باب اٺون
مير معصوم نالو، لقب، تعليم ۽ ترتيب
مير مرحوم جو نالو محمد معصوم رکيو ويو. سيادت
سبب، شايد هندستاني دستور موجب نالي سان ”مير“ لفظ
جو الحاق ٿوي. خانداني روايت آهي ته سندس لقب
”نظام الدين“ هيو. ليڪن پير علي محمد شاهه جيڪا
عبارت ڏني آهي سا دستور مطابق ناقص آهي، جيئن ته
لکيل آهي ”نظام الدين نواب امير محمد معصوم“(1)حالانڪ
نواب، امير، ٻئي سرڪاري خطاب آهن. جيڪڏهن کيس ملن
ها ته ڪٿي نه ڪٿي ذڪر ضرور اچي ها. ازان سواءِ
عبارت جي تريب هن ريت هئڻ کپندي هئي؛ ” نواب امير
نظام الدين محمد معصو“ نواب، امير نظام الدين ڪنهن
به تاريخ ۾ مرقوم نه آهي. تذڪره نويسن کيس مير
محمد معصوم لکيو آهي(2). تقي الدين ڪاشيءَ مير کي امين الملڪ امير محمد معصوم، نواب وغيره لکيو
آهي، ليڪن سفير جي حيثيت ۾ ايران اچڻ تي هڪ تذڪره
نويس شخصي اخلاق ۽ تعلق سبب اها عبارت ڪتب آندي
آهي. ”امين الملڪ“
(3) جو خطاب يا عهدو اڪبري دؤر ۾ کيس مليل ڏسجي ٿيو، ڇاڪاڻ ته سفارت وقت اڪبر
طرفان جيڪو شاهي رقيمو مير صاحب شاهه عباس ڏانهن
کڻي ويو، انهيءَ ۾ اهو لقب استعمال ڪيل آهي، عبارت
آهي؛ امين الملک مير محمد معصوم بکري که از اجلهء
سادات ابن بلاد است گويا نه امير نه نواب نه نظام
الدين جا القاب يا خطاب ڪتب آيل آهن. ”امين الملڪ“
غالباً سندس عهدو هيو، جيڪو ڀانئجي ٿو ته 12- 1013
هه ۾ کيس مليو ۽ عبارت ۾ شامل ڪيو ويو آهي. مير
معصوم پاڻ به پنهنجي هيترن سارن ڪتبن ۾ اهي لفظ
استعمال نه ڪيا آهن، جيڪڏهن شاهي خطاب مليل هجن ها
ته لازماً اهي کيس نالي سان گڏ لکڻا هيا. شاهه
عباس جيڪو جوابي خط موڪليو آهي ان ۾ کيس ”معتمد
الخاقاني مير محمد معصوم خان“ (2) لکيو ويو آهي.
سندس فرزند مير بزرگ سڀ کان پهريون پنهنجي ڪتبن ۾
پيءُ لاءِ (3) نواب ۽ امير جو لفظ استعمال ڪيو
آهي. جنهن بعد عقيدت سبب سندس اولاد کيس انهيءَ
طريقي سان لکندي ۽ سڏيندي آئي آهي. نظام الدين جو
لقب سرسار اشتباه آهي، ”طبقات اڪبريءَ“ جي مصنف جو
نالو خواجه نظام الدين احمد هيو، جيڪو گجرات ۾ مير
معصوم جو ولي نعمت ٿي رهيو هيو ۽ مرندي (1002هه)
تائين ساڻس مير جو تعلق خاطر رهيو، ڀانئجي ٿو
خاندان جي پويرن ڪا اهڙي عبارت پڙهي آهي جنهن ۾
”نظام الدين“ به آيو آهي ۽ اڌوري فارسي ڄاڻن سبب
ٻن جدا شخصيتن کي هڪ سمجهي نظام الدين سندس لقب
سمجهيو ويو آهي؟ جيڪڏهن ڪا حقيقت هجي ها ته مير
بزرگ انهيءَ خطاب کي پنهنجي عبارت ۾ ڪينءَ ڇڏي ها؟
مير معصوم پرگو ۽ صاحب ديون شاعر هيو، ”نامي“ سندس
تخلص هيو.
تعليم ۽ تربيت:
سندس تعليم ۽ تربيت ڪينءَ ۽ ڪهڙيءَ ريت ٿي ۽ ڪنهن
ڪئي، انهيءَ لاءِ اسان وٽ ڪابه معلومات ڪانه آهي ۽
واقعي تعجب ٿو ٿئي ته مير صاحب جهڙي تاريخي ذهن ۽
ذوق رکڻ واري بزرگ، جنهن سفر دوران به پنهنجي نقش
قدم لاءِ ڪتبا هڻائڻ ضروري سمجهيا، تنهن پنهنجي
خاندان ۽ پنهنجي متعلق احوال لکڻ ۾ ڇو غفلت ڪئي؟
خانداني وجاهت ۽ ذاتي اهميت کان هو غافل ڪونه هيو،
هن کي پنهنجي گهراڻي جي عظمت ۽ عزت ۽ پنهنجي شخصي
اهميت ۽ اقتدار جو پورو پورو احساس هيو، اهڙيءَ
صورت ۾ تعجب ٿو ٿئي ته هن ڇو ڪونه انهيءَ موضوع تي
ڪجهه لکيو، ٿي سگهي ٿو ته هن جدا ڪتاب لکڻ ”اڄ نه
سڀان“ تي ڇڏيو هجي ۽ زماني جي مصروفيتن کيس وصال
واريءَ گهڙيءَ تائين انهيءَ آرزوءَ کي پورو ٿيڻ نه
ڏنو؟ يا ڪو نوشتو جيڪڏهن ڇڏيو اٿس ته اهو ضايع ٿي
ويو! بهرصورت انهيءَ قسم جي ڪتاب يا رسالي جو ڪٿي
به اشارو يا حوالو اسان کي ملي ڪونه سگهيو آهي.
مير صاحب مرحوم جي سوانح لکندڙ کي سخت دشواري
درپيش اچي ٿي سوين ورق اٿلائي ٽُڪر ٽوٽا هتان هتان
ڳولهي هٿ ڪري باهمي پيوند کان پوءِ ههڪ خاڪو تيار
ڪرڻو پوي ٿو ۽ انهيءَ سرماريءَ بعد به لکندڙ کي
تسڪين ڪانه ٿي ٿئي ۽ موضوع مڪمل محسوس نٿو ٿئي.
تعليم متعلق ڪابه سنئين سڌي معلومت ڪانه آهي، فقط
بدايونيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته مير معصوم تعليم
حاصل ڪرڻ ۾ تمام گهڻي جاکوڙ ڪئي آهي(1) اتفاقي حوالن مان سندس چند استادن جا نالا ملن ٿا جيئن ته؛
ملا محمد ساڪن ڪنگري
ذخيرة الخوانين جي مصنف لکيو آهي ته؛ پنهنجي والد
جي وفات (991 هه) کان پوءِ صرف نحو، نظم ۽ نثر جي
تعليم ملا محمد ڪنگريءَ واري کان حاصل ڪيائين(2). ماثر الامرا جو ماخذ ذخيرة الخوانين آهي، تنهن به ساڳي عبارت لفظي ڦيرڦار
سان ڏني آهي، جيئن ته تحصيل علوم، اشتغال به
کمالات حسيه آشنا گشت صاحب ماثر الامرا جا پنهنجا
اضافا ۽ عبارت آرائي آهي.(1)
ڪنگري راقم الحروف جو اباڻو ڳوٺ آهي. اهو پير ڳوٺ
جو قديمي نالو آهي. در اصل شهر جا ٻه حصا آهن،
پراڻي حصي کان ڪنگري چيو وڃي ٿو، جڏهن حضرت روضي
ڌڻي رحمت الله عليه جو لاش مبارڪ درياهه جي
پائيندڙ سبب ”پراڻي ڳوٺ“ مان ڪڍي آڻي اتهن دفن ڪيو
ويو، تڏهن کان نئين حصي جو نالو ”پير ڳوٺ“ ٿيو ۽
ڪنگري هلندي هلندي آخر ذهن تان ميسارجي وئي.
ڀانئجي ٿو ته اتهن وڏي درسگاهه هئي، جت ملا محمد
صدر مدرس هيو ۽ ڪيترا قابل ذڪر بزرگ وٽانئس تحصيل
علم ڪري عملي زندگيءَ ۾ گهڙيا، مثلاً؛ آخوند محمد
اسحاق بکري پڻ مير معصوم سان همدرس هو.(2)
جنهن پوءِ وڃي گجرات ۾ نالو ڪڍيو ۽ هڪ غلط روايت
مطابق مير معصوم انهيءَ سنگتيءَ جي آسري تي گجرات
پهچي بخشي نظام الدين سان منسلڪ ٿيو. آخوند صاحب
پنهنجي دؤر جو پاڻ به عظيم استاد هو. ظاهر آهي ته
جنهن بزرگ جي درس مان انهيءَ قسم جا تاريخي ماڻهو
پيدا ٿيا، انهيءَ جو پنهنجو وجود ته بهر صفت سچو
سون هوندو.
قاضي ڏتو سيوهاڻي
مير معصوم ضمناً پنهنجي ٻن استادن جو ذڪر ڪيو آهي،
جن مان هڪ سنڌ جو جڳ مشهور استاد قاضي ڏتو سيوهاڻي
هيو. پاڻ لکي ٿو: ”هنن ورقن جي لکندڙ پڻ سندس درس
جي حلقي مان علمن جو اقتباس ڪيو آهي.“(1)
ممڪن آهي مير معصوم پنهنجي ناناڻن ۾ رهي، سيوهڻ جي
هن بزرگ وٽان علم پرايو هجي. قاضي ڏتو پاڻ وڏي
پائي جو عالم، مدرس ۽ خدا رسيدو بزرگ هيو. قاضي
صدرالدين پنجن واسطن سان سندس ڏاڏو هي و. پنهنجي
والد قاضي شرف الدين عرف مخدوم راهوءَ وٽ ”مطول“
تائين درس ورتائين. تفسير، حديث مخدوم بلال جي
حضور ۾ ۽ ٻيا علم مخدوم عبدالعزيز ابهري ۽ مخدوم
فخر پوٽي جي درس مان پرايائين. مخدوم ارڙهن تفسير
پڙهيا هئا ڪي ناظرو ۽ ڪي قرآت جي ذريعي، جن سڀئي
کيس برزبان هئا. ترڪي خط پڙهڻ ڃاڻندو هيو، گويا
زبان کيس ايندي هئي. ارغون ۽ ترخان خواه سلطان
محمود بکريءَ جو گهراڻو ترڪي گو(2) هيو. فارسي ٻاهر، گهر ۾ ترڪي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي. مخدوم غالباً انهيءَ
ڪري ترڪيءَ ۾ شد بد پيدا ڪئي ٿي ڏسجي، علم جعفر ۽
انهيءَ قسم جي ٻين طلسماتي علمن تي پڻ چڱيءَ پر هٿ
پڃندي هيس، حافظي جي اها حالت هئي جو جيڪي پڙهيو
هئائين، سو سڀ برزبان هيس. پاڻ صاحب ڪشف و ڪرامات
پڻ هيو.
سندس والد قاضي شرف الدين صاحب حال هيو. چوڻ ۾ اچي
ٿو ته وفات بعد مخدوم ڏتي سندس ئي اشاري تي حضرت
مخدوم بلال جي درس ۾ حاضري ڀري. مير معصوم جو چوڻ
آهي ته؛ شاهه حسن ارغون پڻ قاضي ڏتي وٽ پڙهيو ۽
ڪيترا سبق سندس هٿ اکرين هُن پاڻ قاضي صاحب جي
ڪتبخاني ۾ ڏٺا هئا. شاهه حسن گهڻو ڪري وٽس حاضري
ڀريندو هيو ۽ وٽانئس درس حاصل ڪندو رهيو. شاهه حسن
کيس امام جارالله جو(1)
مد مقابل سمجهندو هيو.
شيخ حميد در ٻيلائي
درٻيلو انهيءَ دؤر ۾ سنڌ جو عظيم تعليمي ۽ روحاني
مرڪز هيو، ڪو وقت هيو جو ڪيئي عالم، مدرس ۽ اهل دل
بزرگ منجهس رهندا هئا. سنڌ ۾ قومي لحاظ سان دربيلي
کي خاص شرف هن ڪري به مليو، جو جڏهن ڌاريا سنڌ ۾
داخل ٿيا ۽ هنن ظلم ڪرڻ ۽ خلق خداءِ سان ناحق ڪرڻ
شروع ڪيو ته اتهون جا عالم ترڪ وطن ڪري، پهريون
گجرات ۽ پوءِ مڪي ۽ مديني هليا ويا.(2) جيئن ساڳي زماني ۾ پاٽ ۽ سيوهڻ جي ڪيترن روحاني ۽ علمي خاندانن احتجاجي
هجرت ڪئي هئي.
شيخ حميد درٻيلائي پڻ انهن عالمن مان هڪ هيو، جنهن
درٻيلي مان ترڪ وطن ڪيو. گجرات کي ترجيح ڏيڻ جو
سبب اهو ٿيو جو سنڌ جي سمن سلطانن جي گجراتي
سلطانن سان مٽي مائٽي هئي، جنهڪري سنڌ ۽ گجرات جا
گهاٽا تعلقات ۽ انفرادي دوستيون ۽ آشنائيون هيون.
سنڌ وارن کي گجرات وڃن سولو لڳو ٿي. جتان حجاز
مقدس ڏانهن به آسانيءَ سان ماڻهو وڃي ٿي سگهيو.
مير معصوم پنهنجي انهيءَ استاد لاءِ پاڻ لکي ٿو
ته: انهيءَ علائقي (گجرات) جي فتح (991هه) ٿيڻ بعد
سندن خدمت ۾ مشرف ٿي ”مشڪواة“ کي از اول تا آخر
پڙهي ۽ حديث جي ٻين ڪتابن جو رس حاصل ڪري سند حاصل
ڪيم.(1) حضرت شيخ حميد جون فضيلتون بيان ڪندي لکي ٿو: مڙني فضيلتن سان ڀرپور ۽ ڪمال
سان سيتگاريل آهي. عقلي ۽ نقلي علمن ۾ کيس ڏاڍي
مهارت ۽ ڄاڻ آهي. تفسير ۽ حديث ۾، خاص طرح حديث ۾
ته کيس قدرت ڪامله آهي.(2)
شيخ حميد 1002هه ۾ خان اعظم عزيز ڪوڪه(3)
سان گڏجي گجرات ڇڏي پنهنجي بزرگن وانگر حج تي
روانو ٿي ويو، جتان وري نه گجرات ۽ نه سنڌ موٽيو.
جيستائين جيئرو رهيو، اوستائين جعبت الله جي پاڇي
۾ حديث شيرف جو درس ڏيندو رهيو، مير معصوم لکيو
آهي: مڪي جي موجوده عالمن جا مخدوم صاحب جن ئي
حديث ۾(4)
پيشوا ۽ سربراهه آهن.(5)
ملا محمد ڪنگري جي سلسلي جي روايت ”ذخيرت
الخوانين“ ۽ ان جي پيروريءَ ۾ ” ماثرالامرا“ جي
آهي. ”صرف ۽ نحو“ جي لفظن انهيءَ روايت کي هن ڪري
ڪمزور ۽ مشڪوڪ ڪري رکيو آهي ته والد جي وفات
(991هه) تائين. مير صرف نحو تائين به نه پهتو هو.
جڏهن ته سندن عمر 47 ورهيه هئي. ازانسواءِ جڏهن
سندس والد وفات ڪئي ان وقت مير (991هه) گجرات ۾ هو
جنهن جو اشارو مٿي اچي چڪو آهي ۽ تفصيل ايندڙ صفحن
۾ ايندو. ذخيرت الخوانين مير جي وفات کان 47 ورهيه
پوءِ لکيو ويو. مصنف پاڻ بکر جو هو. مير جو همدرس
آخوند اسحاق سندس قربي عزيز هيو. ان وقت بکر ۾
اڃا اهي ماڻهو به موجود هوندا جن مير معصوم کي
آخري عمر ۾ ڏٺو هوندو ۽ سندس اولاد سان ته خاص
واهپو ٿيو هوندن. شيخ فريد جون روايتون سراسر غلط
ٿي ڪو نه ٿيون سگهن. عبارت ۾ تصرف ٿيل نظر اچي ٿو.
اهو مڃي سگهجي ٿو ته مير، صرف ۽ نحو يعني ابتدائي
تعليم ملا محمد ڪنگريءَ واري وٽ ورتي هجي.
سلطان محمود بکري 982هه ۾ انتقال ڪيو. ان کان
ڪيئي سال اڳ ۾ تعليم ختم ڪري سلطان جي ملازمت ۾
آيو. ظاهر آهي ته 20-22 ورهين جو انهيءَ وقت ضرور
هوندو. انهيءَ لحاظ سان 96هه ۾ هو ملازمت ۾ داخل
ٿيو.(1) موزون اهو لڳي ٿو ته ملا محمد ڪنگريءَ کي سندس پهريون استاد سمجهڻ گهرجي.
مخدوم عثمان درٻيلائي
برادرم بزرگوار پير علي محمد شاهه راشدي معصومي جي
خانداني روايت جي بنياد تي مخدوم عثمان درٻيلائيءَ
کي به مير معصوم جي استادن ۾ شمار ڪيو آهي(2). ليڪن مير جي پنهنجي عبارت ۾ انهيءَ طرف اشارو ٿيل ڪو نه آهي. پاڻ مخدوم
صاحب جي هال ۾ لکي ٿو؛ سڀني قسمن جي منقول، معقول
۽ متداول علمن ۾ جهڙس ڪو نه هيو. پاڻ متبحر عالم
هيو. هميشه درس ۾ وقت گذاريندو هيو. ۽ اهوئي سندس
شغل هيو. اخلاق حميده ۽ صفات پسنديده جو حامل
هيو. هي نهايت تقويٰ. پرهيزگاري ۽ شرعيت تي ڪاربند
رهيو. انهيءَ ڪمال واري ڄاڻ ۽ باوجود پير سنائي جي
به تواضع ۽ ڪسبر نفسيءَ ۾ بي مثل عالي مقامات ۽
ظاهري ڪرامات جو صاحب هيو.
دنيا کان منهن موڙي ڇڏڻ جو وتيرو، جيڪو هنن کي
الله ڏنو، سو سندس زماني ۾ ڪنهن به بزرگ کي ڪو نه
نصيب ٿيو. سچ پچ ته ”ترڪ مافي ايدي الناس“ تي عمل
ڪندي، نذرانو يا عطيو، ٿورو يا گهڻو، مطلقاً ڪنهن
کان ڪو نه ٿي ورتائون. هميشه وٽن شاگردن خواهه
عالمن جو اچ وڃ عام جام رهندو هيو. انهن جي کارائڻ
پيارن ۾ ڪڏهن ڪوتاهي يا ڪثر ڏسڻ ۾ ڪا نه آئي.(1)
مخدوم مرحوم 1002هه ۾ انتقال ڪيو جنهن وقت ارغونن
جي وارث ترخانن جي حڪومت ختم ٿي چڪي هئي ۽ سنڌ
هندستاني مغلن جي سلطنت جو جزو ٿي چڪي هئي. مير
معصوم انهيءَ سال بکر م مقيم هيو، ايتري ساريءَ
عبارت ۽ تعريفي جملن ۾ ڪٿي به پنهنجي شاگرديءَ جو
اشارو ڪو نه ڪيو اٿائين.
ڀانئجي ٿو همشهري هجڻ سبب مخدوم حميد درٻيلائي ۽
قاضي عثمان جي وچ ۾ نالي ڀل ٿي ويئي آهي. بجاءِ
مخدوم حميد جي، خاندان ۾ قاضي عثمان مير معصوم جو
استاد مشهور ٿي ويو آهي.
انهيءَ ۾ شڪ ڪو نه آهي ته مير معصوم جا پنهنجا
ذاتي تعلقات مخدوم عثمان سان ضرور هئا ۽ سندس
بزرگيءَ ۽ ولايت جو مير قائل ۽ معتقد هيو. صاحب
ذخيري جي روايت موجب خان خانان ميرزا عبدالرحيم
خان ۽ جاني بيگ ترخان جي وچ ۾ هلندڙ جنگ جي سلسلي
۾ جنهن ۾ مير پڻ خان خانان جي وچ ۾ هلندڙ جنگ جي
سلسلي ۾ جنهن ۾ مير پڻ خان خانان سان شامل هيو-
جڏهن درٻيلي ۾ پهتا انهيءَ موقعي ٿي مير معصوم خان
خانان کي پاڻ سان وٺي مخدوم عثمان جي خدمت ۾ حاضر
ٿيو ۽ خان خانان حضرت مخدوم جي خدمت ۾ مٿو رکي
گهڙي ساعت دل جي حضور سان پيو رهيو ۽ فتح جي لاءِ
دعا گهريائين(1) انهيءَ روايت جي صاحب ذخيرت اخوانين ” آورده اند“(2) سان ابتدا ڪئي آهي ڪٿان روايت آئي؟ ڪنهن آندي؟ اصل منبع معلوم ڪو نه ٿي
سگهيو آهي، بهرحال انهيءَ مان ايترو ظاهر آهي ته
مخدوم صاحب جي بزرگي مسلم هئي ۽ مير معصوم سندن
انهيءَ مرتبي ۽ منزل کان آگاهه هيو. اهو واقعو
999هه جو آهي. مخدوم صاحب چند سالن بعد وصال ڪيو.
مير معصوم جي ابتدائي انتهائي تعليم متعلق پاڻ کي
ايترا ڏس پتا ميسر ٿي سگهيا آهن. مولانا عبدالخالق
گيلاني (شاگرد مولانا عبدالله يزدي) 972هه ۾ قنڌار
کان قلعي بکر ۾ آيو. هڪ مدت تائين (مدتي) مير
معصوم جي اوطاق ۾ رهي درس ڏيندو رهيو. مير معصوم
انهيءَ جو ذڪر ڪيو آهي، ليڪن اهڙو ڪو به اشارو ڪو
نه ڏنو اٿائين جنهن مان خبر پوي ته پاڻ به ڪي سبق
وٽس پڙهيائين. در حقيقت مير ڪي ئي سال اڳ تعليم م
تحصيل ڪري چڪو هيو. باقي زندگيءَ ۾ موقعي ملڻ تي
حديث جو درس ۽ سندون وقت جي مختلف ۽ جيد محدثن کان
سو وٺندو رهيو.
-----
باب نائون
زندگيءَ جي ڪشمڪش جي شروعات
جيئن ته ڄاڻائي آيا آهيون، مير معصوم چند اشارن
کان سواءِ پنهنجي زندگيءَ لاءِ ڪو به مواد يا
اطلاع پٺيان ڪو نه ڇڏيو آهي، سلطان محمود بکريءَ
وٽ ملازمت ۾ داخل ٿيڻ ته سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو،
ليڪن، شئيل شڪار ڪرڻ جو يا ته ايترو اميراڻو ٺاٺ
يا عسرت جي اها صورت جو پيدل گجرات پهچڻ ۽ آخوند
اسحاق جي ذريعي بخشي نظام الدين وٽ نوڪري ڪرڻ؟
اتاهون اڪبري اميرن جي زمره ۾ اچڻ؟ اهي سڀ اهڙا
واقعا آهن. جن جي تفصيل معلوم ٿيڻ کان سواءِ مير
جي حياتيءِ جا سڀئي پهلو صاف ٿي نٿا سگهن، مير
معصوم کي سمجهن لاءِ جيسين زندگيءَ جي هر هڪ عمل
۽ خدو خال جو تفصيل نه ملندو، تيسين ساڻس سير حاصل
يا اطمينان بخش ملاقات ٿيڻ ممڪن نه آهي ۽ سندس
شخصيت ۽ شخصيت جي همه گير نوعيت ۾ مجسم ٿي ذهن ۾
اچڻ ڏاڍو مشڪل آهي، تنهنڪري پڙهندڙ کي قدم قدم تي
افسوس ۽ ارمان سان متصادم ٿيڻو پوي ٿو. بهرحال
جيڪي حال آهي سو پيش پريان نال آهي:
محمود بکريءَ وٽ ملازمت: عملي زندگيءَ جو پهريون
واقعو، سلطان محمود وٽ مير صاحب جي ملازمت جو آهي،
جنهن جو اطلاع ”تحفت الڪرام“ جي ذريعي ملي ته ٿو
ليڪن ان جي ماخذ جو پتو ڪو نه ٿو پوي، لکي ٿو: مير
معصوم ابتدا ۾ سلطان محمود وٽ ۽ پوءِ اڪبر بادشاه
جي حضور ۾ مرتبي تي پهتو.(1)
قرين قياس پڻ اهو لڳي ٿو ته تعليم مان فراغت حاصل
ڪرڻ بعد سڀ کان پهريون ضرور خانداني ۽ دستوري
تقاضا مطابق، هن سلطان محمود وٽ ملازمت ڪئي هوندي.
خود سندس پنهنجي نوشتن مان ڪي تاريخي واقعا اهڙا
ملن ٿا (2) جيڪي هن سلطان محمود کان سڌو سنئون ٻڌي
لکيا آهن. ظاهر آهي ته اهي واقعا انهيءَ ملازمت ۽
هر وقت جي ساٿ ۾ رهڻ سبب حاصل ڪري سگهيو هوندو.
اڪبري درٻار: بکر مان نڪري، دربار اڪبريءَ تائين
رسائي ڪرڻ تائين هن ڪهڙو هفت خوان طي ڪيو؟ ڪيئن
پهتو؟ ۽ ڪڏهن پهتو؟ ان لاءِ ڪو سنئون سئولو اطلاع
ڪو نه آهي. خيالي ڪٿائون ڪري سگهجن ٿيون. جنهن
لاءِ هيٺيان موقعا ذهن ۾ اچن ٿا- مير معصوم
(998هه) ۾ گجرات کان اڪبر وٽ لاهور پهتو، انهيءَ
وقت والده وٽان، وٽس ڪي سوکڙيون پهتيون، جيڪي هن
شاهي حضور ۾ پيش ڪيون. اڪبر بادشاه دلنواز ۽ ظاهري
ملڪ سان گڏ ڍلن جي مملڪت جو بادشاهه هو. هن
خوشيءَ سان سو کڙيون قبول ڪندي کائنس پڇيو ته؛
والده کان جدا ٿئي ڪيترا سال ٿيا اٿو؟ مير عرض
ڪيو؛ قبلا سائين ! ويهه ورهيه کن ٿي ويا آهن(1)!
انهيءِ روايت جي حساب مطابق مير (979هه) جي لڳ ڀڳ
وطن جا وڻ ڇڏيا هوندا. ۽ اهو زمانو هيو، جڏهن محب
علي خان بن مير خليفه(2) ۽ سلطان محمود بکري جي وچ ۾ روهڙيءَ ۽ ميرپور ماٿيلي جي حد اندر معرڪا ٿي
رهيا هئا، جن جو سلسلو (978) کان شروع ٿي سلطان
محمود جي وفات (0981هه) تائين برابر هلندڙ رهيو.(3)
سلطان محمود پوڙهو ٿي چڪو هو(1)، پٽيتي اولاد ڪا نه هئس، هڪ نياڻي (بکري بيگم) هيس جيڪا انهيءَ زماني ۾
اڪبر جي حرم ۾ موڪلي چڪو هو(2) پاڻ ٺلهو پنهنجي عمر جا ڏينهن فڪر ۽ پريشانيءَ ۾ پورا ڪري رهيو هو ته
کانئس پوءِ سندس رقيب ترخان، سندس حصي تي قبضو نه
ڪن، تنهنڪري اڪبر کي اطلاع موڪلي محب وارو مٿي جو
سور هن پاڻ ئي پنهنجي سر ۾ وڌو هيو، جنهن حياتيءَ
جي پوئين پهر ۾ به کيس آرام سان پساهه پورا ڪرڻ ڪو
نه ڏنا. هن به ڪيترن جا پساهه پيڙائون ڏئي پورا
ڪرايا هئا، اهو قدرت جو انتقام آهي جيڪو هر ظالم
کان ورتو وڃي ٿو. سنڌيءَ جي چوڻي- جهڙي ڪرڻي تهڙي
ڀرڻي- انهيءَ سلسلي تي صادق اچي ٿي. ممڪن آهي ته
مير معصوم پنهنجي ملڪ جون اهي حالتون ڏسي. انهن ٻن
سالن (979هه 980هه) ۾ اڪبر بادشاهه جي دربار ۾
پهچي ويو هجي؟ اهو به امڪام ٿي سگهي ٿو ته ضعيفيءَ
۾ سلطان محمود کي ڇڏڻ مناسب نه سمجهي انهيءَ جي
وفات (982هه)(3)
کان فورن پوءِ سکر ۾ پهتل اڪبري اميرن جي وساطت
سان دار السلطنت روانو ٿيو هجي؟
ذخيرت الخوانين جي غلطي: شيخ فريد بکريءَ مير جي
هندستان وڃڻ جو داستان عجيب نموني سان بيان ڪيو
آهي. روايت ڪٿان آئي؟ ڪنهن ٻڌايو؟ ڪنهن سڻايو؟ اها
خبر خاوند کي.
... جڏهن افلاس ۽ تنگدستيءَ کيس انتهائي مجبور
ڪيو، ان وقت ٻن- ٽن هم شهرين سان گڏجي پيادو گجرات
طرف روانو ٿيو. شهاب الدين احمد خان نيشاپوري(1) (متوفي 999هه) صوبيدار ۽ خواجه نظام الدين احمد هروي صاحب ”طبقات اڪبري“
انهن جو ديوان هيو. ميان شيخ اسحاق فاروقي- راقم
جو طغائي- خواجه نظام الدين هرويءَ جو مطلق العنان
وڪيل هيو ۽ مير جو انهيءَ طرف وڃڻ به انهيءَ سبب
ڪري ٿيو جو شيخ اسحاق سان سندن دوستي هئي ۽ هم درس
به رهي چڪا هئا.
شيخ سندن اچڻ کي غنيمت سمجهي کيس صوبيدار ۽ صاحب
ديوان جي خدمت ۾ پيش ڪري سندس لاءِ منصب جي تجويز
ڪئي. خواجه نظام الدين احمد کي ”تاريخ طبقات
اڪبري“ جي لکڻ جو ان وقت شوق هيو ۽ مير کي جنهن
صورت ۾ تاريخ جي علم ۾ ڪامل دستگاهه هئي، تنهنڪري
خواجه کيس پنهنجو نديم ۽ مصاحب مقرر ڪيو(2).
مير صاحب جي افلاس ۽ تنگدستيءَ جي صورتحال کي روشن
ڪرڻ لاءِ شيخ فريد هيءَ حڪايت به لکي آهي:
”جڏهن مير گجرات پهتو، تڏهن هڪ صراف هزار اشرفي
ڳڻي ڪوٺيءَ ۾ ٿي بند ڪئي. مير ڏسي ٿڌو ساهه ڀري
آسمان ڏي هٿ کڻي چيو ته: اي منهنجا مولا ! ايتري
دولت هن ٻانهي کي به عطا ڪر ته موٽي بکر وڃي
پنهنجن ٻارن ٻچن سان فرحت ڪري پنهنجو وقت گذاري!
تنهن تي سندس همراهه شاهه قليءَ چيو ته: اي پست
همت! اهو ڪهڙو عرض آهي، جيڪو باري تعاليٰ کي ڪرين
ٿو؟ اهو نٿو چوين ته: يا الاهي! مون کي ايڏو رتبو
۽ جاهه و جلال نصيب ڪر جو آءٌ ايتري زر درماهو
پنهنجي هڪ هڪ سپاهيءَ کي ڏيان!! مير پنهنجو سر
زمين تي رکي (سجدو ڪري) رب اڳيان اهوئي سوال ڪيو.
ستارو موافق هيو ۽ سوال اهڙو اگهي ويو جو مير
واقعي پنهنجي زندگيءَ ۾ 30-40 لکن روپين جي موڙيءَ
جو مالڪ ٿي ويو(1).
انهيءَ داستان جي شروعات ”آورده اند“ سان ڪئي وئي
آهي. ائين پيو ڀانئجي ته شيخ فريد ڪنهن ڪتاب تان
ورتو آهي. جنهن جي نالي کان اسين واقف نه آهيون.
بهرحال شيخ فريد جي انهيءَ داستان ۾ هيٺيان قسم
آهن:
(1) شهاب الدين احمد خان جو گجرات ۾ تقرر وزير خان
جي جاءِ تي 984هه(1) ۾ ٿيو(2)، ۽ مير معصوم تقريباً ست ورهيه پوءِ گجرات ۾ مقرر ٿيو . جڏهن شهاب الدين جو
تبادلو ٿي چڪو هيو ۽ سندس جاءِ تي اعتماد خان کي
991هه(3) ۾ موڪليو ويو. خواجه نظام الدين جو تقرر پڻ انهيءَ موقعي تي ٿيو، اهو وقت
هيو جو ٻين اميرن ۽ عملدارن سان گڏ مير معصوم به
مقرر ٿي گجرات ۾ آيو.
(2) مير معصوم 984هه ۾ - جڏهن ته سندس موجودگي
گجرات ۾ ڏيکاري وڃي ٿي- خواجه غياث الدين علي آصف
خان ثاني(4) جي سپهه سالاريءَ هيٺ ايدر جي لڙائيءَ ۾ شريڪ هيو، جنهن ۾ 4- ذي الحج 984هه
(جون 1576ع) جو شاهي لشڪر کي آخري طرح ڪامل فتح
حاصل ٿي.(5)
جيئن ايندڙ صفحن ۾ ظاهر ٿيندو. مير معصوم در حقيقت
سلطان محمود جي وفات (982هه) کان پوءِ، جڏهن اپر
سنڌ اڪبري سلطنت جو جزو بڻجڻي هئي يا بڻجي چڪي
هئي. هوا جو رخ ڏسي بکر کي خيرباد چئي قسمت آزمائڻ
لاءِ هندستان ويو ٿو ڏسجي. ماثر رحيميءَ جي هڪ
عبارت مان اهڙو اشارو به ملي ٿو. گجرات ۾ اعتماد
خان ۽ شهاب الدين خان سان مظفر گجراتي جي آويزش
(990هه-991هه) جو ذڪر ڪندي هڪ جنگ جي روئداد ڏئي
عبدالباقي نهاوندي لکي ٿو:
”مير معصوم بکري جيڪو بکر جي وڏي شاندار ساداتن
مان هو... بادشاهي اميرن ۾ ”فتح بکر“ جي موقعي تي
شامل ٿيو هو. انهيءَ وقت (991هه) گجرات ۾ ڪمڪي
هيو“.(1)
فته بکر مان عبدالباقيءَ جي مراد اهو ٿورو عرصو
آهي، جيڪو محب علي جي معرڪ آرائين (979هه) کان
شروع ٿيو ۽ سلطان محمود بکريءَ جي وفات بعد بکر جي
پهرين مغل صوبيدار مير کيسو خان بڪاول بيگيءَ جي
آمد (982هه) تي ختم ٿيو.
مير معصوم جي هڪ قول مان جنهن جو راوي ملا بدايوني
آهي. ظاهر ٿئي ٿو ته، مير بکر کان گجرات نه پر سڌو
سنئون آگري دربار ۾ پهتو هيو. ملا صاحب جو بيان
آهي ته:
”مير معصوم جيئن ته تقويٰ، پرهيزگاري، درود، نماز
۽ تلاوت جو بيحد پابند هو. ڪنهن چيو ته؛ تيسين ڪو
به فائدو پهچي نٿو سگهي، جيسين مرشد جي رهنمائي
حاصل نه ڪجي! جواب ۾ مير معصوم چيو ته؛ منهنجا ٽي
مرشد آهن، وڌيڪ جي في الحال ضرورت نه آهي! انهن ٽن
مرشدن جي نوعيت بيان ڪندي مير صاحب شروعات هن جملي
سان ڪئي آهي:
پنهنجي وطن کان دارالخلاقه طرف روانو ٿيس. ان وقت
جوانيءَ جي هواءِ ۽ هوس ۾ مٿو انهيءِ حد تائين
خراب هيو جو هزاري ۽ دو هزاريءَ اڳيان ڪنڌ ڪو نه
ٿي جهڪيو. جنهن وقت دربار ۾ پهتس ۽ چوبدارن جا
چهبوڪ کاڌم ۽ ذلت سهڻي پئي ۽ گهڻي انتظار ۽ ڪاڍن
ڪڍڻ بعد منصب بيستي نصيب ٿيو...(2)
مٿين عبارت مان ظاهر آهي ته مير بکر کان سڌو
دارالخلاقه (آگره پهتو، ٻئي جملي مان صاف معلوم
ٿئي ٿو ته جواني ۽ جواني جي مستي هيس افلاس زده ڪو
نه هيو ۽ نه بي سور سامان هيو جيئن ذخيرت الخوانين
واري تصوير چٽي آهي. بهرحال ايترو ڪجهه اثاثو هيس
جو هزاري ۽ دو هزاري اميرن جي پرواهه مطلق نٿي
ڪڍيائين. افلاس ۽ بي زريءَ تي اها خوءِ بوءِ ڪا
نه ٿيندي آهي. هڙ ڪوسيءَ کان سواءِ مير کي، پنهنجي
ڄاڻ، علم ۽ عملي قوت تي پڻ وڏو تڪيو هيو، جنهنڪري
ڪنهن تي اک ڪا نه ٿي ٻڏس. ”گهڻي انتظار“ بعد مان
اهو پڻ ظاهر آهي ته جنهن صوت ۾ هزاري دو هزاري
اميرن کي ڪو نه ٿي ليکائين، تنهنڪري کيس ترسڻو
پيو. جيسين بادشاهه ڪنهن نه ڪنهن وسيلي سان سندس
خوبين کان آگاهه ٿي کيس ڪو منصب عطا فرمائي.
مير معصوم حقيقت ۾ (984هه کان) ڪافي عرصو اڳ اڪبري
ملازمت ۾ داخل ٿي چڪو هيو، ملازمت حاصل ڪرڻ ۽ منصب
وٺڻ جا سڀئي مرحلا طئي ڪري انهيءَ سال تاريخ جي
صفحن تي اڀري آيو آهي ۽ مختلف معرڪن سر ڪرڻ ۾
انهيءَ دور جي سڀني مکيه اميرن ۽ سپهه سالارن جي
معيت کيس حاصل ٿي هئي. آصف خان ثاني، خان اعظم
ڪوڪو، شهاب الدين احمد خان، اعتماد الدوله ۽ خان
خانان ميرزا عبدالرحيم جهڙن عظمي اڪمرتبت جرنيلن
جي ڪمان هيٺ ڪيترن معرڪن کي سر ڪڻ جي سرخروئي کيس
حاصل ٿي چڪي هئي.
لڙائي، ملڪي معاملن کي سلجهائڻ ۽ مسئلن کي منهن
ڏيڻ ۽ عام ڪارڪردگيءَ سبب، مير معصوم پاڻ کي ايترو
اهم ۽ مٿانهون ثابت ڪيو، جو جن به مورخن سندس ذڪر
ڪيو آهي يا نالو ورتو آهي تن سڀني جي عبارتن ۽
لفظن منجهان مير لاءِ نهايت عزت آبرو ۽ احترام
وارو جذبو ظاهر ٿئي ٿو.
اڪبر جو سمورو دور – جيئن ايندڙ صفحن مان معلوم
ٿيندو – خير خوبيءَ سان گذاري مير جهانگير جي
پهرين سال ۾ جڏهن انتقال ڪيو. اوستائين سندس وقت
نهايت سهڻي نموني سان گذريو. ڪڏهن عتاب شتاب ۾ ڪو
نه آيو. حالانڪه ڪيئي معاصر شاهي نظر تان ڪڏهن
ڪريا ڪڏهن بحال ٿيا. آخري وقت تائين مير پنهنجي
منصب تي قائم رهندي انجام بخير تي پهتو. جيڪا شخصي
۽ مغلئي حڪومت ۾ هڪ وڏي سوڀ هئي.
انهي ۾ ڪو شڪ ڪو نه آهي ته اڪبر نه فقط مردم شناس
هيو، بلڪه ماڻهن مهيا ڪرڻ ۾ به سندس ڀاڳ ڀلا هئا،
جيڪي مشير امير کيس ميسر ٿيا سي پوين مان ڪنهن به
مغل بادشاهه کي نصيب ڪو نه ٿيا. اڪبر واقعي ڀاڳوند
۽ راڄ چڱو مڙس هيو.(1)
-----
باب ڏهون
اڪبري دربار ۾ شروعاتي زندگي
اڪبري دربار يا سرڪاري ملازمت ۾ مير معصوم جي داخل
ٿيڻ جو جيئڻ گذريل صفحن ۾ ڏيکاريو ويو آهي. ڪوبه
حمتي اطلاع يا اهڃاڻ ڪونه ٿو ملي. قياس ۽ قريني جي
آڌار تي خيال آهي ته مير مرحوم سال 979هه ڌاري بکر
جا وڻ ڇڏيا هوندا. 984هه ۾ پهريون ڀيرو سندس نالو
اڪبري دؤر جي تاريخ ۾ ورتو ويو آهي. جيتوڻيڪ اهي
وچ وارا چند ورهيه (79-984هه) سندس ڪيفيت ۽ احوال
ڇا هو، اها خبر خدا کي، البت ايترو چئي سگهجي ٿو،
ته 984 هه کان ضرور ڪو عرصو اڳ باقاعدي شاهي
ملازمت ۾ شامل ٿيو هوندو. نه ته تاريخ جي صفحن ۾
نويل يا سيکڙاٽ رنگروٽ کي ڪٿي اهو شرف حاصل ٿي
سگهيو ٿي ته ڪهنه مشق جرنيلن سان گڏوگڏ سندس نالو
ورتو وڃي. پهرئين سال ملازم ٿيڻ شرط به، مغلن جي
دستور مطابق، ايتريءَ اهميت جو مستحق نه سمجهيو
وڃي ها. تنهن مان ظهار آهي ته يقيناً جنگ جو ٽڻ ۽
رزم آرائيءَ جي ڳر خواهه بادشاهي ملازمت جي سڀني
امتحانن مان کيس انهيءَ کان پهرين ٽپڻو پيو هوندو.
ايدر جي جنگ 984 هه / 1576ع: خواجه نظام الدين
بخشي سال 23 الٰهي (984 هه /1576ع) جي آخري مهيني
جي روئداد بيان ڪندي لکي ٿو ته؛ بادشاهه ذي الحج ۾
ديبال پور (مالوهه) پر ڳڻي ۾ منزل انداز هو، جتي
اطلاع پهتو ته راجا نارائڻ داس ڪيڪا جو والي جيڪو
ڪجهه وقت اڳ راءِ مانسنگ هٿان شڪست کائي ڪوهستاني
علائقي ڏانهن روپوش ٿي ويو هو.(1) تنهن تي بادشاهه چڙهائيءَ جو حڪم ڪيو آهي ۽ ڪمان قطب الدين خان جي سپرد
آهي. پٺيانس قليج خان جي امدادي فوج به اماڻي
ويئي، ۽ علي مراد خان اوزبڪ پڻ ايدر مان انهيءَ
فوج ڪشيءَ ۾ وڃي شامل ٿيو.
نارائڻ داس مقابلي لاءِ اوسي پاسي جي زمينداران ۽
راجپوت پاڙيسرين کان مدد وٺي ايدر(1) جي ٿاڻي کان ڏهن ڪوهن جي فاصلي تي راتاهي (شب خون) جي وجهه ۾ اچي ويٺو هو.
موقعي ۽ مهل جي نزاڪت کي ڏسندي، بادشاهه متعدد
جرنيلن کي رواني ڪرڻ جو انتظام ڪيو. ”طبقات“ ۾ آصف
خان، ميرزا محمد مقيم، تيمور بدخشي، مظفر خان
(برادر خان عالم)، خواجه ناصر وغيره جي موڪلڻ جو
ذڪر آيو آهي. اهڙن ناميارن جري ۽ قديم سپهه سالارن
جي صف ۾ مير معصوم جو نالو شامل ڪيو ويو آهي. جنهن
مان بخوبي مير صاحب جي اهميت ۽ جنگي اهليت جو
اندازو ڪري سگهجي ٿو.(2)
چوٿين ذي الحج 984 هه جي صبح جو ميدان ٿيو، جنهن
جي سٽ نارائڻ داس جهلي نه سگهيو، ۽ شڪست کائي وري
جان بچائي ڀڄي ويو، بادشاهه کي جڏهن اهو اطلاع
پهتو، تڏهن هر هڪ امير ڏانهن جدا جدا خوشنوديءَ ۽
تحسين جا فرمان موڪليا ويا(3).
بهار ۽ بنگال 988هه / 1580ع: گذريل چند سال يعني
984 کان 988هه تائين مير معصوم جي سلسلي ۾ ڪوبه
اطلاع ڪونه ٿو ملي. ڪٿي رهيو؟ ڪهڙي مهم جي پٺيان
رهيو؟ ڪهڙو ڪم سندس سپرد رهيو؟ تقريباً پنج سال
تاريخ جا صفحا سندس ذڪر کان خالي آهن. پاڻ وري کيس
سال 988هه 1580ع ۾ خان اعظم ميرزا عزيز ڪوڪلتاش جي
ڪمان ۾ بهار ۽ بنگال طرف معرڪن ۾ مشغول ۽ منهمڪ
ڏسون ٿا.
بنگال ۾ مظفر خان کي صوبيدار بنائي مرڪز مان
موڪليو ويو هو. جنهن اتي پهچي پنهنجو روي ايترو
سخت رکيو، جو رعيت جي تاليف قلب ڪانه ٿي، بلڪ
انتشار، بي آرامي ۽ عوامي بغاوت وڌي ويئي. مظفر
خان انهيءَ ڪشمڪش ۾ مارجي ويو. جنهن کان متاثر ٿي.
مرڪز طرفان راجا توڏرمل، محمد صادق خان ۽ ترسون
خان موڪليا ويا. اڃا اهي پهتائي ڪونه، ته بغاوت
وڌي وڃي بهار جي سرحدن ۾ داخل ٿي. گويا هاڻي ٻنهي
ملڪن جي عوام گڏجي، آگري کان ويهي حڪم هلائيندڙن
جي خلاف، هڪٻئي سان ٻانهه ٻيلي ٿي برسر، پيڪار ٿيو
هو.
حالتون جڏهن انهيءَ ڪڙيءَ تي آيون، ان وقت خان
اعظم ميرزا عزيز ڪوڪلتاش کي بهار طرف اماڻيو ويو(1). پٺيان ڪمڪ ۾ محب علي خان پڻ روانو ٿيو. ”اڪبر نامه“ انهيءَ سلسلي ۾ مير
معصوم جو نالو به آندو آهي ”سيد مظفر، مير معصوم ۽
ٻيا تجربيڪار خدمتگذار همراهيءَ ۾ موڪليا ويا “(2).
مختصر هي آهي ته انهيءَ قسم جي ”تجربيڪار
خدمتگذارن“ جي انبوهه در انبوهه پهچڻ بعد ڪٿي
ماڻهن ۾ دم هو، جو منهن ڏيئي سگهن! تنهنڪري في
الحال ته شورش ختم ٿي ويئي ۽ انتظامي طرح ٺاپر
آئي.
بنگال 991 هه / 1584ع؛ ليڪن پوءِ به مخالف جو ٻج
ڪونه نڪتو هو، ۽ گاهي ماهي هنگاما ٿيندا ٿي رهيا،
جن جو مهندار معصوم ڪابلي هو.
خان اعظم، بنگال کان 9 محرم 990 هه جو واپس دربار
۾ پهچي، شاهي حضور ۾ اتي جي سموري روئداد اچي پيش
ڪئي. چند ڏينهن اتي رهي. خان اعظم پٽنه (حاجي پور)
جڏهن واپس ٿيو، ان وقت بادشاهه پيش ٿيل حالتن جي
مد نظر تي ڪابل کان واپس آيل لشڪر منجهان چيدا
چيدا سپاهي ساڻس گڏي ڏنا، جيئن اتي پهچي معصوم
ڪابليءَ کي هميشه هميشه لاءِ نابود ڪرڻ جي ڪوشش ڪن(1).
خان اعظم اڃا واٽ تي هو، جو معصوم ڪابليءَ جي از
سرنو شورش جو اطلاع پهتو، ”طبقات“ جو مصنف 991 هه
1583ع جي واقعات ۾ لکي ٿو:
”(28 سال الاهي) گذريل صفحن ۾ مذڪور آيو ته خان
اعظم ۽ ٻيا جا گيردار حاجي پور مان درگاهه ۾ آيا.
جنهن صورت ۾ صوبو خالي هو“. تنهنڪري حرام نمڪن
فرصت غنيمت ڄاڻي، ڪنڊ ڪڙڇ کان فتنو ۽ فساد پيدا
ڪري ڇڏيو“(2).
خبسه نالي معصوم ڪابليءَ جي ملازم، ترخان ديواني
۽ سرخ بدخشيءَ سان گڏجي، بهار جي صوبي ۾ قتل ۽
غارت گرديءَ جو طوفان کڙو ڪري ڇڏيو. اتفاق سان
محمد صادق خان بخشي اتي موجود هو، جنهن محب علي
خان سان گڏجي معاملي کي منهن ڏنو. مقابلي ۾ خبسو
مارجي ويو، جنهنڪري باغي گروه دل شڪستو ٿي، ڪجهه
مغلوب ۽ باقي منتشر ٿي ويو.
انهيءَ بغاوت کي ختم ڪرڻ بعد محمد صادق خان بهار
کان واپس دربار ۾ آيو ۽ اتي جا اچي سمورا احوال
بادشاهه جي گوش گذار ڪيائين. اڪبر مطمئن نه ٿيو.
هن محمد صادق خان کي فوراً پٺتي موٽايو، جيئن خان
اعظم سان گڏجي انهيءَ فتني کا آئنده لاءِ نيست
نابود ڪرڻ جا اپاءَ وٺن. شاهه قلي، شيخ ابراهيم
حبشي ۽ ٻيا امير پڻ انهيءَ چڙهائيءَ ۾ مدد واسطي
موڪليا ويا.
اهو بيان ”طبقات“ جي مصنف جو آهي، جنهن فوجي
سردارن ۾ مير معصوم جو نالو ڪونه ورتو آهي ” ديگر
امراي ڪبار“ جو فقرو مطلب جي ادائگيءَ لاءِ ڪافي
سمجهي، سلسلي کي ختم ڪري ويو آهي. ليڪن خدا ڀلو
ڪري ابوالفضل جو. جنهن ”اڪبر نامه“ ۾ انهيءَ سال ۽
انهن ويندڙ اميرن ۾ مير معصوم جو نالو آڻي، سوانحي
ڪڙين کي ملائڻ لاءِ سولائي ڪري ڇڏي آهي. خاص اميرن
جي فهرست هن ريت ڏني ويئي آهي؛
”بنا بران سيزدهم اردي بهشت، ميرزا خان و زين خان
ڪوڪه، و اسماعيل قلي خان، و مخصوص خان، و مطلب
خان، و راي سرجن، و شيخ جمال بختيار، و شيرويه
خان، و صفر بيگ، و مير ابوالمظفر، و مير معصوم
بکري، و بسياري ديگر از ملتزمان بارگاه حضور دستور
شرقي ديار ياختند و هريک رابخلعت فاخره اسب خاص سر
بلندي بخشيدند“(1).
مصنف موصوف لکي ٿو، ته اڃا اها ڪمڪ رواني مس ٿي
هئي، ته مخالف گروه جي شڪست ۽ هزيمت جي خوشخبري
دربار ۾ پهچي ويئي. ”طبقات“ جي مصنف تفصيل ڏيندي
لکيو آهي ته بنگال کان خبر رسي ته خان اعظم جون
فوجون ٽانڊه ۾ پهتيون، ان وقت خالدي خان، جبار
بردي، ۽ ميرزا قاقشال انهيءَ ڏوهيءَ (معصوم
ڪابليءَ) کان الڳ ٿي، خان اعظم وٽ اچي. پاڻ کي پيش
ڪيو، جنهنڪري معصوم ڪابليءَ جي ڪمر ٽٽي پيئي ۽
ميدان ڇڏي عيسيٰ زميندار وٽ وڃي سام پيو، اهڙيءَ
طرح ولايت بنگال جو جيڪو حصو باغين جي قبضي ۾ هو،
سو موٽي، شاهي تصرف ۾ اچي ويو(2).
مير معصوم جي حياتيءَ جي انهن ننڍين ۽ ابتدائي
مهمن کان سواءِ آئنده واري دور ۾ چند اهم ترين
واقعا ۽ مهمون درپيش هيون، جن کي درحقيقت سندس
سرڪاري زندگيءَ جو ماحصل ۽ سندس حياتيءَ جو سنگ
ميل چئي سگهجي ٿو. انهيءَ آئيندي دؤر ۾ ئي هن هن
دنيا ۾ پنهنجي عمل جا نقش ۽ نشان قائم ڪيا، جن کيس
نه ڇڙو تاريخ ۾ اهم مقام ۽ دوام بخشيو، بلڪ سندس
شخصيت کي حقيقي عظمت ۽ اهميت انهيءَ دور ۾ حاصل
ٿي.
مير جي ايندڙ زماني کي اسان ٽن عنوانن ۾ ورهائي
سگهون ٿا:
(1) گجراب جي مهم، خواجه نظام الدين احمد صاحب
”طبقات“ سان تعلق ۽ تاريخ نويسيءَ جي رجحان جو
پيدا ٿيڻ ۽ ”تاريخ سنڌ“ لکڻ جي ذهني خاڪو.
(2) سنڌ تي لشڪر ڪشيءَ ۾ خان خانان سان شمولميت، ۽
سنڌ ۾ پنهنجا آثار قائم ڪرڻ.
(3) ايران جي سفارت ۽ اتي جي عملي حلقن ۾ رسوخ ۽ ساک پيدا ڪرڻ ايندڙ صفحن ۾
انهن ٽن عنوانن جو تفصيل سامهون ايندو(1).
ظاهر آهي ته انهن ٽن مکيه عنوانن کان علاوه مير جي
زندگيءَ ۾ ٻيا به ڪي ئي اهڙا واقعا ٿيا هوندا جن
کي يا ته تاريخ ضبط نه ڪري سگهي يا انهن جي سڌ پوڻ
جو ذريعو پاڻ کي ميسر نه ٿيو، جهڙوڪ ته؛ سيويءَ تي
چڙهائي قنڌار ۾ ڪيترو وقت قيام ۽ اتهن سندس ڪيل
خدمتون ۽ ڪارناما و غيره وغيره، اهي اهڙا مسئلا
آهن جن جي تفصيل کان اسان محروم آهيون. فقط اهڃاڻن
تي ايندڙ صفحن ۾ انحصار ڪيو ويو آهي.
------
امين
عهدو آهي. امين الملڪ خطاب آهي.
يکجا
به کسب علوم مشغولي داشتند (ذخيره 1؛ 201)
مقالات ۾ ملا محمد اشحاق جو شعر آيل آهي:
مي تپد دل در برم، در شوق تو
ميگذارد خانه را، از ذوق تو
بجاي داستان شد خان اعظم
ولي در زعم شاهنشاه کج رفت
چو پر سيدم بدل، تاريخ اين سال
بگفتا؛ ميرزا کوکه به حج رفت
ڊاڪٽر
دائود پوٽي جو پڻ اهو خيال آهي ته؛ ناممڪن آهي
جو مير انهيءَ عمر تائين جاهل رهيو ۽ 962هه کان
پوءِ هن قاضي ڏتي وٽ تعليم ورتي.
آور
ده اند در وقتي خان خانان به تسخير تته مامور
گرديد و در قصبئه دربيله (ازتوابع بکر) رسيد.
مير محمد معصوم خان بکري نامي ايشا را در خدمت
مخدوم قاضي عثمان رحمت الله عليھ- که مجتهد وقت
و اعلم العلما واکمل الاولياء بود-. خان خانان
در خود را برپائي مخدوم نهاده ساعتي چند از روي
خضوع و خشوع افتاده بود. مخدوم پر عجز و ضعف از
راضي شدند. همان شب خان خانان را در واضع نمودند
که؛ حضرت سرور عالم صلي عليھ والھ وسلم بر مسند
تکيه کرده نشسته اند. و وهزاران هزار آدمي گرد
بگرد ايشان حلقه زده استاده. بزرگان سند تا دران
وقت حياٽ بودند و از عرش تا فرش نظر داشتند. مثل
ميان نوه و ميان وهيه ( و شيخ برکيه) ميرزا جاني
بيگ را گرفته در خدمت حضرت سرور عالم صلي الله
عليھ وسلم آوردند، کهک يا رسول الله! از وجود
باجود ميرزا جاني بيگ اهل سند قائم اند، خان
خانان برسر او آمده است حمايت و رعايت اين مرف
فرمايند که خان خانان مغلوب شده بر گردد! مخدوم
عثمان دست خان خانان را گرفته در خدمت سرور عالم
صلي الله عليھ والھ وسلم آورده عرضي ميکنند که؛
يا رسول الله! اين مرد به اعتقاد صادق در مسجد
بنده آمده التجا آورده. شرم ريش سفيد بنده را
نگاه داشته. توجه فرماينف که. خان خانان غالب
آيد ! آن سرور زمانه ممتد نگار به هر دو جانب
کرده فرمودند که؛ ملک تته به مرزا جاني بيگ بحال
خود مقرر باشد، اما به خان خانان جنگ نگند،
مغلوب خواهد شد. به وسيله خان خانان به ملازمت
اکبر بادشاه برود! چنانچه مقاليد شهر را به دست
خانان دادند. مخدوم نوح ميان وهيه و شيخ برکه
(کاتيار همان تصف شب فرياد کرده مرزا جاني بيگ
را طلب فرمودند، و مذکور اين واقع درميان
آورندند که؛ حالا از دست مايان هيچ کاري برنمي
آيد که حکم سرور عالم چنين شد. ميرخا جاني بيگ
ازين رويشان رنجيده گفت که از لشکر شبينه رويشان
کاره ساخته شد، ببينيد که از لشکر روز چه کارها
سر انجام برآيد. 1: ص 179- ص180) قصو دلچسپ آهي.
بزرگ ته ولي خدا جا آهن. بهرحال سنڌ لاءِ ٻئي
ڌريون هڪجهڙيون هيون. جاني سنڌين سان چڱو هليو
ٿي. سکابندي ڪري سنڌين جي رهلي ۾ اچي ويو هيو.
پر ساڳئي وقت خان خانان به اڪبر جو نمائندو هيو.
جيڪو ”آمرڪوٽ، سنڌ ۾ هن دنيا اندر آيو هيو. سنڌ
لاءِ سنڌين لاءِ کيس خاص ڪشش هئي. قبضي.
ابوالفضل ۽ سندن والد بزرگوار شيخ مبارڪ سندس
درباري هئا.
...
ميان شيخ اسحاق فاروقي- طغائي مسود اوراق شيخ
فريد بکري- وکيل مطلق العنان خواجه نظام الدين
هروي بود. و عزيمت مير بصوب گجرات محض از تقريب
محبت شيخ اسحاق بود، که در بکر يکجا بکسب علوم
مشغولي داشتند، شيخ قدوم ميمنت لزوم مير را از
جمله معتنمات دانست ملازمت صاحب صوبه و ديوان
کنانيده منصب تجويزي دهانيد.
طبقات
2؛ 368 ”از بنگاله خبر رسيد که خان اعظم و افواج
قاهره در تانده در آمدند. و خالدي خان و جبار
بردي، و مرزا بيگ قاقشال از عاصي (معصوم) ڪابلي
جدا شده، پيش خان اعظم آمدند، و او (معصوم)
ڪابلي جدا شده، پيش خان اعظم آمدند. و او
(معصوم) فرار نموده پناه به عيسيٰ زميندار بر.
و آنک از ولايت بنگاله به تصرف باغيان در آمده
بود، باز بتصرف اولياي دولت روز افزون در آمد.
|