سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

 معصوم بکري

باب-30

 

صفحو : 38

 

خانقاه حميد الدين ناگوري

هيءُ ڪتبو، مير بزرگ جو، خانقاه شيخ حميد ناگوريءَ (سلطان التارڪين) تي لڳل آهي، جنهن کي منهنجي دوست ڊاڪٽر عبدالله چغتائيءَ E.I.M. (50-1949ع) ۾ ڇپيو آهي، ڪتبو هن ريت آهي:

(1) عن سليمان عليه السلام اعظم المصايب فوت الوقت بلا فايدت

(2) حرر العبد مير بزرگ بن امير محمد معصوم النامي تخلصاً و البکري مسکناً

(3) و الترمذي اصلاً و الحسيني نسباً و کان ذالک في 1008/9007 ثمان و الف.

ڪتبو سال 1008هه جو آهي، انهيءَ جي هيٺيان 9007 جا انگ آهن، جن جي متعلق ڊاڪٽر عبدالله جو خيال آهي انهيءَ جو مطلب مٿئين سال جي تاريخ ۽ مهينو آهي، يعني 7 تاريخ 9 مهينو، يعني 7 رمضان 1008هه (23 مارچ 1600ع)(1).

*      *      *

ڪتبو- 27

1008هه

خانقاه شيخ حميدالدين ناگوري

هيٺيون ڪتبو شيخ حميد جي خانقاه ۾ لڳل آهي. ڪتبو مير بزرگ جو آهي، جيڪو پيءُ سان گڏ 1008هه ۾ انهيءَ خانقاه ۾ آيو:

(1) نامي بکشا چشم بصيرت درياب

        بنياد زمانه همچو نقشي است بر آب

(2) باتو گويم که حاصل دنيا چيست

        بيداري يکزمان و باقي همه خواب

(3) بتاريخ سن 1008 هه در خدمت نواب امير محمد معصوم نامي بزيارت اين مرزار رسيد

حرره مير بزرگ(1).

اهو ڪتبو خانقاه جي دروازي وٽ کٻي هٿ تي لڳل آهي.

*      *      *

ڪتبو- 28

1008 هه

ناگور

هيءُ ڪتبو ڊاڪٽر چغتائيءَ عنايت ڪيو مير بزرگ جو آهي ۽ ناگور ۾ لڳل آهي:

قيل الدنيا ساعته فاجعلها طاعته

بتاريخ 1008 بزيارت اين مزار

در خدمت نواب امير محمد معصوم

نامي رسيد – حرره مير بزرگ(2)

ڪتبو- 29

1008 هه

ناگور محلهء آهنگران

ناگور جي شهر ۾ ڏکڻ طرف لوهارن جو محلو آهي، جنهن ۾ هڪ مقبري جي ٿنڀن تي هي ڪتبو اڪريل آهي:

تو خفتهء براه و کاروان تيز

        منشين و چو گرد و باد برخيز

        نامي چه نشستهء درين راه

        مي نهء قدميد رار و کوتاه

گويند؛ بود  فاتحه را فايحهء

        زان فاتحه بخش نکهت رايحهء

        بر روح گذشتگان فرست اخلاص

        محتاج دعائيم بخوان فاتحهء

حرره مير بزرگ 1008(1).

*      *      *

ڪتبو- 30

1008 هه

 

دهار

ڌار ۾ لاٽ مسجد جي اندران هيءُ ڪتبو لڳل آهي:

* در زمانيکه اعليٰ حضرت خاقاني ظل سبحاني شان مظهر حق، شاه اکبر تعاليٰ شان الله اکبر

عازم دکن بود بتاريخ هشتم اسفندار مذ سنه 44 جلوسي موافق 1008 هجري درين مقام نزول اجلال فرمودند

عمل دراد و کنده کار (حرره) محمد (معصوم) نامي البکري(2).

*      *      *

ڪتبو- 31

1008 هه

سعدل پور

سعدل پور مالوهه ۾ آهي، ڌار کان شمال ۽ مشرق طرف 12 ميلن جي فاصلي تي سعدل پور جي رودخانه تي هي ڪتبو ٻن پٿرن تي آهي:

1- بندگان حضرت شهنشاهه خلافت پناه ظل الله جلال الدين محمد

2- اکبر بادشاه ، در حين توجهه تسخير دکن اين منزل را بعز قدوم

3- رشک فردوس برين ساختند

و کان  ذالک

4- في تاريخ اوائل اسفندار مذ سن 44 الاهي.

5- موافق سنه 1008 هه حرره محمد معصوم نامي بکري

6- نامي يکشا چشم، بصيرت درياب

7- بنياد زمانه همچو نقشي است بر آب

8- با تو گويم که ؛ حاصل دنيا چيست؟

9- بيداري يکزمان و باقي همه خواب(1)

*      *      *

ڪتبو- 32

سنه 1008 هه

مانڊو – نيل ڪنٺ

شادي آبادي مانڊو جي قلعي ۾ نيل ڪنٺ نالي شاه بداغ جي ٺهرايل عمارت آهي، جنهن جي ٿنڀ تي هي ڪتبو آهي:

1- در تاريخ سن 44 الاهي موافق سنه 1008هه بندگان اعليٰ حضرت جهان پناهه.

2- فلک بارگاه ظل الله متوجهه دکن بوند، بدين جا عبور افتاد.

3- تاکي گوئي بچرخ شد خانهء ما

        خندند همه بر دل ديوانهء ما

4- زا افسناء ديگران بيا عبرت گير

        زان پيش که بشنوند افسانه ما(1)

انهيءَ عمارت جا ٻيا ڪتبا 1009 هه ۾ ڏسڻ گهرجن، شاهه بداغ وارو ڪتبو به هن ئي عمارت تي آهي، ڏسو ڪتبو نمبر 34.

ڪتبو- 33

سنه 1009 هه

اُجين -  عمارت سلطان ناصرالدين

سنه 45 الهي موافق سن 1009 حضرت خلافت پناه ظل اله جلال الدين محمد اکبر بادشاه ملک دکن و خانديس را... تقويض نموده مراجعت فرمودند. لمحرره:

فتح خانديس و دکن چون کرد شاه

عازم نزهت گه معمور شد

يک عدد نامي فزود آنگاه گفت:

شاه والا عازم لاهور شد(2)

اها تاريخ معمولي تغير سان ٻئي ڪتبي تي به آيل آهي، (ڏسو نمبر35 ۽ 37).

*      *      *

ڪتبو- 34

سنه 1009 هه

مانڊو – نيل ڪنٺ

شادي آباد مانڊو جي عمارت نيل ڪنٺ نالي شاهه بداغ جي ٺهرايل آهي، جيڪو سارنگپور جو تيولدار هو. نيل ڪنٺ پکي آهي، جنهن جي ڳچيءَ ۾ سائي ڏور ٿيندي آهي. شاهه بداغ انهيءَ تي هي ڪتبو پنهنجي هٿ لکيل هنيو:

توان کردن تمامي عمر را مصروف آب و گل

که شايد يکد مي صاحب دلي اينجا کند منزل

کتبه شاه بداغ خان سن 982 هجري(1).

انهيءَ عمارت تي مير معصوم جي هي ڪتبو لڳل آهي:

1- بتاريخ سنه 1009 هه حضرت اکبر بادشاه فتح

2- دانديس و دکن نموده عازم هند شدند

حرره محمد معصوم

ساڳئي سال ۾ مير ٻيو ڪتبو هنيو آهي:

1- حضرت ظل اله اکبر بادشاه فتح دکن و دانديس

2- نموده در سنه 1009 عازم هند شدند – قايله نامي

3- ديدم چغدي نشسته در صبح پگاه

        بر کنگره مقبره شروان شاه

4- فرياد کنان ز روي عبرت ميگفت

        کو آن همه حشمت و کجا آن همه جاه(1).

انهيءَ عمارت تي مير جو سال 1008هه جو ڪتبو آهي، جيڪي پٺتي ڏسڻ گهرجي.

*      *      *

ڪتبو- 35

سنه 1009 هه

برهانپور – جامع مسجد

برهانپور شهر ۾ عادل شاهه فاروقيءَ (861 هه/1457ع-909هه/1503ع) جي جامع مسجد ٺهرايل آهي، جنهن جي صدر دروازي مٿان عادل شاهه جو ڪتبو آهي. انهيءَ مسجد جي مينار تي مير معصوم جو ڪتبو آهي:

تاريخ الاهي عبارت است از زمان جلوس حضرت

شاهنشاه ظل الا اکبر بادشاه غازي که ز تائيد

جوان بخت خويش اسير کشاد:

گشت آباد اسير ازان نامي

سنه پيشش بگفت: اله آباد(1)

بتاريخ 11 – فروردي ماه الـٰهي سن 45 موافق 5-  رمضان سن 1009هه حضرت شاهنشاه فلک بارگاه ظل الله برهانپور را مقر آيات ظفر آيات ساختند. و بهادر خان آمده بپا بوس مشرف شدند و او را باتباع جان بخشي کردند. و قلعه اسير فتح شد.

شاه غازي جلال الدين اکبر

آن بتائيد بخت قلع کشاد

کرد فتح اسير ازان نامي

گفت: بگرفت قلعه اعلا(2)

قايله و کاتبه محمد معصوم المتخلص بنامي بن سيد صفائي الترمذي اصلاً و البکري مسکناً و مدفناً و منتسب اماً الي سيد شير قلندر ابن باب اُحسن ابدال السبزواري مولداً و القندهاري موطناً و مرقداً.

بتاريخ روز ماه دوازدهم اردي بهشت سنه 46 موافق 26 شوال 1009 هه بندگان حضرت عازم لاهور شدند.

فتح خانديس و د کن چون کردشاه

عازم هندوستان في الفور شد

يک عدد نامي فزود، آنگاه گفت:

شاه والا عازم لاهور شد (3)

هيءُ نهايت مفصل ڪتبو مير معصوم فتح خانديش جي سلسلي ۾ جامع مسجد تي هنيو، جنهن ۾ فاروقي سلطان بهادر خان جي پيش پوڻ. اسير فتح ٿيڻ، جان بخشي ۽ بادشاهه جي لاهور اسهڻ جو ذڪر ۽ تاريخون ڏنيون ويون آهن(1).

*      *      *

ڪتبو- 36

1009هه

برهانپور -  مقبره عادل شاه

برهانپور ۾ عادل شاه فاروقيءَ جي مقبري تي مير جي ٽي ڪتبا آهن.

هيٺينءَ طرح:

(1)

انظر و الي اهل القبور فاعتبروا يا اولي الابصار لما قبل غفلته الاحياء اکثرا حسرت الاموات. قال عيسيٰ عم الدنيا و قنطرت فاعبروها ولا تعمروها.

(2)

فرياد رحيل از همه کس ميشنوي

آواز درا ز پيش و پس ميشنوي

کرده همه شبگير سر منزل دور

توخفته بره بانگ جرس ميشنوي

نامي ز زمانه بار بردار

رو آر بر آن جهان سبکسار

تو خفته براه و کان روان تيز

تو سنگ خودي ز راه برخيز(1)

(1) در حين که حضرت ظل الله جلال الدين محمد اکبر پادشاه از فتح قلعه اسير

(2) و احمد نگر وا پر داخته متوجهه لاهور شدند، تحرير يافته 1009هه

(3) العبد محمد معصوم بن سيد صفائي اباً و البکري مرقداً و الترمذي اصلاً

(4) بن سيد شير بن بابا حسن ابدال اماً و القندهاري مشهداً و سبز واري مولداً.

*      *      *

ڪتبو- 37 (الف)

1009 هه

قلعه اسير داخلي دروازو

قلعي جي داخلي دروازي کان ٻاهر ديوار نما ٽڪر تي چار ڪتبا آهن، جن مان ٻه مير معصوم جا آهن ۽ هڪ شاهجهان جي دؤر جو ۽ عالمگير جي زماني جو آهي.

اهي سڀئي نستعليق خط ۾ آهن:

(1) قلعه اسير که با کره اثير همسرست و از زمان بنا تا امروز دست

(2) تصرف ازان کوتاه بود تاريخ سنه 45 موافق 1009 هه بردست

(3) شهنشاه ظل الله جلال الدين محمد اکبر پادشاه مفتوح شد

(4) کرد از تائيد لطف يزدي فتح اسير

شاه هفت اقليم عالمگير اکبر پادشاه

(5) ناميا داد الاهي دادش اين فتح عظيم

سال تاريخ الاهي خواه از داد اله

قايله کاتبه محمد معصوم بکري.

*      *      *

ڪتبو- 37 (ب)

 

ٻيو ڪتبو ساڳيءَ جاءِ تي هن ريت آهي:

*  (1) بندگان حضرت ظل الله ملک دکن و

(2) دانديس را بحضرت قدسي القاب

(3) شهزاده دانيال تفويض فرموده

(4) 12 اردي بهشت سنه 46 موافق 26

(5) شوال 1009 عازم هند شدند. لمحرره.

(6-7) فتح دانديس و دکن چون کرد شاه

عازم هندوستان في الفور شد

(9-8) يکعدد نامي فزود آنگاه گفت

شاه والا عازم لاهور شد(1).

*      *      *

ڪتبو- 38

سنه 1009 هه

قلعه اسير داخلي در وازو

قلعه اسير ۾ جامع مسجد جي اوڀر کان وچين ٿنڀ تي نستعليق خط ۾ 15 سٽن جو هي ڪتبو آهي:

بتاريخ 6 بهمن ماه الاهي سنه 46

موافق 22 رجب قلعه اسير

مفتوح شد و بتاريخ 24 منه

موافق 8 شعبان حضرت

خاقاني ظل سبحاني جلال

الدين اکبر پادشاه غازي

بمقد شريف آنرا مزين ساخت

از بخت جوان فتح آسير کرد

جان بخش شاه اکبر ملک گير

چو نامي طلب کرد تاريخ فتح

خرد گفت ؛ بگرفته گوه اسير

قائله کاتبه محمد معصوم بکري

ابن سيد صفائي الترمذي

المنتسب اماً الي سيد شير بن بابا حسن

ابدال السبز واري اصلاً و القندهاري مرقداً(1).

اسير جو قلعو 6 بهمن سن 46 الاهي (22 رجب 1009 هه) جو فتح ٿيو ۽ 24 تاريخ ساڳئي مهيني جي (مطابق 8 شعبان 1009 هه) جو بادشاهه قلعي ۾ اندر آيو.

مير معصوم مٿيون ڪتبو هنيو ۽ تاريخ ڪڍيائين: بگرفته گوه اسير 1009هه.

گويا فتح کان 16 ڏينهن پوءِ اها تاريخ ڪڍي ويئي.

*      *      *

ڪتبو- 39

سنه 1010 هه

مڌڪر باغ سلطان سليمه

آگري ۽ فتح پور جي وچ ۾ بيگم سلطان سليمه (1) جو باغ آهي، جنهن ۾ هڪ مسجد آهي، انهيءَ مٿان مير جو ڪتبو آهي. اها مسجد ۽ باغ مير جي آمدورفت واري رستن تي هيو. ڪتبو آهي:

بندگان حضرت ظل الاهي بعد از فتح دکن بنده را از آگر بجانب عراق و خراسان در سنه 1010 هه مرخص فرمودند.


(1)  Some Inscriptions form Jodhpur State, Rajputana. P.40-41, E. I. M. 50-1949ع.

(1)  Some Inscriptions from Jodhpur State, Rajputana, by Dr. M. Abdullah Changhatai, E. I. M. 50-1949ع P. 41.

انتخاب نادره، منشي ديبي پرشاد، ۾- تاريخ معصوميءَ جي ديباچي ۾ (يو)، ۽ رساله تاريخ دکن ۾ آهي.

(2)  مقالو کٽو- عبدالله چغتائي، مطبوعه، رساله اردو، جنوري 1968ع، ص. 164.

(1)  انتخاب نادره، منشي ديبي پرشاد، ۽ رساله تاريخ حيدرآباد دکن.

(2)  رساله تاريخ حيدرآباد، ص. 39 ۽ 9- 1910ع  .M.I .E ص. 3ا، مقاله

The Inscription of Dhar and Mandu

(1)  رساله تاريخ حيدرآباد، ۽ 10  -1909 .M.I.E

The Inscriptions of Dhuar and Mandu, Zafar Hussan, P. 17.

(1)  رساله تاريخ حيدرآباد، ص. 40 ۽ 9  1910ع  .M.I.E

The Inscriptions of Dhar and Mandu, Zafar Hassan. 26. ص

(2)  33- 1934ع. E. I. M.  ص. 14 15 رسالي تاريخ نمبر 1.

(1)  اهو ڪتبو ماثر الامرا ۾ پڻ نقل ٿيل آهي. (2: 537.)

انهيءَ بيت جي نوعيت جا شعر شيراز ۽ اصفهان جي ڪتبن ۾ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جيئن ته پرسي پولس (شيراز) جي هڪ پٿر تي آهي:

مگر  صاحبدلي روزي برحمت

کند درکار درويشان دعاي

(تخت جمشيد علي سامي، ص. 249 257.)

اهو بيت تاريخ بدايونيءَ ۾ به آيو آهي. (3: 394.)

اصفهان ۾ هڪ ڪتبي تي (1044هه) آهي:

غرض نقشي است کزما باز ماند

که هستي را لنمي بينم بقاي

مگر صاحبدلي روزي برحمت

کند درکار درويشان دعاي

اصفهان ۾ هڪ ٻئي ڪتبي ۾ هيٺيون مصرع ڦريل آهن:

کند در حق اين مسڪين دعايي

(گنجينه آثار، ص. 382.)

(1)  The Inscriptions of Dhar E. I. M. and Mandu, by Zafar Hassan P. 26 – 27 1909ع – 10 E.I.M.

(1)  سال 44 سال جلوس نڪري ٿو.

(2)  سال فتح 1009هه نڪري ٿو.

(3)  رساله تاريخ ۽ بليٽن ناگپور ميوزم نمبر 1، سال 1920ع، ۽ معارف اعظم گڙه، مارچ 1921ع.

(1)  ناگپور ميوزم بليٽن نمبر 1- 1920ع، مارف مارچ 1921ع.

(1)  ناگپور ميوزم بليٽن نمبر 1- 1920ع، مارف مارچ 1921ع،

(1)  .M.I.E 26- 1925ع، محمد حميد قريشي، ص. 4 تا 6.

(1)  .M.I.E ص26- 1925ع ص. 3-4، مقاله عبدالحميد قريشي برکتبات اَسير، ڊاڪٽر دائود پوٽي مقدمي ۾ ذڪر ڪيو آهي (يو).

(1)  سليمه سلطان بيگم جي والد جو نالو مرزا نورالدين محمد ۽ والده جو نالو گلرخ بيگم هو. سليمه سلطان پهريون بيرم خان، خانخانان جي نڪاح ۾ هئي. انهيءَ جي وفات بعد اڪبر ساڻس عقد ڪيو. اهو باغ بيگم پاڻ ٺهرايو هو ۽ انهيءَ ۾ دفن ڪئي وئي.

-- تزک جهانگيري، ص. 114.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org