جيئن موضوع جي مناسبت سان هن ڪتاب ۾ محفوظ ٿي وڃن.
خدا وندا دلي ده شعله افروز
درو جاني، ز برقِ عشق در سوز
بدل ده شعلهء آتش گدازم
بريزان از مثره اشک نيازم
بخاشا کي تنم در آتش انداز
که دوزخ گردد از وي شعله پرداز
درونم راچنان کن آتش افروز
که دوزخ را ازان آتش فتد سوز
چنان کن موج زن اشکم سوئي اوج
که گردون چون خسي باشد بران موج
چنان ده در درون سينه سوزم
که در وي خرمن هستي بسوزم
چنان زان آتشم دل زنده گردان
که از غيرت بسوزد آب حيوان
دل ده سربسر شايستهء درد
درونم چون جراحت خستهء درد
دلي کاو زخم از مرحم نداند
متاع خوشدلي از غم نداند
دلي خواهم ز درد آزرده و ريش
که از درد ش بدرد آيد سر نيش
-----
بت فکرم که رخ بنمود از غيب
مبر داريش از تهمت عيب
جمالش را بهار، تازگي ده
چو حسن او بلند آوازگي دهه
ازين نامه که نامش جاودان باد
مرا زو نام، و نامم را نشان باد
لباس نيکنامي در برش کن
چو نامي در جهان نام آورش کن
رسيد اينک بهار، عالم افروز
ز گلها، شد چمن، روشن تر از روز
هوا شست ز شبنم، روي گلزار
چمن را غازه کرده رنگ و رخسار
نسيم صبحدم از جنبش خاص
ز سر تا پاي گلبن کرده رقاص
ز فيض صبحدم کافلاک ميريخت
همه لؤ بزير، خاک مير يخت
نسيم صبحدم شد فيض گستر
هوا افشاند سو لولوي تر
بر آمد بر هوا ابر طربناک
ز طنازي کشيده سر بر افلاک
.............. الخ
(6) طب يا مفر دات نامي: مير معصوم ڀانئجي ٿو ڪو نامي طبيب،
پيشه ور حڪيم، يا انهيءَ فن ۾ ڪو خاص درڪ يا مقام
رکندڙ ڪونه هو. قديم دستور مطابق طب نصاب جو هڪ
مضمون هو. ۽ تقريباً هر طلاب العلم پڙهندو هو،
جيڪي پيشه طور ان کي اختيار نه ڪندا هئا، اهي ڪم
از ڪم ايتري ڄاڻ رکندا هئا جو پنهنجي گهر ۽ حلقه
اندر ستي ڦڪي ڪري سگهن مشرق ۾ آخري دؤر تائين اهو
دستور رهيو آهي ته هر اهو عالم جنهن ي همه دانيءَ
جي دعوا هوندي هئي سو معاصرن ۾ سرخرو ٿيڻ خاطر هر
فن ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور لکي پنهنجي نالي ڪڍڻ جي
ڪوشش ڪندو هو. چنانچه خاص طرح طب ۾ جيڪي ڪتاب يا
بياض ڏسڻ ۾ اچن ٿا سي گهڻو ڪري انهيءَ بيان ڪيل
زمره جا آهن. پردي داري ۽ خاندانيءَ جي سلسلي ۾ به
هر پڙهيل لکيل جو طب ۾ ٿورو گهڻو دخل ضروري هو
جيئن گهرو پردي داري قائم رهي سگهي. خانداني طرح
پشت به پشت به ڪي مجرب نسخا وراثت ۾ ايندا ٿي رهيا
جيڪي گهڻو ڪري بياض جي صورت ۾ ضبط ڪيا ويندا هئا
مير معصوم خانداني ماڻهو هو، پردي دار هو، ازان
سواءِ سندس گهراڻو خراسان مان آيل هو جيڪو مختلف
اسلامي فنون جو مرڪز ليکيو ٿي ويو، تنهنڪري طب ۾
پڻ ٻين علمن سان گڏ گهراڻي جي فردن کي ضرور درڪ
هوندو، تنهنڪري مير قديم سنت کي پورو ڪندي پنهنجي
خانداني نسخن کي مفردات يا مجربات جي نالي سان
قلمبند ڪري ڇڏيو ٿو ڀانئجي، اهو مختصر ڪتاب جنهن
کي راقم الحروف پڻ ڪنهن زماني ۾ ڏٺو ”مفردات
معصوم“ جي نالي سان معروف هو جهڙيءَ طرح ماثر
الامرا جي عبرت مان ظهار ٿيئي ٿو(1).
ڪن مصنفن غلط فهميءَ جي بناءَ تي هڪ ئي ڪتاب کي ٻه
مختلف ڪتاب سمجهي، جدا جدا نالا ڏنا آهن، جيئن ته
برٽش ميوزم جي فهرست نگار ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي
مرحوم ”طب نامي“ ۽ ”مفردات معصومي“ جا نالا جدا
ورتا آهن(2).
اهو رسالو 1004 هه کان پوءِ ڀانئجي ٿو مرتب ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ
ته طبقات جي مصنف يا ملا بدايونيءَ انهيءَ جو ذڪر
نه ڪيو آهي.
ڪتاب ۾ مرضن جي تحت انهن مفرد دوائن جا نالا ڏنا ويا آهن، جيڪي
انهيءَ بيماريءَ لاءِ مفيد ۽ مجرب هيون. استعمال
جو طريقو پڻ بيان ڪيو ويو آهي. ڪتاب جا نسخا ذاتي
خواه قومي ڪتب خانن ۾ موجود آهن، جيئن ته:
ڪتب خانه آصفيه: ٻه نسخا ”رساله مفردات مير معصوم“ جي نالي سان
نمبر 392 ۽369.
خدا بخش لائبريري پاثنا: هڪ نسخو 24 ورق هر ورق ۾ 23 سٽون،
ڪتابت سنه 1110 هه، خط تعليق.
بنگال ايشاٽڪ سوسائٽي: هڪ نسخو نمبر 1550 (26.جِي) پنجويهه باب
ڪتابت 1182هه.
سنڌ: ۾ ڪيترن ذاتي ڪتبخانن ۾ انهيءَ جا نسخا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
معصومي خاندان ۽ روهڙيءَ جي قديم گهراڻن ۾ 1930ع ۾
اسان ڏٺا. ميان نور محمد ڀٽي (حيدرآباد) وٽ به هڪ
نسخو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.
تاريخ سنڌ: جيڪا عام طرح ”تاريخ معصوميءَ“ جي نالي سان به
مشهورآهي. مير معصوم جي تاريخي ذوق جو پهريون
گواهه، خواجه نظام الدين احمد ۽ سندس تصنيف ”طبقات
اڪبري“ آهن. تاريخ معصومي سنڌ جي تاريخ تي سندس
اهم شاهڪار آهي، چچ نامي کان پوءِ هيءَ ٻي سنڌ جي
تارخ ۾ آهي. انهن ٻنهي ڪتابن جي وچ ۾ صدين جي وٿي
آهي، جنهن ۾ ٻيو ڪوبه ڪتاب لکيو نه ويو ۽ تاريخي
ڪڙيون گم ۽ نا پيد رهيون، جنهن کي مير معصوم محسوس
ڪيو ۽ اسان جو گمان آهي ته ڪتاب لکڻ جي ضرورت جو
احساس کيس گجرات ۾ ٿيو، جنهن وقت طبقات لکيو ٿي
ويو ۽ سنڌ جي تاريخ تي مواد جو فقدان اظهار ٿيو،
مير يقيناً انهيءَ زماني کان پنهنجي تاريخ مرتب
ڪرڻ شروع ڪئي.
جيڪي ماخذ خواجه نظام الدين ڪتب آندا، مير پڻ انهن مان پنهنجي
ضرورت جو مواد ورتو جيئن ته سنڌ جي سومرن جي احوال
”تاريخ بهادر شاهيءَ“ مان ورتو اٿس. پاڻ ٽن ڪتابن
جو نالو ورتو اٿائين.
تاريخ مرات الجنان ص.5
تاريخ گزيده ص.5
تاريخ چچ نامه ص. 4-6
”حبيب السير“ سندس پيش نظر رهي آهي جنهن جو حاولو
ڪونه ڏنو اٿائين، ليڪن ڪيتريون عبارتون لفظ بلفظ
نقل ٿيل آهن. ڪن واقعن جو پاڻ اکين وٺو شاهد هو
تنهنڪري اهو حصو اهم آهي اگرچه نهايت اختصار کان
ڪم وٺي لکت کي سرسري ڪري ڇڏيو اٿائين، جنهنڪري
پڙهندڙ کي تسلي ڪانه ٿي ٿئي.
ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم جو خيال آهي ته ”تاريخ معصوم“ جي ذريعي
مير صاحب جي تاريخدانيءَ جو قائل نٿو ٿي سگهجي.
ڊاڪٽر مرحوم چند مثال ڏيئي ٻڌايو آهي ته مير صاحب
ڪيئن تحقيق کان ڪم نه ورتو آهي. سندس خيال آهي ته
مير عمر رسيدو ٿي چڪو هو، سندس قوتون مضمحل ٿي
ويون هيون، حافظو ڪمزور هوس، تنهنڪري تحقيق لاءِ
گهربل جاکوڙ مير صاحب کان ٿي نه سگهي آهي(1).
اها حقيقت آهي ته مصنف گهربل ضرورتن کي پورو نه ڪيو آهي، ليڪن
اهو خيال ۾ رکڻ ضروري آهي ته تحقيق جو معيار جيڪو
اڄ سمجهيو وڃي ٿو سو گذريل دور ۾ نه هو. انهيءَ
زماني جو انداز زياده ترنقل نويسي هو. ۽ جيڪي ڪجهه
اکين ڏٺو احوال ڏنو ٿي ويو انهيءَ ۾ تاريخن جي فرو
گذاشت ۽ غلطي ڪئي ٿي ويئي اهو انداز تقريباً هر هڪ
تاريخي ڪتاب ۾ ملندو. جنهن جي ڪري ئي اڄوڪي دور ۾
تحقيق ڪندڙن لاءِ واقعن جي ڀيٽا هڪ مصيبت ٿي پيئي
آهي، ۽ تاريخي مسئلن جا ڪيترا پيچ اڻ کليا رهجي
ويا آهن.
انهيءَ دستوري ڪمزوريءَ جي باوجود مير مرحوم جو انهيءَ تاريخ
لکڻ ڪري سنڌ تي عظيم احسان آهي، ورنه ڪي ئي صديون
اونداهيون رهجي وڃن ها. ارغونن ۽ ترخانن جو حصو يا
پنهنجي دؤر جي مشهور ماڻهن جو تذڪرو، اهي اهڙا باب
آهن جيڪي جيڪڏهن مير نه لکي ها ته اسان تائين ڪيئن
پهچن ها؟
حقيقت ۾ سنڌ جي تاريخ جا بنيار وجهندڙ ٽي بزرگ آهن؛ جن جي اهميت
ڪيترن تاريخي ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جي باوجود به
پنهنجيءَ جاءِ تي مسلم ۽ اٽل آهي:
(1) علي بن حامد ڪوفي، چچنامي جو مصنف
(2) مير معصوم بکري، تاريخ معصومي جو صاحب
(3) مير علي شير قانع ٺٽوي، تحفت الڪرام ۽ مقالات
الشعرا جو مؤلف
اهي بنيادي ڪتاب آهن، باقي ڪتاب جيڪي سنڌ تي لکيا ويا، سي سڀ
ذيلي آهن.
تاريخ معصومي، در حقيقت هڪ خاص نقطي نگاهه ۽ سبب ڪري لکي ويئي
آهي، يعني مير صاحب پنهنجي اڪيل پٽ مير بزرگ جي
ذهني تربيت جي ضرور ت کي پيش نظر رکي، اهو ڪتاب
لکيو. مقدمي ۾ لکي ٿو:
”... از مطالعهء احوال تربيت يافتگان مهدا مکان و گذشتگان بني
نوع انسان بلوازم خير و شرو مواد نفع و ضر وقوف و
حاصل نموده، بحسن سيرت هونشمندان آگاه ونيڪو صفتان
باگاه اهتدا يابد، وبه سنن سنيهء و اخلاق رضيهء آن
زمرهء عليه اقتدا کرده، از شيوهء ناپسنديده اهل
نخوت و غفلت و خصائل ايشان وشيمهء رديهء ارباب
بطالت و عطلت اجتناب و احتراز نمايد...“(1).
جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي، تاريخ لکڻ جو ارادو يا ابتدا مير
صاحب گجرات ۾ رهڻ واري زماني ۾ ڪئي. انهيءَ قسم جي
عملي ۽ تاريخي ذوق جي فضاءَ جيڪا کيس گجرات ۾ ملي،
سا وري ڪٿي نصيب ڪانه ٿي، اتان موٽي اچڻ بعد مير
صاحب کي يڪساهي سڪون سان هڪ جائيتو ٿي رهڻ جو
موقعو ڪٿي ڪونه مليو. ابتدا گجرات ۾ ٿي، بکر ۾
ڪجهه لکي ويو. قنڌار جي قيام وقت به قلم هلندو
رهيو، ۽ آخري طرح سان 1009هه ۾ ڪتاب کي پورو ڪيو
ويو آهي. انهيءَ سال جا ٻه دفعا ذڪر آيو آهي؛ هڪ
جاءِ تي بکر جي قلعي جو ذڪر ڪندي مير صاحب لکي ٿو
ته ”تا اين زمان که سنهء تسع و الف است همان قلع
موجود است“(1).
۽ ٻيءَ جاءِ تي ڪتاب جي پڄاڻي، ميرزا جانيءَ جي
وفات جو ذڪر ڪندي، ڪئي ويئي آهي، يعني 27 رجب 1009
هه .(2)
ڪتاب جي عبارت نهايت روان ۽ سادي آهي، ڪابه لفظي آرايش ۽ ڪوبه
واقعاتي سينگار جيڪو ڪيترن مورخن جو خاصو هو مير
صاحب ڪونه ڪيو آهي. فارسي نثر نگاريءَ جو حقيقت ۾
اهو ڪتاب نهايت شانائتو نمونو آهي. پوين ڪيترين
تاريخن جو ماخذ اهو ڪتاب رهيو آهي. ماثر رحيميءَ
جي مصنف ارغون ۽ ترخاني دور جو سڄو انحصار تاريخ
معصوميءَ تي رکيو آهي. بلڪ لفظ بلفظ نقل ڪيو
اٿائين.
تاريخ معصوميءَ جا نسخا دنيا جي وڏن ڪتبخانن ۾ موجود آهن. چند
خاص نسخن جو ذڪر هٿي ڪجي ٿو:
پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ 156 نمبر تي تاريخ جو قديم ترين نسخو
موجود آهي حبيب الله ڪئوريجي ڏيپارجن واري 26
جمادي الاول 1017هه جو لکي پورو ڪيو. 1096هه ۾ اهو
نسخو مير اسدالله شاه معصوميءَ جي ملڪيت ۾ هو.
مصنف جي وفات کان ٻه ورهيه پوءِ ۽ تاليف واري سال
کان 8 ورهيه بعد لکيو ويو آهي.
ٻيو نسخو 19 شعبان 1159هه جو ڪتابت ٿيل به اتي موجود آهي، جنهن
جونمبر 157 آهي.
ڊاڪٽر دائودپوٽو؛ ٻيو قديم نسخو ڊاڪٽر مرحوم ڪيمبرج مان خريد
ڪيو هو، جيڪو محمد رضا بن عبدالواسع بن داروغه ڪهر
جو ڪتابت ٿيل آهي، ڪتابت جو سال 1040هه آهي.
انهيءَ نسخي کي ڊاڪٽر صاحب ڇاپي متن جو اساس بڻايو
آهي. ڪاتب سنڌ جي مشهور علمي ماڻهن مان هو.
بنگال ايشياٽڪ، ڪلڪته ۾ هڪ نسخو آهي، جيڪو پڻ 1040هه جو ڪتابت
شده آهي. نمبر 185 تي موجود آهي.
ملا فيروز لائبريري، بمبئي ۾ هڪ نسخو آهي، جنهن جو سال ڪتابت 25
شوال 1085هه آهي.
(5-6) ڪتب خانهء آصفيه ۾ ٻه نسخا آهن نمبر 292 ۽ نمبر 674
پهرئين جي ڪتابت 1227هه آهي، ٻئي جي 1197هه ۾ ٿي.
اهي خاص نسخا آهن. ٻيا غير اهم ڪيترائي نسخا موجود آهن، جن جو
ذڪر غير ضروري سمجهي، نظر انداز ڪجي ٿو(1).
تاريخ معصوميءَ جا ترجما هيٺينءَ طرح ٿيا آهن؛
انگريزي ترجمو: 1846ع ۾
G.G. MELET
ڪيو. سندس سامهون ٽي نسخا هئا؛ پهريون پير سائين
علي گوهر شاهه جو، ٻيو سيد غلام علي شاهه جو، ۽
ٽيون مير علي مراد خان ٽالپور والي رياست خيرپور
جو هو.
سنڌي ترجما: سنڌي زبان ۾ ٻه ترجما ٿيا آهن. پهريون ترجمو ديوان
ننديرام 1861ع ۾ ڪيو. انهيءَ کان پوءِ کان پوءِ
ڊاڪٽر دائود پوٽي وارا متن تان 1953ع ۾ مخدوم امير
احمد مرحوم ڪيو، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو
۽ استعمال هيٺ اهو ئي نسخو سنڌ اندر آهي.
اردو ترجمو: پهريون اردو ترجمو بهاولپور ۾ 1906ع / 1324هه ۾
ٿيو. مترجم آغا سلطان ميرزا هو. ترجمي جي اختتام
جي تاريخ 11 جولاءِ 1906ع چهار شنبه لکيل آهي، اهو
نسخو سالار جنگ جي ڪتبخاني ۾ نمبر 526 تي آهي
(فهرست اردو 822)، سائيز ساڍا ڇهه ، 10، ص، ص،
261، سٽون 21، مترجم جو پنهنجو نسخو آهي.
ترجمي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سندس سامهون تاريخ معصوميءَ جو اهو
نسخو رهيو، جنهن جي ڪتابت 1017هه ۾ ٿيل هئي.
ڀانئجي ٿو سندس پيش نظر اهو نسخو هو، جيڪو پنجاب
يونيورسٽيءَ ۾ موجود آهي.
ٻيو اردو ترجمو مخدوم امير احمد واري سنڌي ترجمي تان سنڌي ادبي
بورڊ ڪرائي شايع ڪيو، جيڪو مستعمل آهي.
فارسي متن: فارسي متن مرحوم ڊاڪٽر دائود پوٽي 1938ع ۾ بمبئيءَ
مان شايع ڪيو آهي، جيڪو هر لحاظ کان بهترين نمونو
آهي.
(8-9) دواوين: تقي ڪاشيءَ جو قول آهي ته مير معصوم غزلن جا ٻه
ديوان (1013 هه تائين) مرتب ڪيا هئا، جن ۾ پنج
هزار بيت ٿيندا. سندس غزل نمڪين، پرشور، معنيءِ
سان ڀرپور ۽ تازين عبارتن جا حامل هئا(1).
(10) ديوان رباعيات: رباعين جو ديوان مير مرحوم جدا مرتب ۽
مڪمل ڪيو هو، جنهن جي سلسلي ۾ تقي ڪاشي عبارت
آرائي ڪندي لکي ٿو ته سندس اهو ديوان لطافت سان
ڀرپور آهي ۽ انهي جي ”هر رباعي ازان تير چهار پري
است که از شست کماندار قادر انداز بيرون آمده
وبهدف مقصود رسيده.“ انهيءَ عبارت اندر رباعيءَ جي
ته تعريف ڪئي ويئي آهي، ليڪن لطيف اشارو مير صاحب
جي تير ڪمان سان شڪار ڪرڻ واري شوق ڏانهن به آهي.
در حقيقت مير صاحب رباعين جو واقعي بادشاه هو، سندس ڪتبن واريون
رباعيون انهيءَ تي شاهد آهن.
(11) ساقي نامه: تقي ڪاشيءَ کيس ٻن ساقي نامن جو مصنف بيان ڪيو
آهي، جيتوڻيڪ ساقي ناما ديوان جو جز آهن، ليڪن
جنهن صورت ۾ تقي ڪاشيءَ انهن جو الڳ عنوان قائم
ڪيو آهي. مير صاحب جو هڪ ساقي نامو اتفاق سان پاڻ
کي هڪ بياص مان مليو آهي، جيڪو شعر جي باب ۾ ڏنو
ويندو.
(12) معمه: شعري ڳجهارتون پڻ ديوان جو حصو آهن، ليڪن تقي انهن
جو ذڪر به جدا ۽ خاص طرح ڪيو آهي، تنهنڪري پاڻ به
انهن کي الڳ عنوان هيٺ بيان ڪيون ٿا.
خراسان تيموري دؤر ۾ شعر و ادب جو وڏي ۾ وڏو مرڪز رهيو آهي. مير
معصوم نه فقط خانداني طرح خراساني هو، ليڪن شعر ۾
به خراساني انداز جي پيروي ڪئي اٿائين. چانچه
تيموري دؤر ۾ معمه چوڻ جو خاص طرح رواج پيدا ٿو ۽
هر اتي شاعرن انهيءَ صنف ۾ گهڻو ڪجهه چيو. مولانا
جامي ۽ علي شير نوائي وغيره خاص نمائندا هئا، جن
معمه کي تازگي بخشي ۽ رواج ڏنو. اهوئي ڪارڻ هو، جو
مير معصوم هراتي اسڪول جي پيرويءَ ۾ معمه غالباً
چڱي انداز ۾ چيا. جن جو تقي ڪاشيءَ کي خاص طرح ذڪر
ڪرڻو پيو. هن ”چندين“ جو لفط ڪتب آندو آهي، جنهن
مان اهوئي انومان نڪري سگهي ٿو ته معمه جو تعداد
قابل ذڪر هو. سندس معمه جي تعريف ۾ لکي ٿو ته
”ناسخ افکار مدققان آن فن و مدر کان صاحب فطن
است“.
افسوس آهي، جو مير مرحوم جو اهو سمورو شعري سرمايو زماني جي
گردش محفوظ رهڻ نه ڏنو ۽ اڄ پاڻ وٽ مٿي ذڪر ڪيل
مجموعن مان ڪابه هڪ تصنيف موجود نه آهي، تذڪرن ۾
ڇڙوڇڙ شعر ملن ٿا. سڀ کان زياده تقي ڪاشيءَ مير
صاحب جو انتخاب ڏنو آهي، يا ڪجهه انتخاب ملا
بدايونيءَ ۽ انهيءَ تان ”مخزن الغرائب جي“ مؤلف
ڏنو آهي. سندس ڪجهه بيت ۽ رباعيون مختلف عمارتن جي
يادگار ڪتبن تي محفوظ رهجي ويا آهن. خاص طرح
قبرستان جي پٿرن تي چڱي تعداد ۾ اڪريل آهن.
انهيءَ منتشر مواد جي ميڙا چونڊي ڪري، پاڻ جدا باب ۾ مير جو هٿ
آيل ڪلام هڪ هنڌائتو ڪري ڏيون ٿا چوڻي آهي ته اميد
تي دنيا جو ڪاروبار هلي رهيو آهي! تنهنڪري امڪان
کي پاڻ به نظر انداز نٿا ڪيون، ممڪن آهي ڪنهن وقت
سندس ڪو ديوان يا وڌيڪ شعري سرمايو هٿ اچي وڃي(1).
-----
پير
علي محمد راشديءَ هڪ ديوان سندس خاندان مان هٿ
ڪري نقل ڪيو هو، جيڪو مون وٽ موجود آهي. سيد
نور علي شاه مرحوم وٽ هو، جتان وٺي، پير صاحب
1931ع ۾ سکر منجهه نقل ڪيو. ديوان ۾ سڀ مدح ۽
منقبت آهن، اهو مير معصوم بکريءَ جو ديوان نه
آهي، شعر جو رنگ مير مرحوم جو نه آهي، هي ڪنهن
ٻئي شاعر جو آهي، مقطع ۾ نامي تخلص ڏسي، مائٽن
مير معصوم جو سمجهي، پاڻ وٽ ايترا سال سانڍيو.
|