سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

معصوم بکري

باب-2/1

صفحو :3

 

باب پهريون

خاندان ۽ ان جا بزرگ

مير معصوم جو گهرڻو ترمذي سيدن جي انهيءَ ڦريءَ سان لڳي ٿو، جنهن جو سلسلو حضرت امام موسيٰ ڪاظم رضه سان پيوست ٿئي ٿو. انهيءَ کان پهرين جو نسبنامي تي بحث ڪجي، مناسب لڳي ٿو ته خاندان جي ڪن آڳاٽن بزرگن جو بيان ڪجي، جن لاءِ ڪي قدر معلومات ملي ٿي؛

1-بابا حسن ابدال

مير معصوم پنهنجي ”تاريخ سنڌ“ ۾ قنڌار جو احوال لکندي هن بزرگ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ تاريخ جي ديباچي خواه پنهنجي ڪتبن ۾ پنهنجو سلسلو ساڻس ملايو آهي.

بابا حسن ابدال ترمذ(1) جي صحيح نسب ساداتن مان هو، هن شروع حياتيءَ ۾ وطن کان نڪري حرمين جي زيارت لاءِ سفر ڪيو، جتي ڪجهه سال گذاري، شاهرخ ميرزا والي خراسان (807-850هه)(2)جي زماني ۾ ترڪيءَ (روم) جي رستي کان سبزوار(3) پهتو. شاهرخ ميرزا جي ساڻس عقيدت هئي، تنهنڪري هُن سان گڏجي قنڌار جي ويجهو ”لنگر“ ڳوٺ ۾ آيو ۽ پڪيءَ طرح اتهن رهي پيو. مير معصوم جو بيان آهي ته؛ هن بزرگ پنهنجي مريدن کي چيو:

هو ته ؛ هن مٽيءَ مان مون کي محبت جي خوشبو پئي اچي(1)!

حياتيءَ جي جنجال مان جند آجي ڪرڻ بعد انهيءَ ڳوٺ ۾ سندس مٽي پنوڙي پنهنجي جاءِ ڪئي. اهو ڳوٺ ارغنداب جي ڀڪ تي هڪ سرسبز ۽ شاداب هنڌ تي آهي، جنهن لاءِ مير معصوم لکيو آهي ته؛ سچ پچ فيض وارو ماڳ ۽ ڪمال صفائيءَ وارو مڪان آهي، ۽ لکي ٿو ته؛ آئي وئي کان ٻڌو ويو آهي ته هن هنڌ جهڙي جوءِ گهٽ لڀندي.(2)

مير معصوم قنڌار جي آس پاس جي انهن چند ماڳن جو پڻ بيان ڪيو آهي، جن جو ڪنهن نه ڪنهن نموني بابا حسن ابدال جي ڪرامتن سان تعلق هيو. مثلاً؛

1. جنهن ٽڪر جي دامن ۾ بابا حسن ابدال جي مزار آهي، انهيءَ ٽڪريءَ جي مٿان هڪ گنبذ جهڙي عمارت آهي، جنهن لاءِ مشهور آهي ته بابا حسن ابدال پنهنجي هٿن سان جوڙي آهي. گنبذ جي بيهڪ هڙي اچرج ۾ وجهندڙ آهي جو هر ڪو انهيءَ کي سندس ڪرامت جو ڪرشمو سمجهي ٿو. ڏسندڙن جي سمجهه موجب انساني قوت کان ٻاهر آهي ته اهڙيءَ عمارت ٺهي سگهي.(3)

2. اهڙيءَ ريت سندس آستان جي سامهون هڪ ٻيو گنبذ آهي جيڪو پڻ سندس جوڙيل چيو وڃي ٿو. انهيءَ جي اڏاوت، اڻ گهڙيل پٿرن کي بنا مسالي جي هڪ ٻئي مٿان رکي، ڪئي وئي آهي ۽ پٿرن کي اهڙيءَ ريت پاڻ ۾ ملايو ويو آهي جو ڪابه درز يا وٿي ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي ۽ انساني عقل دنگ رهجو وڃي ٿو. هڪ هڪ پٿر پنجن مڻن کان گهٽ نه هوندو. انهيءَ جاءِ تي بابا حسن ابدال چلو ڪڍندو هيو.

3. قنڌار جي اولهه کان هڪ ڳوٺ آهي، جنهن کي پنجوائي(1) سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ جي ڀڪ ۾ هڪ ٽڪر ۽ ان ۾ هڪ غار آهي، جنهن کي گهڙي منجهس لهڻ لاءِ ڏاڪا ۽ وهڻ لاءِ ٿَلو ۽ انڱڻ ٺاهيو ويو آهي. ڪاريز اندران نڪري وهندي رهي ٿي. غار تمام سوڙهو ۽ اونداهو آهي. چيو وڃي ٿو ته بابا حسن ابدال انهيءَ ۾ اندر گهڙي هڪ سوني سِرَ کڻي آيو هيو. انهيءَ غار جو ٻيو مٿو ٽڪر جي ٻئي پاسي کان نڪري ٿو، جتي مشهور ”چهل زينو“(2) ۽ ان جو پيش طاق (ورانڊو) آهي. جنهن تي بابر بادشاهه ڪتبو اُڪرايو هيو ۽ اڪبر جي دور ۾ مير معصوم اضافا ڪري ان کي اڪبر جي زماني تائين مڪمل ڪيو.(3)

بابا حسن ابدال جي مزار تي پٿر جو هڪ ڊگهو ڪتبو لڳل آهي، جنهن تي بکر جي حاڪم سلطان محمود بکريء (962-982هه) جي والد مير فاضل ڪوڪلتاش (و-928هه) سال 920 هه ۾ هيٺين عبارت اڪرائي آهي. انهيءَ زمان ۾ شاهه بيگ ارغون قنڌار جو خود مختيار والي هيو ۽ مير فاضل ڪوڪلتاش سندس  امير، دوست ۽ دست راست هيو.

ڪتبي جو پهريو نطرف

هوالحي القائم القيوم سبحان الملک الحي الذي لايموت لہ الحکيم ولہ الحمد ولہ الکبرياءَ والجبروت.

برلوح ضمير زائران روضہء ادراک، وخاطر خطير عاکفان خطہء خاک، ظاهر و پيدا و روشن و هويدا خواهد بود که: خلاصي از مضائف ايام و رستگاري از مذلت اقدام، بزيارت ارباب قبور و استعانت از اصحاب حضور، منوط مربوط است. چناچه کلام خجسة فرجام حضرت رسالت پناه عليه من الصلوات افضلها ومن التحيات اکملها خبر ازين معني ميدهد.

-اذا تحيرتم في الامور فاستعينوا من اهل القبور-

کاشف اين حکايت و شاهد اين روايت است، اسعاف حاجات وانجاح مهمات زائرين اين مشهد مقدس و معتکفان اين مرقد منور است. اعني مرقد سلطان الطريقت و برهان الحقيقه، قطب فلک الهدايت و مرکز دائرهء ولايت، مهبط انوار الاهي و مظهر اسرار نامتناهي، قدوت الواصلين زبدت الکاشفين، سر حلقہء ارباب وجد وحال، بابا حسن ابدال، نورالله مرقده و عطر مشهده، که در عالم طريقت کسوت وخرقہء از حضرت سلطان الاوليا وبرهان الاتقيا... في العالم سلطان ابراهيم ادهم(1) داشت اند. وبه نيل سعادات و رفع درجات فائز و فائق... و مجذوب سالک بوده اند. وخوارق عادات از خدمت ايشان بظهورمي انجاميده، چنانچه در افواه و السنه جاري است. و ارباب ملک و ملت و اصحاب دين و دولت  روي نياز و ابتهال بدين درگاه- که کعبه آمال و اماني اين ديار است-آورده مقصود مي يا بند.

چو کعبه، قبلہء حاجات خلق گرديد

نهند روي به درگاهت، از ديار بعيد

و حضرت خاقان مرحوم مغفور شاهه رخ ميرزا از روي اخلاص و ارادت، دريب مقام ملاقات کرده، آنچه از خدمت بابا شنوده بودند، به راي العين مشاهده آمد. واين موضع که موسوم است به-قريہء لنگر-به رسم زڪوات وقف حضرت بابا فرموده، از ماليه و... کل لنگر به رسم زکوات وقف حضرت بابا فرموده، از ماليه و... کل تکاليف معاف و مسلم داشت اند. و در زمان حضرت سلطان مشاراليه بفحواي مصدوقہء:

-المومنون لايموتون بل ينعلون الي....

از دار فنا بدار بقا رحلت فرمودنه، وچون زمام سلطنت منتقل بحضرت سلطان مرحوم و مغفور ابو الغازي سلطان حسين بهادر...گشت(1)، اهل بغي وعناد در... بلادسر به فتنه برآورده گردن کشي آغاز کرده بودند، ورعايا منفرد و متفرق گشت از اوطان خود جلامي شدند، هر چند که فرزندان کا مگار و مردان نامدار مي فرستادند، اين ديار قراري پيدا نمي کرد... برين تقدير، حضرت امير کبير عالمگير، المويد من السماء المظفر علي الاعدا، افتخاري الا عظم الامير المرحوم المغفور امير شجاع الدوه والدين ذوالنون بهادر بردالله مضجعه، درين ولا از ولايت ماوراء النهر... شان اتقاف افتاد، واهل شروفساد دفع و...عالي بنام مبارک حضرت مشاراليه شرف صدوري يافت(1) آن حضرت با برادران نامدار و فرزندان ڪامگار وچندي از خاصان (متوجه- عازم) اين حدود گشتند، به عون عنايت الاهي و ياري دولت نامتناهي، به ضرب تيغ آبدار، اين ديار را، ازشر و مفسدان باغي، پاک و صافي گردانيد (ند). دران (ايام) از کنارهء آب سند تا خطہء کابل و از بلخ تا...ناحيت دارالسلطنت هرات و از سرحد سجستان تا دامن...در قضه تصرف پادشاهانه در آورده، لواي عدالت و شفقت درين اقليم...سلطان غازي سلطان محمود بن سبکتگين نورالله  مرقده، از صفحه خاطر جهانيان و اهل زمان محو و منسي گرديد.

ڪتبي جو ٻيو طرف

وبحمدالله تعاليٰ که اين دولت ابد پيوند، ولد ارجمند عاليحضرت مشار اليہ وهو حضرت امير روشن راي، صافي ضمير، عاليجاه ممالڪ پناه، عدالت دستگاه، النيرالفلک الارتفا، مبارزالدولہ شاه شجاع(2) خلدالله دولت الي يوم الدين، اين بلاد و ديار... به فرغ دل و حضور، روزگارمي گذ رانند و اوقات بسرمي برند. ظل ظليل مرحمت و عاطفت اين حضرت الي يوم التناد برسر سکان...عباد آفاق گيرباد. وهذا... فاصلاح الاصناف...مشاراليہ...ڪافہ رعايا و برايا...ابنيہ عاليہ مصروف و معطوف است. ارکان دولت و اعيان حضرت...مساعي جميله بظهور مير سانند.

درين ايام خجسة فرجام توفيق رفيق حال فرخنده مال، حضرت ڪوڪلتاش مشاراليہ و هو جناب رفعت مآب امارت پناه شجاعت ستگاه امير عاقل عامل عادل باذل امير  ناصر الدين فاضل(1) ابدالدولة بر... لوح عرش فرساي..عالي...توفيق يافت. و الحمدالله علي التوفيق. لکاتبة:

مير فاضل، يادگاري ماند در عالم زخير

باد باقي دولت او، تا جهان فاني است

چونکه در ماه ربيع الثاني، شد اتمام او

سال تاريخش همي، ماه ربيع الثاني است (2)

                                                       920هه

مٿين ڪتبي مان ظاهر ٿو ٿئي ته بابا حسن ابدال شاه رخ ميرزا سان گڏجي انهيءَ ڳوٺ ۾ ڪونه آيو هو(3)، بلڪ بابا حسن ابدال اڳ ئي انهن رهيل هو، شاهه رخ ميرزا جڏهن  لانگهائو ٿيو ان وقت عقيدت سبب ساڻس مليو ۽ اهو ڳوٺ جيڪو ”لنگر“ جي نالي سان مشهور ٿيو سو خانقاهه جي خرچ يعني ننگر جي لاءِ معافي ڍل تي کيس ڏنو ويو. شايد انهيءَ سبب ڪري ڳوٺ تي به ”لنگر“ نالو پئجي ويو. اهڙيءَ ريت سندس تربت کي ”مزار بابا ولي“ سڏيو وڃي ٿو.

قنڌار جي شهر کي پنج دروازا آهن، اُڀرندي واري در تي ”دروازهء بابا ولي“ نالو پيل آهي، جنهن مان ٻاهر نڪري مزار ڏانهن رستو وڃي ٿو.(1)

2- سيد حسن زنجيرپا

هي بزرگ پڻ مير معصوم جي آڳاٽن مائٽن مان آهي، سندس چواڻي هن جو تعلق سبزوار جي ”سادات ذوالسعادات“ سان لڳي ٿو، ۽ اڻويهن واسطن ذريعي حضرت امام موسيٰ ڪاظم پيوست ٿئي ٿو.

هي سيد حسين زنجيرپا مٿئين بابا حسن ابدال جو ڀاڻيجو هو ۽ سندس والد جو نالو سيد عين الدين آهي. مير معصوم جو چوڻ آهي ته؛ بابا حسن ابدال جڏهن حجاز مقدس کان زيارتون ۽ فرائض پورا ڪري واپس وطن وريو، ان وقت پنهنجي ڀيڻ بيبي فاطمه جو نڪاح سيد عين الدين سان ڪيائين جيڪو ”اجلهء سادات سبزوار“ مان هو. شاديءَ ٿيڻ کان اڻويهه ورهيه پوءِ سيد حسن زنجيرپا پيدا ٿيو.

مير معصوم سيد حسين زنجيرپا جون پڻ ڪي ڪرامتون بيان ڪيون آهن. مثلاً: ٿي ويو ۽ ستن ورهين کان پوءِ هڪ ڏينهن اوچتو اچي گهر نڪتو. چئي؛ کيس جن کڻي ويا هئا جيڪي ”ارباب ايمان“ وارن مان هئا، انهن کيس سندس مامي بابا حسن ابدال وٽ هندستان (؟) پهچايو(1)، جتي هو هڪ سال رهيو ساڳين ـارباب ايمان“ يعني جنن جي وسيلي ڪن درويشن جي خانقاه تي پهتو، انهن وٽان ڇهن ورهين تائين روحاني تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري سڌو انهيءَ خانقاهه تان هاڻي گهر پيو اچي!

هڪ ڏينهن سيد حسين زنجيرپا پنهنجي مامي وٽ لنگر ۾ رهيل هو، اوچتو ڪئي. معتقد ۽ مهمان اچي نڪتا. پنج سير گوشت ۽ ڏهه سير قنڌاري وزن جو اٽو ملائي، سيد زنجيرپا ديڳڙو چلهه تي چاڙهيو، بابا حسن ابدال وزن جو اٽو ملائي، سيد زنجيرپا ديڳڙو ڇلهه تي چاڙهيو، بابا حسن ابدال جيتوڻيڪ پاڻ به ڪانيءَ ڪرامت جو صاحب هو، ليڪن کيس سمجهه ۾ نه آيو جيتوڻيڪ پاڻ به ڪانيءَ ڪرامت جو صاحب هو، ليڪن کيس سمجهه ۾ نه آيوته هيترن سارن مهمانن ۾ اهو مختصر کاڌو ڪيئن پورو پئجي سگهندو؟ زنجيرپا کيس پڪ ڏياري ته ماني سڀني کي پوري ٿي ويندي! مير معصوم ازثقات مروي ست جي آڌار تي لکي ٿو ته: نه فقط انهن پندرهن سيرن مان ڏيڍ سؤ مهمان کائي ڍوء ڪيو پر ديڳ اوتري جو اوتري ڀري رهي.

اهڙي ريت سيد حسين زنجيرپا جي هڪ اڌ ٻي ڪرامت بيان ڪندي مير معصوم ”قصي“ کي ڪوتاهه ڪري لکيو آهي ته ؛

”- چون کرامات و خورق ايشان ازان زياده است کہ

درين صفحه اندراج يابد، بر اندکي اختصار نمود-“ (2)

سيد موصوف جي مزار ڀانئجي ٿو ساڳي لنگر ڳوٺ ۾ آهي. مير معصوم کولي ڪونه لکيو آهي، پر سندس هڪ ڪرامت جو بيان ڪيو اٿائين جيڪا لنگر ڳوٺ ۾ ظاهر ٿي، يعني سندس ڪرامت سبب پنير (چيز) جا ٽڪر پٿر ٿي ويا جن کي آستان جي دروازي تي رکيو ويو، مير معصوم جڏهن ڏٺا تڏهن خادمن انهن کي مرقد منور تي آڻي رکيو هو.(1)

انهيءَ مان ظاهر آهي ته سيد زنجيرپا جي تربت انهيءَ ساڳي ڳوٺ ۾ آهي ۽ ”بابا ولي“ جي شهرت هن سيد جي تربت کي جدا حيثيت ۾ اسرڻ نه ڏنو.

 

3- سيد محمود شير قلندر

هي بزرگ مٿئين سيد حسين زنجيرپا جو فرزند هو، رياضت ۽ سير سلوڪ ۾ هن پاڻ کي ”درجات عاليہ“ تي پهچائي ڇڌيو هو ۽ هميشہ ”لب تشنگان باديہ طلب را از سرچشمہء معرفت سيراب مي ساختند“ سندس ڪشف ۽ ڪرامت جو به ڳاڻاٽو ڪونه هو، مير معصوم انهيءَ ڪري لکيو آهي ته؛

”- ازان متصاعد است که مهندس انديشہ از عهدهء استيفاي آن تواند برآمد-“(2).

انهي هوندي به نموني طور ڪي ڪرامتون درج ڪيون ويون آهن جيئن ته: هڪ دفعي قنڌار جي حاڪم امير ذوالنون ارغون کان ڪا بي ادبي ٿي وئي جنهن تي سيد پنهنجو انساني قلب مٽائي شينهن جي صورت اختيار ڪئي. جنهن ڪري نه رڳو ذوالنون ارغون ڏڪي توبہ تائب ٿيو بلڪ انهيءَ ڏينهن کان سيد تي ”شير قلندر“ لقب پئجي ويو.

سيد شير قلندر جي وفات مير معصوم جي ڄاڻ موجب عاشوري ڏينهن محرم مهيني ۽ سال 933هه ۾(1) ٿي، جڏهن ته سنڌ تي ذوالنون ارغون جو پوٽو شاه حسن قابض هو ۽ قافلن جا قافلا هرات ۽ ڪابل قنڌار کان ڀاڄوڪڙ ۽ موقعي پرست پناه گيرن جا سنڌ ۾ اچي رهيا هئا.

شير قلندر جي مزار ”اشڪلچہ(2) ڳوٺ ۾ آهي. آهو ڳوٺ قنڌار جي اولهه ۾ ڏهن ڪوهن تي آهي. مير معصوم جو چوڻ آهي ته؛ اڃا تائين قنڌار ۽ زمين داور جا ماڻهو مرادن حاصل ڪرڻ لاءِ انهيءَ ”مزار فيض آثار“ تي ٽولن جي مهن ايندا ٿا رهن ۽ درگاه تي لنگر جي چلُهه هميشه گرم رهي ٿي.(3)

مير معصوم 1005 هه ۾ جڏهن قنڌار ۾ هو، ان وقت هُن مزار تي پنهنجي عادت مطابق هڪ ڪتبو يادگار طور نصب ڪيو جنهن جي عبارت هيٺينءَ ريت آهي:

        درين آرام گاهه بي ره و رو

اگر مردي! مَنِه دل يک سِرمو

ازين منزل، که ياران در رحيل اَند

ترا آن جمله در رفتن وکيل اند

ترا گر آسمان منزل نشين است

هم آخرجاي تو زيرِ زمين است

بيانامي! به کار خود بگرييم

زماني، بر مزار خود بگرييم

بتاريخ سنه 1005 هه حسب الحکم از بکر به کمک قندهار آمدو به زيارت مزار جد بزرگوار سيد شير قلندر سبزواري ولد مير بزرگوار سيد امير انصاري (؟) ترمذي مشرف شد.

العبد محمد معصوم نامي ابن سيد صفائي ابن مير مرتضيٰ به يادگار اين جا را تعمير نمود. درايام دولت شاهنشاه ظل الله جلال الدين محمد اکبر پادشاه غازي سمت تحرير يافت – نوزدهم شهر شوال (1005هه) (1).

ڪتبي جي عبارت ڪن هنڌان غير مربوط لڳي ٿي. اهڙيءَ ريت سيد شير قلندر کي مير بزرگوار سيد امير انصاريءَ جو پٽ بيان ڪيو ويو آهي، جيڪا ڳالهه خود مير معصوم جي پنهنجي بيان جي ابتڙ آهي.

بهرحال اهي ئي بزرگ مير معصوم جي آڳاٽن مائٽن ۾ آهن جن جو پاڻ احوال ڏنو اٿس. انهن ٽن کان سواءِ مير معصوم جي والد سيد صفائي تائين ٻيو ڪوبه بزرگ اهڙو ڪونه گذريو، جنهن جي شهرت يا ڪرامت مشهور ٿي مير صاحب جو توجهه ڇڪي سگهي. اهو ئي ڪارڻ ٿيو جو مير معصوم انهن ٽن بزرگن جي احوال لکڻ تي اڪتفا ڪئي.

-----


 

باب ٻيو

حسب نسب ۽ نِسب نامو

بيان ڪيل ٽيئي بزرگ مير معصوم جي ڏاڏنگ جون ڪڙيون چيا وڃن ٿا. مير معصوم پنهنجي سر انهن جي باري ۾ هڪ ٻئي جي ابتڙ اهڙيون عبارتون لکيون آهي، جو سلسلي جو مسئلو منجهائيندڙ ٿيو پوي. سندس بيان، جزن جو گذريل صفحن ۾ به ذڪر اچي چڪو آهي. هن ريت آهن:

1- سيد شير قلندر بن بابا حسن ابدال السبز واري مولدا والقندهاري موطناً و مرقداً (ص3).

2- سيد شير قلندر  فرزند سيد حسين زنجيرپا است (ص.137).

3- سيد شير قلندر بن سيد حسين زنجيرپا بن بابا حسن ابدال السبزواري (ڪتبو چهل زينو ۽ قلعو آسير).(1)

4- سيد حسين زنجيرپا خواهر زاده بابا حسن ابدال و فرزند سيد عين الدين (ص.130).

5- سيد شير قلندر سبز واري ولد مير بزرگوار سيد مير انصاري (؟) ترمذي (ڪتبو مزار شير قلندر) .(2)

مٿين عبارتن ۾ جيڪو اختلاف آهي. انهيءَ ٽنهي بزرگن جي باهمي رشتي کي منجهائي رکيو آهي. خبر نٿي پوي ته ڪير ڪنهن جو پٽ هو. مير معصوم جي پنهنجي خاندان ۾ جيڪو نسب نامو موجود آهي، سو هن ريت آهي.(3)

سيد معصوم بن سيد صفاي، بن سيد شير مرتضيٰ، بن سيد علي، بن سيد امام الدين، بن سيد محمد بزرگ، بن سيد علي، بن سيد محمود، بن سيد شيرقلندر، بن سيد عين الدين، بن سيد شمس الدين، بن سيد علاعه الدين، بن سيد محمد، بن سيد بابا حسن ابدال، بن سيد حسين زنجيرپا، بن سيد رضا، بن سيد محمد، بن سيد احمد، بن حضرت هارون، بن امام موسيٰ ڪاظم (و-183هه).

هن شجري ۾ سيد محمود کان سيد رضا تائين جيڪو اختلاف آهي، تنهن هيڪاندي مسئلي کي مشڪوڪ ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم انهيءَ ڪري ئي لکيو آهي ته؛ هن نسب ۾ ڪي نالا هيٺ – مٿي آهن، جنهن لاءِ مير معصوم پاڻ به ذميدار آهي.(1) مير معصوم هڪ جاءِ تي پنهنجو نالو آندو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ماءُ جي طرفان بابا حسن ابدال سان سندس نسب ملي ٿو- محمد معصوم بکري، بن سيد صفائي الترمذي المنتسب اُماً اليٰ سيد شير قلندر، بن سيد حسين زنجيرپا، بن بابا حسن ابدال السبزواري اصلاً و القند هاري مرقداً (2) انهن نسبن ڪري ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم لکيو آهي ته؛ لهٰذا اين نسبنامه ناصحيح است(3).

مير معصوم هڪ جاءِ تي اهو به لکيو آهي ته: اڻويهن واسطن سان امام موسيٰ ڪاظم رضه سان سيد حسين زنجيرپا جو نسب ملي ٿو.(4) مٿي ڏيکاريل شجري ۾ زنجيرپا ۽ امام موسيٰ ڪاظم رضه جي وچ ۾ ڇڙو چار واسطا ڏيکاريل آهن.سيد حسين زنجيرپا، سيد رضا، سيد محمد، سيد احمد، حضرت هارون، امام موسيٰ ڪاظم؟

بهرحال، اهو ظاهر آهي ته جيڪي نسب نامه صدين کي پنهنجي دامن ۾ وڪوڙن ٿا، انهن مان ڪن ڪڙن جو ٽٽڻ، ڪن نالن جو بدلجڻ ۽ ڪن هنڌ تي اختلاف ٿيڻ جو امڪان هميشه موجود رهي ٿو.

انهيءَ گهراڻي جو ٻيو به هڪ شجرو سيد نور علي شاه معصوم مرحوم (1) منهنجي برادر بزرگ پير علي محمد شاهه راشديءَ کي (31 ڊسمبر 1931ع پنجشنبه 21 شعبان 1350 هه ) پان وٽ رکيل اصل نسخه تان نقل ڪري ڏنو هيو، جنهن مٿان تصديق لاءِ سکر جي برک بزرگن جون مهرون لڳل هيون، جهڙوڪ:

(1) الخادم اميد علي شاه جيلاني ابن سيد نواز علي شاه جيلاني.

(2) الخادم عبدالغفور ابن مولوي احمد.

(3) الخادم عبدالرحمان ابن ڪمال الدين.

(4) الخادم نور محمد.

انهيءَ شجري ۾ ٻه نالا اهڙا آيل آهن، جيڪي مٿئين خانداني شجري ۾ موجود نه آهن. شجرو هن ريت آهي؛

مير معصوم، بن سيد صفائي ، بن سيد شير مرتضيٰ، بن سيد علي ، بن سيد امام الدين، بن (سيد مير بزرگ) بن (سيد مير شاهه) بن سيد حسين شير قلندر، بن سيد عين الدين ، بن سيد شمس الدين، بن سيد علاء الدين، بن سيد محمد، بن سيد بابا حسن ابدال، بن سيد حسين زنجيرپا، بن سيد رضا، بن سيد محمد، بن سيد احمد، بن احمد، بن سيد هارون، بن سيد امام موسيٰ ڪاظم.

در حقيقت ڏنگين وارا ٻئي نالا هئڻ گهرجڻ سيد محمد بزرگ، بن سيد شاهه علي، شايد لکندڙ کان پهرين نالي ۾ (محمد) لکڻ رهجي ويو ۽ ٻئي ۾ (علي) ڇڏجي ويو، جنهنڪري نالن جي صورت بدلجي وئي ۽ شجري منجهه نقص پيدا ٿي پيو.

ٻيو هڪ شجرو مير علي شير قانع  ٺٽويءَ ”شجرهء سادات بکر“ تان نقل ڪري ”تحفة الڪرام“ ۾ ڏنو آهي:

مير معصوم، مير مرتضيٰ، مير تقي، مير خوارزم شاه، قلندر شير، ميرعلي، مير عماد، مير بزرگ، مير خوارزم شاهه، شير قلندر، حسين، علاعه الدين، محمد، حس، علي، جعفر، محمد، هارون، محمد، جعفر، محمد، احمد، هاشم، امام موسيٰ ڪاظم(1).

هيءَ شجرو مٿي ڏيکاريل ٻنهي شجرن کان مختلف آهي. ازانسواءِ مير معصوم جي والد سيد صفائيءَ جو نالو وچان ئي غائب آهي.

اهڙيءَ ريت هڪ شجرو ”تذڪرة الانسابه“(2) نالي هڪ خطي ڪتاب ۾ درج آهي، جو سڀ کان نرالو آهي، مثلاً؛ هن ريت:

-موسيٰ ڪاظم، هاشم، احمد، محمد، المعزبالله، هارون، محمد، جعفر،

 

هڪ ٻيو ڪتاب ”جامع الانساب“(1) جي نالي سان 1376 هه ۾ ايران مان ڇپيو آهي. انهيءَ ۾ حضرت هارون بن امام موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر جي اولاد جو هڪ اهڙو شجرو ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ مير معصوم جو سلسلو پڻ موجود آهي. انهيءَ شجري جو مدار گهڻو – ”سراج الانساب“(2) تي آهي.

جامع الانساب جي مؤلف مير معصوم جو ذڪر ڪندي لکيو آهي؛

-نسب شريف مير بزرگ از طرف پدر بيش ازين اطلاعي از افراد اين رشت نداريم، و در زنجيرهء نسب سيد محمد مشهور به آقاي شاه- که به علي، بنَ محمد، بن احمد، بن هرون مير سد شخصي بنام سيد حسين زنجيرپا ذکر شده، و درين رشت هم نامي از سيد حسين زنجيرپا ديده مي شود.

 (عبارت سراج الانساب) پس از آنکه عمود نسب راتا مير عماد مي رساند چنين است؛ -مير عماد، بن مير بزرگ، بن شاه بزرگ، از طرف والده مير سيد شير قلندر بن سيد حسين زنجيرپا بن... الخ.(1)

سيد هارون جا ٻه فرزند هئا- محمد ۽ احمد، سيد محمد جي شاخ ۾، جنهن ۾ مير معصوم اچي ٿو، هڪ بزرگ مير شير قلندر بن سيد حسين زنجيرپا موجود آهي. اهڙيءَ طرح سيد احمد جي هڪ پٽ محمد جي فرزند عليءَ جي سلسلي ۾ پڻ سيد حسين زنجيرپا جو نالو موجود آهي، جنهن ڏانهن مٿينءَ فارسي عبارت ۾ اشارو ٿيل آهي. سلسلو هن ريت آهي؛

هارون، احمد، محمد، علي، صالح، محمد، جعفر، حسين علاعه الدين، قطب الدين، شمس الدين، سيد حسين زنجيرپا، عين الدين... تا سيد محمد يعني آقاي شاه.

مٿين سيد احمد جي فرزند محمد جي صاحبزادي موسيٰ اصغر جي پوٽي سيد احمد بن حسن جنيدي جي پشت ۾، ايران جو مشهور صوفي شاعر ۽ بزرگ شاهه قاسم انوار آهي، انهيءَ لحاظ سان هارون جي هڪ صاحبزادي محمد جي پشت ۾ سيد محمد معصوم آهي ۽ ٻئي صاحبزادي سيد احمد جي اولاد ۾ معين الدين علي مشهور به سيد قاسم انور ٿيو.(1)

مير معصوم جي شاخ هن ريت آهي:

امام جعفر، امام موسيٰ ڪاظم، حضرت هارون، جعفر، محمد، هارون، محمد، حسين، علي، احمد، محمد، رضا، حسن، حسين، حسين؟. محمد، علاعه الدين ، شمس الدين، سيد حسين زنجيرپا، مير شير قلندر... شاه بزرگ، مير عماد بزرگ، مير سيد علي، مير مرتضيٰ ولي، مير سيد، مير مرتضيٰ، سيد صفائي، مير معصوم، مير بزرگ.(2)

هن شجري مان ٻه ڳالهيون صاف ٿي وڃن ٿيون:

1- جيئن ته مير معصوم لکيو آهي ته سيد حسين زنجيرپا کان امام موسيٰ ڪاظم تائين اڻويهه(3) واسطا آهن. هن شجري ۾ سيد حسين کان موسيٰ ڪاظم تائين ارڙهن واسطا ٿين ٿا، جيڪڏهن امام جعفر کي شامل ڪجي ته پورا اڻويهه واسطا ٿيندا(4).

2- مير معصوم چهل زيني يا آسير جي قلعي واري ڪتبي ۾ لکيو آهي:

محمد معصوم بکري، بن سيد صفائي الترمذي، المنتسب اماً اليٰ سيد شير قلندر، بن سيد حسين زنجيرپا، بن بابا حسن ابدال... الخ.

مٿين ڄاڻايل شجري ۾ سيد حسين زنجيرپا- بابا حسن ابدال جو فرزند ڄاڻايل نه آهي بلڪه بابا حسن ابدال جو مرڳو نالو ئي نه آيو آهي، جنهن مان ڀانئجي ٿو ته حسن ابدال حضرت هارون جي ٻنهي صاحبزادن جي اولاد مان نه آهي پر ڪنهن ٻيءَ نُک مان آهي ۽ پنهنجي هميشيره سيد حسين زنجيرپا جي والد سان پرڻائي مير معصوم وارن سان پيوست ٿي ويو ٿو ڀانئجي. مير معصوم غلطيءَ کان مادري سلسلي جي بجاءِ کيس پدري نک ۾ شامل ڪيو آهي.

انهيءَ شجري ۾ ٻي هڪ اڻاٺ موجود آهي ۽ اها هيءَ ته، سيد حسين زنجيرپا جي والد جو نالو سيد عين الدين جي بجاءِ شمس الدين لکيو ويو آهي. وري ٻئي پاسي حضرت هارون جي صاحبزادي احمد جي فرزند عليءَ جي شاخ جنهن کي ”جامع الانساب“ مان نقل ڪيو اٿئون- انهيءَ ۾ پڻ هڪ سيد حسين زنجيرپا جو نالو موجود آهي ۽ ان ۾ عين الدين کي سيد حسين زنجيرپا جو پٽ ڪري لکيو ويو آهي، ٻنهي پٽن جي سلسلي ۾ نالي جو اختلاف هن طرح آهي؛

احمد                                   محمد

علاعه الدين                            علاعه الدين

قطب الدين                            ؟

شمس الدين                           شمس الدين

سيد حسين زنجيرپا                   سيد حسين زنجيرپا

عين الدين                             مير شير قلندر

انهيءَ منجهائيندڙ اختلافن کان سواءِ ٻيون به ڪي غلطيون ۽ اوڻايون موجود آهن. مثلاً؛ مير معصوم سيد محمد شير قلندر جي وفات جو سال 933هه (1) لکيو آهي، جيڪو قطعي غلط آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ دور ۾ مير معصوم جو والد سيد صفائي  - جنهن جي ۽ شير قلندر وچ ۾ بظاهر ڇهه واسطا آهن ڏ سو سنڌ ۾ پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن وڏيءَ آبروءَ ۽ احترام سان گذاري رهيو هيو. نه فقط اهو غلط آهي، بلڪ شير قلندر جي ڪرامت واري واقعي ۾ امير ذوالنون ارغون (متوفي 913 هه) کي شير قلندر جو معاصر بيان ڪرڻ به سنئين سڌي شَهَو آهي. ڇهن درمياني واسطن وارن کي هڪ ئي زماني ۾ ڏيکارڻ تي، افسوس آهي جو مير معصوم ڌيان ڪونه ڏنو.

جيڪڏهن گهڙي کن لاءِ باور ڪجي ته سيد شير قلندر سچ پچ سيد حسين زنجيرپا جو فرزند ۽ سيد حسين زنجيرپا ڀاڻيجو هيو، بابا حسن ابدال جو ۽ پنهنجي مامي وٽ تربيت ۽ سکيا وٺي ڪمال کي پهتو ته، انهيءَ صورت ۾ سيد حسين زنجيرپا ۽ سندس فرزند سيد شير قلندر کي شاهه رخ ميرزا جي زماني ۾ هجڻ گهرجي، جنهن جو ڄم 779هه ۾ ۽ حڪومت جو زمانو 799 هه کان 850هه تائين آهي.

بابا حسن ابدال کي شاهه رخ ميرزا جي شهزادگيءَ واري زماني ۾ جيڪڏهن پڪيءَ عمر جو فرض ڪيو وڃي ۽ سيد عين الدين ۽ سندس پٽ سيد حسين زنجيرپا ۽ ان جي پٽ سيد شير قلندر جي وفات سال 800 هه جي آسپاس شمار ڪجي ته وڏيءَ ڇڪتاڻ  کان پوءِ ”جامع الانساب“ واري شجري جي ڇهن درمياني ڪڙن جو نائين ۽ ڏهين صديءَ جي پهرين ڏهاڪي ۾ وڃي حساب بيهندو.

انهيءَ کان پوءِ مير معصوم جي خانداني شجري ۽ هن پوئين سلسلي ۾ ناننگ جو جيڪو اختلاف آهي، سو به پنهنجي جاءِ تي هڪ منجهائيندڙ معاملو آهي.

بهر صورت، ڪيئن به هجي، نسب نامن نالن جو اختلاف ۽ عدم مطابق هن هڪ گهراڻي جي ڇا بلڪ، ڪنهن جي به حسب نسب ۽ سيادت تي اثر انداز ڪونه ٿو ٿي سگهي. مير معصوم جي سلسلي ۾ ته خاص طرح سواءِ روايتي اختلافن ۽ غلطين جي ڪنهن به شڪ شبهي لاءِ ڪوبه واضح قطعي ۽ چند تاريخي دليل  ڪونه آهي. باقي رهيو نالن جو اختلاف ۽ سلسلي جو غير مرتب هجڻ، سو صدين جي طويل سفر ۾ واقع ٿيڻ هڪ قدرتي ڳالهه آهي.

هونءَ به شجرن تي آسرو يا انحصار رکڻ يا انهن کي افتخار جو سبب سمجهڻ، هروڀرو ضروري ۽ لازمي نه آهي، بلڪ هڪ حد تائين اجايو به آهي. نسب نامه کان هزار دفعا افضل آهي فرد يا خاندان جو پنهنجو عمل ۽ ڪردار. ڏسڻ اهو نه گهرجي ته شجرو ڪيئن آهي؟ ڪڙيون ملن ٿيون يا نه؟ ڪهڙو امام ڏاڏنگ ۾ آهي؟ سيادت جي سعادت حاصل آهي يا مرڳوئي ڳالهه مشڪوڪ آهي؟ اصل ۾ ڏسڻ اهو گهرجي ته، هڪ انسان يا هڪ گهراڻي پنهنجي هڙان ۽ وڙان دنيا کي يا انسان ذات کي ڇا ڏنو؟ خدا جي هن مچايل مانڊاڻ ۾ سندن حصو ڪهڙو رهيو؟ خدا جي مخلوق کي فائدو پهتو يا نقصان رسيو – انهيءَ معيار تي مير معصوم جي خاندان کي ايندڙ صفحن ۾ پرکڻو، جاچڻو ۽ ڏسڻو آهي!


(1)  افغانستان جي مزار شريف ۽ دولت آباد جي مٿان تاجڪستان روس جي سرحد تي آهي. تقي ڪاشيءَ پنهنجي تذڪري ۾ لکيو آهي ته: مير معصوم پيءُ جي طرفان ترمذ جي حسيني ساداتن سان لڳي ٿو ۽ ٻئي طرف کان سبزوار جي موسوي سيدن سان پيوست ٿئي ٿو ”از جانب پدر بزرگوار به سادات حسيني نسب، ترمذ ميرسد و از جانب ديگر، بسادات ڪبار موسوي حسب، بلدهء طيهء سبزوار، راجع مي گردد“ (خلاصة الاشعار نسخه مانسچٽر ورق 482 الف) نيز رسالو پارس ڪراچي (1- 1 ص 2) تقفي ڪاشيءَ هيٺيون شعر مٿينءَ عبارت بعد ڏنو آهي:

هم نبوت در نسب، هم بادشاهي در حسب

کو سليمان، تا در انگشتش کند انگشتري

”پادشاهي در حسب“ انهيءَ ڪري چيو اٿائين جو صفوي بادشاهه پاڻ کي موسوي سيد سڏائيندا هئا. جا ڳالهه غلط آهي.

(2)  ولد امير تيمور گوگان. شاهه رخ ميرزا 14 ربيع الاخر 779هه جو سمرقند ۾ ڄائو ۽ فوت ٿيڻ بعد امير تيمور جي مقبري ۾ سمرقند ۾ دفن ٿيو. (ڏسو تفصيل ترخان نامه جي شجري J ۾).

(3)  سبزوار خراسان ۾ نيشاپور جي ايراضيءَ ۾ آهي.

(1)  ازين زمين بوي محبتي بمشام من ميرسد (تاريخ سنڌ ص 134).

(2)  الحق جاي پرفيض و منزل در کمال صفاست، و از اکثر وارد صادر شنيده شدکه: مثل اين جا، کم نظر درمي آيد (ص 134).

(3)  تاريخ سنڌ ص 134.

(1)  قنڌار کان 27 ڪلوميٽر پري پنجوائي 33 ڳوٺن جو مجموعو آهي. ارغنداب انهيءَ جي اوڀر کان شروع ٿي ڏکڻ ڏيندو اتر کان وڃي ٿو. ڪڻڪ، جَوَ، جوئر ۽ ساريون ٿين ٿيون. ميون ۾ ڏاڙهون، انگور، صوف، ناخ، زرد آلو، انجير، شفتالو ۽ شڪرپارا پيدا ٿين ٿا. انهيءَ علائقي ۾ ٻه ٽڪر آهن، جنهن مان هڪ جو نالو مارڪوه آهي، جنهن ۾ غار آهي، جنهن کي ”شمشير غار“ چيو وڃي ٿو. ان لاءِ ڪيترا افسانا مشهور آهن. ماڻهو انهن کي ڏسڻ ايندا آهن. (قاموس جغرافياي افغانستان ج  2- ص 352)

(2)  مجمع  التواريخ جي مصنف ميرزا احمد خليل مرعشي چهل زيني جو هن ريت بيان ڪيو آهي. ”هفتم قلعه کوه چهل زينه، که در زمان شاه جهان که علي مردان خان قلعهء  قندهار را به اهل هند داد، حسب الحکم شاه جهان پادشاه قليچ خان قلعه دار، حصاري بر دورکوه ”چهل زينه“ کشيد. و اين کوه چهل زينه کوهي است واقع درمابين شمالي وشرقي قلعهء قندهار، و مشرف بر قلعهء که در زمان بابر پادشاه حسب الحکم، سنگ تراشان چهل زينه، سنگي تراشيده برسر آن کوه را پيدا کرده بودند، وچون آن کوه اشراف زيادي داشت، بابر پادشاه عمارتي مختصر برقلهء آن کوه ساخت و شبهاي ماهتاب بر فراز آن کوه رفيع برآمد سير ماهتاب مي نمود بسبب اشراف آن کوه قليچ خان حصاري بر دور آن کشيده اَنرا نيز داخل قلعه نمود “ (ص 13 ڇاپ عباس اقبال تهران 1328 ش ۽ ڏسو تاريخ افغانستان در عصر گورگاني از عبدالحي حبيبي ڪابل 1341 ص 205).

(3) ڪتبو ڪتاب ۾ اڳتي اچي ٿو.

(1)  وفات جي سال ۾ اختلاف آهي. سن 130، سن 162، سن 166، حضرموت يا شهر صور ۾ فوت ٿيو (ريحانة الادب 1: 54).

(1)  سال جلوس 863 هه.

(1)  مير معصوم لکيو آهي: امير ذوالنون 884هه ۾ پنهنجي لشڪر سميت نئين صوبي (غور ۽ زمين داور) ڏانهن روانو ٿيو ۽ ٽي چار سال کيس انهيءَ علائقي جي فسادن (هزار ۽ تکدري) کي ختم ڪرڻ ۾ لڳا. ۽ اهو علائقو پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين (ص 80 81).

(2)  يعني شاهه بيگ ارغون، جنهن کي 913هه ۾ پڻس جي مارجڻ بعد اهو ملڪ هٿ آيو ۽ بابر  جي هٿان ڌڪجڻ بعد سنڌ جي گهرو جهڳڙي منجهان فائدو وٺي سنڌ تي قبضو ڪري ويٺو.

(1)  يعني مير فاضل ڪوڪلتاش (وفات 928هه) بن عادل خواجه هي مير فاضل سلطان محمود بکري جو پيءُ هو.

(2)  آريانا ڪابل شماره 10 سال 6 ۽ تحفة الڪرام (مرتب حسام الدين) ص 192 تا ص 194. اهو ڪتبو افغاني دانشمند جناب محمد ابراهيم خليلي مٿين رسالي ۾ هن نوٽ سان شايع ڪيو آهي. مزار بابا حسن ابدال که در قندهار واقع شده. اين مزار آنجا بعرف ”مزار بابا ولي“ اشتهار دارد و مقام بسيار قشنگ و زيبا و سرسبز است، در دامنه کوه اين مدفن مقدس است.

(3)  مير معصوم غلط لکيو آهي ته:... در سفر هند بابا را تڪليف نموده با خود بردند و درحين مراجعت در موضع لنگر قنڌار رحل اقمات انداخته... (ص 134) يعني هندوستان جي سفر ۾ کيس ورتيون ٿي ويو ۽ بابا ولي اتاهون موٽندي حسن ابدال ۾ هميشه لاءِ مقيم ٿيو.

(1)  مجمع التواريخ (ص 13)- ”دوم دروازهء بابا ولي يعني بابا حسن ابدال که مزار او نيز در آنجاست و در سمت شرقي واقع است“.

(1)  مير جي قول ۾ تضاد آهي نزد خال بابا حسن ابدال باشارت ايشان بديار هند بردند- (ص 135) انهيءَ عبارت کان ٻه ٽي سٽون مٿي لکيو اٿائين ته بابا موصوف رهيو خواه فوت ٿيو لنگر ڳوٺ ۾ تا آخر عمر دران منزل گذرانيده همانجا آسوده اند (ص 134) تحفة الڪرام ۾ (2: 89) بابا حسن زنجيرپا جو احوال مير جي تاريخ تان ورتو ويو آهي.

(2)  تاريخ سنڌ ص 137.

(1)  ... آن سنگهارا بر در آستان نهاد، و اکنون آن سنگهارا خادمان بر مرقد منور ايشان نهاده اند... (ص 137).

(2)  تاريخ سنڌ ص 137.

(1)  سال 933هه لکيو ويو آهي. ٻئي خطي نسخي ۾ فقط ”يوم عاشوره“ درج آهي، تنهنڪري چئي نٿو سگهجي ته 933هه صحيح آهي يا نه:

(2)  ”قريهء اسکلچه ضلع سپيروان جنوب غربي قندهار بفاصله 5 ميل بر کنار درياي ارغنداب“ مقالات الشعرا ص 364.

(3)  تاريخ سنڌ ص 140.

(1)  اپي گرافيا سال 1925 ص 39.

(2)  هن ڪتبي جي عبارت ۾ شڪ ٿو پوي پڙهندڙ شايد غلط پڙهيو هجي.

(3)  ڪتاب تحفهء مدد پناه لزائرين الحج از سيد پناهه علي شاهه معصومي مرحوم مطبوعه پوڪرداس حميديه پريس لاهور 14 آگسٽ 1911ع- منهنجي برادر بزرگ پير علي محمد شاهه راشدي انهيءَ ڪتاب تان نقل ڪري پنهنجي ڪتاب-  ”حيات معصوم“ ۾ ڏنو ۽ ساڳيو شجرو ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم پنهنجي مقدمه جي حاشيہ ۾ آندو آهي.

(1)  ظاهراً درين نسب نامه بعضي اسماء غلط شده است و خود مير معصوم براي اين اختلاف مسئول است (مقدمو ط).

(2)  مقدمو ط.

(3)  مقدمو ط.

(4)  تاريخ سنڌ ص 135.

(1)  سيد نور علي شاهه بن سيد مير حسين علي شاه ڊويزنل فاريسٽ آفيس شڪارپور ۾ هيڊ ڪلارڪ هيو. ڏسڻ جهڙو شاندار بزرگ هيو. 18 شوال 1372 هه مطابق 10 جون 1953ع جو فوت ٿيو ۽ اباڻي قبرستان ۾ دفن ٿيو.

(1)  تحفة الڪرام، نسخو خطي ڪتابت 1267 هه (اپريل 1851ع) سنڌي ترجمي ۾ آهي ته؛ سيد صفائي بن سيد مرتضيٰ الترمذي ماءُ جي طرفان سيد شير قلندر بن بابا حسن ابدال سان نسبت رکي ٿو (ص 318) فارسي نسخي جي عبارت آهي.... الترمذي المنتسب الي سيد شير قلندر ابن بابا حسن ابدال (ص 103) خطي خواهه سنڌي ترجمي ۾ مير معصوم ولد مير مرتضيٰ لکيل آهي. سيد صفائي جو نالو ڪونه آهي.

(2)  هيءُ ڪتاب عبدالرحمان نالي ڪاتب 6 محرام 1264 هه جو نقل ڪيو آهي جنهن تان منهنجي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ 12-  آڪٽوبر 1932ع جو اتاريو.

(1)  مؤلف سيد محمد علي روضاتي.

(2)  مؤلف احمد بن محمد بن عبدالرحمان النجفي. مؤلف هي ڪتاب پنهنجي شاگرد سيد سراج الدين جي چوڻ تي شاهه طهاسپ صفويءَ جي زماني (919-984 هه) ۾ لکيو، جنهن جو نسخو ڪتب خانه ملي تهران ۾ آهي. جامع الانساب ۾ هيٺين ڪتابن تان مدد ورتي وئي آهي؛- 1 صحاح الاخبار في نسب السادات الفاطميت الاخبار از؛ محمد سراج الدين رفاعي مخزومي (793-885) طبع مصر 1306هه. 2 المسجدي في  انساب الطالبين از؛ سيد ابو الحسن نجم الدين علي عمري معروف به ابن الصوفي (423 هه) هي ڪتاب اڃان نه ڇپيو آهي. 3 عمدت الطالب في النساب آل ابي طالب از؛ سيد جمال الدين احمد (828 هه) مطبوعه. 4- المشجر الکشاف التحقيق اصول السادت الاشراف يعني بحرالا نساب از شمس الدين ابو علي نجفي (900 هه) مطبوعه، 5- الاسديت- انساب سادات اعلويه از؛ سراج الدين محمد قاسم مختاري. 6- مجموعهء ملتان از؛ جلال ملتاني. هي اڻ ڇپيل بياض آهي، جنهن ۾ نسب به درج آهن. 7- لباب الالباب والقاب الاعقاب مؤلفه ابوالحسن بيهقي مصنف تاريخ بيهقي.

(1)  جامع الانساب ص 64.

(1)  ولادت 757 هه وفات 837 هه (عين بهشت دل خراب) راقم سندس مزار جي زيارت، تربت احمد جام کان مشهد ڏانهن موٽندي، تربت جام کان 20 ميل اورتي خرگر جام جي ڳوٺ لنگر ۾ ڪئي (بتاريخ 13 سپٽمبر 1966ع) مقبرو مير علي شير واني ٺهرايو آهي، ڳوٺ ننڍو ۽ مقبري ۾ صفائي ڪانه آهي. مقبري جي ديوارن تي اندر ۽ ٻاهر چند ڪتبا آهي، جيڪي اميرن ۽ صفوي بادشاهن جا آهن. ديوان قاسم انوار اَقاي سعيد نفيسي مرحوم 1137 ش ۾ ڇپيو آهي.

(2)  جامع الانساب ص 16-56-63-64.

(3)  تاريخ سنڌ ص 135.

(4)  تقي ڪاشي سندس ملاقاتي ۽ دوست هيو. پنهنجي تذڪري ۾ مير جي نسبي سلسلي لاءِ لکي ٿو ته؛ پيءُ جي طرفان حسيني نسب جو هو ۽ ٻئي طرف کان يعني ناناڻي طرف کان موسوي نسب هيس- از جانب پدر بزرگوار بسادات حسيني نسب، ترمذ مير سد. و از جانب ديگر، به سادات کبار موسوي حسب بلدهء طيبه سبزوار راجع ميگردد- تقيءَ سندس نسب متعلق هي بيت لکيو آهي:

هم نبوت در نسب، هم پادشاهي در حسب

کو سليمان، تا درانگشتش کند انگشتري

(پارس 1-1 ص 2) موسوي حسب کي غلطيءَ کان طبقات اڪبريءَ ۾ (3-500) صفوي لکيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح منتخب التواريخ (3-364) ۾ ساڳيءَ طرح صفوي آندو ويو آهي. مطربي بخارائي ءَ ”تذکرهء جهانگيريءَ“ ۾ طبقات اڪبريءَ جي پيروي ڪئي آهي. يعني؛ از سادات صفوي است. (ص15).

(1)  ڊاڪٽر دائود پوٽي تاريخ سنڌ جي هڪ خطي نسخي (مڪتوبه 1138 هه) جو فقرو ڏنو آهي جنهن ۾ سال ڪونه آهي فقط-در روز عاشوره برحمت ايزدي پيوست (ص 140) لکيل آهي. اهو بلڪل درست آهي. ٻئي نسخي ۾ سال جو اندراج ڪاتبن جي ڪرامت ٿو ڏسجي. راقم وٽ هڪ نسخو 1243هه جو ۽ ٻيو نسخو 1323هه جو آهي انهن ٻنهي ۾ پڻ سال ڏنل نه آهي

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org