سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

معصوم بکري

ديباچو

صفحو :2

 

ديباچو

 

بيا گويم برايت داستان ها
از آن پيشين، ازان شيرين، زمان ها
 

مير معصوم بکريءَ جي شخصيت کان آءٌ انهيءَ وقت متاثر ٿيس، جڏهن 1928ع ۾ سکر پهچي، منارو ۽ قبرستان ڏٺم. انهيءَ وقت عام اعتقاد مطابق، مير معصوم کي ولي الله سمجهيم ۽ مناري متعلق جيڪا روايت هئي ته مير صاحب هڪ غير مسلم ڇوڪريءَ کي عشق ۾ ڦاسي، اهو منارو ٺهرايو، انهيءَ تي ويساهه ڪرڻو پيو. مير لاءِ زياده انس ۽ سندس احوال جي سلسلي ۾ تجسس تڏهن وڌيو. جڏهن25 ڊسمبر 1931ع جي هڪ سخت سرد ٻپهريءَ جو اتر جي جَهڪَ هوائن ۾ پراڻي سکر جي معصوم خاندان پنهنجي پرئي مڙس کي پڳ ٻڌائڻ جي رسم منعقد ڪئي ۽ هڪ شاندار جلسو ڪري ان ۾ تقريرون ڪيون.

سکر ۾ مسلسل رهڻ سبب دلچسپي وڌندي رهي ۽ مير ۽ مير جي متعلقات جو هر اطلاع گڏ ڪرڻ شروع ڪيم.

 تاريخي ذوق جي تسڪين لاءِ پاڻ ۾ چند  دوستن گڏجي 1232ع ۾ ”مسلم هسٽاريڪل ريسرچ اينڊ پبلسٽي  سوسائٽيءَ“ جي نالي سان هڪ جماعت ٺاهي جنهن جا هي ميمبر ڪيا ويا؛

ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي (مرحوم) وٽرنري سرجن.

سيد علي محمد سيد حامد شاهه راشدي.

ميان عبدالله صاحب ميونسپل ڪائونسلر (شيخ شينهن                  وارو مرحوم) 

آغا محمد نواز خان پٺاڻ. بي. اي (مرحوم)

سيد حسام الدين راشدي، ايڊيٽر؛ سنڌ زميندار

شيخ ڪريم بخش مرحوم(وڪيل روهڙي)

شيخ غوث بخش مرحوم بي .اي (وڪيل، روهڙي)

مسٽر عبدالرحيم کرل وڪيل، (مرحوم)

آغا نظر علي خان افغان (مرحوم)، مئنيجر سنڌ زميندار، سيڪريٽري

(10) افتخارمرتضيٰ (شيخ شينهن وارو)جوائنٽ سيڪريٽري.

 انهيءَ سوسائٽيءَ جا هيٺان ٻه اغراض مقاصد هئا:

تاريخ ۽ آثار قديمه جي تحقيقات

صحيح تاريخ ۽ سوانح مشاهير جي نشرو اشاعت

منهنجي برادر بزرگوار پير علي محمد راشدي صاحب سکر ۽ بکر جي اسلامي آثارن متعلق تحقيق شروع ڪئي ۽ هڪ مفصل مقالو انهيءَ ڏس ۾ لکي پهريون ”ستاره سنڌ“ جي بهار نمبر ۾، ۽ پوءِ ”الوحيد“ جي سنڌ آزاد نمبر ۾ شايع ڪيو. ٻيو هڪ ليڪچر مير معصوم جي احوال تي تيار ڪيائين، جيڪو 20 ڊسمبر 1931ع جو سکر جي بزم مشاعري ۾ پڙهيو ويو ۽ پوءِ مٿئين سوسائٽي جي اهتمام سان جنوري 1932ع ۾ ”حيات معصوم“ جي عنوان هيٺ سنڌ زميندار پريس مان شايع ٿيو. مير معصوم جي هڪ حد تائين تفصيلي سوانح لکڻ ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپڻ جي اها پهرين ڪوشش هئي، جنهن کي پوءِ ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم پڻ پنهنجو ماخذ بڻايو.

...........               ...........               ...........

مير معصوم جا ڪيترا تاريخي آثار سکر ۾ هئا. سندس مرڪز ۽ گهر گهاٽ انهن هو. تنهنڪري هن انهيءَ شهر کي سينگارڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي. مير جي تاريخي آثارن کانسواءِ به سکر، بکر ۽ روهڙيءَ ۾ اسان جي شاندار ماضيءَجا اهڃاڻ ۽ نشان ڳاڻاٽي کان گهڻا موجود هئا. انهيءَ وقت ڪيترو ڪجهه اثاثو برجاءِ هو، جيڪو گهڻي قدر اڄ بربار ٿي ويو آهي. انهيءَ سرمايه تي اسان ٻنهي ڀائرن وقت بوقت لکڻ شروع ڪيو، ڪجهه ڇپيو رهيو، ڪجهه رکي رهجي ويو. منهنجي ڀاءُ جون ڪي قيمتي لکتون مسجد منزلگاهه واري هنگامي ۾ گم به ٿي ويون.

اهو ذوق ۽ اهو تجسس ۽ تحقيق،نتيجو هيو مير معصوم سان انهيءَ پهرين پيدا ٿيل تعلق ۽ دلچسپيءَ جو.

 مير معصوم جي تاريخي آثارن ۾ درياهه جي ڪنار تي ساڌٻيلي جي آمهون سامهون ٻن عمارتن جو هڪ مجموعو هو، جنهن کي مسلمان ”مسجد“ ۽ هندو ”منزل گاهه“ سڏيندا هئا. هندو ۽ مسلمانن جي رت کي گرم رکڻ لاءِ سکر جا مقامي ليڊر عرصي کان انهن جاين تي ضرورت پوڻ تي ٻنهي ڌرين کي ويڙهائيندا رهندا هئا، هندن کي مسلمانن جي ناڙاڇوڙ ڪرڻ  سڙڪ ڏانهن منهن ڪري اڳٺ چڪ ۾ وجهي پسار ڪندي ڪندي وٽ پچائڻ واري ”کشٽ“ نٿي آئڙي(1). ازانسواءِ دريا شاهه تي پنج وقتو ”سربزون“ سارڻ به هنن کي ڪونه ٿي وڻيو سڙي ساڌ ٻيلي جو پتڻ سامهون هو، جتان نر ۽ نارين جو سنجهه- صبح عام لنگهه هو.

...........               ...........               ...........

مسلمانن هندن جو اهو اعتراض سراسر ”مداخلت في الدين“ سمجهيو ٿي. ميونسپل اليڪشن وقت ته ٻئي ڌريون انهيءَ مسئلي تي ايجيٽيشن ڪري ووٽرن کي جوش ۽ جذبي ۾ آڻينديون رهيون ٿي. انگريزن مسلئي جي سنگينين ۽ انهيءَ مان پيدا ٿيندڙ سڀني خطرن جي مدنظر، عمارتن  تي سرڪاري ڪڙا ڪلف چاڙهي ڇڏيا، جيڪي اسان واري زماني ۾ جيتوڻيڪ ڪٽجي ويا هئا، ليڪن موجود هئا، ۽ آخر 1939ع ۾ ”مسجد منزلگاهه واري هندو مسلمان فسادن“ جي هاڃيڪار خونريزين کان پوءِ وڃي لٿا. مير معصوم بکري جي اها جوڙايل تاريخي عمارت نه ڇڙو سنڌ جي سياست ۾، انقلاب جو سبب بڻي، بلڪه پوري هندستان جي هندو مسلم سياست جي مستقل وڇوٽي لاءِ بنيادي ڀٿر ثابت ٿي. سکر ۾ انهيءَ عمارت تي ٿيل خوني اختلاف، گڏيل هندوستان جي آئيندي لاءِ هيٺيان نتيجا ڪٺيا؛

1 ­­­­-     سنڌ جا هندو- مسمان هميشه لاءِ هڪٻئي کان ٽٽي ۽ جدا ٿي ويا.

2 -    خانبهادر الهه بخش شهيد جي وزارت ٽوڙڻ ۽ هندن جي ساٿ کي هيسائي کانئس جدا ڪرڻ خاطر ”منزلگاهه جي قضيه تي خوني فساد ٿيا.

3-     خانبهادر الهه بخش جي وزارت عظميٰ ختم ٿي ۽ اڳتي هلي پاڻ به شهيد ٿيو.

4-     خانبهادر الهه بخش۽ هندن جي گڏيل طاقت کي ٽوڙڻ لاءِ سنڌ جي چند سياستڪارن ٻيو چارو نه ڏسي ”مسلم ليگ“ کي سنڌ اندر منظم ڪري قائداعظم کي هندستان مان گهرائي ڪراچي ۾ عيدگاهه وارو جلسو ڪيو. جنهن ۾ ورهاڱي جي تصور وارو ”ٺهراءُ“ پهريون دفعو پاس ڪيو ويو.

5 -     اهو ٺهراءُ خلاف توقع هندستان جي سياست ۾ ڌماڪو ثابت ٿيو ۽ ايڏو ٿرٿلو پيدا ٿي ويو جو آخر ۾ هندستان گير تحريڪ شروع ٿي ۽ پاڪستان وجود ۾ اچي ويو.(1)

اڪبري دؤر جي انهيءَ سياست مدار ۽ امير، مير محمد معصوم جي شخصيت نه فقط پنهنجي دؤر ۾ مؤثر هئي، ليڪن سوَن سالن گذرڻ بعد به انهيءَ جا اثرات سنڌ، هندوستان ۽ پاڪستان جي تشڪيل، ملڪي مسئلن ۽ معاملن تي اثرانداز رهيا ۽ فيصله ڪن ثابت ٿيا. گويا مير صاحب جي شخصيت ايران، افغانستان، سنڌ ۽ هندستان ۾ پنهنجي قائم ڪيل يادگارن سبب ۽ پنهنجي ڇڏيل تاريخي ورثي ڪري هونءَ ته هميشه ياد رهندي، ليڪن جڏهن مجلسن ۽ محفلن ۾ ملڪي مسئلن جي ڳالهه ۽ سياست جي تاريخ جو مذڪور نڪرندو ته انهيءَ وقت به مير جو نالو بهرصورت زبان تي ايندو رهندو.

...........               ...........               ...........

سياست جا کيڏاري ۽ ملڪي معاملن جا مداري مير معصوم سان انهيءَ ڏس ۾ دلچسپي وٺي سگهن ٿا، ليڪن راقم الحروف لاءِ مير جي شخصيت شروع کان وٺي پنهنجي گوناگون علمي، ادبي ۽ تاريخي ڪارنامن سبب جاذب ۽ پرڪشش رهي آهي، اهوئي ڪارڻ ٿيو جو پير علي محمد راشديءَ جي انهيءَ مختصر تعارفي رسالي منهنجي تشنگي کي وڌائي ڇڏيو ۽ شوق کي مهميز ڏني. تجسس، تلاش، ڪوشش ۽ ڳولا جاري رهندي آئي، تان جو پوري اڌ صديءَ جي لاڳيتي جاکوڙ بعد مير معصوم جي سلسلي ۾ جيڪو مواد گڏ ٿي سگهيو، تنهن کي سميٽي هنن صفحن ۾ ماضيءَ جي داستان طور پڙهندڙن اڳيان پيش ڪري رهيو آهيان.

دستا نسراي مجلس دوشينه ايم ما

از ما فسانهاي کهن ميتوان شنيد

هن ڪتاب جو ابتدائي  خاڪو (1-آگسٽ) 1954ع ۾ تيار ڪيو ويو هو، ليڪن تسڪين نه ٿيڻ سبب ڇاپڻ جي بجاءِ وڌيڪ مواد جي تلاش جاري رکڻي پيئي. سوانح جا مکيه ماخذ پوءِ هٿ آيا. ڪيترا ڪتبا انهيءَ بعد ميسر ٿيا، ايران ۾ مير جا رند ۽ راهون به بعد ۾ ڏسڻ نصيب ٿيون.

اڌ صدي انهيءَ جاکوڙ ۾ گذري چڪي هئي، علمي اُساٽ ۽ تلاش نه کٽڻ جي هئي، نه تڪميل ٿيندي نظر آئي. ذوق برابر قائم رهيو، پر حياتيءَ جي بيوفائيءَ کي  نظر ۾ رکندي ڪم کي نيٺ اُڪلائڻ جي رٿا ڪرڻي پيئي. اهڙيءَ طرح 19 ورهين جي ڄمار ۾ شروع ڪيل ڪم، عمر جي 68 ورهين واريءَ منزل تي پهچڻ بعد بالاخر پورو ڪرڻ ضروري ٿيو.

...........               ...........               ...........

مير معصوم جي سوانح جا مکيه ماخذ سالن جي ترتيب سان هن ريت آهن:

1. ”طبقات اڪبري“                1002هه

2. ”منتخب التواريخ“ بدايوني 1004هه

3. ”اڪبرنامه“ ابوالفضل          1010هه

4. ”خلاصة الاشعار“ تقي ڪاشي 1012هه (۾ مير سان مليو.)

5. ”عرفات العاشقين“ تقي اوحدي 1013هه (۾ مير سان مليو.)

اهي مصنف مير جا معاصر  ۽ صحبتي هئا. انهن جيڪي ڪجهه لکيو آهي، سو سندن چشم ديد آهي. هيٺين ڪتابن جي مصنفن قريب العهد هجڻ سبب مير صاحب جي متعلقين کان معلوم ٿيل روايتون ۽ حقيقتون ڏنيون آهن:

6. تاريخ طاهري               1030هه

7. عالم آرائي عباسي   1037هه

8. مظهر شاهجهاني       1044هه

9. ذخيرة الخوانين        1061هه

اهي آهن مکيه مصنف ۽ مستند احوال تي مبني بنيادي ڪتاب، جن تان پوين تذڪره نويسن ۽ احوال لکندڙ مصنفن، استفادو پي ڪيو آهي.

راقم الحروف اهي ۽ ٻيا ڪيترائي پويان ماخذ، بيشمار امداد ڪتاب، نوشتا، بياض ۽ خطي نسخا پيش نظر رکيا آهن، جن مان ڪن مکيه ڪتابن جا نالا ماخذ فهرست ۽ متن جي حاشين ۾ ڏسي سگهجن ٿا.

ارمان آهي جو ”تاريخ سنڌ“  کانسواءِ مير جو پنهنجو ٻيو ڪوبه ادبي ۽ علمي ورثو ميسر ٿي نه سگهيو، جنهنڪري سوانح جو مکيه پهلو نظرن کان اڄ به اوجهڙ رهيو. شعر جو ذخيرو نه فقط مير جي فڪري اهڃاڻ کي روشن ڪري ها. بلڪه امڪان آهي ته زندگيءَ جون ڪي اهم واقعاتي روايتون پڻ هٿ اچي وڃن ٿا. پڄنديءَ آهر ته هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويئي، پر ڪاميابي ڪانه ٿي.

...........               ...........               ...........

پنهنجي وس ۽ وسيلن مطابق ڪتاب کي هر طرح مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ٿيل آهي. سوانح جي مليل مواد کي موضوع وار ترتيب ڏنو ويو آهي. هٿ آيل شعرن جو ذخيرو پڻ يڪجا ڪيو ويو آهي، هر ڪا ڪوشش ڪري مير جا ڪتبا ڪٺا ڪيل آهن. ڪتبن، عمارتن ۽ قبرستان جون تصوريون ۽ نقشا شامل ڪيل آهن، جن جي عڪس برداري، سواءِ ڪن چند جي راقم جي پنهنجي ڪيل آهي.

هن سموري قمام کي تيار ڪرڻ ۽ ميسر ڪرڻ ۾ ڪيترن دوستن مدد ڪئي آهي، جن لاءِ هر وقت دست بدعا آهيان. جهڙوڪ؛

1-      ڊاڪٽر نذير احميد صاحب             عليڳڙهه

2-     جناب مالڪ رام صاحب             دهلي

3-     ڊاڪٽر لطف الله هنرفر                اصفهان

4 -    جناب علي اڪبر جعفري              تهران

5-      جناب احمد گلچين معاني           مشهد

6-     جناب ڊاڪٽر پرويز ناتل خنلري       تهران

7 -    جناب عبدالحي حبيبي                ڪابل

8-     موسيو ڪوريل                        پئرس

9-     آغا راحت يار خان (مرحوم)           سکر

10-    عبدالرحيم ميمڻ (مرحوم)           حيدرآباد

11-    جناب محمود بيگ ڪتابدار آثار قديمه ڪراچي    

12-    ڊاڪٽر محمد عبدالله چغتائي        لاهور

13-    ڊاڪٽر محمودالحسن صديقي        ڪراچي

14-    ڊاڪٽر محمد رفيق مغل              ڪراچي

پوريءَ اڌ صديءَ جو طويل فاصلو آهي. جن دوستن قرب ڪيا، ظاهر آهي ته انهن سڀني جا نالا ياد رکڻ ڏکيو ڪم آهي، بهرحال انهن سڀني جو آءُ ٿورائتو ۽ دعاگو آهيان.

...........               ...........               ...........

ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپيو آهي، جيتوڻيڪ ڪتاب سبب اداري جو علمي مانُ ٿيو ۽ نيڪناميءَ واري فهرست ۾ هڪ مانائتي عدد جو اضافو ٿيو، تاهم منهنجو اخلاقي فرض آهي ته اهلڪارن جا ٿورا مڃيان. سيڪريٽري، سيد ظفر حسن شاهه صاحب خاص سهڪار ڪيو. پريس مئنيجر، مسٽر الهه بچائي يوسف زئي پنهنجون سڀئي فني صلاحيتون ڇپائي ۾ ڪتب آنديون. دوست عزيز مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ جي همڪاري ته هميشه کان دل جي آٿت جو سبب رهي آهي. انهن سڀني صاحب جا ٿورا لاهي نٿو سگهان.

مهراڻ جي نائب مدير جناب ناشاد جي شڪرادائي پڻ فرض ٿو سمجهان، جنهن صاحب دلچسپي وٺي پاڻ هرتو محنت سان انڊيڪس ٺاهي ڪتاب ۾ شامل ڪئي. جناب شجيع ڪاظمي صاحب (ڪراچيءَ واري) ڪتاب جو ٽائيٽل ٺاهيو آهي، پٺئين پاسي تي گورستان جو عڪس آهي ۽ مهڙ تي ڪي اهم تاريخي اهميت جا حامل ڪتبا آندا ويا آهن سيد جي خصوصيت ڪتبا نويسي به هئي. تنهنڪري گردپوش ۾ سندس انهيءَ ذوق جو نشاندهي پڻ مدنظر رهي آهي.

تربت جام واري ڪتبي تي مير جا پنهنجا هٿ اکر ۽ يقيناً سندس پنهنجا دستخط آهن، جيڪو نقطو پڙهندڙن کي ذهن ۾ رکڻ کپي.

ڀاءُ محمد ابراهيم جويي سموري ڪتاب جا پروف پڙهيا ۽ قيمتي صلاحون ڏنيون، جنهن جي ٿورن مڃڻ تي هن ديباچي جي پڄاڻي ڪيان ٿو. رب ڪريم شال کيس خوش رکي.

 

الهه واهي!

علي رضا هائوس،

60-الحمرا سوسائٽي،

ڪراچي،

27- جنوري 1979ع

 

 

حسام الدين راشدي

 


 

اَمين اُلمڪ نواب

 

مير محمد معصوم بکري

 

 

(احوال ۽ آثار)

 

 

 

 

 


(1)  هندن کي اعتراض هو، ۽ اهي لفظ زبان زد هوندا هئا.

(1)  هتي منهنجو مقصد سياسي بحث نه آهي، اهو ڪم سياسي مورخ جو ٿيندو ليڪن انهيءَ سلسلي کي سمجهڻ ۽ واقعن جي ڪڙن ملائڻ لاءِ هيٺين تاريخي تواتر کي ذهن ۾ رکڻ ضروري آهي:

1.        

الهه بخش جي وزارت ٺهي.

مارچ 1938ع

2. 

يونائيٽيڊ پارٽيءَ جو الله بخش سان اختلاف ٿيو.

جولاءِ 1938ع

3. 

الهه بخش ۽ هندن جي ٻڌيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ مسلم ليگ جي عيد گاهه واري ڪانفرنس ڪئي وئي جنهن ۾ هندو مسلمانن جي جدا رهڻ جو تصور ۽ گهر پيش ڪئي وئي.

9 آڪٽوبر 1939ع

4.        

الهه بخش ۽ تي انهيءَ ڪانفرنس جو ڪو اثر ڪونه ٿيو.

 

5.        

منزلگاهه تي مسلمانن زوريءَ قبضو ڪيو.

آڪٽوبر 1939ع

6.        

جي. ايم. سيد وارن کي منزلگاهه مان زوريءَ ڪڍيو ويو.

نومبر 1939ع

7.        

سنڌ ۾ منزلگاهه تي هندو مسلمانن خوني فساد ڪيو.

نومبر 1939ع

8.        

الهه بخش جي وزارت ٽٽي ۽ مسلم ليگ جي وزارت ٺهي.

مارچ 1940ع

9.        

لاهور ۾ مسلم ليگ جو اجلاس ٿيو ۽ پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ڪيو ويو.

23 مارچ 1940ع

10.     

ويسٽن جو ٽربيونل مقرر ٿيو.

مئي 1940ع

11.     

الهه بخش شهيد ٿيو.

مئي 1943ع

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org