي شاھه. امداد عليﻋ جو اولاد اڃا به ھليو اچي ٿو. ھن وقت جيڪو صاحب حيدرآباد ۾ ٽالپري مقابرن جو خادم آھي، سو انھيءَ فرزند جي شاخ مان آھي، ۽ ان جو به نالو امداد علي شاھه آھي. سيد صاحب جو نسب نامو ھي آھي:

 

سيد صاحب سان مير ’مائل‘ جا ڪافي تعلقات ھئا. مير صاحب جي بياض ۾ چند قطعا سندس سلسلي جا به ملن ٿا. 1219ھه ۾، سيد صاحب ايران ۽ عراق ڏانھن زيارتن تي ويو؛ جڏھن واپس وريو، ان وقت مير صاحب ھيٺيون قطعو تصنيف ڪيو:

آمده ثابت علي چونکه بمجد و علا،

باز ز ايران بسند طرفه بکامِ جلي؛

سال قدومش بند ھاتف غيبم سحر،

گفت ”بمجد و علا آمده ثابت علي“.

                                 1219ھه      _ ص 118

مرزا قليچ بيگ جي قول مطابق، سيد صاحب 27 جمادي الثاني 1225ھه جو انتقال ڪيو _ (قديم سنڌ، 288). مير ’مائل‘ سندس وصال تي ٽي قطعا چيا:

 

پيش ازين چون محب خاص علي،     داعـــــيﻋ مـــــــــــير ما بصدق جـــــلي،

ثــــــابـــــت الحـــــب صـــادق الايمان،      آنکه نامش شود ز سال عـــــيان،

مـــي شــد از سد در زمان حيات،       بـــــزيـــــارات روضــــــﮧﻋ حـــــــضرات،

در دم عـزم رفتنش في الحال،        شده ”ثابت علي صادق“ ســـال:

                                 1208ھه 

باز چـــون کرد اين شرف حاصل        ســـــال ديـــــگر بسـند شد واصــل،

سال اين خوش قدوم صدق نشان،     شد ز ”ثابت علي بصدق“ عيان:

                                   1209ھه

اين زمان باز چون بحکمِ قضا،        که بصدقِ دل است مقامِرضا،

بـــــا ثبـــــوتِ ولا و صـــــدق دلـــي،       آن مـــــحبِ عـــــلي و آلِ عـــــلي،

از بــــــراي زيــــــــــارت شــــــــــاھــــــــــان،      کـــــرد رحـــــلت ازيــن جھان بجنان،

ھـــــاتفم گـــــفت ســـــال رحلت اُو،       ”ھــــــاي ثابت عليﻋ صادق“ گو:

                                   1225ھه

در جنان باد دائــــم آن مـــــقبول،        داعـــــيﻋ آســـــتانـــــه آلِ رســـــــــول،

خاصه در حضرتِ شھان دايم،  بـــــاد داعـــــيﻋ مـــــير بـــــزمِ کرم،

”مائل“ حق بيادش از اخـــلاص، خواھد از حق ابد شفاعت خاص.

_ص 112

ھن قطعي جن ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته 1208ھ ۾ به، سيد صاحب، امامن جي زيارتن تي ويو ھو، ۽ 1209ھه ۾ واپس آيو. مير ’مائل‘ جو ٻيو قطعو ھي آھي:

چون محبِ شاهِ دين مداحِ آلِ مصطفى،

آنکه از صدقِ حقيقت در محبت داشت جوش،

رفته از دنيا بجنت گشته ھمبزمِ علي،

ساغرِ وصل از کفِ ساقيﻋ رضوان کرد نوش،

سال وصلِ آن محب واصلِ بزمِ علي،

گفت ”ھمبزمِ علي ثابت علي بادا“ سروش.

                                    1225ھه          _ ص 112

محمد يوسف خدمتگار: ميان يوسف ،مير محمد خان جو ملازم ھو. ملازم ڇا بلڪ دوست، ساٿي، سنگتي ۽ نديم خاص ھو، ۽ ساڳئي وقت مير صاحب جو ڪوڪو يعني ٿڃ ڀائي به ھو. مير غلام علي خان کي مير محمد خان جڏھن ڄائو (1209ھ)، ان وقت يوسف 7_ 8 ڏينھن جو ڄاول ٻار ھو. حرم سراءِ ۾ کير جي قلت ھئي، تنھنڪري ميان يوسف جي والده کي شھزادي کي ٿڃ ڌارائڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. محمد يوسف ذات جو منگواڻون ھو. سندس والد جو نالو محمد صالح ھو. تعليم ۽ تربيت به ٻنھي گڏ حاصل ڪئي. محمد يوسف، فارسيءَ ۽ عربيءَ جي تڪميل ڪئي ھئي. سڄي زندگي، مير صاحب جي خذمتگاريءَ ۽ رفاقت ۾ بسر ڪيائين، جنھنڪري ميان يوسف، خذمتگاري جي نالي سان مشھور ٿي ويو. ”ٽنڊو يوسف“ سندس ٻڌايل آھي. مياڻيءَ جي جنگ کان اڳ، انگريزن وٽ. مرزا خسروءَ سان گڏ ايلچي ٿي ويو ھو. سندس پٽ محمد صالح(1) مياڻيءَ جي جنگ ۾ شامل ھو.

ميان صاحب فارسيءَ جو صاحب ديوان شاعر ھو. مثنوي ”ماه و مشتري“ به سندس تصنيف آھي: ان مان معلوم ٿئي ٿو ته قادر الڪلام شاعر ھو. سندس شعر جو رنگ ھي آھي:

بُتي آشوب دين غارتگرِ دل فتنهﻋ ايمان،

ستم کيشي، جفاکاري، بلائي کرده ام پيدا.

*          *            *

نقش روي تو نشد از لوح دل زائل ھنوز،

گرچه عمري شدکه از يادت فراموشيم ما.

رفتي و باز ندانم که چه ادفتاد آنجا،

که نکردي ز منِ سوخته دل ياد آنجا.

*          *            *

اي بادِ صبح، بنما کز يار تا چه داري،

شد مدتي نديدم آن يار آشنار را.

*          *            *

از قيام تو قيامت بجھان گشت عيان،

وز خراميدنِ سرو توِ خراميده بلا؛

عشوه ناز تو تنھا نه بلاي جانھا ست،

خط بلا، خال بلا، زلف تو گرديده بلا؛

بک بلا نيست که آنرا بشمارم ”يوسف“،

ھست سر تا به قدومش ھمه برچيده بلا.

*          *            *

آھسته نه قدم که مبادا شود تباه،

نورِ نگاه خلق ھمه فرش راه تست؛

کردن نگاه بر رخِ خوبان گناه من،

دل بُردن و نگاه نه کردن گناه تست؛

معلوم نيست شب بکجا باده خوردهﻋ،

مخمور مي نمائي و چشمت گواه تست.

*          *            *

بھاي بوسهﻋ لعلِ لبِ تو صد جان گفت،

ھزار جان بفداي تو وه چه ارزان گفت؛

ھزار گونه گل اطراف بوستان بشگفت،

بگوش غنچه ندانم صبا چه پنھان گفت؛

ز سلسبيل و جنان ترک گفت بتوان ليکه،

به ترک شاھد و ساقي حديث نتوان گفت.

*          *            *

شمع از بيکسي و سوز من آگاھي يافت،

که ببالين من امشب ھمه شب زار گريست.

*          *            *

خوش آن شبي که ترا تنگ در کنار کشيم،

سحر بروي تو ديدن چه فال ميمون ست.

*          *            *

نقاش صنع خواست کشد تاکه نقش او،

بر قامتش رسيد قيامت کشيد و رفت.

ياران نظر کنيد که آن سنگدل چسان،

بر رغم غير رشتهﻋ الفت بريد و رفت.

*          *            *

يا ندارد بجھان روزِ فراقت پايان،

شبِ ھجرانِ ترا يا سحري نيست که نيست.

*          *            *

 

ني ھواي بوستانم ني سر رفتن بباغ،

تاکه افتادم بدامت گلشنم از ياد رفت.

*          *            *

نه فصل گل نه نسيمِ بھار شد باعث،

بباده خوردنم امروز يار شد باعث

*          *            *

شب خيالت در برِ من بود ھمدم تا سحر،

بستر و بالين من چون گلشنِ کشمير شد.

*          *            *

جھان و ھرچه درو منزلِ شکر خوابست،

پياله گير که دنيا چو نقش بر آبست.

*          *            *

در کوي تو ھر کس که گذر داشته باشد،

حاشا که بفردوس نظر داشته باشد.

*          *            *

بھار شوق بديدن نمي شود آخر،

حديث گل بشنيدن نمي شود آخر.

*          *            *

خورم آن روز که يارم بکنار آيد باز،

دلِ سودا زدهﻋ من بقرار آيد باز.

*          *            *

برون ز ديده پر خون نمي شوي، چکنم:

فرامش از دلِمحزون نمي شوي، چکنم!

چنان گرفت خيالِ تو نقش در خاطر،

که ھيچ وجھه به بيرون نمي شوي، چکنم!

*          *            *

دل ز دستم برده و دادم ز کف صبر و قرار،

باز آن نامھربان بر غارتِ دين ميرود.

*          *            *

صد شکوه بدل داشتم از جورِ رقييان،

ليکن چکنم فرصتِ اظھار نديدم.

*          *            *

ميان محمد يوسف جو، مير نصير خان (تولد، 14 محرم 1219ھ) بن مير مراد علي خان سان به خاص تعلق ھو. مير صاحب پاڻ به ڪيترن ڪتابن جو مصنف ۽ شعر وسخن جو دلدادو ھو؛ ”جعفري“ تخلص ڪندو؛ ڪيترا شاعر، اديب جو انتقال، 7 ربيع الثاني، 1261ھه جو، ڪلڪتي جي قيد خاني ۾ ٿيو. ميان يوسف، پنھنجي ڪيترن شعرن ۾ مير صاحب جو نالو آندو آھي:

نامور ميرِ نصير آن کز کفش درگاه جود،

خازنِ کان منفعل شھد بھر دُ ر فرياد رفت؛

”يوسف“ از جور و جفايت بس بجان آمدازان،

بر درِ ميرِ زمان امروز بھرِ داد رفت؛

”يوسف“ از مدختِ داراي زمان ميرِ نصير،

پس گهر در سرِ اين رشته کشيدن باقيست.

*          *            *

يوسف بمدح شه شده طبعم چو گلشني،

کز خامه ام چکيد بھر سو ھزار گل؛

داراي دھر مير محمد نصير خان،

کز دست جود او ست طراز، بھار گل.

مير ’مائل‘ سان به ميان محمد يوسف جو خاص رستو ھو. ميان صاحب دوستن جو دوست ۽ يارن جو يار ھو. پنھنجي انھيءَ وصف جو اظھار ڪيترن شعرن ۾ به ڪيو اٿائين:

يک لحظه زنده بودن بي دوستان عذاب است.

*          *            *

عذاب نار جھنم فراق احباب است.

*          *            *

نيست يک لحظه مرا فرقت احباب لذيذ.

مير ’مائل‘ جي بياض ۾ سندس نالي تي ٻه قطعا ملن ٿا:

(1)

اي صبا در گلشنِ فضل و کمال؛

با محمد يوسف آن يوسف خصال؛

از دلِ ’مائل‘ بحق عرضِ سلام،

عرض کن با صد دعا ھر صبح و شام؛

باد يا رب آن عزيزِ پر تميز،

در عزيزانِ جھان دائم عزيز.

                                        _ ص 103

(2)

اي به اوصافِ عزيزي اکملِ ايزد تعال،

وي به اعزازِ محمد يوسفِ مصرِ کمال؛

آمد الحق با کمالِ ذاتي و حسنِ صفات،

ذاتت از حسنِ صفات اندر جھان نيکو خصال؛

ھست در شوقِ لقايت بھرِ يعقوبِ دلم،

باد نامت دائما از شوق دل حزب الوصال؛

تا بود نامِ محمد سبحئه نام آوران،

باد ز اعزازِ محمد عز نامت لايزال؛

مي کنم عرضِ دعا در حضرتت خوش با سلام،

باد افزون عمر و اعزازت بصد جاه و جلال.

                                          _ ص 103

ميان صاحب 1261ھه ۾ زنده ھو. ڇاڪاڻ ته سندس ديوان ۾ مير نصير خان جي انتقال تي قطعا ملن ٿا.

مرزا خسرو بيگ: مرزا خسرو بيگ، ٽالپرن جي حڪومت جو امير ڪبير، اصلي گرجستاني ھو. ايران ۽ روس جي وچ ۾ جيڪا جنگ لڳي، ان ۾ مرزا جو والد مارجي ويو: ۽ مرزا ستن ورھن جي ڄمار ۾ قيدي ٿي، ايراني سپھه سالار، حاجي محمد ابراھيم خان، وٽ اچي پھتو. ڪجھه وقت بعد انھيءَ سپھه سالار جو اقتدار ختم ٿيو، ۽ سپھه سالار جيل ۾ وڃي پيو: مرزا ان وقت کانئس جدا ٿيو.

ملا محمد اسماعيل، فتح علي شاھه قاچار جي زماني ۾ مير ڪرم علي خان طرفان وڪيل ٿي ايران ويو، جتان موٽندي، ھن مرزا خسروءَ کي پاڻ سان گڏ ٽالپري درٻار ۾ آندو؛ ان وقت مرزا جي عمر 15 ورھيه ھئي. مير ڪرم علي خان کي اولاد ڪونه ھو. جنھنڪري ھن مرزا کي پٽيلو ڪري پاليو، ۽ تعليم تربيت ڏيئي وزارت جي درجي تائين پھچايو. 1827ع ۾، مير صاحب جي وفات کان پوءِ، مرزا گوشه نيشني اختيار ڪري ويھي رھيو. انگريزن سان ميرن جي عھد نامي وقت، ھي پنھنجي حڪومت طرفان وڪيل ھو. مياڻيءَ جي جنگ ۾ به شريڪ ھو، ۽ شڪست بعد قيد ٿيو. انگريزن کيس آزاد ڪري، ٽالپري حرم سراءِ جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيو. 1860ع ۾ وفات ڪيائين؛ پٺيان چار پٽ ڇڏيائين: مرزا محمد علي، مرزا ولي محمد، مرزا محمد رحيم، ۽ مرزا غلام مرتضى: سندس اولاد اڃا ٽنڊي ٺوڙھي ۾ ھليو اچي ٿو(1).

مرزا خسرو فاضل ترين امير ھو. فارسي سندس مادري زبان ھئي. تعليم ۽ تربيت به اعلى پيماني تي ٿي ھيس: تنھنڪري نه ڇڙو راڄنيتي، ۽ سياسي سوچ سمجھه ۾ برک ھو، بلڪ علم و فضل ۾ به سندس درجو بلند ھو. شعر و سخن سان به دلچسپي ھيس؛ ”غلام“ تخلص ڪندو ھو.

مير ’مائل‘ جي بياض ۾، صاحب جي نالي تي به ھڪ موشح قطعو ملي ٿو:

من از پي مھريﻋ چرخِ جفا کار،       سپـــــــردم کارِ خود با مھربان يار؛

رود کي از دلِ من باد مــــھرش،        کــــه مــــي بــايد رخِ او مھر انوار؛

ز دل از مخلصانِ خاص احـــمد، بــــجــــان از دوســــتانِ آل اطــــھار؛

اديب و نيک خلق ونيک خصلت،     ز آدابِ ادب نيــــکــــــــو خــــبــــردار؛

خــــرد پــــرور خــــرد مــــندانِ عالم،        بود خوش از خرد منديش گفتار؛

ســــلامِ شـوق من در خدمت او، رسان اي نامه بر با شوق بسيار؛

رسد گو اين زمان اين نامـﮧﻋ من،      به آن ناميﻋ عصر از قرب سرکار؛

وجــودش از مخلصان کار مردم،        بــــود ســــرمــــايهﻋ خوبيﻋ ھــر کار؛

بــــحقِ او حـــريفان ’مائلِ‘ حـــــــق،       از اخــــلاصِ دلــــش جوياي اخبار؛

يقين ز اخلاص اوخوشدل چوداعي است، خـــدا يا دائمــــــــش در دھـــــر خوشدار؛

گــــــــل آسا گل شود اين نامهﻋ من،     سرِ ھر بيت سازي چون بھم يار.

                                                      _ ص 101

ھن نامهﻋ منظوم جا پھريان لفظ وٺي گڏبا ته ”مرزا خسروبيگ“ مرتب ٿيندو.

مخدوم عبدالڪريم صاحب: معلوم نه آھي ته ھي بزرگ اصل ڪٿان جو ھو: ليڪن مير ’مائل‘ جي ھيٺئين قطعي مان ائين پيو معلوم ٿئي ته پنھنجي دور جو فاضل ترين بزرگ ۽ وقت جي مشاھير مان ھو. مير صاحب سان ھن مخدوم صاحب جو به قرب ھو؛ قطعي ۾ مير ’مائل‘ چوي ٿو:

من از پي شوق و ذوقِ ديدنِ يار،

ندارم جز بذکرِ خير او کار؛

خوش آمد ھر طرف خوش باد دائم،

بکارِ خير مردم آن خوش اطوار؛

دلش ز انوار ايمان پر تجلي،

زخش چون مھر تابان پر ز انوار؛

وفاي عھدش از يوفون بالنذر،

د ھد بر صدق عھدش راست اخبار؛

مطيعِ ايزد و ايزد مطاعش،

بود ز آدابِ طاعت بس خبردار؛

علومِ دين حق معلومش از حق،

ز فيضِ علم حق داناي اسرار؛

بجا ھرجا ست ذکرِ نيکيﻋ او،

نکو نامِ جھان و نيک اطوار؛

ديانت پيشور ھر جا به پيشش،

خوش از ترويج دين ست ذکر و اذکار؛

ارادت مند يارانِ صفا کيش،

مريدِ مصطفى و آلِ اطھار؛

لـﮧ مِني بشارات الترقي

لـﮧ مني دعاي خوبي آثار

کجا باشد دعا گويش چو من بس،

ز اخلاصِ دلي ھردم بھر کار؛

رساند کس به وي از ’مائلِ‘حق،

بنامِ حق سلامِ شوق ديدار؛

يقين کز خواندنِ اين شوق نامه،

شود خود ھم ز شوقم اندرين کار؛

موشح کردم اين نامه بنامش،

خدا يا در دو عالم ناميش دار.

ھن نامهﻋ منظوم جي ھر شعر جو پھريون لفظ وٺبو ته ”مخدوم عبدالڪريم“ جو نالو برآمد ٿيندو.

مير غلام محمد ٺٽوي: بياض جي ڪيترن قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٽالپري دور ۾، سنڌ ۽ ايران جي وچ ۾ گهاٽا تعلقات ھئا. سرڪاري ايلچين ۽ وڪيلن کان سواءِ به ھتان جا سرنديءَ ۽ پڄنديءَ وارا ماڻھو ايران عام جام ايندا ويندا ھئا. ايران جي ڪشش لاءِ، امامن جي زيارت جو به ھڪ سبب ھو. ٺٽي جو ھڪ سيد، مير غلام محمد، ايران ويو؛ مير ’مائل‘ سندس واپسيءَ تي قطعو تصنيف ڪيو. ثابت علي شاھه ۽ ٻين جي ايران وڃڻ جو ذڪر مٿي اچي چڪو آھي. اھڙيءَ طرح معلوم پيو ٿئي ته ايران ۽ سنڌ جي وچ ۾ عام جام اچڻ وڃڻ ٿيندو ھو. سرڪاري معاملات کان سواءِ، وڏو سبب زيارتن جو به ھو. مير غلام محمد لاءِ مير ’مائل‘ھيٺيون قطعو چيو:

چو با خوشي خلفِ مير ما علي اصغر،

که در خوشي قدومش دلم چو گل بشگفت؛

بکام طبع معلىﻋ آن گزيدهﻋ آل،

به تته از سفر آمد بخير و خوبي جفت؛

بروز آمدنش طبعم اين چنين تاريخ،

که ”به بجاه غلامِمحمد آمد“ گفت؛

                                                 1225ھه

دگر ”غلامِ محمد بيامده“ تاريخ،

1224+1 = 1225ھه دلم ز پيک فرح با سرِ املِ بشنفت؛

خدا به آل علي جمله کامِ دل بخشد،

دل بکام دلش اين دُرِ دعا خوش سفت.

                                                _ص 104

مير صاحب جي بياض ۾، انھيءَ دور جي چند شاعرن ۽ اديبن جي انتقال جون به تاريخون موجود آھن. ھونءَ ته منجھس اڪيچار تاريخون آھن، ليڪن جنھن صورت ۾ انھن ماڻھن جي متعلق سردست اسان کي ڪابه معلومات فراھم ٿي نه سگهي، تنھنڪري في الحال سڀني تاريخن کي نظرانداز ڪندي، فقط انھن شخصيتن جون تاريخون نقل ڪيون ٿا، جن جي نالن سان سنڌ جي ادبي تاريخ آشنا آھي.

محمد پناھه ”راجا“: ميان محمد پناھه ”رجا،“ ڪلھوڙن جي دور جو صاحب ديوان ۽ صاحب طرز شاعر ھو. اصل ٺٽي جو ھو، ليڪن رھندو مير لطف الله عرف مير متاري(1) وٽ ھو. حيدرالدين مير ابو تراب ڪامل شعر ۾ سندس استاد ھو. مير علي شير ’قانع‘ لکي ٿو:

”بلطف طبع و جودت فکر اِتصاف دارد“_ (مقالات 108) ”در اشعار خوش تلاش، و در تاريخ يابي نادرالفکر، مردي نمکين صحبت آرامي باشد. با فقرا و اھل الله معتقدانه درخور دارد. !کنون تته در صاحب سخنان غنيمت است.“

(تحفـة الڪرام ص 244)

                             3

”بخدمت مير لطف الله عرف مير متاره وزير سنڌ آب وتابي خوب داشته. مدت بمصاحبت بسر برد، و در صحبت آن قدر شناسِ اھلِ کمال، کارھاري نمايان کرده.“ (مقالات 108)

تاريخ گوئيءَ ۾ کيس ڪمال حاصل ھو. سندس ڪيتريون نادر تاريخون ”مقالات“ ۾ درج آھن. صاحب ديوان شاعر ھو. ”مقالات“ جي انتخاب مان، سندس چند شعر نموني خاطر ھيٺ ڏجن ٿا:

نيست غم در بيکسيھا گر نه کس باشد مرا،

تکيـﮧ لطفِ علي و آل بس باشد مرا.

*           *           *

نيم بسمل مگذار اين دلِ بيتاب مرا،

ميتوان کُشت بيکبار چو سيماب مرا.

*           *           *

يک ابر اشک ريز نشد آنقدر که ما،

يک بحر اين نداشت بسامان گهر که ما.

تيغي نکرده قتل شھيدان که چشمه تو،

زخمي نخورد پر جگر خود سر که ما.

برق اين ھمه بخنده نيامد که لعل تو،

ابر اين قدر بگريه نشد چشم تر که ما.

*           *           *

ميدھد بسمل شرف تسکين دل بيتاب را،

بعد کشتن بيقراري مي رود سيماب را.

*           *           *

من و مشقِ نگه بازي، تو و دزديده ديد نھا،

من و نظارهﻋ حسنت، تو و ناز آفريدنھا.

من و محوِ رخت بودن، تو و در جلوه افزودن،

من و بيخويش گرديدن، تو وبر خويش چيدنھا.

بشمشيرِ تغافل نيم بسمل شد ”رجا“ ظالم،

تو و بر پا حنا بستن، من و در خون طپيدنھا.

*           *           *

سيه روزي که لافِ ھمسري با نوخطان دارد،

سراسر موبمو چون زلف در کارش شکست افتد.

کمالِ رفعتِ اقبال را باشد زوال از پي،

دو پاس آخر فروغِ آفتاب از بام پست افتد.

*           *           *

باين حسن و جمال آن بدرِ سيما،

به از يوسف عزيزان ميتوان گفت.

ز لعلش بسکه سرخي مي تراود،

دھانش بيرهﻋ پان ميتوان گفت.

*           *           *

موبمو بشکست آخر اين دل صد چاک ما،

شکوهﻋ زلفِ ترا بر شانه مي بايد نوشت.

*           *           *

حسن صد رنگ بھنگام تماشاي چمن،

رنگ گلزار بيک جلوهﻋ طائوسي ريخت.

*           *           *

در محفلي که ساغر چشمش بدور نيست،

پيمانهﻋ شراب چه مدھوشي آورد؟

بپاي شوق در راهِ طلب ھرچند گرديدم،

ھمان آغاز باشد چون خطه پر کار انجامم.

*           *           *

محمد پناھه ”رجا“ جي انتقال جي تاريخ معلوم نه ھئي. ”مقالات“ ۽ تحفـة الڪرام“ ٻيئي سندس زندگيءَ ۾ لکجي ختم ٿيا. اھا مشڪل مير ’مائل‘ جي بياض آسان ڪئي. مير صاحب سندس انتقال تي ھيٺيون قطعو چيو آھي:

وا دريـــــغا ”رجـــــا“ وفـــــات نـــــمود،       ھر که بشنيد شد حزين و ملول؛

گفت دل سان فوتِ آن مرحوم،        ”ھست مقبول در جناب رسول.“

                                        1197ھه     _ ص 107

ميان محمد اشرف مداح: فارسيءَ جو شاعر ۽ بھترين ڪاتب ھو. ٺٽي ۾ رھندو ھو. مير ’مائل‘ جي ھيٺئين قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مدح نبي سندس شعر جو ميدان ھو. انھيءَ ڪري ”مداح“ تخلص ڪيائين:     

(1)داشت از بس شغل جان مدحِ نبي،

جان ما شاد از محمد اشرف است؛

سال دخلِ او بجنت گفت دل،

”دائما ياد از محمد اشرف است“.

                                     1222ھه

(2) چون محمد اشرفِ ما، زين جھان،

کرد در صحنِ جنان نقلِ مقام،

سال نقلِ او بجنت گفت دل،

جاي اشرف جنت الماوى مدام.

1212ھه    _ ص 107

آخوند غلام محمد سالڪ: ٺٽي جو باشندو، عالم ۽ فارسي زبان جو شاعر ھو؛ مير ’مائل‘ سندس وفات تي ٻه قطعا چيا آھن:

(1)داشت از بس که دخل در تاريخ،

شد چو آخوند ما وصال طلب،

بھرِ تاريخ وصل خود، خود گفت،

که، ”غلامِ محمدم بادب“.

1222ھه

(2)آخوند ما غلام محمد که سالک است،

در سلک سالکان شده چون متصل بدوست،

ذکر سلوکش آمده از بسکه غم فزا،

”ھي ھي غلام سالک“ تاريخ وصل اوست.

1222ھه       _ ص 107

پھرئين قطعي مان معلوم ٿيو ٿو ته آخوند صاحب کي تاريخ گوئيءَ ۾ مھارت خاص ھئي.

سيد محمود عرف سيد پيرو شاھه: سيد صاحب، ٺٽي جي مشھدي ساداتن مان ھو. سيد محمد اشرف سندس والد جو نالو ھو. مير ’مائل‘ جو ماسڙ ھو. مير ’مائل‘ ھيءَ نادر تاريخ سندس انتقال تي ڪڍي:

”اللھم صلي علي محمد الاشرف والال المحمود ابدا“. _ ص 108

                            1216ھه

ڄام بجار جوکيو: ڪلھوڙن جي دور ۾، بجار جوکيو وڏو بھادر ۽ جوان مرد ٿي گذريو آھي. بجار جوکيي، ميان غلام شاھه جي اشاري تي ڌاراجه (تعلقو ميرپور ساڪرو) جي راءِ کي قتل ڪري ڇڏيو، جنھن کان پوءِ اھو علائقو ڪلھوڙن جي قبضي ۾ آيو، ۽ ڪلھوڙن، بجار کي ڄام جو لقب ڏيئي، کيس حب نديءَ کان وٺي گهاري تائين جو علائقو رھائش لاءِ ڏيئي ڇڏيو. ڪراچيءَ کان ٺٽي جيڪو واپاري مال ايندو ھو، ان جي محصول اڳاڙڻ جو به ڄام کي اختيار ڏنو ويو. جوکيه قوم، راجپوت نسل مان آھي، ۽ مڪران کان آيل ٿي ڏسجي. ڄام بجار جي سرڪردگيءَ ۾ مٿي بيان ڪيل علائقي ۾ ھنن پنھنجو وڏو اثر قائم ڪيو. ڄام بجار 1211ھه ۾ انتقال ڪيو، ۽ مير ’مائل‘ سندس وفات جي ھيٺين تاريخ تصنيف ڪئي:

”دادند جام رضوان با جام“ ھاتفم گفت.

1211ھه                _ ص 108

(2) قديم آثار، مقبرا، مسجدون ۽ قلعا.

مير ’مائل‘ جي بياض ۾ اسان کي ڪيترا قطعا ملن ٿا، جن ۾ تاريخي جاين جي مرمت، درستيءَ ۽ تعمير جون تاريخون ڏنل آھن. انھن قطعن مان معلوم ٿئي ٿو ته ٽالپرن خواه انھيءَ زماني جي ٻين سرنديءَ وارن، تاريخي عمارتن ۽ قلعن ٺھرائڻ ۽ قديم آثارن ۽ مقبرن ۽ مسجدن جي تحفظ، ۽ مرمت ۾ انتھائي فراخ حوصلگيءَ کان ڪم پئي ورتو.

ٽالپرن کي عمارتن جي تعمير جو خاص شوق ھو. ھنن ڪيترا مضبوط ۽ مستحڪم قلعا ٺھرايا، سير تفريح جون جايون، مسافرخانا ۽ باغ تيارڪرايا، ۽ پنھنجي رھائش لاءِ بھترين شاهي محل اڏايا. انھيءَ دؤر جي ڪيترن شاعرن جي ديوانن مان، اسان کي تاريخي قطعن جي ذريعي، انھيءَ قسم جي معلومات ملي ٿي. ٽالپرن جي حالات مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته کين چند ڳالھين سان خاص شوق ھو: شڪار، ھٿيار، ھيرا جواھر، علم، عمارتون ۽ باغ _ اھي شيون سندن خاص شوق جون ھيون.

مير ’مائل‘ جي بياض مان جن آثارن جي مرمت ۽ تعمير جا قطعا ملن ٿا، انھن جو ذڪر ھيٺ ڪيون ٿا.

مسجد خصري: اھا مسجد اڄ به ٺٽي ۾ پنھنجي اصلي حالت ۾ مضبوط، مستحڪم، جيئن جو تيئن موجود آھي. انھيءَ مسجد کي ٺٽي جي مغل ڪاموري، مير عبدالرزاق ”معموري“ معروف به نواب مظفر خان جھانگيريءَ، ٺھرايو. اتي انھيءَ زماني ۾، ٺٽي جي مشھور ”گودڙي بازار“ ھوندي ھئي. اڄ خبر نه آھي ته مسجد سان لڳ جيڪا بازار آھي ان کي ڇا ٿو سڏيو وڃي.

مرزا غازي بيگ ترخان جي انتقال (1021ھ) بعد، مرزا رستم صفوي ٺٽي جو گورنر ٿي آيو. ساڻس گڏ مير عبدالرزاق ”معموري“ به جمعداريءَ(1) جي عھدي تي مقرر ٿي آيو، جنھن 1022ھه ۾، اھا خوبصورت مسجد، پنھنجي نالي قائم رکڻ لاءِ، گودڙي بازار ۾ ٺھرائي. مسجد مغليه طرز تعمير تي ٺاھيل آھي. مسقف عمارت ٽن گوشن ۾ تقسيم ٿيل آھي ۽ مٿان ٽي گنبذ اٿس. مسجد ۾، ٻاھر ڪشادو ٽائليس جي فرش سان ايوان آھي، ايوان جي اترئين طرف ۾ 10 فوٽ کن اوچي ٿلھي تي وضوءَ لاءِ تلاءُ ۽ ان جي پاسي ۾ سايه دار ڇٽي آھي. مسجد جو داخلي دروازو بازار ۾ کلي ٿو. مسجد جي اندر خوبصورت ڪاشي ڪاريءَ جو ڪم آھي. غالباً ھر زماني ۾ ان جي مرمت ٿيندي آئي آھي، جنھن ڪري اڄ به بلڪل نئينءَ حالت ۾ ڏسجي ٿي.

مسجد جو محراب پنج گوشو آھي؛ ھر گوشي جي پيشانيءَ تي خوبصورت طغرائي خط ۾ آيات قرآني اڀريل اکرن ۾ اڪريل آھن: آخري ٻن گوشن تي ھي ڪتبو آھي:

(1) خاک آستانِ حضرت نبوي صلي الله عليـﮧ والسلم، عبدالرزاق

(2) الحسيني المعموري الملقب بمظفر خان بتاريخ اتمام شد.

1022هه

مير عبدالرزاق(2)، عالم فاضل ۽ فارسيءَ جو زبردست شاعر ھو. ”معموري“ سندس تخلص ھو. شاعرن جي ھميشـﮧ سرپرستي ڪندو ھو. چنانچه ٺٽي ۾ عبدالقيوم ”ظريف“ شاعر ۽ ميان دانشور ”شھري“ وٽس رھندا ھئا. مير عبدالرزاق جي، سنڌ جي سلسلي ۾، ھڪ رباعي مشھور آھي:

يکچند درين سند پريشان گشتم،     گفتيم گران شويم، ارزان گشتيم؛

در طـــــالع مـــــا کساد بازاري بود،       آئينه فروش شھر کوران گشتيم.

مظفر خان مسجد ٺھرائي، ۽ خدا جو شڪر، جو اڄ تائين اھا قائم رھندي آئي آھي، جنھنڪري اسان کي اھو به معلوم ٿئي ٿو ته انھيءَ بازار جو اڄ کان چار سؤ ورھيه اڳ ڇا نالو ھو! انھيءَ قسم جي تاريخي شواھدن کي جيڪڏھن مرتب ڪبو ته ٺٽي جي قديم شھر جو اڄ به سڄو نقشو تيار ڪري سگهبو.

مير ڪرم علي خان انھيءَ مسجد جي تمام چڱيءَ طرح مرمت ڪرائي. مير ’مائل‘ خوشيءَ وچان ٽي قطعا جوڙي راس ڪيا. مير ڪرم علي خان وٽ سون رپئي جو خزانو ھو؛ ھن مسجد کي مرمت ڪرايو: اسان جو شاعر سون رپئي کان خالي، ليڪن شعر و سخن جي دولت سان مالا مال ھو، تنھن قطعا تيار ڪيا: مير صاحب جي مرمت ڪرائڻ جي اڄ ڪنھن کي خبر ڪانه پوي ھا، جيڪڏھن مير ’مائل‘، پنھنجي قطعن جي ذريعي، مير صاحب جي انھيءَ عمل خير کي زندگي جاويد نه بخش ھا:

(1)چون مير ما کرم علي آن شاه حق شعار،

کز حق موفق آمده في الخير بر مزيد؛

اکنون بصد کرامت ترميم نو بخير،

داده جلاي تازه باين مسجدِ مجيد:

تاريخ اين مبارک ترميم دل ز غيب،

”خيرِ کرم بداده بمسجد جلا“ شنيد:

                                                         1229ھه

خيرِ کرم بداده بمسجد چه زيب بهه،

ديگر بدل زغيب بال ندارسيد،

هم سال آن ز لفظ ”بجا خير تازه“ دل،

1229ھه

روح المقدس پئي مطالعه احباب بر کشيد:

يا رب بحق خوبيﻋ اين تازه خير شاه،

بادا بخير تازه ز اکرام مستفيد!

                                               _ص 83

(2)اخيﻋ دھر و کرم يار زمان مير کريم؛

که بوصفِ کرم از نام علي داد نمود؛

ديده اين مسجد حق منھدم و افتاده،

ساجداً لله في پي شغل صلواة معبود؛

حاليا طرفه ز تعمير بناي او دل،

از شرف بخشيﻋ ترميم جلايش افزود؛

سال ترميم بخيرش که بود خير کرم،

”خير مسجد بکرم آمده“ سالش برمود؛

                                                1229ھه

باد ازين خير کرم ’مائل‘حق بر بابش،

داعيﻋ خير شھهِ ذولکرم از ربِ ودود.

                               _ 84

(3)يافت اين مسجد چو از خيرِ شھهِ بزم کرم،

آنکه تعميرِ مساجد خيرش آمد ماه و سال؛

حالي از ترميم نو خوشتر ز تعميرِ قديم،

بھرِ شغلِ مومنين زيب و صفائي لايزال؛

طبع داعي ديده اين ترميم با خير از کرم،

”باد از اھل کرم خيرِ مساجد“ گفت سال:

1229ھه

”باد اين مسجد ز ترميم کرم بازيب و زين“،

1227ھه سال آن با باي بسم الله اکر آمد بقال:

2         1227+2 = 1229ھه

باد دائم في الصلوات الخمس چو ’مائل‘ بحق،

ھر مصلي سائل خيرش ز فضل حق تعال!

                                                  _ ص 84

ٻئي نمبر قطعي مان معلوم ٿئي ٿو ته مسجد منھدم ٿي ويئي ھئي، جنھن کي مير صاحب نئين سر ساڳيءَ طرح مرمت ڪري، نئين زندگي بخشي. موجوده حالت مان اندازو ٿئي ٿو ته محراب ۽ مسقف عمارت ساڳي پھرينءَ تعمير واري آھي؛ ممڪن آھي ته بيحد خسته ٿي ويئي ھجي ۽ ٻاھريان حصا منھدم ٿي چڪا ھجن، جن کي مير صاحب نئين سر تعمير ڪرائي، سڄيءَ مسجد کي نئون ڪري ڇڏيو. مير صاحب کان پوءِ به مسجد جي وقت بوقت، مرمت ٿيندي رھي آھي، جيئن ته اڄ به ڄڻ نئين بيٺي آھي. مسجد ۾ سواءِ مير عبدالرزاق واري ڪتبي جي ٻيو ڪوبه ڪتبو ڪونه آھي.

جامع مسجد: ٺٽي جي جامع مسجد، شاھجھان جي دور ۾، ٺٽي جي گورنر، مير ابوالبقا امير خان(1)، ٺھرائي. اڄ اگرچه خسته حال ۽ ھاڻوڪن مسلمانن ۽ ھاڻوڪي اسلامي حڪومت جي زبون حاليءَ تي مرثيه خوان آھي، تاھم اڄ به ان جي ساخت، طرز تعمير، شڪوه، ڪاشي ڪاريءَ جو باغ و بھار ڏسڻ وٽان آھي. آثار قديمه جي ماھرن جو قول آھي ته ڪاشي ڪاريءَ جو جوڙجڪ جيڪا ھن مسجد ۾ ڪئي ويئي آھي، تنھن جو مثال ايران ۾ به ڪونه ٿو ملي. اڄ مسجد جي حالت زبون آھي بعض حصا ته تقريباً زمين دوز ٿيڻ تي اٿس. سنڌ جي حڪومت، ڪيترن سالن کان ڍل جي ذريعي، سنڌ جي مسلمانن کان لکين رپيا مرمت جي بھاني تي ورتا آھن، ليڪن معلوم نه آھي ته اڃا ڇو کين ٻي ڪا توفيق ڪانه ٿي آھي! جيڪڏھن خدانخواسته اھا مسجد شھيد ٿي ويئي ته ثقافت جو ھڪ وڏو نشان سنڌ مان ھليو ويندو.

محڪمه آثار قديمه جي رپورٽ (نمبر 8، طبع بمبئي، 1879ع) مان معلوم ٿئي ٿو ته انھيءَ مسجد تي 9 لک رپيا، شاھجھان جي حڪم سان، امير ابوالبقا خرچ ڪيا ھئا. مسجد جي ڪرسي ۽ بنياد پٿر جا آھن، باقي مسجد پڪين سرن سان تعمير ٿيل آھي. ڇت ۾ ننڍا وڏا جملي 92 گنبذ اٿس، جن مان ٽي گنبذ وڏا ۽ مرڪزي آھن. انھن گنبذن جي اندران ڪاشيءَ جي چٽسالي، نھايت چابڪدستيءَ سان ڪئي ويئي آھي. سرون اھڙيءَ خوش مذاقيءَ سان ملايون ويون آھن، جو سڄي مسجد باغ و بھار بنجي ويئي آھي. وچين عمارت جو رقب 305 170 فٽ آھي. مسجد ۾ چار تاريخي ڪتبا آھن، جيڪي ھيٺين ڪاتبن جا لکيل آھن:

1_ عبدالله، سنه 1068ھه.

تحفـة الڪرام انھيءَ ڪاتب جو ذڪرخطاطن جي زمري ۾ ڪيو آھي؛ سندس نالو آھي سيد عبدالله حسيني؛ کيس ”نازڪ رقم“ جي خطاب سان ياد ڪيو اٿائين.

(2)شيخ محمد فاضل.

تحفـة الڪرام لکيو آھي: ”والد شيخ محمد، معاصر عھد شاھجھان، در کتبه نويسي خط ثلث نادره زمان زيسته.“ شيخ فاضل جي پٽ جو نالو به محمد ھو، جيڪو پڻ صاحب تحفـة الڪرام جي قول مطابق ”در کتبه نويسي مثل پدر مھارت مي افراشت.“ ص 241/3

3_ عبدالغفور، سنه 1057ھه.

4_ سيد علي، سنه 1104ھه.

تحفـة الڪرام ھن لاءِ لکيو آھي ته ”سيد علي بن عبدالقدوس، مارﱞندراني، در خط ثلث و نسخ وسائر خطوط نظير سيد علي معروف بوده، شاگرد مخدوم الياس(1) خوشنويس است، که بشاگرديش بسا بزرگ بخوش نويسي نامي اند“.(200/3)

5_ ڀنڀو بن حسن.

6_ طاھر بن حسن ڪاتب.

تحفـة الڪرام ۾ آھي ته ”سيد حسن خوشنويس در عھد ترخانيه (962_ 1021ھه) بفنون خوش نويسي ماھر وقت زيسته، پدرش سيد محمد طاھر جامع ھفت قلم معروف انام گذشته.“ ص 241/3

مسجد ۾ قديم ڪتبا ھيٺينءَ طرح آھن:

مشرقي ايوان جي مغربي دروازي جي اندروني ۽ بيروني طرفن ۾ ڪتبا آھن؛ اندرئين طرف جو ڪتبو طاق سان گڏ ٽن ٽڪرن ۾ بخط نستعليق آھي:

بـادشـــــاهِ زمـــــانه شـــــاه جـــــھان، جـــــامـــعِتــته دلکشا پرداخـــــت؛

مـــــرتفع جـــــامعي که گنــــبد او، ســـايه بر قبـﮧﻋ سما پرداخـــــت؛

خاصه بھرِخــدائي ظـــــلِخـــــدا،   خانـﮧﻋ رحــمتِ خدا پرداخـــــت؛

فرش جامع بحکم شاه جھان، زبدهﻋ آل مــصطفى پرداخـــــت؛

رضويﻋ انتساب مـــير جــــــلال، که وزارت از و صفا پرداخـــــت؛

گشت فرشي که سنگ آن ز صفا،     رشک جام جھان نما پرداخت؛

ســـــال تعمير آن د_ بـــــير خرد، ”فرش مطبوع ودلکشا“ پرداخت؛

                                       1068ھه

ھن ڪتبي مان سنگين فرش جي ھڻائڻ جو سال نڪري ٿو، جنھن کي مير جلال رضوي وزير ھڻايو. فرش ايترو لسو ۽ چمڪدار ھو، جو ڄڻ جام جھان نما ھو: اڄ انھيءَ فرش جي جيڪا حالت آھي، سا ھرڪو ڏسي سگهي ٿو.

طاق جي اندرئين طرف، خط ثلث ۾ ھي ڪتبو آھي:

تبارک الزي نزل الفرقان ......... (تا) ............ انـﮧ غفور الرحيم صدق الله صدق الله العلي العظيم.          شيخ محمد فاضل.

انھيءَ طاق جي کٻي ۽ سڄي، بخط نستعليق، ھي ٻه ڪتبا آھن:

(1)چون ز صاحب قران شاھجھان،     يـــــــافــــــت تـــــرتـــيب مــسجدِ اعلى،

(2) ھاتفم گفت سال اتــمامش،       ”گشت زيبا چو مسجد اقصى“.

                                             1057ھه

                                        _ مشقه عبدالغفور.

مغربي مسقف حصي ۾، ٻاھرئين طرف کان، بخط ثلث ھي ڪتبو آھي:

لقد صدق الله رسولـﮧ الرؤيا ...... (تا) .......... مغفرة و اجرا عظيما.

کتبه سيد علي بن سيد عبدالقدوس، 1104ھه.

 

محراب جي مٿان جو ڪتبو بخط ثلث ھي آھي:

اقم الصلواة .......(تا) ......... زھوقا.

                               مشقه العبدالفقير بنبو بن حسن.

انھيءَ حصي جي وڏي گنبذ جي ھيٺان عمارت مثمن آھي، انھيءَ مثمن جي پاسن تي بخط ثلث لکيل آھي:

      سبحان الذي اسرى .......... (تا) .......... عذابا اليما.

                              ڪتبه فقير طاھر بن حسن ڪاتب.

صحن جي اترئين ۽ ڏاکڻي طرفن جي وچ ۾ ٻه ايوان آھن، اترئين ايوان جي ٻاھرئين طرف کان آيات قرآني اڪريل آھن، ۽ ڏاکڻي ايوان جي اندران مغربي ديوان تي ھيٺيون ڪتبو نستعليق خط ۾ پٿر تي اڪريل آھي:

نديده چشم فلک مسجدي بدين خوبي،

که آمدند ملايک براي ديدن فيض؛

بجستم از خرد و عقل سال تعميرش،

بديده کرد اشارت که ”ھست معدن فيض“.

                                                1054ھه

ڪتبن جا سال ترتيبوار ھن طرح آھن: سنه 1054ھه _ سنه1057ھه _ سنه 1068ھه _ سنه 1104ھه . محڪمهء آثار قديمه جي ماھرن انھن ڪتبن مان ھي نتيجو ڪڍيو آھي ته 1054ھه ۾ عمارت ٺھڻ شروع ٿي، 1057ھه ۾ ختم ٿي، شاھجھان جي آخري سال 1068ھه ۾ مير جلال فرش ھڻايو، ۽ عالمگيري عھد جي 1104ھه ۾ انھيءَ ۾ ڪي ترميمون ٿيون.

انگريزن جي دور ۾ انھيءَ مسجد جي ٻه دفعا مرمت ٿي: ھڪ دفعو سر بارٽل فريئر 1272ھه (1855ع) ۾ ڪرائي، ۽ ٻيو دفعو مسٽر جيمس ڪمشنر جي زماني ۾ 1311ھه (1894ع) ۾ ٿي. منھنجي نظر مان مخدوم محمد ابراھيم ”خليل“ نقشبنديءَ جو بياض گذريو، جنھن ۾ ھڪ خط جو نقل ھو، جيڪو مخدوم مرحوم، ٺٽي جي عوام طرفان مير علي مراد خان ٽالپر واليﻋ خيرپور ڏانھن انھيءَ مسجد جي مرمت لاءِ لکيو ھو؛ معلوم نه آھي ته مير صاحب مرمت ڪرائي يا نه: ليڪن مير ’مائل‘ جي بياض مان معلوم ٿئي ٿو ته مير مراد علي خان پنھنجي دور ۾ چڱيءَ طرح انھيءَ جامع جي مرمت ڪرائي. مير ’مائل‘ پنھنجي بياض ۾ انھيءَ مرمت تي چار قطعا نقل ڪيا آھن:

(1)وه اين مسجد شاھي آنگه سالش     به ”معدن فيض“ پيش ازين؛

                                      1054ھه

در حال ز فــيض رشـــــد تـــــازه،  از دولـــــت مـــــير نيــک آئيــن؛

کز نام علي مراد يــــــــابـــــست، دائـــــم بــه بقاي دولت و ديـن؛

از فـــــيض مـــــراد تازه ترمـــــيم، بــگرفت بکام دل چو تزئين؛

فرمود سروش غيبم اين سال،  ”اين معدن فيض حاليا بين“.

                                       1227ھه     _ص 82

(2) باز از مسجد و شرف اين جامع شاھي گرفت،

با ھزاران زيب و زينت تازه تزئين الرشاد؛

گفت طبعم در دعا تاريخ ترميمش چنين،

”باد دائم امجدِ اين جامع ز ترميمِ مراد“.

                                        1227ھه     _ ص 82

(3) حسبـة للـﮧ بکام آنکه في الليل و النھار،

دارد از شوقِ دلي شغلِ عبادت دل نھاد؛

بر مراد طبعِ بھر اين مسجد حق کز قديم،

دارن از سعي مفابا کعبـﺔالله اتحاد

دارد باصد زيب و زينت تازه تزئين الرشاد؛

چون بترميم مراد از نوچو تعمير قديم،

داد باصد زيب و زينت تازه تزئين الرشاد،

در خوشي خوش سال ترميمش سروش غيبي گفت،

”آمده نو باز ايب مسجد ز ترميمِ مراد“:

                                                1227ھه

ديده ھر کس بر مراد طبعش اين ترقيم خير،

از جزاک الله خيرا صد نويدِ کام دل؛

تا بود ”مائل“ بيادِ حق قلوب المومنين،

ورد شان دائم در اين مسجد دعاي مير باد.

                                                _ص 82

(4) شکر حق کز پيرويﻋ سنت ختم الرسل،

آنکه واجب کرد تعمير مساجد بر عباد؛

رونقِ عباد دوران مير نام آور که او،

دارد از نامِ علي حاصل بدوران ھر مراد؛

...........................................................

...........................................................

ھيءَ جامع مسجد، محلي ڀائي خان ۾ آھي، ۽ جتي مسجد آھي، ان پٽ کي انھيءَ زماني ۾ چوڪ امان ۾ چوڪ عبدالغني ڪري سڏبو ھو: ھن وقت نه اھو محلو انھيءَ نالي سان آھي، نه چوڪ امان ۽ چوڪ عبدالغني موجود آھن _ خدا جو شان آھي(1).


(1)  ميان محمد صالع جنگ مان بچي آيو. کيس هڪ پٽ ٿيو، جنهن جو نالو محمد اسحاق هو. ان کي سومر نالي پٽ ڄائو، جنهن کي ٻه پٽ، ڦوٽو ۽ وڪيو، ٿيا، جيڪي ٻيئي هن وقت حيات آهن، ۽ هوسڙيءَ طرف پاٽون ۾ پنهنجي زمين تي رهن ٿا. (مرزا احسن ڪربلائيءَ کان ورتل احوال).

(1)  حيدرآباد ۾ ٽاليون جي مقبري جي سامهون، اوڀر ۽ اتر جي ڪنڊ ۾، مرزا خسرو ۽ سندس پويرن جو قبرستان آهي: مرزا مٿي ٿلهي تي پٿر جي ڇٽيء هيٺ آهي؛ مٿس هي ڪتبو آهي: ”وفات مرحوم خسروبيگ 2 ماه جمادي الثاني، 1277هه“. انهيءَ مزار جي اڀرندي پهلوءَ ۾، هيٺ زمين تي: سندس پٽ مرزا ولي محمد جي مزار آهي، جنهن تي ڪتبو آهي: ”تاريخ مرحوم جنت آرامگاه مرزا ولي محمد بيگ_ 29 شعبان 1289هه“. مرزا ولي محمد جي سيرانديءَ کان سندس ڀاءُ محمد رحيم جي مزار آهي، جنهن تي ڪتبو آهي: ”وفات مرحوم مغفور جنت آرامگاه جناب آقا محمد رحيم بيگ مرزا، خلف الرشيد مرحوم مغفور امير ڪبير خلد آشيان، آقا خسروبيگ مرزا گرجي، بروز شنبه، بتاريخ نهم رجب المرجب، 1223هه“.

(1)  مير لطف الله عرف مير متارو ولد سيد عبدالڪريم، شاهه صدر لڪيءَ واري جي اولاد مان هو. پنهنجي دﺆر جو امير ڪبير ۽ صاحب تدبير ۽ سياست هو. ابتدا ۾ دهليءَ جي طرفان هتي وڪيل هو، ۽ پوءِ ميان نورمحمد جي زماني ۾ سندس وزير ٿيو. ”تحفـﺔ الڪرام“ ۾ آهي ته ”نام نيکو بسلوک عام و خاص ياد گار مانده، در ايام دولت باسترضا و تهشيت مهام سادات و اکابر و علما توفيق وافي بافته نام آور سند و هند بر آمد“ ص   139 . 1161هه ۾، انقال ڪيائين. ميان محمد پناهه ”رجا“ سندس دامن

                                      3

دولت سان وابسته هو، ۽ سندس انتقال جي تاريخ چيائين:

هر که آمد برسرِ قبرش  بتاريخ وفات،

”رحمتِ ايزد بجانِ مير لطف الله“ گفت.

                                                                                 1161هه

(1)  جمع داري: مالي محڪمي جو مهتم.

(2)  معموريءَ جو حال تحفـﺔالڪرام ص 96/3 ۽ مائرالامرا ص 376/3 ۾ ڏسڻ گهرجي.

(1)  امير ابوالبقا ۽ سندس خاندان تي منهنجو مفصل مضمون، انجمن ترقي اردوءَ جي رسالي ”اردو“ ۾ پڙهڻ گهرجي.

(1)  مخدوم الياس خوش نويس بن مخدوم يوسف در خط نستعليق و نسخ مهارت کلي داشته به استادي وقت مشهور، شاگردان رشيد مثل سيد علي از و بهرور فن کمال شدند“. تحفـﺔالڪرام ص 241/3

(1)  محلو ڀائي خان، مرزا خسروبيگ چرڪس جي پٽ لطف الله عرف ڀائي خان جي نالي تي هو. ڀائي خان جو خطاب، مرزا غازيءَ کيس ڏنو هو. ”چوڪ امان“ ملڪ محمد امان جي نالي تي هو، جيڪو مرزا جانيءَ جي اميرن مان هو، ۽ چوڪ کي چوڪ ”ملڪ مان“ ڪري سڏيندا هئا: ”امان“ لفظ مان ”الف، حذف ڪري ڇڏيندا هئا. اهو چوڪ، محلي ڀائي خان ۾ چوڪ عبدالغنيءَ سان گڏ هو. چوڪ عبدالغني غالباً اهو آهي جنهن ميدان کي هاڻي ”پلنگ پاڙو، سڏين ٿا ۽ جتي هن وقت هڪ وڏو پلنگ پيو آهي. مسجد امير خاني، جيڪا مسجد جامع جي اترئينءَ ڪنڊ تي 200 کن قدمن جي مفاصلي تي آهي، سا ان وقت بلڪل چوڪ امان جي وچ ۾ هئي؛ ۽ ديوار سان لاڳيتو گهر شيخ مريد قانون گو جو هو: اڄ اها مسجد به زبون حالت ۾ ويران پيئي آهي. هيءَ مسجد، مير ابوالبقا امير خان جي ڀاءُ مير عبدالڪريم امير خان ٺهرائي هئي، انهيءَ جاءِ تي هندن جو هڪ ٽڪاڻو هو، جنهن کي ڊهرائي اها مسجد ٺهرائي ويئي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50  51 52 53 54 55 56 57 58 59 60
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com