سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

معصوم بکري

باب-11

صفحو : 8

 

باب يارهون

گجرات جي مهم ۽ قيام

گجراتي سلطنت جي زوال جي آخري ڏينهن ۾، سلطنت جو امير الامرا ۽ وزير الممالڪ اعتماد خان هڪ نهايت ئي زيرڪ، چالاڪ ۽ موقعي پرست شخص هو، جنهن جي خود غرضيءَ تي مبني چالبازين، بجاءِ استحڪام جي، پيڙهين جي آزاد مملڪت کي مغلن جو غلام بنائي ڇڏيو.

سلطان محمود شاهه سوم (944هه/1537ع-961هه /1553ع) لاولد قتل ٿيو. اعتماد خان شخصي مصلحت خاطر رضي الملڪ نالي هڪ ٻار کي سلطان احمد شاهه (باني احمد آباد) جي اولاد مان ظاهر ڪري کيس سلطان احمد شاهه جي لقب سان تخت نشين ڪيو. انهيءَ هٿ ٺوڪئي نينگر کي، حرم سراءِ ۾ وهاري، پاڻس سياهه سفيد- جو مالڪ بڻجي، حڪم هلائڻ لڳو. پنجن سالن تائين انهيءَ تماشي کي صبر سان سهڻ بعد، احمد شاهه حرم سراءِ ڇڏي ٻاهر نڪتو، ۽ ٻين اميرن کي پاڻ سان هموار ڪري، انتظام هٿ ۾ ڪيائين. نتيجي ۾ ملڪ خانه جنگيءَ ۾ مبتلا ٿيو. اعتماد خان چند ڏينهن اندر سلطان کي ننڊ ۾ قتل ڪرائي (969 هه/1561ع)(1). ٻئي هڪ ڇوڪري کي سلطان محمود جو فرزند ظاهر ڪري، تخت تي ويهاريو ۽ سلطان مظفر ان جو لقب ظاهر ڪيائين. اعتماد خان دوباره نه ڇڙو پنهنجي وزارت مضبوط ڪئي، بلڪ پنهنجي لاءِ ”مسند عالي“ جو خطاب تجويز ڪري، وري تسلط قائم ڪرڻ جي هڪ ڪوشش ڪيائين.

اهو زمانو هو، جڏهن لوور سنڌ تي ميرزا عيسيٰ ترخان جي حڪومت هئي ۽ اپر سنڌ تي سلطان محمود بکري پنهنجي جبري حڪومت هلا رهيو هو، جنهن ۾ سنڌ جي باشندن جو دم گهٽجي رهيو هو. ٺٽي واري حصي ۾ جيتوڻيڪ بظاهر خير هو، ليڪن عيسيٰ جي پٽن ۾ اندرون اندر هڪٻئي خلاف وڏو روڳ هلي رهو هو. گجرات سان سنڌ جي سمن سلطانن جو جيڪو تعلق هو، تنهن جو خاتمو شاهه بيگ ۽ پوءِ شاهه حسن جي عناد آميز  روش سبب ڪڏهن جو خاتمو ٿي چڪو هو. سنڌ ۽ گجرات جي وچ ۾ ڪو به سياسي ۽ سماجي تعلق باقي نه رهيو هو. گجرات انهيءَ دور ۾ فقط سنڌ جي مظلوم ۽ ستايل ماڻهن لاءِ پناهه ۽ اجهي جو ڪم ڏيئي رهي هئي. هتان جي ظلم کان ڀڄي سنڌين اتي وڃي پناهه ورتي ٿي، جيڪا ڳالهه مقبوضه سنڌ جي حاڪمن کي اصل ڪا نه ٿي وڻي، ليڪن ان جو علاج وٽن ڪو نه هو.

اڪبر کي گجرات جي دعوت: ”مسند عالي“ اعتماد خان جيڪو نئون انتظام ٺاهيو، سو گهڻي تائين جٽاءُ ڪري نه سگهيوس. نه ڇڙو سلطان مظفر سندس مخالف ٿي پيو بلڪه ٻيا امير پڻ گروهه بنديءَ ۾ لڳي ويا. اعتماد خان کي حالتن تي جڏهن اعتبار نه رهيو، ان وقت هو وطن فروشيءَ تي آمادو ٿي ويو ۽ اڪبر کي ڪاهه ڪرڻ جي پنهنجي ڪارندن هٿ دعوت موڪلي ڏنائين.(1)

اڪبر کي اها دعوت 980هه/ 1572ع ۾ ناگور جي منزل تي پهتي. انهيءَ گهريلو فتني مان اڪبر فوراً فائدو وٺڻ چاهيو ۽ اتانهون ئي گجرات ڏانهن ڪوچ جو نقارو وڄائي روانو ٿيو. اڪبر کي وهم، گمان ۾ به ڪو نه هو ته گجرات جي سلطنت انهيءَ حد تائين تباهه حال ۽ زوال پذير ٿي چڪي هوندي جو ڪوڙي سچي هڪ ڏينهن جي مقابلي جي توانائي کان به محروم هوندي. احمد آباد وٽ جڏهن اڪبر پهتو، ان وقت شير خان فولادي شهر جو قبضو ڇڏي ڀڄي ويو، مظفر خان لاءِ وڙهڻ بيڪار هو ۽ پاڻ ئي اچي پيش پيو. اهڙيءَ آسانيءَ سان انهيءَ قديم سلطنت خواه ملڪ جو هٿ اچڻ خدائي ڏات کان گهٽ ڪو نه هو. نمڪحرام ”مسند عالي“ اعتماد خان تي- جنهن ملڪ ۽ ملت جي آزادي پنهنجي نفس خاطر ختم ڪرائي- اڪبر جي عنايتن جي ورکا جو بنهه شمار ڪو نه هو. سندس قوت اڳي کان اڳري ٿي ويئي.

نوان حاڪم نئون دور (981هه-991هه/1572ع-1583ع)

اعتماد خان  وري به قوت ۾ رهيو، ليڪن گورنر مغل حڪومت طرفان ايندا رهيا. بالادستي بهرحال نون ماڻهن جي هئي. ڪجهه عرصو ته گجراتين حالتن جو مطالعو ڪيو. آخرڪار گجراتي سردار شير خان فولادي ۽ معزول سلطان مظفر خان مقابلي لاءِ ميدان ۾ نڪري آيا. حقيقي وارثن ۽ قبضيدارن جي وچ ۾ معرڪا شروع ٿيا، جن جو سلسلو پورا ڏهه سال( 981-991هه) هلندو رهيو.

آخري دور ۾ شهاب الدين احمد خان مغلن جو صوبيدار هو. جڏهن اڪبر، مجبور ٿي، اعتماد خان کي بطور صوبيدار جي مقرر ڪري مختار ڪل ڪيو، جيئن لوهه، لوهه کي ڪاٽي سگهي- گجراتي مقابلي ڪندڙن لاءِ گجراتي غدار ئي موزون ٿي سگهيو ٿي، جنهن کي سڀني ڪمزورين، ۽ ڪوتاهين کان واقفيت هئي.(1)

اعتماد خان جي مقرري؛ انهيءَ اسڪيم تي عمل ڪندي بادشاهه انهيءَ نئين انتظام تحت اعتماد خان سان پنهنجا هيٺيان مک ۽ معتمد امير به گڏي ڇڏيا- غدار بهرحال غدار آهي. ڪم ته کانئس وٺي سگهجي ٿو، ليڪن لاهي پاهي سڄو ڀروسو ان تي رکي ڇڏڻ ملڪداريءَ جي سياست ۽ مصلحت جي خلاف هو، بادشاهه انهيءَ اصول کان غافل ڪو نه هو.

(1) مير ابو تراب                       امين الملڪ

(2) خواجه ابوالقاسم                     ديوان

(3) خواجه نظام الدين احمد           بخشي

اهي ٽيئي امير خاص عهدن تي مقرر ڪيا ويا، انهن کان سواءِ، ملڪ کي هيٺين جاگيردارن ۾ تقسيم ڪري، انهن کي به اماڻيو ويو.

محمد حسين شيخ

مير ابو المظفر

مير حبيب الله ابو اسحاق

مير صالح

هاشم داعي

بنياد بيگ

سيد جلال بخاري

بيگ محمد توقبائي

مير شرف الدين

”طبقات“ جي صاحب اهي نالا ڏنا آهن. ”اڪبر نامه“ ۾ وڌيڪ هنن اميرن جو اضافو آهي:

سيد جلال بکري

سيد ابو اسحاق- ۽

مير معصوم بکري

”اڪبر نامه“ جي مصنف انهن کي ”مجاهدان اخلاص گر“ جي لفظن سان مخاطب ڪندي، لکيو آهي ته منجهانئن هر هڪ کي خلعت ۽ انعام اڪرام سان سرفراز ڪري اماڻيو ويو(1). انهيءَ اهتمام مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته گجرات جي عوام جي مخالفت ۽ مغل حڪومت کان نفرت جي ڪيفيت ڇا هئي؟ ڏهه سال ڪشمڪش هلي، ليڪن ٺاپر اچي نه سگهي. نه اڪبر جهڙو جبرو بادشاهه انتظام درست ڪرائي سگهيو، نه گجراتين جي تاليف قلب ڪئي ويئي.

ڪشمڪش ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد: ايڏي وڏي اهتمام ۽ انتظام بعد به گجراتي قضا تي قانع ٿي ويهي ڪو نه رهيا. برابر وڙهندا رهيا ”اڪبر نامه“ ۾ انهن سڀني معرڪن جو بيان ۽ تفصيل موجود آهي. جيڪي انهيءَ سرزمين ۾ ٿيندا رهيا. معلوم ٿئي ٿو ته گجراتي سر تان آسور کڻي نهايت ئي بي جگريءَ سان وڙهي رهيا هئا.

اسان جي ممدوح مير معصوم بکريءَ کي انهن سڀني معرڪن ۾ مغل لشڪر ۾ نمايان سپاهيءَ ۽ جرنيل جي حيثيت حاصل هئي. ڪڏهن ”جرانغار“ ۾ تلوار هڻي رهيو هو. ڪڏهن ”برانغار“ ۾ شمشيرزني ٿي ڪيائين.(2)

خواجه نظام الدين بخشي جنهن صورت ۾ پاڻ شخي طرح مهل ۽ موقعي تي موجود هو، تنهن اکين ڏٺو حال تفصيل ۽ وضاحت سان لکيو آهي.

سروهي: گجرات ويندي. شاهي حڪم هو ته پهريون سروهيءَ کي سر نال ديو کان ڇڏائي. سندس ڀاءٌ جگمل جي حوالي ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ گجرات جي حدن ۾ داخل ٿيندي. اعتماد خان پاڻ انهيءَ طرف ويو ۽ خواجه نظام الدين احمد ۽ مير معصوم بکريءَ کي احمد آباد جي چارج (ڪوٽواريءَ) ۾ ڇڏيائين. ليڪن ستت ئي ٻيئي رپيا ۽ ٻيو سامان کڻي وڃي اعتماد وٽ پهتا. خواجه پاڻ لکي ٿو... فقيرو مير محمد معصوم بکري... به او ملحق شديم“(1).

عبارت جي انهيءُ انداز مان يا جتي جتي خواجه نظام الدين مير معصوم جو نالو آندو آهي، انهيءَ مان صاف پيو لڳي ته ٻنهي جو هڪٻئي سان انس ۽ ٻنهي جي هڪٻئي سان دوستي هئي(2) ”اڪبر نامه“ ۾ پڻ مير جو نالو گهڻو ڪري خواجه نظام الدين جي ساٿ سان ورتو ويو آهي.

سروهي بهرحال سرنال ديو کان ڇڏائي. سندس ڀاءُ کي، جيڪو ”از دولت خواهان بود“، ڏني وئي.

عبدالرحيم خان خانان جو تقرر (991هه/1583ع): بادشاهه جو اندازو غلط نڪتو. لوهه لوهه کي ڪٽي ڪو نه سگهيو. اعتماد خان جو گجراتي بر (طاقت) ڪڇيو ويٺا هئا. اعتماد خان ناڪام ٿي پيو. شير خان فولاديءَ ۽ سلطان مظفر خان جا حملا چؤ طرف کان شروع ٿي ويا، ۽ ڪي ته اهڙا موقعا به آيا جو اڪبر جي تسلط مان ملڪ آزاد ٿيندي ٿيندي رهجي ويو.

دربار ۾ جڏهن اهڙيون رپورٽون پهتيون. ان وقت مجبور ٿي بادشاهه ميرزا خان عبدالرحيم کي نئين انتظام ۽ تازه دم سپاهه سان گجرات موڪلي ڏنو، جيڪو انهيءَ سال (911هه/1583ع) ذي الحج جي آخري تاريخن ۾ گجرات پهتو.

جنگ ۽ آخري شڪست (992هه/1584ع): جنگ ۽ مقابلي لاءِ احمد آباد کان ٽن ڪوهن جي فاصلي ته سرڪيچ جو ميدان منتخب ٿيو. عبدالرحيم انهن اچي لشڪر لاٿو، ۽ مظفر خان پڻ پنهنجي قسمت آزمائڻ لاءِ جيڪي ڪجهه وٽس سپاهه هو. تنهن کي ميڙي چونڊي، ٻه ڪوهه اڪبري لشڪر کان پرتي ٿي، منزل انداز ٿيو(1).

جمعي ڏينهن 13 محرم 992 هه (16- جنوري 1584ع) جو، ٻيئي لشڪر سينا سپر ڪري، هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿيا. جنگ جي لشڪري دستن جي ترتيب بيان ڪندي طبقات جو صاحب لکي ٿو:

”سپهه سالار عبدالرحيم خان... هن تاريخ جي مؤلف (يعني خواجه نظام الدين) کي مير ابوالمظفر ۽ مير معصوم بکري، ۽ مير حبيب الله ۽ بيگ محمد توقبائيءَ کي متعين ڪيو ته اسان گڏجي سرڪيچ شهر کي پنهنجي سڄي هٿ طرف ڪري غنيم ٿي پٺيان اچي پئون...“

گويا مير معصوم ۽ خواجه نظام الدين ميدان ۾ هڪٻئي سان گڏ رهيا مقابلو ڪندي تلوارون ۽ تبرون مياڻن مان نڪتيون، تيرن چئني طرفن کان وسڻ شروع ڪيو. زمين واري، ڌوڙ ڌڪاءَ وڃي آسمان کنيو، انسانن جون سسيون ڌڙ کان ائين ڌار ٿيڻ لڳيون جيئن پڪل هنداڻا ولين کان ڇڄي ڍير ٿيندا وڃن. ڪنهن کي ڪنهن جي خبر ڪا نه هئي. ڪير مئو؟ ڪير بچيو؟ ڪير ڪٿي ڪريو؟ ڪنهن کي سڌ سماءَ ڪو نه رهيو، ۽ نه ڪنهن کي سوچ ۽ هوش هو، جو اهو حساب ڪري. سڀ ڪنهن کي فقط اها اڻ تڻ هئي ته غنيم کي ڪيئن زير ڪجي ۽ دشمن کي ڪهڙيءَ ريت نيست نابود ڪجي.

مقابلي جي دوران طبقات، جو منصب رٿيل پروگرام مطابق پنهنجن ساٿين سميت پٺيان اچي، مظفر تي ڪڙڪي. اوچتو زوردار حملو ڪيو. ساڳئي وقت راءِ درگا پڻ عبدالرحيم جي حڪم مطابق خواجه جو پاسو جهلي اچي مخالف تي وار ڪيو(1) انهيءَ اوچتي ۽ غير متوقع حملي مظفر جا پير ڪڍي رکيا، ۽ جان بچائي ميدان مان ڀڄي نڪتو. لشڪر جو وڏو حصو قتل ٿيو ۽ باقي گرفتار ٿيو.(2)

جيتوڻيڪ بظار مظفر جي اها آخري شڪست هئي، جنهن گجراتين کي آئينده لاءِ مغلن جو محڪوم بنائي، سندن جدا گاڻي حيثيت ۽ ملڪي آزادي سلب (ختم) ڪري ڇڏي، ليڪن مظفر پنهنجي سر دل نه هاري، پوءِ به جيسين سريءَ ۾  ساهه هئس وڙهندو رهيو، موقعو لڳس ٿي، ته مغلن تي راتاها هڻي کين نقصان پهچايائين ٿي(3). ليڪن بهرحال رويو ڪجهه ڪو نه. ملڪي غدارن شخصي لالچن ۾ اچي مغلن جا پير مضبوط ڪيا. گجرات کي گهر مان باهه لڳي. اعتماد خان جي وطن فروشيءَ ۽ غداريءَ ملڪ ۽ ماڻهن کي اهو ڏينهن ڏيکاريو. گجرات جي تهذيب، ڪلچر، تمدن، هنر ۽ عمارت سازيءَ جي فن خواهه اٿڻي ويهڻيءَ تي مغلن جو رنگ چڙهندو ويو. ۽ هلي هلي آخر سمورا انگ ۽ رنگ ميسار جي، مغلن جي کاتي ۾ لکجي ويا.

اهوئي ساڳيو صورتحال مني صدي اڳ سنڌ سان ٿيو هو. سمن سلطانن جا نا اهل پونير هڪٻئي ۾ وڙهي پيا، ماڇياڻيءَ جي تور مان پيدا ٿيل بداصل فيروز پنهنجي اباڻي ملڪ تي قنڌار جي مغلن کي چاڙهي آيو. قاضي جهڙن موقع پرست ملن ڌارين جي جاسوسي ۽ پشت پناهي ڪئي. وطن دوست قدم تي وڙهيا، ليڪن گهر مان لڳل باهه کي ڇا ڪري سگهندا هئا. مقامي ففٿ ڪالمسٽ ۽ مخبرن مغل حمله آورن جي هٿ ڏس ٿي ڪئي، کين مقابلي جي هر نقشي کان هو واقف ڪندا ٿي رهيا، پوءِ غاصبن کي مفت جي مال کي هٿ ڪرڻ ۾ ڪهڙي رنڊڪ هئي! سنڌ جو به اهوئي حال ٿيو، جيڪو گجرات جي غدارن پنهنجي وطن جو ڪيو.

سنڌ گجرات جي سرحد تي هئي. سمن سلطانن ۽ گجراتي سلطانن جون مٽيون مائٽيون هيون.(1) جيڪڏهن سنڌ آزاد هجي ها ۽ منيءَ صديءَ کان ڌارين جي پيڙا ۾ نه هجي ها، ته هوند گجرات کي اڪيلو ٿي مرڻ ڪا نه ڏئي ها. جنهن وقت گجرات مصيبت ۾ مبتلا ٿي ، انهيءَ وقت سنڌ ميرزا باقيءَ (73-993هه) جهڙي خونخوار درندي جي ظلم ۽ قهر جو نشانو بڻجي. پنهنجي موت ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ پنهنجا ڏينهن هراس ۽ پنهنجون راتيون خوف ۾  بسر ڪري رهي هئي. ڪو جيئري چرن ۾ پوريل هو. ڪنهن جي جيئري کل لاٿي ٿي  ويئي، ڪنهن کي واٽ ويندي بيگناهه شهيد ڪيو ٿي ويو، نه انگ سلامت نه ننگ محفوظ، شرمن جي سٿڻين ۾ ٻليون وجهرائي تماشو ڏٺو ٿي ويو. رات جي سمهيل کي صبح جو جيئري اٿڻ جي اميد ڪا نه هئي ۽ صبح جو جيئري جاڳندڙ کي شام تائين زندهه رهڻ جو ڀروسو ڪو نه هو- اهڙي دردناڪ ۽ ڀيانڪ صورتحال ۾ گجراتين سان همدرديءَ جو سوال ڪٿان پيدا ٿيو ٿي.

فتح گجرات جي خوشخبري؛ اڪبر کي پنهنجي سلطنت ۾ هڪ نئي ملڪ جي شموليت جي، سا به ”بزور شمشير“، خوشخبري الهه آباد ۾ پهتي، جنهن وقت هو فتحپور ڏانهن سفر ڪري رهيو هو(2) فتح تاريخ شيخ محمد غزنويءَ هن ريت چئي:

فتح گجرات بعد چندين ظلمات

گرديد بتو نصيب چون آب حيات

تاريخ چو جستم ز دل خرده فروش

دل گفت؛ بجوز- فتح گجرات.(1)

خان خانان جو خطاب؛ جنهن وقت گجرات جي فتح ٿي، ان وقت ميرزا خان عبدالرحيم جي عمر 28 ورهيه (2) هئي. سندس نوجواني متقاضي نه هئي ته کيس انهيءَ وهيءَ ۾ مغل سلطنت جو وڏي ۾ وڏو خطاب (3) ملي. ليڪن گجرات جي فتح ملڪي ۽ سياسي لحاظ کان پنهنجي جاءِ تي ايڏو اهم ڪارنامو هو ۽ آئيندي جي فتوحات، ملڪ گيريءَ ۽ توسيع پسنديءَ واري پاليسيءَ لاءِ پيش خيمو هو، جو بادشاهه جي خوشيءَ جي ڪا حد نه رهي. تنهنڪري هن عبدالرحيم لاءِ پڻس وارو خطاب ”خانخان“ پسند ڪيو، ۽ باقي سردارن لاءِ انعام، خلعتون، ۽ شاهي خوشنوديءَ جا پروانا جاري ٿيا.(4) ظاهر آهي ته مير معصوم بکري پڻ انعامن جي انهيءَ ورکا کان محروم نه رهيو هوندو. جنهن صورت ۾ اميرن جا نالا کڻي انعام جي فهرست ڪا نه ڏني وئي آهي. تنهنڪري مير معصوم جو نالو جدا ڪو نه آيو آهي.

گجرات جو قيام (991هه/1583ع-998هه/1588ع)؛ سلطان مظفر گجراتيءَ کي آفرين آهي. جيسين ساهه سريءَ ۾ هئس، تيسين ملڪ جي آزاديءَ لاءِ ڪوشش ڪندو ۽ وڙهندو رهيو. جڏهن قلعي نااميد ٿيو، تڏهن محڪوميءَ جي بي غيرتيءَ واريءَ زندگيءَ گذارڻ کان هن پنهنجي پڄاڻي افضل سمجهي. جنهن وقت سنڌ مغلن جي هندي سلطنت جو جزو بڻائي ويئي، تڏهن هن آخري طرح مايوس ٿي، خود ڪشي ڪري، پنهنجو انت آندو (1002هه/1593ع).

مير معصوم 991هه/1583ع ۾ گجرات ويو هو. فتح کان پوءِ عبدالرحيم خانخانان واپس ويو، ليڪن پاڻ خواهه نظام الدين احمد سان گڏ ايندڙ اٺ سال اتان جي ڪاروبار ۾ شريڪ ٿي، رهي پيو. ممڪن آهي ته خواجه نظام الدين سندس اتي رهائڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي هجي.

طبقات اڪبري: خواجه نظام الدين احمد نه فقط سپاهي، سياستدان ۽ اڪبر جي معتمد ۽ مکيه اميرن مان هڪ هو. ليڪن انهيءَ کان وڌ ته هو پنهنجي سر وڏو علم دوست، ادب پرور ۽ اهل قلم هو. مغل دور جي پهرين عمومي تاريخ- ”طبقات اڪبري“- هن جي ذهن ۽ فڪر جو نتيجو آهي ۽ تاريخ جي لحاظ سان اڪبري دؤر تي نه ڇڙو اهم دستاويز آهي، بلڪه مغلن کان اڳ پڻ پوري هندستان جي تاريخ تي حاوي آهي.

خواجه نظام الدين گجرات جي دوران قيام ۾ لکندو رهيو، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ مير معصوم بکري خاص طرح سندس معاون ۽ مددگار  هو. ٻنهي بزرگن جي دوستي ۽ موت جو هڪ ڪارڻ اهو باهمي تاريخي ذوق ۽ اها ذهني هم آهنگي پڻ هئي. انهيءَ يڪرنگيءَ طبقات اڪبري (1) جهڙو اهم ڪتاب علمي دنيا کي ڏنو. خواجه نظام الدين مير جي مصاحبت جو مذڪور ڪندي لکيو آهي ته:

سلها بفقير همدم و مصاحب بود(2).

انهيءَ مصاحبت ۽ همدميءَ طرفين کي فائدو پهچايو، بلڪه حقيقت هيءَ آهي ته اهو قرآن السعدين علمي دنيا لاءِ پڻ اڪسير ثابت ٿيو. جنهن وقت ”طبقات“ لکجي رهيو هو، ان وقت ڀانئجي ٿو ته مير کي ”تاريخ معصومي“ لکڻ جو خيال پيدا ٿيو هوندو، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي سلسلي ۾ خود صاحب ”طبقات اڪبريءَ“ کي ماخذ جي اڻاٺ محسوس ٿي هوندي ۽ مير کي به انهيءَ ڪميءَ جو احساس ٿيو هوندو. گويا گجرات ۾ رهڻ سان، مير کي نه ڇڙو ملڪي سياست، جنگي مشقن ۽ مغلم اميرن جي طور طريقن جو تجربو ٿيو سندس معلومات وڌي، بلڪه هڪ ڪتاب لکڻ جو خاڪو پڻ سندس ذهن ۾ آيو.

شاعرن سان صحبتون؛ نظام الدين احمد علم دوست ۽ اديب پرور امير هو. سندس دامن دولت سان جتي رهيو ڪيترا لکيل پڙهيل ماڻهو، اديب ۽ شاعر وابسته رهيا. ظاهر آهي ته جن اديبن يا شاعرن جو واسطو ساڻس هو. انهن جو ربط وضبط مير معصوم سان پڻ لامحاله ٿيو هوندو. مخصوصاً گجرات واري اٺن ورهين جي گڏ رهڻ وقت ڪيئي شاعر نظام الدين وٽ آيا، رهيا ۽ ويا. انهن سڀني سان مير جا مراسم ٿيڻ هڪ قدرتي امر هو جهڙوڪ:

مير اماني

بقائي ملا  (مشغولي تخلص)

حيائي

صرفي ساوءجي

مير شريف و قوعي

ملا حسالتي

ملا اميني يا امين (خوافي)

ملا لطفي منجم

ملا عبدي رازي

ملا حيفي ساوءجي(1)

عهدي شيرازي

انهيءَ علمي ۽ ادبي ماحول مير جي آئنده زندگيءَ تي وڏو اثر ڪيو- صلاحيت ۽ استعداد موجود هو، فقط مهميز جي ضرورت هئي.

گجرات ۾ مير صاحب جڏهن تير ۽ تلوار کان تنگ ٿيو ٿي، ته شعر و سخن چوڻ ۾ دل ريجهائيندو هو. ملا عبدالقادر بدايوني، صاحب ” منتخب التواريخ“ جهڙي سخت گير، مذهبي مزاج رکندڙ، ۽ پنهنجي دؤر جي سڄي ماحول کان بيزار انسان سان به سندس مراسم درست ۽ دوستاڻا هئا، جيڪا ڳالهه مير جي سلامت طبعي ۽ اعتدال پسنديءَ جو وڏي ۾ وڏو دليل آهي. مير جنهن وقت احمد آباد ۾ مقيم هو، ان وقت اتان قصيدو منقبت ۾ ٺاهي، ملا بدايونيءَ ڏانهن موڪليائين، جيڪو انهيءَ وقت اٽڪ ۾ رهيو پيو هو. منقبت جو مطلع هي آهي:

داغي که بود بر دلم از عشق در ازل
از دولت فراق تو با درد شد بدل.
(2)
-----


(1)  اهو سال فرشته لکيو آهي 2؛ 451.

(1)  هي حالات ”اڪبر نامه“، ”ماثر رحيمي“ ۽ ”طبقات“ (2؛244-259) تان ورتا ويا آهن. ”مرات سڪندري“ ۽ ”مرات احمديءَ“ کي به ڏسجي، ”طبقات“ ۾ آهي ته ”چون اعتماد خان ديد که کاري از پيش نمي رود، عرضداشت بحضرت خليفه الٰهي فرستاده ترغيب تسخير گجرات نمود (2؛259).“

(1)  ”طبقات، جو منصب 991هه(29سال الٰهي) جي واقعن ۾ لکي ٿو: درين ولا بخاطر اشرف رسيد که چون اعتماد خان سالها حکومت گجرات کرده بود، طريق آباداني از ديگران بهتر ميدانسة باشد و چون گجرات باو عنايت شود، سبب اميد واري حکام بلادي که در تصرف نيست، ميشود، بنابران حکومت گجرات را باعتماد خان مرحمت فرموند (2؛ 368).

(1)  اڪبر نامه (3؛ 403)-” و هر کدام به گرامي خلعت و گزيده بارگي سربلندي يافت، و گوناگون اندر زها آويزهء گوش هوش آمد“.

(2)  اڪبر نامه 3؛ 531،530،524،437،430،424،419،411،403.

(1)  طبقات 2؛ 370.

(2)  طبقات 2؛ 389،388،387،385،382،376،372،271  ڪڏهن پاڻ سان ڪڏهن ٻين اميرن سان به شامل ڏيکاريو ويو آهي.

(1)  ”مرات سڪندريءَ“ (464) ۾ انهيءَ جنگ جو تفصيل هن ريت آهي؛ سلطان (مظفر) متوجهه احمد آباد شده تاريخ ششم شهر محرم الحرام سنھ اثني و تسعين و تسعمائہ در شهر احمد آباد آمد. و روز دوشنبھ تاريخ نهم شهر مذکور از شهر بر آمده در ناحيھ در ناحيه موضع محمد نگر- که بريک کروهي شهر احمد آباد واقعا ست- رفتھ مخيم گشت. روز سہ شنبھ آنجا مقام نمود. روز چهار شنبھ نواب ميرزا خان آمد، سر کيچ را دست چپ داده نزديک به آب سانبر اجلال نمود، و سلطان نيز از محمد نگر کوچ کرده از آب گذشته قريب به روضه منوره شاهه بهيڪن ابن حضرت شهر محرم سنھ مذکور (992هه) هر لشکر صف کشيده جنگ کردند. حق تعاليٰ باب فته برناصيھ دولت نواب ميرزا خان کشاد، سلطان هزيمت يافته به کنبايت رفت (464).

(1)  ... هنوز مظفر گجراتي با ميرزا خان مقابله داشت که موءلف تاريخ باياران خود اتفاق کرده از عقب رسيده، غنيم را برداشت، و راءِ درگا نيز از جرا نغار بفر مودهء ميرزا از عقب مايان رسيد... (طبقات).

(2)  ”مرات احمدي“ (153) ۾ آهي ته تقريبا ٻه هزار سپاهي مظفر جا ميدان ۾ مئا، ۽ 5 سئو کن گرفتار ٿيا، جيڪي پڻ قتل ڪيا ويا.

(3)  ڏسو ”طبقات“ 2؛ 377 کان پوءِ جا صفها.

(1)  ڏسو ”مڪلي نامه“ ۾ ڏنل شجرا ۽ ”تحفت الڪرام“ جو فارسي ايڊيشن ص 110.

(2)  طبقات 2؛ 376.

(1)  رحيمي 2؛ 238.

(2)  تولد 14- صفر 964، 17- ڊسمبر 1556 بروز خميس.

(3)  مغل بادشاهت ۾ ٽي وڏي ۾ وڏا خطاب هئا. خان خانان، خان اعظم ۽ امير الامرا.

(4)  طبقات 2؛ 376.

(1)  ”نظامي“ (1001هه) جي لفظ مان تاريخ تڪميل نڪري ٿي.

(2)  طبقات 2؛ 500.

(1)  ڏسجي ”طبقات“ ج 3. ”بدايوني“ ج 3، ”تذڪره جهانگيري مطربي، نظام الدين هروي مقالھ حسام الدين مجله جام جم کراچي اڪٽوبر 1967ع.فرهنگ سخنوران خيام پور.

(2)  سڄو منقبت شاعريءَ واري باب ۾ ايندو (بدايوني 3؛ 366) (27-3-1978ع، ڪراچي).

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org