سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

معصوم بکري

باب-15/14

صفحو : 10

 

باب چوڏهون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا هسوار

سنڌ ۾ جڏهن خان خانان جو ڪٽڪ پهتو. ۽ مير معصوم به بکر جي زمين تي قدم رکيو، ان وقت خانخانان ته پنهنجي مهم کي سر ڪرڻ جي سوچ ۾ لڳي ويو، ليڪن مير معصوم ظاهر آهي ته سڀ کان پهرين پنهنجي والده جي قدم بوسي ڪئي، والد ۽ ڀاءُ جي قبرن تي فاتحه پڙهيائين، براديءَ جي رسم ۽ رواجن کي منهن ڏنو هوندائين. بهرحال اهو سڀ ڪجهه تر تڪڙ ۾ پورو ڪري، هو خان خانان جي لشڪر ڪشيءَ ۾ شامل ٿيو ڇاڪاڻ ته شاهي فرمان سڀني کان پهرين اکين تي پوءِ  ٻيا ڪم، مير معصوم ٻين چند اميرن سان گڏ سيوهڻ ڏي راهي ٿيو(1).

جڏهن جنگ شروع ٿي تڏهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مقابلا ۽ معرڪا پکڙجي ويا. مرزا عبدالرحيم خانخانان پنهنجي وقت جو مڃيل سپهه سالار هو، بلڪ اڪبر جي ”ترڪش“ جو آخري ”خدنگ“ چئجي ته بيجا نه ٿيندو. جنگي فن ۽ لشڪر ڪشيءَجي گُرَ ۽ ملڪ گيريءَ جي داءَ پيچ مان سڀني ڳالهئين سر هو. اڃان تازو ڪيترا ملڪ فتح ڪري چڪو هو ۽ ڪيئي معرڪا سر ڪري اڪبر جي سلطنت جي پکيڙ وڌائي چڪو هو. تنهنڪري هند خواهه سنڌ ۾ سندس دليريءَ ۽ فني قابليت جو وڏو ڌاڪو ۽ ڏاڍو ڏهڪاءُ هو.

سنڌ جي سلسلي ۾ ته اڪبر خاص احتياط ۽ اهتمام ڪيو هو، ۽ ساڻس گڏ ٻيا به ڪيترا چونڊ امير، فوجي ماهر، ۽ بهادر ويڙهاڪ جيڪي ڪيئي معرڪا ماريو ٿي وتيا گڏي ڇڏيا هئا. ۽ انهن منجهان هر هڪ کي پنهنجا پنهنجا دستا، علاوه سرڪاري لشڪر جي، پڻ همرڪاب هئا.

تاريخ ۾ ڪن اميرن جا نالا اچي ويا آهن، جن جي پڙهڻ سان مهم جي نزاڪت ۽ اڪبر جي ذهن ۾ سنڌ جي مسئلي جي اهميت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو:

شاهي بيگ خان ڪابلي

سيد بهاعه الدين بخاري

فريدون برلاس

شير خان

جانش بهادر

بختيار بيگ

قرا بيگ ترڪمان

محمد خان نيازي

خواجه محمد مقيم خان بخشي

رستم سلطان

گورڌن راول

ڀيم دلپت

بهادر قوردار

علي مردان خان بهادر

بلب ڌر راٺوڙ

حسن علي عرب

خواجه حسام الدين

سيد درويش

قاسم خان ڪوڪه

خاڪي گله بان

نور محمد

خواجه خضري

عبدالغني

الغ بيگ

سال النگي

خاڪي بيگ

سيد مير علي

ميرزا بيگ سالار قلي

ميرزا محمد

سيد بنده علي

ابراهيم بيگ

مرشد قلي چولڪ

شمشير بيگ

محمد زمان باقي چهار دانگي

عبداللطيف

بهادر ملڪ

عزت علي ڪابلي

الهه بردي تولڪچي

الياس توبچي

محمد قلي تنگري بردي

فرخ بيگ

قلي محمد

مريد خان سرمدي

ڌارو ولد راجا توڏرمل

بسنت راءِ ولد راءِ سنگ

ميان دولت خان لوڌي

بهادر خان

ملا محمود

جان بيگ

مقصود بيگ.(1)

انهن کان علاوه ٻيا به ڪيئي جنگي جوڌا پنهنجي پنهنجي ساٿ ۽ سپاهه سميت سنڌ تي انهيءَ چڙهيل گهل ۾ شريڪ هئا. جن لاءِ طبقات جو مصنف لکي ٿو ته ناليوار سڀني جو لکڻ ڊيگهه جو سبب ٿيندو ”و مردم ديگر که تفصيل ايشان باطناب ميکشد“ اڪبرنامه جي صاحب بسيار مردان کار آگاه ـ لکيو آهي. جيڪي موڪليا ويا هئا سي سڀ مغل مورخن جي قول مطابق ”امرائي نامي“ ۽ مردان کار آگاه هئا. منجهانئن هرهڪ ڄڻ پنهنجي پنهنجي حيثيت ۾ فيل مست ۽ رستم زمان ٿي معلوم ٿيو. سپاهه جدا هو، ۽ ٻئي حرب ۽ ضرب جي سامان ۽ اسباب جي انتها ڪانه هئي. مثال طور:

هڪ سؤ هاٿي (صد زنجير فيل).(2)

توب خانو (بقول رحيمي؛ فيلان جنگي توبچيان خاور اندز معه توب خانه).

ٻه هزار گهوڙا(3).

لڙائي شروع ٿي، ته فوراً ٻي ڪمڪ به پهچي ويئي، جنهن جو تفصيل هن ريت ڏنو ويو آهي؛

هڪ لک پنجاهه هزار رپيا نقد هڪ دفعو(1).

هڪ لک رپيا ٻئي دفعي(2).

هڪ لک مڻ اناج.

چند وڏيون توبون ڪي ئي گولا بي انداز ۽ عظيم لشڪر.

راءِ سنگ چار هزاري منصب وارو امير پنهنجي ڪٽڪ سميت جيسلمير جي رستي کان اچي رسيو.(3) انهيءَ تفصيل کي تفصيل سان ڏيکارڻ جو مقصد هي آهي ته هندستان جي عظيم مغل امپاير کي، اڪبر جهڙي جبري بادشاهه جي زماني ۾ جڏهن ته اقبال جو آفتاب چوٽيءَ تي هو، سنڌ کي زير ڪرڻ لاءِ ڇا نه ڪرڻو پيو. آزاديءَ سان رهڻ ۽ غلاميءَ هيٺ گهارڻ جا ذهني ۽ جسماني ڪهڙا نتيجا قومن ۽ ملڪن لاءِ نڪرن ٿا، انهن جو اندازو به انهيءَ مان سولائيءَ سان ڪري سگهجي ٿو. آزاد فضا ۾ رهندڙن کي زير ڪرڻ واقعي ڪو آسان ڪم نه آهي.

جنگ شروع ٿي، جتي وارو لڳو يا نقشو ٺهيو، ٻنهي ڌرين پير کوڙي بي جگريءِ سان هڪٻئي کي مڙسيءَ منهن ڏنو. طبقات جو مصنف لکي ٿو ته؛ سنڌين هر طرف کان اناج ۽ کاڌي جي سامان پهچڻ جا گهٽ ۽ گهير بند ڪري ڇڏي، جنهنڪري جلدئي خان خانان جي لشڪر کي ڏڪار سان سابقو  پيو. انهيءَ حد تائين جو ”ناني بجاني ارزان“ ٿي ويو. يعني جان ڏني جي ماني ملي ته گويا سهانگي سمجهي ٿي وئي(4).

مير معصوم هر جاءِ تي ميدان ۾ موجود ۽ پنهنجي ولي نعمت لاءِ نهايت بهادريءَ سان وڙهي رهيو هو. ليڪن وطن دوست سپاهه جو مقابلو آخر ڪو آسان ڪم ڪونه هو. سنڌين جيتوڻيڪ سمجهو ٿي ته سنڌ مٿان ڪنهن سنڌيءَ جي حڪومت ڪانه آهي، جاني به ست ڌاريون مغل هو ليڪن انهيءَ مغل جي هٿان سنڌ ڇڏائي ملڪ کي ڄڻ ”ڏهن دينارن مان ڪڍي سؤ دينارن ۾ ڦاسائڻو هو“(1).

ايترو ساز و سامان ۽ مغلن جي ”دلاوران ڪارشانس و کار آگاه“ جي ڪثرت نفري، ميرزا جانيءَ جي سنڌي فوج کي هراسان ڪري نه سگهي. هڪ وقت ته سنڌ جي جوانن هندي مغلن جا اوسان ايترو خطا ڪري ڇڏيا، جو خانخانان جهڙي نامياري سپهه سالار ٻي ڪا واهه نه ڏسي، سنڌ جي پيرن فقيرن جي دامن وڃي جهلي.

سنڌ تي جڏهن به ڪن ڌارين چڙهائي ڪئي آهي، تڏهن ان کي پنهنجن کان ئي نقصان پئي پهتو آهي، گهر کي گهر جي چُلهه واري باهه ئي ساڙڻ ۾ اڳرائي ڪئي آهي. فيروز تغلق ٺٽي جي قلعي تي قابض ٿي نه سگهيو، ته چراغ دهلويءَ ۽ جلال بخاري اُچيءَ کي چاڙهه ڏيئي، سندن تقدس جي واسطي سان، ڄامن کي صلح جا واعدا ڏيئي، قلعي کان ٻاهر آڻي، ڌوڪي ۾ قيد ڪري، دهليءَ وٺي ويو. انهن ٻنهي بزرگن کي ڪجهه نذر نياز مليو، هو انهيءَ ۾ خوش رهيا ۽ انهيءَ کي ديني خدمت سمجهي پنهنجي ضمير کي مطمئن ڪيائون(2). ساڳيءَ طرح شاهه بيگ ارغون سنڌ جي ئي ملن موراڻن ۽ پيرن فقيرن کي لالچ ڏيئي، ملڪ سان غداريءَ تي آماده ڪري، ملڪي تحريڪ جي رهبرن جي پڄاڻي آڻي، پنهنجي قبضي کي سنڌ تي مضبوط ڪيو. اهو ساڳيو ئي طريقو خان خانان به اختيار ڪيو. ديني جاسوسن ۽ روحاني گاڙدن کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. انهيءَ سلسلي ۾ مير معصوم بکريءَ سندس هٿ ڏس ڪئي ۽ کيس درٻيلي جي مخدوم قاضي عثمان وٽ جنهن کي ”مجتهد وقت، اعلم العلماءَ ۽ اکمل الاوليا“ جي دلفريب لقبن سان ياد ڪيو ويو آهي وٺي ويو مخدوم صاحب جيڪي ڪجهه ڪيو، ان جو مذڪور پوين صفحن (112-113) ۾ اچي چڪو آهي.

واقعو صحيح هجي يا مشڪوڪ، ليڪن انهيءَ ۾ شڪ ڪونه آهي ته دين جي آڙ وٺندڙ شڪارين هميشه پنهنجي ئي زمين سان بيوفائي ڪندي، نه ڪڏهن ترس کاڌو آهي نه کين ڪا غيرت آئي آهي، هو هميشه ”فتوحات“ جا قائل پئي رهيا آهن. جنهن جي بهرحال هر غاصب وٽ ڪمي ڪانه هوندي آهي.

انهيءَ قسم جي واقعن کي بيان ڪرڻ مان مقصد هي ڏيکارڻ آهي ته خانخانان لاءِ سنڌ فتح ڪرڻ آسان ڪم ڪونه هو، معرڪا ڏاڍا سخت درپيش هئا. هڪ جنگ جو جنهن ۾ راجا توڏر مل جو پٽ قتل ٿيو ذخيري جي مصنف هنن لفظن ۾ ذڪر ڪيو آهي:

”جنگ تمام سخت لڳي. راجا توڏر مل جو پٽ ڌارو تمام مردانگيءَ سان وڙهيو، ليڪن مارجي ويو. ميان محمد خان نيازيءَ پنهنجي سر ۽ مٽن مائٽن سميت مرڻ جيئڻ جي ڪانه ڪئي ۽ وڙهڻ سان انتها ڪري ڇڏيائين. سڀني جان تان هٿ ڌوئي ميدان ڪيو ۽ پاڻ مارايائون. دولت خان لوڌي، جيڪو سپهه سالار، بي مثل شجاع ۽ پنهنجي وقت جو رستم هو، ايترو وڙهيو، ايترو وڙهيو، جو انهيءَ کان مٿي تصور ۾ اچي ڪونه ٿو سگهي... دلپت چئن سون راجپوت سوارن سميت پاسو جهليو بيٺو رهيو، اهڙيءَ طرح مير  معصوم بکريءَ شاهه بيگ خان وارن پڻ مڙسان مڙسيءَ ويڙهه ڪئي(1).

انهيءَ لڙائيءَ ۾ جيڪا سڌي سنئين جاني بيگ سان هئي، تنهن جو وار به ونگو ڪونه ٿيو. هو آرام سان ميدان مان سلامت نڪتو، ٻيءَ جاءِ تي هليو ويو. اهڙيءَ طرح سنڌ جي مختلف حصن ۾ معرڪا هلندي، سال لنگهي ويو. آخرڪار پنهنجن جي نفاق، ملڪي غدارن جي سازش، وطن فروش ۽ وطني جاسوسن جي ريشه دوانين ميرزا جانيءَ کي ٿڪائي رکيو. هڪ ته مسلسل جنگ سبب ملڪي معيشت تباهه ٿي ويئي ۽ ڏڪار اچي منهن ڪڍيو(2). ۽ ان کان وڌيڪ ميرزا کي شخصي نقصان هي پهتو، جو سندس والد ميرزا پايندو بيگ فوت ٿي ويو ۽ پٽس ميرزا فتح بيگ پڻ هيءُ جهان ڇڏيو. ٻيئي قضيا هڪٻئي پٺيان لاڳيتا ٿيا، جن ميرزا جي ڪمر ٽوڙي رکي.

ميرزا انهيءَ دلشڪستگيءَ جي ڪيفيت ۾ مبتلا هو، جو خان خانان حالتن جو اندازو جاسوسن جي معرفت ڪري، ڏانهن صلح جو پيغام موڪليو. خانخانان پاڻ به طويل جنگ کان تنگ اچي چڪو هو. بهرحال ٻنهي ڌرين جي آمادگيءَ سان انڙپور ۾ معاهدو ٿيو، شرط شروط طئي ٿيا، 26 محرم 1000هه / 17 آگسٽ 1591ع (3) جو خان خانان محاصرو کنيو.

انهيءَ صلح کي ”فتح“ سان منسوب ڪري، ٺٽي ۾ چراغان ڪرايو ويو، جشن منعقد ٿيا ۽ حاضر باش شاعرن قصيدا پڙهي انعام اڪرام حاصل ڪيا.(1)

قرارداد مطابق ميرزا جاني 24 جمادي الثاني 1001هه / 1592ع جو شاهي دربار ۾ وڃي حاضر ٿيو (2) سندس روانگيءَ جي تاريخ آهي:

کرده کلکم نام تاريخش رقم؛ بستان فتح،
باغ اقبال تو بادا داغ گلزار جنان
(3)

مير معصوم بکريءَ انهيءَ سلسلي ۾ ”بستان فتح“ جي گلگشت ۾ نهايت اهم ڪردار اد ڪيو. بهر صورت ميرزا غالب چواڻيءَ؛

ز گلفروش ننالم، کز اهل بازار است،
تپاک گرميء رفتار باغبانم سوخت.

 

-----


 

باب پندرهون

بکر جو قيام- سيويءَ جي فتح

سنڌ جي جنگ مان فارغ ٿي، خان خانان ۽ ميرزا جاني بيگ کي دربار ڏانهن اماڻي، مير معصوم پاڻ بکر هليو  آيو. ٺٽي جو انتظام خان خانان، دولت خان لوڌيءَ جي حوالي ڪري ويو هو. مير صاحب جي حقيقي موڪل انهيءَ کان پوءِ شروع ٿي، جنهن ۾ هن سکر ۾ رهي پنهنجا شخصي ڪم سر انجام ڏنا ۽ جاگير جي انتظام خاطر خواه نموني سان ڪيو.

مير معصوم پر فضا جاين تي رفاهي عمارتن ۽ نظاري وارن هنڌن تي جاين ٺاهڻ جو بيحد شوقين هو. اهو سڀني مغل اميرن جو طريقو ۽ وتيرو هو. مسجدون، سرائيون، کوهه، باغ، نهرون، عيدگاهه ۽ ٻيا اهڙا ڪم ڪرڻ ۽ يادگار ڇڏڻ، جن مان سندن نالو ٿئي ۽ آبرو وڌي- مغل اميرن ۽ جاگيردان جو اهو وڏي ۾ وڏو مشغول، فيشن ۽ تفريح هئي، انهيءَ سلسلي ۾ هو هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش پيا ڪندا هئا مير معصوم کي انهيءَ کان علاوه هيءُ به شوق هو ته جتان سندس گذر ٿئي. اتي ڪن يادگار جاين تي تاريخي ڪتبا هڻندو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ ٻيو ڪو به مغل سردار سندس هم پلهءِ ۽ همسر ڪو نه هو.

بکر ۾ قيام ۽ يادگار (1001هه-1003هه/1591ع 1593ع): بکر ۾ مير بمشڪل اڍائي- پوڻان ٽي سال رهيو. معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ايترو محرڪ پرڪار ۽ شاهه خرچ امير هو، جو هن ايتري ٿوري عرصي اندر ڪيترن يادگار جاين جي بناءَ رکي ۽ بنياد وڌو- جهڙوڪ:

ڇٽي: والد جي قبر تي چو نڊي ۽ ڇٽي ٺهرايائين جنهن جي تاريخ ”عمارت سر کوه“ (1002هه) مان نڪري ٿي.

عيد گاهه: روهڙي ۾ نهايت پر فضا ٽڪريءَ ۽ نظاري تي عيدگاهه ٺهيو. غالباً اهو بکر ۽ روهڙيءَ ٻنهي شهرن جي لاءِ مشترڪھ هو. اهو پڻ ساڳئي مٿئين سال 1002هه ۾ تيار ٿو. اڄ به موجود آحي ۽ درياهه ڀر تان ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

منارو: پنهنجي خانداني گورستان ۾ انهيءَ ساڳئي سان 1002هه ۾ مناري جو بنياد وڌائين. سندس سامهون دهليءَ واري قطب منار جو مثال موجود هو.

گورستان: ساڳئي احاطي ۾ خاندان جي گورستان جو نهايت خوبصورت نقشو رکيائين. سندس غير حاضريءَ ۾ سندس والد، ڀاڻس ۽ ٻيا ڪي خانداني افراد دفن ٿيا هئا. گورستان ۾ پنهنجي والد، ڀاءُ ۽ پنهنجي قبر لاءِ مٿي ذڪر ڪيل ڇٽي رٿيائين. انهيءَ لاءِ گجرات ۽ سمن سلطانن جي گورستاني ڇٽين ۽ چوڪنڊين جو نقشو ۽ نمونو سندس سامهون هو.

قبرون: والد ۽ ڀاءُ جي قبرن جا پٿر نهايت خوبصورت اُڪر تي تيار ڪرايائين.

انهيءَ کان سواءِ به سندس ذهن ۽ فڪر ممڪن آهي، ڪن يادگارن جو بنياد وڌو هجي يا پروگرام ٺاهيو هجي. جيڪي صدين جي لپيٽ ۾ اچي مٽجي ويون يا مرڳو ئي عملي شڪل اڃا اختيار نه ڪئي هئائون.

سيوي  (1003هه/1595ع): مير صاحب بکر جو اهو مختصر قيام نهايت مصروف گذاريو. اڃا کيس پورا ٽي سال به ڪو نه ٿيا، ته 1003هه/1595ع ۾ کيس پهريون سيويءَ ۽ اتان قنڌار وڃڻ جو حڪم مليو. سيويءَ ڏانهن ساڻس گڏجي هيٺيان امير پنهنجي فوجي دستن سميت هليا:

مير ابوالقاسم نمڪين سندس هم وطن ۽ بکر جو جاگيردار ۽ حاڪم.

بختيار بيگ سيوهڻ جو اقطاع دار(1).

سيد بهاء الدين بخاري اچ جو تيول دار.

 اڪبر نامه جي مصنف اهو واقعو 39 سال الٰهي (1003هه) جي روئداد ۾ بيان ڪيو آهي. فوج ڪشيءَ جو سبب ڄاڻائيندي. لکي ٿو؛ سيويءَ جو قلعو پهريون بکر سرڪار جي تحت هوندو هو ۽ ڪجهه وقت کان انهيءَ تي پني قبيلي جا افغان خودسري ڪري قابض ٿي ويا هئا. انهن جي گوشماليءَ لاءِ اهو فوجي قدم کنيو ويو. 23 تاريخ ماه دي جو اهي فوجون روانيون ٿيون. گنجابھ جا زميندار ۽ اوسي پاسي جا پريا مڙس جهڙوڪ: دريان خان ۽ دائود خان وغيره مقابلي جو تاب نه جهلي، اچي پيش پيا، تنهنڪري سواءِ ڪنهن اٽڪاءَ جي فوج  3 تاريخ اسفند ماه جو قلعي جي سامهون پهچي ويئي.

قلعو نهايت مضبوط ۽ هر طرح مستحڪم هو. پنج هزار ماڻهو پهرينءَ سٽ ۾ قلعي منجهان مقابلي لاءِ نڪري آيا. سرڪاري فوج تربيت يافته ۽ منظم هئي. قلعي وارو انبوهه غير مرتب ۽ جنگي ضابطي کان عاري هو. تنهنڪري پهرينءَ جهڙب ۾ ئي بيتاب ٿي قلعي اندر پسپا ٿي ويا ۽ صلح لاءِ چڱا مڙس وچ ۾ آڻي امان گهريائون، ۽ چا ٻيون شاهي فوج جي حوالي ڪري پاڻ اچي پيش پيا.

انهيءَ قلعي هٿ اچڻ سبب سيويءَ ۽ ڪيچ مڪران کان وٺي قنڌار تائين جي وچ جو سمورو علائقو اڪبري فرمان هيٺ اچي ويو. (1)

مير ابو القاسم نمڪين؛ مظهر شاهجهانيءَ جي لکت مان ائين پيو ظاهر ٿئي ته انهيءَ مهم جو مهندار مير نمڪين، جيڪو انهيءَ دور ۾ بکر جو جاگيردار هو، ٿيو، ۽ ٻيا امير سندس امداد ۾ هليا هئا. ميرڪ يوسف لک ٿو ته؛ سيويءَ جي فتح  بعد بابي بادشاه ڏانهن عريضو اماڻيو ته جيڪڏهن حڪم هجي ته ڪيچ مڪران پڻ هٿ ڪجي! ليڪن بادشاه انڪار ڪيو ته جنهن صورت ۾ اهو ملڪ شاهه عباس واليءَ ايران جي سرحد تي آهي، تنهنڪري انهيءَ تي قبضو ڪرڻ سياسي مصلحت ۽ ٻنهي حڪومتن جي باهمي تعلقات لاءِ مناسب نه ٿيندو. سيويءَ جي باشندن تي اجارو ۽ ڍل به مير نمڪين بست ڪئي، جيڪا بقول ميرڪ يوسف ڪتاب لکڻ تائين (1044هه) ساڳئيءَ شرح مطابق هلي اچي ٿي. (1)

مظهر شاجهانيءَ جي لکت مان ظاهر پيو ٿئي ته بکر جو اهو علائقو، جيڪو 999هه ۾ خان خانان جي جاگير ۾ ڏنو ويو هو، سو سنڌ فتح ٿيڻ بعد غالباً جيئن خان خانان 1001هه واپس ويو تيئن ڦيرائي، مير ابوالقاسم نمڪين جي جاگير ۾ آندو ويو. اهوئي سبب آهي، جو طبقات اڪبريءَ ۾، جيڪو 1001هه ۾ ختم ٿيو آهي، مير نمڪين کي بکر جو حاڪم بيان ڪيو ويو آهي، (1)۽ مظهر شاجهانيءَ مان ان جي پڻ تصديق ۽ وضاحت ٿئي ٿي. ڍل ۽ اجاري جي وصولي پڻ مير نمڪين  جا ماڻهو بکر مان وڃي ڪري ايندا هئا.

مير معصوم ڀانئجي ٿو سيويءَ جي مهم پوري ٿيڻ بعد اتان ئي قنڌار جي فوجي خدمت تي هليو ويو، ۽ باقي سردار جدا جدا پاسن ڏانهن راهي ٿي ويا.(2)

-----


(1)  معصومي 251.

(1)  اڪبر نامه 3: 885. طبقات 2؛412. رحيمي 2؛358. ذخيره 1؛36. معصوم 251- 254 انهن اميرن جو احوال مغليه دور جي تذڪرن مان معلوم ڪري سگهي ٿو.

(2)  بدايوني 2؛344.

(3)  طبقات 2؛417. معصومي ۾ گهوڙن جو تعداد 12 سؤ آهي (256).

(1)  بدايوني 2؛362.

(2)  رحيمي 2؛362.

(3)  طبقات 2؛14 – 415.

(4)  طبقات 2؛416 رحيمي 2؛363 سندهيان از اطراف راه آمد وشد غله را بر لشڪر خانخانان بستند و غله بحدي نايات گشت که ناني بجاني ارزان بود.

گشته زان تنگي جهاني تنگدل                                              گرسنه نالان و سيران سنگدل

هر کرا، ديدار نان، بودي هوس                                               قرص خور، در آسمان ديدي وبس

(1)  شيخ سعديءَ جو قول، ڏسو گلستان ۾.

(2)  ڏسو مڪلي نامه، ص 131 کان ص 136.

(1)  جنگ صعب افتاد و دهارو ولد راجه توڏرمل ترددهاي مردانه بظهور رسانيده به قتل رسيد و ميان محمد خان نيازي بذات خود ترد دات نمايان کرده، جمعي از خويش و تار خود را بکشن داده ودولت خان لودي (که سپهبد و شجاع بي نظير و رستم وقت خود بود) چندان سعي و تلاش و تردد کرده که مزيد بران تصور نباشد.... دلپت پاچهار صد سوار راجپوت به کناره جنگ گاه استاده ماند، و مير معصوم بکري و شاه بيگ خان ترددات مردانه کر.“ ”(ذخيره. 1؛37)

(2)  ڏڪار ۽ صورتحال جي نزاڪت لاءِ ڏسو تحفت الڪرام فارسي، ص 280 کان ص 281.

(3)  رحيمي، 2؛376.

(1)  ڏسو تحفت الڪرام فارسي، ص 259 -275.

(2)  رحيمي، 2؛376.

(3)  رحيمي، 3؛534-551. هي 171 بيتن جو قصيدو آهي، جنهن کي تحفت الڪرام (حسام الدين) ۾ پڻ (263-268) شايع ڪيو ويو آهي. قصيدو دلچسپ ۽ واقعاتي آهي. مثلاً؛ صلح، باهمي ملاقات، ٺٽي ۾ خانخانان جي آمد ۽ چراغان وغيره جو داستان تاريخي آهي. اهو قصيدو يولقلي بيگ انيسي شاملوءَ جو آهي. سندس ٻيو به هڪ قصيدو 78 بيتن جو آهي (تحفت الڪرام 259-262) هن مطلع سان:

بہ بين بہ حشمت شاهي وجشن فروردين

کنون ببالد مهر و کنون نبادل کين

آخري شعر تاريخ تي آهي:

بفتح تته و تاريخ اين قصيده، قضا

نوشت؛ ستمائه بعد تسعه و تسعين

999هه

انيسي ترڪيت بند به چيو آهي (تحفت الڪرام 268 -270) هي مطلع آهي؛

نسيم گل بچمن، تانبرد مستان را

هوائي باغ قفس بود، مرغبستان را

اهڙيءَ طرح شڪيبيءَ ساقي نامو چئي 12 هزار رپيه ۽ سروپا ورتي. مطلع آهي؛

بيا! تا ز ميخانه، بستان کنيم
بويرانه، کشت گلستان کنيم

 

(تحفت الڪرام 271-275)

(ڪراچي 5-4-1978ع)

(1)  بختار بيگ لاءِ مظهر شاهجهاني ص 101 وغيره.

(1)  اڪبر نامه (3؛666)... سيوي... استوار قلعه ايست نزد قنڌهار، درياستان زمان مرزبان بکر داشت و از دير باز افغانان پي برو چيره دست. سيد بهاعه الدين بخاري تيول دار اوچه و بخاتر بيگ اقطاع دار سيوستان مير ابوالقاسم نمڪين جاگيردار بکر و مير معصوم و ديگر سپاه صوبه ملتان را فرمان شد که به آنجا شده اندرز گوئي را دستمايه کشياش بر سازند، گر نه نيوشنند بسزا برمالند.

بست و سيوم دي بدين بسيچ بر آمدند، زمينداران گنجابه و ديگر سران آن سو (چون دريا خان و دائود) سر بفر مان در اويزش در آمدند، و بکمتر آويزه شکست يفتح حصاري شدند، پس ازگرد گرفتن و آماده ساختن دست افزا گشايش زينهاري شده کليد سپردند، و از ابن فيروزي تا قنڌهر و ڪيچ و مڪران بقلمرو در آمد....“ وڌيڪ ڏسو تذڪرهء امير خاني، ص 22. ۽ مظهر شاهجهانيءَ .

(1)  ڏسو تذڪرءٌ امير خاني (23-24) مظهر شاهجانيءَ ۾ آهي:

”و فتح قلع سيوي را از دست افاغنه پني در زمان حضرت عرش آشياني بعنايت الهي و باقبال بي زوال پادشاهي، پير غلام کرده بود، زماني که ملک بکهر ز تغيير خان خانان عبدالرحيم در جاگير او نموده بودند، و دران ايام پير غلام استعداد ملک بکهر را دانست از حضرت عرش آشياني  استدعا کرده بود که؛ اگر حکم شود ملک کيچ و مکران را در قبضه تسخير اولياعه قاهراه در آرم ! حضرت پادشاهه ابا نمودند و فرمودند که؛ چون کيچ و مکران بر سرحد ولايت شاهه عباس است و درميان ما و ايشان اخلاص  ميگذرد بيو جهه دست بان ملک ها کردن خوب نيست!

و تا حال همان اجاره که پير غلام بر مردم افاغنه سيوي از نقد و جنس بر بست، منظور شده مي آيد. سر فصل مردم تعيينات ملک بکهر، باحشام رعيت رفنه مقطعي را ازان مردم ميگيرند،“ (ص 28-29)

(1)  در  زمرهء امرا است و حڪومت بکر  دارد- طبقات 2؛ 455. بکر سرڪار اٺن پرڳڻن تي مشتمل هئي جهڙي طرح مظهر شاهجهاني مان معلوم ٿئي ٿو (ص5 ۽ ص 108).

(2) ڏسو مظهر شهجهاني (102).

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org