انتساب
برادر بزرگوار پير علي محمد راشديءَ جي نالي
جنهن پهريون مير معصوم جي سوانح سنڌيءَ ۾ لکي ۽ جنهن سان
حياتيءَ جا ڪيترا يادگار سال گڏ گذاري گهڻو ڪجهه
لاڀ پرايم:
فرو نيايدم اين سر بجز، بدرگه دوست
که آنچه درکفِ ما ماهست، فيض صحبت اوست
- حسام الدين
(الف)
ڇپائيندڙ پاران
سن 923هه /1517ع ۾ ظهيرالدين بابر قنڌار جي حاڪم شاهه بيگ
ارغون کي اقتدار تان دستبردار ڪري قنڌار جون
ڪُُنجيون حاصل ڪيون. هيءُ اهو دور هو جڏهن ايران ۽
افغانستان ۾ ڪيترائي ترڪ چنگيزي قبيلا اقتدار جي
خوني ڪشمڪش ۾ رڌل هئا ۽ سن 923هه – 926هه / 1517ع-
1519ع تائين بابر پاران قنڌار مان تڙيل حڪمران
شاهه بيگ ارغون شال، ڪوئٽا ۽ سبيءَ تي پنهنجو
غاصبانه اقتدار مضبوط ڪري رهيو هو. جنهن کان پوءِ
سندس نڪ جي سامهون سنڌ جي سائي ۽ خوشحال سرزمين
هئي، جنهن تي ڪيترين ئي لڙاين کان پوءِ به هو قبضو
نه پئي ڪري سگهيو. نيٺ 11- محرم 926هه / 1519ع تي
هن افغانين جي هڪ وڏي لشڪر سان سنڌ تي حملو ڪيو ۽
حرفت سان اها جنگ کٽي سنڌ کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي
ڇڏيائين. سيوهڻ تي هو پاڻ حڪمران ٿي ويٺو. جڏهن ته
ٺٽي جي نالي ماتر حڪمراني ڄام فيروز جي حوالي ٿي ۽
بکر جي حاڪميت هن پنهنجي قنڌاري ساٿي، دوست ۽ دست
راست مير فاضل ڪوڪلتاش جي حوالي ڪئي. شاهه بيگ
ارغون جي مرڻ کان پوءِ شوال 930هه / 1524ع ۾ سندس
پٽ شاهه حسن ارغون ٺٽي ۾ قائم نالي ماتر ڄام حڪومت
تي به قبضو ڪري ورتو. نتيجي ۾ ڄام فيروز ٽي ڀيرا
گجرات ۽ ڪڇ جي سنڌي لشڪر جي مدد سان سنڌ تي پنهنجي
حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ هٿ پير هنيا، پر هر ڀيري
ناڪام ٿيو. هو سنڌ هٿ ڪرڻ لاءِ آخري جنگ ڪرڻ جي
تياريءَ دوران گجرات ۾ همايون جي فوج جي هٿان سن
942هه / 1535ع ۾ مارجي ويو.
هيءُ اهو دور هو، جنهن ۾ سنڌ تي ڌارين پنهنجو قبضو قائم رکڻ
لاءِ حملا ڪيا ۽ هر قسم جي ظلم کي روا رکيو.
ارغونن جي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر ڪن مقامي قبيلن گهريو
ٿي، ته سنڌ تي همايون جي حڪمراني ارغونن جي
حڪمراني کان بهتر رهندي، پر ڄام فيروز جي مارجڻ
کان پوءِ سندن اها اميد به ختم ٿي ويئي. سن
962هه/1555ع ۾ شاهه حسن ارغون پنهنجو ڪوبه پٽيتو
وارث نه ڇڏيندي ”پلي پوٽن“ُ ۾ مري ويو. ان وقت
امير محمود ڪوڪلتاش، جيڪو سندس ٿڃ شريڪ ڀاءُ هو،
سندس سيرانديءَ کان موجود هو، جنهن تڙ تڪڙ ۾ شاهه
حسن ارغون جو لاش ٺٽي ڏانهن اماڻي پنهنجي اقتدار
ماڻڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا. ٻئي طرف ارغونن جي
افغاني عزيزن، يعني ترخانن مان ميرزا عسيٰ خان
(اول) سکر ڏانهن ڪاهه ڪئي ۽ گوا مان پورچو گيزن جي
فوج پيڊروبئريٽو جي ڪمان هيٺ گهرائي ورتي، جنهن
ٺٽي جي شهر ۾ ظالماڻي ڦرلٽ ۽ قتل عام ڪيو. ان ريت
سڄي سنڌ جنسي رت جي راند ۾ ٻڏندي پئي وئي. انهيءَ
زماني ۾ سيوهڻ ۾ وسيل مير محمد معصوم بکريءَ جي
ناني سيد مير ڪلان سبزواريءَ تمان گهڻين ڪوششن سان
محمود ڪوڪلتاش ۽ ميرزا عيسيٰ خان (اول) ۾ ٺاهه
ڪرايو ۽ ان ريت سنڌ مير ڪلان جي مدد سان ئي وڌيڪ
رتو ڇاڻ کان بچي وئي.
شاهه بيگ ارغون جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ افغانستان ۽ قنڌار
مان ترمذي ۽ سبزواري ساداتن سنڌ جو رخ ڪيو. قنڌار
جي حاڪميت واري دور ۾ اهي سمورا سادات هڪٻئي جا
دوست هئا. جڏهن مير محمد معصوم بکريءَ جو والد سيد
مير صفائي سکر پهتو، ته بکر جي حاڪم محمود ڪوڪلتاش
سندس وڏي مرحبا ڪئي، قنڌار جي اقتدار دوران محمود
ڪوڪلتاش جو پيءُ مير فاضل ڪوڪلتاش بابا حسن ابدال
جو معتقد ٿيو، جو سيد صفائيءَ جو وڏو هو. قنڌار ۾
باب احسن ابدال جي مزار جو ڪتبو به محمود ڪوڪلتاش
لڳرايو هو. قنڌار جي واهڻ اشڪلچه ۾ وسيل ترمذي
سيدن جو اصل وطن ترمذ، آمو درياءَ جي اترئين ڪپ تي
سرخان درياءَ جي منهن وٽ ٻڌايل هو، جتان پوءِ اهي
حسيني سادات ڪنهن سبب جي ڪري قنڌار ويجهو اشڪلچه
نالي وهاڻ ۾ اچي وسي پيا. جتي انهيءَ خاندان مان
ڪيترائي نالي وارا ديني عالم ۽ بزرگ پيدا ٿيا، جن
۾ بابا حسن ابدال ترمذي، سيد محمود شيرقلندار ۽
سيد حسين زنجيرپا وغيره جهڙا ناميارا ۽ هاڪارا
بزرگ شامل آهن.
مير محمد معصوم بکري 7- رمضان المبارڪ سومر ڏينهن 952هه (1543ع)
۾ بکر ۾ جنم ورتو. سيد مير محمد معصوم بکريءَ جو
تيرهين پيڙهيءَ ۾ رشتو امام موسيٰ ڪاظم سان وڃي
جُڙي ٿو، مير صاحب ڏاڏاڻن پاران ترمذي حسيني هو،
ته ناناڻن پاران سبزواري موسوي سيد هو. موسوي سيد،
شاهه بيگ ارغون جي زماني ۾ سيوهڻ ۽ بکر ۾ اچي وسيا
هئا. ان ريت مير محمد معصوم بکريءَ جا ڏاڏاڻا ۽
ناناڻا سنڌ جي ٻن اهم ماڳن يعني سيوهڻ ۽ بکر ۾ اچي
رهيا هئا، جي ان دور ۾ سڄي سنڌ جي اقتدار جا ڄڻ
اهم مورچا هئا.
جيستائين مير محمد معصوم بکريءَ جو نانو مير ڪالن حيات هو،
تيستائين بکر جي مير فاضل ڪوڪلتاش جي خاندان ۽
ترخانن جا پاڻ ۾ ناتا بهتر رهيا، پر شاهه حسن
ارغون جي مرڻ کان پوءِ سيوهڻ ۽ بکر جي حڪمرانن جي
وڄ ۾ اختلاف پيدا ٿيڻ لڳا. محمود ڪوڪلتاش پنهنجو
تعلق دهلي سان رکيو، جڏهن ته ارغونن جي ڀيٽ ۾
ترخانن پنهنجو تعلق سنڌ جي مختلف مقامي قبيلن سان
مضبوط ڪيو. هنن سنڌ جي سميجن ۽ سوڍن مان شاديون پڻ
ڪيون ۽ سنڌين جي هڪ مضبوط فوج قائم ڪري ورتي.
اهڙيءَ طرح فوجي قوت جي لحاظ کان ميرزا جاني بيگ
ترخان سنڌ جو هڪ سگهارو حڪمران هو. شايد ان ڪري هو
دهلي حڪومت جي اک ۾ ڪنڊو بڻجي چڀندو رهيو. هن اڪبر
اعظم جي موڪيل لشڪر جي سپهه سالار صادق خان سان
ساندهه ٻه سال سيوهڻ ۽ لڪيءَ جي جبلن ۾ زبردست
چوٽون کاڌيون. دهلي درٻار کي ننڍي کنڊ جي ڏاکڻين
ڪنڊ ۾ موجود سنڌ جي خودمختيار حيثيت قبول نه هئي،
ان ڪري ماه صفر 999هه بمطابق نومبر 1591ع ۾ ميرزا
عبدالرحيم خان خانان جي مهنداريءَ هيٺ دهليءَ جو
لشڪر سنڌ تي اچي ڪڙڪيو. آخرڪار ان فوجي قوت جي
سَٽَ نه سهندي ميرزا جاني بيگ پنهنجي مدارالمهام
گورئي مهتي ۽ ٻين جي غداريءَ ڪري صلح لاءِ مجبور
ٿيو ۽ سن 1001هه / 1519ع ۾ دهليءَ جي درٻار ۾ پهچي
ويو. انهيءَ واقعي کان گهڻو اڳ مير محمد معصوم
بکري سن 979هه / 1557ع ۾ دهلي درٻار سان واڳجي چڪو
هو. سن 984هه / 1576ع ۾ هن جو نالو دهليءَ درٻار
جي هڪ اهم سپهه سالار جي حيثيت ۾ ”طبقات اڪبري“ جي
تذڪري ۾ نظر اچي ٿو. ان ريت هو امير خان خانان سان
گڏ ميرزا جاني بيگ جي ڏکڻ سنڌ جي حڪومت جي خاتمي
لاءِ سنڌ ۾ سرگرم نظر اچي ٿو. هن اڪبر اعظم جي فوج
پاران افغانستان ۽ بنگال جي ڪيترين ئي فوجي مهمن ۾
ڪامياب ڪردار ادا ڪيو ۽ بعد ۾ ايران ۾ سفير طور
مقرر ٿيو. هن جي تعليم ۽ تربيت سنڌي استادن ڪئي،
جن مان ملا محمد ساڪن ڪنگري واري ۽ قاضي ڏتي
سيوهاڻيءَ جو تذڪرو هن پاڻ ڪيو آهي. سيد حسام
الدين راشديءَ جو چوڻ آهي ته سندس هڪ ڀاءُ سيد
محمد فاضل سنڌي ڪافيءَ جو شاعر هو. اها ڳالهه وسهڻ
جوڳي به آهي، ڇو ته سندن خاندان جا استاد سنڌي
هئا.
بهرحال، انهيءَ محنت جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته هن ڪتاب ۾ مير
محمد معصوم بکريءَ جهڙي گهڻ رُخي شخصيت بابت وڌ
کان وڌ معلومات ڏنل آهي. پر ان سان گڏ مير صاحب ۽
سندس دور تي چڱي خاصي روشني سڌي ويئي آهي. هونئن
به ڪنهن علمي، ادبي ۽ تاريخي شخصيت بابت مڪمل ۽
صحيح حالات گڏ ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي. جنهن لاءِ
شخصيتن کي نه پر ادارن کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو
پوندو آهي. ان جي باوجود هن تذڪري ۾ سنڌ جي نامور
۽ بي باڪ محقق جناب پير حسام الدين شاهه راشدي مغل
سرڪار جي نامياري سياستدان ۽ منتظم ”مير محمد
معصوم بکريءَ“ بابت جيڪي حالات قلمبند ڪيا آهن. سي
سنڌ ۾ تاريخ نويسيءَ جي حوالي سان تمام وڏي
انفراديت رکن ٿا. هيءُ ڪتاب ڪل ٽيهن بابن تي مشتمل
آهي، جن مان پهريان اٺ باب مير صاحب جي پيدائش کان
جوانيءَ تائين وارن حالات تي مبني آهن. باقي باب
جوانيءَ کان لاڏاڻي تائين وارن حالات کي ظاهر ڪن
ٿا.
ڪتاب جي تياريءَ ۾ جناب پير صاحب جن ڪيترن ئي مستند ڪتابن،
مخزنن، مقالن ۽ خطي نسخن مان استفادو ڪيو آهي. پير
صاحب ان سلسلي ۾ وڌيڪ جاکوڙ ڪندي ايران ۾ مير محمد
معصوم بکريءَ جي يادگارن تي وڃي انهن جو مشاهدو
ڪرڻ ۽ ماڻهن کان ان بابت معلومات وٺڻ جهڙا ڪشالا
پڻ ڪڍيا، تڏهن وڃي مس هيءُ ڪتاب تيار ٿيو آهي.
هيءَ هڪ واضح حقيقت آهي ته هن ڪتاب سميت پير حسام الدين شاهه
راشدي، سنڌ جي تاريخ ۽ اُن جي قومن، قبيلن ۽
شخصيتن تي وڏيون تحقيقي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن،
جن جي ساراهه ڪرڻ کان رهي نه ٿو سگهجي. علمي،
ادبي، تاريخي ۽ ثقافتي طور تي سنڌ کي اڄ به پير
صاحب جهڙن بي باڪ مؤرخن جي ڏاڍي ضرورت آهي.
ڪتاب ”مير محمد معصوم بکري“ جي مطالعي کان پوءِ نه رڳو مير صاحب
جي حالت زندگي کان بخوبي واقفيت حاصل ٿئي ٿي، بلڪه
مغل دور جي تڏهوڪي سنڌ آئيني جيان روشن ٿي سامهون
بيهي ٿي. هن ڪتاب جو ٻيهر ڇاپو مارڪيٽ ۾ آڻيندي
اسان نهايت خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون. اميد اٿئون
ته مانوارن پڙهندڙن طرفان به سٺي موٽ ملندي.
ڄام شورو، سنڌ
بمطابق 14-نومبر2005ع
سومر 11-شوال المڪرم 1426هه |
انعام الله شيخ
(سيڪريٽري(
سنڌي ادبي بورڊ |
|