باب اڻويهون
ايران کان واپسي- اڪبر جي وفات ۽ جهانگير جي تخت
نشيني
دود مان گور گانيءَ جي روايت ۽ رواج مطابق اڪبر جي بادشاهت جا
پويان سال پڻ مشڪلاتن ۽ مسئلن ۾ ڪٽيا. تخت- تاج جي
هوس ۽ لالچ ۾ شهزادن جون هڪٻئي خلاف سازشون،
درباري اميرن جي پارٽي بازي، باهمي اختلاف ۽
عداوتون، بغاوتون، ايراني ۽ توراني ڌڙي بازي، شاهي
نسل سان پيوست ٿيل راجپوتن جي سياست- اهي اُهي
بنيادي مسئلا هئا، جيڪي، هندستان اندر، همايون کان
شروع ٿيا هئا ۽ پوئين هٿ ٺوڪئي معذور بادشاه بهادر
شاهه ظفر تائين هر بادشاهه جي شروعاتي ۽ آخري دور
حتيات ۾ دهرائبا ٿي رهيا.
همايون سان ڀائرن جو اختلاف، بغاوت ۽ کانئس ڇڄي ڌار ٿيڻ، اميرن
جي بيوفائي ۽ باهمي ضد ۽ عناد، جهانگير جي خلاف
سندس پنهنجي پٽ خسرو جي بغاوت، پوين ڏينهن ۾ ڪابل
ويندي، جهانگير جي پنهنجي اميرن هٿان گرفتاري،
نورجهان ۽ ڀاڻس ابوالحسن جو تخت نشينيءَ تي
اختلاف، شهر يار ۽ شاهجهان لاءِ جدا جدا ڪوششون،
شاهجهان جي پيءُ سان بغاوت، پڻس جي وفات جي خبر
پهچائيندڙ قاصد کي ”خوش خبر خان“ جو خطاب ڏيئي،
سهري ابو الحسن ڏانهن تخت جي سڀني وارثن کي مارائي
ڇڏڻ جو پيغام موڪلڻ ۽ ان تي عمل، آخري دور حيات ۾
شاهجهان جي پنهنجن پٽن ۾ خوني تصادم، ڌيئرن ۾
دشمني ۽ اميرن جو نفاق- اهي سڀئي مسئلا عالم آشڪار
آهن. عالمگير جو پيءُ کي جيئري ڪاٺ ۾ وجهي، تخت تي
قبضو ڪري ويهڻ، طويل عمريءَ کان تنگ اچي تخت و تاج
جي منتظر شهزادن جو سندس موت لاءِ بارگاه ايزديءَ
۾ دست بدعا رهڻ – اهي ۽ ازين قسم اهڙا ڪيئي واقعا
آهن، جن جو تواتر ۽ تسلسل ”دودمان گورگانيءَ“ جي
سموريءَ ايامڪاريءَ ۾ برابر قائم رهندو آيو. چناچه
اڪبر اعظم جهڙو عظيم ۽ قوي بادشاه پڻ پنهنجي آخري
دور حيات اهڙين مشڪلاتن ۽ مصيبتن کان بچي نه
سگهيو.
سندس تڪليفن جي ابتدا دستوري طرح پنهنجي گهر مان ئي ٿي. شهزادي
سليم کي خطرو پيدا ٿيو ته پيءُ جو تخت سندس بجاءِ
سندس پٽ خسرو کي- جيڪو خان اعطم جو نياڻو ۽ راجا
مانسنگ جو ڀاڻيجو هو- ملندو. هن 1008هه کان ئي
بغاوت جو علم بلند ڪيو، ۽ پاڻ کي بادشاهه سڏائڻ
شروع ڪيائين. اهو درد سر اڪبر لاءِ مرڻ گهڙيءَ
تائين قائم رهيو. اڪبر جو ٻيو پٽ سلطان مراد ڪثرت
شراب نوشيءَ، عياشيءَ ۽ اخلاقي ڪمزوريءَ سبب
جوانيءَ ۾ (1007هه/12-مئي 1599ع) دکن طرف جنگ
هلندي مري ويو، جنهن جو سور بظاهر ته اڪبر ظاهر
ٿيڻ نه ڏنو، ليڪن بهر صورت پيءُ جي حيثيت ۾، اهو
ناسور اندر ئي اندر کيس نجهرائيندو رهيو. ٻيو جوان
شهزادو سلطان دانيال، جنهن جي نالي پٺيان فاروقي
سلطنت خانديش جو نالو مٽائي ”دانديش“ رکيو هئائين.
سو پڻ ڦوهه جوانيءَ ۾ (20- ذي الحج 1012هه/20
اپريل 1604ع) فوت ٿي ويو. گويا ٻه پٽ مري ويا،
ٽيون پٽ- جيڪو تخت جو وارث هو ۽ پيرن فقيرن کان
پني ورتو هئائين- سو نه فقط سندس مد مقابل بلڪه
جان جو دشمن. گهر جو اهو حال هو. دربار جي اندر
جيڪي سندس ساٿي سنگتي، هم نفس ۽ راز محرم هئا. جن
کي ”نورتن، سڏيو ٿي ويو، ۽ جيڪي ئي در حقيقت البر
جي سلطنت جا روح، جان، مان ۽ شان هئا، تن به هڪ هڪ
ٿي، هي جهان ڇڏڻ سروع ڪيو، راجا بيربل (994هه)
پهرين جدا ٿيو، توڏرمل چار سال کن انهيءَ کان پو3
(998هه) فوت ٿيو. فيضي (9 صفر 1004هه/14- آڪٽوبر
1599ع) جو راهي ملڪ بقا ٿيو. اهي سڀ اڪبر جي خاص
الخاص مصاحبين واريءَ مجلس ۽ محفل جا رڪن رڪين هئا
بلڪه بيجا نه ٿيندو جيڪڏهن چئجي ته اڪبر جي عظمت
جو ڪارڻ ئي اهڙين شخصيتن جي موجودگي ۽ ساٿ سنگت
هو. آخري ڌڪ اڪبر کي ابو الفضل جي جدائيءَ جو (4-
ربيع الاول 1011هه/12 آگسٽ 1602ع) لڳو، جيڪو
شهزادي سليم (جهانگير) جي چرچ ۽ سازش تي نرسنگ
راءَ بنديله جي هٿان قتل ٿي ويو. جنهن خبر پوڻ تي
بادشاهه پنهنجي پڳ لاهي زمين تي اڇلي ۽ زارو قطار
ويهي رنو- اڪبر هاڻي بلڪل تنها هو. ايڏي وڏي ملڪ
۽ ايڏي وسيع بادشاهت ۾ هڪ به اهڙي منزل ۽ مقام جو
ماڻهو ڪو نه رهيو. جنهن کي هو پنهنجي معيار مطابق
حال محرم چئي سگهي يا جليس ۽ هم نفس سمجهي سگهي.
انهيءَ پيءِ در پيءِ صدمن جو- جن اڪبر کي جهوري ۽ بيحال ڪري
رکيو هو- سلسلو مير معصوم جي موجودگيءَ ۾ ئي شروع
ٿي چڪو هو. شهزادي سليم جي بغاوت ته انهيءَ وقت
اوج تي هئي، جڏهن مير معصوم بادشاهه سان گڏ آسير
جي محاصري ۾ شريڪ هو. دانيال ۽ ابوالفضل جو حادثو
سندس غير حاضري ۾ ٿيو هو. بهرحال جڏهن مير معصوم
موٽي دارالسلطنت ۾ پهتو، ان وقت اڪبر تقريباً بيوس
۽ لاچار ٿي چڪو هو. جلال الدين محمد اڪبر جو
اگرچه بظاهر جاه جلال ته قائم هو، ليڪن انهيءَ
جلال ۾ اها جان ڪانه هئي ۽ نه اهو جمل موجود هو،
جيڪو انهيءَ شخص جو خاصو هو. شهزادو سليم گرفتار
ٿيو. پنهنجن جي وچ ۾ اچڻ سبب پيءُ پٽ ۾ صلح ٿيو، ۽
آخر ۾ بادشاهه عافيت ۽ مصلحت انهيءَ ۾ ڏٺي ته
پنهنجي جيئري سندس وليعهديءَ جو سرڪاري طرح اعلان
ڪري، سندس خدشن کي دور ڪري. چنانچه هن ائين ڪيو ته
سهي، پر هاڻي بادشاهه جي خود پنهنجي بادشاهت خواه
صحت جو ڏينهن به لڙي چڪو هو، نيوڙيءَ ٽپهريءَ تي
پاڇا اچي چڪا هئا ۽ غروب اکين ٿي ڏٺو.
مير جي آمد جو مذڪور: ٿي سگهي ٿو، ٻيا اسباب به هجن، ليڪن هڪ
سبب اهو به آهي جو دربار ۽ دارالسلطنت جي انهيءَ
صورتحال سبب- جنهن جو سرسري نقشو مٿي بيان ڪيو
ويو- مير واري سفارت جي واپسيءَ جو ذڪر معمولي طرح
ٻن سٽن ۾ ڪيو يو آهي. سال 1013هه جي آخري مهينن ۾
مير ايران کان موٽي آگري پهتو هو، دربار ۾ انهيءَ
زماني ۾ سنڌ جو والي ميرزا غازي ترخان- جنهن لاءِ
باغي ٿي وڃڻ جون رپورٽون پهتل هيون- ابوالقاسم
نمڪين ۽ سعيد خان چغتائيءَ سان گڏجي اچي پهتو هو(1).
مير معصوم اگرچه واپسيءَ تي سنڌ مان ٿيندو آيو
هوندو. ليڪن تفصيل سان وطن جو احوال، ميرزا غازيءَ
يا مير ابوالقاسم نمڪين کان- جيڪو انهيءَ زماني ۾
سيوهڻ جو جاگيردار هو- کيس مليو هوندو.
مير صاحب جي آمد جو ذڪر اڪبر نامه جي تڪمله نويس سال 49 جلوس
(1013هه) ۾ ڪيو آهي، جيڪو 27 شوال 1013هه تي ختم
ٿئي ٿو، جنهن مان ظاهر آهي ته شوال جي مذڪوره
تاريخ کان اڳ، جڏهن ته اڃا 49 سال جلوسي ختم نه
ٿيو هو، مير آگري ۾ پهچي چڪو هو. اڪبر جي سلطنت جو
پنجاهون سال 28 شوال 1013هه(11-مارچ، 1605ع) کان
شروع ٿيو، جنهن ۾ اڪبر اوچتو پيچش ۽ اسهالن جي ڪري
بيمار ٿي پيو، جيڪا بيماري آخر سندس موت جو سبب
بڻي.
آگري جو قيامک اڪبر جي زندگيءَ جا آخري 6-7 مهينا مير معصوم
آگري ۾ ڪيئين گذاريا، بادشاهه ساڻس ڪهڙو سلوڪ ڪيو،
هو آگري ۾ رهيو يا ٻاهر به ڪا ڪڏهن نڪتو، انهيءَ
سلسلي ۾ ڪو به اطلاع ڪو نه آهي. بهرحال اڪبر
انهيءَ پنجاهين سال جي وچ ڌاري اوچتو هڪ صدمي
(2)
سبب اسهالن ۾ مبتلا ٿي تاريخ (14 جمادي الاول
1014هه/17 آڪٽوبر 1605ع)(1)
جو 46 ورهن ۽ 11 مهينن جي ڄمار ۾ رات جي وقت فوت
ٿيو. جهانگير جي ذهني ڪشمڪش ۽ مزاجي بي اعتماديءَ
جي ڪيفيت ختم ٿي. رسم موجب هفتو پيءُ جو سرڪاري
پيماني تي سوڳ ڪري 20 جمادي الثاني 1014هه/ 24
آڪٽوبر 1605ع جو ”نور الدين محمد جهانگير بادشاهه
غازي“ جي نالي سان هندستان جي مغل سلطنت جي چوٿين
بادشاه جي حيثيت ۾ تخت ٿي ويٺو.
مير معصوم جي ڪڍيل تاريخ: مير معصوم تخت نشينيءَ جي وقت موجود
هو ۽ حسب دستور هن نئين بادشاهه جي تخت نشينيءَ جي
تاريخ ڪڍي. جيڪا آگري قلعي جي دهلي دروازي تي ڪتبي
جي صورت ۾ موجود آهي؛
شاهه جهان چون گرفت جاي بتخت شرف
تخت ز رفعت نهاد، بر زسر چرخ پا
دست دعا بر کشاد، پير فلک از نشاط
گفت که: بادا مدام حکم تو فرمان روا
خواست که نامي کند سال جلوسش رقم
بود در آندم لبش پر زثنا (ودعا)
ميل دو چشم حسو ديک الفش کرد و گفت
باد جهان بادشاه شاه جهانگير ما
قايله و راقعه محمد معصوم البکري(2)
اهڙيءَ ريت مير معصوم همايون جي ڏينهن ۾ هن دنيا اندر آيو، اڪبر
جو زمانو سرڪاري ملازمت ۾ گذاري، ٽئن چغتائي
بادشاهه جهانگير جي دؤر ۾ داخل ٿيو.
------
باب ويهون
ڊکر واپسي
جهانگير پيءُ سان بغاوت جي جيڪا روايت قائم ڪئي، سان تخت نشين
ٿيندي شرط کيس به آڏو آئي. پٽس خسرو پنهنجي ڏاڏي
جي زندگيءَ ۾ پنهنجي سهري خان اعظم ڪوڪه ۽ پنهنجي
مامي راجا مانسنگ جي مرضيءَ ۽ منشا مطابق اڪبر کان
پوءِ تخت نشين ٿيڻ جا خواب ڏسي رهيو هو، تنهن پيءُ
کي تخت نشين ٿيندو ڏسي، کلم کلا بغاوت شروع ڪري
ڏني.
جهانگير 20 جمادي الثاني 1014هه (24- آڪٽوبر 1605ع) جو تخت نشين
ٿيو. اڃا تخت نشينيءَ جا روايتي مراسم ختم ٿيا ئي
ڪين هئا، ته 8- ذي الحج 1014هه(6- اپريل 1606ع) جو
خسرو آگري مان فرار ٿي، پنجاب طرف روانو ٿيو. اهڙي
طرح جهانگير جي گهر ۾ گهوٽالو پئجي ويو ۽ سندس
خاص مصاحبن جو سمورو توجهه انهيءَ طرف ٿي ويو،
تنهنڪري تاريخ جو قلم پڻ انهيءَ سلسلي ۾ روان دوان
ٿيو. اهوئي ڪارڻ آهي، جو جهانگير تخت تي ويهڻ بعد
جيڪڏهن مير معصوم جي سلسلي ۾ ڪو حڪم ڪيو ته انهيءَ
جي نوعيت جو ذڪر ڪو نه ٿو ملي، اگرچه ”تزڪ“ ۾ سنڌ
جي ٻن اميرن متعلق هن جيڪي حڪم ڪيا، انهن جو ذڪر
ملي ٿو.
مير ابو القاسم نمڪين، جيڪو اڪبر جي وفات کان اڳ حڪم پٽاندر
ميرزا غازي ترخان کي ٺٽي مان وٺي اچي دربار ۾ پهتو
هو، يا ميرزا عازي جيڪو تخت نشينيءَ وقت موجود هو،
انهن جي لاءِ جهانگير جيڪي ڪجهه حڪم ڪڍيا، انهن جو
مذڪور آيو آهي، ليڪن مير معصوم جيڪو يقيناً سندس
تخت نشينيءَ وقت دارالسلطنت ۾ موجود هو. انهيءَ جي
متعلق جهانگير ڪجهه ڪو نه لکيو آهي. حالانڪه سندس
والد جي قديم ۽ اهم اميرن مان هو ۽ تازو ايران جي
سفارت تان ڪاميابيءَ سان واپس ٿيو هو.
اڪبر نامه جي تڪمله نويس مير نمڪين ۽ ميرزا غازيءَ جي شاهي حضور
۾ بازيابيءَ ۽ انعام ملڻ جو مذڪور آندو آهي(1).
ليڪن مير معصوم جي سلسلي ۾ فقط ايران کان پهچڻ جو
اطلاع درج ڪري خاموش ٿي ويو.
امين الملڪي: مير معصوم کي .امين الملڪ“ جي خطاب سان سڀ کان
پهرين اڪبر پنهنجي خط ۾ ياد ڪيو آهي. جهانگير جي
دؤر ۾ پهريون اطلاع جيسلمير جي ٻن ڪتبن مان ملي
ٿو، جن ۾ کيس انهيءَ خطاب يا عهدي سان ياد ڪيو ويو
آهي. جيسلمير جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي عمارت تي
هيٺيون ڪتبو آهي:
اين تازه بنا چو مير معصوم نهاد
چرخ فلکش ديد و برو تحسين گفت
هنگام بنا چو خلق کردند دعا
از هر طرفي خيل ملک آمين! گفت
چون بود ز سنگ، سال بنيادش عقل
بنياد نمود خانھء سنگين –گفت
نواب سيادت پناه ابوي ام امير محمد معصوم البکري النامي المخاطب
به امين الملک بجهت يادگار اين عمارت بنا فرموده
1014هه.
ساڳئيءَ ئي عمارت تي ٻيو هي ڪتبو آهي؛
نواب سيادت و
نقابت پناه ابوي ام
امير محمد معصوم بکري
المتخلص بالنامي و
امخاطب به امين الملک
اني سر منزل بجهتھ
آسايش خلايق بنا نمود
حرره العبد
مير بزرگ
1014هه
انهن ذريعن بعد پهريون ڪتابي اطلاع ”ذخيرة الخوانين“ جي مصنف
ڏنو آهي، جيڪو بکر جو رهاڪو هو ۽ انهيءَ گهرائي
سان اٿي ويٺي پڻ هيس. ليڪن سندس اطلاع بنيادي طرح
غلط آهي. لکي ٿو؛
”سال 1015 (؟) ۾ هند کان وطن رسيو... عمر جي آخري زماني م
پنهنجي وطن ۾ امين الملڪ تي پهتو“(1).
”ماثر الامرا“ جو ماخذ اهو ڪتاب آهي، تنهنڪري انهيءَ جي منصب پڻ
ساڳيو مطلب دهرايو آهي:
درسن 1015(؟) از درگاه جنت مکاني بعنوان امين الملکي به بکهر
رفته بود“(2)
انهن لکتين ۾ سال غلط ۽ ”امين الملڪ“ ٿيڻ جو زمانو به غلط بيان
ٿيل آهي.
بکر واپسي رمضان 1014هه: مير آگري کان موڪلاڻي ڪري، 1014هه ۾
وطن وريو آهي، ۽ ورندي هو واٽ تي ٻه ڪتبا هڻي،
واپسيءَ جي مسئلي کي صاف ڪيو آيو آهي. هڪ ڪتبو
جيپور ۾ ”نرانه تلاعه“ جي وڏي ترپو ليه دروازي تي
لڳل آهي، جنهن جي عبارت آهي؛
چند بخسپي تو، درين خوابگاه
خيز که بسير دراز است راه
قايله و راقمھ محمد معصوم البکري النامي 1014هه
ٻئي ڪتبي مان واپسيءَ جو مهينو پڻ خوش قسمتيءَ سان معلوم ٿئي
ٿو، جيڪو آگري ۽ فتح پور جي وچ ۾ مدهاڪر ڳوٺ جي هڪ
مسجد تي آهي، جيڪا سليمه سلطانه جي باغ ۽ مدفن گاه
۾ آهي. انهيءَ مسجد تي ٻه متصل ڪتبا لڳل ڀانئجن
ٿا. پهريون ايران وڃڻ واري سال جو آهي:
”بند گان حضرت ظل الٰهي بعد از فته دکن بنده را از آگره به جانب
عراق و خراسان سنه 1010 هه مرخص فرمودند. حرره
محمد معصوم بکري بن سيد صفائي المتخلص به نامي“.
هي ٻيو ڪتبو آهي، جيڪو مٿئين سان گڏ لڳل آهي:
”من معدن الاقکار
بختئي عمر ست چنان راهوار کش نتوان باز کشيدن مهار
نامي ازين ره دلت آگاه به ساز به اندازه ازين راه
به
قايله و کاتبه محمد معصوم النامي والبکري
تحرير في شهر رمضان 1014هه“(1)
انهيءَ ڪتبي مان ظاهر ٿئي ٿو ته مير معصوم جهانگير جي تخت
نشينيءَ (جمادي الثاني 1014هه) کان ٻه مهينا پوءِ
پنهنجي وطن وريو. تخت نشينيءَ جي موقعي تي موجود
هو. ليڪن ڪنهن به انعام اڪرام، منصب يا تقرر جو
جهانگير يا ٻئي مورخ ذڪر ڪو نه ڪيو آهي.
مير صاحب ڪم وبيش 70-71 سالن جي ويجهو اچي چڪو هو. اڪبر
بادشاهه، جنهن جي دور ۾ هن اميري ماڻي ۽ جواني
گذاري، سو لاڏاڻو ڪري چڪو، هاڻي نئون بادشاهه ۽
نئون زمانو هو، پاڻ مير صاحب به ٻاهر رهي ملازمت
ڪرڻ جهڙو ڪو نه هو، تنهنڪري جهانگير جي تخت
نشينيءَ بعد ٻه مهينا کن دار السلطنت ۾ رهيو ان
کان پوءِ رمضان ۾ روانو ٿي واٽ تي يادگاري ڪتبا
هڻندو سوانح نگارن لاءِ آساني ڪندو بکر هليو آيو،
جيئن حياتيءَ جا باقي ڏينهن آرام ۽ آسايش سان
پنهنجي وطن ۽ پنهنجي مائٽن ۽ دوستن جي وچ ۾ بسر
ڪري حياتيءَ جا باقي ڏينهن پورا ڪري.
------
ڊاڪٽر
عبدالله چغتائيءَ جي نقل تان ورتل، ۽
آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا، 72-1871ع. ص ص
115-112.
|