سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

معصوم بکري

باب-5/4

صفحو :5

باب چوٿون

مير سيد ڪلان کابڙوٽي سيوهاڻي

مير معصوم جي ناني مير سيد ڪلان جو گذريل صحر ۾ نالو اچي چڪو آهي. سنڌ ۾ انهيءَ دور ۾ سيد مذڪور جي شخصيت سماجي خواه سياسي لحاظ سان تمام اهم هئي. سندس متعلق جيڪا منتسر معلومت ميسر آهي، ان کي يڪجا ڪيو وڃي ٿو، جيئن پڙهندڙن اڳيان سندس زندگيءَ جو، ڪم از ڪم، هڪ خاڪو اچي وڃي.

مير معصوم جي لکت مطابق، سيد مير ڪلان سنڌ فتح (927هه) ٿيڻ بعد قنڌار کان لڏي سيوهڻ جي پسگردائيءَ (حَوالي) ۾ اچي ساڪن ٿيو، سندس زياده وقت ”قدوت الواصلين“ حضرت قلندر لال شهباز جي ”مزار فائض الانوار“ تي بسر ٿيندو رهيو.

سندس وڏا ڪربلا معليٰ جي ”عظيم القدر ساداتن“ مان هئا، جتان ڪنهن زماني ۾ لڏي خراسان ۾ آيا. مير ڪلان خود پنهنجي آڪهه سميت قنڌار هليو آيو، جتي مير شير قلندر جي مزار سان سندس قلبي تعلق پيدا ٿيو. سيد بزرگ ديندار ۽ طريقت ۽ نسبت جو صاحب هيو. بزرگن جي مزارن سان سندس انس جو اهوئي ڪارڻ هيو. سنڌ ۾ پهچڻ بعد سندس قلب جو ساڳو صورتحال قائم رهيو ۽ هتي حضرت قلندر لال شهباز جي درگاهه سا لنؤن لائي ويهي رهيو.

ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم جو قياس صحيح معلوم ٿئي ٿو ته، مير صفائي ۽ مير ڪلان جي پهرين واقفيت حضرت شير قلندر جي خانقاهه ۾ ٿي ۽ اتهن واريءَ واقفيت اڳتي هلي، سنڌ ۾ پهچڻ بعد، باهمي رشتيداريءَ جي صورت اختيار ڪئي.

مير ڪلان جي فضيلت، زهد ۽ تقويٰ جي لاءِ مير معصوم لکيو آهي ته؛ بي نظير هو، مسڪينن فقيرن ۽ دل وارن لاءِ سندس دل ۾ بي انتها ڪاڍو هيو.(1) انهيءَ پرهيزگاري، فقير دوستي ۽ مسڪين نوازيءَ هنن نَون ماڳن ۾ کيس جلد ئي اهڙيءَ ريت مقبول ۽ مشهور ڪري ڇڏيو جو سندس اوطاق، اوڙي- پاڙي جي ڏکويل ۽ آزاريل انسانن لاءِ مرڪز ۽ مرجع ٿي پئي. جنهن صورت ۾ ملڪي سياست تي پڻ انهن نوواردن جو قبضو ۽ انهن کي ئي قدرت حاصل هئي، جيڪي سيد مير ڪلان جي پنهنجي ئي ملڪ جا هئا، تنهنڪري سياسي مسئلن ۽ معاملن جي نبيريءَ ۽ نڇيڙيءَ ۾ پڻ سندس مرضيءَ جو خاص خيال رکيو ويندو هيو. اهوئي سبب ٿيو جو آل رسول ﷺ هئڻ جي حيثيت هر صورتحال ۾ اهم ۽ نمايان رهي ۽ ڪنهن به مسئلي ۾ سندس شخصيت ۽ وجود کي نظر انداز ڪرڻ سڀڪنهن لاءِ آسان ڪونه هو.

مير معصوم ملڪي معاملن ۾ سيد مير ڪلان جي ادا ڪيل ڪردار جو هڪ مثال پيش ڪيو آهي، جنهن مان بخوبي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سيد موصوف جو وجود ڪيئن ۽ ڪيترو نه اهم هو.

ميرزا شاهه حسن ارغون 962 هه (1555ع) ۾ وفات ڪئي. سندس پويون وقت ڏسي، لاولد مرڻ سبب ٻن اميرن، ميرزا عيسيٰ ترخان ۽ سلطان محمود بکريءَ جي وچ ۾، سنڌ تي قبضي ڪرڻ لاءِ سخت اختلاف پيدا ٿيا ۽ گهڻي ڪشمڪش بعد نيٺ ٻنهي ڌرين ۾ خانگي معاهدو ٿيو، جنهن مطابق اپر سنڌ سلطان محمود جي قبضي ۾ آئي ٿي ۽ لوور سنڌ تي ميرزا عيسيٰ  ترخان حاڪم ٿيڻو هيو. معاهدي مطابق پهرين جي گادي بکر ۾ ۽ پوئين جي گادي ٺٽي ۾ برقرار رکي وئي هئي.(2)

معاهدي لکجڻ ۽ مهرن لڳڻ بعد به کين هڪ ٻئي تي اعتبار ۽ اعتماد ڪونه ٿي آيو ٻنهي کي دل ۾ چور هيو ۽ ٻيئي هڪ ٻئي کي شڪ شبهي سان ڏسي رهيا هئا. ميرزا شاهه حسن 12-  ربيع الاول 962هه(1) سومر ڏينهن ٽپهريءَ جو علي پوٽن ۾ انتقال ڪيو. شاهه حسن پوين ڏينهن ۾ پنهنجن جو اهو حال ڏسي مجبوريءَ منجهان گاديءَ جي شهر يعني ٺٽي جي سنڀال چند سنڌين جي  حوالي ڪئي هئي.ميرزا عيسيٰ احتياط ۽ خبرداريءَ لاءِ، جيئن ميرزا جي وفات تي سندڌين جو قبضو نه ٿئي، ٺٽي ۾ ويهي رهيو، ميرزا جنهن وقت دم ڏنو، ان وقت محمود بکري وٽس موجود هيو، هو ميت کي ٺٽي روانو ڪري پاڻ فوراً پنهنجي مرڪز کي محڪم ۽ مضبوط ڪرڻ لاءِ بکر راهي ٿيو.

سنڌ وڏي بحران ۾ اچي وئي. ڌارين جون نيتون نه فقط هڪ ٻئي سان وڙهڻ جون هيون، بلڪ سندن خيال سڄيءَ سنڌ کي زيرو ابر ۽ پائمال ڪرڻ جو هيو. سيوهڻ جي قلعدارن ميرزا شاهه مسعود، شاهه حسين نڪودري، مير ابوالخير، مير حميد ساربان، ۽ خواجه باقيءَ قلعو بند ڪري سيوهڻ واري علاقي تي پاڻ قبضي جي ڪوشش شروع ڪري ڏني. (2)ٻئي طرف ميرزا عيسيٰ پنهنجي مدد لاءِ گُوا جي پورچو گيزن کي دعوت ڏئي، پاڻ بکر وڃي پهتو، اڃان باقاعدي جنگ شروع ڪانه ٿي ته پورچو گيز ٻيڙا ڪاهي اچي ٺٽي پهتا. ميرزا عيسيٰ کي موجود نه ڏسي ٺٽي کي ايتو ڦريائون، ساڙيائون ۽ سنڌين جو قتل عام ڪيائون جو شاهه بيگ ارغون وارو قتل عام ۽ ڦرلٽ انهيءَ اڳيان هيچ ٿي وئي(1). سلطان محمود پنهنجو رخ سيوهڻ طرف رکيو ۽ اتهن پهچي هُن مثالي خون خرابو ۽ لٽ ڦر ڪئي. ٻئي طرف بکر جي علائقي ۾ عيسيٰ خون ٿي وهايو، ٽئين طرف پورچوگيزن ننگر ٺٽو پهچي ساڙيو ۽ ٻاريو. مطلب ته سنڌ چوڌاري رت جي ريلي ۽ باهه ۾ سڙي ۽ ٻري رهي هئي.

اهڙي خوفناڪ صورتحال ۾ مير ڪلان اڳتي وڌيو ۽ پنهنجي نئين وطن کي هنن خونخوارن وحشي، خودغرض ۽ توسيع پسند جانورن جي شر، فتني ۽ فساد کان بچائڻ خاطر، صلح صفائي جي ڪوشش شروع ڪري ڏني. وڏي ڪوشش ۽ ڪشمڪش بعد مير ڪلان ٻنهي ڌرين کي ٿيل معادي تي نئين سر صلح ڪرائي فوجن کي پٺتي موٽايو. اهڙيءَ ريت مير ڪلان هڪ بزرگ، انسان دوست، خيرخواه ۽ وطن پرست جي حيثيت ۾ ٻنهي درندن جي هولناڪ رتوڇاڻ  کان في الحال سنڌ ۽ سنڌ جي بيگناهه باشندن ۽ سر زمين کي بچائي ورتو.(2)

مير ڪلان جيسين حال حيات هيو تيسيتائين، سنڌ لاءِ عموماً ۽ سيوهڻ جي علائقي لاءِ خاص طرح، رحمت جو فرشتو ٿي رهيو. هر ڏکئي وقت ۽ سخت موقعي تي انفرادي خواهه اجتماعي صورت ۾ شفيق پرئي مڙس جو ڪردار ادا ڪندو رهيو. معاملن جو رفع دفع  ڪرڻ، مختلف ڌرين جي وچ ۾ نبيرو نڇيڙو ڪرڻ، آزاريلن کي آسرو ۽ ڏکويلن کي دلاسو، سندس رات ڏينهن جو مشغلو رهو. خلق خدا جي خدمت سان گڏ پنهنجي مولا سان پڻ لنؤن لاتيون رهيو. قلندر شهباز جي پاڙي ۽ پاسي ۾ ويٺي هميشه رياضت ۽ عبادت الاهي ۾ مصروف ڏٺو ٿي ويو.

وفات ۽ مزار: معلوم نه آهي ته مير ڪلان ڪڏهن وفات ڪئي، مير معصوم پنهنجي تاريخ 1009هه جي آسپاس لکي پوري ڪئي آهي. مير ڪلان جي سلسلي ۾ سندس لکيل عبارت مان اندازو ٿئي ٿو ته ترخانن جي دؤر ۾ مير موصوف انتقال ڪيو هوندو. راقم  الحروف جو قياس آهي ته مير ڪلان، عيسيٰ ترخان جي آخري سالن (962-973هه) ۾ لاڏاڻو ڪيو ٿو ڏسجي. ڇاڪاڻ ته ميرزا عيسيٰ جي اولاد ۾ جيڪو جنگ وجدل ٿيو، يا ميرزا باقي پنهنجن خواهه پراون مٿان مامرا مچايا ۽ خون خرابا ڪيا. انهيءَ سلسلي ۾ مير ڪلان جو ڪٿي به نالو ڪونه آيو آهي.

سندس مزار سيوهڻ ۾ سبزواري ساداتن واري قبرستان ۾، مٽيءَ جي هڪ دڙي تي بيحد زبون حالت ۾ موجود آهي. هاڻوڪي صورتحال مان ظاهر ٿئي ٿو ته قبر جي چوڌاري ڪوٽ نڪتل هيو، زمين مٿاهين هئي ۽ قبر نهايت احترام واري سمجهي ويندي هئي، هن وقت به انهيءَ مزار سان ڪيتريون روايتون بيان ڪيون وڃن ٿيون، مثلاً ؛ راقم الحروف جڏهن مير ڪلان جي پويرن سان قبر جي زبونيءَ جي شڪايت ڪئي. تڏهن چيو ويو ته؛ مرمت ڪرائڻ لاءِ بزرگ جي منع ٿيل آهي! جنهن به مرمت ۽ نئين ٺهرائڻ جي ڪوشش ڪئي، اهو پاڻ پنهنجي خان سميت ختم ٿي ويو آهيٰ  تنهنڪري ڪنهن کي به همت ڪانه آهي ته حڪم عدولي ڪري مزار کي نئين سر اڏائي!

اهو قبرستان سيوهڻ جي کابڙوٽي (سبزواري) ساداتن جو آهي، جيڪي سندس اولاد ۽ پوير هئا. قبرستان شهر سان لڳ اولهه طرف آهي ۽ شهر جو ئي هڪ حصو سمجهڻ گهرجي.

اولاد: مير معصوم لکي ٿو ته کيس گهڻو اولاد ٿيو، جيڪو وسيو ۽ وڌيو.

”...اولاد کئير از ايشان مانده...“

اڄ سندس اولاد موجود آهي ۽ سيوهڻ جي برک حيثيت وارن ساداتن ۾ شمار ٿئي ٿي. پويون پڳدار سيد وريل شاهه (بي.اي) مرحوم هيو، جنهن سان راقم الحروف جي پڻ آشنائي هئي. درگاهه قلندر شهباز جي آمدنيءَ ۾ حصيدار هو ۽ زندگي تمام آسودگيءَ ۽ نهايت آسان رويءَ سان گذاري پوري ڪيائين، هن وقت سيد صادق علي شاهه نالي سندس فرزند شهر جي نبيري نڇيڙيءَ جو حقدار ۽ زميندار اهي، منهنجي درخواست تي صادق علي شاهه صاحب پنهنجي خاندان ۽ زميندار آهي. منهنجي درخواست تي صادق علي شاهه صاحب پنهنجي خاندن جو شجرو ڏسڻ لاءِ ڏنو ۽ خاندان سان متعلق ڪي سندون پڻ ڏيکاريون. شجري منجهان معلوم ٿئي ٿو سيد مير ڪلان کي چار فرزند ٿيا؛

سيد برڪو

سيد محمد

سيد محمود – ۽

سيد طالب

سيد طالب کي پٽ ٿيو مير خسرو، جنهن جو فرزند مير مظفر ٿيو. ۽ ان جو فرزند مير خسرو، سندس پٽ مير مظفر، سندس پٽ مير فتحي ٿيو. انهيءَ مير فتحي جو اولاد اڳتي هلي وڌيو ۽ اُسريو. سيد وريل شاهه مرحوم ۽ سندس خاندان انهيءَ سيد جو اولاد آهي(1). مير ڪلان جي باقي فرزندن جو اولاد ڪونه ڏيکاريو ويو آهي. ازانسواءِ نياڻين جو اولاد شجري ۾ حجاب واري رسم سبب ڄاڻايو ڪونه ويندو آهي. تنهنڪري اهو چئي نٿو سگهجي ته نياڻيون ڪيتريون ٿيون ۽ انهن جو اولاد ڪهڙو ۽ ڪٿي ڪٿي ٿيو؟ بهرحال سبزواري ساداتن جي مقبرن جي اڏاوت ۽ انهن تي ڪاشيءَ جي ڪم مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڪيترا صاحب انهن ساداتن مان صاحب طريقت ۽ سلوڪ ٿيا، جن تي خوبصورت قبا اڏيا ويا ۽ تشخيص لاءِ انهن تي جدا جدا مقبرا جوڙيا ويا.

سيد مير ڪلان جي نسب جو سلسلو شجري ۾ هن ريت ڄاڻايو ويو آهي:

سيد مير ڪلان، بن سيد ولي، سيد محمود، بن سيد جعفر، بن سيد مغفور، بن سيد محمد، بن علي، بن ابي طالب محمد، بن علي، بن هيبت الله، بن ثعلب، بن محمد، بن علي ، بن احمد، بن حسن محمد، بن ابراهيم، بن محمد، بن موسيٰ ڪاظم، بن جعفر صادق، بن محمد باقر، بن امام زين العابدين، بن حضرت سيدنا حسين،  بن علي رضه، بن ابي طالب.(1)

مير ڪلان کي وقت جي سرڪار، وظيفا ۽ زمينون ڏنيون هيون، جيڪي مغلن جي دور تائين سندس اولاد ۾ رهنديون آيون(2). هن وقت پڻ سندس اولاد زمينداري ڪري ٿيو. ساڳي وقت قلندر لال شهباز جي نگهداريءَ ۾ پڻ سندن حصو آهي ۽ غالباً اهو هن ڪري ٿيو جو سيد مير ڪلان پنهنجي حياتي انهيءَ درگاهه سان تعلق ۽ توسل رکي گذاري.

-----


 

باب پنجون

سيد صفائي جي دؤر ۾ سنڌ جي سياسي ۽ ملڪي حالت

ڏهين صدي هجري، سنڌ لاءِ ڌارين جي تسلط زور زبردستيءَ ۽ تمام ڏچي جي صدي هئي، جنهن بعد اڍائي سؤ ورهين تائين سنڌ غلاميءَ جي زنجيرن کي ٽوڙي ڪانه سگهي ۽ انهن اڍائي صدين جي مايوسيءَ ۽ پراون جي غير شريفاڻي سلوڪ، سنڌي  عوام جي ذهن، فڪر، حوصلن ۽ همت کي ايترو ڇيهو رسايو، جنهن جا اثرات اڄ تائين مختلف صورتن ۾ سَندُن مزاج ۽ طبعيت تي اثر انداز رهندا اچن ٿا.

ارغونن جي استبدادي حڪومت، ترخانن جي زور زبردستي، ميرزا باقي ترخان ۽ محمود بکريءَ جي ظالماڻي گرفت، ازانسواءِ خراسان مان لاتعدا مفرور اميرن، صاحب اختيار ۽ اقتدار پناهگيرن جي آمد، سنڌ جهڙي ننڍڙي، امن پسند ۽ ماٺيڻي سڀاح واري ملڪ لاءِ در حقيقت هڪ عذاب، قهر ۽ خدائي ڏمر هو، جيڪو هٿان جي گهرو جهڳڙن جي نتيجي ۾، قدرت طرفان سزا طور نازل ٿيو جنهن جو نتيجو اجتماعي خواهه انفرادي طرح سموريءَ سنڌ کي ڀوڳڻو پيو. ملڪ جا سڀئي قلعا، وسنديءَ وارا واهڻ ۽ وستيون، مال ملڪيتون مطلب ته سڄو ارڪو ترڪو ڌارين جي قبضي ۾ اچي ويو، جن جي نه ٻولي سمجهه ۾ ٿي آئي نه سندن اٿڻ ويهڻ چال چلت ۽ رهڻي ڪهڻي مان هتان جي ماڻهن کي ڄاڻ ۽ سڃاڻ هئي. هندي مغلن جي قبضي جون حالتون ڏسندي اسان جي قومي شاعر شاهه لطيف جيڪو هڪ صدي پوءِ هيٺين چند بيتن ۾ فرمايو، سو حقيقت ۾ انهيءَ سڄي صورتحال جو مجمل تفسير چئي سگهجي ٿو، جيڪو ارغونن کان وٺي سندن جانشين هندي مغلن جي تسلط تائين سنڌ اندر وهيو ۽ واپريو هو.

پَيِم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻُجهن
آءُ سنڌيءَ جو سَعيو ڪريان، هُو پارسيون پُڇن
مون پڻ مُلاتن، سرتيون سُورپرائيو؛

 

----

بروفازان بات جنهين جي، ٿانگورَوان ٿيشي
ڏين پارسيون پاڻ ۾، ايزا بليشي
ليڙا رات لطيف چئي، نيائون نيشي
پُنهون پرويشي، ڪَجِ پيادَن پنڌ ۾.

 

----

برو، بگيرد، بام بليخا، مون نه پروڙي مامَ
ٿؤدئي، ٿومان، خشتگان، ڇُليي ڇپر لامَ
اچي پئي تنهين سامَ، دَراه! ڪَن جي.

 

هيٺين بيتن ۾ شاهه صاحب انهن پارسي واڻن جي ڪيل ويڌن جو بيان ڪيو آهي؛

بروبگيرد جي، ٿا ڏين پارسيون پاڻ ۾
مون لوڏان ئي لَکيا، ته هاڃون ڪندا هي
ماريندا مون کي، پنهون نيندا پاڻ سين.

 

انهن ”برو بگيرد وارن“ ٻهراڙيءَ جون زمينون، جن تي سنڌ جي غريب عوام جي گذر بسر جو دارومدار هو، ناني ويڙهو ٺاهي، پاڻ ۾ وراهي کنيون، ڪن جي نالي تي جاگيرون ٿيون، ڪن خالصن جي صورت ۾ ورتيون، ڪن وظيفي ۽ چراغيءَ جو نالو ڏئي قبضي ڪيون، ملڪ جي اصل مالڪن کي نظر انداز ڪري سڀئي اعليٰ عهدا به پاڻ ۾ وراهي ورتائون. گويا سنڌ جي قسمت ۽ ثروت جون واڳون مڪمل طرح انهن ٻاهرين جي هٿن ۾ اچي ويون ۽ سنڌين ويٺي فقط قدرت جو تماشو ڏٺو ۽ پنهنجي بدبختيءَ تي روئڻو ٿي رنو.

انهيءَ ناني وڙهي جو تعداد نه خدا ڄاڻي ڪيترو هوندو؟ ليڪن ڪجهه واقعن جي سلسلي ۾، ڪنهن خاص صاحب اختيار ماڻهن، عملدارن ۽ اميرن جا نالا تاريخ ۾ اچي ويا آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندن اقبال جو آفتاب ڪيئن نه نصف النهار تي هيو.

امير فاضل ڪوڪلتاش

سلطان محمود بکري

سلطان علي ارغون

علي  حسن ارغون

مير عليگه ارغون (خويش محمود بيگلار)

مير ڪيبڪ ارغون

مير فرخ ارغون

مير جُمله ارغون

مير شاهه محمود ارغون

مير سفر ارغون

مير قاسم ڪيبڪ پوش

ميرزا بيگ علي

شاهه حسن نڪودري

مير محمد قلي

مير دوست مير آخور

مير سيد قاسم

ملڪ محمد ڪوڪو

مير ابو مسلم

مير محمود ساربان

سلطان محمد مُهر دار

مير عبدالرزاق

مير ابوالفتح

ميرزا قاسم ايلچي

حمزا بيگ

دولت خان

پاينده محمد قريشي

مير سلطان قلي بيگ

علي محمد ڪوڪلتاش

دوست محمد

هندو علي ڪابولي

ميرزا شادمان

جوهر خان

امير قلي مُهر دار

خواجه شمس الدين ماخولي

مير حميد بن محمود ساربان

دوريش محمد

حمزا بيگ

شير محمد

ميرزا قاسم

مير ڪوچڪ

يادگار محمد ڪوٽوار

خواجه باقي

ميرزا قاسم

خواجه محمد حسين

فقير محمد ترخان (داماد عيسيٰ ترخان)

احمد ترخان

يار محمد ترخان (خواهر زاده عيسيٰ ترخان)

ڪوڪو ترخان

زينڪ ترخان

محب ترخان

پاينده محمد ترخان

مير محمد مسڪين ترخان

جاني ترخان

بابا احمد (برادر محمود بکري)

بابا چوچڪ (اتڪه سلطان محمود)

مراد بيگلار

سلطان مقيم بيگلار

سلطان قلي بيگلار

مير ابوالقاسم بيگلار وغيره

انهن کان سواءِ سوين ٻيا امير هئا، جن جون چٽساليءَ واريون قيمتي قبرون سنڌ جي عام قبرستانن ۽ خاص ڪري مڪلي جي گورستان ۾ اڃا تائين ڏسڻ ۾ اينديون. جن ۾ ”يوم الحساب“ تائين ڪيئي معلوم ۽ نامعلوم شخص زير زمين آهن. هر هڪ سان پنهنجو پنهنجو اُڙِدُ انهيءَ کان علاوه هيو.

اهي ماڻهو جڏهن هن نئينءَ دنيا ۾ جتي سندن اصل ۽ نسل کان ڪوبه واقف ڪونه هيو پهتا، تڏهن منجهانئن هر هڪ مير امير، ميرزا، خان، بيگ، سلطان، ملڪ ۽ خواجا کان گهٽ ڏيگ ويک وارو ڪونه هيو تاريخ ۾ انهن اضافي القابن سان سندن نالو ضبط ڪيو ويو آهي، حالانڪه سواءِ ڪن جي، ٻئي ڪنهن جو نالو نشان سندسن اصلي ملڪ يعني خراسان جي معصر تاريخن اندر ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي، ااتي ڇا هئا؟ ڪير هئا؟ حيثيت ڇا هئي؟ ثروت ڪهڙي هئن؟ اها خبر خدا کي! بهرحال هت پهچڻ شرط سڀ مال سندن ٿيو، ملڪ سندن ۽ ملڪيت سند، اٿي ويٺي، هلي چلي ۽ ڪارو اڇو سڀ انهن جي قدرت ۽ قبضي ۾ هليو ويو. جتان آيا اتان هڪٻئي جا شراڪتي هئا. جڏهن هت پهتا، ان وقت به هڪٻئي جا پشتي بان، مددگار ۽ معاون ٿي رهيا. مقصد هڪ، مطلب هڪ، هڪ زبان ۽ هڪ ئي تهذيب ، فڪري ۽ ذهني رجحان به اهوئي هڪ هيو، جيڪو فاتح جو مفتوح لاءِ غالب جو مغلوب ڏانهن يا مال غنيمت جي سلسلي ۾ تقسيم ڪندڙڻ جو هوندو آهي.

شاهه بيگ ارغون پهريون حاڪم ۽ ٻيو حاڪم سندس پٽ شاهه حسن ارغون ٿيو. ٻنهي جي حڪومت جو دور 928هه/ 1522ع کان 962هه/1555ع تائين يعني چوٽيهه ورهيه رهيو. انهيءَ مختصر عرصي اندر ٺٽي کان ملتان تائين مفتوحين جو جيڪو حال ٿيو، خلق خدا جي مال، ملڪيت، آبرو ۽ عزت سان جو سلوڪ ڪيو ويو، انهيءَ جا چند مثال نادانسته ۽ اتفاقي طور تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ رهجي ويا آهي، انهن مان بخوبي اندازو ڪري سگهجي ٿو. مثلاً :

 (شاهه بيگ جي لشڪرين) ٽٺي شهر کي تاراج ۽ تباهه ڪري، ذلت جي ڌوڙ باشندن جي منهن ۾ وڌي.(1)

ٽلٽيءَ ۾ رهي، اتهن جي رهاڪن جي زندگيءَ کي فنا جي هوا ۾ اڏائي ڇڏيائين.(2)

ماڇي قوم (قبيلي) جي ماڻهن، آڻ نٿي مڃي ۽ اطاعت کان نابري واري بيٺا هئا. سڀني جو قتل عام ڪيو ويو ۽ سندن مال ملڪيت کي غارت ڪري گهر گهاٽ، آبرو ۽ مان لاهي، سندن قلعي کي ڊاهي زمين برابر ڪري ڇڏيائون(3).

فيصلو ڪيائون ته هن قوم (جتوئي بلوچ) جي باهه کي تلوار جي آب ساڻ اجهايو وڃي .... جڏهن مقرر ٿيل وقت پهتو، ان وقت سڀئي هڪ ڀيري تلوارون مياڻ منهنجان ڪڍي مٿين ڪڙڪي پيا ۽ انهنءَ گروهه جي پڄاڻي آڻي ڇڏيائون، چنانچه هڪ ئي وقت گهڙي کن ۾ بلوچن جي ٻائتاليهه ڳوٺن جو صفايو ٿي(4) ويو.(5)

تيزيءَ سان هلان ڪري انهيءَ گروهه کي تهه وبالا ڪري ڇڏيائون مطلب ته صبح کان وي سانجهي تائين قتلِ عام جي بازار ۾ رونق رهي ۽ تقريبا ويهه هزار ماڻهو صاف ٿي ويا(1).

۽ الور (ارووڙ) کي جو اڳ سنڌ جو تختگاهه هو ويران ڪري اتان جي پڪين سرن کي ڍوئي بکر آندو ويو... تُرڪن ۽ سمن جي عمارتن کي جيڪي بکر جي آسپاس هيون ڊاهي پڪيون سرون بکر واري قلعي ۾ ڪتب آنديون ويون. (2)

جڏهن سيوراءِ جي قلعي وٽ پهتو، تڏهن تباهي ۽ برباديءَ جي شروعات ٿي وئي. ٻيءَ ڌر جو جيڪو ماڻهو اکين چڙهيو ۽ هٿ آيو ان کي ترار هيٺان ڪڍيو ويو.(3)

سيوراءِ قلعي وٽ منزل فرمائي حڪم ڪيائين ته: قلعي کي ويران ڪيو وڃي! اهڙي (مضبوط) قلعي کي هڪ هفتي اندر بارباد ڪري زمين برابر ڪيو ويو. (4)

* راءِ زادي بهلول ۽ ٻين ڪيترن کي گرفتار ڪيو ويو. ميرزا (شاهه حسن) سندس قتل جو اشارو ڪري پاڻ شهر ڏانهن رخ رکيو. اوچتو قلعي جي دروازي کي ٽوڙي مارڌاڙ لاءِ هٿ وڌايائون... سردارن جي سسين کي نيزن تي چاڙهي لانگاهن کي ڏيکاريو ويو. هنن لاچار ٿي هار کائي بُرجن ۽ قلعي جي ديوارن تان ٽپا ڏئي پاڻ کي مارڻ ۽ ڀڄڻ شروع ڪيو. حڪم مطابق اچَ جي ماڻهن مان جيڪو هنن جي هٿ تي چڙيهو، تنهن کي قتل ڪيو ويو ۽ شهر کي (دل کولي) غارت ڪيو ويو.(1)

* (دلاور جي قلعي ۾)... ڇتي جنگ شروع ٿي وئي... قلعي وارا بيشمار قتل ڪيا ويا باقي ڦٽجي پيا، جيڪي بچي ويا، تن کي قيد ڪيو ويو.(2)

س* ميرزا (شاهه حسن) جو لشڪر ساڻ ڪري، لنگر خان، بٺي کلوران (بٺي ڪلوڙان) تي چڙهيائي ڪري ويو، جتان آنُ ۽ مال خواهه ٻيا ٽپڙ لٽي ڦري لشڪر گاهه تي موٽي آيو. فتحمند لشڪر، محاصرو ۽ محاربو شروع ڪري ڏنو.(3)

* ڌاريجن جي سردارنکي ساڻ وٺي آيو، جن مان سلطان محمود خان... ستاويهن ڄڻ کي مارائي ڇڏيو.(4)

* ڌاريجن جو مسئلو شاهه بيگ جي خدمت ۾ سلطان محمود خان پهچايو... سلطان محمود خان گهڙيءَ اندر شهر ۾ پهتو ۽ راتو رات سڀني مڙسن جي گردن هڻائي لاشن کي انهيءَ برج تان هيٺ درياهه ۾ اڇلرايو ويو. جيڪو ”خوني برج“(1) جي نالي سان مشهور آهي.

* ميرزا (شاهه حسن)... فرمايو... جيڪو به حڪم جي انحرافي ڪري، ان جي سر کي نيزي جي نوڪ تي چاڙهيو! ۽ اُچ جي قلعي ۽ انهن جي عمارتن کي مهندم ڪرڻ جو حڪم فرمايائين. عمارتن جي ڪاٺن کي ٻيڙن ۾ وجهي بکر آندو ويو.(2)

* مير ا عبدالفتاح (سلطان محمود جي ڀاءُ)... ڪيترن بلوچن ۽ ٻين ماڻهن (سنڌين ) کي قتل ڪري ڇڏيو.(3)

* ٽيهه ڄڻا سندس (سلطان محمود) شمشير جي ضرب سان قتل ٿيا.(4)

بي واهن جي ڪشت و خون واري انهيءَ شاهاڻي شعل ۾، لشڪر جنهن لاءِ مير معصوم ”بهادر“ جو لفظ ڪتب آندو آهي ٻن سون سنڌي مظلومن کي شهيد ڪري ڇڏيو. عبارت جو انداز هي آهي؛ ”دويست کس از اعدا را بخاک هلاکت انداختند و ساير بلوچان حال بدين منوال ديده بدر رفتند.“

* هُنن.. ڪاهان ۽ باغبان جي ڳوٺن کي اچي ڦريو.. انهيءَ لٽ ۾ ائٽن ۾ وهندڙ هزار اٺ ڪاهيو هليا ويا. (5)

* ملتان ۾ ڏڪار ۽ آن جي اڻاٺ سبب ڍڳي جي مُنڍي ڏهن ٽنڪن ۾، ان جو مڻ ملتاني حساب سان هڪ سؤ ٽنڪي تائين پهتو. گهڻا ماڻهو ته ڍڳن جون کلون ۽ چمڙا، جيڪي کائڻ جا ئي نه آهن.، کائي رهيا هئا. حالت هيءَ ٿي جو ڪُتو ۽ ٻلو به ائين ئي کاڌايون ٿي جيئن هرڻ يا ڇيلو کائجي. نيٺ (مجبور) ماڻهن ٻيو چارو نه ڏسي ڪُسڻ ۽ مرڻ قبول ڪري قلعي تان پاڻ کي هيٺ کاهيءَ ۾ اڇلائڻ شروع ڪيو.(1)

گهيري جي مدت جڏهن هڪ سال تائين سانده هلي ۽ قلعي واريءَ مخلوق جي ساهه تي اچي بيٺي ۽ ڪاتي ڪنڌ مٿان ڏٺائون، (يعني معذور، مجبور ۽ لاچار ٿي پيا) ان وقت 11-  تاريخ ربيع الثاني 933 هه جو بهادر ارغونن، ساهه ڪڍندڙ تيرن جي بوڇاڙن سان، جسمن کي جان کان آجو ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. صبح جو هڪ ٽولو ڀالن ۽ گُرزن سان (قلعي جو ”لاهوري دروازو“ ڀڃي اندر لنگهي پيو. پوءِ ته حدون ٽپي بيدرديءَ ۽ نهايت بيرحميءَ سان قتل، غارت، لُٽ ڦر ۽ مارڌار شروع ڪري ڏني. ستن سالن کان وٺي ستر سالن تالن تائين. جيڪو هٿ چڙهين تنهن کي باندي ڪيائون. ملتانين مٿان ڄڻ ڪاري قيام اچي کتي، جيڪي ڀڄي سگهيا، تن وڃي خانقاهه (بهاؤالدين ذڪريا ۽ رڪن عالم) ۾ پناهه ورتي. ڏهه ٻارنهن ڏينهن شهر ۾ اهو حال رهيو. محب علي ترخان ان کان پوءِ وري خانقاهن ڏانهن رخ رکيو. اتي جنهن کي لڌائون تنهن کي ماريائون ۽ خانقاهن کي به باهيون ڏئي بزرگن جي مزارن کي رتوڇاڻ سان ڳاڙهو ڪري ڇڏيائون.

لانگاهه ۽ ملتاني گهڻو ڪري انهيءَ غارتگريءَ م قتل ٿي ويا ۽ قيمتي هيرا جواهر ۽ ٻيو مال خزانو جڏهن سڀئي مغلن جي هٿ چڙهيو ۽ لٽجي بيٺو تنهن کان پوءِ وڃي، ميرزا شاهه حسن جي ڪاوڙ لٿي ۽ لشڪر پنهنجون تراريون مياڻن ۾ وڌيون...(1)

سال 945 هه جي اوائل ۾ (شاهه حسن) راڌڻپور کان ٺٽي راهي ٿيو، واٽ هلندي جاڙيجن ۽ سوڍن کي جيئن جو تيئن لُٽندو ۽ قتل ڪندو ويو.(2)

ملا درويش محمد انبار دار کي سلطان محمود جي گهر اڳيان ڦاهيءُ تي چاڙهيو ويو. مقدمن مان هر هڪ هالي ۽ عمر شاه جي، کل لهرائي وئي ۽ لاشن کي بکر جي دروازي ۾ ٽنگرايو ويو.(3)

مجاهد خان جي ماءُ صالحه بيگم جنسي باهه ٻاري ڇڏي. بيمار ماڻهو جيڪي (علاج لاءِ) قلعي کان ٻاهر ٿي نڪتا، تن جا پيٽ چيرائي ڏٺائين ٿي جيئن پئسا کنيو نه وڃن. قلعي وارن جڏهن اهو حال ڏٺو تڏهن هنن قلعي ۾ رهي مرڻ بهتر ڄاتو ۽ صبر ڪري ويهي رهيا.(1)

اهو خلاصو آهي، انهن غير ملڪي قبضيدارن جي دؤر ۽ طرز حڪومت جو، جنهن ۾ سنڌ جا باشندا پنهنجا ڏينهن ۽ پنهنجون راتيون رت ۾ گذاري رهيا هئا. انهيءَ ڏچي، ڏوجهري ۽ وحشي پڻي جي حالت ۾ ڪنهن کي يقين ڪونه هو ته ايندڙ گهڙيءَ ۾ ڪير رهندو ڪير مرندو.

مير سيد صفائي خدا مٿس رحمت ڪري انهيءَ دؤر هلندي هتي وارد ٿيو، ۽ آيو لٽيرن جي انهيءَ ئي قسمت آزمائيندڙ رولو ٽولي سان، پر ماڻهوءَ ماڻهوءَ ۾ فرق آهي، پنج ئي آڱريون برابر ڪونه آهن. خراسان ۾ پيدا ٿيل بدامنيءَ سبب سندس لاءِ پيو ڪو چارو ئي ڪونه هو ته انهن ڀاڄو ڪڙن سان گڏيا انهن جي پٺيان اچي. ترڪ وطن بعد هيءُ ئي ملڪ ويجهو هو، واقف ۽ هم زبان به هتي اچي پهتا هئا، تنهنڪري سنڌ ۾ سندس ساڪن ٿيڻ قدرتي امر هو.

انهيءَ قسم جي شرفائن جا ٻيا به ڪيترائي قافلا هتي اچي پهتا هئا جهڙوڪ؛ ٺٽي جا شڪر الاهي، شيرازي، مازندراني، عرب شاهي، سبزواري، پوراني، بيگلار ۽ اهڙيءَ طرح بکر جا سيد، رضوي، عريضي، ميرڪي ، قطب شاه وغيره. جن ۾ اڪثريت عالمن، بزرگن، زاهدن ۽ اهل علم ۽ اصحاب قلم جي هئي، جن سنڌ کي وطن سمجهي، هن سر زمين سان لنئون لائي گهڻو ڪجهه ڏنو. ظاهر آهي ته جڏهن سڀئي هم وطن ۽ هم جنس پاڻ ۾ گڏيا ۽ اتفاق سان ملڪ ۽ ملڪ جي حڪومت تي به اتهن وارن جو قبضو هو، جن مان ڪيترا سيد مير صفائيءَ جا شخصي طرح واقف، معتقد يا صاحب سلامت وارا هوندا، تنهنڪري قدرتاً پنهنجي وطن جهڙيون، بلڪ گهڻن حالتن ۾ ته وطن کان به وڌ سهولتون ۽ آسانيون کيس ميسر ٿي ويون.

مير سيد صفائي نه فقط پنهنجي ذاتي خوبين ۽ شخصي صلاحيتن يعني زهد، تقويٰ، دينداري ۽ پرهيزگاري سبب ممتاز هو، بلڪ پنهنجي ثروت مندي ۽ ظاهري شان شوڪت سبب پڻ هڪجهڙن ۾ کين خصوصي مرتبو ۽ برتري حاصل هئي، مال اسباب جي فراواني، گولن ۽ ٻانِهن جي قطار، ڏيڻ وٺڻ ۽ دسترخوان جي ڪشادگي، هر ڪنهن سان نوڙت ۾ ميٺاج سان اٿڻ ويهڻ. اهي سڀئي اهڙيون وصفون هيون، جن سندس دنيوي جاه و جلال کي آسمان تي پهچائي ڇڏيو. جڏهن هن سکر ۾ پير پاتو ان وقت اتان جي حاڪم سلطان محمود بکريءَ جو کيس تقرب حاصل ٿي ويو، جيڪو پنهنجي زشت فطرت ۽ درشت سيرت سبب آيل سڀني غير ملڪي قبضيدارن ۾ ظالم ترين انسان ۽ بدترين قسم جو حڪمران هو ۽ سنڌ اندر وڌ ۾ وڌ بدنام هو. مير معصوم پنهنجي تاريخ ۾ سندس متعلق جيڪي ڪجهه لکيو آهي انهيءَ ۾، هو انهيءَ ڳالهه کي لنوائي نه سگهيو ۽ کيس لکڻو پيو ته:

”مزاج ۾ سختي ۽ ازحد تِکائي هيس، جڏهن ڪاوڙ ايندي هيس ته انهيءَ تي ڪنهن به صورت ضابطو ڪري ڪونه سگهاندو هو. خونريزي ڪندي ڪوبه ترس نه ايندو هيس، ٿوري گهڻي گمان ۽ شڪ پوڻ تي ماڻهوءَ جو خانو خراب ۽ گهر ٻار برباد ۽ اجاڙ ڪري ڇڏيندو هو.(1)

مير معصوم پنهنجي والد جي انهيءَ مربيءَ ۽ پنهنجي پهرين ولي نعمت جي تعريف به ڪئي آهي، ليڪن هو پنهنجي ڪرتوتن سبب انهيءَ حد تائين رسوا ۽ بدنام هو جو مٿينءَ مختصر عبارت لکڻ کان سواءِ کيس ڪو چارو ڪونه هو.

اهڙي حاڪم جي سرپرستي حاصل ٿيڻ کان پوءِ بخوبي سمجهي سگهجي ٿو ته سيد صفائي جو دنيوي اثر، ڏيک ويک ۽ شان مان ڪهڙي حد تي پهتل هوندو ۽ ظاهري دٻدٻي جي ڪهڙي ڪيفيت هوندي؟ خاص ڪري اهڙيءَ حالت ۾ جڏهن ته مذهبي اداري جو اعليٰ ترين عهدو به سندس حوالي ڪيو ويو. يعني ولايت بکر جي سموريءَ حد جو ”شيخ الاسلام“ پاڻ مقرر ٿيو.

سيد صاحب، خواهه پايهء تختگاهه ٺٽي جي شيخ الاسلام سيد شڪرالله شيازيءَ جو زهد، پرهيزگاري، خدا پرستي ۽ خدا شناسي بلاشڪ هڪ طرف، ليڪن اهو معلوم نه آهي ته ديني علم ۾ ٻنهي جو درجو ڪيتريقدر هو ۽ ”شيخ الاسلام“ هجڻ لاءِ جيڪي علمي ڄاڻ جا لوازم هئا انهن ۾ سندن مرتبو ڪهڙو هو. ٻنهي بزرگن جي ظاهري شان ۽ شوڪت جود و سخا، زهد ۽ تقويٰ جي تعريف ته دل کولي ڪئي وئي آهي، ليڪن سندن مذهبي تعليم جي ڄاڻ ۽ ان ۾ سندن حاصل ڪيل پائي جي بيان ۾ هڪ لفظ به ڪونه لکيو ويو آهي؟ جنهن مان معلوم ڪري سگهجي ته آيا هو انهيءَ مذهبي مرتبي ۽ عهدي جا ڪيتري قدر اهل ۽ لائق هئا؟ ٺٽي جي شيخ الاسلاميءَ تي سيد شڪرالله شيرازيءَ جو فائز ٿيڻ ۽ سندس وفات بعد شيخ محمد هرويءَ کي اچ مان گهرائي مقرر ڪرڻ. اهڙيءَ طرح بکر ۾ شاهه قطب الدين(1) جو شيخ الاسلام ٿيڻ ۽ انهيءَ بعد مير صفائيءَ جي تقرر جو مذهبي خوه دنيوي نڪته نگاهه سان جواز معلوم ڪرڻ ۾ جيڪڏهن انهيءَ وقت جي محڪوم ماڻهن کي کڻي نظر انداز به ڪجي تاهم سنڌ جي ايندڙ آزاد نسلن يا گهٽ ۾ گهٽ تاريخ جي عدلات کي ته آساني ٿئي ها ۽ قائل ٿيڻ جو موقعو ملي سگهي ها، تاڪه سنڌ اندر ان وقت، جيڪي عظيم ترين عالم دين موجود هئا، انهن جي مقابلي ۾ مذڪوره بزرگن جو تقرر هر صورت ۾ هر لحاظ سان اڻ ٽر ۽ جائز هيو، مثلاً؛ هيٺين سنڌي عالمن مٿان هر صورت ۾ کيس فوقيت ۽ برتري حاصل هئي ڇا؟

مخدوم بلال: زهد تقويٰ ۾ بينظير هجڻ کان علاوه تفسير ۽ حديث ۾ سندس جهڙو في زمانه ٻيو ڪونه هيو. مير معصوم خود لکي ٿو ته؛ قلم کي طاقت نه آهي جو سندن سڀئي فضيلتون بيان ڪري سگهي. ديني علم خواهه طريقت ۽ تصوف ۾ سندس ڪوبه ثاني شريڪ نه هيو.

قاضي ڏتو: ديني علم ۾ تمام وڏي مرتبي جو مالڪ هيو. مذهب ۽ حوالي جي ڪتابن جا صفحن جا صفحا ياد هيس. علم ۽ فضل ۾ امام جارالله(2) جي برابر هيو. خود شاهه حسن ارغون ۽ مير معصوم به کانئس فيض ورتو ۽ علم پرايو هيو.

مخدوم رڪن الدين: ڪيترن ڪتابن جو مصنف ۽ مير معصوم جي قول مطابق ”يگانئه عصر“ هيو.

مخدوم ميران: معقول ۽ منقول ۾ جامع الحيثيات ۽ شاهه حسن ارغون جو استاد هو. ”وارث الانبياءَ“ سندس  وفات جي تاريخ آهي.

مولانا ضياعه الدين: ديني علمن ۾ جامع ۽ ڪامل سنڌ اندر سندس شخصيت وڏي احترام ۽ ادب سان ڏٺي ٿي وئي.

مخدوم فضل الله: عالم، فاضل ۽ علم جي ڪيترن شعبن ۾ پاڻ ڪامل ۽ اڪمل هيو.

مولانا يوسف: متدين، پرهيزگار۽ شرعي علمن ۾ سندس ڪو عديل ڪونه هيو.

مولانا عبدالله مفتي ملتانيءَ: لاءِ خود مير معصوم جو قول آهي ته ”سچ پچ ته علوم عقليه جو معتبر عالم هيو ۽ حدت طبع ۽ دقت ذهن ۾ بلند ترين مرتبي جو حامل هيو.

مخدوم قاضي عثمان درٻيلائي: معقول ۽ منقول جي سڀني قسمن ۾ لاجواب بزرگ ٿي گذريو آهي.

اهي بزرگ ۽ انهن کان سواءِ ٻيا ڪيئي عالم فاضل سنڌ ۾ موجود هئا، جيڪي ديني منصبن تي فائز ٿيڻ جا هر طرح لائق ۽ هر لحاظ کان فائز هئا، ليڪن ملڪ جي واڳن تي قابض ٿيڻ بعد، ارغونن مذهبي منصبن کي پنهنجن جي ئي قبضي ۾ رکڻ مناسب سمجهو، جيئن سندسن حاڪماڻي فيصلن ۽ منصوبن کي مذهب جي پشتي باني آسانيءَ سان ميسر ٿي سگهي قبضيدارن جون پنهنجون مصلحتون ٿين ٿيون ۽ اهي عالم آشڪار آهن. يزيد کان وٺي چنگيز ۽ هلاڪوءَ کان تيمور تائين مڙني جي پاليسي اها رهي آهي.

سنڌ جي مذهبي پيشوائن ۽ دين جي عالمن بهرحال انهيءَ پاليسيءَ کي شدت سان محسوس ڪيو ۽ ڀانئجي ٿو ته اهوئي سبب ٿيو، جو انهن مان ڪن قطعي گوشه نشيني اختيار ڪئي ۽ جيڪي زياده حساس هئا، تن روز روز جي اُرَه زورائين، غلط ڪارين ۽ بي انصافين ڏسڻ کان مرڳوئي هتان لڏي ذهني اذيت ۽ فڪري عذاب کان نجات حاصل ڪئي. قاضي عبدالله ۽ شيخ اعبدالله گجرات ويا، اتاهون مدينه طيبه هليا ويا. شيخ عيسيٰ سنڌيءَ وارا مٽن مائٽن دوستن يارن ۽ اهل عيال سميت برهان پور طرف اهڙيءَ ريت لڏيا جو وطن ڏانهن دوبارو واجهائي ڪونه ڏٺائون، پرديس ۾ فقط سنڌي ڪافيون ٻڌي اندر ئي اندر ۾ پيا ڪڙهندا هئا. اهڙيءَ ريت هتان جا اصحاب علم ۽ اصحاب فڪر و نظر بهر صورت مهاجر ڀائرن يا اڄوڪي اصطلاح مطابق پناهگيرن جي ترڪ تازن لاءِ پنهنجي اباڻي ملڪ کي ٽي طلاقون ڏيون هليا ويا.

سيد صفائي عليه رحمت جي دؤر جي پوري سياسي ۽ ملڪي حالتن جو جيڪڏهن صورتحال ذهن ۾ رکبو ته سندس مقام ۽ حيثيت متعين ڪرڻ ۾ ڏکيائي ڪنه ٿيندي. سيد صفائي جنهن وقت ”شيخ الاسلامي“ جو منصب سنڀاليو (977هه) ان وقت سنڌ جي هيٺين حصي تي عيسيٰ ترخان جي پٽ، ميرزا باقي (973-993هه) جهڙي پاپيءَ ۽ جنونيءَ جي حڪومت هئي. جنهن جي ڪرتوتن جي پيڙا ۾ هيٺين سنڌ جا مجبور باشندا پنهنجا شب و روز گذاري رهيا هئا گويا سنڌ جي ٻنهي حصن تي اهڙا ظالم حڪومت ڪري رهيا هئا، جيڪي جبر، تشدد، غضب ۽ قهر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. شاهه بيگ ۽ شاهه حسن ارغون جي ظلمن جو اهي ٻئي حاڪم ڄڻ تتمو ۽ تڪملو هئا.

سلطان محمود بکري، سيد صفائي جي جيئري (982 هه) فوت ٿيو ۽ جڏهن سيد صفائيءَ هي جهان ڇڏيو (991 هه)، ان وقت هندستاني مغل بادشاهه اڪبر جي صوبيدارن کي بکر جي حڪومت جون واڳون ورتي نَوَ سال ٿي چڪا هئا.

-----

 

  (1)در زهد و عبادت نظير خود نداشتند، ورعايت جانب فقرا و مساکين مي نمودند...(معصومي ص 198).

(2)  ... از لکي بالاتر تعلق به سلطان محمود خان دارد. و از کوه لکي اين جانب به ميرزا عيسيٰ ترخان دارد. برين جمله مقرر و معترف گرديده، وثيقه بجهت تاکيد بقيد کتابت در آورد. به مهرهائي خود و مهرهائي اکابر مزين گردانيد ند... (معصومي ص 191).

(1)  معصومي دوشنبه دوازدهم (ربيع الاول 962 هه / 3  فيبروري 1555ع) ... نزديک نوبت عصر مرغ روح ميرزا شاه حسن نداي ارجيعي... شنيد و يمرغزار جنان طيران نمود (معصوم 192) ڊاڪٽر محمود الحسن صديقيءَ جي ڪٿ آهي ته وفات جي تاريخ سومر 9  جمادي الاول 962 هه / 1- اپريل 1555ع ٿيڻ گهرجي (ترجمه معصومي 123 ۽ ضميمو 247-  ۽ سدي علي رئيس جي سفرنامه جو سنڌي ترجمو از؛ اقم الحروف مطبوعه مجله مهراڻ سال 1971ع)

(2)  معصوم ص 194.

(1)  پورچوگيز 1556ع ۾ Pedro Barreto Rolin جي سرڪردگيءَ ۾ ٻيڙا ڪاهي آيا (مخزن سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي 1938ع 3؛4 ص 74) تقريباً سڀني جامع مسجدن ۾ جمع نماز پڙهندڙ جماعتن کي هنن تهه ڏ تيغ ڪري ڇڏيو. شهر ۾ ڪيئي ”گنج شهيدان“ بڻجي ويا، سمورو ننگر ٺٽو ئي ڄڻ گنج شهيدان ٿي پيو هو.

(2)  بلڪ (1) معصوم 208-222.

(1) مير فتحيءَ کي پٽ سيد مير صادق علي ٿوي، ان کي پٽ مير فتحي ٿيو ان کي پٽ سيد مير انورٿيو. ان کي پٽ سيد مير جعفر علي ٿيو. انهيءَ شجري جي آخر ۾ سيد علي ابن الحسين بن العقيل حسيني ۽ عبدالرزاق بن حسين بن تاج الدين محمد بن علي الحسيني مشهور به گل سرخ ۽ محمد بن علي بن حسين الحسيني مشهور به مڪه جا دستخط آهن.

(1)  هن شجري جي قديم نسخي تي سال 693 هه ڄاڻايل هيو، انکان پوءِ جي شجري تي 994 هه لکيل هيو.

(2)  ٽن پروانن جا فوٽا ڏجن ٿا، جن جا سال آهن؛ 1016 هه... 1050 هه- 1319هه.

(1)   شهر تته را تارج نموده، خاک مذلت برفرق ساکنانش افشاند ند - (1).

(2)  در تلتي مقام نموده خرمن حيات سا کنانش آن موضع رابباد فنا بر داد -  (2).

(3)  مردم ماڇيان که طغيان ور زيده، سر اطاعت وانقياد کشيده بودند، همه را به قتل رسانيدند، و اموالش انهارا غارت نموده، خان و مان وقلعهء آنهارا بخاک برابر ساختند - (3).

(1) معصوم ص 114 (2) معصوم ص 117 (3) معصوم ص 120.

(4)  ظالم جي تلوار ڪنهن به قوم يا قبيلي جي ڪيتري به نسل ڪشي ڪري، ليڪن ناممڪن آهي ته ٻج کوٽي ڪري سگهي. اهو سندس قدرت کان ٻاهر آهي. جتي 42 ڳوٺن جي ننڍي وڏي کي ماريو ويو اتان اڄ صدين گذرڻ بعد به جتوئي قوم جي اڪثريت موجود آهي ۽ سندن سرداريءَ جو مرڪز به اڄ تائين اتان هليو اچي ٿو (شڪارپور).

(5)  قرار دادند که آتش اين قوم (جتوئي بلوچ) را به آب شمشير فرو بايد نشانيد.. چون وقت موعود رسيد، همه به يکبار دست به شمشير کرده، کار آن گروه بي انجام را  به انجام رسانيدند، چناچه در آن واحد، چهل ودو موضع بلوچان مقموع و مقتول گردي - (1).

(1)  به سرعت تاخت زلزله دران گروه انداختند، القصه از صباح تا آخر پيشين، معرکه قتال آراست بود و قريب بيست هزار آدمي در ميدان افتا دند- (2).

(1) معصومي ص 125 (2) معصوم ص 144.

(2)  و قلعه الور را که سابقاً پايء تخت بوده، ويران ساخت خشت پخت آن را به بهڪر آوردند.. عمارات مرم ترڪ وسمه که در حوالي بهڪر بودند اکثري را ويران ساخت به عمارت قلعه بکار بردند. (1)

(3)  وچون به قلعهء سيوراي راسيد بلوازم نهيب و تاراج اقدام نمودند، دستبرد نموده از مخالفان هرکسي راکه ميديد ند، به قتل مير سانيدند _ (2).

(4)  متصل قلعه سيورائي نزول فرمود و حکم کرد ڪه؛ قلعه را ويران سازند، آنچان قلعه را در عرض يک هفته به خاک يکسان ساختند- (3).

(1) معصومي ص 124 (2) معصوم ص 150 (3) معصومي ص 151.

(1)  بهلول راي زاده و جمعي ڪثير دستگير شدند، ميرزا (شاه حسن) اشارت به قتل آن جماعت کردو همچنان از ميدان قتال روي بظاهر شهر آورده به آن مدرم (النگاه) نمودند، به يک مرتبه منهزم شده خود را از برج و باره انداخته راه نجات جستند، اما حسب الحڪم هر کس از مرد م آچه بدست اين جماعت مي اقتاد به قتل مي رسانيدند. و مردم شهر را غارت ميکردن_ (1)

(2)  (قلعه دلاور)...  چو مهاربه به اشتداد کشيد... بيساري از اهل قلعه مقتول و مجروع گشنتدو معدودي که مانده بودند، همه را دستگير کردند....(2).

(3)  ... لنگر خان باعسا کر ميرزا (شاهه حسن) بهڻي کهلوان (؟ بٺي ڪلوڙان) را تاخته غل و  مواشي وساير اشيا را به اردوئي ميرزا آوردو عسا کر نصرت معاصر، محاصر و محاربه کرند_ (3)،

(1) معصومي ص 153 (2) معصومي ص 156 (3) معصومي ص 157.

(4)  از سرداران ڌاريجه باخود آورد، سلطان محمود خان.... بيست وهفت کس را از مردم دهاريجه به سياست رسانيدند_(1).

(1)  سلطان محمود خان معامله دهاريجه  به عرض شاهه بيگ رسانيد... سلطان محمود خان در ساعت به شهر رسيد و شباشب آن مردم را گردن زده، از برجي که مشهور به ”خوني برج“ (2) است، به زير انداخت_ (3).

(2)  ميرزا (شاهه حسن)... فرمود... هر کيس که خلاف حکم نمايد سر اورا بر نيزه کنند و به تخريب و انهدام وقلعه و عمارات اوچه حڪم فرمود. چنانکه چوب عمارات به کشتي انداخته به بهکر آورد ند_ (4).

(1) معصومي ص 123 (2) بکر جي قلعي جو هڪ برج ”خوني برج“ سڏيو ويندو هيو، ڇا ڪاڻ ته اران  ماڻهن کي هيٺ اڇلائي ماريو ويندو هو. (3) معصومي ص 123 (4) ص 253.

(3)  مير عبدالفتاح برادر سلطان محمود..... جمعي کثير از بلوچ مردم ديگر را به قتل رسانيدند.......(1.

(4)  سي کس بضرب شمشير او (سلطان محمود ) مقتول کشتند_ (2).

(5)  (1) ان جماعه.....قريه کاهان وباغبان را آمده تا ختند..... درين تاخت هزار شتر از چرخهائي باغات که شب کار ميکر دند، پردند_ (3).                                                          (3) معصومي ص110.

(1)  در شهر ملتان قحط و غلا عظيم روئي نمود، چنانچه کله گاءُ به ده تنکه و قيمت يک من غله، به سنگ ملتان، به صد تنکه رسيد. و کثر مردم به پوست و چرم گاوي که شايسته خوردن نبودي، ميگذرانيدند. و اگر احيانن سگ و گر به بدست م افتاد، گوشت آن را در رنگ حلوان و بره ميخوردند.... آخر الامر مردم کشته شدن بخود قرار داده از با روي قلعه، خود را به خندق مي اندا ختند_ (1).

(1) معصومي 108.

(1)  چون ايام محاصره بيک سال طول کشيد، واهل حصار را کار بجان، وکارد به استخوان رسيد. دريازدهم شهر ربيع الثاني 933 هه بهادران ارغون بزخم تير جانگداز. قالب اکثري را تهي ساختند، عاقبت جمعي به زور تير گرز وقت سحر دروازه لوهاري (لاهوري) را شکسة به شهر  آمدند، و دست از آستين بيدادي بر آورده شروع به قتل و نهيب و تاراج کردند و سکنھء شهر از  هفت ساله تا هفتاد به بند رفتند، و آن چنان حادثه به ملتان روي داد که ياد از قيامت ميداد.... بعد از ده دروازه زوز که شهر را غارت کردند. محب علي ترخان با جمعي به خانقاه رفته، مردمي زا غارت کرده و آتش دران بقعه انداخت و خون بسياري دران مزار ريخت و مردمي لنگاه و سپاه ملتان اکثري در قتل عام کشته شدند، و دران تاراج جواهر نفيس و نقود نا محمود بدست مغول و سپاه افتاد، بعد ازان نايرهء غضب ميرزا شاهه حسن تسلين گرفته (1).

(2)  در اوايل سنه خمس و اربعين و تسع ماية (945 هه) از راه رادن پور، عازم تهته شد، و (شاه حسن) در حين مراجعت مردم جاريجه و سوده  را قتل و نهب عجيب نمود (2).

(1) معصومي ص 159 (2) معصومي ص 164.

(3)  ملا درويش  محمد انبار دار را در برابر خانھء سلطان محموڊ (بکري) بدار کشيدند و مقدمان هر يک هاله و عمر شاه را درميان دروازه بکر. پوست کندند (3).

(1)  مادر مجاهد خان صاله بيگم دست تعدي دراز نموده، بيماران راکه، از قلعه بيرون مي رفتند، شکم انهارا پاره کرده تجسس زرمي کرد، چون اهل قلعه مشاهده آن حال نمودند. مردن خود را درون قلعه بهتر مي دانستھ (2).

(1) معصومي ص 178 (2) معصومي ص 235.

(1)  حدت مزاج  او، در نهايت استعلا بود، چون در غضب آمدي، ضبط خود به هيچ وجهه نتوانستي. و در خون ريزي ملاحظه نه داشت، و به اندک توهم و بد گماني خان ومان مرد مي بر مي انداخت (ص 236).

(1)  معصومي ۾ آهي ته: بعد فترت ترکمانيد ب بلاد سند تشريف آورده، در بلدهء سکر سکونت نمود ند... مشاراليه متقي و متشرع بوده (ص144-197)

(2)  امام اعظم علامه ابوالقاسم محمود بن عمر بن محمد بن احمد. دين جو عالم، اديب، مفسر ۽ نحوي. ز مخشر (خوارزم) جو ويٺل (467-538هه) مدتون خاني ڪعبي جي مجاوري ڪندي گذاريائين. جنهنڪري مٿس لقب ”جارالله“ يعني خدا جي گهر جوپاڙيسري بجھني ويو(دهخدا ص 3).

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org