انهيءَ هندو مسلم تلخيءَ جي لپيٽ ۾ ڀانئجي ٿو ته ٺٽي جا سادا
زياده اچي ويا آهن. سيد صاحب جا ٻه طولاني قصيدا
نهايت دلچسپ آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته هندو سڀ
متحد هئا؛ مسلمانن ۾ نفاق هو؛ ساداتن سان هندن جو
خاص دشمنو هو؛ ٺٽي جي شهر جو صوبه دار هڪ هندو هو،
جنهنڪري هندن جون دليون وڌي ويون هيون. پهرئين
قطعي جو عنوان آهي: ”قطعه گذارش، که در ايام خرخشه
چهته هندو کلالي ، و تقويب کفاران و عدم اتفاق
مسلمان، و داد خواهي، اين گذارش نموده بود“،
داد بخشـا ز ظلـــــم اعـــــدا،
داد! بـــــشـــــنو از اهـــــلبــــيت اين
فرياد!
بـــــرســـــر، آل پـــــاک مصطفوي،
کم نبوده است ظلم پورا زيـــاد؛
که کـــــنون باز کـــــافران عـــــنيد،
ظـــــلـــــم
هـــــاي کـــــنند بــــــــر اولاد؛
گهه به بي حرمتيﻋ وگاه به شتم، حـــــرمـــــت آل مـــــي دهند بـــه
باد؛
زان تظلم که مي رود بر مــــــــا،
خــــــــــانـﮧ
ظلـــــم شـــــد ز نو آبـــــاد؛
گوئيا نيست مومني در شــهر،
که با آل ٖ نـــــبـــــي کـــــنـــــد امــداد؛
مومنان که مانده انــــد کـــــنـــــون، رفته از ياد شـــان
طـــــريـــــق و داد؛
کافران جمله در رفـــــاقـت هـــــم،
مـــــسلمانان
همه بـــــهم بـــــفـساد؛
چه بـــگويم ز ظلـــــم ٖ کـــــفاران،
غـــــيـــــر
از آه و نـــــالـــــه و فــــــريـــــاد؛
حــاکم شــهر هست چون کافر،
مـــــي نـــــمـــــايـــــد بـــــکافــران
امداد؛
در دل آزاريﻋ مـــــسلـــــمـــــانــــان، ســـخت دل همچو تيغهﻋ
فـــــولاد؛
حکم حق جاري است برهمه کس، اين حکومت باين خبيث که داد؛
ورنه در عهد داد بخشيﻋ مير،
هيچ
جا نيست اين چنين بيداد؛
شـــــد کجـــــا اجــتماع اين امت،
بود آن هــم مـــــگـــــر پـــــيﻋ اولاد؛
کافران جمله يک دل و يک جان، مـــــسلـــــمـــــانـــــان همه ز
هـــــم آزاد؛
ازديانت چو نيست غير از نام،
کي شود کس به امر ايـــــن منقاد؛
الحق از اهل بـــيت مصطفوي،
خانه اي نيست در جـــــهان آبـــــاد؛
عالمان هم در اختلاف هم اند، من ندانم چه اخـــــتـــلاف
افـــــتـــــاد؛
علم غير از عمل نيايد کـــــار،
کار علما ســـــت از چرا افـــــســـــاد؟
قاضيﻋ ما ست در قضا حيران، از قـــــضـــــا و قـــــدر نـــــدارد
يـــــــــــاد؛
محتسب در حساب اخذ و جر است، نيست يادش کــنون حساب معاد؛
مفت فتويٰ نمي دهد مـــــفتي،
هســت فـتويٰ از و که چيزي داد؛
خوشتر آن کس که رفت ازين عالم، گـــــوئـــــيـــــا شـــــــد ز قيـــد
غم آزاد؛
جمله ازخوف اجـــــتمــــــاع هـــــنــــود جـــــز صبـــــوري نمي
کنند ارشـــــاد،
تـــــابـــــکي صبــر مي توان کردن، بـــــر جـــــفا ؤ
ســـــتيـــــز اهـــــل عــــناد؛
گر چنين است حال مــا مـــــردم، بعد ازان ما و داد ايــــــن
بـــــيـــــــداد؛
اين قضيه که رفته است ز قضا، کـــــه قـــــضـــــا ؤ قـــــدر
نـــــــدارد يـــــاد؛
عرض اين حال در حضور شريف، دوش در خواب شد مـــــرا ارشــــــــاد؛
که رساند کســـي بحضرت مير، از دل اهـــــلـــــبـــــيت ايـــــن
فـــــريــــــــاد؛
تـــــا بـــــتائـــــيـــــد امـــــر ديـن متين، اهل دين را
بـــــجـــــان نـــــمايد شاد؛
جهـــد بـــــايد بـــــسعي رونق دين، زانکه سعي است بکار دين چو
جهاد؛
تـــــا در اســـــلام آرد آن کـــــافـــــر، آنــــکـــه دشنــــام
بهـــر سيـــــد جلال
يـــــا کـــــند امـــــر قــــتل در حق او، يا برحمش کـــــنـــــد
بـــــمـــــا ارشـــــاد؛
تـــــا شـــــود تـــــقـــويت بدين متين، هم بگيرند عبرت اهـــل
عـــــنـــــاد؛
”قـــــاتـــــلـــــوا“ اهـل کفـــــر در قــران، هست در شان اهل
کـفـــــر ارشـــــاد؛
حکم قتل است براي آن کافر،
آنکه بر طعن دين زبان بـــــکشاد؛
نيست طعني چو سب آل نبي، طبق قول ٖ نبي به استـــــشـــــهـــــاد؛
زانکه تعذير و حبس و ضرب شديد، هســـــت
در شان کلمه گـو ارشـــــاد؛
چـــــه بـــــگويـــــم ز مــــفسدان دگر، کار شان دائما ست فسق و
فـــــساد؛
”تيجن“ و ”گهچن“ اند مفسد دين،
آن چو فرعون و اين دگــــر شـــــداد؛
مفســـــدان را ســـــــزا بــــــــــود لازم، تا فساد از مـــــيان
شـــــود بـــــربـــــاد؛
هست در شان اين جماعت دون، گـــــوئـــــيـــــا آيــــــﮧﻋ
”لباالــمرصـــــاد“؛
شو درين غم دلا تو ’مائل‘حق، بـــــعـــــد ازيـــــن ما ؤ هرچه بادا
باد؛
بعد ازين در دعــاي دولـــــت وي، مـــــيـــــتـــــوان تـــــازه
کـــــرد اســتعداد؛
باد دائم بــــمير فـــــتـــــح عـــــلـــــي، فـــــتـح و نصرت ز
شاه دين امداد؛
زانکه از جان و دل بود آن مير،
هـــــم
غـــــلام عـــــلي و هـــــم اولاد؛
باد مـا ان امـــــيـــــر بـــــزم کـــــرم، از عـــــلـــــي
مـــــرﱞدهﻋ حـــــصــول مراد؛
بـــــاد از يــــمن داد بخشيﻋ مير، بـــــــاد مـــــا مرﱞدهﻋ
مـــــبـــــارک بـــــاد؛
بارک الله في ديانت مير،
بهر ما در دعاش بادا ياد؛ _ص50_52
ساداتن ۽ هندن جو تنازعو، مير فتح علي خان جي زماني ۾ ٿيو.
مٿئين قطعي مان انهيءَ زماني جي ٺٽي جو پورو
اندازو ٿئي ٿو. حسب دستور هندو سڀ متفق هئا، ۽
مسلمان هميشه جيان پاڻ ۾ دست وگريبان. شهر جو حاڪم
ان وقت هندو هو، جنهن جي موجودگيءَ هندن جي اتحاد
۽ اتفاق کي تقويت پهچائي هئي. مير صاحب چوي ٿو ته
’هتي اهڙو ظلم ڇو ٿيو آهي؛ ڪنهن هن کي مقرر ڪيو
آهي؛ ٻين شهرن ۾ ته مير صاحبن جي عدل ۽ انصاف جي
هاڪ آهي!‘ علمائن جي حالت بيحد خراب هئي؛ سو
ميرصاحب، مايوسيءَ مان، پاڻ کان سوال ٿي پڇي:
علم غير از عمل نيايد کار، کار علماست از چرا افساد؟
شهر جو قاضي حيران هو. انهيءَ حد تائين جو کانئس قضا جا ڪتاب به
وسري ويا هئا. محتسب پنهنجي حساب ڪتاب ۽ اوڳاڙيءَ
جي جمع خرچ ۾ مشغول هو. مفتيءَ جي حالت هيءُ هئي
جو جنهن ڪجهه هٿ تي رکيو ٿي، ان جو ٻيڙو پار هو؛
غريب غربي ۽ مفلس داد خواهن جو ٻيڙو لهرين ۽ لوڏن
۾ هوندو هو. مير صاحب چوي ٿو ته’حالتون ايتريءَ حد
تائين مايوس ڪندڙ ٿي ويون آهن، جو هن وقت مري جان
ڇڏائڻ ۾ زياده مصلحت آهي،_
خوشتر ان کس که رفت زين عالم، گوئيا شد ز قيد ٖ غم آزاد.
اهلبيتن سان انهيءَ هندو عملدار جو سخت آزار هو؛ سيدن جي حق ۾
هن گنده دهنيءَ کان به ڪم ورتو ٿو ڏسجي؛ ازانسواءِ
دين متين جي سلسلي ۾ به هن گستاخي ڪئي ٿي ڀانئجي،
جنهنڪري مير صاحب جو خيال آهي ته ان کي يا ته سزا
طور مسلمان ڪيو وڃي يا کيس قتل ڪري ڇڏجي(!)_
تاشود تقويت بدين متين، هم بگيرند عبرت اهل عناد.
تعذير، حبس، ضرب شديد ته ڪلمه گوﻋ جي غلطين ۽ گناهن جي
لاءِ آهن: هيءُ ڪافر آهي، جنهنڪري سواءِ قتل ڪرڻ
جي ٻي ڪابه صورت ڪانه آهي(!)_
’مفسدان را سزا بود لازم، تا فساد از ميان شود برباد‘.
ڀانئجي ٿو ته مير صاحب جي فرياد جو داد ڪونه ٿيو، جنهنڪري هن
وري درد دل جو اظهار ٻئي قطعي ۾ ڪيو، جنهن جو
عنوان آهي: ”قطعه گذارش_ مذمت کفار نابکار و عرض
تنبيه شان مطابق شريعت حضرت احمد مختار“_
در حيرتم شها که بعهدِ ديانتت،
ارباب کفر بهر چه در شور گشته اند!
و از شورشان که کرد شر کفر آشکار،
ارباب دين بگوشهﻋ عزلت نشسته اند!
’مشتاق سگ‘ بجمله سگان گروه کفر،
عوعو کنان بخبث دل از حد گذشته اند؛
اين دستهﻋ سگان که خدا خوار کرده است،
از خار خار کين همه چون خاردسته اند؛
اين مفسدان که دشمن اولاد اطهر اند،
صد تهمت فساد بر اولاد بسته اند؛
اين مبغضان که نار جهنم سزاي شانست،
از نار بغض و کين همه چون شعله تفته اند؛
گاهي بطعن آل نبي که بطعن دين،
دلهاي اهل دين همه يکبار خسته اند؛
اين کافران که جنگ به اسلام مي کنند،
ز اسلام شيخ جمع به ماتم نشسته اند؛
بد کام شان که باز نمايند مرتدش،
زين ارتداد نو همه از کام رفته اند؛
زين ارتداد کفر توان گفت که اين سگان،
بوزينـﮧ سان ز ممبر اسلام جسته اند؛
مابي زريم و سر بگريبان ز فکر ٖ شان،
بر زور و زر چه خود سر و مغرور گشته اند؛
کفار شهر تهته کنون دار حربي اند،
چون برخلاف شرع درين حکم رفته اند؛
از حکم حاکمان بسر ٖ عند مستقيم،
گويا درين مقدمه يکسر گذشته اند؛
بايد نهاد جزيه بر اين دار حربيان،
درحيرتم که بهرچه از جزيه رسته اند؛
بايد بحکم حق همه بتهاي شان شکست،
شان حاليه چو عهد اطاعت شکسته اند؛
فرض است بدين ٖ مير محمد قتال شان،
چون شان بدين امجد وي خصم گشته اند؛
ارباب دين که حاميﻋ شان از کرم علي ست،
خوش داد خواه از کرم شه نشته اند؛
بخشد مراد ميرعلي بالکرم مدام،
ارباب دين بشغل دعايش چو رفته اند؛
خوش اين دو شه بر اوج ديانت بصد جلا،
هر هفت روز رشد چو ماه ٖ دو هفته اند؛
بايد کنون ز ”مائل“ حق حرف حق شنيد،
ارباب حق ز بسکه، شها دل شکسته اند.
هي قصيدو مير فتح علي خان ۽ مير غلام علي خان جي زماني کان پوءِ
جو چيل آهي. ان وقت مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد
علي خان سنڌ جي تخت وتاج جا مشترڪه وارث هئا.
جهڳڙو مير فتح علي خان جي دؤر کان وٺي شروع هو،
جنهن جو فيصلو آخري طرح ڪرم علي خان جي دؤر ۾ به
ٿي ڪونه سگهيو، ۽ سيد صاحب برابر دانهون فريادون
ڪندو آيو. سيد کي شڪايت وڏي ۾ وڏي هيءَ هئي ته
ساداتن کي هندو گاريون گند ڏين ٿا ۽ مذهب اسلام تي
چٿرون ڪن ٿا، جنهنڪري مسلمانن جون دليون ڦٽجي پيو
آهن_
’گاهي بطعن آل نبي گهه بطعن دين ،
دلهاي اهل دين همه يکبار خسته اند‘.
پنهنجي حالت هيءَ ٿو بيان ڪري:
’مابي زريم وسر بگريبان ز فکر شان،
بر زور و زر چه خود سر و مغرور گشته اند!‘
مير صاحب، غصي ۾ اچي عرض ڪري ٿو ته ’ٺٽي جي هندن اطاعت جا فرائض
ٽوڙي ڇڏيا آهن، جنهنڪري دار حربي آهن، ۽ مٿن جزيه
وجهڻ کپي، سندن بت ڀڃي ڇڏڻ گهرجن ۽ کين قتل ڪيو
وڃي‘_
’بايد بحکم حق همه بتهاي شان شکست، شان حاليه چو عهد اطاعت
شکسته اند؛ فرض است بدين مير محمد قتال شان، چون
شان بدين امجد وي خصم گشته اند‘.
انهيءَ فساد ۽ تلخيءَ جا اسباب ففط اهي نه هئا. بلڪ سڀ کان
زياده محرڪ مسلمانن جي اقتصادي بدحالي ۽ هندن جي
سماجي برتري هئي. ازنسواءِ سنڌ جي هندن جون
همدرديون ان وقت جيسلمير ۽ جوڌپور جي راجائن سان
ٻڌايون وڃن ٿيون، جن جو مير بجار جي قتل کان پوءِ،
ٽالپرن سان وير ٿي پيو هو. مخدوم ابراهيم ”نشر
حلاوي المعارف والعلوم في الرد علي من نصر الکفار
و اهل رسوم“ ۾ جيڪي لکيو آهي، ان مان انهيءَ زماني
جي هندن ۽ مسلمانن جو اندازو ٿي سگهي ٿو، ۽ حڪومت
جي متعلق ٺٽي جي مخدومن جو ڇا خيال هو، اهو به
معلوم ٿئي ٿو. مخدوم ابراهيم جوڌپور جو ذڪر ڪندي
لکي ٿو ته:
”اتي مسلمانن سان سخت آزار آهي. ٺٺول ڪرڻ خاطر هڪ نا معقول
مسلمان کي قاضي بڻائي، ان جو نالو قاضي گنگارام
رکي ڇڏيو اٿن. جيڪڏهن ڪو مسلمان حلال جانور ذبح
ڪري ٿو، ته ان کي قتل ڪري، ان جا ٻار ٻچا نيلام
ڪيا وڃن ٿا. سنڌ سان به انهن جو سخت آزار آهي.
مرحوم مير بجار کي جوڌپور جي راجا ڌوڪو ڏيئي قتل
ڪرائي ڇڏيو؛ ۽ سنڌ ۾ ايڏو عظيم فتنو برپا ڪيو ويو،
جنهن جي باهه جا اُلا اڄ تائين وسامي نه سگهيا
آهن. اسان جي ملڪ تي هنن ڪيترا دفعا چڙهائي ڪئي
آهي؛ هڪ ۾ مير فتح علي خان ٽالپر زخمي ٿيو، ٻئي
معرڪي ۾ مير سهراب جو ڀاءُ غلام محمد، قتل ٿيو: اڄ
تائين سنڌ جي اميرن کان اهو پڄي نه سگهيو جو کڻي
عمرڪوٽ جو قلعو انهن کان خالي ڪرائين، ۽ نه ڪنهن
کان اهو پڄي ٿو ته مير بجار ۽ مير غلام محمد جي
خون جو بدلو وٺي؛ حالانڪ انهن جي جانشينن ۾ مير
فتح علي خان، مير غلام علي خان ، مير ڪرم علي خان،
مير مراد علي خان، مير غلام حسين خان، ميربهرام ۽
مير سهراب جهڙا سورهيه به موجود آهن“.
سنڌ ۾ هندن ۽ مسلمانن جي حالت بيان ڪندي لکي ٿو ته:
”اسان جي ملڪ مان اسلام جو غلبو غائب ٿي چڪو آهي. اعلانيه شراب
ڪڍيو وڃي ٿو. شطرنج ۽ چوسر رات ڏينهن کيڏي وڃي ٿي.
رنڊين کان سندن ناجائز آمدنيءَ تي ٽيڪس ورتو وڃي
ٿو؛ کدڙن تي به ٽيڪس لڳايو ويو آهي. چانورن مان
شراب ڪڍيو وڃي ٿو. دڪانن تي عام بت پرستي چالو
آهي. مسجدون غيرآباد آباد آهن. هندن جي عبادتگاهن
جا ڏيا آسمان تائين روشن آهن، ۽ مسجدن ۾ انڌيرو
آهي. مقدما مُکين جي حوالي ڪيا وڃن ٿا. قاضي
جيڪڏهن فيصلي ۾ مکين جي مخالفت ڪري ٿو ته ان کي
سخت تڪليف ڏني وڃي ٿي. مان انهيءَ آزار کان ٺٽو
ڇڏي ڪراچيءَ هليو ويس، حالانڪ اتي بدعت ۽ فساد جو
ڪافي زور هو، ليڪن مير فتح علي خان جي عملداريءَ
کان گهٽ. اتي جو حاڪم مير محمد نصير خان هو؛ ان جي
وفات بعد، جڏهن اهو بندر به مير فتح علي خان جي هٿ
آيو، ته اتي به ساڳي حالت شروع ٿي ويئي. ٽالپرن جي
زماني ۾ ڪيترن هندن، مسلمان عورتن سان خرابيون
ڪيون؛ ڪيترا مسلمان مرد ۽ عورتون هندن وٽ غلام
آهن. ڪراچيءَ ۾ پنيو نالي هڪ قاصائي هو، جنهن ڳئون
ذبح ڪئي؛ هندن گهڙيءَ جو گهڙيءَ ۾ ان کي شهر بدر
ڪري، سندس گهر ٻار لٽي ڇڏيو؛ ڪنهن به مسلمان کي
طاقت ڪانه ٿي، جو کڻي حرف ڪڇي سگهي. نواب مير فتح
علي خان جي زماني ۾، هندن جو اقبال ۽ اثر وڌي ويو
آهي(1)“.
اهي اسباب هئا جنهنڪري ٺٽي جي هندن ۽ مسلمانن ۾ تلخي هئي، جيڪا
شايد حڪومت جي دور ڪرڻ کان ٻاهر هئي! مير ’مائل‘
جي بياض ۾ هڪ قطعو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته
مير فتح علي خان جي زماني ۾، مسلمانن، هڪ ڪلاميءَ
(؟) نالي هندوءَ کي ٺٽي ۾ قتل ڪري ڇڏيو: مٿس ڏوهه
اهو هو ته هن دين اسلام جي خلاف لبڪشائي ڪئي هئي،
جنهن بعد هو غالباً توبه تائب ٿيو ۽ پڻ معافيءَ
ورتائين. انهيءَ تي مسلمانن ۾ اخلاف ٿي پيو: هڪڙن
جو چوڻ هو ته معافيءَ وٺڻ بعد هن کي قتل ڪرڻ جائز
نه هو، ٻين جو خيال هو ته کيس قتل ڪرڻ جائز هو!
قطعي جو عنوان آهي:
”قطعه در جواب شخصي که حرف گيري بر قتل ملائي کلامي(؟) مي نمود“.
چو در پاس کلامي گفت شخصي، که جائز قتل وي در شرع کي بود!
بگفتم بس جوابش سال قتلش، ”به حکم شرع جائز قتل وي بـود“:
1209هه
شمرده ســـــال قتلش گفت تـــــوبه، چو تائب شد دگر اين بحث طـي بود.
_ص120
ٺٽي ۾ ڏڪار: مير’مائل‘جي بياض ۾، ٺٽي جي ڏڪار متعلق به چند
دلچسپ قطعا موجود آهن:
(1) ز قحطه غله چنان عالمي بجان شده است،
که جان عالم در ناله و فغان شده است؛
بود تدارک اين امر بر شهان معروض،
ز امر حق چو چنين بر شهان شده است؛
تدار کش بود اين آنکه باز پس طلبند،
هر آنچه غله ازين شهر ما روان شده است؛
دگر شود ز کرم وجهه داعيان جاري،
زاهل مَکرُ مَتَ اين عرض شايگان شده است؛
هميشه باد جهاني ز فيض شان آباد،
خوش اين عريضهﻋ آباديﻋ جهان شده است!
_ص 117
(2) شهريارا طرح غله شهر را ويران نمود،
فکر ويرانيش خلق ٖ شهر را حيران نمود؛
چند از ويرانيش در حيرت آرم ذکريش،
چونکه ذکر ٖ عدل شاهان خلق راشادان نمود،
تا کنند آباد شاهان ملک خود با عدل و داد،
حق صفات ٖ عدل شاهان ذکر در قران نمود؛
از کرم اي شاه صدر ٖ عدل و احسان بالمراد،
بايدت باالعدل اين مشکل ز شان آسان نمود!
باد آبادان ابد از عدل شاهان ملک سندهه،
’مائل‘ حق اين دعا در عرض ورد ٖ جان نمود!
_ص124
(3)برشهان دائم ز حق واجب رعيت پروري است،
کز رعيت پروري اقبال شان را برتري است.
_ص124
(4) مير’مائل‘ هيٺئين قصيدي ۾ قحط جي مفصل حالت بيان ڪندي، ڪي
نهايت دلچسپ پهلو بيان ڪيا آهن:
در تجاهل گناه بـــر مــــــن نيست، عقل در روغن است، روغن نيست؛
مردميت ز مـــــردمان گــــــم شــــــد، مرد بي عقل کم تر از زن نيست؛
روح حيواني ســــت غلهﻋ قــــــوت، از گرانيش روح در تــــــن
نيـــست؛
روح از تن چو رفت_ رفت و گذشت، چيست باقي که در گذشتن نيست؟
روغن و غله عقل و روح چو برد، جــــــز تمنـــا بخويش بردن نيست؛
زندگاني وبال جان شــــده اســــــت، چــــــاره ديــــــگر بغير مردن
نيست؛
مردن آسمان ولي پــــس از مردن، طاقت نان و حلوه کـــــردن نيست؛
مرده هم نان و حلوه مي خواهد، چه توان کرد هردو بــا من نيست؛
مير صاحب لکي ٿو ته ”قحط تباهه ڪري ڇڏيو آهي؛ ان جي گرانيءَ
بدن مان روح فنا ڪري ڇڏيو آهي؛ زندگاني وبال ٿي
پيئي آهي؛ هن وقت ته مرڻ کان سواءِ چارو ڪونه آهي؛
ليڪن ڇا ڪجي مرڻ به ڏکيو آهي، ڇاڪاڻ ته مردي کي به
جمعاڻي تي ماني ۽ حلوو گهرجي؛ مرجي ته سهي پر اهو
پويون ماني ۽ حلوو ڪيئن مهيا ڪجي! نه ختمي جي
طاقت، نه خيرات جي قوت: نه جمعاڻو، نه چاليهو ڪري
سگهبو!“
تته ويران شد و دريــــن مذکــــــور، ذکــــــر ويــــــرانـــــيش
نهفتن نســـيت؛
کار دارش زکــــار رفته ســــــگــــــي، آن که کارش بجز گزيدن
نيســــت؛
وان دگر سگ که کوتوال ٖ ويست، کم تر از شمر ابن جوشن نيست؛
من چه سازم کزين خرابيﻋ حال، اين خرابه ســـزاي مسکن نيســــــت؛
ماندن اين جلست مشکل و ليکن، چه کنم دســــــت وپاي رفتن نيست؛
وحشت آباد شد جهان يــــــکسر، هيــــــچ جــــــا جـــاي آرميدن
نيست؛
جنس غله ز نقد جانست گــــران، زيــــن گران تر کـﮧ جان درتن نيست!
مير صاحب چوي ٿو ته ’ٺٽي جو سڄو شهر ويران ٿي ويو آهي؛ جيڪا
حالت آهي ان کي ڪيترو لڪائجي؛ هڪ ته ڪاردار بيڪار،
نڪمو ۽ فضول ڪتي جهڙو آهي، جنهن جو ڪم سواءِ ان جي
ٻيو ڪونه آهي ته سڄو ڏينهن وتي ڏاڙهيندو؛ ڪوٽوال
صاحب ڄڻ شمر جو اولاد آهي؛ ٺٽو، حقيقت هيءَ آهي ته
هاڻي رهڻ جهڙو آهي ئي نه: پر ڇا ڪجي ’چه کنم دست و
پاي رفتن نيست!‘
جان به لب عالمي ست زين شيون، شيونـــــي همچو جان سپردن نيست؛
رفت چون جان ز تن کجا جويم، جان ز تن رفته را نشيمن نيست؛
قول ارباب حــق بــــــود مــــــقـــبول، اعتــــــمادي بقــــــول
ميمـــن نيست؛
گويد از زر شود حصول مـــــدام، حاصــل ٖ اين يقين بجز ظن نيست؛
ميکند نرخ پيش حاصل بــــــيش، اين سخن در خـور ٖ شنيدن نيست؛
بــــــخـزانه شــــــود ازيــــــن تـــــــــــوفـير، اين خبر در
کــتاب مخزن نيست؛
زر بــــــده غــــــله خــــــر اگــــــــر داري، زانــــــکه زر
بـــــــــراي ديــــــدن نيست؛
جاي حرفست ولي چه بايد گفت، بنده را جاي حـرف گفتن نيست؛
مي خرند اهل دولت و جز شان،
به کسان قــدرت ٖخــــــريدن نيست؛
عالم جان بلب بگرسنگي ست، سيريﻋ شان ز يک دو خرمن نيست؛
غله داران بعشرت و عيش اند،
در غريبان بغير شــــــيون نــــيست؛
خله خر حالياکــــــسي درسنــــدهه، جـــــز بکفـار وچند ميمن
نــــــيست،
طرفه بد مشرب اندشان، که بشان، بــــــيم از پــرسش مهيمن نيست؛
غله از سندهه مي کشند ولــــــي، هــــــيچ بـهبود در کشيدن نيست؛
مــــــي شود حق ازين گران خاطر، اين گران خاطريش احسن نيست؛
نيست اين کار از خــلل خــــــالي، چاره اش جز بـــمنع و قدغن نيست؛
چند گويم شکايت ٖ ايـــن قوم،
که مــــرا دخل اندرين فــــــن نيست.
’بليڪ مارڪيٽ ڪندڙ ميمڻ قوم ڪاري قيام ڪري ڇڏي آهي، اگهه ايترا
چاڙهي ڇڏيا اٿن جو جان ڏني به داڻو ملي ڪونه ٿو
سگهي؛ سڄيءَ سنڌ جو اَنّ انهيءَ قوم ۽ هندو زردارن
اچي ڪٺو ڪيو آهي؛ هن وقت اسان سڀ مصيبت ۾ آهيون؛
عيش و عشرت فقط اهي بلئڪ مارڪيٽر ڪن ٿا، جن کي نه
خدا جو خوف آهي ۽ نه ڪنهن بالا دست جي پرواه!‘
حيدرآبــــاد حــــــيــــــدرآبــــــاد ســــــت، خوش در آنجا
نــــــشان رهزن نيست؛
ز اهل اسلام مرﱞده درکـــار ســــــت، کــــــار بــــــا مرﱞدهﻋ
بــــــرهمـن نيست؛
بر شهان لازم است تدارڪ کار، کـــار من جز بعرض کردن نيست؛
خاصه شاهي که با دل و دستش، درکرم هيچ جــــــاي معدن نيست؛
آنــــکه در روز کــــــين تقابــــــل وي، صد چو استنديار و بهمن
نيست؛
گـــر نسيمٖ کــــــرم وزد بيشــــــک، در جهان همچو سندهه گلـــشن
نيست؛
ورنه از شور اين خس و خــاشاک، حاليا سندهه کم ز گلخن نيست؛
رسم اين عرضه گو ز من با شه، چــــــون مرا طاقت ٖ رسيدن نيست.
مير صاحب کي عرض ٿو ڪري ته ’انهيءَ معاملي جو تدارڪ ڪرڻ اوهان
تي لازم آهي؛ منهنجو ڪم ته فقط عرض ڪرڻ آهي؛
جيڪڏهن مير ڪرم علي خان جي ڪرم جي هوا گهلي ته سنڌ
جهڙو گلشن سڄي جهان ۾ ٻيو ڪونه آهي؛ ٻيءَ حالت ۾
هن وقت سنڌ جو حال اهو آهي جو ڌوڙ اڏامي رهي آهي؛
مان پاڻ پهچي ڪونه ٿو سگهان؛ هتان ويهي عرض پهچائڻ
کان سواءِ چارو ڪونه آهي!‘
شــــــه بــــــه شــاهان ابد سلامت باد، کس دعاگوي شاه چون من نيست!
کــردم از دوستي نــــــصيحت وي، گــفتن پند کــــار دشــــــمن نيست؛
حال فضل اين شد و کنون اميد، جز بفضل ٖ کريم ذوالمن نيست،
حــــــق کــــــند آشکار يُسر از عُــــــسر،
عرض ’مائل‘ بحق نهفتن نيست. _ص42
نشيدار شين تي بندش:- شراب، ڀنگ، چرس، ۽ ٻين نشيدار شين کان
ذاتي طرح ٽالپر حڪمران يا شهزادا خواه امير قطعي
درو هئا، انهيءَ حد تائين هو انهيءَ معاملي ۾
پاڪباز هئا، جو حقو به سندن حلقن اندر استعمال
ڪونه ٿيندو هو.
ٽالپر، انگريزي دوائون پاڻيءَ ۾ گڏيل، هن ڪري استعمال نه ڪندا
هئا ته متان منجهن شراب جي آميزش هجي. ڊاڪٽر برنس،
ذاتي مشاهدي بعد، بيان ٿو ڪري ته ”مسلمان حاڪم
گهڻو ڪري عياش، سست ۽ نڪما ٿين ٿا، ليڪن سنڌ جا
سردار انهن عيبن ۽ علتن کان آجا آهن: عياشيءَ سان
رغبت غالباً هن ڪري به نه اٿن، جو هو تمام خود دار
۽ نهايت بلند خيالن وارا آهن: نشيدار شين کان به
صفا پري آهن.“
هڪ دفعي جي ڳالهه ٿو ڪري ته ”مون کان مراد علي خان ڏاڙهونءَ
کائڻ جي اجازت گهري. مان ’ڏاڙهونءَ‘ جي لفظ کي
’دارون‘ سمجهي، چيو ته هن بيماريءَ ۾ شراب جهڙي
محرڪ شيءِ مفيد نه آهي، متان خون جو دورو وڌي وڃي.
مير صاحب جو چهرو لال پيلو ٿي ويو، هن مون کي چيو
ته ’اوهان کي منهنجي اڳيان اهڙيءَ شيءِ جو نالو نه
کڻڻ گهرجي، جيڪا اسان جي لاءِ حرام آهي‘.“ ڊاڪٽر
برنس اڳتي لکي ٿو ته ”پڙهندڙ متان ائين سمجهن ته
هن منهنجي اڳيان فقط ڏيکاءُ ٿي ڪيو _نه، بلڪل نه.
اها حقيقت ۽ منهنجو ذاتي مشاهدو آهي ته امير
نشيدار شين جي استعمال کان پاڪ ۽ صاف آهن. مون کي
معلوم آهي ته ڪن وقتن تي درٻار ۾ ڪو ماڻهو شراب پي
آيو ۽ سندس وات مان بوءِ مير صاحبن تائين پهتي، ته
ان کي سخت بي عزتو ۽ ذليل ڪري دربار مان ڪڍرايو
ويو: جيئن ته هڪ دفعي بهارخان کوکر، هڪ بلوچ
سردار، جيڪو مير مراد علي خان جو خاص ماڻهو هو، سو
نوڪريءَ مان ڪيتري وقت تائين محض هن ڪري ڪڍيو ويو،
جو هڪ دفعي کيس نشي ۾ ڏٺو ويو هو.“ ڊاڪٽر آخر ۾
لکي ٿو ته ”ٽالپر دوا طور به شراب ڪڏهن استعمال
ڪونه ڪندا هئا؛ ساري ڪٽنب ۾ آفيم به ڪو ڪونه کائي،
۽ نه حقي جي ئي ڪو ويجهو آهي“.
منشي آوتراءِ به انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري ٿو. پنهنجي ڪتاب
”سنڌ جا مير“ ۾ چوي ٿو ته ’مير صاحب نشو ڪنهن به
قسم جو ڪونه وٺندا هئا؛ انهيءَ نسبت هو بلڪل پرهيز
گار رهندا هئا‘._ ص44
ٽالپرن جي انهيءَ روش جو البته عوام تي اثر ڪونه هو. هو پنهنجن
نشن پتن، ڀنگ ڀڳڙن، آفيم ۽ چرسن ۾ مشغول رهندا
هئا. ڊاڪٽر برنس لکي ٿو ته ”جيڪر ڀانئجي ته انهيءَ
ڪري، حاڪمن جي پرهيز جو رعيت تي چڱو اثر ٿيو
هوندو، پر آزمودي مان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي ته اڪثر سڀ
سپاهي ۽ ڪيترا درٻاري هر طرح جي نقصانڪار ۽ ڪمزور
ڪندڙ عيش ۽ عشرت ۾ مبتلا آهن. آفيم وٺڻ اهڙو عام
جام آهي، جهڙو ڪَڇَ ۾: ۽ ڏٺم ته برانڊيءَ جون ٻه
بوتلون وڏي ۾ وڏي سوغات ليکيون وڃن ٿيون“._ص88
مسٽر برٽن، مشهور انگريز سياح، حسب معمول پنهنجي زنده دلانه
انداز ۾ انهيءَ مسئلي تي هيٺينءَ طرح رقمطراز آهي:
”هاڻوڪيءَ حالت ۾، سنڌ اندار اشراب نوشيءَ جي علت ڦهلجي ويئي
آهي. سڀني درجن جا ماڻهو، سواءِ عالمن ۽ ديني
رهنمائن جي، سڀ پيالي ڀائي آهن. شراب ۾ اڪثر اڌ تي
پاڻي ملائي پيئن ٿا. پيسي وارو ماڻهو کاڌي کان اڳ
به چڪو پئي ٿو: وڌيڪ ڪنهن کي مزو وٺڻو ٿئي ته شراب
مٿان ڀنگ جو پيالو به چاڙهي ٿو_ ان مان کين خيال
آهي ته نشو تيز، تازو ۽ سوادي ٿئي ٿو“.
برٽن صاحب، حسب دستور، هر معاملي کي تفصيلي حد تائين لکندو آهي.
چنانچه هن تفصيل ڏنو آهي ته انهيءَ زماني ۾ سنڌ
اندر شراب جا ڪهڙا قسم هئا. اسان به گهرون ٿا ته
اهو پهلو ناظرين جي سامهون اچي.
سنڌ ۾ شراب جا ٻه نمونا مروج هئا:
(1) ڳڙ جو دارون_ هيءُ، ڳڙ ۽ ٻٻر جي ڇوڏي مان ٺاهيو ويندو هو.
برٽن صاحب لکي ٿو ته ”اهو شراب تکو ۽ بي ذائقي
آهي. ان کي هندو، شوق شان پيئن ٿا؛ سڄي سڄي بوتل،
15 منٽن جي وقفي سان، چڪو چڪو ڪري پِي وڃن ٿا“.
(2) ڇهارن يا کارڪن جو دارون_ ”اهو شراب اگرو ۽ سخت گرم ٿئي ٿو،
گهڻو ڪري ان کي غريب ماڻهو واپرائين ٿا“.
انهن کان سواءِ، ٻيا به قيمتي شراب هيٺين قسمن جا چالو هئا:
(1)”انگوري شراب جنهن کي ڪشمشي به سڏجي ٿو؛ (2) سونفن يعني وڏف
جو شراب جيڪو نهايت عمدو ٿئي ٿو؛ (3) مشڪي شراب؛
(4) ترنجي شراب؛ (5) مصري شراب _ هي شراب پڻ قيمتي
ٿئي ٿو؛ (6) گلابي شراب؛(7)ڪيسري شراب“.
برٽن وڌيڪ لکي ٿو ته ”عام غريب طبقو ڀنگ ۽ آفيم کي واپرائي ٿو،
۽ هڪ دم ان کان سواءِ ڪونه ٿو سرين. اميرن جي
زماني ۾، ڀنگ آني سير هئي. جڏهن انگريزن ان جو
ٺيڪو کنيو، تڏهن 6آني سير ٿي. ڀنگ پيئڻ ڪري، عام
سنڌي، بدني ۽ دماغي ڪمزوريءَ ۾ مبتلا ٿي ويا آهن،
۽ منجهن ٻيا به ڪيئي مرض پيدا ٿي پيا آهن“.
(35_34،ميراڻي سنڌڙي)
نشيدار شين جي انهن مضر اثرات کي محسوس ڪري، آخر مير ڪرم علي
خان ملڪ ۾ سڀني نشن تي بندش وڌي. ٺٽي جي عالمن کي
ته اڳ ئي اعتراض هو، هنن پنهنجي مختلف رسالن ۾ اڳ
ئي انهيءَ سلسلي ۾ سخت تنقيدون لکيون هيون. جڏهن
بندش پيئي تڏهن سڀ کان پهريون ٺٽي جي هن شاعر يعني
مير ’مائل‘ تهنيت جو قطعو تصنيف ڪري، مير صاحب جي
خذمت ۾ پيس ڪيو:
بنـازم کاندريــــــن عهد ٖ ديــــــانت، پيﻋ ترويج حکم ٖ شــرع
بــــــاري؛
بــــــحــــــکــــــم خسروان تايع شــرع، که بادا حکم شان پيوسته
جاري؛
ز منع شــــــرب خــمر و نوش بوزه، که بوده حاصل آن هردو خـــــواري؛
بکــــــام انهــــــدامٖ بــــــيخ افــــــساد، بـــــنــــــاي
ديــــــن گــــــرفـة اســــــتواري؛
بحمدالله که از ترويج اين حکم، بــــــدهــــــر از رجـس آمد رستگاري؛
درين شکريه مي سازد بحق عرض، دل ٖ’مائل‘ بحق از حـــق شعاري؛
علي خوش بالکرم بخشد بشاهان، همه کــــــام از مراد ٖ
کــــــامگـــــاري!
_ص100
وظيفا ۽ ٽڪس: ٽالپرن، سنڌ ۾، ساداتن، عالمن، مخدومن، تڪيه نشينن
۽ علمي خواهه ديني خاندانن جا وظيفا مقرر ڪري ڇڏيا
هئا: روزينو، يڪ ماهو، دو ماهو، ساليانو، کين
ملندو هو؛ ڪن کي سيريون به هونديون هيون. وظيفو
نقدي به هو ۽ جنس جي صورت ۾ به ڏنو ويندو هو.
اهڙيءَ طرح، جيئن زمينن تي ڍل ورتي ويندي هئي، تيئن شهري ڌنڌن ۽
صنعتن تي به سرڪاري ٽئڪس پوندي هئي. شهر ۾ نين
جاين ٺهرائڻ تي جيئن اڄ ڪالهه ميونسپالٽي ٽئڪس
وجهي ٿي، تيئن ان زماني ۾ به اهو رواج موجود هو.
اسان کي تفصيلي طور انهن ٽئڪن ۽ وظيفن جي انداز جي
معلومات ڪانه آهي، البت انهيءَ سلسلي ۾، مير
’مائل‘ جي چند قطعن مان اشارا ملن ٿا، جن کي اسان
هيٺ درج ڪيون ٿا. هڪ قطعي جو عنوان آهي! ”قطعه در
باب دوماهه!“
اي ز فتحت بباب کــــام فتوح، وي به بابت ز فتح کــــام رفاه؛
’مائل‘ حق بکــــــام مرﱞدهﻋ فتح، که ز حق بــاد وقت اين درگــــــاه؛
ميکــــــند عـرض بهرِ عفو فتوح، بيت استاد خود بحضرت شاه:
”ما براي تــــو فتح خــــواسته ايم، خـــسروا تو ز مــــــا فتوح
مخواه!
از کــرم خسروا بکــــــام عظيم، فــــــتح بــــــاب فــــتوح
کــــــن لله!“
_ص119
ٻئي قطعي جو عنوان آهي: ”عريضه منظوم در..........مجراي شکست بته نو احدات
از وجــــــوهـــــات اهل وجوهه“:
بحق در حضور ٖ شـــهان ٖ زمــــــان، همين ست عــرض ٖ دل ٖ
داعيــــــان؛
که از وجهه خير ٖ خود و قوت شان، مسازيد کم درِ همـي ايــــــن
زمــــــان؛
کـــــه از دادن ٖ خــــــير بــــــي اشتباه، فزون مي شود عمر و اقبال
و جـاه؛
کند خير چون هر شکست ٖ درست، نبايد به اين امــــــر دادن شکســــــت؛
که اين خير خمس وزکواة ٖ شماســــت، شرف بخش ذات و صفات ٖ شماست؛
بسادات خمس است با ديگــران، زکواة است هم صدقه اين خير شان؛
بود خير هرچند افزون خوش اســـت، فزايش درين کار ميمون خوش استک
کنــــــد خير رد ٖ بــــــلا دم بـــــــــدم، به نص ٖ حــــــديث ٖ
رســــــول ٖ اُمــــــم؛
زحق عرض اين کار خيراست چو فرض، ازين وجهه خيرات شد عين فرض؛
که اول بدهه سالم اين وجهه شـــان، همـــان کهنه دســــــتوري
بيگمــــــان؛
شده نصف پس باز از نصف هم، شد از بدعتٖ بته يک حصه کم؛
کنون باز کم کردنش نا روا سـت، که قوت ٖ مساکين اهل ٖ دعاست؛
درين کار خيرست خوبي بــــسي، بود سائل ٖ خير شــان
هــــــرکــــــسي؛
بود عمر و اقبال شاهان ٖ سندهه، فزون از دعــــاي ضعيفان ســــــندهه؛
ز شان اين دعا از خدا دم بدم، بــــود لفظ آمــــــين بمعروضه ضم!
ز’مائل‘ بحق اين نصيحت بس است، که يک حرف بس گربه خانه کس است.
_ص 117
هڪ قطعي جو عنوان آهي: ”گذارش درباب معافي قصور بته نو احداث از وجوهات اهل
ٖ وجوهه“:
شاها پيوسته زير قصر گـــــردون، چـــــو قصر دولتت دارالسرور اســت؛
درين دارالسرور از فرط بهجت،
بياد ٖ ما کجا حور و قصور اســت؛
و ليکن از تکاليف قــــــصورات،
چنين عرض دلم اندر حضور اســـت؛
که تــکاليف ٖ قصور ٖ بـــــتهﻋ نو، ز نو از وجهه ما ز انصاف دور
اســـت؛
ندارم چون قصور اندر رعايـت،
معافيﻋ
قصور از ما ضرور است؛
هميشه باد قصر جـــاهت آبـــــاد، ابد تا قصر جنت پر ز حور است!
_ص 117
هيٺئين قطعي جو عنوان آهي: ”قطعه گذارش که بر بندي تنقيح وجوهات
اهل وجوهه هنگام گذارش نوشته بود (؟)“:
اي بنديﻋ وجهه خير، قوت ضعفاست، که اِجرائيش از ازل به اسناد
دعـــــــاست؛
گيرند جمع و خرچ شاهان چو حـــساب،
مجرا ز خدا به دفتر ٖ فضل و عطاست.
_ص 120
(4) ٽالپرن جون تاريخون
مير ’مائل‘ پنهنجي بياض ۾ ٽالپر حڪمرانن، شهزادن ۽ ڪن شهزادين
جي ڄمڻ ۽ وفات جون تاريخون به ڏنيون آهي. اهي
تاريخون، تاريخي لحاظ سان بيحد قيمتي آهن ڇاڪاڻ ته
ڪيترن ٽالپرن جي تولد ۽ انتقال جون تاريخون، تاريخ
۾ اسان کي ڪونه ٿيون ملن. اسان انهيءَ قسم جي قطعن
کي ترتيب ۽ تشريحي نوٽن سان هيٺ ڏيون ٿا.
ميرفتح علي خان جي شهزادي: فاتح سنڌ مير فتح علي خان کي ڪيتريون
نياڻيون هيون، غالباً ان جو تاريخي رڪارڊ ڪونه
آهي. سندس هڪ نياڻي، بيبي بلقيس، وڏي علم ۽ فضل
واري هئي. نثر خواه نظم تي کيس قدرت ڪامله هئي.
ڪتب بينيءَ ۽ ڪتب خاني سان سندس گهڻو شوق هو. رات
ڏينهن مطالعي ۾ صرف ڪندي هئي. اڄ به ڪيترا ڪتاب
نظر مان گذرن ٿا جيڪي ان بلند اقبال ۽ پاڪيزه ذوق
واريءَ سنڌي شهزاديءَ پنهنجي خاص ڪتب خاني لاءِ
نهايت اهتمام سان نقل ڪرايا هئا. انهيءَ شهزاديءَ
جو عقد مير نورمحمد خان سان ٿيو، ۽ سندس انتقال
16صفر 1287هه جو ٿيو. (مضمون مرزا احسن ڪربلائي،
”نئين زندگي“، مارچ1945ع).مير ’مائل‘ جي بياض ۾
مير مرحوم جي هڪ نياڻيءَ جي وفات جو قطعو ملي ٿو،
جنهن جو انتقال 1216هه ۾ ٿيو، يعني والد جي وفات
کان هڪ سال يا ڪجهه مهينا اڳ:
مير ما در هر که غمگين مبـــــاد، يمن فيض ٖ غمگسار ٖ بي نـــظير؛
مير ما فتح ٖعـلي خـــــان نامـــــدار، آنکه نامش در جهان آمد
شـــهير؛
رفت چون معصومه اش زين دار غم،
در جوار ٖ بضفهﻋ حـضرت بشـــــير؛
ساخت اين غم گرچه جانش را غمين،
هست انسان را ازين غم نا گزير؛
ليکه با هر غم چو فرحت لازم است،
ميشود زين غم دگر فرحت مـــسير؛
هست چون الله مفتـــــاح الـــــفرح، بـــــاد از لاتقنطوا
فـــــرحـــــت پـــــذيــر؛
گفت با طبعم پيﻋ تبئين سال، در عزا پرسي چــــــنين روح القدير؛
”از براي دفع اين افسوس زود، مـرﱞدهﻋ نعم البدل آيد به مير(1)“:
1216هه
بمن الهام ازل اين تازه بـــــيت، ساخت دل عرض ٖ حضور ٖ آن امير؛
بسکه کامٖ عالمي زو حاصل است، بـــــاد از افضال يزدان کـــــام
گـــــير؛
در دعايش هَبَ لـﮧ‘ يا رب خلق،
’مائلا‘ کن بعد ازين ورد ضمير. _ص 109
نعم البدل مير صاحب کي انهيءَ رات عطا ٿيو جنهن رات سندس هن
جهان مان لاڏاڻو ٿيو. کيس10محرم 1217هه جو پهريون
شهزادو ڄائو؛ رات جو پهريون پهر هو، ميرصاحب تي
سقرات جو عالم طاري هو؛ اوچتو محل تان سجاول ڪار
آئي، جنهن اچي اها بشارت ڏني. مير صاحب اکيون
کوليون، اٿي ويٺو، پٽ کي ڏسڻ لاءِ پنهنجي ڪمري ۽
محل جي ڪمري جي ڀت ڀڃايائين، جيئن پنهنجي ولي عهد
کي هن جهان مان موڪلائيندي موڪلائيندي هڪ نظر ڏسي
وڃي. مير حسن علي خان سنڌ جي شهنامي ۾ لکي ٿو:
رهي ڪـــــــانه ٻي آرزو ۽ مــــــراد، جا بخشي نه هئي
ان کي رب العباد؛
مگر رهندي هس دل ۾ هــيءَ آرزو، خدا کيس فرزند ڏي نيڪ خـــــــــو؛
ڪيئين عمر ان آرزوءَ ۾ تمام، ٿيو آخري وقت ۾ شــــاد ڪــــــام؛
ڏنو ان کي فــرزند رب الــــــعباد، خدا
ان جي دل جي ڪي حاصل مراد؛
سجاول جڏهن آندي هيءَ تهنيت، گهڻو
خوش ٿي ويو مير زان بي جهت؛
هي مرﱞدو ٻڌي تن ۾ طاقت وري، جڙي هنڌ تي ويٺو اٿــي ان گهڙي؛
چيائين اُٿي شڪر پـــروردگــــــار،
عطا مون کي ڪيو جنهن وري صوبدار؛
چيئين ڀت ڀڃي در ڪريو درزکان، ته فرزند اکين سان ڏسي خوش ٿيان؛
مگر ضعف طاري وري ٿي ويو. تڏهن دل جو مطلب سو رهجي ويو؛
رکايائين ڀر پنهنجيءَ ۾ جا ترار، سجاول کي سا ڏئي ڪيئين ڪامگار.
_ص77
مير صوبدار جي آمد ۽ مير فتح علي خان جي روانگي انهيءَ هڪ رات
عمل ۾ آئي. بس مير صاحب جي انهيءَ اولاد جو پتو
پوي ٿو، يعني هڪ شهزادو ۽ ٻه شهزاديون.
مير فتح علي خان جو انتقال: مير صاحب کي پٺيءَ ۾ سرطان جي ڦرڙي
هئي، جا هميشه علاج معالجي سان رفع دفع ٿي پئي
ويندي هئي؛ ليڪن جڏهن لاڏاڻي جو وقت اچي ويجهو
ٿيو، ان وقت ڪنهن به ستيءَ ڦڪيءَ فائدو ڪونه
پهچايو، ۽ مير صاحب جو انتقال 10 محرم 1217هه جي
رات جو ٿيو. سنڌ جي ٽالپر خاندان جو باني، ۽ سنڌ
جي ٽالپر گهراڻي جو پهريون فرمانروا؛ سند جو فاتح،
مير فتح علي خان امامن واريءَ رات، رب ڏي راهي
ٿيو. ٽالپر گهراڻي ۾ ماتم مچي ويو: سڄيءَ سنڌ تي
غمن و غبار ڇانئجي ويو. مير غلام علي خان کانئس
پوءِ ٻئي نمبر تي هو، اهو مسندنشين ٿيو. مير ڪرم
علي خان ۽ مراد علي خان ساڻس شريڪ ڪار ٿيا، ۽ مير
فتح علي خان جي معصوم ٻار مير صوبدار کي پيءُ جي
پڳ ٻڌائي، رسمي طور حڪومت ۾ شريڪ ڪيو ويو. مير
’مائل‘، انهن سڀني ڳالهين کي پيش نظر رکندي،
هيٺيون تاريخي قطعو تصنيف ڪيو:
فغان و آه که اندر عزاي شاه شهيد،
عزاي خسروي دوران بدهر گشت عيان؛
غرضکه در شب ٖ عاشوره آن مير کبير،
ز تختگاه ايالت نمود نقل مکان؛
گذشته درصف ٖ شهداي دين بصد اعزاز،
گذاشت مملکت ٖ ملک از پيﻋ اخوان؛
درين قضيه که شد رخنما بحکم قضا،
خداش کرد عطا پور نيک نام ٖ زمان؛
که گفت سال ولود ٖ شريف او هاتف،
”بود ابد بشرف مير صوبدار ايوان“؛
1217هه
خدا زياد کند عمر و بخت و اقبالش،
بياريﻋ حسنين و عنايت يزدان؛
درين عزا که بيامد به تهنيت همگام،
هزار شکر براين و هزاره آه بران؛
به تخت مملکتش مير ما غلام علي،
جلوس کام نموده بشرکت ٖ اخوان؛
بصبر و شکر که شرط عزا و تهنيت است،
سروش غيب چنين بهر سال کرد بيان؛
چوُ مير فتح علي خان‘ ’ز تخت سند‘ گذشت،
1499 1514
بگو ”بزيب غلام ٖ علي“ نشست بران؛
1202هه
1499_1514=15
/ 15+1202=1217هه
بحق آنکه شد آن مير واصل ٖ حسنين،
هميشه باد دعاگوي زمرهﻋ اخوان!
_ص 109
هيٺئين قطعي ۾ فقط وصال جي تاريخ ڏنل آهي:
گشت چون مير واصل ٖ شــــهدا، جائش اندر بهشت بنمودند،
سال فوتش بهشتيان بخطاب،
”راضي الله عنک“ فرمودند.
1217هه _ص 109
مير صاحب جو مقبرو هالن واريءَ خداآباد ۾ آهي. قبي جي گنبذ تي
سيد ثابت علي شاهه جو هي قطعو اُڪريل آهي:
شب ٖ شهادت شاه شهيد رحلت کرد، امير فتح علي خان خديو صاحب
عصر؛
بگفت ثابت زوار سال تاريخش، ’مکين ٖ قصر بهشت‘ ومکان بهشتي قصر.
1217هه
انهيءَ مقبري ۾ مير فتح علي خان وڏي جي مزار، مير غلام علي خان
جي مزار، مير صوبدار بن مير فتح علي خان جي مزار،
ميرفتح علي خان بن مير صوبدار خان ۽ مير محمد علي
خان بن مير صوبدار خان جون قبرون آهن.
بيبي خيرالنسا جي وفات: مير فتح علي خان جي والده، بيبي
خيرالنسا، جنهن کي قرب وچان بيبي خيران يعني خير
ڪندڙ، سخياڻي سڏيو ويندو هو، ان جي وفات تي مير
’مائل‘ طويل قطعو چيو آهي. بيبي صاحبه سخياڻي،
رحمدل، ۽ وڏي خير ڌياڻي هئي. ڪيتريون مسجدون
ٺهرايائين؛ تعليم سان سندس شوق هو؛ هڪ عاليشان
مدرسو قلعي جي دروازي جي ويجهو تعمير ڪرايائين،
جنهن ۾ مفت تعليم ڏني ويندي هئي ؛ شاگردن ۽ استادن
جي مانيءَ ۽ لٽي جو سڄو خرچ پاڻ برداشت ڪندي هئي؛
ٽالپر شهزادين ۾ جيڪا تعليم آئي سا به هن برگزيده
مائيءَ جي بدولت آئي.
مير’مائل‘ ڏاڍو پر سوز قـــــــطعو تـــــــصنيف ڪـــــــيو
آهي:
دريغا که ناگــهه بـــــحکـــــم قـــــدر، قضا اين قضيه نمود
آشـــــــــکار؛
قدر خواند منطوقهﻋ کــــل نـــــفس، قضا گفت از موت آيــــن الفرار؛
بـــــدادنـــــد از فـــــادخـــــلـــــي جـــــنتي، بـــــشارت
بمرضيـﮧﻋ نـــــــامـــــــدار؛
که اندر جنان بـــهر آن مـــــرضـــــيه، خـــــــواتيـــــن دين
انـــــد در انتظار؛
بر اين مرﱞده اُم السلاطين سندهه، کــه بــــادا بشان سلطنت بــرقرار؛
بـــــفـــــرمـــــان مـــــدلــولهﻋ ارجـــــعـــــي،
بـــــفـــــــرموده عهد ٖ رضا اســتوار؛
بخاتون دين اُم سبطين پـــــاک، شد اندر جنان همدم و همجوار؛
فرستاد حـــق رحـــــمت و مغفرت، به پيش آمدش از يمين و يســــار؛
نـــــمودنـــــد حـــــوران قـــــصر ٖجـــنان، بقصر ٖ جنـان جاي آن
حق شــــــعار،
شـــــد انـــــدر خـــــواتين دوران عــزا، چوخاتون، دهر از جهان بست
بار؛
بـــــخـــــوانـــــدنـــــد اِنـــــا لـــــﮧ راجعون، دريـــــــن
غـــــــم بفرمــــــان ٖ پروردگار؛
ز بـــــشـــــنيدن ٖ ايـــــن صـداي الم، بـــــــر آمـــــــد ز دل
ناله بــــــي اختيار؛
فـــــسبـــــحــان حي الذي لايموت، شـــــــده ســبحهﻋ دل به ليل و
نهار؛
فـــــطوبيٰ لـــــراضيـة نـــــــــــــــامـــــيــــــﮧ،
فـــــــطوبـــــــيٰ لـــــــمـــــــرضيـةﻋ
نـــامدار؛
فطوبـــــيٰ لتشريفهـــــاءِ الجـــــنـــــان، فـــــــطوبـــــــيٰ
لتکريمها في العشار؛
غرض چونکه مرحومهء حق سرشت، کــــه در يـــــــاد حــق بود ليل و نهار؛
بليل ٖنخستين ز مــــاهٖ صـــــيام، کـــــــه بـــــــاشــد م ٖ
رحمت ٖ کردگار؛
بسر مــايـــــهﻋ رحـــــمـــــت ٖ ايـــــزدي، بسوي جنان زين جهان بست
بار؛
ز حوران جنت شد اين سال کـلُ، ”بـــــــه خـــــــيرانـــساﻋ از ولا
باد يار“؛
1222هه
”بخيرالنسا از دل آمد مـــلاقي“، دگـــــــرگـــشت سالش ز دل آشکار؛
بجـــــنت ابـــــد بـــــاد آن مـــــرضيه، دعـــــــا گـــــــوي
اولاد عـــــــالــــي تبار؛
درين تعزيت بَــشرالصـــــابـــــريـــــن، بـــــــود ورد
”مـــــــائــل“ بليل و نهار.
_ص 109
مير ’مائل‘ ٻيا چار قطعا به انهيءَ حادثي تي لکيا آهن:
بوده در اين دار چو اين صاحبه، مـــــــخلصهﻋ بـــــــنت رســـــــــول ٖ
خدا؛
باد دران دار هم از بعد فـــــــوت، واصـــــــلهﻋ
اکـــــــمـــــــلهﻋ دوســـــــــــــــــــــرا؛
ماحصلش آنکه چو اين صاحبه، گـــــــشـــــــت ز اخلاص دل ٖ با صفا؛
در مه ٖ رمضان بـــــــشبٖ اولـــــــين، واصـــــــلهﻋ
مـــــــحـــــــفل ٖ آن مــــهتدا؛
سال وصالش دل من گفت بـــــــاد، ”صـــــــاحبهﻋ مـــــــحفل ٖ
خيرالنسا“.
1222هه _ص110
(3) چون شد اين مقبولهﻋ حق زين جهان، درجنان، نزد ٖبــــــتول ٖ ذي
العطاﻋ؛
سال ترحيلش سروش ٖ غيب گفت، ”زبيد اين مقبوله بـــــــا خيرالنساﻋ“.
1222هه _ص 110
(4) چونک پيﻋ وصل حق سوي جنان ز اين جهان،
شد بجوار ٖ بتول صاحبهﻋ حق شعار؛
در دم ٖ ترحيل او سال وصالش سورش،
”گفت بخيرالنسا باد ابد همجوار“.
1222هه _ص 110
(5) شد چو اين مرحومﻋ عفت پناه، واصل ٖ جنت به تشريف ٖ وصـــال؛
هاتف ٖ غيبم بــروز ٖ وصـــــــل او، ”ادخلي جنات عدني“ گفت سال.
1222هه _ص 110
|