باب ٽيون
سيد مير صفائي
مير صفائي جي نالي جي خبر ڪانه ٿي پوي، صفائي
سندس تخلص(1) معلوم ٿئي ٿو، پاڻ شاعر جي حيثيت ۾ جيتوڻيڪ مشهور ڪونه ٿيو، ليڪن شعر چوندو
هيو، جيئن اڳتي هلي معلوم ٿيندو.
سندس بزرگ اصل ترمذ
(2)
جا هئا، جتان لڏي قنڌار جي قريب ”اشڪلچه“ نالي
ڳوٺ ۾ اچي ساڪن ٿيا، جتي کين سيد محمد شير قلندر
بن سيد حسين زنجيرپا جي درگاهه جي مجاوري ملي.(3) سيد شير قلندر والده جي طرفان مير صفائي جي خاندان جو مورث اعليٰ هيو. يعني
ناننگ طرفان ڪنهن پيڙهيءَ طرفان مير صفائيءَ جو
نانو ٿيو ٿي. اهوئي سبب ۽ اهائي نسبت هئي، جنهن
انهيءَ گهراڻي کي اصلوڪي وطن (ترمذ) کان لڏائي
اتهين آڻي جائيتو ڪيو. مير معصوم انهيءَ مسئلي
تي روشني ڪانه وڌي آهي، ليڪن ماثر الامرا جي
صاحب لکيو آهي ته: انهيءَ ڳوٺ ۾ سندن ٻه ٽي
پيڙهيون گذريون
(4) گويا اشڪلچه ۾ مير صفائيءَ جو پڙ ڏاڏو اچي ويٺو هيو.
ولادت: ظاهر آهي ته مير صفائي انهيءَ ڳوٺ ۾ پيدا
ٿيو، ۽ تربيت ۽ تعليم به اتهين يا انهيءَ علائقي
جي آسپاس ۾ حاصل ڪيائين. جيتوڻيڪ اشڪلچه ۾ سندس
گذاريل ڏينهن جي روئداد دستياب نه آهي، ليڪن
بظاهر اهو ئي قياس ٿي سگهي ٿو.
سنڌ ڏانهن لڏڻ جا سبب: مير صفائي پنهنجي اباڻي
ڳوٺ ۾ ٺهيل – ٺڪيل گهر گهاٽ کي ڇو ڇڏيو؟ انهيءَ
جو ڪو خاص شخصي سبب ڪونه ٿو ڀانئجي. سواءِ هن جي
ته ڏهين صديءَ هجريءَ جي پهرينءَ چوٿائي ۾
خراسان اندر جيڪا عام سياسي ڌماچوڪڙي ۽ بادشاهه
گڙدي هئي، تنهن مخلوق جي هڪ خاص طبقي کي مجبور
ڪيو ته هو پنهنجي ماڳن کي ڇڏي سُک – سلامتيءَ
وارن ملڪن ڏانهن لڏي پلاڻي وڃي پناهه گزين ٿين.
خراسان جون ملڪي حالتون غير يقيني ۽ سياسي طرح
بيحد خطرناڪ ۽ مخدوش هيون. سلطان حسين ميرزا
بايقرا جي وفات (911 هه) کان پوءِ مختلف مائن
منجهان پيدا ٿيل ۽ متضاد فطرت رکندڙ شهزادن
(1) پاڻ ۾ وڙهڻ شروع ڪري ڏنو. مَسهائپ، هڪ ٻئي خلاف سازشون، اندر ۾ کوٽ، ڪنن جي
ڪچائي، چغلخورين جي چوڻ تي اعتبار ڪرڻ، هڪٻئي جي
پٽڪي لاهڻ لاءِ کڏون کوٽڻ، مطلب ته بغض ۽ عناد،
شقاوت ۽ فساد جي انهيءَ فضا چند مهينن اندر هرات
جي تيموري سلطنت جو شيرازو تباهه ڪري، انهيءَ حد
تائين انهيءِ جي ساک ختم ڪري ڇڏي جو چوڌاري هرات
تي حملا شروع ٿي ويا، جن نيٺ انهيءَ نامور حڪومت
جو خاتمو آڻي ڇڏيو.
بادشاهه گردي شروع ٿيڻ سان هڪ طرفان ايران جي
صفوي سلطنت جي باني شاهه اسماعيل (907 هه) حملا
شروع ڪري ڏنا، ٻئي پاسي کان ماوراء النهر جو
اوزبڪ بادشاهه محمد خان شيباني (905 هه) مقابلي
لاءِ نڪري آيو. اهي ٻئي قوتون ملڪ گيريءَ ۽
توسيع حڪوت جي لالچ ۾ برسر پيڪار هيون. انهيءَ
ئي زماني ۾ هندوستان جي مغل سلطنت جو باني بابر
بادشاهه پڻ فرغاني تان پنهنجي اباڻي حڪومت ساڳي
شيبانيءَ هٿان وڃائي (910 هه) خراسان جي قنڌار،
ڪابل، بُست ۽ زمين داور واري علاقي ۾ قسمت
آزمائڻ لاءِ هٿ – پير هڻڻ لاءِ اچي پهتو. انهيءَ
حصي تي شاهه حسين بايقرا طرفان ڪيتري زماني کان،
ارغون گهراڻو (امير ذوالنون - شاهه بيگ) نيابت
جي صورت ۾ حڪومت ڪري رهيو هو. جيڪو شاهه حسين
بيقرا جي وفات کان پوءِ، شهزادن جي باهمي جنگ
وجدل ۾ مشغول ٿي وڃڻ سبب انهيءَ حصي جو پاڻ کي
تقريباً آزاد حڪمران سمجهي رهيو هيو ۽ نهايت
سيبتائيءَ ۽ چالاڪيءَ سان شيبانيءَ، صفويءَ ۽
بابر جي وچ ۾ پاڻ کي بچائڻ ۽ سلامت رکڻ لاءِ هٿ
پير هلائڻ ۾ مصروف ۽ مشغول هيو.
انهيءَ سياسي افراتفريءَ ۽ بادشاهه گڙديءَ ملڪ
جي قسمت کي چند سالن اندر هيٺينءَ ريت زيروزبر
ڪري ڇڏيو:
910 هه / 1504ع بابر فرغاني جي حڪومت وڃائي(1)
(907 هه) ڪابل پهتو ۽ امير ذوالنون جي پٽ محمد
مقيم کي پهريون دفعو شڪست ڏنائين.
911 هه / 1505ع شاهه حسين ميرزا بايقرا انتقال
ڪيو، جنهن بعد شهرزادن پاڻ ۾ وڙهڻ شروع ڪيو ۽
گهرو ويڙهه جي ابدا ٿي وئي.
913 هه / 1507ع محمد خان شيبانيءَ هراتي شهزادن
کي شڪست ڏئي خراسان کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. امير
ذوالنون ارغون انهيءَ جنگ ۾ مارجي ويو. سندس پٽ
شاهه بيگ ارغون قنڌار واري علاقي تي جانشين ٿيو.
ليڪن ساڳي سال ۾ بابر قنڌار پنهنجي قبضي ۾ آڻي
شاهه بيگ کي شال (ڪوئٽه) ۽ سيويءَ طرف ڌڪي ڪڍيو.
917 هه / 1511ع شاهه اسماعيل صفويءَ، شيبانيءَ
کي جنگ ۾ شڪست ڏئي قتل ڪري خراسان تان سندس تسلط
ختم ڪري ڇڏيو. شاهه بيگ ارغون سندس سلام تي هرات
ويو جنهن کي هُن قلعهء اختيار الدين ۾ قيد ڪري
ڇڏيو، جتان هو سنبل نالي پنهنجي نوڪر جي ذريعي
ڀڄي نڪتو.
921 هه/ 1515ع بابر ۽ شاهه بيگ جي درميان
آويزشون ٿينديون رهيون. قنڌار جو علائقو پنهنجي
لاءِ غير محفوظ سمجهي، مستقل طرح شال ۽ سيويءَ
طرف نئين حڪومت جي طرح وجهڻ شروع ڪئي. سنڌ جو
ملڪ به سامهن هيس جنهن تي 17 ذوالقعده جو
(1) آزمائشي حملو ڪري دادو ضلع ۾ باغبان ۽ ڳاهن تائين پهچي لٽ ڦر ڪري في الحال
موٽي هليو ويو.
923 هه / 1517ع شاهه بيگ بابر جي مسلسل حملن کان
بيوس ٿي قنڌار تان آخرڪار هٿ ڪنيو ۽ قلعي جون
ڪنجيون بابر ڏانهن موڪلي پاڻ آڪهه سميت اچي
سيويءَ ۽ شال (ڪوئيٽا) واري علاقي تي اڪتفا ڪري
آئيندي جي حالتن جو انتظار ڪرڻ لڳو.
جنهن وقت خراسان اندر بادشاهه گرديءَ جو اهو
صورتحال هيو، عين انهيءَ دور ۾ سنڌ کي به اچي
بدبختيءَ پاسو ڏنو. 914 هه / 1508ع ۾ سنڌ جو
نامور ۽ خوش بخت بادشاهه سلطان ڄام نظام الدين
48 ورهيه حڪومت ڪرڻ بعد فوت ٿي ويو ۽ سنڌ جي
شهزادن ۾ پڻ تيموري شهزادن جهڙي جنگ شروع ٿي وئي
۽ دشمنن لاءِ سنڌ جا دروازا کلي پيا
(2) نتيجي طور شاهه بيگ جهڙي موقعه پرست
Interloper
۽ ٺڳ، سنڌين کي ڌوڪي ۾ رکي ملڪ مٿان (927هه /
1520ع) قبضو ڪري ورتو. اهڙيءَ ريت خراسان جي
انقلاب سنڌ جي قسمت ۾ به بدبختيءَ جو ڦيرو آڻي
ڇڏيو. نه فقط ملڪي آزادي وئي ۽ پنهنجن جي مالڪي
ختم ٿي، بلڪ ڌارين جي اچڻ لاءِ سنڌ جا رستا کلي
پيا. خراسان جي انهيءَ خاص طبقي، جنهن جا مفاد ۽
مقصد اتهن ختم ٿي چڪا هئا، ۽ ڪنهن نئي ملڪ جي
تاڙ ۾ واٽون ۽ وجهه تڪي تاڙي رهيا هئا. انهن جو
رخ سنڌ ڏانهن ٿيو. هاڻي سنڌ مٿان خراسان جي هڪ
مفرور گهراڻي جو قبضو هيو، خراسان جي سرحد سان
هي نئون ملڪ لاڳيتو ۽ مقابلتاً زياده شاهوڪار،
سائو ۽ ستابو، امن ۽ امان وارو هيو، تنهنڪري
جيڪي ڀڳوڙا اتهن لڏ پٽي هتي پناهگير ٿي اچي
پهتا، سي ڄڻ پنهنجي گهر جي ئي اڳڻ ۾ اچي نڪتا
هئا.
انهيءَ طريقي ۾ جيڪي پنهنجي وطن کي ترڪ ڪري سنڌ
۾ آيا، انهن مان مير سيد صفائي جو گهراڻو به
هيو، جنهن بکر کي پنهنجي مستقل قيام لاءِ منتخب
ڪيو.
بکر جو انتخاب ۽ جاءِ وقوع؛ بکر سياسي خواهه
سماجي طرح سنڌ جو مکيه شهر هيو. جاءِ وقوع جي
لحاظ کان پڻ اهڙي هنڌ تي هيو، جت سڀئي آسانيون
مهيا هيون، مثلاً؛ ڪابل قنڌار هڪ طرف کان واقع
هيو، ٻئي طرف کان سنڌ جي گاديءَ جو شهر ننگر ٺٽو
ويجهو، هندوستان جهڙو وسيع ۽ عريض ملڪ ٽئين طرف
کان پنهنجي سموريءَ سرحد جي دامن کي وڇايو پيو
هيو، سڀئي گهٽ گهيڙ، رستا ۽ راهون بکر کان
اوڏانهن ويا ٿي. غير يقيني حالتن هيٺ پناهگيرن
لاءِ اهڙو شهر نهايت موزون ۽ مناسب هيو. جتي هر
قسم جي آساني ۽ سهوليت به موجود ۽ بوقت ضرورت
دوباري فرار لاءِ پڻ چارئي طرف کليل. ازان سواءِ
اباڻي ملڪ کان ايندڙ ويندڙ قافلن جو راهه ۽ رند
به اتاهون شروع ٿيو ٿي. گويا بکر جي عارضي يا
پڪيءَ طرح ساڪن ٿيڻ سبب سڀئي سهوليتون سک ۽
آسانيون ميسر ٿيا ٿي.
سلطان محمود بکري؛ شاهه بيگ ارغون، جنهن کي بابر
بادشاهه شجاع بيگ سڏيو آهي
(1) سنڌ قبضي ڪرڻ بعد ستت ئي. فوت ٿي (22 شعبان 928 هه) ويو، جنهن وقت سيد مير
صفائي بکر ۾ پهتو، ان وقت سندس پٽ شاهه حسن
ارغون سنڌ جو حڪمران هيو ۽ بکر جي علاقي تي پٽس
جي کير پيتي (ڪوڪلتاش) ڀاءُ مير فاضل جو پٽ،
سلطان محمود بکري سندس نيابت ۾ حڪومت ڪري رهيو
هيو، جنهن جو مير صفائي جي گهراڻي سان قديمي
تعلق هيو. مير فاضل سيدن جي جد اعليٰ سيد حسن
ابدال (بابا ولي قنڌاري) جي درگاهه جو معتقد
هيو، جنهن جو اظهار انهيءَ ڪتبي مان ٿئي ٿو،
جيڪو هن مرمت ڪرائڻ وقت انهيءَ بزرگ جي مزار تي
لڳايو آهي(2).
مير سيد صفائي جڏهن بکر پهتو، انهيءَ وقت ساڻن
انهيءَ خانداني رابطي ۽ راهه و رسم سبب، سلطان
محمود سندس وڏو آڌر ڀاءُ ۽ استقبال ڪيو ۽ وڏي
شان مان سان کيس بکر ۾ رهايو. ذخيرت الخوانين جي
مصنف لکيو آهي:
”سلطان محمود حاڪم بکر، مير جي اچڻ کي غنيمت
ڄاڻي وڏي عزت ۽ مرتبي سان کيس اتهن رهايو(3).
محمود بکريءَ فقط پراڻي رابطي ڪري سيد صفائي جي
پذيرائي نه ڪئي هئي، بلڪ سيد پاڻ به پنهنجي
اوصافن سبب لکُ لهندو هيو، اهڙي احترام ۽ عزت
لاءِ هر طرح لائق ۽ فائق هيو. خانداني پس منظر
کان سواءِ سندس شخصي طبعيت، مزاج جي لطافت، علم
و فضل، زهر و تقويٰ، جو د و سخا ۽ منجهس مهمان
نوازي ۽ هٿ جي ڪشادگيءَ وغيره جا اهڙا انگ هئا
جو خراساني خويش ته خير هيائي سندس پنهنجا، ليڪن
نئين وطن جا باشندا جيڪي اجنبي قابض جي تشدد کان
بيزار ۽ انهن جي طور طريقي کان مايون ۽ مشڪوڪ
هيا سي پڻ سيد صفائي جي جا گرويدا ٿي پيا ۽ کين
منجهاننئس محبت ۽ پنهنجائپ جي خوشبو اچڻ لڳي.
سندس اوطاق تي چيو وڃي ٿو ته؛ سنڌين جو ميلو لڳو
رهندو هيو، اوري پري ۽ آسپاس وارن جا ڪٽڪ اچڻ
وڃڻ لڳا. مير معصوم پنهنجي والد جو هن طرح مذڪور
ڪيو آهي؛
”نقابت ۽ ڪثرت ذوق جي صفت سان موصوف هو، سخا ۽
احسان جي گهڻائيءَ ۾ مشهور، هميشه عالمن فاضلن
سان محبت رکندو هيو ۽ مسافر خواهه پاڙيسري سندس
احسان جي دستر خوان مان فائدو وٺندا رهندا هئا ۽
هميشه – التعظيم لامرالله والشفقة عليٰ خلق الله
- جي مقتضا موجب عمل ڪري، محتاجن ۽ زبردستن جي
خدا ڪارڻ امداد ۽ مدد ۾ ڪوشان رهندو هو“(1).
جنهن جاءِ محمود بکريءَ جهڙي ظالم ۽ شقي القلب
حاڪم جي ظلم کان پناهه به ملي سگهي، دستر خوان
به کليل هجي، سلام-ڪلام ۽ ملڻ جلڻ ۾ به محبت ۽
شفقت هجي، تقويٰ ۽پرهيزگاري ۽ دين دنيا جو مجسم
۽ مظهر اکين سامهون هجي، اتهن مظلومن جا ميڙا
خلق خدا جا انبوهه ڪيئن نه گڏ ٿيندا.
سيد صاحب سڃون ۽ سکڻون، بوڇڻ ڪلهي تي رکي
الانهار ڪري سنڌ ۾ ڪونه آيو هيو، جڏهن وطن تان
سندس دل کڄي وئي، تڏهن پنهنجي ڪڙم قبيلي ۽ سڄي
ڪهول نوڪرن چاڪرن گولن ۽ گولاڙِن سميت، لڏي
پلاڻي سکر ۾ اچي پهتو هيو، تنهنڪري سنڌ جي اٽي
تي چٽي ڪونه هيو، مورڳو سنڌين لاءِ سندس وجور
آٿت ثابت ٿيو ۽ پاڻ سندن معاون مددگار ٿي رهيو.
ذخيرت الخوانين جو صاحب جيڪو پاڻ بکر جو رهاڪو
هيو، سو سيد مرحوم جي رهڻي ڪهڻي، صاحبيءَ ۽
ثروتمنديءَ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته؛ وٽس ڪيئي
ٻانهيون ۽ غلام موجود هئا.(1)
شيخ الاسلامي: شاهه بيگ جو پٽ شاهه حسن ارغون
(962 هه) ۾ بي اولادو فوت ٿيو. سنڌ کي کانئس
پوءِ سندس ٻن اميرن پاڻ ۾ ورهائي کنيو. لوَر سنڌ
ٺٽي سميت عيسيٰ ترخان جي حصي ۾ آئي ۽ سيوهڻ کان
مٿين سنڌ سلطان محمود بکريءَ کنئين جنهن جو مرڪز
دستوري طرح بکر رهيو.
ارغونن، بکر جو شيخ الاسلام شاهه قطاب الدين بن
شاهه محمود بن شاهه طيب هرويءَ کي مقرر ڪيو هيو،
جو ساڻن گڏجي ڪابل ۽ قنڌار کان هت پهتو هيو.
سندس علم ۽ فضل جي واکاڻ ڪندي مير معصوم لکي ٿو؛
”خراسان جي اڪابرن ۽ وڏن درجي وارن ساداتن مان
هيو، ترڪن (ازبڪن) جي جنگن سبب ملڪ ڇڏي سنڌ ۾
بشريف فرما ٿيو، بکر ۾ اچي رهيو. جُمع ڏينهن
واعظ جي ذريعي مخلوق خدا کي سنئين رستي تي هلڻ
لاءِ هدايت ڪندو هيو. نهايت متقي، پرهيزگار ۽
شريعت جو پابند هيو. سال (977 هه) (اوائل 1570ع)
جي پڇاڙيءَ ۾ عالم جاودانيءَ ڏانهن لاڏاڻو
ڪيائين ”واعظ“ مان سندس وفات جو سال نڪري ٿو.(2)
انهيءَ بزرگ جي لاڏاڻي بعد سلطان محمود بکريءَ
اهو عهدو سيد صفائيءَ جي سپرد ڪيو، جنهن کي هن
بزرگ نهايت ديانتداريءَ ۽ نيڪناميءَ سان ڪن سالن
تائين هلايو.(3)
وفات؛ تاريخ معصوميءَ جي ڇپيل نسخي مطابق ذيقعده
991هه(1) (نومبر 1581ع) ۾ سيد صاحب هن فاني دنيا مان ڪوچ ڪيو، مير معصوم خاندان جي
انهيءَ حادثي تي جيڪا تاريخ چئي آهي، اها مير
صفائي جي مزار تي اڪريل ۽ هن ريت آهي؛
ماه قرشي سيد صفائي
کافراشت فلک لوائي نورش
ناگاه، ازين جهانگهه سير
افتاد، بآن جهان عبورش
نامي زبراي سال تاريخ
گفتا؛ پرنور باد گورش(2)
991 هه
سلطان محمود ته سخت گير، تند مزاج ۽ درشت خو
هيوئي، ليڪن اهو، اهو زمانو هيو جڏهن ٺٽي ۾
ميرزا عيسيٰ ترخان جو پٽ ميرزا باقي ترخان ظلم ۽
تشدد جي انتها ڪري رهيو هيو ۽ تقريباً ڪشت وخون
جو مٿس جنون سوار هيو.
انهيءَ قطعي جي چوڌاري پٿر جي چئن ڪنارن تي
هيٺيان شعر اُڪريل آهن:
اي آمده! بر سرِ مزارم
از آمدنت، اميد وارم
يک فاتحهء بخوان با خلاص
تا حق کندت بمغفرت خاص
حسرت زده ام بخاک مانده
افتاده درين مغاک مانده.
سکر ۾ مير معصوم جي قبرستان ۾ ڇٽيءَ هيٺان پهرين
قبر ۾ سيد مير صفائي ابدي آرام ۾ محو آهي.
اخلاق ۽ فضيلتون؛ سيد مرحوم جي شخصي اخلاق، علم
۽ فضل، هٿ جي ڪشادگيءَ ۽ سخاوت متعلق پٽس مير
معصوم جي زبانيءَ مٿي ذڪر اچي چڪو آهي. ساڳيائي
تعريفي لفظ ٿوري ڦير گهير سان ٻين مصنفن پڻ ڪتب
آندا آهن. جن به ذڪر ڪيو آهي، تن اڳيان مير
معصوم جي ئي لکت پيش نظر رهي آهي، بدايوني جيڪو
مير معصوم جو معاصر آهي، تنهن هيٺينءَ طرح سندس
گهراڻي جي عظمت جو ذڪر ڪيو آهي، ”شهر جا اڪابرن
۽ عظيم الشان ساداتن مان هيو.(1)
ماثر رحيميءَ جي صاحب تقريباً مير معصوم جا لفظ
نقل ڪيا آهن
(2) مقالات الشعرا جو مصنف ٻارهين صديءَ جو مؤرخ آهي، تنهن پنهنجي تذڪري (1174
هه) ۾ ساڳوئي مطلب پنهنجي لفظن ۽ پنهنجي انداز ۾
ادا ڪيو آهي؛
”موصوف علم ۽ فضل جو صاحب، پنهنجي دور جي فاضلن
۾ برک ۽ وقت جي عالمن ۾ يگانو هيو. بهترين
ڪرامتن ۽ چونڊ عادتن کي يادگار ڇڏيائين. سندس
پرمڙسائي ۽ شرفت، تعريف ۽ تشريح جي محتاج نه
آهي.“(3)
ساڳيو مصفن - تحفة الڪرام (1181 هه) ۾ به اهوئي
مطلب دهرائي ٿو.(1)
شاعري: سيد صاحب لاءِ شاعري جيتوڻيڪ سندس فضيلت
۽ علمي مرتبي مطابق نه هئي، ليڪن انهيءَ دور جي
اهل علم و فضل جي طريقي ۽ رواج مطابق انهيءَ ذوق
۽ هنر کان بيگانو ڪونه هيو، چنانچه هيٺيون شعر
ڏانهس منسوب آهي:
شجرِ عشق، به هر جا که دواند ريشه
مثرهء مور، کند کار هزاران تيشه
مير معصوم پيءُ جي شاعر هجڻ ڏانهن اشارو ڪونه
ڪيو آهي. خبر نه آهي ته مير علي شير قانع مٿيون
شعر ڪٿان آڻي ڏانهس منسوب ڪيو؟(2)
عيال – اولاد: خيال آهي ته سيد صفائي پنهنجي
اصلي وطن ۾ غالباً شادي ڪونه ڪئي هئي، جڏهن هتي
آيو، ان وقت پنهنجي سر اڪيلو هيو، هتي اچڻ سان
سيوهڻ جي کابڙو ٽي(3) ساداتن منجهان شادي ڪيائين. اها سڱابندي سلطان محمود بکريءَ جي ذريعي ٿي،
جيئن ذخيرت الخوانين جي مصنف لکيو آهي:
”سلطان محمود ... سيوهڻ جي کابڙو ٽي (2) ساداتن
منجهان سندس نسبت ڪرائي جنهن مان آل - اولاد
ٿيس.(1)
سيد مير ڪلان، کاٻرٽي سيدن جو جد اعليٰ هيو،
جيڪو پڻ ساڳئي دؤر ۽ ساڳين سببن ڪري خراسان مان
لڏي سيوهڻ ۾ اچي ويٺو هيو. مير معصوم کيس پنهنجو
جد (مادري) لکي ٿو:
”- سيادت پناه سيد مير کلان.... هنن ورقن جي
لکندڙ جو ڏاڏو...“(2)
”- سيادت پناه سيد مير کلان جيڪو هنن ورقن جي
لکندڙ جو ڏاڏو...“(3)
تحفة الڪرام جو صاحب پڻ مير معصوم کي سيد جو
ڏهٽاڻ ڄاڻائي ٿو.(4)
مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي تاريخ معصومي جي مقدمي ۾
لکيو آهي ته؛ ”سيد موصوف انهيءَ مير ڪلان جي
نياڻي سان شادي ڪئي هوندي“.(5)
قرين قياس اهوئي آهي ته هنن ٻنهي گهراڻن جي پاڻ
۾ واقفيت ان وقت ٿي آهي جڏهن مير ڪلان ڪربلا کان
موٽندي اشڪلچه جي ڳوٺ ۾.... شير قلندر جي درگاهه
تي پهتو هيو.(6)
سيد مير ڪلان سنڌ جي تاريخ ۾ اهم شخصيت ۽ حيثيت
رکي ٿو جنهن جو ذڪر هن کان پوءِ جدا باب ۾
ايندو، هت مير صفائي جي پٽيتيءَ اولاد جو ذڪر
ڪجي ٿو، جنهن لاءِ خيال آهي ته کيس انهيءَ هڪ ئي
ديري مان ٿي.
1 مير ابو القام
مير معصوم پنهنجي والد جي مختصر مذڪور کان
سواءِ، پنهنجي خاندان ۽ ڀائرن يا عزيزن متعلق ڪو
ذڪر ڪو نه ڪيو آهي، انهيءَ جو سبب غالباً اهوئي
ٿي سگهي ٿو ته سندس تاريخ خالص سياسي واقعات
متعلق آهي، تنهنڪري هن پنهنجي گهراڻي جو ذڪر ڪرڻ
موضوع کان خارج سمجهيو آهي. مختلف اشارا جيڪي
موضوع جي لحاظ کان ضروري هئا سي البت هن ڪيا
آهن، جن تي هن سوانح جو دارومدار رکيو ويو آهي.
مير ابو القاسم جو نالو سڀ کان پهريون تاريخ
بدايوني ۾ ملي ٿو جنهن ۾ کيس ”اعاظم اڪابر بکر“(1) لکيو ويو آهي ۽ بيان ڪيو ويو آهي ته؛ هو مير سيد محمد (مير عدل) جي پٽن سان
گڏجي سيويءَ جي قلعي کي فتح ڪرڻ لاءِ ويو جنهن ۾
کيس ڪاميابي ٿي جنهن بعد مير ابوالفضل (مير عدل
جي فرزند) سان گڏجي اڪبر بادشاهه جي درٻار ۾
پهتو، جتي کيس ”منصب احديه“ عطا ٿيو. مير ابو
القاسم انهيءَ فتح جي تاريخ هن ريت ڪڍي؛
”فتح سيوي شد باولاد نبي“ (2)984هه؛
ذخيرت الخوانين جو مصنف شيخ فريد پاڻ بکر جو
رهاڪو ۽ خاندان متعلق شخصي ڄاڻ رکندڙ هو، کانئس
معلوم ٿئي ٿو ته مير صفائيءَ کي ٽي پٽ هئا
(3) جن ۾ وڏو فرزند مير ابوالقاسم، ٻيو مير محمد فاضل، ۽ ٻنهي کان ننڍو مير
معصوم هيو.
مير ابو القاسم جو انتقال (991هه) ۾ غالباً ڦوهه
جوانيءَ ۾ ٿيو، جنهن بدقسمت سال ۾ سندس والد پڻ
لاڏاڻو ڪيو ۽ مير معصوم پاڻ انهيءَ زماني ۾
خواجه نظام الدين احمد بخشيءَ جي ملازمت ۾
گجرات ويل هيو.
مير صفائي جي هن فرزند جي تربت خانداني قبرستان
اندر مرڪزي ڇٽيءَ هيٺان مير معصوم جي ڀر ۾ اوڀر
کان آهي، ٻنهي قبرن جي وچ ۾ هڪ ٻار جي قبر آهي.
ڀاءُ جي قضيه تي مير معصوم هيٺيون تاريخي قطعو
چيو جيڪو قبر جي پيرن کان لوڙهه تي اڪريل آهي؛
چوشد مير ابو القاسم نيک راي
سوئي دار عقبا ز دار فنا
چو نامي طلب کرد، تاريخ او
خرد گفت؛ رفتا به دارِ بقا
991هه
انهيءَ بزرگ کي صاحب ذخيرت الخوانين جي قول
مطابق هڪ پٽ محمد شجاع نالي هيو جيڪو سندس ٻئي
ڀاءُ محمد فاضل جو ناٺي ٿيو.
2- سيد محمد فاضل
هيءُ مير صفائي جو ٻيو پٽ هيو. عالم، فاضل ۽
هندي (سنڌي؟) زبان جو ڄاڻو ۽ شاعر هيو. چيو وڃي
ٿو ته شعر ۾ ڪمال جي فصاحت هيس ۽ سندس ڪافيون
ماڻهن ۾ ڏاڍو مقبول هيون.(1)
هندي (اردو) زبان ۾ ڪافي ڪانه ٿيندي آهي، اها
صنف سنڌي ۽ ملتانيءَ جي آهي، يقين آهي ته سيد
محمد فاضل سنڌيءَ ڪافيءَ جي صنف جو خصوصي شاعر
هيو. ڪتابت جي تصرف سنڌيءَ کي هندي ڪري ڇڏيو
آهي، سنڌي ڪلام انهيءَ دور ۾ تمام مشهور، عام
مقبول هيو، هنديءَ جو سنڌ اندر رواج ڪونه هيو ۽
سنڌ ملڪ ۾ ان جي مقابلي ۾ سنڌيءَ جا ڪيئي
ڪلاسيڪي شاعر انهيءَ دور ۾ موجود هئا، جهڙوڪ؛
مخدوم نوح، شاه ڪريم، سيد علي شيرازي وغيره ۽
انهن کان اڳ ۾ قاضي قاضن ۽ ان جا معاصر ڪافي گو
شاعر، جن جون ڪافيون حضرت شيخ عيسيٰ سنڌي
جندالله سيوستاني وارا برهانپور ۾ پنهنجي سنگتين
کان ٻڌندا رهندا هئا. ڪافيءَ جي صنف مقبول ترين
صنف هئي جنهن کي مير فاضل اختيار ڪري پاڻ به
قبول عام حاصل ڪيو.(1)
محمد فاضل کي پٽيتو اولاد ڪونه ٿيو. هڪ نياڻي
هيس جيڪا سندس ڀائٽي سيد محمد شجاع جي گهر ۾
هئي.
سندس قبر تي ڪتبو ڪونه آهي، چئي نٿو سگهي ته
مرڪزي ٿلهي تي ڪهڙيءَ قبر ۾ پاڻ ستل آهي.
مير سيد صفائي جي ننڍي مگر جڳ مشهور فرزند مير
محمد معصوم جو مذڪور هن ڪتاب جو عنوان ۽ مقصود
آهي، تنهنڪري ايندڙ صفحن لاءِ ان کي ڇڏيو وڃي.
-----