باب ڇهون
سيد صفائي جا آثار
سيد صفائي، ظاهر آهي جڏهن سکر (بکر) ۾ وارد ٿيو،
ان وقت عارضي طرح ڪنهن سنڌيءَ جي جاءِ ۾ مقيم
ٿيو هوندو، جيڪا حڪومت طرفان کيس ملي هوندي.
ڪجهه عرصي بعد هن اطمينان سان پنهنجي حويليءَ،
اوطاق ۽ ضرورت جون ٻيون جايون ٺهرايون هونديون.
حويليءَ ۽ اوطاق جي ايراضي تمام ڪشادي ۽ آبرو
منداڻي هوندي. نوڪر غلام، پورهيتون ۽ ٻيون
خدمتگار عورتون يا اٽالو سڀ انهيءَ ئي جاين
خواهه ايراضيءَ اندر رهندو هوندو يا حويليءَ جي
آسپاس انهن لاءِ جدا جايون ٺهيون هونديون. باهر
جي اوطاق يا مردانو حصو وسيع ۽ ڪشادو هيو، جنهن
۾آيو ويو ٽڪندو هيو. سندس پنهنجي ڪچهري ۽ مجلس
منعقد ٿيندي هئي ۽ اهو مردانو حصو ايترو ته
ڪشادو هيو، جو انهيءَ جي هڪ حصي ۾ مدرسو هيو،
جنهن ۾ ڪنهن وقت مولانا عبدالخالق گيلانيءَ
ڪيترو وقت درس
- تدريس جو شغل جاري رکيو.(1)
تاريخ ۾ سندس حويليءَ ۾ هڪ جامع مسجد جو ذڪر
ملي ٿو. مير معصوم باوجود هن جي ته هو شخصي طرح
يادگاري جاين ٺهرائڻ جو شوقين هو، پر پنهنجي
پيءُ جي آثارن جو ڪو به ذڪر ڪو نه ڪيو اٿائين
فقط لکي ٿو؛ خير جي آثارن مان، هڪ جامع مسجد
آهي، جيڪا هن منبع انسان پنهنجي حويليءَ جي ڀر ۾
جوڙائي.(2)
انهيءَ عبارت مان ظاهر آهي ته مسجد جامع کان
سواءِ هن بزرگ ڪو ٻيو خير جو يادگار ڪو نه
جوڙايو. پوين تذڪرن ۾ پڻ سندس حويليءَ ۽ انهيءَ
جامع مسجد جو ذڪر آيو آهي، جنهن جو ماخذ تاريخ
معصومي آهي. مثلاً: ماثر رحيميءَ جي مصنف ساڳي
عبارت لکي آهي:
”مسجد جامع بهکر از بنا هائ خير ايشانست.“
(1)
جيتوڻيڪ ”از بنا هاي خير“ جي فقري مان ظاهر ٿئي
ٿو هن ڪي ٻيون به خير جون جايون يادگار ڇڏيون،
ليڪن اهو فقرو مير معصوم جي ”ازآثار خير آن...“
جي ٻي صورت آهي.
ذخيرة الخوانين جي مصنف البت مسجد جي گنبذ جو
عبارت ۾ اضافو ڪيو آهي. مصنف پاڻ بکر جو هيو،
ڪتاب جيتوڻيڪ تقريباً هڪ صدي (1060هه) بعد لکيو
اٿائين، ليڪن بعيد نه آهي ته جوانيءَ ۾ هن پاڻ
مسجد ڏٺي هجي. عبارت آهي:
”دروازه حويلي خود در قصبهء سکر، مسجدي جامع
باگنبذ عالي بنا نمود“.(2)
انهيءَ عبارت مان نه ڇڙو گنبذ عالي جو پتو پوي
ٿو، بلڪه جاءِ وقوع به ظاهر ٿئي ٿي. گويا مسجد
حويليءَ جي دروازي وٽ هئي ۽ اڳين دؤر جو دستور
به اهوئي هيو. مسجد هميشه حويليءَ جي وٽ ۾ گهڻو
ڪر دروازي جي اڳيان هوندي هئي. مسجد نه ڇڙو
عبارت گاهه ٿي ڪتب آئي ٿي، بلڪه پاڻ ۾ گڏجاڻي جو
مرڪز پڻ هوندي هئي. بزرگن ۽ الله وارن جي ڏينهن
جو اٿڻ- ويهڻ ۽ گذر-بسر گهڻو ڪري الله جي گهر ۾
ئي ٿيندو هو.
انهيءَ مسجد لاءِ قول آهي ته سيد صفائي (960هه)
۾ ٺهرائي، جنهن وقت شاهه حسن ارغون اڃا حال حيات
هو ۽ محمود بکري سندس طرفان سکر ۾ نائب هيو.
مسجد کي ڪيئي صديون گذري ويون، خاندان وڌي ۽
پراني سکر ۾ جدا جدا جايون ٺاهي ويٺي، حويلي ڊهي
وئي، اهي انگ اکر به مٽجي ويا، اهو جغرافيون به
بدلجي ويو ۽ مسجد به بالاخر ويران ٿي ڊهي وئي.
انگريزن جي دور ۾ ٽي سال کن ته بلڪل ڊٺل رهي
جنهن بعد خاندان جي هڪ فرد سيد سڪندر علي شاهه
معصوميءَ ٽيهن سالن جي ويراني بعد پراڻن بنيادن
تي وري نئين سر اڏاوت ڪري 14- شعبان 1309 هه جي
ڏينهن مسجد کي مڪمل ڪيو ۽ شايد ساڳي ڏينهن
نمازين کي مدعو ڪيو. خاندان جي هڪ ٻئي فرد سيد
صابر علي شاهه مسجد تي هيٺيون تاريخي ڪتبو هنيو،
جنهن مان تاريخ بنا ۽ ٻيو احوال معلوم ٿئي ٿو:
صدر دين سيد صفائي الحسيني ترمذي
رهنما دين محمد، هادي لات و عزيٰ
بلبل باغ کرامت بود، آن صاحب سخا
برسر غربا کشاده کو دو دستش از عطا
تاج سر معصوم شاهه تاج سرش بد مرتضيٰ
بر شرعيت بود قائم، واصل درگهه خدا
درخجست سال ذه صدشصت، با امر خدا
کرد اين مسجد بنا، با چار گنبذ عرش سا(1)
آنچه داده بود ضانع نقش را صنعت دران
روضهء رضوان گويم يا سماي زرفشان
در حکومت قوم عيسيٰ، اين چنين مسجد قديم
منهدم کردند، او را ناظمان، اهل جحيم
بعد ازان، اين مسجدي، سه سال ويران بد تباه
بعد سه سال اين بنا شد، مسجد رضوان گاه
در بنايش زيب دادش سيد سڪندر علي
با رضاي ذوالمنن، بن سيد عباس علي
آن خجسته يک هزار وسه صدو نهه سال بود
چار ده شعبان ز مه، تاريخ فرخ فال بود(1)
گفت تاريخ بنا ، اين مسجد صابر علي
هست از اولاد سيد مير معصوم علي
مسجد غالباً پراڻي ته ٿي چڪي هئي، ليڪ انگريزن
جي ناظم، خبر نه آهي ڪهڙي سبب سان ان کي منهدم
ڪيو ۽ ٽي سال کن صفا ويران رهي.
مسجد سيد قوت علي شاهه صاحب معصوميءَ جي بنگلي
جي اوڀر ۾ اڄ به موجود آهي، نهايت سادي ۽ گنبذن
کان سواءِ ۽ بلڪل معمولي ڏيک اٿس. راقم الحروف
10- جنوريءَ 1962ع جو ان کي ٻاهران ڏٺو. دروازو
بند هيو، تنهنڪري اندران ڏسڻ ڪو نه ٿيو. ڀانئجي
ٿو ته موجوده عمارت اها نه آهي، جيڪا سيد سڪندر
علي شاهه ٺهرائي. بنياد ممڪن آهي قديمي هجي،
ليڪن عمارت سيد سڪندر علي شاهه واري نه آهي،
ڇاڪاڻ ته خود شهر ۾ جيڪا تعريف ٿيل آهي، تنهن جو
نالو نشان نظر ڪو نه ٿو اچي.
سيد صفائيءَ جي خاص حويلي ڀانئجي ٿو، سيد قوت
علي شاهه صاحب جي بنگلي واري جاءِ تي هئي.
بهرحال اهي قديمي انگ اکر مٽجي ويا آهن. هنڌ ۽
ماڳ اهي پر جايون ۽ جت اهي ڪو نه آهن !
----
باب ستون
مير معصوم جي ولادت
جيئن گذريل صفحن ۾ بيان ڪيو ويو آهي، مير معصوم
پنهنجي والد جو ننڍو فرزند هو، هڪ قطعي جي روايت
مطابق پاڻ 7- رمضان المبارڪ سومر ڏينهن 944هه
(7- فيبروري 1528ع) جو هن دنيا ۾ آيو؛
در مه رمضان به شب، ديديم در هفت آسمان
جمع هاي از ملايک، هم صف کربيان
بود در صفهاي آن، اين غلغله، اي دوستان !
البشر ! سيد صفائي را، ز درگاه منان
ميشود پيدا به خانه ات ولد صاحب ذوالکرام
نام او ”نامي“ بود، چون شمس روشن درجهان
دايما باشد ثنا خوانِ خدا و الرسول
دايما باشد خدا راضي، برو صاحب قران
شد طلوع آن شمس، درخانه صفائي از خدا
رخ بروج نيک، درساعت سعيد، آن شدعيان
بود آن تاريخ هفتم ليل دوشنبه از صيام
سال نه صد چهل بود، از وي زوائد چار دان
انهيءَ قطلعي جا آخري ٻه شعر خانداني شجري جي
حوالن سان پهريون پير علي محمد شاهه راشديءَ
”حيات معصومي“ ۾ ڇپيا ۽ ان کان پوءِ مرحوم ڊاڪٽر
دائود پوٽي پنهنجي مقدمي ۾ آندا.(1)
اهو قطعو ظاهر آهي ته مير معصوم جي زندگانيءَ
کان گهڻو پوءِ ڪنهن چيو آهي. هڪ ته منجهس نامي
تخلص ٻن معنائن ۾ ڪتب آندو ويو آهي ٻيو شعر
ايترو ضعيف ۽ فني لحاظ کان بي تڪو آهي جو ڀانئجي
ٿو چوڏهين صديءَ جي ابتدا ۾ خاندان جي ڪنهن فرد
اها طبع آزمائي ڪئي ٿي ڏسجي.
مير معصوم رجب 1012هه (ڊسمبر 1603ع) ۾ ايران
پهتو. ڪاشان(1) ۾ سندس ملاقات، اتهن جي مشهور شاعر ۽ تذڪره نويس، تقي الدين ڪاشيءَ سان ٿي،
جنهن پنهنجي تذڪره ”خلاصته الاشعار“ ۾ انهيءَ
ملاقات جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ”ان وقت مير
صاحب جي عمر 60 سال هئي.“(2) انهيءَ حساب سان مير معصوم جي تولد جو سال 952 هه بيهي ٿو.
اسان وٽ مير معصوم جي ڄم متعلق اهي ٻه روايتون
موجود آهن، جن ٻنهي جي وچ ۾ اٺن سالن جي وٿي ٿئي
ٿي. بهرحال مير ڏهين صديءَ هجري جي وچ ڌاري پيدا
ٿيو. جڏهن سنڌ خواهه هند جا ٻئي ملڪ پنهنجي جاءِ
تي ڏاڍي ڏوجهري ۽ ڏولائي ۾ هئا. سنڌ تي شاهه
حسن ارغون(3) جي استبداد جو شباب ۽ سندس اقبال مندي جو عروج هيو. ۽ ملڪ سڄو وڏيءَ پيڙا ۽
عذاب ۾ مبتلا هيو. هندستان ۾ بابر بادشاهه جي
بنايل مغل سلطنت تي سندس پٽ همايون متمڪن ته هيو
ليڪن چئني طرفن کان جنگيون، جهڳڙا ۽ بغاوتون
هيون. جنهنڪري بار ي تخت جا جارئي پاوا لوڏن ۾
هيا، شير شاهه سوري مغلن جي انهيءَ نو آباديءَ
تي، جيڪا اڳتي هلي مغل شهنشاهيت بڻجڻ واري هئي،
پنهنجو حق ٿي سمجهيو ۽ مٿس قبضي ڪرڻ جي رٿا ۾
سرگرم هيو.
شاهه هسن هندستان ۾ پيدا ٿيل انهيءَ صورتحال جو
ڏاڍي ڳوڙهي ويچار سان مطالعو ڪري رهيو هيو.(1) ڇاڪان ته پاڙي واري ملڪ جي سياسي لاهه چاڙهه جو اثر سنڌ مٿان لازمن هيو.
جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ هو ڪنهن به قيمت تي تيار
ڪو نه هيو.
مير معصوم جي ولادت (944هه) کان ٻن اڍائي سالن
بعد بلاخر 10- محرم 947هه (17- مئي 1540ع) جو
شير شاهه سوريءَ قنوج جي ميدان جنگ ۾ همايون کي
اهڙي شڪست ڏني جو ٻئي مقابلي جو منجهس تاب ئي نه
رهيو، بچيل سپاهه سميت متعلقين کي ساڻ ڪري سڌو
لاهور، ملتان ۽ اچ کي لتاڙيندو سنڌ جي پهرين وڏي
شهر روهڙي ۽ ٻٻرلوءِ جي ”چارباغ“ ۾ (28 رمضان
947هه) اچي پهتو.
شاهه حسن پنهنجي والد جي زماني ۾ پيءُ کان ناراض
ٿي بابر بادشاهه وٽ ڪي ڏينهن گذاريا هئا، شاهه
بيگ پنهنجي ٺهيل ٺڪيل حڪومت تي، بابر جون اکيون
ڏسي، هٿ کڻي سنڌ ۾ اچي پهتو هيو، مغلن جا ارادا
۽ مزاجي ڪيفيت ارغون کي معلوم هئا، خود هتي سنڌ
اندر به اڃا سندس پير پختا ڪو نه ٿيا هئا.
آزاديءَ جي تحريڪ ۽ ملڪ کي ڌارين جي چنبي، تسلط
۽ قبضي مان ڇڏائڻ واري جستجو، ملڪ جي ڪند ڪڙڇ ۾
موجود هئي. مقامي ماڻهن جو عدم تعاون پنهنجي
جاءِ تي خوفناڪ صورت اختيار ڪري چڪو هيو. شاهه
حسن انهن نازڪ ۽ انديشناڪ حالتن سبب اڳ ئي غير
مطمئن هيو ۽ تسلط قائم رکڻ لاءِ خون خرابي،
ڏهڪاءُ ۽ ڏاڍائيءَ سان پاڻ کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش
۾ مصروف هيو، انهيءَ اندر خاني صورتحال جي
موجودگيءَ ۾ همايون جو اچي سنڌ ۾ وارد ٿيڻ، در
حقيقت سندس لاءِ وڏي خطري ۽ تشويش جو باعث هيو،
ليڪن قسمت ۽ قدرت شاهه حسن جي پشت پناهي تي هئي.
تنهنڪري خود همايون اندروني اختلافن جو شڪار ٿي
ويو جنهن سبب سنڌ اندر سندس پير ڄمي نه سگهيا ۽
شاهه حسن جي حڪومت جا، خوش قسمتيءَ سبب، ڏينهن
وڌي ويا.
همايون حقيقت ۾ آيو هن لاءِ هيو ته سنڌ ۾ رهي
پنهنجون حالتون درست ڪري ۽ شاهه حسن جهڙي حاڪم
وٽان جيڪو سندس والد جو نمل خوار رهي چڪو هيو-
اخلاقي ۽ فوجي امداد وٺي شير شاهه تي ٺهي ٺڪي
نئين سر حملو ڪري، ليڪن حالتن درست ٿيڻ بدران
پاڻ کيس وڌيڪ تڪليفون پيش آيون. ناگفته بهه
مصيبتون نازل ٿيون، سندس پنهنجو لشڪر تباهه حال
۽ دلبر داشته هيو. امير ۽ مکُ سپاهي کيس ڇڏي چڪا
هئا، خزانو- جنهن تي لشڪر جو دارومدار ٿئي ٿو.
سو - خالي هيو، تنگدستيءَ ۽ افلاس جي هيءَ حالت
هئي جو تردي بيگ جهڙي خثيث طبيعت ۽ معمولي ملازم
وٽان کيس وک وک تي اوڌر وٺي روزانو خرچ هلائڻو
ٿي پيو.
سنڌ ۾ سندس پهچڻ کان پهريون ئي جنگي قانون مطابق
شاهه حسن، بيٺل فصل تباهه ڪرائي ڇڏيا هئا، جيئن
سندس گهوڙن جو گاهه داڻو ۽ لشڪر کي ان مهيا ٿي
نه سگهي. مقامي طاقتون جيتوڻيڪ ارغونن کي ختم
ڪرڻ لاءِ همايون سان آن، داڻي ۽ اگهه پٺي جي مدد
ڪري رهيو هيون، جن ۾ راقم الحروف جا وڏا يعني
سيوهڻ جا لڪياري سادات(1) پڻ پيس پيش هئا. ليڪن خانگي امداد هڪ تباهه هال لشڪر ۽ شڪسته خاطر بي ترتيب
انبوهه کي ڪيترو هٿي ڏئي ٿي سگهي. ۽ شاهه حسن ۽
سندس پوئلڳن خود سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪهڙو ست ۽ ساهه
باقي ڇڏيو هيو، جو هو گهڻي وقت تائين ۽ حسب
ضرورت ايڏو سارو بار کڻي سگهن.
لڪياري سيدن ۽ سيوهڻ جي حريت پسندن، سنڌ جي
ڪيترن ٻين قبيلن، چاهيو ٿي ته همايون کي مضبوط
ڪري ارغونن جي تسلط کي ختم ڪجي. همايون جنهن جي
ڪاميابيءَ واري حالت ۾ بهرحال مرڪز آگرو هيو، سو
سنڌ لاءِ گهٽ هاڃيڪار هيو بنسنت انهيءَ ڌاري
دشمن جي، جنهن جو مرڪز سنڌ ۾ هيو ۽ سندس سمورو
لڏو رات ڏينهن سنڌ ۽ سنڌين جي سيني تي سوار ٿيو
ويٺو هيو. ۽ اها حقيقت به آهي ته انهيءَ دشمن
کان، جيڪو هزار ميل پري رهي حڪومت ڪري، اهو ويري
وڌيڪ خطرناڪ آهي جنهن سان همهھ وقت واسطو هجي ۽
هن لاءِ سندس ڪيل هاڃن سبب دلي ڌڪار پيدا ٿي چڪي
هجي ۽ هر متنفس ان جي هٿان نفسي ! نفسي !! ۾
هجي.(2)
مير معصوم لکيو آهي ته: الله تعاليٰ جي ڳجهن
حڪمتن ۽ مصلحتن جي خواهش موجب- جڏهن ته هر
نامراديءَ جي اوٽ ۾ مراد جا ڪيترائي اسباب تيار
ٿيندا آهن- جڏهن (بادشاهه جي) ارادي موجب سنڌ
ملڪ ۾ سندس مراد پوري نه ٿي سگهي، تجربي جي
ڪسوٽيءَ تي (پنهنجي) ماڻهن جي نالائقي ظاهر ٿي
پئي ۽ لشڪر جي ڪوڙائي، ڀائرن جي بزدلي ۽ ٻيائي
سامهن آئي ۽ زماني جي ناموافقت جو بادشاهه کي
تلخ مشاهدو ٿيو، تڏهن دل برداشتون ٿي هن دنيا
کان ئي مورڳو لاڳاپا ٽوڙي حجاز مقدس وڃي گوشه
نشين ٿيڻ جو ارادو ڪيو“.(1)
انهيءَ صورتحال، شاهه حسن جي قسمت کي چمڪائي
ڇڏيو ۽ هن پاڻ به مختلف ذريعن سان بادشاهه کي
انهيءَ ارادي تي جلد ۾ جلد عمل ڪرڻ لاءِ ڪوششون
ڪيون. چناچه 7 ربيع الاول 950 هه جو جوڻ جي منزل
تان درياهه اڪري بادشاهه قنڌار طرف روانو ٿي
ويو.(2)
الغرض، اهي حالتون ۽ واقعات، مير معصوم جي هن
دنيا م وارد ٿيڻ واري وقت ۾ سنڌ اندر رونما ٿيا.
جيڪڏهن خانداني روايت واريءَ تاريخ (944هه) کي
نظر ۾ وٺجي ته مير معصوم ٽن سالن جو هيو جڏهن
(947هه) همايون سنڌ ۾ داخل ٿيو. چئن ورهين جي
ڄمار هيس جنهن وقت همايون سنڌ جي پاٽ شهر ۾
حميده بانو بيگم سان شادي (جمادي الاول 948هه)
ڪئي. ۽ هڪ سال بعد امرڪوٽ جي قلعي ۾، جڏهن ته
بادشاهه جو اهل و عيال راجپوت راڻي جي پناهه ۾
هيو، اڪبر اعظيم ڄائو(1)
جنهن مغلن جي معمولي حڪومت کي پنهنجي دور ۾ ”مغل
شهنشاهيت“ جي درجي تي پهچائي ۽ تاريخ ۾ پنهنجي
لاءِ ”اڪبر اعظم“ جو سڪو ثبت ڪرائي ڇڏيو.
----