جيپور نرانه ڪلان
جيپور ۾ نرانه
Naraina
تلاءَ مٿان مير معصوم جو هي ڪتبو آهي:
چند بخسپي تو درين خوابگاه
خيز که بس دور دراز ست راه
(2) قايله و راقمه محمد معصوم البکري النامي 1014 هه(2).
هن سان گڏ 1010هه جو به ڪتبو ساڳئي هنڌ هو، جيڪو پوءِ جيپور
ميوزم ۾ رکيو ويو.
* * *
ديرو غازي خان
هيءُ ڪتبو مير بزرگ جو آهي ۽ تاريخي اهميت رکي ٿو. مير بزرگ
مرزا غازي ترخان سان گڏ قنڌار طرف سرڪاري عهدي تي
مقرر ٿي ويو هو. هن ڪتبي مان سندس روانگيءَ جو
سال، تاريخ ۽ وڃڻ جو رستو معلوم ٿئي ٿو. دريافت
ٿيل ڪتبن ۾ انهيءَ خاندان جو هيءُ آخري ڪتبو آهي.
مير معصوم 6- تاريخ ذي الحج (جمعي) 1014هه جو
انتقال ڪيو ۽ مير بزرگ ڄڻ هڪ سال بعد 17 رمضان
1015هه جو قنڌار ويندي، اتان لنگهيو. اهو قنڌار
وڃڻ جو پراڻو رستو آهي، جيڪو ديري غازي خان جي
لغاري تحصيل يار کان (متصيل پشين روڊ) کان لنگهي
ٿو.
بتاريخ هفدهم ماه رمضان 1015هه بحکم بندگان حضرت نورالدين محمد
جهانگير پادشاه غازي بکمک قنڌهار تعين شده بود،
ازين منزل عبور نموده، مير بزرگ ابن نواب مرحومي
مير محمد معصوم بکري المتخلص نامي(1).
هن ڪتبي ۾ ”مرحومي“ لکي والد جي وفات وارو مسئلو مير بزرگ صاف
ڪري ڇڏيو آهي.
مير بزرگ وڏو عرصو قنڌار ۾ رهيو، پيءُ جي تربيت ڪري
منجهس ڪتبن هڻڻ ۽ يادگارن ٺهرائڻ جي عادت هئي.
قنڌار طرف، ظاهر آهي ته هن ڪيئي ڪتبا هنيا هوندا،
جن مان ڪن جي نشاندهي پروفيسر عبدالحي حبيبي صاحب
پنهنجي ”ڪتاب تاريخ افغانستان در عصر گرگاني“ ۾
ڪئي آهي. افسوس آهي، جو ڪتبن جو متن ڪونه ڏنو ويو
آهي.
مزار سيد عبدالجليل شاه مقصود بن سلطان خليل بن سلطان محمد
(متوفي 854هه) جي مزار تي مير بزرگ ڪيئي ڪتبا هنيا
آهن. مزار جي عمارت به مير بزرگ ٺهرائي، جنهن تي
پوءِ (1055هه) شاهه صفي صفويءَ پڻ ڪتبا هنيا ۽
مرمت ڪرائي.
ڪوهه شوراب تي مير ان وقت ڪتبو هنيو، جڏهن سندس والد ايران وڃي
رهيو هو. اهوڪتبو فره جي رستي تي دلارام جي حد
اندر ڪوهه شوراب تي آهي، اهو رستو قنڌار کان هرات
ڏانهن وڃي ٿو. مير بزرگ 1012هه ۾ عمارت يادگار
ٺهرائي ۽ ڪتبو هنيو(1).
اضافا
تاريخ سنڌ مير معصوم
تاريخ سنڌ جي انگريزي ترجمي جو ذڪر ص. 326 تي ڪيو ويو آهي. مسٽر
ميلٽ جي ترجمي کان علاوه بعض مصنفن انهيءَ ڪتاب جا
اقتباس انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري آنداآهن، جيڪي هن
ريت آهن ؛
ايليٽ، تاريخ هند جي پهرئين جلد ۾ ص. 215 کان 252 تائين اقتباس
ڏنو آهي.
قليچ بيگ، تاريخ سنڌ ڪراچي 1902ع جي پهرئين جلد ۾ عربن جي فتح
کان ڪلهوڙن جي شروعات جي دوءر ۾ ان جي تلخيص ڏني
آهي.
ڊاڪٽر محمود الحسن صديقي؛ ارغونن ۽ ترخانن جي
تاريخ (History of the Arghuns and Tarkhans of Sindh)
جي نالي ارغونن ۽ ترخانن جي دوءر جو ترجمو نهايت
تحقيق ۽ مفيد حاشين سان انگريزيءَ ۾ ڪيو آهي. جيڪي
مير معصوم کان هيٺ مٿانيون رهجي ويون آهن. انهن
سڀني جو نهايت تحقيق سان ازلو ڪيو ويو آهي.
ڪتاب سنڌ الاجيءَ طرفان 1972ع ۾ ڇاپيو ويو آهي.
ڊاڪٽر صديقيءَ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڇاپي متن ۾
جيڪي غلطيون رهجي ويون آهن، تن سڀني جي به ٻين
نسخن کي سامهون رکي تصحيح ڪري، اهم ڪم پورو ڪيو
آهي.
پراڻي سکر ۾ معصومين جو قبرستان
معصومي ساداتن جو نئين سکر جي مناري واري قبرستان کان سواءِ
پراڻي سکر ۾ سندن محلي جي پٺيان اوڀر ۾ پڻ هڪ
قبرستان آهي، جيڪو پراڻي ناري يعني سکر واهه جي ڀر
تي آهي، جنهن تي بيگاري بند پڻ آهي. ٻه قبرون
پڪيون ۽ خاص آهن:
(1) مير بزرگ ثانيءَ جي پڪين سرن سان ٺهيل آهي.
(2) بيبي دردانه جي آهي. انهيءَ بيبيءَ جو تفصيل معلوم نه ٿي
سگهيو.
مير معصوم جو گهر
سيد قوت علي شاهه صاحب جي روايت آهي ته سندس ڀاءُ محمد علي شاهه
جي جاءِ مير معصوم جي حويليءَ واريءَ سر زمين تي
آهي ۽ جاءِ جو مرداڻو حصو اتي هو، جتي هاڻي قوت
علي شاهه جي پنهنجي اوطاق آهي.
سيد صفائيءَ جي مسجد به انهيءَ ايراضيءَ ۾ آهي، جنهن مان انهيءَ
خيال جي تائيد ٿئي ٿي ته مير صفائي ۽ مير معصوم
جون جايون واقعي انهيءَ زمين ۽ جاءِ تي هيون.
درٻيلو ۽ مير معصوم
مير کي در ٻيلي ۾ جاگير هئي، جيڪا 1063 هه تائين اتهن سندس نالي
مشهور رهي آهي. ڪتاب تفسير واحدي راقم الحروف
محڪمهء اسناد قديمه لاءِ (5-6-1972ع) خريد ڪيو،
جنهن تي هيءَ عبارت ثبت آهي؛
”هذه النسخته الشريفته الکريمته المسمي تفسير لامام الهمام
الواحدي تغمده الله برحمته ، بعون الله و حسن
التوفيق، تم وقت الضحي من يوم الثلثاء و اثنا و
عشرون من شهر المحرم .
کاتبه و مالکه فقير قسم بن حسن بن صدرالدين عرف تميم ساکن
کندياره مسکن بدربيله.
و قد کتبته لاء جلي ولنفع غيري. تم هذا في عهد سيد معصوم بکري و
تم في بلدت البمار کته التي سعدت العلماء و صلحاء
المسمي بدر بيله .
بتاريخ 1 صفر 1063 هه |
داخل کتبخانه شد. |
ملاحظه:
العبارت المذکورت نقلت کماهي کتبت
علي النسخته الخطيت التفسير الواحدي.
ماخذ
هيٺين ڪتابن کان سواءِ ڪيترن ڪتابن جا نال ۽ حوالا ڪتاب ۾ اندر
ڏنا ويا آهن جن جو هن فهرست ۾ داخلا ٿيل نه آهي:
اقبال نامه جهانگيري: معتمد خان. نولڪشور
اڪبر نامه (جلد ٽيون): ابوالفضل، ڪلڪتو
احسن السير تاريخ اجمير: اجمير
انتخاب نادره: منشي ديبي پرشاد، لکنو 1917ع
آثار ايران: 1937ع
اورينٽل ڪاليج مئگزين: مقاله مولوي محمد شفيع، لاهور.
آگسٽ 1937ع
الوحيد ”سنڌ آزاد نمبر“: ڪراچي 1936ع
آثار اڪبري (يعني تاريخ فتحپور سيڪري): محمد سعيد ماهروي.
آگرو 1915ع/1324هه
احسن التواريخ (1 ۽2) حسن روملو
بڙودو 1957ع
(10) برهانپور ڪي سندهي اولياء: راشد برهانپوري.
سنڌي ادبي بورڊ 1957ع
(11) تاريخ سنڌ معصومي: ڊاڪٽر دائود پوٽو، بمبئي 1938ع
ڊاڪٽر دائود پوٽو، بمبئي 1938ع
(12) تاريخ سنڌ معصومي (سنڌي ترجمو)
مخدوم امير احمد. سنڌي ادبي بورڊ 1959ع
(13) تاريخ هند جلد 1:
ايليٽ ، لنڊن
(14) تاريخ گجرات:
برڊسن، نولڪشور
(15) تحفت الڪرام: قانع، ڇاپ قديم
(16) تحفته الڪرام: حصو اول از جلد سوم: حسام الدين راشدي.
سنڌي ادبي بورڊ 1971ع
(17) تذڪره الشعراء جهانگير (مطربي سمرقندي ) مرزا يوف.
ڪراچي 1976ع
(18) تزڪ جهانگير ي: نولڪشور
(19) تذڪره علماء هند: رحمان علي، لکنو
(20) تاريخ افغانستان در عصر گورگاني: عبدالحي حبيبي .
ڪابل 1341هه
(21) حيات معصوم: پير علي محمد راشدي، سکر 1932ع
(22) ديوان نامي مخطوطه: منسوب به مير محمد معصوم،
بخط پير علي محمد راشدي
(23) ذخيرت الخوانين جلد 1 ۽2: شيخ فريد بکري.
ڪراچي 1961ع
(24) رساله ”هنر و مردم“ نمبر 169 -170: مقاله علي اڪبر ،
جعفري ، تهران
(25) رساله ”پارس“ مقاله گلچين معاني، ڪراچي
(26) روز روشن: مظفر حسين صبا، ڀوپال 1297 هه
(27) رياض الشعرا: واله داغستاني، خطي
(28) رساله تاريخ حيدرآباد دکن: شمس الله قادري، مقاله
مير معصوم، جنوري 1929ع
(29) رساله ”معارف“ اعظم ڳڙهه آگسٽ 1930ع ۽ مارچ 1931ع
(30) رساله ”تنوير“ ڪراچي: افسر امروهوي، مئي 1937ع
(31) رساله ”اردو“ ڪراچي: جنوري 1968ع
(32) سرگذشت خط نستعليق: عبدالله چغتائي، لاهور 1970ع
(33) سنڌ جا ستارا: مرزا قليچ بيگ ، حيدرآباد
(34) ”ستارهء سنڌ“ روزانه جو ”بهار نمبر“: حسام الدين راشدي،
سکر
(35) شمع انجمن: صديقي حسن خان، ڀوپال
(36) صناديد سنڌ: مولوي محمد شفيع ، لاهور 1971 ع
(37) طبقاب اڪبري (جلد 2 ۽ 3)
(38) ظفر الواله (عربي)
(39) عالم آرائي عباسي (جلد 3): اسڪندر بيگ منشي، تهران
(40) گنجينه اصفهان: ڊاڪٽر لطف الله هنرفر
(41) مڪلي نامه قانع: حسام الدين سنڌي ادبي بورڊ 1967ع
(42) مظهر شاهجهاني، يوسف ميرڪ: حسام الدين ، سنڌي ادبي بورڊ
1962ع
(43) مقالات الشعراء قانع: حسام الدين سنڌي ادبي بورڊ 1957ع
(44) مرزا غازي بيگ اور اس کي بزم ادب، حسام الدين راشدي، ڪراچي
1970ع
(45) مير معصوم نامي: مقاله عبدالحي حبيبي ، آريانا، ڪابل ،
ش 6 س 4
(46) مجمع التواريخ: مرزا خليل مرعشي، تهران 1328 هه
(47) منتخت التواريخ (ج،3): ملا عبدالقادر بدايوني، ڪلڪتو
(48) ماثر رحيمي ج،3: عبدالباقي نهاوندي، ڪلڪتو
(49) ماثر الامرء ج 1-2-3: شاهنواز خان، ڪلڪتو
(50) ميخانه عبدالنبي فخر الزماني گلچين معاني، تهران
(51) مفتاح التواريخ: بيل
(52) مرات سڪندري، سڪندر ابن منجهو، بڙودو 1961ع
(53) مرات احمدي 1-2-3 ۽ ضميمو: بڙودو 1927ع، 1928ع،
1930ع
(54) مير معصوم شاهه: مقاله اقبال حامد، ”جنگ“ 16-9-1961ع
(55) نقش پارس بر احجار هند: علي اصغر حڪمت، تهران 1337 هه
(56) نگارستان سخن: سيد نوالحسن، ڀوپال
(57) نتائج الافڪار : قدرت الله گوپاموي، مدراس
(58) نوٽبڪ پير علي محمد راشدي
(59) نوٽبڪ حسام الدين راشدي
(60) نوٽبڪ ڊاڪٽر دائود پوٽو
(61) هفت آسمان: سيد احمد علي، ڪلڪتو
خطي تذڪرا
(1) خلاصه الاشعار و زبدت الافڪار تقي ڪاشي، نسخه مانچسٽر و
جرمني
(2) مخزن الغرائب سنديلوي پنجاب يونيورسٽي
(3) نشتر عشق ذخيرهء آزاد، پنجاب
(4) انيس العاشقين زخمي ، پنجاب
(5) گل رعنا شفيق ، پنجاب
(6) تاريخ مظفري، انجمن
(7) مجمع النفائس آرزو، قومي عجائب گهر ، ڪراچي
يدبيضا، غلام علي آزاد
انگريزي ڪتاب
Bibliography
Antiquities of Sindh, H. Cousens, Cal: 1925.
Agra, S. M. Latif, Cal: 1869.
Agra, A.C.L.Carllyle, Cal: 1924.
Akbar, V. A. Smith, Indian Reprint, 1958.
Ain-e-Akbari, Abulfazal:H,
Blochmann, Cal: 1927.
Abdur Rahim Khan –i- Khanam and his literary Circle, D.
Chhotubhai Naik,
Ahmadabad
1966.
An Inscription of Mir Masum in Alor (I-II) Hamid Ali, Daily
“Dawn”
3-8-69,10-8-69.
Bulletin of the Deccan College Research Institute, Vol II,
No: 1-2 (Nagur – A forgotten Kingdom by A.
Chagtai)
Epigraphia Indo Muslemica 1907-08, 1909-10, 1921-22, 1923-24,
1925-26, 1927-28, 1929-30, 1935-36, 1939-40,
1949-50, 1954.
Extract from Report of J.H., Marshal, Archeological
Buildings, Published by C.R. Judd, Bharatpur, (Bayana),
1907.
Fatahpur Sikri Parts I-II-III, E. W. Smith,
Allahabad, 1897.
Gazzetteer of Sindh, Hughes.
Gazzetteer of
India, Vol
5-8-13, Hunter.
History of Jahangir, Beniparshad,
Allahabad, 1940.
Indo- Persian Relations, Riazul Islam,
Tehran, 1970.
Indian Archaeology 1960-61, Ed. A. ghosh.
Journal of the A. S. of
Bengal, Vol 38, 1869, PP. 106-144, (Badaoni and
His Works, H. Blochmann)
Journal of R. A.S London, Oct 1898, PP. 798-808 (The
geography of the Kandhar Inscription, J. Beames)
Journal
Pakistan Historical Society, July 1966. (Tarikh
Musaumi data of compilation, Dr: M.H. Siddiqui).
Journal Asiatique, Vol xv, Feb-Mar: 1890, PP. 195-230
(Inscription of Kandhar, M.J. Darmester).
Journal o f the R.A.S Bengal,
Calcutta, 1947, P. 209, (Persian Inscriptions
from
Agra,
Fatahpur Sikri, by H. Blochmann).
Journal of the
Pakistan Historical Society, July 1978, (ASeventeenth
Century Account of Sindh, Dr: Riazul Islam).
Nagpur Museum Bulletin, Vol. 1, No. 1, Nagpur
1920.
Religious and Intellectual History of the Muslims in Akbar’s
Reign, S.A.A. Rizvi, New Dehli 1975.
Reports regarding the Archaeological Remains in the
Karachi, Hyderabad and Shikarpur Collectorates
in Sindh,
Bombay
1878.
Reports Archaeological Survey of
India, 1871-72.
Reports Archaeological Survey of India, 1903-04, cal 1906, (Agra
fort and its Buildings).
The Deccan Policy of the Mughals, Yar Mohd,
Lahore 1971.
The Evolution of gardens and Orchards in
Iran and Sindh, The Char Bagh, Dr. Ansar Zahid.
-----
انتخاب نادره
–
رساله تاريخ
|