سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

معصوم بکري

باب-18

صفحو : 15

تبريز  جا رهاڪو ترڪن منجهان عالم آرائي عباسيءَ جي قول مطابق تنگ ۽ بيزار هئا، جنهنڪري تبريز جو شهر پهچڻ سان هٿ اچي ويو ۽ شاه عباس نخجوان ۽ ايروان (2) طرف وڌيو. جنهن وقت مير تبريز ۾ پهتو. انهيءَ وقت ايروان جو محاصرو چالو هو. ترڪن پوريءَ طرح قلعه بندي ڪئي هئي. شريف پاشا اتهن جو عثماني حڪومت طرفان حاڪم هو. تبريز جو حاڪم علي پاشا قتل ٿي چڪو هو. درحقيقت مقامي ماڻهن کي ترڪن جي بيگانه پڻي واري سلوڪ تنگ ڪيو هو. تبريز جو سڄو شهر تقريباً تباهه ۽ ويران ٿي ويو هو. شهر ۾ خال خال ڪا جاءِ سلامت ۽ آباد هئي، ورنه سڄو شهر گويا زلزلي ۾ آيل شهر جو ڏيک ڏيئي رهيو هو. وقوعي شاعر تبريز جي انهيءَ تباهي تي چيو آهي؛

وقوعي کربلا تسکين در دم ميدهم، ورنه
دلم از حسرت تبريز ويران تر ز تبريز است.
(1)
 

اهڙي صورتحال ۾ مير صاحب جهڙي مجلس آرا امير لاءِ تبريز جي ويراني ۾ ڪهڙي تسڪين هوندي سواءِ هن جي ته آب و هوا وڻندڙ هئي، رستي جو ٿڪ دور ڪرڻ لاءِ آرام هوندو ۽ وڌيڪ هي ته جيسين شاهي حڪم نه ٿئي، تيسين اتي ترسڻ کان سواءِ ٻيو چارو به نه هو.

ايران ۾ ڪوٺ: ايروان کي ٽي قلعا هئا، محاصرو ۽ مقابلو هلي رهيو هو، فيصله ڪن صورت نظر نٿي آئي، تنهنڪري طولاني مدت کي ڏسندي، مير معصوم کي ايروان جي منزل تي گهرايو ويو. چنانچه مير قلعي جي دامن وٽ شاهي لشڪر گاهه ۾ اسباب سان منوچهربيگ سميت اچي پهتو.

بادشاهي ارڙهين جلوسي سال، جنهن جي ابتدا آچر ڏينهن 19 شوال 1012هه جو ٿي، مير معصوم انهيءَ کان پهرين ايروان پهتو، جنهن جو ذڪر عالم آرائي عباسيءَ جي مؤلف هن ريت ڪيو آهي:

”محاصري جي هلندي مير معصوم خان بکري، جيڪو جلال الدين اڪبر بادشاهه هنڌ جي معتبر اميرن مان ۽ بکر جي ولايت جو حاڪم هو. پنهنجي بادشاهه طرفان منو چهربيگ ايشڪ آغاسي سان گڏ، جيڪو ست سال اڳ سفير ٿي هند ويو هو ۽ اهو سمورو عرصو اتهن هو، ايلچيءَ جي صورت ۾ تحفا تحائف کڻي اچي پهتو. “(1)

مصنف لکي ٿو ته جنهن صورت ۾ بادشاهه محاصري جي اهتمام ۾ مصروف ۽ منهمڪ هو، تنهنڪري شاهي سوغاتن ۽ سوکڙين ڏانهن متوجهه ٿي ڪونه سگهيو. مير معصوم سموري اسباب کي سليقي سان شاهي ”دولت خانه“ جي اڳيان ٺاهي رکيو، جئين فرصت ملڻ تي بادشاهه جڏهن چاهي ته سولائيءَ سان ڏسي سگهي.(2)

شاه عباس شگون طور هڪ تلوار ۽ سوني زره کي ملاحظي هيٺ آندو، جنهن کي فتح ۽ نصرت جو نشان سمجهيو ويو. باقي شين جي، چئن مهينن تائين شدت جي سرديءَ ۾، جڏهن ته رت رڳن ۾ ڄمي ٿي ويو، مير معصوم ۽ سندس هڪ هزار ماڻهو حفاظت ڪندا رهيا.

دود مان گورگاني: تاريخ عالم آرائي عباسيءَ جي مؤلف لکيو آهي ته؛ اڪبر جي طرفان تلوار جو اچڻ ”دور بينان عالم معني“ جي نگاهه ۾ فتح ۽ ظفر جو پيغام ۽ نشان سمجهو ويو، ڇاڪاڻ ته دود مان گورگانيءَ جي انهيءَ بادشاهه جي قهري تلوار هميشه افغانن ۽ هندو دشمنن جا مٿا ڪاٽيندي رهندي آهي.

ڪابل، قنڌار ۽ يوسف زئي افغانن جي مٿا ڦاڙ ته سمجهه ۾ اچي ٿي، ليڪن هندوستان ۾ هندن جي سرڪوبيءَ واري خوش فهمي حقيقت کان دور آهي. هندوستان جي مسلم رياستن جي سرڪوبي ته دود مان گورگانيءَ کان ٿيندي ٿي رهي، جيئن ته تازو مسلمانن جون هيٺيون آزاد حڪومتون اڪبري ”تيغ قهرش“ جو کاڄ بنجي چڪيون هيون:

گجرات.

سنڌ.

خانديش.

ڪشمير.

ايران جو سڀئي رياستون

ايران جي مؤرخ کي يا ته خواه مخواه خوشفهمي هئي يا ”آرايش سخن“ جي لاءِ هن هندن جو نالو آندو آهي. بهرحال تاريخ نويسيءَ جو جيڪو انداز ۽ رجحان هو، تنهنجي خانه پري اسڪندر بيگ ترڪمان ڪري ڇڏي آهي.

شاهه جي دل جو تڪدر: ”زندگاني شاهه عباس اول“ جي مؤلف نصرالله فلسفيءَ جي سامهون عالم آرائي عباسيءَ کان علاوه به ماخذ آهن، هن صاحب لکيو آهي ته؛ هندستان جي بادشاهه ايراني سفير کي ست ورهيه پاڻ وٽ رهائي ڇڏيو هو، جيڪا ڳالهه شاهه کي ڏاڍي ڏکي لڳي ۽ سندس دل تي تڪدر هو، اهوئي سبب ٿيو جو هندي ايلچيءَ ڏانهن شاهه متوجهه نه ٿيو، ۽ نه ساڻس ڪو خاص مهربانيءَ وارو سلوڪ ڪيو ويو. تحفن مان به فقط هڪ تلوار هن کنئين باقي تحائف ٻين ۾ تقسيم ڪيا ويا(1).

سفارت جي ڪاميابي: جيئن مٿي بيان ڪيو ويو، مير معصوم چار مهينا ايروان جي شاهي ڪيمپ ۾ ويٺو رهيو. شديد سرديءَ ۾ شاهي سوغات جي حفاظت ڪندو رهيو، ۽ نتيجي جو منتظر رهيو.

ايروان جي قلعي تي جعمي ڏينهن 27 ذي الحج 1012 هه جو محاصرو تنگ ڪيو ويو(1). جنهنڪري قلعي وارا مجبور ٿي پيا. آخر عاشوري جي رات يعني 9 محرم 1013 هه جو قلعي جي حاڪم شريف پاشا صلح لاءِ ملتجي ٿيو ۽ اَمان گهري جان ۽ مال جي تحفظ جو قول ۽ قرار وٺي اچي پيش پيو. تبريز ۽ نخچوان کان پوءِ اهڙيءَ طرح ايران اچي ويو.

گمان آهي ته معصوم جمادي الاول جي آخر يا جمادي الثانيءَ جي ابتدا ۾ ڪاشان کان هليو. رجب ڌاري تبريز جڏهن ته شاهه عباس تبريز فتح ڪري نخچوان ۽ ايران روانو ٿي چڪو هو. مير معصوم شعبان 1012 هه ۾ فرض ڪجي ته تبريز مان روانو ٿي ايروان پهتو. جتي قلعي جي فتح (9 محرم 1013 هه ) تائين انهيءَ انتظام ۾ رهيو ته ڪڏهن ٿي بادشاهه کي فرصت ملي ۽ ڪڏهن ٿو تحائف ملاحظو ڪري قبوليت جو شرف بخشي.

عالم آرائي عباسيءَ جي مؤلف جو قول آهي ته انهيءَ دوران ۾ مير  صاحب، منو چهر بيگ سان گڏجي ”شرف مجالست مجلس بهشت آئين“ حاصل ڪندو رهيو. فلسفيءَ  جو قول آهي ته؛ مير معصوم شاعر ۽ خوش ڪلام ۽ خوش صحبت امير هو هن پنهنجي صفتن سبب پنهنجي طريقي سان بادشاهه جي دل کي ريجهائي ۽ تحفن قبول ڪرڻ تي راضي ڪيو(2). گويا اڪبر جي شاهي سفارت جي اهميت نه، بلڪ مير جي پنهنجي شيرين ڪلامي ۽ خوش صحبتي ڪتب آئي. انهيءَ منجهيل مسئلي کي هن اهڙي طريقي حل ڪري ورتو.

بهرحال اهو واضح آهي ته شاهه عباس جي دل مختلف سببن ڪري صاف نه هئي، قنڌار جو مسئلو، اڪبري دربار اندر ايراني بادشاهه جي سلسلي ۾ سرد مهري، ايلچين کي بي توجهيءَ سبب سواءِ ڪنهن معقول سبب جي سالن جا سال رهائي ڇڏڻ، ازين قسم اهي ۽ ڪي ئي ٻيا معاملا هئا، جن ايراني شاهه جي دل کي ڏکوئي رکيو هو. جنهن جو علاج مير معصوم جهڙي فاضل ماڻهوءَ، چئن مهينن جي ملاقاتن ۽ مجلس آرائي ذريعي ڪري، شاهي دل تان تڪدر جو غبار لاٿو.

سوغاتن جي پيشڪش: 9 تاريخ محرم 1013هه/ جون 1604ع جو ايروان وارن صلح جي درخواست ڪئي، جنهن کان پوءِ پيش پوڻ ۽ قلعي جي حوالگيءَ جون رسمون پوريون ٿيون. غالباً ستت بلڪ محرم جي ئي ڪنهن تاريخ تي جنهن وقت، فتح ايروان کان پوءِ شريف پاشا ۽ عثماني امير ۽ رومي لشڪري ۽ ڪرد سرڪردا موجود هئا(1). انهيءَ وقت مير معصوم کي اڪبري سوغاتن ۽ سوکڙين جي پيش ڪرڻ جو حڪم مليو بادشاهه پاڻ ته فقط تلوار پهرئين ئي کنئي هئي، هاڻي سڀني سوغاتن کي نظر مان ڪڍي قبول ڪري ساڳئي ئي وقت درٻار ۾ موجود اميران، منصبدارن، اشرافن ۽ سپاهين ۾ حيثيت آهر تقسيم ڪري ڇڏيو.

هندستاني درٻار ۾ اطلاع: مير معصوم کي سفارتي فرائض پوري ڪرڻ ۾ جيڪي دقتون پيش آيون ۽ پنهنجي ذاتي قابليت ۽ صلاحيت، بدتر ۽ دانشمنديءَ جي بناءَ تي ايران جي شاهي درٻار جي تلخي دور ڪري آبرو مندانه طريقي سان پنهنجي سفارت سان گڏ هندستان جي بادشاهه جي پت رهائي، انهيءَ جي حقيقت  مٿي بيان ٿي چڪي. سفارت جي ڪاميابيءَ جو دارو مدار، جلال الدين اڪبر جي جاه و جلال ۽ هندستان جي وسيع ۽ عريض سلطنت جي ساک ۽ ڪارپت تي ڪونه هو. جيڪڏهن مير معصوم جهڙو فاضل ماڻهو نه هجي ها، ته شايد هن سفارت کي مايوس ٿي موٽڻو پوي ها. ايران جي شاهه کي هاڻي چندان اڪبر جي امداد جي ضرورت ڪانه هئي، نه ساڻس يڪ طرفي راهه و رسم رکڻ جو احتياج هو. شيبانن وارو اثر خراسان تان تقريباً ختم ٿي چڪو هو، تنهنڪري مصلحت بينيءَ سبب ايراني شاهه لاءِ هندستاني دربار جي بي رخيءَ جو سور سهي سڃڻ لازمي ڪونه هو.

بهرحال انهيءَ سفارت جي سلسلي ۾ هتي اڪبري دربار جي سرڪاري مورخ اڪبر نامه ۾ سفارت جي ڪاميابيءَ جي جيڪا تصوير ڏيکاري آهي، اها ان جي بلڪل ابتڙ آهي، جيڪي ڪجهه ايران ۾ ٿي گذريو هو. سال 49 جلوس جي واقعات ۾ هيءَ عبارت درج آهي:

”عرض پيش ٿيو ته مير معصوم بکري، جنهن کي هن سال جي 27 آذرماه جو ايران جي سفارت تي هن درگاهه سڳوريءَ مان موڪليو ويو هو، سو شاهه عباس فرمانر واي ايران جي سامهون ايروان جي قلعي جي محاصري وقت پيش ٿيو. شاه سندس پيشوائي ۽ آڌر ڀاءُ ڪرڻ ۾ وک تمام وڌائي کنئي. حضرت شهنشاهه جي خط کي ٻنهي هٿن ۾ ادب سان وٺي مٿي تي رکيائين ۽ پڇيائين ته حضرت شاه بابا ڪيئن هئا؟ سندن طبعيت ۽ حالت ڪيئن هو؟

سوغاتون جيڪي هن درگاهه تان موڪليون ويو هيون، تن کي وسيع ايوان ۾ ٺاهي سينگاري ترتيب سان رکيو ويو، جن کي شاه نه ڇڙو پاڻ ڏٺو، بلڪ ٻن ٽن ڏينهن تائين گرجستان جي ايلچين ۽ ترڪستان جي سردارن ۽ ٻين چڱن مڙسن کي موڪليو ويو ٿي ته اهي به وڃي اهي نادر شيون ڏسن، جيڪي ڏسي حيرت ۾ پئجي ٿي ويا“(1).

اها رپورٽ يقيناً مير معصوم ”سرڪاري انداز ۽ زبان ۾“ پنهنجي حڪومت ڏانهن موڪلي هوندي، جنهن کي سرڪاري تاريخ ۾ مخصوص لهجي ۽ لفظن ۾ درج ڪيو ويو. حالانڪ بکر جي هن سيدزادي ايروان جي شديد سرديءَ ۾ چئن مهينن تائين جنهن مصيبت سان انهن ”نوادرات“ تي پهرو ڏنو ۽ جنهن مشڪلات سان انهن کي سنڀاليو يا جن ترڪيبن، حيلن ۽ حوالن سان شاهه عباس جي دل تان غبار لاٿو، ان جو قصو مٿي سامهون اچي چڪو آهي. نه شاهه ادب وچان ٻنهي هٿن ۾ ”خط مبارڪ“ وٺي مٿي تي رکيو ۽ نه اهو پچيائين ته شاهه بابو ڪيئن هو؟ ۽ سندن مزاج مبارڪ ڪيئن هو؟ نه نمايش ٿي ۽ نه ايراني، توراني ۽ ترڪستاني اميرن ايلچين کي ٽن چئن ڏينهن تائين سوکڙين جي ديدار لاءِ موڪليو ٿي ويو. بادشاهه ته خبر نه آهي ته سڀئي هڪ هڪ ڪري اک مان ڪڍيون به الائي نه، اهي ته جيئن پيش ٿيون، تيئن ئي حاضر باشن ۾ ورهائي ڇڏڻ جو حڪم ڪيو ويو. تلوار جيڪا شاهه کنئي، سا به محض سنئوڻ لاءِ، نه انهيءَ ڪري ته ڪا غير معمولي جنس جي هئي.

بهرحال سفارت جي سلسلي ۾ ٻنهي سرڪارين جون رپورٽون خوش قسمتيءَ سان پنهنجي سامهون موجود آهن، جنهنڪري اندازو ڪرڻ آسان آهي.   

ببين تفاوت ره از کجا ست تا بکجا!

واپسي 1013 هه /1604ع؛ مير معصوم سرديءَ جو زمانو شاهي لشڪر گاهه ۾ بسر ڪيو. ايروان جي اوسي پاسي کي فتح ڪرڻ بعد ڪوڪنج تنگيز جي علائقي ۾ شاهه عباس اچي منزل انداز ٿيو، جتان جي آب و هوا، سبزو، وڻراه، چشما ۽ شادابي بقول صاحب عالم آرائي عباسي ”رشک گلزار جنان“ هئي. بهار اچي چڪو هو، تنهنڪري بادشاهه سير ۽ شڪار ۾ جنگ جي زماني جي تلخي ۽ خستگي دور ڪري رهيو هو. انهيءَ اطمينان ۽ خرميءَ جي وقت ۽ سمي ۾ مير معصوم کي هندوستان واپس ٿيڻ جي اجازت ملي. شاهه عباس جو جوابي خط موجود آهي، جيڪو هيٺ اچي رهيو آهي. اهو معلوم نه ٿي سگهيو ته موٽ ۾ ايران جي شاهه سوکڙين ۽ سوغاتن موڪلڻ ۾ پاڻ کي ڪيئن ۽ ڪيتريقدر ملهايو. عالم آرائي عباسيءَ جي مصنف فقط هن لکڻ تي اڪتفا ڪئي آهي ته:

”محمد معصوم خان بکري ايلچي پادشاه عالي جاه فرمانفرماي ممالک هند راکه بخدمت اشرف آمده، رخصت ارزاني داشته روانه ديار هند فرمودند“.(1)

واپسيءَ جو رستو: مير معصوم جي واپسيءَ جي سلسلي ۾ سندس ٽي ڪتبا مليا آهن، جن مان موٽ جي رستي جو تعين ڪري سگهجي ٿو.

تبريز مان مير صاحب مرحوم ڀانئجي ٿو وري ڪاشان آيو اتان اصفهان پهتو. مورچهء خورت جي ڪاروان سراءِ ٻنهي شهرن جي مابين جيڪو رستو  آهي، انهيءَ تي آهي. انهيءَ ڪاروان سراءِ تي مير جو ڪتبو هو، جيڪو هاڻي گم آهي. (1)مير صاحب انهيءَ رستي سان اصفهان آيو ۽ اتي شايد ڪي چند ڏينهن رهيو. روضهء هارون ولايت جي مقابل سلطان سنجر سلجوقيءَ جي دور جي ”مسجد علي“ موجود آهي. مسجد جي مشرقي محراب واري ديوار تي مير صاحب جو ڪتبو موجود آهي، جنهن تي نثر جي هيٺين عبارت آهي:

”در حيني که از هند به رسالت نزد شاه عالم پناه فلک بارگاه شاه عباس آمده بود از ايروان در سنه 1013 هه مرخص شده بود باينجا رسيد....“(2)

انهيءَ دور ۾ اصفهان جو  اهو حصو آباد هو امام زادي هارون ولايت جو روضو، ان جي پاسي ۾ ڪاروان سراءِ ۽ سامهون مسجد علي جنهن جي ڪنڊ ۾ نهايت خوبصورت منارو سلجوقي دور جو يادگار ۽ ايران جي بهترين منارن مان هڪ آهي قرينو آهي ته مير صاحب شهر جي انهيءَ حصي ۾ قيام ڪيو هوندو. ڪاروان سراءِ سبب ماڻهن جي رهڻ جي آساني ۽ سک ، امام زادي جي زيارت ۽ انهيءَ سان گڏ جامع مسجد ڪشادي صحن ۽ ڇتائين حصي سان، مناري جو نظارو جنهن مير کي يقيناً بکر ۾ پنهنجي مناري واري اسڪيم تصور ۾ آئي هوندي.

اصفهان ۾ ادبي صحبتون؛ جهڙيءَ طرح تقي ڪاشيءَ جي لکت مان ظاهر ٿئي ٿو، مير صاحب جتي پهتو ٿي، اتي جي سرڪاري اميرن، شهر جي معززن ۽ عالمن سندس تمام شانائتي نموني استقبال  ۽ آدرڀاءُ ڪيو ٿي، اهڙيءَ ريت پاڻ به پنهنجي خوش صحبتيءَ، شرافت ۽ فضيلت سبب جنهن سان مليو ٿي، تنهن کي پنهنجو گرويدو ڪندو ٿي ويو. پاڻ ڪنهن جو احسان ڪونه ٿي کنيائين، الٽو ملاقاتين کي زيربار منٿ ڪندو ٿي رهيو، سندس فراست ڪارداني ۽ مزاج جي شگفتگيءَ ايران جي شاهه کي به ريجهائي رام ڪري ڇڏيو، جيئن ماثر الامرا ۾ آهي ته:

”بفرط فراست و کارداني مورد الطاف شاه عباس صفوي گشت“(1). تقي ڪاشي خوش ٿيندي، لکي ٿو:

”در مجالس انس و محافل اختصاص جليس و انيس گرديد.“

”الحمدالله علي نعماته که اين سيد جليل القدر، محرميت و قربت اين بارگاه عرش اشتباه را دريافته بمراد خاطر و آرزوي باطن و ظاهر رسيد و پرتو خورشيد عاطفت پادشاهانه درين بلاد نيز بموجب دلخواه دوستان و محبان بر ساحت کمال اين سفارت پناه ايالت درستگاه رسيد.“

تقي ڪاشي بحيثيت دوست ۽ بهي خواهه جي سندس سفارت جي ڪاميابيءَ تي نهايت خوشيءَ جو اظهار ڪري ٿو، جنهن مان ظهار آهي ته خود مير معصوم به پنهنجي غير معمولي ڪاميابيءَ تي، جيڪا حالتن پٽاندر بلڪل غير متوقع هئي، نهايت مطمئن ۽ خوش هو، ۽ يقيناً تقي ڪاشيءَ يا ٻين پنهنجن قريبي تعلقدارن سان ان جو اظهار ڪيو هوندائين. تقي ڪاشيءَ جي مٿينءَ عبارت مان صاف ائين پيو لڳي.

مير صاحب بنيادي طرح جنهن صورت ۾ اديب ۽ شاعر هو، تنهنڪري قدرتاً هو جتي ويو ٿي ڪوشش ٿي ڪيائين ته اتي جي شاعرن ۽ اديبن سان ملي، رس رهاڻ ڪري. اصفهان جو گورنر انهيءَ وقت ميرزا محمد خان نيشاپوري هو، جنهن سندس اعزاز ۾ وقت جي اهم ترين شاعرن کي دعوت ڪري گڏ ڪيو. حڪيم شفاعي انهيءَ دور جو سڀني کان برک شاعر ۽ شاهي درباري هو، محمد رضا فڪري معروف شاعر ۽ شهر جي مکيه ماڻهن مان هو، اهڙيءَ طرح تقي اوحدي نه فقط شاعر بلڪ اهم ترين تذڪره نگار به ٿي گذريو آهي اهي ۽ ٻيا گڏ ٿيا، ۽ شعر و سخن جي محفل گرم ڪيائون، پاڻ به ٻڌايائون ۽ مير صاحب جو ڪلام به ٻڌائون(1).

عتابي تڪلو انهيءَ سفر ۾ مير صاحب جو آشنا ٿيو ۽ مير کيس پاڻ سان هندوستان وٺيو آيو. عتابي تڪلو ٻيو دفعو هندوستان ايندي قنڌار ۾ ميرزا غازي ترخان سان ملاقي ٿيو ۽ سندس مدح ۾ قصيدا چئي، ميرزا جي دربار سان ڪجهه وقت وابسته رهيو.

اي خاتم جلال ترا آسمان نگبن

در زير آن نگين ورقي از زر آفتاب

قصيدي جي انهيءَ بيگ تي ميرزا غازيءَ کيس ڏاڍا انعام اڪرام ڏنا(2).

ڪرمان ۽ بلوچستان: مير ڀانئجي ٿو اصفهان کان پوءِ يزد کان ٿيندو ڪرمان پهتو. ڪرمان جو نالو تقي ڪاشيءَ کنيو آهي. ات پهچي، مير لازماً ماهان شاهه نعمت الله وليءَ جي زيارت تي ويو هوندو.

ڪرمان کان پوءِ يا ڪرمان ايندي بلوچستان ۾ پهتو. رستي جي ٻن ڳوٺن ۾ سندس ڪتبا مليا آهن، جيڪي واپسيءَ جا آهن.


(2)  ايروان هن وقت روسي آزربائيجان ۾ ار منستان جي گاديءَ جو هنڌ ۽ نهايت خوبصورت شهر آهي. ماسڪو کان ساڍا ٽي ڪلاڪ هوائي جهاز وٺي ٿو. تاشڪند کان چئن ڪلاڪن جو رستو آهي.

(1)  عالم آرائي ص 639.

(1)  ... از سوانح ايام محاضره آمدن مير معصوم خان بکري است که است له از امراي معتبر سلسلھء عالي جاه جلال الدين محمد اکبر پادشاه و حاکم ولايت بکر بود، که از جانب آن پادشاه فريدون بارگاه همراه منوچهر بيگ آغاسي غلام خاصه شريفه که هفت سال قبل ازين برسم رسالت بجانب هن رفته بود، بجهت تجديد قواعد دوستي با يلچيگري آمده وتحف و هداياي لايق آورد (ص647).

(2)  ... بدر دولت خانع همايون آورده بر زير يکديگر چيدند، که هرگاه رخصت يابند از نظر اقدس بگزرانند... از جملہء هدايا يک قبضه شمشير غلاف و اهن جامه سراسر طلا مرصع به الماس ريزه و جواهر ثميني بود، و دور بينان عالم معني فرستان شمشير مذکور را، در حيني که حضرت اعلي کمر همت بکين اعدا بسته متوجهه تسخير ممالک موروثي شيروان و آذربائيجان و گرجستان بودند، از جانب صاحب دولت زيجاهه از خانوادهء صاحب قراني و دود مان گورگاني، که هميشه تيغ قهرش بر فراق اعادي افاغنه و هنود مظفر و منصور آمده بفال و شگون گرفتتد بفتح و ظفر شهريار کامگار اميدوار شدند (ص 647)

(1)  ... شاهه عباس سبب آنکه امپراطور هند سفيرش را هفت سال معطل داشته بود، بايلچي وي مهرباني و توجهه بسيار نه کرد و از ميان هدايا يء گران بهائي اکبر، تنها يک قبضھء شمشير مرصع برداشت و باقي هدايا را نپذيرفت (4؛80-81)

(1)  عالم آرائي 654.

(2)  مير معصوم بکهري که مردي شاعر بود ونامي تخلص ميکرد يا شيرين سخني و شاعري. دل آن پادشاهه را بدست آورد و بقول هدايا راضش کرد (4؛81)

(1)  ... تا آنکه از فته قلعه له شيرف پاشا وا اکثر غظما و معارف سپاه روميھ اکراد در  بارگاه معليٰ حاضر بودند، تحف و هدايايء پادشاهي را با پيشکش ايلچي از نظر اقدس گذرا نيدند و حضرت اعلي جميع آنها را بامرايء عظام و حکام ولايت و اشرفا و اعيان هر طبقه و هر طايفھ- که در اردوئي همايون مجتمع شده بودند- عليٰ فدر مراتبهم قسمت فرمودند (ص 647 عالم آرائي).

(1)  معروض اقدس گرديد که مير معصوم بکهري که (بيست هفتم آذرماه اين سال به سفارت ايران از بنگاه خلافت دستوري يافته بود) شاهه عباس فرمانرواي آن ملک را. هنگاميکھ بمحاصره قلعھء ايروان توجهه داشت، ملازمت نمود. شاهه در بزر گذاشت او. فروان مبالعه فرمود نامہء حضرت شاهنشاهي را بدو دست ادب گرفته برسرنهاده و پر سيد؛ حضرت شاه بابا ام چونند؟ وچه حال دارند؟ و اشياي که از درگاه والا ارمغان شده بود، در بارگاه وسيع بر ترتيب و آئين شايستھ چيده تمامي را بنظر خود ملاحظه نمودند، و تا دوسھ روز ايلچيان گرجستان و سرداران ترڪستان و سائر مردم بيگانه وا بتما شاي آن نادره اشيامي فردستان و بمشاهده آن اجناس که حيرت افزاي همگنان مي شد. سرافزاي مي اندوخت (اڪبر نامه، 3؛825).

(1)  عالم آرائي. ص 663.

(1)  ڏسو گنجينھء آثار اصفهن (1350) ڊاڪٽر هنرفر، ص 379 انهيءَ ڪتبي جي ڏسڻ ۽ ان کي ڳولڻ لاءِ آءٌ ٻه دفعا ڪاشان ويس ۽ هڪ دفعو اصفهان کان مورچهء خورت پهتس، سراءِ موجود آهي. ليڪن نئين سر مرمت ڪري ان کي فوجي اڏو ٺاهيو ويو آهي. هڪ ته اندر ڏسڻ جي اجازت نه ڏني ويئي. ٻيو مرمت سبب سراءِ کي بدلائي ڇڏيو ويو آهي. پڇا مان معلوم ٿيو ته ڪتبو ڪٿي به ڪونه آهي. مورچهء خورت جو زير زمين قلعو نهايت حيرت انگيز آهي.

(2)  سمورو ڪتبو ڪتبن واري باب ۾ ڏسجي. ۽ ڏسو منهنجو مضمون ”اصفهان نصف جهان ۽ سندم سنڌ سونهاري“ مطبوعه ”هلال پاڪستان“.

(1)  ماثر، 3؛ 327.

(1)  شمع انجمن ص 679، زور روشن، ص 466 رياض الشعرا خطي، گل رعنا خطي، ص 1043. مجمع النفائس موزهء ملي پاڪستان. 365 ب. نشتر عشق خطي، ص 629.

(2)  ميخانه گلچين معاني، ص 439- 441- ميرزا غازي اور اس کي بزم اب، حسام الدين.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org