باب سورهون
قنڌار ۾ فوجي
خدمت ۽ قيام
سرحدي صوبي هجڻ سبب يا هونئن به توسيع پسنديءَ جي عادت ۽
پاليسيءَ ڪري، قنڌار ڪيتري وقت کان هندي مغلن لاءِ
مٿي جو سور هو. هڪ زماني ۾ جڏهن همايون جي هٿن ۾
هو ۽ همايون کي هندستان تي دوباره قبضي لاءِ
ايراني امدا جي محتاجي هئي. انهيءَ وقت ۾ سندس قول
قرار هو ته جائيتي ٿيڻ ۽ حالتن يڪسان ٿيڻ بعد هو
قنڌار ايران جي حوالي ڪندو.
حمايون اوچتو انتقال ڪيو ۽ ايران جون حالتون به جلد بدلبيون
رهيون. شاهه طهماسپ جنهن همايون جي مدد ڪئي هي، سو
(984هه) فوت ٿي ويو. شاهه اسطعيل ثاني آيو. انهيءَ
کان پوءِ، انهيءَ جو ڀاءُ خدا بندو بادشاهي تي
ويٺو، جنهن کان پوءِ شاهه عباس اول (955هه/1587ع)
تخت نشين ٿيو.
قنڌار تي قبضو: قنڌار واعدي مطابق جڏهن ايران کي نه مليو، ان
وقت شاهه طهماسپ پنهنجي وقت ۾ ئي مغلن جي گورنر
شاهه محمد ڪلانيءَ کان (965هه/1558ع) کسي. ان تي
پنهنجي ڀائٽي شاهه حسين ميرزا ولد بهرام ميرزا کي
مقرر ڪري ڇڏيو هو. جيڪا ڳالهه اڪبر کي وڻي ته ڪا
نه، ليڪن انهيءَ وقت ڪري ڪجهه ڪو نه سگهيو. پاڻ
تازو تخت تي ويٺو هو. ملڪي استحڪام لاءِ کيس وقت
گهربو هو، دهليءَ تان لشڪر ڪشي ڪرڻ آسان ڪو نه
هو، ايران سان جنگ چوٽن لاءِ هندستان جون حالتون
سازگار نه هيون اڪبر بظاهر سور خوش اسلوبيءَ سان
پي ته ويو. ليڪن اندر ۾ کيس لوچ رهي، ۽ اهوئي سبب
هو، جو ٻنهي حڪومتن جي تعلقات ۾ وڏي عرصي تائين
ٿڌائي رهي. ايستائين جو (969هه/1562ع) ۾ جڏهن شاهه
طهماسپ همايون جي قضيه تي عذر خواهيءَ لاءِ شاهي
خط سان پنهنجون سفير سيد بيگ بن معصوم بيگ صفوي(1)
موڪليو ته اڪبر ان جي جڳائيندڙ پذيرائين ڪا نه ڪئي
۽ نه مناسب جواب موڪليو. ڪجهه عرصي بعد سلطان
محمود بکريءَ جي لاءِ خطاب جي سفارش کڻي ايران
اڪبر وٽ سفير آيو (971هه/64-1563ع) ليڪن اڪبر،
اگرچه قانوناً درست، ليڪن روابط جي صورتحال مطابق
خشڪ جواب ڏئي ڇڏيو(2).
حالانڪه ساڳيو انڪار ملائم طريقن سان به ٿي سگهيو
ٿي. نه ڇڙو اهو بلڪه سفير کي بيٺي پير واپس ڪيو
ويو (972هه/1564ع)(3).
سفيرن جي اها سرسري آمد رفت شاهه طهماسپ کان وٺي شاهه عباس
ثانيءَ جي ابتدائي دور تائين قائم رهي. اڪبر جو من
صاف نه هو، تنهنڪري تعلقات ۾ ڪا به گرم جوشي پيدا
ٿي ڪا نه سگهي. جنهن کي ايراني حڪومت محسوس نه ڪيو
ٿي، ليڪن مصلحتاً ان جي اظهار جي يا ان تي احتجاج
جي ضرورت ڪا نه هئي.
اوزبڪ: انهيءَ دور ۾ توران ۽ ايران جي سرحدي علائقن ۾ عبدالله
خان اوزبڪ جي نئين طاق رونما ٿي، جنهن وسط ايشيا
جي ملڪي ۽ سياسي صورتحال ۽ وڏو ڦيرو آڻي ڇڏيو.
عبدالله خان بخارا (964هه/ 1553ع). سمر قند
(986هه/1578ع). بلخ (980هه/1572ع) ۽ بدخشان
(992هه/ 1584ع) کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي، آخر ۾
(996هه/ 1588ع) خراسان تي به قبضو ڪري، پاڻ کي
توران جو ”خان“ سڏائي، پنهنجي جدا مستقل سلطنت
قائم ڪري. هڪ طرف ايران لاءِ خلفشار پيدا ڪري وڌو
ٻئي طرف اڪبر لاءِ سياسي شطرنج جو ميدان مهيا ڪيو.
هاڻي عبدالله خان وٽان به هندستان جي درٻار ۾ سفير
اچڻ وڃڻ لڳا. توران جي انهيءَ سني خان وٽان ايران
جي شيعي حڪومت خلاف جهاد جو ٽڻ جي ترغيب به آئي.
اها دعوت ۽ ترغيب بار بار ايندي رهي، ليڪن اڪبر
هميشه سياسي نوعيت جي جوابن موڪلڻ تي اڪتفا پئي
ڪئي(1).
هڪ دفعي مصلحتاً اڪبر ميرزا فولاد خان جهڙو ڪٽر
متعصب سني سفير- جنهن شيعي هجڻ سبب ملا احمد
ٺٽويءَ کي ڇرو هڻي ماري وڌو هو- عبدالله خان ڏانهن
ڏياري موڪليو، جيئن عبدالله خان صفا نااميد به نه
ٿي وڃي ۽ هن سني سفير جو وٽس وڃڻ خان جي خوشنوديءَ
جو سبب ٿئي.
ڪابل: مرزا حڪيم 993هه/ 1585ع جو ڪابل ۾ فوت ٿيو، جنهنڪري اڪبر
کي ڪابل ۾ پنهنجي مضبوط ۽ سڌي سنئين مرڪز قائم ڪرڻ
جو موقعو مليو. قنڌار وڃڻ بعد مرڪزي ايشيا ۾
انهيءَ صورت سان پهريون دفعو اڪبر پنهنسجا پير
کوڙيا ۽ هن هڪ طرف توران ٻئي طرف ايران جي سرحدن
وٽ وڃي پنهنجي قوت جو اڏو قائم ڪيو. در حقيقت کيس
نه ايران جو ڪو حصو کپندو هو ۽ نه توران جي ڪنهن
ٽڪري کي وٺڻ گهريائين ٿي. کيس قنڌار واپس وٺي. هڪ
ته پنهنجي آڻ قائم ڪرڻي هئي ۽ ٻيو پنهنجين سرحدن
کي صاف ڪرڻو هو، جيئن نه توراني قوت ساڻس کوءنس
ڪري سگهي ۽ نه ايراني سلطنت کي اڳتي وڌڻ جي سڌ
ٿئي.
شاهه عباس اول 999هه/1591ع ۾ يادگار سلطان روملو اڪبر ڏانهن
سفير ڪري موڪليو(2).
اهو زمانو هو جڏهن ته اڪبر پنهنجي ملڪ کي وسيع ۽
مستحڪم ڪري چڪو هو، گجرات فتح ٿي ويئي هئي. ڪشمير
سندس زير نگين هو. ۽ سنڌ جي فتح لاءِ لشڪر اماڻي
پاڻ لاهور ۾ حالتن جو انتظار ڪري رهيو هو. انهيءَ
سفارت جو مقصد هو ته اڪبر کان مدد وٺي اوزبڪن جو
قبضو خراسان تان ڇڏائجي.(1)
قنڌار جا معاملات: قنڌار جيڪو ايران ۽ هندستان جي درميان شڪر
رنجيءَ جي تلخيءَ جو ڪارڻ هو. سو اڪبر نامه مان
(3؛ 117) معلوم ٿئي ٿو ته 982هه/1574ع تائين ايران
جي قبضي ۾ هو. اتان جي صفوي حاڪم سلطان حسين
ميرزا جي شخصي خط و ڪتابت مان اڪبر کي اميد هئي
ته سلطان حسين هڪ ڏينهن پاڻ ئي مجبور ٿي، قنڌار ي
اڪبر جي حوالي ڪري ڇڏيندو. اڪبر جي اها ڪٿ پوري ڪا
نه ٿي، جو سلطان حسين ۽ شاهه طهماسپ ٻيئي هڪ ئي
سال 984هه/1576ع ۾ فوت ٿي ويا ۽ قنڌار شاهه حسين
جي ٻن پٽن جي ورثي ۾ اچي ويو. اڪبر جي بهر صورت
اها پاليسي رهي ته قنڌار فوج ڪشيءَ کان سواءِ
ميرزائن کان ملي وڃي ته بهترس جنهن لاءِ هن پنهنجي
ڪابل واري گورنر کي هدايتون ڏيئي ڇڏيون هيون اڪبر
ٻه دفعا فوج ڪشيءَ جي ڪوشش به ڪئي، جيئن ته
997هه/1584ع ۾ خان خانان جي ذريعي قنڌار ڏانهن
لشڪر موڪليائين، ليڪن اهو لشڪر قنڌار پهچڻ کان
پهريون واپس اچي ويو(2)
۽ خان خانان کي سنڌ طرف وڃڻو پيو. وري
1000هه/1591ع ۾ ميرزا دانيال کي قنڌار اماڻيو ويو.
ليڪن اهو به بي نيلو مرام واپس وري آيو.
قنڌاري ميرزا ڀائر: اهو وقت هو، جڏهن قنڌار جا ٻيئي ڀائر؛ ميرزا
رستم ۽ ميرزا مظفر پاڻ ۾ وڙهي پيا ۽ اندرئون اندر
هڪٻئي جون کڏون کوٽڻ شروع ڪيائون. عبدالله خان
اوزبڪ خراسان تي مضبوط ٿي چڪو هو. شاهه عباس
قنڌاري ميرزائن جي عملاً ڪا به مدد ڪري ڪو نه ٿي
سگهيو. هو ايران جي اندروين مسئلن ۾ ايترو رڌل
هو، جو ٻئي ڪنهن لاءِ سندس قوت ناڪافي ۽ وجود
بيڪار هو. قنڌاري ميرزائن کي اڪبر ۽ عبدالله خان
اوزبڪ جي اشتراڪ عمل مان هر لحظي خطرو هو. تنهنڪري
هو پنهنجي حالتن سبب لاچار ۽ ويچارا ٿي پيا هئا.
پنهنجي ذاتي عداوت ۽ اختلاف ويتر کين ڪمزور ۽
ضعيف ڪري ڇڏيو هو(1).
هندستاني دربار ۾ پهچڻ: ٻنهي ڀائرن مان پهرين رستم ميرزا
هندستاني دربار ڏانهن منهن ڪيو، ڇاڪاڻ ته سندس حصو
(زمين داور) سڌو سنئون عبدالله خان جي زد ۽ حملن
جي نشاني ۾ هو. تنهنڪري غزنيءَ جي مغل ڪماندار
شريف خان کي ذريعو بنائي، هو محرم 1002هه/ سپٽمبر
1593ع جو سنڌ کان ٿيندو اڪبر وٽ وڃي پهتو(2).
اڪبر سندس ڏاڍي پذيرائي ڪئي ۽ فوري پنج هزار منصب
۽ هڪ صوبي جي حڪومت کيس ڏيئي. باقي پٺتي رهيل
قنڌاري ميرزا لاءِ لالچ جو مثال واقعا جو مثال
قائم ڪيائين. ايڏي استقبال داد و دهش، سرپرستيءَ
جا واقعا ٻڌي ۽ قنڌر جي حڪومت جو ڏوجهرو ڏسي، ٻئي
ڀاءُ مظفر ميرزا پٽ پهرين پنهنجي والده ۽ پٽ کي
هندستان موڪلي (جمادي الثاني، رجب 8002هه/اپريل
1594ع، اڪبر ڏانهن قنڌار لاءِ حاڪم موڪلي ڏيڻ جو
پيغام اماڻيو، چانچه مغل دربار طرفان قنڌار جو
پهريون گورنر شاهه بيگ ٿيو، جيڪو رجب- شعبان
1003هه/ مارچ 1595ع ۾ پنهنجي سپاهه سميت قنڌار جي
قلعي ۾ اچي داخل ٿيو.(3)
پاڻ ميرزا مظفر جمادي الثاني 1003هه فيبروري 1595ع
جو مغل دربار ۾ پهتو، جتي کيس به پنج هزاري منصب،
سنڀل جي حڪومت سميت، مليو(4).
مير معصوم 1003هه/ 1595ع: اهو دور ۽ اها صورتحال هئي، جنهن ۾
مير معصوم اوچتو موڪل پوري ڪري سيويءَ ويو ۽ اتان
قنڌار هليو ويو. شاهه بيگ جي گورنريءَ(1)
۾ فوجي سربراهي (ڪمڪيءَ) سندس سپرد ٿي هئي. قنڌار
جو درد سر جيڪو هندستان جي مغل حڪومت لاءِ هڪ
مسئلو ٿي چڪو هو، سو اهڙيءَ طرح پنهنجو پاڻ ختم
ٿيو، ۽ مير معصوم جي قنڌار وڃڻ ۽ رهڻ جو ڪارڻ به
اها صورتحال ٿي.
مير جو قيام قنڌار ۾ 1007هه/ 1598ع تائين رهيو، جنهن جو پتو
سندس لڳايل ” چهل زينه“ واري ڪتبي ۽ تاريخ
معصوميءَ مان پوي ٿو. تاريخ معصوميءَ مان سڌ پوي
ٿي ته قنڌار ۾ ڪڏهن ڪڏهن وبائي مرض پيدا ٿي پوندا
هئا. جن ۾ ڪافي جاني نقصان ٿيندو هو. پنهنجي زمين
جو بيان ڪندي مير صاحب لکي ٿو ته؛ اهڙي بيماري
پيئي. جو ماڻهن جي پيٽ، وات نڪ ۽ ڪنن مان رت وهڻ
شروع ٿيو، ۽ انهيءَ تقريباً سندس ٻه سئو ماڻهو موت
جو شڪار ٿي ويا. اهو 1007هه جو واقعو آهي.
”بعضي سالها وبا و بيماري بسيار ميشود و اڪثر مردم بعلت خون
شڪم و خون بيني و گوش و خون از دهن رفتن از عالم
ميروند.“
چون در زمان خلافت پناهي کاتب به کومک آنجا رفته بود و از مردم
تعينات انجا بود، در سنھ و الف قريب دويست سوار و
پياده از لشڪر اين جانب به همين علت از عالم رفتند(2).
منصب 1004هه مير صاحب گذريل سمورو عرصو ڪڏهن نظام الدين بخشيءَ
سن ۽ ڪڏهن ڪنهن ٻئي امير سان ضميمي طور شامل رهيو.
غالباً اهوئي سبب ٿيو هو. جو کيس ڪو به خاص منصب
يا سندس عهدي جو تعين ڪو نه ٿيو هو. پهرين جاگير
کيس 999هه ۾ بکر ۾ ملي، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو
آهي، ماثر الامرا مان معلوم ٿئي ٿو ته 1004هه ۾ -
شايد قنڌار وڃڻ جي دوران- اڍائي سون جي منصب تائين
پهتو هو.
”تا سال چهلم بمنصب در صدي و پنجاهي اوج پيماني عزت بود“.(1)
طبقات اڪبري 1001 هه ۾ . ۽ منتخب التواريخ 1003هه ۾ ختم ٿيا آهن
ٻنهي ۾ منصب وارن جي جيڪا فهرست آيل آهي مير صاحب
جو انهيءَ ۾ نالو نه آهي، بلڪه سندس شمار شاعرن جي
زمري ۾ ڪيو ويو آهي. گويا اڍائي سئو واري منصب
لاءِ ائين سمجهڻ گهرجي ته 1004 هه ۾ سيويءَ جي
لشڪر ڪشيءَ وقت يا قنڌار ۾ تعينات ٿيڻ تي کيس
مليو. جيڪو ڪيتري زماني بعد اڳتي هلي .هزاري“
تائين پهتو، جيئن ذخيري ۾ آهي؛
”آخر به مرور ايام بمنصب هزاري ذات سوات رسيد در خدمت عرش
آشياني قرب و حالت بهم رسانيد“
(2)
”مرور ايام“ مان ظاهر آهن ته ڪن سالن پڄاڻا انهيءَ منصب تائين
پهتو هو. گمان غالب آهي ته اهو آخري منصب کيس تڏهن
مليو هوندو جڏهن هو ايراني دربار ۾ بطور ايلچيءَ
جي شاهي خط کڻي ويو.
قنڌار جو قيام 1004-1007هه/1595-1598ع: جهڙي ريت مٿي بيان ڪيو
ويو. مير صاحب 1003هه/1595ع جي آخر ۾ قنڌار ويو.
1007هه/1597ع تائين ڪم و بيش ساڍا چار سال قنڌار ۾
رهيو. اهو عرصو سندس ”چهل زينه“(1)
واري ڪتبي مان به ظاهر ٿئي ٿو. ۽ جنهن ۾ لکي ٿو:
ته انهيءَ ڪتبي اڪارڻ لاءِ هن بکر کان ڪاريگر
گهرايا، جن کي انهيءَ ڪم ۾ چار سال لڳا. ازان
سواءِ هن قنڌار جي تاريخي جاين تي مختلف سالن ۾
جيڪي ڪتبا هنيا آهن، انهن مان به قنڌار ۾ سندس رهڻ
جي سالن جو پتو پوي ٿو. جهڙوڪ؛ هيٺيان ڪتبا دريافت
ٿيا آهن ۽ اڄ به موجود آهن:
(1) چهل زيني وارو ڪتبو.
(2) قنڌار جي ٻاهران اسڪلچه ۾ ”سپيروان“ نالي پهاڙيءَ تي مير
صاحب هڪ ڪتبو اڪرايو آهي، جنهن تي 19- شوال 1005هه
جي تاريخ موجود آهي.(2)
انهيءَ جاءِ تي (ڏهه ڪوهه مغرب طرف قنڌار کان) سيد محمد شير
قلندر جي مزار آهي. جنهن سان ملحق مير معصوم مسجد
۽ هڪ هجرو ٺهرايو، جو اڄ تائين موجود آهي. ڪتبه تي
هي شعر آهن:
درين آرامگاه بي ره و رو
ازين آسمان منزل، که ياران در رحيل اند
ترا گر آسمان منزل نشين است |
اگر مردي! منه دل يکسر مو
ترا آن جمله در رفتن وکيل اند
هم آخر جاي تو، زير زمين است |
بيا نامي بکار، خود بگر ئيم
زماني بر مزار، خود بگر ئيم(3)
(3) مير صاحب جي هڪ خانداني بزرگن بابا ولي (بابا حسن ابدال) بن
سيد بن سيد عين الدين ولد شمس الدين جي مزار ار
غنداب جي ڪناري تي لنگر ڳوٺ ۾ آهي، جنهن جي مرمت
مير صاحب جي حڪم تي 1000هه ۾ شروع ٿي ۽ 1001هه جو
عيد الاضحيٰ تي ختم ڪئي ويئي، جنهن تي انهن سالن
جو ڪتبو موجود آهي(1).
اهو ڪم مير صاحب جي حڪم تي انهيءَ وقت ٿو ڏسجي،
جڏهن پاڻ بکر ۾ هو.
(4) هڪ دستاويز مان معلوم ٿئي ٿو ته 9- محرم 1006هه جو مير صاحب
قنڌار ۾ خواجه محمد هاشم کان انگورن جو هڪ باغ
خريد ڪيو(2).
سکر ۽ بکر جا آثار: مير معصوم سکر ۽ بکر ۾ جن عمارتن جو بنياد
وجهي ويو. سي غالباً سندس غير حاضريءَ واي عرصي ۾
به ٺهنديون رهيون پاڻ قنڌار رهيو. پٺيان ڪم چالو
رهيو، مثلاً:
آرامگاهه- فيض محل: مناري سان گڏ 1004هه.
آرامگاهه: ساڌ ٻيلي جي سامهون درياهه جي ڀر تي 1006هه.
منزلگاهه: ساڳئي احاطي ۾ 1007.
سيتاسر: درياهه جي وچ ۾ 1007 هه جو ٺهيو.(3)
قنڌار کان واپسي 1008هه: قنڌار ۾ شاهه بيگ جي دؤر ۾ پوڻا چار
سال يا مٿي رهي. مير انهيءَ فوجي خدمت تان واپس
دارالسلطنت ڏانهن وريو. ظاهر آهي ته قنڌار کان بکر
آيو. اتان جيسلمير جي رستي شاهي دربار ڏانهن ويو.
سندس اچڻ وڃڻ جو دڳ سير هميشه کان اهوئي هو.
-----
|