باب پنجويهون
اولاد
سيد صفائيءَ کابر وئي ساداتن مان شادي ڪئي هئي، جيئن گذريل صفحن
۾ ڏيکاريو ويو آهي، سندس اولاد جو ابتدائي نقشو هن
ريت آهي؛
مير معصوم جي ڀائرن ۽ خادان جي ٻين قابل ذڪر شخصيتن جو ذڪر اسان
ايندڙ باب ۾ ڪنداسين. هتي فقط مير مرحوم جي پٽ مير
بزرگ ۽ سندس اولاد جو مذڪور ڏيو ٿا.
جيئن ”ذخيرت الخوانين“ ۽ ”تحفته الڪرام“ مان معلوم ٿئي ٿو، مير
بزرگ کي ٻه فرزند ٿيا، جن مان ميرزا قنڌاريءَ جو
نالو فقط ذخيرت الخوانين ۾ آيو آهي. تحفته الڪرام
جي لکت مطابق مير بزرگ جي اولاد جو سلسلو هن طرح
ٿئي ٿو. جنهن کي احوال پڙهڻ کان پهرين ذهن ۾ رکڻ
ضروري آهي:
مٿئين ڪهول ۾ مير بزرگ ناليرو ٿيو. سندس تفصيلي احوال ڏيڻ کان
پهرين مٿئين سلسلي متعلق تحفته الڪرام جي موءلف
جيڪي لکيو آهي، انهيءَ کي نقل ڪجي ٿو، ڇاڪان ته
پنهنجي دؤر تائين جي ٻن صدين جي عرصي ۾ خادان
متعلق لکت ۾ فقط اهو مواد ملي ٿو.
مير محمد زڪريا لاءِ مير قانع جو قول آهي ته پاڻ ظاهر خواهه
باطن ۾ وڏو بزرگ هو، ۽ شاهه خير الدين سان عقيدت
سبب پراڻي سکر ۾ سڪونت اختيار ڪري زندگي
گذاريائين.
مٿئين قول مان طاهر ٿئي ٿو ڄڻ محمد زڪريا کان اڳ، سيد صفائيءَ
کان وٺي مير بزرگ تائين، سکر ۽ بکر جي ڪنهن به
محلي ۾ انهيءَ خاندان جي مستقل سڪونت ڪا نه هئي. ۽
محمد زڪريا پهريون ماڻهو آهي. جنهن پراڻي سکر ۾
رهائش اختيار ڪئي. حالانڪه اها روايت درست نه آهي.
اهو ٿي سگهي ٿو ته محمد زڪريا هيڏي هوڏي هلڻ چلڻ
جي بجاءِ خير الدين جي خانقاهه تي يڪجائي ٿي ويهي
رهيو هجي ۽ وفات تائين ٻئي ڪنهن در جو منهن نه
ڏٺائين. ليڪن پراڻي سکر جي رهائش مير معصوم کان به
اڳ خاندان اختيار ڪري چڪو هو.
سيد محمد علي شير- سيد محمد بزرگ: مٿئين مير زڪريا کي ٻه فرزند
ٿيا. مير قانع جي عبارت منجهيل آهي. لکي ٿو: ايضا
دو پسر والا گذاشته.“
مير عزيز الله- مير لطف الله: مٿئين فقره مان اهو صريحاً پتو ڪو
نه ٿو پوي ته هي ٻه سيد ڪهڙي فرزند جو اولاد هئا.
مير عزيز الله لاءِ مير قانع ”عزيز مصر“ جي تلميح
ڪتب آڻيندي، لکي ٿو ته کيس:
مير ڪرم شاهه- مير گلاب شاهه نالي ٻه پٽ ٿيا، جيڪي تحفت الڪرام
جي تاليف (1181هه) وقت زنده هيا.
مير لطف الله: سيد محمد بزرگ جو فرزند هو. جنهن کي ٻه پٽ ٿيا:
مير عزت علي- مير احسان علي: اهي ٻيئي فرزند مير قانع جي زماني
(1203هه) تائين موجد هئا.
مير علي شير: مير محمد زڪريا ولد مير بزرگ وڏي جو فرزند نهايت
مان ۽ سومان وارو سيد ٿي گذريو آهي. کيس ٽي پٽ:
مير اسد الله – ميرعنايت الله - ميربزرگ ثاني: نالي ٿيا، جي پڻ
پنهنجو دؤر نهايت خير خوبيءَ سان پورو ڪري ويا.
پوئين مير بزرگ ثانيءَ کي:
مير شهباز علي عرف مير علي شير نالي پٽ ٿيو، جيڪو مير قانع جي
دؤر ۾ هو.
مير اسد الله ثاني: مٿئين مير اسد الله ولد مير علي شير ولد مير
زڪريا ولد مير بزرگ اول ڏهٽو مير اسد الله ٿيو،
جنهن جي علمي استعداد جي مير قانع تعريف ڪئي آهي.
سيد پاڻ مرادياب خان ولد ميان نور محمد والي سنڌ وٽ
مراد آباد ۾ رهندو هو. جتي مير قانع جي ساڻس
ملاقات ٿي.
شعر ۾ آرزو تخلص ڪندو هو. نالي جي مناسبت سان مير قانع
سندس سجع ٺاهي:
”اسدالله ساقيء کوثر“(1)
”مقالات الشعرا“ ۾ لکي ٿو ته؛ حڪيم يعقوب خان سان دوستي هيس ۽
ٻيئي گڏ هوندا هئا. پاڻ وضعدار سيدزادو هو. ٺٽي به
ويو. جتي مير قانع سان مليو. نموني لاءِ مير قانع
سندس هڪ شعر ڏنو آهي:
مست گردم زبادهء اسدالله ساقيم باشد(2)
مير بزرگ
مير معصوم کان پوءِ خاندان ۾ برک ۽ نامياري شخصيت جو مالڪ مير
بزرگ ٿيو، جنهن پيءُ کان پوءِ مغل دربار خواه دؤر
۾ خاص حيثيت پيدا ڪئي، ۽ سندس رهت ۽ هلت چلت قابل
ذڪر ۽ اميراڻي ٺاٺ سان رهي.
سندس تعليم ۽ تربيت ۾ مير معصوم ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي، جهڙيءَ
طرح شيخ فريد بکريءَ جو قول آهي(3).
مير معصوم ”تاريخ معصومي“ پڻ انهيءَ پٽ جي لاءِ
لکي ۽ سندس نالي منسوب ڪئي، جيئن مير بزرگ جي ذهني
تربيت ٿي سگهي. مير ديباچي ۾ لکي ٿو:
”... نيٺ هن وقت اکين جو نور ۽ دل جو ٺار مير بزرگ- شال رب ڪريم
کيس صالح ڪري- هن ڪتاب جي ٺاهڻ جو سبب ٿيو، ۽ آءٌ
هن ورقن کي لکڻ لاءِ تيار ٿيس. جيئن پاڻ (مير
بزرگ) انهن ماڻهن جي احوال پڙهڻ مان- جيڪي تربيت
يافته هئا ۽ گذر ڪري چڪا آهن- پاڻ به تربيت پرائي
۽ نفعي ۽ نقصان، خير ۽ شر جي نتيجن مان واقف ٿئي ۽
هوشيار رهي ۽ پڻ تجربيڪار ۽ نيڪ سيرت ۽ اخلاقي
وارن بزرگن جو طور ۽ طريقن مان فائدو وٺي ۽ ذليل ۽
بيهودين عادتن وارن جي صحبت ۽ ويجهڙائي کان پرهيز
۽ پاسو ڪري“.(1)
مير بزرگ پيءُ جي خاص نظرداريءَ هيٺ پليو ۽ پڙهيو. ظاهر آهي ته
مير معصوم پنهنجي اڪيلي فرزند جي تربيت ۾ ڪا به
ڪوتاهي ڪا نه ڪئي هوندي. منجهس اهي ئي علمي ۽
تمدني خوبيون هيون، جيڪي سندس والد ۾ هيون. طاط
هو، شاعر هو، بهادر ۽ سپاهي منش هو، ليڪن مزاج
اميرانه هيس. پيءُ وانگر تاريخي ذهن رکيائين ٿي،
جيڪا ڳالهه سندس ڪتبن مان ظاهر آهي. سندس خوشخطيءَ
جي تعريف سندس معاصر شيخ فريد بکريءَ پڻ ڪئي آهي.(2)
جهانگير جي دؤر ۾ شاهي ملازمت ۾ هو، غالباً پيءُ جي دؤر ۾ ئي
کيس اها ملازمت ملي، ڇاڪاڻ ته جهانگير جي پٽ خسرو،
جڏهن پيءُ جي تخت نشينيءَ وقت پيءُ سان بغاوت ڪئي،
انهيءَ وقت مير بزرگ شاهي ملازمت ۾ هو. هڪ دفعي
سرڪاري فوج جي دستي کيس هٿياربنديءَ واري حالت ۾
رستي ويندي پڪڙيو، ۽ حد جي ڪوٽوال وٽ کيس پيش ڪيو
ويو. سپاهين جو گمان هو ته هيءُ به خسرو جي ساٿين
مان آهي. معاملو نازڪ هو. تنهنڪري جهانگير وٽ پيش
ٿيو. مير بزرگ خسرو جي ساٿ کان انڪار ڪيو. جهانگير
هٿياربنديءَ جو سبب پڇيو. مير عرض ڪيو ته والد جي
وصيت آهي ته ” شاهي ڪيمپ ۾ پهري جي دوران خادم کي
هميشه مالڪ جي حفاظت لاءِ هٿياربند رهڻ گهرجي.
جنهن وقت مون کي گرفتار ڪيو ويو. انهيءَ وقت آءٌ
پهري تي هيس، تنهنڪري مسلح هجڻ لازمي هو. چوڪيءَ
جي وقايع نويس تصديق ڪئي. مير بزرگ جي نه فقط جان
بچي ويئي(1)،
بلڪه کيس آفرين ڪئي ويئ. انهيءَ منجهان ظاهر آهي
ته مير معصوم جي آخري دؤر ۾ جڏهن ته مير موٽي بکر
آيو. انهيءَ وقت مير بزرگ جهانگير جي ملازمت ۾ هو.
اهو واقعو1014هه جي آخر يا 1015هه جي ابتدا جو
آهي. ڇاڪاڻ ته خسرو 8- ذوالحج 1014 هه جو آگري مان
باغي ٿي ڀڳو ۽ جهانگير پٺيانس روانو ٿيو. خسرو 3-
صفر 1015هه جوگرفتار ٿي، لاهور ۾ پيءُ وٽ پيش ٿيو(2)
مير معصوم جو انتقال خسرو جي ڀڄڻ کان ٻه ڏينهن اڳ
6- ذوالحج 1014هه جو ٿيو. انهيءَ مان اهو به گمان
يقين جي حد تائين پهچي ٿو ته مير معصوم اوچتو ڪنهن
بيماريءَ سبب انتقال ڪيو، جڏهن ته بادشاهه خسرو جي
بغاوت سبب آگري ۽ لاهور جي درميان ڪنهن منزل تي هو
۽ مير بزرگ ساڻس همر ڪاب معلوم ٿئي ٿو.
مغل دستور مطابق امير جي وفات تي سندن ملڪيت شاهي ضبطيءَ هيٺ
انيدي هئي. ۽ انهيءَ بعد جيڪڏهن ضرورت هوندي ته
انهيءَ جو مناسب حصو سندس پونيرن کي نئين سر ڏنو
ويندو هو. معلوم ٿئي ٿو ته مير معصوم جي ملڪيت
انهيءَ قانون جي زد ۾ نه آئي. اهوئي سبب هو جو مير
بزرگ اميرانه ٺاٺ سان زندگي بسر ڪئي.
مير بزرگ سان مٿيون واقعو 1014هه جي آخر يا 1015هه جي پهرين
مهيني ۾ پيش آيو، ۽ چند مهينن بعد کيس بخشيءَ جي
عهدي تي قنڌار اماڻيو ويو. جيڪا ڳالهه پڻ ظاهر ڪري
ٿي ته مير بزرگ جهانگير وٽ اعتماد پيدا ڪري چڪو
هو، نه ته قنڌار جهڙيءَ نازڪ مهم تي ضرور ڪنهن
قديم ملازم کي موڪليو وڃي ها.
جهانگير جي پهرئين سال ۾ خسرو جي بغاوت کان پوءِ ٻيو مسئلو
قنڌار ۾ ايراني حملي جو پيش آيو. جنهن ۾ مغل
گورنر شاهه بيگ سخت مجبور ٿي پيو ۽ بادشاهه لاهور
کان خسرو جي بغاوت مان فراغت حاصل ڪري ميرزا غازي
ترخان جي سرداريءَ هيٺ ڏانهس فوجي ڪمڪ موڪلي. مير
بزرگ- جيئن ذخيرت الخوانين جو قول آهي . ميرزا جي
دستي ۾ بخشي ٿي، اوڏانهن ويو(1).
مير جي اوڏانهن وڃڻ جي تاريخ جي تعين سندس هيٺئين ڪتبي مان ظاهر
ٿئي ٿو، جيڪو هن واٽ ويندي ديري غازي خان جي لغاري
تحصيل ۾ بار کان (پشين روڊ) جي هڪ مقبري تي هنيو
آهي. ڪتبي جي عبارت آهي:
”بتاريخ هفدهم ماه رمضان 1015هه بحکم بندگان حضرت نورالدين محمد
جهانگير بادشاهه غازي بکمک قنڌهار تعين شده بود.
ازين منزل عبور نموده- مير بزرگ ابن نواب مرحومي
مير محمد معصوم بکري المتخلص نامي“(1)
انهيءَ ڪتبي منجهان نه ڇڙو مير بزرگ جي وڃڻ جي تاريخ جو پتو پوي
ٿو، بلڪه انهيءَ گمان ي به تقويت پهچي ٿي ته:
الف: مير بزرگ پيءُ جي زندگيءَ ۾ شاهي ملازمت ۾ آيو.
ب: لاهور ۾ جهانگير سان همر ڪاب هيو. پڻس جي وفات سندس غير
حاضريءَ ۾ ٿي.
ج: خسرو جي بغاوت مان 3- صفر 1015هه جو بادشاهه فارغ ٿيو ۽
اتي کيس قنڌار جي معاملي جو اطلاع مليو. بادشاهه
ميرزا غازيءَ سان گڏ مير بزرگ جو حڪم به صادر ڪيو.
ٻيئي سنڌ جا هئا، ٻيئي نوجوان هئا. ٻيئ مزاج ۾
يڪسان هئا، تنهنڪري بادشاه اهو انتخاب ڪيو ٿو
ڀانئجي.
د: مير بزرگ ست مهينا 13 ڏينهن خسرو جي گرفتاريءَ بعد
پنجاب ۽ سنڌ ۾ گذاريا. ڀانئجي ٿو ته بغاوت ختم ٿيڻ
۽ قنڌار جي حڪم صادر ٿيڻ بعد سکر ۾ آيو. ۽ پيءُ جي
وفات ڪري پيدا ٿيل مسئلن کي هڪ منهاشم ڪري قنڌار
ويو.
ڪتبي ۾ مير بزرگ پيءُ لاءِ مرحوم جو لفظ لکيو آهي، جيڪو خاص
اهميت رکي ٿو.(2)
مير بزرگ ي مزاجي ڪيفيت ۽ بود و باش جي صورتحال جو نقشو ذخيرت
الخوانين جي صاحب جنهن طريقي سان بيان ڪيو آهي،
انهيءَ مان هيٺين تصوير ذهن ۾ اڀري ٿي:
* پيءُ جي ميڙا چونڊيءَ کي ٻنهي هٿن سان لٽائيندو ٿي رهيو.
* هميشه ڳاٽ اوچو رکيائين. غرور ۽ تمڪنت منجهن ڪنهن سان سڌي
منهن جو نه ڳالهايائين.
* نوڪر چاڪر تمام گهڻا هيس، جن کي اميراني ٺاٺ سان
هلائيندو هو.
* ڪنهن به صوبيدار يا سرڪاري ڪاموري سان رهائي
رسائي ڪا نه هيس ۽ نه ڪنهن جي لاڻ ڪڍيائين. سڄي
حياتي لا غرضيءَ سان رهيو.
* نشو پتو تمام گهڻو ۽ هر قسم جو ڪندو هو.
* طبيعت جو تکو، بلڪ ڪنهن حد تائين جبرو انداز
هيس.
* پيءُ جي ملازمن کي سخت ورتائين، کين ڪاٺ ۾ هڻندو
هو. چهبڪن ۽ ڪوڙن سان کين ماريندو هو.
* لباس، اٿيءَ ويٺيءَ، دستر خوان ۽ خوراڪ ۾ نهايت
لطيف ۽ نزاڪت وارو هو“(1)
قنڌار ۾ مير ڪافي عرصو (1015هه- 1022هه) رهيو. مير غازيءَ کان
سواءِ ڪيترا صوبيدار ۽ امير سندس دؤر ۾ اتي آيا،
جهڙوڪ:
سردار خان،
بهادر خان، ابولنبي اوزبڪ،
قزاق خان، باقي بيگ اوزبڪ- وغيره.
مير بزرگ انهن سڀني جي موجودگيءَ ۾ هڪ ئي طريقي ۽ انداز ۾ هلو
آيو(2).
غلط ڪنهن سان ڪو نه هليو، ليڪن جهڪيو به ڪنهن جي
اڳيان ڪو نه. صوبيدار پنهنجي رعب ۾ هوندو هو ته
شاهه صاحب پنهنجو مچٽ جدا لايو ويٺو رهيو. بادشاهه
کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي پنهنجو بالادست سمجهي، سو
سنڌ جي سيد زادي کان ڪين پڳو. ٿوري ڪي گهڻو جيڪڏهن
کيس لحاظ ٿيو ٿي، ته اهو ميرزا غازي ترخان جو. سو
به غالباً هم وطنيءَ ۽ هم مشربيءَ سبب- ڇاڪاڻ ته
ٻئي هڪجهڙا شوقين، دل جا سخي ۽ هٿ جا ڇوٽ هئا،
بادشاهه ڪو نه هئا، پر سندن مزاج ۾ شاهي گهڻي ئي
هئي. ميرزا غازي بلاجو خرچائو هو. قنڌار ۾ جڏهن
پيسو کٽي ويندو هوس، ته مير بزرگ کان قرض کڻندو
هو، جهڙيءَ طرح تاريخ طاهريءَ جي مصنف لکيو آهي،
جيڪو پڻ ساڳئي دؤر ۾ ميرزا سان منسلڪ هو ۽ ٻنهي
نوجوانن جي مزاجي افتاد کي ويٺي ڏٺائين(1).
مير بزرگ ڪڏهن قنڌار کان موٽيو، ان جو صحيح پتو ڪو نه آهي. ليڪن
اندازو آهي ته 1021هه ۾ ميرزا غازي فوت ٿيو، مير
بزرگ انهيءَ کان پوءِ تبديل ٿيو هوندو.
قنڌار کان پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته مير بزرگ شاهي دربار ۾ پهتو،
جڏهن بادشاهه جي منزل شادي آباد مانڊو ۾ هئي. اتهن
کيس دکن ۾ تقرريءَ جو حڪم مليو. ذخيرت الخوانين جو
مصنف لکي ٿو ته چڱو عرصو (متمادي ايام). تي رهيو(2)،
ليڪن جاگير جي اپت مان خرچ جو پورائو ڪو نه ٿي ٿيس
جنهنڪري استعيفيٰ ڏيئي موٽي ڳوٺ هليو آيو ۽ اچي
پنهنجي پدري املاڪ جي اپت منجهان گذارو ڪرڻ لڳو.(3)
مير بزرگ ذهين، اديب ۽ سخن سنج هو. نظم خواه نثر ۾ کيس قدرت
حاصل هئي. افسوس آهي، جو سندس شعري مجموعو به سندس
والد جي ديوانن وانگر اسان تائين پهچي نه سگهيو.
ملاقات الشعرا ۾ سندس هڪ شعر نموني لاءِ درج آهي.
مير ۽ مقالات جي وچ ۾ ڪم و بيش ڏيڍ سئو ورهين جي
وٿي آهي. گويا انهيءَ زماني ۾ ئي ٻنهي پيءُ پٽن جو
ڪلام ناياب ٿي چڪو هو. مير قانع کيس فڪر رسا جو
صاحب ۽ طبيعت جو ذڪي سڌي ٿو(1)
شعر هي آهي:
دوش، سوداي سر زلف کسي، کرد گذر
سحر، اهر سرمو، حلقه بپايم پيچيد
پيءُ جي وفات جي تاريخ مير بزرگ جي پنهنجي چيل آهي، جهڙيءَ طرح
گذريل صفحن ۾ ڄاڻايو ويو آهي. اهڙيءَ طرح گذريل ڪن
ڪتبن ۾ سندس چيل ٻيون تاريخون به موجود آهن، جيڪي
ڪتبن جي تحت ڏنيو وڃن ٿيون.
مير بزرگ کي- جيتري قدر ڪتابن مان يا خانداني روايتن مان معلوم
ٿيو آهي- هڪ نياڻي ۽ ٻه پٽ ٿيا. سندس هڪ پٽ ميرزا
قنڌاريءَ جي اولاد جو سلسلو معلوم نه ٿي سگهيو-
اهو پٽ، جيئن نالي منجهان گم ٿيو پوي، قنڌار ۾
(1015هه-1022هه) ڄائس. ذخيرت الخوانين جومصنف لکي
ٿو ته؛ ده سواري منصب تي ٺٽي ۾ تعينات آهي، سندس
گذارو پيءُ ۽ ڏاڏي جي املاڪ مان ٿئي ٿو. اکين جو
حياءُ اٿس، اهليت رکي ٿو ۽ مڙس ماڻهو آهي(2).
سندس لکڻ منجهان ائين ظاهر آهي ته ذخيرت جي تاليف
وقت (1066هه) جيئرو هو. نياڻي خواجه محمد چشتي
مودودي جي نڪاح ۾ آئي، جيڪو سلطان مودود چشتيءَ جي
اولاد مان هو ۽ سندس خاندان جي پيري مريدي شال
(ڪوئٽا) ۽ مستونگ جي بلوچن ۽ پٺاڻن ۾ هئي قنڌار جي
صوبيدار بهادر خان سان سندس اختلاف ٿي پيو، جنهن
مٿس ايران جي بادشاهه کي قنڌار ڏيڻ جي سفارشن جو
الزام ڌري، گرفتار ڪرڻ چاهيو ٿي، جتان ڀڄي اچي
اڳواٽ جهانگير وٽ پهتو ۽ بيگناهي ثابت ڪرڻ بعد کيس
منصب ۽ قنڌار جي قلعداري ملي. عمر جو آخري زمانو
سيد پور ۾ گذاريائين(1).
مير بزرگ جو اولاد- جنهن کي معصومي خاندان سڏيو وڃي ٿو ۽ پراڻي
سکر ۾ رهي ٿو. سندس وڏي فرزند مير محمد ذڪريا جي
نسل مان آهي، جنهن جو حوالو مٿي تحفة الڪرام جي
روايت سان اچي چڪو آهي. پراڻي سکر کان علاوه
”ذخيرت“ جو قول آهي ته سندس خاندان جا ڪي فرد
ملتان طرف پڻ وڃي رهيا(2).
مير بزرگ جي قبر پنهنجي والد جي چوڪنڊيءَ ۾ آهي. قبر تي ڪتبو ڪو
نه آهي. ”ذخيرت“ جي روايت آهي ته مير بزرگ 1044هه
۾ وفات ڪئي. ۽ ”ماثرالامرا“، جنهن جو ماخذ ذخيرو
آهي، لکي ٿو ته 1042هه ۾ فوت ٿيو(3).
سندس قبر پڻ قياس جي آڌار تي مقرر ڪئي وئي آهي.
بهر صورت مير معصوم کان پوءِ مير بزرگ تنها اهڙو ماڻهو ٿيو،
جنهن پنهنجو نالو تاريخ جي ورقن تي قائم رکيو.
پنهنجي آمدنيءَ کان علاوه پڻس جا 30-40 لک نقد به
هئا، جن کي هن بقول ماثر الامرا خوب اڏائي ختم ڪيو(1).
-----
|