سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

معصوم بکري

باب-18

صفحو : 13

 

باب ارڙهون

ايران جي سفارت ۽ سفر جي روئداد

جيئن گذريل باب ۾ بيان ٿي چڪو آهي، اڪبر جي دربار ۾ ايران جا ايلچي ايندا ٿي رهيا، ليڪن قنڌار واري مسئلي سبب اڪبر جي دل ۾ خلش هئي، تنهنڪري وٽانئس ڪنهن به جوابي سرگرميءَ جو مظاهرو ڪونه ٿي ٿيو، بلڪ سرد مهريءَ واري روش اهڙيءَ طرح نمايان هئي، جنهن کي ايراني دربار به محسوس ته ڪيو ٿي، ليڪن پنهنجي اندروني خلفشار ۽ خاض طرح توران واري شيباني خان جي خراسان اندر اقتدار سبب، في الحال مصلحتاً خاموشيءَ سان انهيءَ روش کي محسوس ڪرائڻ کان سواءِ سهندي ٿي رهي.

سفيرن جي آمدرفت: 1003 هه / 1594ع ۾ يادگار علي سلطان روملوءَ(1) کي پنجن سالن بعد ايران واپس موڪليو ويو. اهو سمورو عرصو اڪبر خواهه مخواه کيس ترسائي رکيو، ۽ واپس ڪندي، ميرزا ضاء الدين ڪاشيءَ ۽ ابو نصر خوافيءَ کي پنهنجي طرفان گڏي موڪليو(2)، جنهن جي پذيرائي قزوين ۾ شاهه عباس وڏيءَ ڌوم ڌام سان ڪئي. ڇاڪاڻ ته هندستان طرفان اها پهرين باقاعدي سفارت هئي(3). ضياء الدين جي روانگي اڪبر جي حڪم تي سنڌ جي رستي لاهري بندر کان ٿي، ۽ هو هرمز جي رستي کان ايران پهتو.(4)

اڪبر جا موڪليل ٻيئي سفير ايراني هئا. هڪ ڪاشان جو، ٻيو خواف جو ويٺل هو. شاهه حيرت بلڪ زياده تر طنز مان پڇيو ته: هندستان سفارت ۾ ڇاجي ڪري ايراني موڪلي ٿو؟ هر دفعي ايندڙ سفير ايراني آهن! هندستان ۾ انسانن جو ڪال آهي ڇا؟

ميرزا ضياء الدين وراڻي ڏني ته؛ جيڪڏهن اتي انسان هجن ها ته اسان کي ماني ڪٿان نصيب ٿئي ها؟ بادشاهه کي وقتي طرح جواب پسند آيو ۽ ضياء الدين کي پنهنجي خاص اصطبل مان گهوڙو انعام ۾ ڏنائين. ليڪن هندستاني حڪومت جي منهن تي جيڪا لپاٽ لڳي، سا تاريخ  ۾ دائمي طرح يادگار رهجي ويئي(1).

مغلن جي ايران ۽ توران نوازيءَ ۽ هندستان جي رهاڪن کان لاپرواهيءَ ۽ هتان جي باشندن کي تڇ سمجهي، هر مسئلي ۾ نظر انداز ڪرڻ واريءَ پاليسيءَ نيٺ مغلن کي نهوڙي ناس ڪيو. زمين جي باشندن جي ساڻن ڪابه همدردي ڪانه رهي. هتان جا رهاڪو کين بيگانو ۽ اوپرو سمجهندا رهيا ۽ هنن جي ڪابه دلچسپي ساڻن ڪانه رهي، نتيجي طور اگرچه مغلن ٽي سؤ ورهيه حڪومت ڪئي، ليڪن اهو سمورو عرصو  اوڙي پاڙي سان وڙهندي، گهرو قتل و غار تگري ۽ اندروني سازشن ۽ شڪست ريخت ۾، بسر ڪيائون. جڏهن سندن تسلط ختم ٿيو، تڏهن نه ڇڙو توراني ۽ ايراني اميرن جو جن مغل حڪومت اندر ملڪ جي معيشت مان جاوا ڪيا هئا نسل گم ٿي ويو، بلڪ خود بادشاهت جي پٺ مان به نشانيءَ طور پونير ڪونه بچيو(2).

ضياء الدين ڪاشي جڏهن 1007هه / 1598ع ۾ واپس ٿيو، ته ساڻس ايران جو ايلچي منو چهربيگ جيڪو ايشڪ آقاسي باشبي هو گڏيو اچي لاهور پهتو(1).

اڪبر جي پاليسيءَ ۾ فرق ڪونه آيو هو. ايران جو اهو سفير به تقريباً 6 سال اڪبري دربار اندر گومگو جي حالت ۾ ڦاٿو رهيو. جيڪو عرصو نه ڇڙو ايلچيءَ تي گران گذريو، بلڪ خود شاهه ايران لاءِ به قابل برداشت نه هو. آسير جي فتح تائين منو چهربيگ اڪبر جي سفر حضر باش رهيو آيو.

مير معصوم جي سفارت: آسير جي مسئلي کان فارغ ٿي، اڪبر جيئن واپس ٿيو، تيئن ايراني سفير ميرزا منو چهربيگ کي واپسيءَ جي تياريءَ لاءِ اجازت ڏنائين ۽ پنهنجي طرفان مير معصوم کي ساڻس سفير ٿي وڃڻ جو حڪم ڪيو ويو.

هندستان طرفان اها ٻي باقاعدي ۽ پهرين سفارت هئي، جنهني کي رسمي طرح نه، بلڪ اڪبر خوش اسلوبيءَ، دلجمعيءَ ۽ حضور قلب سان ايران روانو ٿي ڪيو. معصوم ملازمت واريءَ زندگيءَ جي هن اهم ترين مرحلي ۾ قدم رکڻ لاءِ تياري شروع ڪري ڏني.

خراسان جو فتح نامو: هرات تي ازبڪن جو قبضو گويا سڄي خراسان تي سندسن اقتدار هو. اهو مسئلو ايران لاءِ بيحد ڏکيو ۽ ڪک جو ڪان هو، شاهه جي آرزو ۽ ڪوشش هئي ته شيباني خان اوزبڪ کي پنهنجي حدن مان خارج ڪري، ميدان صاف ڪري. اڪبر جي سلسلي ۾ شاهه جي نرم پاليسي به ازبڪن جي انهيءَ دخل سبب هئي. شاهه کي کٽڪو هو ته اڪبر ازبڪ سان سازباز ڪري، سندس لاءِ ڪا تڪليف پيدا نه ڪري وجهي، تنهنڪري اڪبر جي لا پرواهين جو سور خاموشيءَ سان سهندو ٿي رهيو.

محرم 1007هه / آگسٽ 1598ع ۾ هرات بالاخر شاهه جي قبضي ۾ اچي ويو، ۽ هڪ لحاظ سان هاڻي شاهه پاڻ کي وڌيڪ طاقتور محسوس ڪرڻ لڳو. خراسان جي حدن سان قنڌار جون حدون لڳيون ٿي. ايران، قنڌار جي واپسيءَ لاءِ هميشه مغلن تي دعويدار هو، ليڪن زياده زور ازبڪن سبب ڀري نٿي سگهيو، هاڻي ميدان صاف هو. هرات جي هٿ اچڻ سبب ايران جا حوصلا وڌي ويا، ۽ اڃا ميرزا منو چهر بيگ روانو ٿيو ئي ڪونه هو، ته هرات جو ”فتح نامو“ کڻي ايران کان نئون سفير علي بيگ اچي اڪبري دربار ۾ پهتو. ”فتح نامه“ ۾ هرات جي هٿ اچڻ جي ته خوشخبري ڏنل هئي، ليڪن نهايت خوبصورب انداز ۾ قنڌار جي واپس ڪرڻ جو اشارو به ان ۾ موجود هو.

اڪبر کي ايران ۽ ازبڪن جي انهن تازين بدليل حالتن ۽ هن نئين سفارت جي اچڻ منو چهر بيگ واريءَ سفارت کي فوراً واپس وارڻ لاءِ آماده ڪيو هو.

مير معصوم جي روانگي: مير کي وڃڻ جو حڪم 1009 هه ۾ مليو. ۽ پاڻ، جيئن مير بزرگ جي جيسلمير واري ڪتبي مان ظاهر ٿو ٿئي، انهيءَ خدمت تي 1010 هه ۾ هندستان مان روانو ٿيو(1).

”اڪبر نامه“ سندس روانگيءَ رجب 1011 / ڊسمبر 1602ع ۾ لکي آهي (2) شايد اها تاريخ بکر مان رواني ٿيڻ جي هجي.

سفر جو سازو سامان: معلوم ٿئي ٿو ته مير صاحب ايران جي سفر تي نهايت شان شوڪت، وڏي احتشام ۽ ڏاڍي مان سومان سان هليو. هڪ ته پاڻ به شاهه خرچ، عالي ظرف ۽ ڪشاديءَ دل وارو امير هو، ٻيو وري اڪبر جهڙي بادشاهه طرفان ايران جي شاهه ۽ ايران جي ملڪ ۾ ويو ٿي، جتي هندستان جي دولت ۽ داد و دهش متعلق ڪيئي داستان مشهور هئا، تنهنڪري ظاهر آهي ته کيس مقابل ڌر ۽ انهيءَ ملڪ مٿان فوقيت حاصل ڪرڻي ۽ هر لحاظ سان اثر انداز ٿيوڻو هو.

منو چهر بيگ ايشڪ آقاس باشي پنج سؤ سوار قزلباش چاڪ چؤبند پاڻ سان آندا هئا. سو کڙين ۽ سوغاتن کان علاوه هڪ سؤ اصيل تازي ۽ گرجي گهوڙا ساڻ هئس، جن مان هڪ هڪ جي قيمت انهيءَ زماني جي لحاظ سان پنج هزار تمان ٿئي ٿي. انهن کان علاوه ٽي سؤ تاڪيا نفيس زربفت جا، ايران جي مشهور مصورن جون نادر تصويرون ۽ معروف نقاشن جي تيار ڪيل نقش و نگار، ۽ گران بها قالين، جن مان هڪ هڪ ٽن سؤ تومانن کان گهٽ ڪونه لهندو هو. سي به ساڻ آندا هئائين.(1)

ظاهر آهي ته مير معصوم انهيءَ جي مقابلي ۾ جڏهن ٻيڻي اهتمام سان هلي، تڏهن اڪبر جو شان ۽ هندستان جي ماليت جو سومان رهجي اچي. تنهنڪري مير بي انتها دولت پاڻ سان کنئين. ۽ ڳاڻاٽي کان وڌيڪ قسمين قسمين سو کڙيون سوغاتون ۽ هڪ هزار سوار ۽ پيادا ساڻ کنيا. قنڌار جي هڪ ڪتبي مان معلوم ٿئي ٿو ته مير بزرگ پٽس به انهيءَ سفر ۾ گڏ هئس.

ايران جي دور  ديس ۾ هندستاني ثروت، مغلن جي بي انداز دولت، حڪومت جي ساک ۽ ناماچار جي سڀني پهلوئن جو انهيءَ سفر ۾ نه فقط تحفظ ڪرڻو هو، بلڪ مشهور ٿيل روايتن کي پاڻ وڌئون وڌ ڪري ڏيکارڻو هو. تنهنڪري هن دريا دل امير، ڏيک ويک، شان شوڪت ۽ مال اسباب جي سهيڙ ۽ سميٽ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي ، هڪ هزار شهسوارن ۽ جوانن جو اهو قافلو هتان رخصت ٿي، رجب المرجب جي متبرڪ مهيني ۾ انهيءَ ديس طرف راهي ٿيو، جنهن کي هتي ”ولايت“ سڏيو ٿي ويو.

شاهي خط جي روشنيءَ ۾ مير جي شخصيت: مير مرحوم اڪبر طرفان جيڪو خط شاهه ايران ڏانهن کڻي ويو جنهن جو متن هيٺ اچي رهيو آهي انهيءَ ۾ مير صاحب کي جن لفظن سان مخاطب ڪيو ويو آهي، انهيءَ مان دربار ۾ سندس عزت، حيثيت ۽ خانداني وجاهت تي روشني پوي ٿي ۽ مٿس شاهي اعتماد جو پڻ پتو پوي ٿو. عبارت جو انداز هي آهي:

”سيادت و نقابت آثار افادت و اضافت دثار، محرم بزم جلالت اساس مخصوص الطاف و اعطاف عنايت اقتباس، امين الملک مير محمد معصوم بکر که از جلهء سادات اين بلاد است و بمزيد مراتب اخلاص و رواتب اختصاص مخصوص و ممتاز.“

خط ۾ اڪبر پنهنجي فتوحات جي مشڪلاتن ۽ دير سان سفارت کي موٽائڻ جا سبب ڄاڻائيندي لکيو آهي ته؛ ڪي اهڙا معاملا به آهن، جيڪي خط ۾ لکي نٿا سگهجن، اهي مير معصوم زباني بيان ڪندو. خط جي متن مان مير صاحب جي شخصيت متعلق هيٺيون تاتر قائم ٿئي ٿو؛

1. ايران وڃڻ وقت مير معصوم ”امين الملڪ“ جي منصب تي سرفراز ٿي چڪو هو، جنهن جو اشارو سواءِ انهيءَ خط جي ٻئي ڪنهن به ذريعي اڪبري عهد ۾ نٿو ملي، بظاهر روايت موجب لکيو ويو آهي ته جهانگير جي تخت نشينيءَ وقت ”امين الملڪ“ ٿي، بکر ويو.

2. سندس خانداني وقار ۽ عظمت مسلمه هئي، سنڌ جي جيد ۽ چيدي سادات گهراڻي کيس جو معزز فرد ليکيو ويو آهي.

3. سندس ذاتي شخصيت قابل احترام ۽ شاهي اعتماد جي حامل هئي. اهوئي سبب هو، جو ڪي نازڪ مسئلا جيڪي خط ۾ لکڻ موزون نه هئا، سي کيس زباني طرح سمجهايا ويا هئا.

خط جو متن: خط جو فارسي متن هيٺ ڏجي ٿو.(1) جيئن موضوع جي مناسبت سبب هن ڪتاب جو جز بڻجي وڃي. خط ۾ جيڪي ڪجهه مٿي بيان ڪيو ويو. ان کان سواءِ ٻي ڪابه اهم ڳالهه ڪانه آهي، باقي سڄو عبارت آرائيءَ، لفاظيءَ ۽ رسمي ڳالهين سان ڀريل آهي، ۽ محض خط جي رسم ۽ روايت کي پوري ڪرڻ لاءِ لکيو ويو آهي؛

سواد کتابت خاقان اکبر اعظم (اکبر پادشاه)

بنواب اشرف اعلي اکرم (شاه عباس ماضي)

آغاز تحريک خامہء نغمه طراز، و افتتاح تحرير نامهء نڪته پرداز، بنام بي آغازي سزاست، که وجود تمام غير وجود او را انجامي و آغازي نيست، و در سرانجام مهام انفسي و آفاقي او را وزيري و مشيري و انبازي نه، عدم بيونوا را که در نهانخانهء نيستي و انزوا خزيده بود، بزور قهرمان استيلا برگ وجود و سامان شهود داد، و معالم عالم بي سر و بن را بگفتن دوحرف ”کن“ پيش از پيوستن کاف بنون، اينهم اعتبارات و شوؤن از جواهر مجرده و مادهء عقول و نفوس و اجرام و اجسام نورانيه و ظلمانيهء کواکب وافلاک، واقسام الوان و اعراض بوقلمون از محدب فلک الاقلاک تا مرکز خاک ارزاني داشت، و از زمرهء جميع مکونات، نوع انسان راکه نسخهء جامعهء ملک و ملکوت، و مجموعهء متنوعهء مصنوعه ازجبروت ولاهوتست، منظور نظر عنايت اثر فرمود، گاهش متوج بتاج اعزاز و نو ”خلقنا النسان في احسن تقويم“ مينمايد، و گاهيش مشرف بشرف اختصاص و ”لقد کرمنا بني  آدم“ ميفرمايد، و بعد از آن از جمله تمام افراد آن نوع مفتاح صلاح و نجاح نشاءه معاش و معاد ايشان رابنا بر وفور اتصاف باوصاف رباني، و اتسام بصنوف اعطاف و الطاف رحماني، در قبضهء اقتدار و پنجهء اختيار انبيا و رسل، که راهنما يان طرق و هدايت فرمايان سبل اند، نهاد، تا بنور ”امرونهي“ مقتبس از شعاع وحي ايشان، گم گمشتگان بيداي ضلالت و طغيان، و هايمان مغاوز جهالت و خذلان، در مهاد علم و عرفان بغنوند، و اختتام اين نسق و نظام، درنگين خاتم ختمي انتظام عليه افضل الصلوات و اکمل السلام تعبيه فرمود، و تتميم اين مرام را باولاد فخام و احفاد عظام آن سرور انام الي يوم القيام متعين نمود. اللهم صلي علي نبيه و علي اخيه و بنيه ما دارالفلک المسستدير و مادام ضاءَ الشمس والقمرالمنير. وپس  ازين مراتب مواهب، نظام عالم و انتظام مهام بني آدم را در عهدهء سطوت سلطنت و صولت دولت پادشاهان جهان پناه. و شاهنشاهان عالم دستاه نهاد، که گاه بسر پنجهء قهر و کين از اعداي دولت و دين ستانند، و گاه با يادي لطف و مهر مرهم مرحمت و عنايت بر جراحت دلهاي مظلومان رسانند.

امابعد، از ستايش و نياش داراري گيتي آرا آفرينهاي بسزا. و تحيتهاي با برگ و نوا، و عالم عالم تواضع دلکشا، و جهان جهان پرسشهاي دلارا، تحفهء مجلس بهشت نما، و هديهء محفل جنت نشو و نماي نواب قدسي القاب کامران و کامگار، اعني عليه حضرت گردون بسطت فلک اقتدار ملک انصار آن از ميان شهرياران روزگار برگزيده، دادار کردار شهريار ممالک بيمثلي و يکتايي، شهسوار مضمار دانايي و توانائي.

با ادب دلپسند، باسخن جانفروز
باخرد بيکران، با هنر بيشمار
باهمه عالم جواد، و زهمه گيتي فزون
در همه ميدان تمام، بر همه دانش سوار

کشور کشاي ممالک ستان مشتري سيماي مريخ سنان، دارا افسر اسکندر ظفر کاوس حشمت سليمان حشر، پسنديدهء خواطر مشکل پسندان، يادگار پادشاهان جهان، خلف اخلاف سيدالمرسلين، نقاوهء خاندان طيبين و طاهرين، گلدستهء حدايق و بساتين ائمه معصومين نوباوهء رياض سلاطين و خواقين روي زمين، صاحب نسبي که چون مسرع وهم در شاهراه بيان آن باقدام همم، ازنام نامي او تا باسم سامي آدم تدرج نمايد، پاي انديشه اش جز بساط شاهان دنيا و دين، يا اولياي صفوت گزين، يا ائمه معصومين يا انبياعه مرسلين نسايد، رشک افروز ماثر پادشاهان، قاعده آموز فطرت سلاطين زمان، ظلمت سوز تاريکي ظلم و عدوان، بدعت گداز رسوم جور و رقوم طغيان، اعني شاه آگاه والاجاه، و شهنشاه جهان پناه ممالک دستگاه، فريدون اساس جمسيد التباس خورشيد اقتباس، ابوالفوارس قواما للسطنه و العطمته والاحشمته والابهته والجلال والجمال والکمال والکبرياعه والدنيا والدين شاه عباس که دامان عمر و زمان ابد توامانش بدامان روز قيامت باز بسته باد، و بنور حضور وسرور، همواره فرخندده و خجسته بوده، دعايم ارکان دين و ملت، بزور بازوي پاس و سطوت آنحضرت برپا  باد، و هم قوايم ملک و دولت بقوت نيروي باءس و بطش آن اعليحضرت برجا، آمين! يا رب العالمين!

وبعد از سپاس و ستايش و نياز و نياش، اولاّ تصوير ضمير الهام پذير آنحضرت که، جام جهان نماي اسرار ملک و ملکوت و لوح محفوظ آثار جبروت ولاهوتست، آنکه هرچند بحسب ظاهر ديدهء حق بين مطلاعه طلعت عالم افروز شاهي، و مشاهدهء سيماي نور اندوز پاشاهي ننموده است، و ادراک کحل الجواهر وصال در توقف اتصال دارد، اما وفور استماع اوصاف تمام اتصاف پادشاهانه، و کثرت اصفاي کمالات و ملکات شاهنشاهانه و شرف انعقاد معاقد قواعد وداد، و  اقانين قوانين صادقت و اتحاد، که اباً عن جدً ميان اين دو سلسلهء عليهء ابد امتداد، سمت استحکام و استبداد يافته، نه چندان مورث صداقت و وداد و ثمر محبت و اتحاد شده که، در طي طوامير بيان تحرير پذير و تصوير سمير تواند شد. رجاعه واثق و آمل صادقت که تا فلک را دورست و کواکب را سير، اين طور محبت فزا واين رسم صداقت انتما، منظور انظار کبريا آثار بوده، تا قيام روز قيام رياض صداقت اهتمام را به آبياري ارسال رسل ورسايل، و مددگاري ايصال سبل و وسايل شاداب دارند، و اشجار آثار بيشمار صداقت شمار را بابن وتيره برومند دانند، واز آينهء خاطر جهان بين بصياقل صداقت نامهادي رنگين، زنگ وحشت جدايي را زدايند، ومواد دوستي را  ازدياد فرمايند، و از چشمهء نوش وداد، آب حيات محبت و التفات در کام جان عطشان ريزند، تا فضاي ضمير منير صداقت سمير را از هواي ارواي مياه مراسلات رشک گلستان ارم و روضهء جنان گردانند.

ثانياً آنکه کتاب واجب الاعظام و خطاب لازم الاکرام، که در صحبت امارت وايالت مقام رفعت و قربت مرام، طرازندهء محفل جلالت، و برازندهء محمل رسالت، منوچهر بيگ ايشک آقاسي باشي که بمزيد فراست و دقيقه شناسي، و وفور کياست و نيکو اساسي، و استجماع شرايط رسالت و استيفاي رواتب سفات، بر امثال و اقران و اکفا و احوان، سمت مزيت رجحان دارد، در اطيب اوقات و ازمنه، و ايمن ساعات و آونه، کالوحي نازل من السما، چهره نماي حقايق زميني و آسماني و آگاهي قراي دروني و بروني گرديد، و تحريک سلسلهء وداد صميمي، تهييج مواد اتحاد قديمي را که، فيمابين اين سلسلهء ابد دامان، و آن دولت عليهء قيامت توامان، بعهود و ايمان مؤکده و مواثيق و پيمان مشيده، صورت احکام و اتقان پذيرفته بود، بتجديد درميان اين دو دوستدار روابط جسماني و روحاني، و آن نگهدار روايت صوري و معاني، بصد  تاکيد اول تشيد و تاييد يافته است، باعث تر سببي و موجب تر مطلبي گرديد، و از تحرير مراتب فتوحات غيبي، و تقرير مواهب فيوضات لاريبي، که بابياري شمشير آتشبار صاعقه کردار آن خسرو جهاندار، در تسخير انحا و ارجاي بلاد خراسان صينت عن الحد ثان، که ملک موروٽ و مکتسب آن پادشاه عاليجاه ممالک ستانست، وقوع يافته، و بنفس نفيس انفس و ذات مقدق اقدس، مباشر رزم اعداي دين و دولت شده بودند، و ببرکات اشتغال آن ذات قدسي صفات، آن بلاد عديم المثال از تصرف دشمنان آن دولت ابد اتصال ، بتسخير دوستان آن سلطنت ابد توامان انتقال يافت، در صحبت شايان مرتبهء سفارت ميرزا علي بيگ قورچي خاصهء شريفه، عز انبعاث يا فته بود، برچه سان بمنصه انها و اعلام جلوه نمايد، که چگو نه مواد ابتهاج و ترويح در تهييج آمده، در چه درجه موجب تفتيح و تفريح ضمير سمير گرديد. و اکنون اميدواري باستعانت و ياري حضرت باري آنست که، هرچه بيش ازين بضرب تسيغ بيدريغ آباي کرام نهاد، واجداد معدلت بنياد آن پادشاه با دين و داد، در حوزهء تصرف اولياي دولت ابد امتداد در آمده، بهمان عنوان، بل بچندين مرتبه زياده ازان، بمساعيءَ جميلهء آنحضرت، با نصرت و دواعي نهضت مقرون، و برکضت آن شهسوار مضمار عزت، باز در تصرف اولياي دولت ابد صولت در ايد، تا مضمون صدق مشحون:

دشمن آتش پرست بادپيما را، بگو:
خاک برسر کن که آب رفته، باز آيد بجو.


(1)  عالم آراي، ص 291، فلسفي 1؛ ص 218.

(2)  اڪبرنامه ۾ آهي ته سن 999 هه ايراني سفير لاهور پهتو ۽ 1003 هه (آڪٽوبر 1594ع) ۾ واپس ٿيو (3؛588). عالم آراي عباسيءَ جو مصنف واپس پهچڻ جو سال 1005هه / 96-1597ع لکي ٿو (ص 361) ۽ (رياض اسلام، (61-62) سالن جي سلسلي ۾ اتفاق راءِ نه آهي، جنهن جا ڪيترا مثال بقول ڊاڪٽر رياض الاسلام موجود آهن، سالن جي صحيح اندراج کي اهميت ڪانه ڏني ويئي آهي.

(3)  اڪبر طرفان موڪليل خط جو متن فلسفيءَ (1؛222) درج ڪيو آهي ۽ شاهه عباس جو جواب پڻ ساڳئي ڪتاب (1؛228) ۾ آهي .

(4)  اڪبر نامه 3؛565، رياض السلام 62.

(1)  فلسفي بحواله تاريخ جلال يزدي 1؛221.

(2)  ملڪي ماڻهن کي نظر انداز ڪرڻ ۾ انهن کي تحقير سان ڏسندڙن جو اجهو اهو حشر ٿئي ٿو. ايران ۽ توراني ڄام جو اندازو مغل تاريخن مان ڪري سگهجي ٿو. مظهر شاهجهانيءَ ۾ نورجهان جي نسب نامه مان ئي اندازو ٿي سگهي ٿو ته ڪيئن ايران جي هڪ عامي ۽ عسرت زده گهراڻي هتي پهچي، مٽن مائٽن جي ذريعي سچيءَ مغل حڪومت کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي ڇڏيو هو.

(1)  ايشڪ آقاسي باشي عهدو هو. منو چهر شاهه طهماسپ جو معتمد مقرب ۽ نهايت زيرڪ ماڻهو هو (رياض السلام 63. اڪبر نامه 3؛345، فلسفي 1؛235-  شاهه عباس جو خط اڪبر ڏانهن).

(1)  اهو ڪتبو جيسلمير تي لڳل آهي ”بندگان حضرت اعليٰ بايلچي گيريء عراق، نواب سيادت پناه ابوي امير محمد معصوم بکري را رخصت نمودند ازين جا عازم بکر شدند، 1010 هه، حرره مير تاريخ نڪري ٿي. اها مسجد مير صاحب جي آمدورفت  واري رستي تي هئي.

(2)  اڪبرنامه 3؛825.

(1)  ايشڪ آقاسي ڪرمان ۽ مڪران ۽ سنڌ جي رستي کان هندستان پهتو هو (فلسفي 1؛277، عالم آراي 543).

(1)  هيءُ خط مون ڏانهن دوست عزيز جناب احمد گلچين معانيءَ مشهد مان موڪليو آهي ۽ ”منشات ميرزا سيد ابوالحسين منشي الممالڪ“ مان نقل ڪيو ويو آهي. ڪتاب 1055 هه ۾ مرتب ٿيو ۽ ڪتابخانه آستانهء قدس ۾ نمبر 4493 تي (ص 772- 795) موجود آهي. اهو خط ٻين هيٺين مجموعن ۾ پڻ موجود آهي؛

1. ابوالقاسم حيدر بيگ ايواغلي، ”جامع المراسلات“ برٽش ميوزم 3842. O.R. (214b-16a)

2. ”بياض“ بانڪي پور، نمبر1995

3. ”مجموعه“ تهران يونيورسٽي مرڪزي ڪتبخانه، نمبر 2464 (242a-45a)

4. محمد صالح، ”مجموعه مڪاتيب مختلفه“ ڪتبخانه مجلس تهران، نمبر3349، مندرجه فهرست 3؛70-1152

5. مهدي بياني مرحوم، ”مجموعه مراسلات“ ص 88-85

6. عبادالله فياض، ”فياض القوانين“، 3901.I.O.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org