تقي ڪاشيءَ پنهنجي ذاتي ملاقات جو تاثر هنن لفظن ۾ بيان ڪيو
آهي:
”چون بدار المومنين کاشان رسيد، مسود اين اوراق را شرف ملاقات
آنحضرت دست داد، و صحبت کيميا اثر آن مهبط فيوضات
رباني افتاد. ملکي ديدم بصورت شخصي مصور و عالمي
در تحت همت ذاتي مسخر.“
سندس ڳالهه ٻولهه، گفتگو ۽ صحبت جي انداز جو جيڪو نقشو چٽيو ويو
آهي، تنهن جو ترجمي جي ذريعي تاثر قائم رکڻ مشڪل
آهي. صحيح روح انهن ئي لفظن ۾ موجود آهي، جيڪي
مصنف لکيا آهن. چوي ٿو:
”محاورتي چون آب روان روح افزاي، و لطف طبعي چون جوهر روح
غمزادي. فصاحت شاعري و صنعت نکته وري باهم جمع
کرده، و لطف و حلم و شفقت و مرحمت، باوقار و تمکين
و جلال و کمال بريک بساط جاي داده. نظمش عذب تر از
ماءِ معين، و نثرش لطيف تر از گل نسرين، طلاقت
وجهه و حلاوت لسان از آباي کرام عظام و اولياي ذوي
الاحترام ميرث يا فته. و حسن محاورت و اظهار
مصادقت و طيب مشاعرت و لطف معاشرت، بواسطهء قرب
سلاطين و آداب خدمت ايشان بواجبي دانسته....“
آخر ۾ لکي ٿو ته: القاصر السنه الاقلام عن تعداد اوصافه موجب
قلم ۽ زبان ٻيئي قاصر آهن ته هن بزرگ شخصيت جون
وصفون پوريءَ ريت بيان ڪري سگهجن، تنهنڪري مجبور
ٿي، پنهنجي قلم کي ٻين مسئلن ۽ معاملن ڏانهن موڙيو
وڃي ٿو، جيڪي ايران جي سفر دوران پيش آيا.
ميرڪ يوسف جو تاثر: مٿي انهن چئن مصنفن جون عبارتون ۽ تاثرات
ڏنا ويا، جن مير کي ڏٺو. انهيءَ کان پوءِ آهن قريب
العهد سوانح نگار، جن ۾ پهريون مير ابوالقاسم
نمڪين جو پٽ ۽ ”مظهر شاهجهانيءَ“ جو مصنف ميرڪ
يوسف، جنهن پنهنجو ڪتاب مير جي وفات کان ٽيهارو
سال پوءِ (1044هه ۾) لکيو، جڏهن ته اهي ماڻهو اڃان
جيئرا هئا، جن مير کي وٺو، ۽ مصنف جو پنهنجو ڀاءُ
ابوالبقا امير خان يا خاندان جا ٻيا فرد، جن جو هم
شهري هجڻ سبب، مير جي خاندان سان رستو هو، موجود
هئا. ازان سواءِ مير جي شخصيت ۽ سلوڪ جي چؤپچؤ به
اڃا عام هلي رهي هئي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ پنهنجي
موضوع تي بحث ڪندي، مير لاءِ جيڪي چار اکر لکيا
آهن، سي سندس شخصيت جي پوري عڪاسي ڪن ٿا. زمينات
جي سڌاري ۽ ڪڙمين خواهه رعيت سان سلوڪ جي فائدن کي
بيان ڪندي، ۽ مير جي جاگير جو ذڪر ڪندي، ميرڪ لکي
ٿو ته:
”و او اين هر دو پر گنه (ڪاڪڙي ۽ درٻيلو) را در آباداني و
معموري بمرتبه رسانيده بود. و بيان خوش سلوکي وي
بمردم رعيت و دينداري او، گنجايش اين رساله ندارد،
بناعه بر آن اقتصار در اظهار عمل او کرد“.(1)
شيخ فريد بکريءَ جو قول: ٻيو سوانح نگار آهي مير معصوم جو هم
وطن ۽ سندس خاندان سان رابطو رکندڙ شيخ فريد بکري،
جنهن پنهنجي تذڪري ”ذخيرت الخوانين“ ۾ مير جو
احوال، خانداني رابطي ۽ اکين ڏٺين روايتن ۽ معتبر
مانهن جي ٻڌايل ڳالهين تي مدار رکي، مير جي وفات
کان تقريباً ستيتاليهه سال پوءِ (1061هه ۾) لکيو
آهي. هن مير جا جيڪي اوصاف بيان ڪيا آهن، انهن جو
ماحصل هن ريت آهي:
* هم شهرين جي شاديءَ غميءَ ۾ پاڻ پنهنجي سر ۽ سندس گهر جا ڀاتي
پيرين پنڌ وڃي به شريڪ ٿيندا هئا.
* پنڌ هلي وڃڻ، يا غريب غربي سان ڏک سک ۾ شريڪ
ٿيڻ، عيب يا عار نه سمجهندو هو.
* وطن کان جيترو وقت ٻاهر رهيو، اتان آئي وئي هٿ سڀني واقف
ڪارن، عزيزن، ۽ غريب مسڪينن ڏانهن سوکڙيون ۽ خط پٽ
موڪليندو هو، حال سارو هر ڪنهن جي خبر چار رکندو
هو.
* هندوستان مان انهن مسڪينن ڏانهن به نالي وار ڪجهه نه ڪجهه
موڪليندو هو، جيڪي ساڻس شڪار ۾ گڏ رهندا هئا.
* شهر ۾ سڀني ننڍن وڏن، غريبن ۽ بيواهن، عزيزن ۽ حقدارن کي
ساليانو، فصلاڻو، ماهيانو، روزينو جيڪو هن مقرر
ڪيو هو پهچائيندو هو.
* نماز، روزي ۽ تهجد کي ڪڏهن قضا نه ڪيائين، نهايت پرهيزگاريءَ
۽ وقت جي پابنديءَ سان پنهنجي حياتي بسر ڪيائين.
* سخاوت ۾ لاثاني هو (سخاوت به افراط مينمود)(1).
پويان تذڪره نگار: صاحب ذخيرت الخوانين جو تتبع ڪندڙ آهي.
”ماثرالامرا“ جو مصنف شاهنواز خان، جنهن مير جو
احوال شيخ فريد بکريءَ تان وٺي، لفظن جي هير ڦير
سان، پنهنجي ڪتاب ۾ آندو آهي. مفهوم ساڳيو، عبارت
۾ لفظن جي ٿوري گهڻي هن طرح ڦير گهير:
”زهد و تقوي بکمال داشت و همت و سخاوت را بجائي رسانيد که بمرد
اجلاف بکهر سوغات از هندستان ميفرستاد، به اکابر و
اصاغر ساليانه“ مشاهره و ماهيانه فصلانه و جمعگي
مقرر کرده بود“(2).
مغلن جي دور ۾، سندس پيدا ڪيل سماجي رواج مطابق، ذاتي عزيز يا
امير ته قابل ذڪر هئا، پر غريب غربي، ڪڙميءَ يا
راڄ ڀاڳ سان اٿڻ ويهڻ جو سلوڪ ڪرڻ يا شاديءَ غميءَ
۾ پير کڻن تعجب انگيز ڳالهه هئي. مير، مغل
سوسائٽيءَ غريب طبقي سان انس ۽ رغبت جو مظاهرو ڪيو
ته سڀني لاءِ حيرت جو سبب ٿي پيو. ۽ تاريخ انهيءَ
واقعي کي عجوبو سمجهي، ضبط ڪيو.
پوين تذڪره نگارن جا ماخذ اهي مٿي ذڪر ڪيل ڪتاب آهن. تنهنڪري
لفظي ڦير گهير سان سڀني ساڳئي مطلب کي دهرايو آهي.
مير جون ڪي اوڻايون: انهن مٿي بيان ڪيل سڀني خوبين ۽ مزاج جي
انهيءَ شاهانه طور طريقي سان گڏوگڏ آخر ته انسان
هو ڪي ڪمزوريون به ضرور هجڻ گهرجن. جيڪي منجهس
موجود هيون جن جو ذڪر سندس هم شهري تذڪري نگار شيخ
فريد بکريءَ ڪيو آهي. مثلاً؛ لکيو اٿائين ته، جڏهن
مير موٽي ڳوٽ آيو، ان وقت هن پاڙيسرين جي جاين تي
قبضو ڪري پنهنجي جاين کي وڌايو ۽ انهن کي ڏکوئي
رکيو.(1)
مير، ”امين الملڪ“ ٿي، جڏهن وطن موٽيو، ته فقط ٻه مهينا کن مس
جيئرو رهيو. وسهڻ ۾ نٿو اچي ته انهن ٻن مهينن ۾
کيس ايتري فرصت ڪٿان ملي ويئي جو مٿاڇرا ڪم ڪاريون
سهيڙي، هڪ جائيتو ٿي ويٺو، ۽ پاڙيسرين جي جاين تي
قبضو ڪري، پنهنجي جاءِ کي وڌائي، آزار جو سبب
بڻيو. مير ويهن بيگن ۾ پنهنجي حويليءَ وٽ باغ
بارابر ٺهرايو هو. ليڪن اهو واقعو 999هه کان
1003هه جو هجڻ گهرجي. مير جي ته سموري زندگي سفر ۾
۽ وطن کان ٻاهر گذري، مجموعي طرح وچ واري آمدورفت
۾ ڪي ٻه ٽي سال بکر ۾ مس کيس رهڻ نصيب ٿيا هوندا.
ٿي سگهي ٿو ته مير ضرورت پٽاندر پاڙي واري کان جاءِ ورتي، دستور
موجب پاڙيسري پنهنجا اباڻا وٿاڻ ڇڏڻ لاءِ تيار نه
هو ۽ مير جي شخصيت ۾ مرتبي کان مرعوب ٿي هو لاچار
ٿيو هجي. ليڪن اهو هرگز قبول نٿو ڪري سگهجي ته مير
بنان حقيقي قيمت ڏيڻ جي اها جاءِ وٺي ، حقدار کي
ناراض ڪيو هوندو.
ذخيري جي مصنف اهو به لکيو آهي ته اهو حسن سلوڪ جيڪو مير کي
پنهنجي ڳوٺ وران سان هو. سو آخري عمر قائم رکي نه
سگهيو، انهيءَ ساز سلوڪ ۾ فتور اچي ويو ۽ سندس
مزاج بدلجي ويو.(1)
ذخيرت الخوانين ۾ مير جون ٻيون به ٻه ٽي ڪمزوريون
بيان ٿيل آهن . مثلاً:
چغل دوست ۽ ڪنن جو ڪچو هو. چغلخورن کي پسند ڪندو هو ۽ انهن جي
چوڻ تي هلندو هو.
دشمنيءَ ۾ سخت هو. گويا جنهن سان عداوت ٿيس ته ان ۾ شدت جي
انتها ڪري ڇڏيندو هو(2).
ممڪن آهي ڪن خاص سببن ڪري ڪي اهڙا واقعا ٿيا هجن يا شيخ فريد
بکريءَ اهي ڳالهيون انهن ماڻهن جي واتان ٻڌي لکيون
هجن، جيڪي ڪنهن خاص واقعي يا سبب ڪري متاثر ٿيل
هجن. بهرحال مير آخر انسان هو. فرشتو ڪونه هو، جو
همه صفت موصوف هجي ۽ همه وقت هڪ ڪرو هجي.
انسان هڪ برج تي ڪونه ٿو رهي سگهي، نيٺ ته ڪي
اوڻائيون به انسان ٿينديون آهن.
دوستيءَ ۽ دشمنيءَ ۾ انتها پسندي سنڌي معاشري جي خاص صفت آهي،
تنهنڪري مير جيڪڏهن ”شديد العداوت“ هو، ته ساڳئي
وقت دوستيءَ ۽ فروتنيءَ ۾ به بي مثل هو. چغل خورن
جو وجود امارت جو لازمو ٿئي ٿو. اميراڻي معاشري ۾
چغلي چواتي، سازش ۽ هڪٻئي مٿان ”هڻ کڻ“ ڪا غير
معمولي ڳالهه ڪانه آهي. تاريخ انهن واقعن سان ڀري
پيئي آهي. مير به انهيءَ حلقي جو هڪ فرد هو.
تنهنڪري سؤ فيصدي سندس سون هجڻ نيٺ به ته غير طبعي
هو. بهر صورت اهي ٻيئي ڪوتاهيون به منجهس نه هجن
ها، ته بهتر ليڪن اهي اهڙيون نه آهن، جن جو داغ
سندس اخلاق تي نمايان ٿي بيهي.
شڪار جو خفت: مير جيتوڻيڪ طبعي طرح فقير منش ۽ درويش صفت انسان
هو، ليڪن ملازمت ۽ طبقاتي لحاظ کي نظر ۾ رکندي،
سندس بود و باش اميراڻي ۽ ڏيک ويک شاهاڻو هو.
يادگار قائم ڪرڻ، عمارتون جوڙائڻ ۽ خير خيرات،
سخاوت ۽ اڙئي موڙهي جي مدد ڪرڻ سندس فطري وتيرو هو
۽ انهيءَ شخصي شوق ۽ رجحان ۾ شڪار جو خفت به شامل
هو. شڪار سندس ڪمزوري هئي، ابتدائي زندگيءَ ۾ به
ميلن جا ميل شڪار پٺيان هليو ۽ سرڪاري ملازمت
دوران به شڪار جو شوق ڪونه ڇڏيائين.
هن پنهنجي جاگير اندر خاص شڪار گاهه ٺهرايا هئا، جتي ڪڙمين ۽
ڪمدارن کي نگهبانيءَ ۽ رکواليءَ جي خاص هدايت ۽
تاڪيد هو. ذخيرت الخوانين جي مصنف لکيو آهي ته
اگرچ زراعت جي وڌائڻ جو کيس گهڻي ۾ گهڻو اونو هو ۽
پنهنجي جاگير ۾ پيل زمين جو هن ٽڪر به نه ڇڏيو،
تاهم سندس حڪم هو ته ڪي جهنگ جا ٽڪر شاڪار لاءِ
بچايا وڃن(1).
شڪار ۾ جيڪي ڇيڙا هلندا هئس. انهن سان هميشه دلبري
رکيائين. هندوستان مان به نالي وار هر هڪ جو احوال
پڇندو رهيو ۽ ڏاهن سوکڙيون پاکڙيون به موڪليندو
رهيو(2).
ماثر الامرا جو ماخذ ذخيرت الخوانين آهي، ليڪن لفظن جي بدل هن
طرح ڪئي ويئي آهي: ”... چون بشکار نهايت مولع بود
اکثر اوتاتش بتصيد ميگذشت....“(1).
مظهر شاهجهانيءَ جو مصنف ميرڪ يوسف، ڪاڪڙي ۽
درٻيلي جي جاگيرن جو ذڪر ڪندي، مير جي شڪاري خفت
جو ذڪر ڪيو آهي. لکي ٿو؛ ” مير معصوم گز ۽ ڪمان
سان شڪار ڪندو هو. انهن ٻنهي پرڳڻن ۾ سندس شڪار
گاهه هئا، ليڪن آباديءَ سبب انهن مان شڪار ختم ٿي
ويو. تنهنڪري شڪار لاءِ کيس پنهنجي حد کان ٻاهر
وڃڻو پوندو هو“(2).
پوکي راهي ۽ زرعي اصلاحات؛ مير صاحب جي زندگي از اول تا آخر
منظم ۽ بامقصد رهي، سندس هر ڪم تعميي ۽ سليقي سان
ٿيندو هو. عمل ۾ سندس ويساهه هو، حياتيءَ جي هر
گهڙي هن بامقصد گذاري. جنهن ڪم ۾ هٿ وڌائين يا
توجهه ڏنائين. انهيءَ کي نهايت نئين انداز ۾ توڙ
پهچائي، وڃي مٿي چڙهندو هو. شرافت، ايمانداري،
ديانت ۽ حقدارن جو حق سڃاڻڻ سندس زندگيءَ جا مکيه
اصول هئا. اميراڻو ٺٺ ٺانگر برابر رکيائين، پر
اميراڻي لايعني شوقن ۾ ڪڏهن ڪونه پيو. آخر تائين،
حياتي هلندي چلندي ۽ ڪم ڪندي بسر ڪيائين. رفا هي
ڪم هن ڪيا. مسجدون، مسافرخانا، کوهه ۽ پليون سندس
هڙان ٺهيون. علامن، اديبن ۽ چڱن ماڻهن جي سرپرستي
ٿي، سکر ۽ بکر جي لواحقين جو خيال ۽ تدارڪ ڪندو
رهيو، خير خيراتون ڪرڻ سندس شعار هو، لکڻ پڙهڻ سان
شوق، شعر و سخن جو ذوق، حڪمت جو ڄاڻو، ڪتبا معه
تاريخ ۽ تاريخي عبارت ۽ عبرت ڏيندڙ شعرن سان
اڪيري، ضروري جاين ۽ دڳن سيرن تي هڻائڻ، تاريخ سان
ذوق، سنڌ جي تاريخ تي سدا حيات ڪتاب لکي ڇڏي وڃڻ
غرض ايڏو جامع صفات ۽ صاحب ڪمالات مغل امير ٻيو
ڪونه پيدا ٿيو.
سندس عملي ۽ انتظامي صلاحيت ۽ انصاف پسنديءَ جو وڏي ۾ وڏو مثال
سندس پوکيءَ راهيءَ واري شغل مان ۽ ڪڙمين سان جيڪو
طور طريقو اختيار ڪيائين . انهيءَ مان ملي ٿو.
مغلن جي دور ۾ ڪنهن کي مستقل جاگير ڪانه ملندي
هئي، جتي عهديدار مقرر ٿيندا، اتي کين خرچ پکي ۽
پنهنجي تنخواه حاصل ڪرڻ لاءِ جاگير ملندي هئي،
جڏهن بدلي ٿيندا، ته اها جاگير ختم ٿي، وري نئينءَ
جاءِ تي کين زمين ملندي هئي. نتيجي ۾ انهيءَ عارضي
قبضي ڪري ڪوبه جاگيردار نه زمين سان دلچسپي وٺندو
هو ۽ نه ڪڙمي سان ڪا مروت يا انساني هلت چلت ڪندو
هو. جيترو وقت رهندو، پٽ سٽ ڪيو ڪنهن نه ڪنهن
طريقي سان پنهنجي خرچ جو پورائو ڪندو رهندو هو،
نتيجو اهو ٿي نڪتو، جو زمينون ويران، رعيت دلشڪسته
۽ ڪڙمي ڪاري پريشان حال، اڄ هتي سڀاڻي هتي، لڏ
پلاڻ ۾ وقت گذارو ڪندا رهندا هئا. سنڌ ۾ خاص طرح
بيداد نگري هئي. مظهر شاهجهانيءَ ۾ جاگيردارن جي
هلت چلت رقمن جي وصوليءَ ۽ زمين جي حالت متعلق
جيڪي ڪجهه مثال آيا آهن، انهن کي ”مشبتي از خروار“
سجهڻ گهرجي. سنڌ اندر مغل دؤر ڪيڏو نه اونداهو ۽
ڪيترو نه غير انساني هو، انهيءَ جو اندازو ميرڪ
يوسف جي هن فقري مان ڪري سگهجي ٿو:
”کار اين ملک بجائي رسيده که ملک ناپرسان وملک بيدادان و ملک
بيکسان شده“.(1)
مير معصوم کي گجرات واري دور ۾ ڪابه جاگير ڪانه هئي، نظام الدين
احمد بخشيءَ سان متعلق هو، ممڪن آهي سرڪاري طرح
کيس ڪجهه تنخواه ۾ ملندو هجي، ليڪن اهو انهيءَ حد
تائين ناقابل بيان هو، جو ڪنهن به انهيءَ جو حوالو
ڪونه ڏنو آهي، مير کي سڀ کان پهرئين بکر جي سرڪار
۾ ٻن پرڳڻن اندر جاگير انهيءَ وقت ملي، جڏهن هو
999هه ۾ لاهور کان خانخانان سان گڏ سنڌ ڏانهن رخصت
تي آيو. ڪاڪڙي ۽ درٻيلو ٻيئي پرڳڻا کيس ڏنا ويا،
ليڪن دستوري طرح سموري زمين ويران، غيرآباد ۽ بٺ
لڳي پئي هئي، اڳين جاگيردارن جي شرمناڪ ظالماڻي
سلوڪ سبب ماڻهو پنهنجا گهر گهاٽ ڇڏي، ٻين پاسن
ڏانهن هليا ويا هئا، ڇاڪاڻ ته جاگيردار پنهنجي
حساب ڪتاب ۾ سندن ڍورڍگا ۽ رليون گودڙيون به نيلام
ڪري ڇڏيندا هئا. مقرر شرح کان وڌيڪ وصولي ڪڙمي ڀري
نه سگهندا هئا، جنهنڪري گهر ٻار نيلام هيٺ آڻائي،
راتو واهه ڀڄي جند ڇڏائيندا هئا. هي ٻيئي علائقا
به انهيءَ ڪري ويران ٿي ويا. مظهر شاهجهانيءَ جو
مصنف، مثال ڏيندي، لکي ٿو ته ”بکر جو علائقو سلطان
محمود جي مرڻ بعد جڏهن اڪبر جي قبضي ۾ آيو ۽ مير
عدل امروهي اتان جو حاڪم ٿيو، ان وقت هن
دستورالعمل کي پٺيءَ پاڏنهن اڇلي، انهن پرڳڻن جي
ڪڙمين کان پنج مڻ محصول طور وڌيڪ اڳاڙ شروع ڪئي ۽
اوڳڙ ۾ هن ايتري سختي ڪئي، جو مڱڻيجا، جيڪي گهڻي ۾
گهڻا انهيءَ پرڳڻي ۾ آباد هئا، بغاوت تي مجبور ٿي
پيا، خون خرابي تائين نوبت پهتي، ۽ نيٺ علائقو
ويران، نابود ۽ رعيت کان خالي ٿي ويو، مير معصوم
کي جڏهن اهي علائقا جاگير ۾ مليا، ان وقت فقط پنج
سو بيگا خسري ۾ داخل هئا.
ذخيرت الخوانين خواه مظهر شاهجهانيءَ جي مصنفن مير جي زمينداري
ڪرڻ جي ڏانو ۽ ماڻهن سان هلت چلت، سڌارن ۽ زراعت
کي چوٽ پهچائڻ جي خاص لفظن ۾ تعريف ڪئي آهي. مظهر
شاهجهانيءَ جو مصنف لکي ٿو:
” ... اين هر دو پرگنه ر در آباداني و معموري بمرتبهء کمال
رسانيده بود و بيان خوش سلو کي وي بمردم رعيت...
گنجايش اين رساله ندارد...“(1).
مصنف لکي ٿو ته مير پنهنجي جاگير کي ايترو آباد، سر سبز ۽ شاداب
ڪرايو، جو انهيءَ جو مثال ملڻ ممڪن نه آهي، ۽
انهيءَ جو ڪارڻ اهو هو، جو هن پنهنجي جاگير ۾
هلندڙ دستور کي ڇڏي، نوان ۽ ضروري سڌارا آندا.
ڪڙمين کي حق ڏيئي خوش ڪيائين. زمين جي ڪم کان
علاوه رعيت کان جيڪا ڳاٽي ڀڳي بيگر ورتي ويندي
هئي، سا معاف ڪري ڇڏيائين. پنهنجي خرچ سان سموري
علائقي اندر واهه ۽ ڪسيون کوٽائي، پاڻيءَ جو
انتظام ڪيائين. جيڪڏهن فصل گهٽ وڌ ٿيندو هو، ته
ڪڙمين سان مروت ڪندو هو، ۽ انهيءَ حد تائين به
ويندو هو، جو زمين جي اپت ٻنهي سرين معاف ڪري
ڇڏيندو هو، ڪمدارن ۽ ڪاراون کي حڪم هو ته خراب فصل
جي ماپ نه ڪن ۽ نه اهي حصا خسري ۾ داخل ڪن.
انهيءَ سلوڪ ۽ انهن رعايتن کي انساني سطح تي سنڌ جي ڪڙمين
پهريون دفعو ٿيندو ڏٺو. سندن معيشت سڌرڻ لڳي.
پنهنجي پوکيءَ راهيءَ مان سندن پيٽ ڀريو ۽ انگ
ڍڪيو. نتيجو اهو نڪتو، جو هنن جي زمينن سان دلچسپي
وڌي ۽ دليؤن جانيؤن رات ڏينهن ڪري ڪم کي جوٽيائون(1).
جنهنڪري زمين جو هڪ ويسؤ به غير آباد نه رهيو. انهيءَ حد تائين
آبادي وڌي ويئي، جو شڪار لاءِ جهنگ جا ڪي ٽڪرا ڇڏڻ
لاءِ مير کي منٿون ڪرڻيون ٿي پيون. سمورو علائقو
سرسبز ۽ شاداب ٿي ويو. مصنف درٻيلي جي ماڻهن کان
پاڻ ڪنين ٻڌي لکيو آهي ته، مير جي قبضي ۾ اچڻ کان
پهرين انهيءَ علائقي جي ڪهڙي حالت هئي ۽ پوءِ ڇا
ٿيو. يا ته 500 جريب به آباد ڪونه ٿي ٿيا يا ساڳين
غير آباد علائقن ۾ 50 هزار جريب به آباديءَ هيٺ
اچي ويا. جيڪو فصل خراب ٿيو. آباد پوري نه ٿي،
جيڪا زمين معافيءَ ۾ ويئي. اها الڳ هئي. اهو انگ
انهيءَ زمين جوآهي، جيڪا مير صاحب واري آندل نئين
قانون مطابق خسري ۾ داخل ٿيل هئي.
مغلن جي دور ۾ سندن حاڪمن جي شرمناڪ حد تائين سنڌ اندر ڪيل ظلمن
جو داستان بيان ڪندي، ۽ مير صاحب جي انهيءَ عمل ۽
اصلاحات کي مصنف مثال طور پيش ڪندي، شاهجهان کي
سمجهائڻ گهريو آهي ته سنڌ اندر سندس عملدار مير جي
قائم ڪيل طريقي تي هلن ته حڪومت هلي سگهندي، ورنه
ممڪن نه آهي ته سنڌ آباد رهي يا سانتيڪي نموني سان
ملڪ هلي سگهي . حقيقت ۾ مير صاحب جي اها روش
انهيءَ اونداهي دؤر اندر هڪ ڪرامت معلوم ٿي ٿئي.
جابر ۽ ظالم حڪمرانن جي روش کان هٽي، انهيءَ ساڳئي
دؤر ۾ زرعي سڌارا آڻڻ، ڪڙمين جا بنيادي ۽ انساني
حق تسليم ڪرڻ، کين ڇيڙ واري غلامانه طريقي کان
آزاد ڪرڻ، حساب ڪتاب، بود نابود جو لحاظ رکڻ، مير
صاحب جو نهايت جرات ڀريو قدم هو، بلڪ سموري انتظام
۽ دستورالعمل ۽ حڪمرانيءَ لاءِ هڪ کليل چئلينج هو
۽ انهيءَ کان صاف انحراف ۽ عام لاءِ انقلابي قدم
هو.
انهن سبب کي نظر ۾ رکندي، مير معصوم بکريءَ کي سنڌ جو پهريون
”هاري حقدار“ چئجي ته هوند بيجا نه ٿيندو.
باغن جو شوق؛ مير چونڪه نهايت ئي لطيف ذوق جو صاحب هو، تنهنڪري
هر چڱيءَ شيءِ سان کيس شغف ۽ هر حسين چيز طرف لاڙو
هيس. زراعت جي سلسلي ۾، باغبانيءَ جو به مير شوقين
هو. ميويدار وڻ، گلن جا ٻوٽا، يا سبز وڻراه ۽ ساوڪ
نهايت پسند ڪندو هو. بکر، سکر، روهڙي، ٻٻر لوءِ
پهرين ئي باغن ۾ ميوي ۾ مشهور هئا. اروڙ واريءَ
زمين، گدرن ۽ هنداڻن جي اپت ۽ جنس لاءِ ملڪان ملڪ
مشهور هئي. مير ابو القاسم نمڪين جي هنداڻن جي اپت
۽ انهن جو وزن تاريخ ۾ معروف آهي. شاهي دوبار
تائين سوکڙيءَ طور اهي جنسون موڪليون وينديون
هيون. ٻٻرلوءِ ۽ روهڙيءَ جا باغ، چار باغ ۽ وڻراه
ايترو وڻندڙ هئا. جو همايون هندوستان مان جڏهن
فراري ٿيو ته اتي اچي لڏو لاهي ويٺو.
مير معصوم کي باغن جو خاص شوق هو. ملازمت جي مشغوليءَ ۽ سفر جي
هلوتاڻيءَ ۾ جيتوڻيڪ کيس وقت نه مليو جو دلجمعيءَ
سان ڪي چند سال لڳو لڳ بکر ۾ رهي، پنهنجي دل گهرين
خواهشن کي عملي جامو پهرائي سگهي، تام مجموعي طرح
4-5 سالن جي اقامت ۾ هن چند باغ بکر ۽ سکر ۾ خريد
ڪيا ۽ لڳايا. مثلاً؛
* پنهنجي حويلي ءَ جي لڳ هڪ خوبصورت مسجد ٺهرائي، انهيءَ جي ڀر
۾ نهايت شاندار باغ رکيائين، جنهن جي ايراضي ويهه
بيگا هئي، جنهن ۾ گلن ٻوٽن کان علاوه ميويدار وڻ
به هئا. باغ ايترو خوبصورت هو، جو ماڻهن لاءِ
تفريح گاه بڻجي ويو.
* اروڙ جي طرف پنهنجي زمين ۾ هنداڻن ۽ گدرن جي پوک ڪرائيندو هو.
سندس پنهنجي استعمال لاءِ، نيڪال لاءِ ۽ ڏاليءَ
لاءِ اتي جا هنداڻا مشهور هئا،
* منزل گاه واريءَ ايراضيءَ ۾ خوبصورت باغ رکيائين. مسجد ۽ نشست
گاهه سان گڏ باغ پڻ انهيءَ دؤر جو لازمو هو. درياه
جي پرينءَ ڀڪ سان روهڙيءَ جا باغ ۽ وڻراه هئي، ۽
هن طرف مير جو باغ ۽ ساڳئي وقت ٻين جا به باغ هئا.
* قنڌار ۾ جڏهن ”تعيناتي“
(1)
ٿي ويو، ته اتي به انگورن جو باغ ورتائين.
اپر سنڌ جي انهيءَ علائقي ۾ انب ۽ کارڪون نهايت مشهور هيون، بلڪ
اڄ تائين اتهن جا باغ هليا اچن ٿا. مير، ظاهرآهي
ته پنهنجن باغن ۾ بهترين جنسون رکيون هونديون،
ليمان، انگور، انجير، توت، ڦاروان، ٻيرن جا مختلف
قسم، ڪوئٽا ۽ قنڌار يا هندوستان مان پنهنجي پسند
جا ٻيا ميوا به ڪيئي جيڪي انهيءَ علائقي جي موسم ۾
ٿي سگهندا هوندا رکيا هوندائين ان زماني ۾ سنڌ جو
ڏاڙهون مشهور هو. گلن ۾ گلاب جا مختلف قسم، رابيل
۽ ٽانگر، سنبل، ريحان، سورج مکي، چمپا، رات جي
راڻي عام هئا. ”قانع“ ٺٽي جي باغن جو ذڪر ڪندي
”مڪلي نامه“ ۾ نالا ورتا آهن(1).
ظاهر آهي ته جڏهن مغل دؤر اندر سنڌ جي باغن ۾ اهي
ٻوٽا ۽ گل هئا، ته بکر ۾ مير ڪيئين نه رکيا هوندا!
مير، نقدي، جاين ۽ باغن جي صورت ۾ ايترو اثاثو ڇڏيو، جو سندس پٽ
مير بزرگ جڏهن سڀڪجهه ميڙا چونڊيءَ جو مال کپائي ۽
خرچ ڪري بيٺو، تڏهن باقي بچايل باغن جي اپت ايتري
ايندي هيس، جو سندس اميراڻن شاهه خرچن جي پورائي
ٿيندي ٿي رهي. انهيءَ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته
باغ ڪيترا نه هوندا ۽ جنسون ۽ انهن جي اپت ڇا نه
هئي
ثروت ۽ دولتمندي؛ مٿي بيان ڪيل صورتحال جي سببان مير جي مالي
حالت غير معمولي طرح بهتر رهي. مال دولت جي لحاظ
سان اڪبري دؤر ۾ جيڪي چند چوٽيءَ جا امير هئا، مير
انهن مان هڪ هو. باوجود شاهانه طور طريقي، اٿيءَ
ويٺيءَ هٿ جي ڪشادگيءَ ، سخاوت، سفر حضر جي خرچن،
پنهنجن پراون کي پالڻ ۽ انهن کي وظيفن ڏيڻ، رفاهي
ڪمن ۽ يادگارن ٺهرائڻ، ڪتبن اڪرائڻ ۽ انهيءَ ڪم جي
ڪاريگرن کي سفر حضر ۾ ساڻ رکڻ جي خرچن، عالمن ۽
اديبن جي سرپرستي ڪرڻ ۽ انهن لاءِ قوت گذر مهيا
ڪرڻ کان پوءِ به مير وٽ نقدي ڪافي هئي. ذخيرت
الخوانين جو صاحب لکي ٿو ته هن 30-40 لک روپيا
ڇڏيا.(1)
انهيءَ دوؤر جا ٽيهه چاليهه لک ڪا معمولي رقم نه
آهي، سو به اهڙين هٿ جي اڇلن بعد، وڏي وٿ آهي.
اها ته هئي نقديءَ جي حالت، مير مختلف قسم جي جيڪا جائداد ڇڏي
يا املاڪ ٺاهي، تنهن جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي.
مير بزرگ جي لکن لٽائڻ بعد به مالي کٽي نه سگهي ۽
اڄ صدين گذرڻ کان پوءِ به سندس خاندان جا ڪثير
العيال سادات معيشت جي لحاظ سان نهايت آبرو منداڻي
زنداگي بسر ڪري رهيا آهن.
------
اوصاف
حميده و اخلاق ستوده آن برگزيدهء درگاهه الاهي
تاکجا نويسد. مجملا در چنين دولت عظميٰ مردم
محل ايشان.. در خانهء هم شهريان در شادي و غمي
مير فتد. الحال هم قدم خود را دريغ نمي
داشتند. مير خود هم ميرفت و عيب و عارنمي کرد.
و جون بهند تشريف مي برد از آنجا مواهبات
(مکاتبات) و سوغات فرخور حالت هر کدامي مي
فرستار. حتي مردم اجلاف، که در شکار همراه مير
در آن وقت مير فتند، اسامي آنها در کاغذ مثل
جدا نوشته، در متن احوال را مي نوشت، و سوغات
بسيار ميفرستاد.
وچون به شهر خود تشريف مي آوردند ساليانه و
فصلانه و ماهيانه و جمعگي و روزمره با اکابر و
اصاغر شهر مقرر کرده بود و جوياي نام نيک بود.
و در پرستش حق بي همتا، نماز تهجد از ايشان
قضا نه شده، و سخاوت به افراط مي نمود
(1؛202-203.)
مڪلي
نامه ۾ مختلف نالا ورتا ويا آهن. ازان سواءِ
هيٺيون مواد پڻ سنڌ جي باغن جي سلسلي ۾ ڏسڻ
گهرجي:
(1) مجمع شعر اي جهانگير شاهي؛ از قاطعي،
جهانگير جي دؤر ۾ ٺٽي جي باغن جو مذڪور آيل
آهي.
(2) بحرالاسرار؛ از محمود بن امير ولي بخاري،
هن ۾ بکر جي باغن ۾ ميون جو ذڪرآهي، مصنف،
شاهجهان جي دؤر ۾ آيو.
(3) The Evolution of gardens in Iran and
Sind. The Charbagh, by Dr. Ansar Zahid Kha.
هن مضمون ۾ سنڌ جي باغن گلن ۽ ميون جو مذڪور
آهي.
(4) The gardens of Mughal India, by Sylvia
Crowe, London 1972.
(5) Ain-i-Akbari, By H. Blochmann.
هن ۾ بکر ۽ ٺٽي جي ميوي دار ٻوٽن جي فهرست
آهي.
(6) نامهء نغز: باغ علي خائف، ڪلهوڙن جي دؤر
جا گل ۽ ميوا هن ۾ بيان ٿيل آهن.
|