سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

 معصوم بکري

باب-28

 

صفحو : 28

 

باب اٺاويهون

همڪار ۽ احباب

مير معصوم اڪبر جي اقبال واري دؤر ۾ مغل سلطنت جي عروج جي زماني ۾ سرڪاري ملازمت ۾ داخل ٿيو. هندستان اندر يا بيرون ملڪ جي مختلف جنگين ۽ معرڪن خواه مسئلن ۽ معاملن ۾ پنهنجي وقت جي چونڊ اميرن، عهديدارن، اديبن ۽ عالمه سان برابر جو شريڪ ۽ ساٿي رهيو- ظاهر آهي ته اهڙيءَ صروتحال ۾ سلطنت جي تقريباً سڀني اهم ۽ مشهور ماڻهن سان سندس چار چشمي ٿي هوندي. ڪن سان ڇري ڏيٺ ويٺ، ڪن سان واقفيت، ڪن سان تعلقات ۽ ڪن سان دوستي ۽ قلبي ربط ضبط ٿيو هوندو. مير صاحب همه صفت موصوف ۽ هميشه متحرڪ انسان هو، تنهنڪري بيشتر هم ذوق ۽ هم مشرب رجال ساڻس تعلق وارا هوندا. ليڪن افسوس آهي، جو نه ڇڙو مير معصوم، بلڪه انهيءَ مد ۾ اسان جو تاريخون گهڻو ڪري سڀني جي حق ۾ سادي ورق جي حيثيت رکن ٿيون. چنانچه انهيءَ عنوان تحت مير ۽ سندس دوستن متعلق ڪٿان به مواد ڪو نه ٿو ملي. بدقسمتيءَ سبب اسان وٽ تاريخ نويسي بادشاهن، حاڪمن ۽ بالادستي جي جنگ جوئي ۽ باهمي ڪشت وخون جي دائري اندر پئي رهي آهي، ان ۾ سماجي ۽ تهذيبي يا شهري زندگيءَ ۾  اٿيءَ ويٺيءَ جي صورتحال کي ڪڏهن به اهميت نه ڏني ويئي آهي. جنهنڪري پنهنجن گذريل صدين جو اهو پهلو بلڪل اونداهو پيو ڏسجي. مير معصوم جهري دلچسپ امير ۽ اديب سان ڪيترن ماڻهن جون دلچسپ مجلسون ۽ محفلون ٿيون هونديون. جيڪڏهن تاريخن ۾ انهيءَ قسم جا اندراج هجن ها، ته ڪيتري نه مفيد ۽ اهم معلومات اڄ پنهنجي سامهون هجي ها.

مير جي ڪن واقفڪارن جو ڪتابن جي منتشر جملن مان ڏس پتو پوي ٿو، انهن عبارتن کي گڏي، هتي درج ڪري، هڪ تصوير ٺاهيون ٿا - جيتوڻيڪ اڻ پوري آهي. تاهم انهيءَ کي به غنيمت سمجهڻ گهرجي.

سنڌ ۾ مير معصوم جڏهن هوش سنڀاليو، انهيءَ وقت شاهه حسن ارغون حڪمران هو. حڪومت جو مرڪز ٺٽو هو. ليڪن بکر، جنهن صورت ۾ سرحدي شهر هو، تنهنڪري جغرافيائي لحاظ سان انهيءَ کي خاص اهميت حاصل هئي. پنجاب، هندستان هڪ طرف، ۽ بلوچستان، افغانستان ۽ ايران ٻئي طرف سرحد تي هئا. انهيءَ ڪري بکر ڄڻ ٻيو گاديءَ جو هنڌ هو. سلطان محمود بکريءَ سان- جيڪو اتان جو صوبيدار ۽ پوءِ حاڪم ٿيو- مير جي والد ۽ ٻين متعلقين جا واسطا ۽ هم وطن هجڻ جي حيثيت ۾ گهرا تعلق هئا. ظاهر آهي ته سلطان محمود ۽ انهيءَ جي گرد رهندڙ سڀني اميرن ۽ معاصر عالمن سان مير معصوم جا به واسطا هئا، بلڪه هڪ ضعيف روايت مطابق مير پهرين ملازمت محمود بکريءَ وٽ ڪئي هئي.

اهڙيءَ طرح شاهه حسن ارغون جي وفات بعد (962هه). عيسيٰ ترخان ٺٽي ۾ گاديءَ تي ويٺو ۽ سنڌ ٻن حڪومتن ۾ تقسيم ٿي ويئي. ٺٽو هميشه کان سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهندو ٿي آيو، تنهنڪري سياسي، سماجي خواه ثقافتي ورثي جي لحاظ کان سنڌ جي مملڪت ۽ ملڪ جو ٺٽو ننگر ڄڻ نڪ هو. هر فن ۽ هر شعبي جا نام آور ماڻهو- اندريان خواهه ٻاهران- اتي رهيا ٿي. شعر وسخن ۽ علم و هنر جو شهر مرڪز هو. تهذيبي لحاظ سان دمشق، بغداد، بخارا ۽ سمرقند سان ڪلهو ٿي هنيائين. مير ذي اقتدار خاندان جو فرد ۽ پاڻ ذي علم ماڻهو هو. تنهنڪري حتماً ٺٽي ۽ اتان جي آسپاس جي چيدن ماڻهن سان سندس ڏيٺ ويٺ هوندي.

سيوهڻ سندس ناناڻڪي آڪهه جو پاسو هو. هيءُ شهر به علم ۽ فن جي لحاظ کان پنهنجي اقبال منديءَ جي انتها تي پهتل هو. اهڙيءَ ريت سنڌ جو هر حصو قصبو ۽ قريو سمن جي زماني کان وٺي اسان جي ماضيءَ جو هڪ روشن ترين باب رهندو ٿي آيو. مولانا جاميءَ جا جيڪڏهن انهيءَ سلسلي ۾ هيٺيان شعر ذهن ۽ زبان تي اچن ته هوند بيجا نه ٿيندو؛

اين زمي است که، سر منزل جانان  بوده

مطرح نور، رخ آن مه تابان بوده

اين زميني است که، هر جا خس و خار است درو

پيش ازين رشته بجايش گل و ريحان بوده

اين زمي است که هر شيب و فرازي که دروست

جاي آمد شد آن سرو خرامان بوده

ميد هد خاک درش، خاصيت آن آبي

که نصيب خضر، از چشمه حيوان بوده

بهر ڪيفيت، مير جي زندگيءَ جو قابل ذڪر عرصو، جنهن صورت ۾ سنڌ کن ٻاهر گذريو، تنهنڪري سندس احبابن جو حلقو به زياده تر سنڌ کان ٻاهر سمجهڻ گهرجي، سنڌ اندر، علاوه استادن ۽ معاصر اهل ڪمال ماڻهن جي، ٽن شخصيتن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو، جن جو مير سان خاص تعلق بيان ڪيو ويو آهي.

*              *              *

(1) ابو الغيث بخاري: هيءُ بزرگ بکر جو صوفي ۽ خدا پرست بزرگ هو، جيڪو، حسب روايت ملان بدايوني، مير معصوم جو روحاني پيشوا (مرشد) هو. مير جو پنهنجو قول آهي ته سندس گهوڙا جيڪڏهن هڪ ڏينهن گاهه يا داڻو نه کائيندا هئا ته کيس سخت ملال ۽ ڪاوڙ لڳندي هئي ۽ اهو سڄو ڏينهن انهيءَ مٺيان واري ڪيفيت سبب ڪنهن سان ڪو نه ڳالهائيندو هيو. هي به سندس چوڻ آهي ته جڏهن پاڻ مير ابوالغيث سان مليو ۽ انهيءَ جو صورتحال ڏٺائين، ۽ معلوم ٿيس ته نه ڇڙو هن جي گهوڙن کي بعض دفعا ڏينهن  پٺيان ڏينهن گاهه نصيب نه ٿيندو هو بلڪه خود هن جي پنهنجي بورچي خاني ۾ کاڌ خوراڪ جي اڻ هوند سبب باهه نه ٻرندي هئي ۽ انهيءَ حالت ۾ به هو. يعني مير ابوالغيث، خوش و خورم ۽ سڀني سان کلندو ڳالهائيندو هو. انهيءَ وقت مير جي مزاج ۾ تغير آيو ۽ هن ضبط حال ۽ تزڪئي نفس جو سبق سکيو- پيسو هجي ته ڇا، جي نه هجي ته ڇا! هينءَ به سڄڻ واه واه! هونءَ به سڄڻ واه واه!

از حادثات، در صف آن صوفيان گريز

کز بود غم کنندو زنبود شاد مان(1)

انهي روايت کان زياده انهيءَ بزرگ جو احوال ڪو نه ٿو ملي. مير پنهنجي تاريخ ۾ آندل بزرگن ۾ انهيءَ جو ذڪر ڪو نه ڪيو آهي. بکر جي هڪ بزرگ مير ابوالغيث جو احوال قانع تحفة الڪرام ۾ آندو آهي. ليڪن انهيءَ جو زمانو ميرزا پير محمد (چنگيز جي پوٽي) جو لکي ٿو.(2)

(1) شيخ ميان اسحاق فاروقي بکري: شيخ فريد جو مامون، بکر جي جيد عالمن ۽ شهر جي اهم ترين خاندان هو. بکر مان گجرات ويو. خواجه نظام الدين جي ملازمت ۾ جو فرد داخل ٿيو ۽ سندس وڪيل مطلق العنان (اٽارني جنرل) ٿي رهيو. بکر ۾ مير معصوم ۽ شيخ همسبق ۽ هم درس هئا. شيخ جي ئي ذريعي ڀانئجي ٿو مير معصوم خواجه نظام الدين جي ويجهو آيو(3)؛ ۽ آخر پنهنجي علمي فضيلت ۽ تاريخ ڄاڻ سبب سندس مصاحب ۽ همدم ٿيو.

تاريخ طاهري ۽ تحفة الڪرام ۾ آخوند اسحاق بکريءَ نالي هڪ عالم فاضل شخص جو مذڪور ملي ٿو، جيڪو پنهنجي دؤر جو زبردست استاد ۽ مدرس هو. تاريخ طاهريءَ جو مصنف وٽس پڙهيو ۽ پوءِ ميرزا غازي ترخان به سندس شاگرديءَ ۾ آيو(1). ابتدا ۾ هو سلطان محمود خان بکريءَ وٽ هو. ڀانئجي ٿو اهوئي اسحاق بکري ساڳيو بزرگ آهي، جيڪو پهرين سلطان محمود وٽ هو، پوءِ گجرات ۾ خواجه نظام الدين وٽ رهيو ۽ آخر ۾ وطن موٽي اچي سنڌ فتح ٿيڻ بعد يا انهيءَ کان ٿورو اڳ ميرزا غازي ترخان جو معلم ٿيو. شيخ سعدي ۽ مولانا روم جي پڙهائڻ ۾ کيس خاص مقام حاصل هو. شعر به چوندو هو، مقالات ۾ سندس هڪ بيت آهي:

مي طپد دل در برم در شوق تو

مي گذارد خانه را از زوق تو

فريد بکريءَ جو قول آهي ته شيخ اسحاق پڻ خواجه نظام الدين کي ”طبقات“ جي لکڻ ۾ مير معصوم سان گڏ مدد ڏني.(2)

(3) شاهه قلي: انهيءَ نالي مير جو هڪ دوست هو. جنهن سان مير ابوالغيث وارو قصو بيان ڪري ٿو. ذخيرت الخوانين جي مؤلف جي روايت آهي ته شاهه قلي مير جو سنگتي هو ۽ گجرات جي سفر ۾ ساڻس گڏ هو.(3) شاهه قليءَ جو انهيءَ کان زياده احوال معلوم نه ٿي سگهيو

*              *              *

هن هيٺ انهن مشهور ماڻهن جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي سنڌ کان ٻاهر هئا ۽ مير جا دوست هئا.

(4) خواجه نظام الدين احمد بخشي: مير معصوم جو ساٿي سنگتي، قدردان ۽ سرپرست هو. سندس ساٿ سنگت ۾ رهڻ ڪري مير کي ڪيئي فائدا پهتا، سڀ کان وڏو فائدو هيءُ ته مير ”تاريخ سنڌ“ لکي جيڪا ”طبقات“ جي تاليف سبب وجود  ۾ آئي، ٻيو هيءُ ته ڪيترن اديبن ۽ شاعرن سان مير جي شناسائي ٿي، جن جو واسطو خواجه سان هو يا جيڪي وٽس گجرات واري زماني ۾ آيا ويا ٿي.

ٻنهي جو سابقو گجرات ۾ هڪٻئي سان ٿيو ۽ 992هه کان 998هه تائين ست سال مسلسل سندن ساٿ رهيو. پوئين سال ۾ شاهي حڪم تي جڏهن خواجه لاهور آيو، ان وقت مير به ساڻس گڏ آيو، جنهن کان پوءِ هڪٻئي کان جدا ٿي ويا. يعني مير سنڌ آيو ۽ خواجه صاحب ٻين خدمتن جي بجا آوري ڪندو رهيو.

خواجه جي والد جو نالو خواجه محمد مقيم هو، جيڪو شيخ الاسلام حضرت خواجه عبدالله انصاريءَ هراتيءَ جي اولاد مان هو. بابر جي زماني ۾ خواجه مقيم ”ديوان بيوتات“ رهيو، انهيءَ جي وفات بعد ميرزا عسڪريءَ جو روزي ٿي احمد آباد پهتو، جيڪو ان وقت احمد آباد جو صوبه دار هو. خواجه مقيم همايون بادشاهه جي غريب الوطنيءَ واري سفر ۾ ايران ساڻس گڏ هو، خواجه مقيم، سلطان محمود بکريءَ جي آخري زماني ۾ مغلن پاران بکر ۾ ”امين“ جي عهدي تي به رهي چڪو هو(1).

خواجه نظام الدين احمد ”طبقات اڪبري“ گجرات ۾ لکڻ شروع ڪئي. مير معصوم انهيءَ سلسلي ۾ خاص طرح سندس معاون ۽ مددگار هو. ماثر الامرا مير جو نالو انهيءَ سلسلي ۾ خاص طرح ورتو آهي.

ملا عبدالقادر بدايوني، خواجه جي خاص دوستن منجهان هو. ۽ غالباً اهوئي سبب ٿيو، جو مير سان به ملا جا مراسم گهرا ٿيا.

خواجه نظام الدين  45 ورهين جو ڦوهه جوانيءَ ۾، محرقه تپ ۾ مبتلا ٿي، 23 صفر 1003هه (28 آڪٽوبر 1594ع) جو هي جهان ڇڏي ويو. لاهور ۾ سندس پنهنجي باغ  کيس دفن ڪيو ويو. سندس موت سڀني کي ڏکوئي وڌو ڪا به اک اهڙي نه هئي، جيڪا آلي نه ٿي هجي. بدايونيءَ تاريخ چئي:

رفت ميرزا نظام الدين احمد

سوي عقبيٰ وچست و زيبا رفت

جوهر او ز بس که عالي بود

در جوار، ملڪ تعاليٰ رفت

قادري يافت سال تاريخش

گوهري بي بها ز دنيا رفت

طبقات پنهنجي نوعيت جي پهرين تاريخ  آهي، جيڪانه ڇڙو تحقيقي اهي بلڪه هندستان جي سموري اسلامي دؤر تي حاوي آهي. يعني سبڪتگين جي حملي (367هه) کان وٺي (1001هه) تائين. پوءِ جي سڀني تاريخن انهيءَ جو تتبع ڪيو آهي.(1)

خواجه علم دوست ۽ ادب پرور هو. ۽ جتي رهيو پنهنجي چوڌاري عالم اديب ۽ اهل فن گڏ ڪري ويٺو. گجرات ۾ ڪيترا عالم ۽ شاعر سندس محفل ۽ مجلس سان وابسته هئا. انهن سڀني جو تعلق مير معصوم ساڻ به هو. هڪ ئي برادريءَ جا رڪن هئا. خواجه جي شخصيت مير معصوم جي سلسلي ۾ نهايت اهم آهي. هن مير جي زندگيءَ ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ مير تي سندس شخصيت تمام گهڻو اثر انداز ٿي.

(5) ملا عبدالقادر بدايوني: منتخب التواريخ جو (1004هه) مصنف ۽ اڪبري دؤر جو ٻي باڪ ۽ شخصي پسند نا پسند جي تاثر هيٺ لکندڙ مورخ، هن پنهنجي تاريخ جي رٿا ”طبقات“ جي نهج تي رکي آهي. سندس تاريخ مواد جي لحاظ سان نهايت مفيد ۽ ڪار آمد آهي. ليڪن شخصي راءِ تحت لکڻ جي هن ايتري سختيءَ سان پابندي ڪئي آهي، جو سندس رايا هروڀرو يا اکيون ٻوٽي قبول ڪرڻ جهڙا نه آهن. تاهم هو ئي هڪ اهڙو تاريخ نويس آهي، جنهن پنهنجي دؤر جي واقعات تي تنقيد ڪري، روايتي اندا کي پٺيءَ پاڏنهن اڇلائي، تصوير جي ٻئي رخ ڏسڻ جو ۽ ان تي سوچڻ جو موقعو پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي، نيتيجي طور مغل دؤر جي ٻين تاريخن يعني اڪبر نامه، طبقات وغيره جي يڪ طرفي لکڻيءَ جي تڪ تور متعلق تمام گهڻي آساني ٿي  پيئي آهي. اڄوڪ لکندڙ اڳيان ملاهه بدايونيءَ جي تاريخ سبب تصوير جا ٻيئي طرف اچي ويا آهن، جنهنڪري ملان جي، باوجود ڪمزورين جي به پنهنجيءَ جاءِ تي موءرخاڻي حيثيت اٽل آهي

ملا عبدالقادر بدايوني 17 ربيع الثاني 947هه(1) (21 آگسٽ 1040ع) جو اجمير صوبي جي رنٿنبور سرڪار جي ٽوڊه ڳوٺ ۾ ڄائو.گويا مير معصوم کانئس گهٽ وڌ ساڍا ٽي سالن کن وڏو (944هه) هو. ملوڪ شاهه ابن حامد سندس والد جو نالو هو. پان مختلف استادن وٽ مروج علمن ۾ تعليم وٺندو رهيو. مخدوم اشرف (نانهس)، شيخ پنجو، ميان حاتم سنڀلي، شيخ عبدالله ولد شيخ الهڏنو خير آبادي، شيخ مبارڪ ناگوري ۽ قاضي ابوالمعالي بخارائي سندس استاد هئا. ميان حاتم (متوفي969هه) جي مريدي پڻ اختيار ڪيائين. پنهنجي تاريخ ۾ اڪبري مشاهيرن جو تذڪرو ميان حاتم جي احوال سان شروع ڪيو اٿس.

شيخ مبارڪ وٽ فيضي ۽ ابوالفضل پڻ ساڻس گڏ همدرس هئا. اڪبري دؤر جي هنن ٻن مشهور اميرن ۽ عالمن سان سندس دوستي رهي نه سگهي. بلڪه هو سندن بدخواهه ٿي پيو. فيضيءَ جو ذڪر هن نهايت ترش ۽ غير شانائتن لفظن ۾ ڪري، پنهنجي عناد ۽ بغض جو بخار ڪڍيو آهي.

969هه ۾ ملا جو والد آگري ۾ گذاري ويو، سندس لاش کڻي ملان پنهنجي ڀاءُ شيخ محمد سميت بساور (ضلع بدايون) ويو. ٻئي سال تي ملان جو ڏاڏو اشرف به بسارو ۾ فوت ٿي ويو. ملان ڪجهه وقت بعد بسارو مان لڏي بدايون ۾ اچي (973هه) رهيو. جنهن بعد پٽياليءَ اچي، حسين خان (متوفي 938هه) جاگيردار جو ملازم ٿيو. حسين خان همايون جي دور جو امير ۽ ساڻس هندستان جي فتح ۾ شريڪ هو، اڪبري درٻار ۾ به هن جي اهائي امارت قائم رهي ۽ سه هزاري منصب تي فائز رهيو (1) حسين خان وٽ ملان 981هه تائين ملازم رهيو.

974هه ۾ جڏهن ملان ڪجهه وقت لاءِ آگري آيو، تنهن زماني ۾ خواجه نظام الدين سان سندس ڄاڻ سڃاڻ ٿي(2) جنهن اڳتي هلي دوستيءَ ۽ يڪدليءَ جي صورت اختيار ڪئي. 981هه ۾ حسين خان وٽان ڇڏي، ملا، اڪبر سان، جلال الدين قورچي ۽ حڪيم عين الملڪ جي معرفت، اچي متعارف ٿيو، اڪبر کيس فوجي عهدو ڏيڻ گهريو، ليڪن ملان مدد معاش ۾ زمين تي راضي ٿيو. هڪ سال بعد، اربع جي ڏينهن وارين نمازن جي پيش امام مقرر ٿيو(3). ملا کي پهرين هڪ سئو بيگا مدد معاش ۾ مليا هئا ۽ شوال 983هه ۾ هڪ هزار بيگا سندس حوالي ٿيا. اهو انتهائي انداز هو، جيڪو مغلن جي دؤر ۾ مدد معاش ۾ ڏنو ويندو هو.

ملا مختلف وقتن ۾ سرڪاري ملازمت اندر هيٺينءَ طرح ڪتاب لکيا:

(1) چهل حديث

(2) تاريخ الفي جو هڪ حصو. (990هه)

(3) مها ڀارت جو ترجمو. (990هه)

اڪبر کي ملا جو هيءُ ترجمو پسند نه آيو، جنهن تي هن ملا کي حرام خور ۽ شلغم خور سڏيو(1).

(4) رامائڻ جو ترجمو(2). 996هه

انهيءَ ترجمي تي بادشاهه خوش ٿيو ۽ ملا کي بساور مان جاگير ڦيرائي، 997هه جو، بدايون ۾ ڏني ويئي. انهيءَ کان پوءِ ملان ”بدايوني“ جي نالي جو جز بڻيو.

(5) تاريخ ڪشمير از ملان شاهه محمد شاهه آبادي جو سليس فارسي ترجمو(3). (998هه)


(1)  بدايوني، 3؛ 365.

(2)  تحفة الڪرام ، ڇاپو قديم 3؛ 126.

(3)  ذخيره جي روايت ته، مير تنگدستيءَ سبب پيدل گجرات پهتو ۽ شيخ جي ذريعي کيس ملازمت ملي غلط آهي.(1؛ 201.)

(1)  طاهري، 13-14 تحفت الڪرام، 128؛3 مقالات 89، مرزا غازي ترخان، حسام الدين، 129-130

(2)  ذخيرت 1؛208-209.

(3)  ذخيرت1؛ 202

(1)  ماثرالامر-3؛ 249.

(1)  مقالو خواجه نظام الدين از حسام الدين، مجلهء جام جم، آڪٽوبر 1967ع. بدايوني- ايليٽ 5؛ 177.

(1)  بدايوني، 1؛ 363.

(1)  ائين. 30- شمار 53.

(2)  بدايوني، 2؛ 99.

(3)  بدايوني، 2؛ 206-226.

(1)  بدايوني،3؛118.

(2)  بدايوني 2؛ 337-366.

(3)  بدايوني 2؛374.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org