باب ٻارهون
گجرات کان لاهور
روانگي
اعتماد خان جي جاءِ تي 996هه/ 1586ع ۾ اعظم خان گجرات جو
صوبيدار ٿي آيو. ڏيڍ سال کن بعد 998هه/ 1588ع ۾
خواجه نظام الدين پڻ اتان تبديل ٿيو. اڪبر لاهور ۾
منزل انداز هو، تنهنڪري کيس اتي پهچڻ جو حڪم مليو.
پنجٽيهون سال جلوس 14- جمادي الاول 998هه اربع تي شروع ٿيو.
خواجه نظام الدين نوروز جي ٽئين ڏينهن (16- جمادي
الاول 998هه) تي لاهور پهتو. طبقات ۾ لکي ٿو ته
ڇهه سئو ڪوهه پنڌ هو. جنهن کي هن ٻارهن ڏينهن ۾
طئي ڪيو.(1)
مير معصوم جي آمد 998هه/ 1588ع: مير معصوم پڻ ساڳئي وقت ساڳئي
قافلي سان لاهور پهچي، شاهي حضور ۾ سلامي ٿيو.
جيتوڻيڪ ساڳئي قافلي جي وضاحت ٿيل نه آهي، پر
عبارت جي انداز (هم درين ايام) مان ائين پيو معلوم
ٿئي.(2)
والده وٽان سوکڙيون؛ پاڻ نظام الدين سان ملحق هو. ظاهر آهي ته
جڏهن نئون انتظام ٿيو ۽ نوان ماڻهو آيا ته انهن
عملو پڻ پنهنجي پسند ۽ چونڊ تي آندو هوندو.
مير جي واپس اچڻ جو اطلاع سندس والده کي بکر ۾ پهچي ويو هو،
جنهن بيبيءَ پنهنجي وڇڙيل فرزند لاءِ بکر کان ڪجهه
سوکڙيون ۽ سوغاتون اڳواٽ ڏياري موڪليون هيون. مير
صاحب جيئن لاهور پهچندو ويو تيئن ظاهر آهي ته
پهريون گهرجي ۽ وطن جو احوال معلوم ڪيو هوندائين ۽
ماءُ جون موڪيل سوکڙيون به اکين تي رکيون
هوندائين. انهن منجهان ڪي هن انهيءَ لائق سمجهيون
ته جيڪڏهن شاهه جي حضور ۾ پيش ڪندو ته بيجا نه
ٿيندو بلڪه سندس سر خوروئي ۽ شاهي خوشنوديءَ جو
سبب ٿينديون. جڏهن وقت آيو. ته هن پيش ڪندي.
حقيقت عرض رکي. بادشاه بڪمال بنده نوازي، نهايت
شفقت ۽ عنايت سان سوغاتون قبول فرمائيندي، کانئس
پڇيو ته؛ والده کان جدا ٿئي ڪيترا ورهيه ٿيا اٿئي؟
مير عرض ڪيو:
جهان پناهه! ويهه ورهيه جدا ٿئي گذري ويا آهن(1).
اڪبر نهايت نرم مزاج ۽ غير معمولي عظمت ۽ دل جو
انسان هو. شخصي زندگيءَ ۾ جهڙس شريف النفس ۽
مهربان ڪو به مغل بادشاهه ڪو نه ٿيو. هن نه فقط
سوکڙيون قبول ڪري، سندس آبرو وڌائي ۽ دل رکي، بلڪه
کيس ڳوٺ وڃي والده کي ڏسي اچڻ جي به فورً مرحمت
ڪيائين. مير تقريباً ويهن ورهين کان پوءِ وطن
ڏانهن واڳ ورائي رهيو هو.
-----
باب تيرهون
سنڌ تي گهوڙا
خان خانان اڳ ئي شاهي دربار ۾ لاهور اندر حاضر هو. مير معصوم جي
پهچڻ بعد بادشاهه کي سنڌ ياد آئي. بکر سلطان محمود
جي مرڻ بعد مغل هسوارن جي هيٺيان پهرين اچي چڪو
هو. باقي بچيل هئي لوور سنڌ جيڪا ميزا باقيءَ جي
خود ڪشيءَ (993هه) کان پوءِ سندس پوٽي ميرزا جاني
بيگ جي قبضي ۾ هئي.
جاگير 998هه/ 1588ع: اڪبر لوور سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ خان خانان
ميرزا عبدالرحيم کي منتخب ڪيو، ۽ کيس هر طره
تيارين ڪرڻ جو حڪم مليو. بکر جو علائقو سندس جاگير
۾ ڏنو ويو.
هيڏانهن مير معصوم جڏهن تياري ڪئي، ان وقت سندس جاگير جو مسئلو
به پيدا ٿيو. محمد صادق خان جي راءِ هئي ته: جنهن
صورت ۾ مير جو وطن بکر آهي، تنهنڪري مناسب ائين
ٿيندو جيڪڏهن کيس به انهيءَ علائقي ۾ جاگير عنايت
ڪئي وڃي! راءِ بهتر هئي، ليڪن علائقو سمورو خان
خانان جي نالي مخصوص ٿي چڪو هو. تنهنڪري بادشاهه
کي هڪ دفعو ڏيئي وري حڪم بدلائن چڱو نٿي لڳو.
بهرحال انهيءَ مشڪل کي خان خانان پاڻ ئي حل ڪندي،
بکر جي بجاءِ ڪا ٻي جاگير پنهنجي لاءِ وٺڻ تي
راضپو ڏيکاريو. اهڙيءَ طرح معاملو آسان ٿي ويو.
مير کي بکر سرڪارن مان ٽي پر ڳڻا جاگير ڪري ڏنا
ويا- درٻيلو، ڪاڪڙي ۽ چانڊوڪو (چانڊوڪو= موجوده لاڙڪاڻو ضلعو)، ۽ انهن جي بجاءِ خان خانان کي
بکر جي جاگير ۾ ٻيا ٽڪرا شامل ٿي مليا. اهو فرمان
شوال 998هه جو صادر ٿيو.
خان خانان جي روانگي 14 صفر 999هه/ 1590ع: لورو سنڌ جو پاسو
اڪبر کي عرصي کان ذهن ۾ هو، ليڪن بنگال، بهار،
گجرات ۽ ڪشمير وغيره جون مهمون جنهن صورت ۾ اهم ۽
اڳ ئي درپيش هيون، تنهنڪري مصلحتاً مناسب موقعي
لاءِ ترسيل هو، جيڪو هاڻ کيس ميسر هو. خان خانان
ايترين سوڀن کان پوءِ نالو به پيدا ڪري چڪو هو ۽
اتفاق سان فارغ به هو کانئس وڌ ڪير انهيءَ ڪم کي
سر ڪري سگهيو ٿي؟
انهيءَ کان اڳ بادشاهه محمد صادق خان(1)
کي سنڌ تي فوج ڏيئي، فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، ليڪن
رسوا ڪندڙ شڪست سندس مقدر هئي. سندس توب خانو
تباهه ٿيو، سوين لشڪري مئا، باقي جان بچائي ڀڄي
نڪتا ۽ آخر ۾ پاڻ به ميدان کي پٺي ڏيئي ڀڳو. ماثر
رحيميءَ جي مصنف تفصيل سان انهيءَ شڪست جو نقشو
چٽيو آهي.(2)
بادشاهه کي انهيءَ شڪست ۽ خواريءَ جو انتقام دل ۾
رکي رکي ڪنڊي وانگر چڀي رهيو هو. ازان سواءِ ڪيتري
عرصي کان پاڻ لاهور ۾ منزل انداز هو، جتي اوري پري
جا سڀئي امير اچي سلامي ٿيا هئا، فقط جاني بيگ هو
جنهن ”خوش آمديد“ ۽ وفاداريءَ جي يقين دهانيءَ جي
عريضي موڪلڻ تي اتفاق ڪري، بادشاهه جي غصي ۾ مرڳو
اضافو ڪري ڇڏيو هو. تنهنڪري پهرينءَ فرصت ۾ هاڻ
بادشاه سنڌ جو مسئلو طئي ڪرڻ ضروري سمجهيو ۽
انهيءَ طرف متوجه ٿيو هو.
ميرزا جانيءَ جي بهادري ۽ ملڪ جي دفاعي قوت ۽ تربيت کان مغلن جي
مرڪزي سرڪار ايترو متاثر هئي ۽ هندي اميرن جي دلين
تي ايڏو ڏهڪاءُ ويٺل هو، جو تازين فتوحات ۾ جنهن
به جرنيل نالو ڪڍيو هو يا بهادري ڏيکاري هئي.
انهن سڀني کي سنڌ تي نامزد ڪيو ويو. جيئن ماثر
رحيميءَ جي لکت مان ظاهر ٿي رهيو آهي.(1)
الغرض ”ولايت دلپسند سند“ کي هندستاني حڪومت جو ضميمو بنائن
لاءِ بقول صاحب طبقات خان خانان جي ڪٽڪ کي ربيع
الثاني 999هه جو روانو ڪيو ويو:
...درماه ربيع الثاني سنھ تسع و تسعين تسعمائت..... خان خانان
را با جمعي ديگر از امراي نامدار مثل...........
رخصت کردند “(2).
رواني ٿيڻ جي تاريخ ۾ لکندڙن ۾ اختلاف آهي. مير معصوم هڪ جاءِ
تي لکي ٿو:
”در تاريخ 21- شوال سنھ مذکور (998هه) ميان خريف به بکر آمده
بمهمات و معاملات پرداخت“(1).
ماثر رحيميءَ جو مصنف خان خانان جو سرڪاري سوانح نگار آهي. اهو
خان خانان جي خاصه خيل پهچڻ جو اهو مهينو ۽ سال
لکي ٿو:
”به تسخير تته و تاديب ميرزا جاني مقرر نمودند و به تاريخ سوال
سنھ مذکور (998هه) ميان خريف خاصه خيل سپھه سالاري
بضبط بکر آمده بکر را بضبط خود در آورده...“(2).
ٻئي هنڌ لکي ٿو:
”اين سپهھ سالار ميان خريف خاصه خيل خود را بضبط بکر فرستاد“(3)
مٿين لکتين مان ظاهر ٿئي ٿو ته شوال 998هه جو خان خانان پنهنجا
گاڙدي اڳواٽ اماڻيا هئا. جيڪي 22- تاريخ خريف جي
پيدائش سهيڙڻ ۽ سميٽن لاءِ اچي پهتا ۽ پاڻ ڪجهه
وقت جي سانباهي بعد 999هه جو لهور مان نڪتو، جنهن
جي روانگيءَ جي تاريخ فيضيءَ- قصد تته- مان ڪڍي.
999هه
بکر ۾ آمد 14- صفر 999هه: مٿي طبقات ۽ بدايوني جي حوالي سان خان
خانان جي لاهور مان روانگيءَ جو مهينو ربيع الثاني
999هه ڄاڻائي آيا آهيون، جنهن ۾ مورخن کان سهو ٿيل
ڏسجي ٿي. شوال 998هه ۾ خان خانان جا ماڻهو بکر آيا
۽ پاڻ ماثر رحيميءَ جي قول مطابق 14- صفر 999هه(4)
يعني ٽي مهينا وچ ۾ وجهي بکر پهتو.
مير معصوم پاڻ به ساڳئي وقت بکر پهتو جيئن پاڻ لکي ٿو:
”...الغرض که بتاريخ 14- صفر 999هه به بکر رسيد...
“ ساڳئي هنڌ لکي ٿو ته: ” و نواب خان خانان نيز به
بکر تشريف آوردند. چون هوا گمر بود و طغيان آب،
چند روز در بکر توقف فرمودند“(1).
خريف جي موسم هئي آبڪلانيءَ جو زمانو ۽ بکر جي
گرمي. ٻوڏون ان کان علاوه، تنهنڪري خان خانان في
الحال چند ڏينهن تائين بکر ۾ ترسي پيو ۽ ٻين
اميرن کي سنڌ ۾ ضروري محاذن کي جهلڻ لاءِ موڪلي
ڇڏيائين.
لاهور مان روانگيءَ جو اهتمام: اڪبر بادشاهه جنهن نموني ۽ طريقي
سان خان خانان کي لاهور مان رخصت ڪيو، انهيءَ جي
روئداد مان انهيءَ مهم جي اهيمت جو بخوبي اندازو
ڪري سگهجي ٿو. سفر راويءَ جي ذريعي ٻيڙن ۾ ٿيو.
بادشاهه پاڻ درياهه جي پتن تي خان خانان کي خدا
حافظي ڪرڻ آيو. ماثر رحيميءَ جو منصف لکي ٿو:
”بتاريخ نهصد و ند ونھ به اعزاز و شوڪت هرچھ تمام تر از دار
السلطنت لاهور از خليفه الٰهي مرخصي شده بيروزن
خراميد“
(2)
انهيءَ ”بيرون خراميد“ وقر خان خانان جي اعزاز ۽ اڪرام جو
انهيءَ حد تائين غير معمولي اهتمام ڪيو ويو، جو
بادشاهه پاڻ پنهنجي سر پنهنجن سڀني اميرن سميت
رواني ڪرڻ لاءِ آيو.
”حضرت ظل الاهي وجميع ارڪان دولت و اعيان سلطنت به بدرقئه اين
پھ سالار بيرون آمدند. و چند کشتي و غراب ترتيب
يافت که به آب راوي از لاهور به سند مير ود روانه
شدند“.(3)
جڏهن ظل الٰهي پاڻ راويءَ تائين اچي ته ڪهڙو امير پٺتي پوندو.
سمورو درباري اٽالو (جميع ار کان دولت و اعيان
سلطنت) اچي حاضر ٿيو. گويا اهڙي اهتمام ۽ احتشام
سان سنڌ کي زير ڪرڻ لاءِ پنجاب جي سرزمين مان
سانباها ٿيا ۽ سنڌ جو فاتح پنهنجي نئينءَ مهم تي
سهي سنبري هليو. سندس ساٿ ۾ ڪيترا دانشور ۽ شاعر
پڻ هئا، قبضيءَ جي تاريخ مٿي درج ڪئي ويئي آهي.
يولقي بيگ انيسيءَ فتح تي طويل قصيدو چيو آهي،
جنهن ۾ انهيءَ سفر جي روئداد پڻ لکي اٿائين.
روانگيءَ جي تاريخ جو بيت آهي؛
بقتح تته و تاريخ اين قصيده، قضا،
نوشت: تسعمائھ بعد تسع و تسعين(1).
مير معصوم جي روانگي 14- صفر 999هه: رحيميءَ جي مصنف لکيو آهي
ته ٻين اميرن سان گڏ مير معصوم کي به روانو ڪيو
ويو(2).
جنهن صورت ۾ کيس والده کي ڏسڻ لاءِ هونءَ به موڪل
ملي هئي، پر هي هڪ اتفاق ٿيو هو جو بادشاهه کي
ميرزا جانيءَ جي لاغرضائيءَ تي غصو هو ۽ انهيءَ
ئي موقعي تي خان خانان جي لشڪر ڪشي به عمل ۾ آئي.
مير معصوم جنهن اندز سان بکر ۾ پنهنجي پهچڻ جو مذڪور لکيو آهي.
انهيءَ مان اهو ظاهر نه ٿو ٿئي ته هو خان خانان
سان گڏجي هليو هو. اگرچ حقيقت اها آهي ته ساڻس گڏ
بکر روانو ٿيو. ليڪن مير صاحب سپهه سالار جي
مقابلي ۾ پنهنجي اچڻ جو مذڪور اهتمام سان ڪيو اٿس.
خان خانان جي آمد هڪ ضمني يا اضافي واقعي طور غير
اهم لفظن ۾ لکي ويو آهي؛ واقعات جي ترتيب ۽ اصل
عبارت هن ريت آهي ته: جاگير جي مقرر ٿيڻ بعد حضرت
(بادشاهه) جن مرحمت جي انتها ۽ بنده نوازيءَ جو
ڪمال ڪندي ٻيڙيءَ تائين تشريف فرما ٿيا، ۽ پوستين
خاص سان سرفراز فرمائيندي، چاڪر کي رخصت ڪيائون ۽
پنهنجي زبان مبارڪ سان ارشاد ڪيائون ته؛ ويهو! سفر
نهايت خوشگوار ٿيندو!
بنشين و سفر کن که بغايت خوبست!(1)
انهيءَ کان پوءِ مير صاحب پنهنجي پهچ جي اهائي تاريخ لکي آهي،
جيڪا خان خانان جي پهچڻ جي آهي، يعني 14- صفر
999هه. خان خانان لاءِ لکي ٿو؛ و نواب خان خانان
نيز به بکر تشريف آوردند. لاهور کان هلڻ وقت شاهي
موڪلاڻيءَ وغيره جي سلسلي ۾ هڪ لفظ ڪو نه لکيو
اٿائين. حالانڪه ماثر رحيميءَ مان معلوم ائين پيو
ٿئي ته بادشاهه روانو ڪرڻ آيوئي خان خانان کي هو.
مير صاحب به جنهن صورت ۾ ساڳئي وقت ٻيڙيءَ ۾ سوار
ٿي رهيو هو، تنهنڪري سندس خدمتگذاريءَ کي ڏسندي ۽
ويهن ورهين کان پوءِ ڳوٺ ڏانهن اُسهڻ سبب سندس
دلبري ڪرڻ به مناسب خيال ڪيائين. ظاهر آهي ته ٻيا
به ڪيترائي امير انهيءَ قافلي ۾ هئا، ليڪن رحيميءَ
واري، خان خانان جي سوانح نگار جي حيثيت ۾، پنهنجي
ممدوح جو ذڪر ڪيو ۽ مير معصوم پنهنجي لکيل تاريخ ۾
پنهنجي پذيرائيءَ کي اهميت ڏني. انهيءَ مان سمجهي
سگهجي ٿو ته آخر ٻين به ڪيترن اميرن سان به
بادشاهه سلام ڪلام ڪيو هوندو.
بهر صورت انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪو نه آهي ته اڪبر جهڙي عظيم بادشاه جي
مير معصوم تي هلڻ وقت اها عنايت معمولي ڳالهه نه
هئي بلڪه قطعي غير عادي ۽ غير معمولي ۽ واقعي وڏي
افتخار جو سبب هئي.
انهيءَ طرح موڪلاڻيون ڪري، ٻيڙا ڪاهي، غوراب ساڻ ڪري. روايءَ جي
وهڪري ۾ ”ولايت دلپسند سند“ کي تسخير ڪرڻ لاءِ خان
خانان جي همرڪاب ٿي. مير معصوم به روانو ٿيو.
يولقي بيگ پنهنجي طويل قصيدي جي ابتدائي بيتن ۾ انهيءَ سفر جي
ڪيفيت بيان ڪندي لکيو آهي؛
تاسمند رايش از لاهور عزم سند کرد
همچو موسيٰ بر کفش از لطف شد چوب شبان
چون سحاب، اندر لب، درياي راوي خيمھ زد
آن نهنگ هفت دريا ديوبند، هفت خوان
همچو دريا شد روان بهر، وداعش، هر که بود
از خيو هفت کشور تا امير و پاسبان
با مقيمان، دريا، از بس هوائي خدمتش
گفتي، اين ساحل بهمراهيش خواهد شد روان
شد مرتب کشتيء بهر نشتتن کز شرف
نيز آن کشتي نزيبد جز درفش کاويان
ڏهه ٻارهن ڏينهن انهيءَ سفر کي لڳا. قافلو رستي ۾ ڪٿي ڪو نه
رڪيو جيتوڻيڪ ملتان ۽ آسپاس جو علائقو خان خانان
جي جاگير ۾ هو، ليڪن هو ڪيڏانهن به متوجهه نه ٿيو،
۽ ڌوڪيندو سڌو بکر اچي پهتو.(1)
مير معصوم بکري پنهنجي قول مطابق ويهن ورهين جي طويل عرصي بعد
وطن وريون هو، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته بکر مان هو
979هه ڌاري هندستان ڏانهن اسهيو هيو، جيئن گذريل
صفحن ۾ (ص118) ۾ ڄاڻايو ويو آهي، جيئن ته سندس
والد (991هه) ۾ فوت ٿي وئي، سندس ڀاءُ ابوالقاسم
پن ساڳئي سال ۾ (991هه) هي جهان ڇڏي چڪو هو. سلطان
محمود- جيڪڏهن سندس پنهنجي قول تي حساب ڪجي ٿو ته-
سندس غير حاضريءَ ۾ (982هه) ۾ فوت ٿيو هو، ۽ ميرزا
باقي ترخان پنهنجي خونخواريءَ ۽ درندگيءَ جي وحشت
زندگيءَ ۾ دماغي توازن وڃائي خود ڪشي ڪري چڪو هو.
۽ ان جو پوٽو ميرزا جاني لوور جاني لوور سنڌ جو
والي هو، جنهن سان جنگ ۽ سنڌ کي هندستان سان پيوست
ڪرڻ واري اسڪيم مير جي وطن ۾ اچڻ جي مقصدن مان
مکيه مقصد هو. ميرزا جانيءَ کي قريباً تخت نشين
ٿئي سترنهن ورهيه ٿي چڪا هئا.
اهو ذهن نشين هجڻ گهرجي ته ميرزا باقي اگرچ پنهنجن مغلن وٽ
”سنڌي ٻچو“ سڏيو ويندو هو. ڇاڪان ته. سنڌي پيٽ،
مان هو، ليڪن سنڌ جي ماڻهن پنهنجي انهيءَ ”پيٽ“
منجهان خدا خدا ڪري جند ڇڏائي. سک جو ساهه پٽيو
هو. ميرزا جاني جيتوڻيڪ اخلاقي ڪمزورين ۾ شرمناڪ
حد تائين مبتلا هو(1).
تاهم طبعاً نرم ۽ مهربان مزاج حڪمران هو.
ازانسواءِ سنڌي قبيلن سان مٽن مائٽن ۾ ڳنڍجي، سنڌ
کي اباڻي وطن وانگر بڻائي چڪو هو، سنڌ جي باشندن
کي ڌاريون نه بلڪه پنهنجو هڏ ترس سمجهي، ساڻن
پنهنجائيءَ وارو سلوڪ ڪندو ٿي رهيو. جڏهن اسير
(خانديش) ۾ فوت ٿيو، ته وصيت مطابق سندس لاشو
مڪليءَ تي آڻيءَ دفن ڪيو ويو. ارغونن وانگر نه
ڪيائين ته سنڌ وارن جي رت چوسيندي ۽ خون وهائيندي
جڏهن موت آين، ته ايتري به هن زمين سان دلچسپي ڪا
نه ڏيکاريائون، جو هتي کڻي پاڻ پورائين.
(2-4-1978ع.)
-----
”ميرزا چڱا اطوار ۽ شايسته افعال ڇڏي انهيءَ
حد تائين غلط ۽ شرمناڪ ڪم ڪرڻ شروع ڪيا جو کلم
کلا ڇوڪري بازيءَ تي لهي پيو. سهڻن ڇوڪرن کي
غلط ڪاريءَ لاءِ پاڻ وٽ رکندو هو، ۽ ڪيترن وڏن
خانداني بلڪ سيد زادن جي گهرن مان جن جي نالن
ظاهر ڪرڻ کان شرم ٿو اڇي، سڀڪنهن کي انهن
افعالن جي سڌ آهي انهن ڇورن کي ڪنگڻ ٻانهن ۾ ۽
لٽا زنانا پارائي، پنهنجي ريجهه لاءِ زنان
خانن ۾ رهائيندو هو. ماڻهن اهي افعال بد ڏسي
توبهون ٿي ڀريون ۽ استغفار ٿي پڙهيو.“
|