سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

 معصوم بکري

باب-28

 

صفحو : 29

 

 (6) معجم البلدان جي هڪ حصي جو ترجمو(4). (998هه)

انهيءَ سان ملا بدايون ويو، جتي بيمار ٿي پيو ۽ دربار مان سندس غير حاضري طول وٺندي ويئي. ويندي وقت سرڪاري ڪتب خاني مان”خود افروز“ (5) نالي رسالو- جيڪو سنگاسن بتيسيءَ جو ترجمو هو- کنيو ويو، جنهن جي طلب بادشاهه ڪيترا دفعا ڪئي ۽ آخر بادشاهه ڪاوڙجي ملا جي جاگير رد ڪري ڇڏي ۽ ڏانهس فوراً حاضر ٿيڻ جو  حڪم موڪليو. ملان بيماريءَ سبب مجبور هو. خواجه نظام الدين ۽ ابوالفضل دربار ۾ بادشاهه جي غصي لاهڻ ۾ ڪوشان رهيا(6).

(7) نجات الرشيد (999هه)

هيءُ رسالو، ملان شمس آباس ۾، جڏهن ته خواجه نظام الدين وٽ سندس جاگير تي هو. لکي پورو ڪيو، ۽ اتي خواجه جي صحبت ۾ هن ” منتخب التواريخ، لکڻ جو نقشو رٿيو.

اڪبر جي فوري حڪم تي ملا آخرڪار ڀنڀر ڳوٺ (نزديڪ سرحد ڪشمير) ۾ شاهي منزل تي پهتو. ملا پنج مهينا غير حاضر هو. شاهي پڇا تي هن حڪيمن جا سرٽيفڪيٽ پيش ڪيا، ليڪن بادشاهه اهي قبول نه ڪيا ۽ سندس غصو پنهنجي جاءِ تي قائم رهيو. ان تي ملا سخت مايوس ٿيو، لکي ٿو ته پنجن مهينن تائين هو ”قصيدي برده“ ۽ حصن الحصين“ جو ورد ڪندو ۽ دعائون گهرندو رهيو. آخرڪار پنجن مهينن بعد بادشاهه ڪشمير کان موٽندي هڪ منزل تي آيو ۽ کيس ”جامع رشيدي“ جي ترجمي جو خيال آيو، شاهي دربار ۾ خواجه نظام الدين ۽ ملا جا ٻيا خير خواهه موجود هئا، جن ترجمي لاءِ ملا جو نالو پيش ڪيو. جنهن بعد شاهي غصو ڍرو ٿيو ۽ ملان 17- ربيع الاول 1000هه جو لاهور ۾ شاهي حضور ۾ پيش ٿيو.

فيضي، جنهن لاءِ ملا پنهنجي بدنيتيءَ سبب نهايت تلخ عبارتون لکون آهن ۽ کيس ڪافر سڏيو اٿائين. تنهن دکن منجهان ملا جي پر زور سفارش بادشاهه جي خدمت ۾ موڪلي. ملا ڀنڀر مان ڏانهس پنهنجي حالت زار جو اطلاع موڪليو هو. جيتوڻيڪ شاهي غصو فيضيءَ جي غريضي پهچن کان اڳ لهي چڪو هو. تاهم فيضيءَ جي سرٽيفڪيٽ کي غنيمت سمجهي، ملا بادشاهه جي خدمت ۾ پيش ڪيو(1).

خط ۾ فيضيءَ جي متعلق جيڪي ڪجهه ملا لکيو آهي. سامهون رکي، پڙهندڙ آسانيءَ سان فيصلو ڪري سگهي ٿو ته فيضي ڪيڏو نه عالي ظرف ۽ ملا ڪيترو نه پست فطرت، ذليل ذهنيت ۽ تن حوصلي جو ماڻهو هو.

(8) بحر الاثمار        (1003هه)

هيءُ ڪتاب ڪشمير جي سلطان زين العابدين جي چون تي تيار ڪيو ويو هو. جنهن ۾ هندن جي متعلق قصا ۽ ڪهاڻيون آهن. ملا مٿئين سال ۾ انهن جو ترجمو ڪيو. 1002هه ۾ ملا جا ٻه سرپرست فوت ٿي ويا، هڪ خواجه نظام الدين ۽ ٻيو خواجه ابراهيم حسين(1). ترت ئي 1003هه ۾ ٻيا ٻه سنگتي فوت ٿيس، هڪ شيخ يعقوب صيرفي ڪشميري ۽ ٻيو حڪيم عين الملڪ، ڏهين تاريخ صفر 1004  جو فيضي فوت ٿيو، جنهن جي وفات جو نقشو نهايت ذليل نموني ۾ ملان چٽيو آهي.

(9) منتخب التواريخ  (1004هه)

ملا بدايوني 999هه ۾ پنهنجي تاريخ جو نقشو ٺاهي انهيءَ کي لکن شروع ڪيو. سندس تاريخ ۾ تنقيد جو ترش لهجو ۽ پنهنجي سموري ماحول کان بيزاري، انهيءَ ڪري موجود آهي، جو 999هه کان 1004هه تائين جو زمانو خود ملا جي صورتحال جي سلسلي ۾ اطمينان بخش نه هو. بادشاهه جي ڪاوڙ، دوستن جي وفات ۽ پنهنجي خانگي معاملن ۾ هڪ ڪرائي نه. اهوئي وڏو ڪارڻ ملا جي لهجي جي ترسيءَ جو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.

1004هه ۾ پاڻ 57 سالن جي ڄمار ۾ بدايون ۾- جڏهن موڪل تي ويل هو- فوت ٿيو. سندس قبر چئي وڃي ٿي ته بدايون جي لڳ عطاپور ڳوٺ ۾ انبن واري باغ جي ڀڪ ۾ آهي(2).

 مير معصوم سان تعلق ڀانئجي ٿو خواجه نظام الدين جي ذريعي ٿيس. خواجه ٻنهي جو دوست سرپرست هو. مير متعلق ملا جو لهجو نهايت نرم ۽ وڻندڙ آهي، جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته ملا صاحب جي دل مير صاحب لاءِ ٿڌي هئي. مير جي شعرن جو انتخاب به ملا ٻين جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڏنو آهي، ۽ سندس لاءِ ”بلند طبيعت عالي فطرت“ جا لفظ ڪتب آڻي ٿو.

مير جنهن وقت احمد آباد ۾ هو، ان وقت هيٺيون قصدو اتان لکي ڏانهس موڪليو هئائين، جيڪو انهيءَ وقت اٽڪ جي منزل تي هو. ملا پنهنجي تاريخ ۾ قصدو نقل ڪيو آهي:

قصيدو مير معصوم

داغي که بود بر دل از عشق در ازل

از دولت فراق تو، با درد شد بدل

طوفان آتشي که دل از درد، بر کشيد

افگنده در مزاج زمين و زمان خلل

ياد غم تو، ميد همد چاشسني درد

طبعم فراق ميد هدم لذت اجل

خوش آن که در طريق محبت قدم نهاد

چون شوق بيملاحظه چون عشق بي حيل

ره يا بي ار، بکارگه صنع بنگري

هم صنع در معامله، هم عشق در عمل

بي تابيم ز عشق، بد يوانگي کشيد

آخر شدم من از تو بد يوانگي مثل

خوناب گرم بس که ز دل ريختم فگند

ايام سر بسر همه در آتشين و حل

عشقت هزار عقده غم، پيشم افگند

ناکرده يک دقيقهء هجران هنوز حل

هم بيم مرگ ميد هدم نشات فراق

هم ذوق وصل ميد هدم شوق از امل

ناگشته حشر، روز قيامت شود پد يد

زين آتشي، که از جگرم گشت مشتعل

درخون نشسته چشم جهاني ازان مثره

درخاک خفته خلقي ازان چشم مکتحل

در هر دوکون آتش ديوانگي زدم

رمزي ز سر عشق تو ناگفته در غزل

آن دل که داشتم ز تو آميخته بعشق

خوناب گشت و از مثرها ريخت بر طلل

 دارم بهر مٿره ز غمت ابر شعله بار

دارم بسينه آتش، هجران هزار تل

مشغول در مشاهده ات چشم روزگار

مثعوب از ملازمت ديده دول

خواهم خلاصيم دهد رز دوزخ فراق

ماحي  کفر و حاميء دين هاديء ملل

شام نجف علي ولي شاهه لافتيٰ

گز نقد انبيا ز جهان اوست ما حصل

ماهي که مهر کرده از وا اکتساب نور

شيري که شير چرخ ازو مانده در وحل

حفظش اگر حصار کشد بر جهانيان

جز مرگ کس برون نرود از در، اجل

بيند بخواب قوت سر پنجه ات اگر

بازوي چرخ بر کند از بيخ دست شل

بانگ مهايت تو رسد گربکو هسار

پيچد چو تازيانه صدا درتن، جبل

 يک نقطه قاف قدر تو سنجد اگر بقاف

آن جاي قاف گيرد و اين جاي بر زحل

 دستت اگر عنان ابد باز پس زند

افتد هزار مرحله واپس تر از ازل

نحل فلک ز گلشن قدر تو يک ورق

باغ جهان ز مزرع جور، تونيم تل

در عهدت آن چنان شده شيرين، مزاج دهر

کز زهر، فرق مي نتوان کرد، تا عمل

گر بر بصل فتد نظر همتت بسهو

در جنب او نمايد گردون، کم از بصل

با خصم ذوالفقار و بسايل نعم بلي

ظاهر بعهد تو شده معني لا وبل

 گر  در ضمير تو گذر د صورت غضب

از بيم همچو بيد بلرزد تن اجل

با شد سپهر قدر ترا وسعتي، که مهر

نبود وجب اگر بودش شاهق جبل

گر خنجرت بتيغ سياست زبان دهد

اي واي چرخ کجرو مکار پر دغل

آرايش عروس سخن چون بمدح تست

بر بستم از معانيء رنگين برو حلل

اي واي برتو نامي! و بر اهل حشر واي!

در محشر آيدت چو سيه نامهء عمل

هستم ز آفتاب شفيعي اميدوار

روزي که هيچ جا نبود سايهء امل

باران ابر رحمت وساقيء روز حشر

آن دين پناه اعظم و آن صاحب اجل (1)

        مير جو هي لاميو قصيدو” مخزن العرائب“ ۾ به آيل آهي.(2)

(6) عبدالرحيم خان خانان: محمد بيرم خان خانان  جو فرزند پنهنجي جنگي مهارت، فتوحات، سياسي قابليت، علمي سرپرستيءَ ۽ داد و دهش سبب اسلامي دنيا جو عظيم ۽ محبوب ترين شخصيتن منجهان هڪ هو. بلڪه برمڪين بعد هي پهريون امير هو، جنهن امارت ۽ سخاوت ۾ ضرب المثل پيدا ڪري ڇڏيا. سندس شخصيت ۾  عجيب شان محبوبي هو. هڪ دفعو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. سو وري کانئس جدا نه ٿيو- اديب، شاعر، ۽ اهل فن ته مٿس پروانن وانگر فدا هئا.

ماثر رحيميءَ جو تيون جلد انهن شاعرن جي هال ۾ آهي، جن خان خانان جي شان ۾ قصيدا چيا آهن. انهيءَ دؤر جا وڏي ۾ وڏا شاعر سندس مداح ۽ سندس زرپاشين مان فيضياب هئا. عرفي، ڪليم نظيري، شڪيبي وغيره ساڻس متعلق هئا. ماثر رحيميءَ اهڙن 107 شاعرن جو احاطو ڪيو آهي، جن قصيدا چيا آهن، ليڪن انهن جڏهن عبدالرحيم جي مدح ۾ زبان کولي آهي ته ڄڻ ماڻڪ ۽ موتي نڪتا آهن- هنن قصيدن جو رنگ ۽ شان ئي نرالو آهي. شاهي شان ۾ چيل قصيدن ۾ دماغ کان ڪم ورتو ويو آهي ۽ هنن قصيدن ۾ دلين جا سودا ٿيل آهن.

عبدالرحيم خان خانان جو سنڌ سان تعلق ڇڙو فاتحاڻي حيثيت جو نه هو، بلڪه انهيءَ کان هٽي هڪ قسم سان سندس قلبي لاڳاپو پڻ هو- سنڌ جي سرزمين سان سندس محبت هئي. سنڌ جي مسئلن ۾ اڪبري ۽ جهانگير دربار ۾ هن هميشه سنڌ طرفان وڪالت ڪئي. چيو وڃي ٿو ته هن سنڌي زبان به سکي هئي ۽ شعر به چيو هئائين. عمر ڪوٽ جي سوڍن منجهان سندس شادي ٿيل هئي، جنهن بيبيءَ مان کيس ميرزا رحمٰن دا ڄائو. پنهنجي وٽ ايرج ميرزا کي جاني بيگ جي نياڻيءَ سان پرڻايو هئائين(1). سنڌ، جيسين ميرزا غازي ترخان زنده هو (1021هه)، تيسين عبدالرحيم خان خانان جي ڪري ئي انهيءَ خاندان جو تخت رهي. خود سنڌ واريءَ جنگ ۾ به هن آخري وقت تائين اهائي ڪوشش ڪئي ته خون خرابي کان پرهيز ڪري ۽ جاني بيگ صلح جي ذريعي سنڌ مغلن جي حوالي ڪري.

خان خانان جو مير معصوم سان پهريون دفعو تعلق گجرات واري دؤر (992هه-998هه) ۾ پيدا ٿيو.999هه لاهور ۾ گڏ هئا. جڏهن ٻنهي کي سنڌ جي مهم لاءِ روانو ٿيڻو پيو. 1001هه تائين ٻنهي جو قريبي لاڳاپو رهيو. مير پاڻ عالم به هو، اديب شاعر به هو. ازان سواءِ مزاج شناسيءَ ۾ به يگانو هو، تنهنڪري ظاهر آهي ته خان خانان جهڙي جوهر شناس انسان وٽ مير جو مقام ڇا هوندو!

ٺٽي جي مهم ۾ خان خانان سان گڏ ڪيترا شاعر به همرڪاب هئا، مثلا شڪيبي، انيسي، بقائي، غيوري ، وقوعي، محوي، حياتي، ڪامي، محمد شيرازي، تاج شيرازي، شجاع شيرازي ۽ مير عيوضي وغيره سڀئي سنڌ ۾ انهيءَ موقعي تي گڏ هئا. انهن منجهان ڪيترن سنڌ جي فتح ۽ ٺٽي ۾ منعقد ٿيل چراغان جي موقعي تي قصيدا چيا. انهن سڀني شاعرن سان مير جي بحيثيت هڪ شاعر ي يا خود قدردان ۽ ادب پرور جي حيثيت ۾ ڏيٺ ويٺ، راهه و رسم ۽ شعر و سخن جي ڏي وٺ ضرور ٿي هوندي.(1)

نظيري ۽ ڪليم ٻيئي انهيءَ دور جا اهم ترين شاعر هئا. نظيري ته گجرات ۾ هو ۽ فوت به اتي (1023هه) ٿيو. خان خانان سان ٻنهي جو تعلق هو ۽ يقيناً مير جي به ساڻن چهار چشمي هوندي. عرفي (964-999هه) ٻيو عظيم شاعر انهيءَ دور سان متعلق هو. جڏهن مير گجرات کان لاهور آيو، ته عرفي لاهور ۾ ئي هو، ۽ سنڌ ڏانهن اسهڻ واري سال 999هه ۾ عرفيءَ جو لاهور ۾ انتقال ٿيو. اهو فقط خان خانان کي ئي اعزاز نصيب ٿيو. جو عرفيءَ سندس مدح چئي. وقت جو بادشاهه به انهيءَ سعادت کان محروم رهيو.

خان خانان 964هه ۾ ڄائو ۽ 1036هه ۾ فوت ٿي. دهليءَ ۾ سندس مدفن آهي. کانئس اڳ يا پوءِ هندستان جي سرزمين کي جهڙي انسان، غريب پرور ۽ اهل دل امير نصيب ڪو نه ٿيو(2).

خان خانان جو پنهنجو ادبي ذخيرو ڪو نه ٿو ملي. چند هندي ڏوهيڙا ۽ ٻه-ٽي فارسي غزل موجود آهن. بابر نامه جو فارسي ترجمو سندس نثر نويسيءَ جو شاهڪار آهي.

مٿي مشهور ماڻهن ۽ اميرن سان گڏ ڪن شاعرن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي، جن جي سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح مير  صاحب سان به ڄاڻ سڃاڻ هئي. انهن شاعرن کان علاوه مير معصوم جو ذاتي بلڪه گهاٽو تعلق انهن سڀني شاعرن سان به رهيو، جيڪي گجرات ۾ خواجه نظام الدين سان وابسته هئا. انهيءَ سلسلي جي شاعرن جو مذڪوره هت آڻجي ٿو.

(7) امني، ملاغني: خواجه نظام الدين جو پروردو ۽ گجرات ۾ ساڻس گڏ هو. پهرين خوفي تخلص هيس، جنهن جي خواجه بدلائي امني ڪيو. غالباً خوف ۽ بي يقينيءَ واري زندگيءَ جو سفر جهاڳي، خواجه جي امان ۾ اچي پهتو هو، تنهن مناسبت سان اهو تخلص کيس ڏنو ويو. هيءَ ربائي سندس آهي؛

منم که غير غم اندوختن نمي دانم

تمام رشکم و واسوختن نمي دانم

بنور خاطر اگر، روشناس خورشيدم

چراغ بخت خود افروختم نمي دانم(1)

(8)  بقائي: ايراني اصل نسل جو هو، پهريون ملڪ قميءَ وٽ دکن ۾ پهتو، اتان احمد آباد م خواجه وٽ آيو. ابتدا ۾ مشغولي تخلص هئس، خواجه بدلائي بقائي ڪيس. خواجه جڏهن فوت ٿيو ته خان خانان جي سرپرستيءَ هيٺ آيو.

تا عش زمثر گان بتان نيشتر آورد

خون از رگ و از ريشهء من جوش بر آورد

فرياد که تا چشم زدم، تير خيالش

از ديده فرو رفت و سر از دل بدر آورد(1)

(9) حيائي: بدايونيءَ جو قول آهي ته خواجه سان گجرات ۾ گڏ هو.

پيغام دوست داغ جگر تازه ميکند

درد وداع و رنج سفر تازه ميکند

--

عاشق رخ خويش بر درت سود و برفت

وان مهر که باتو داشت، بنمود و برفت

يک شب بهزار حيله در بزم وصال

پروانه بشمع ديده بکشود و برفت(2)

(10) صرفي ساؤجي: گجرات ۾ خواجه سان وابسته صاحب ديوان شاعر هو. بدايونيءَ جو قول آهي ته قصيدي ۽ غزل ۾ خاص طرز جو مالڪ هو. لاهور  ۾ به رهيو. آخر ۾ فيضيءَ سان دکن ويو، جتي فوت ٿيو.

گل فروش من که خواهد گل ببازار آورد

بايد اول تاب غوغاي خريدار آورد (3)

خواجه نظام الدين سان مٿين شاعرن کان علاوه هنن شاعرن جو به تعلق هو؛ وقوعي، مير شريف نيشاپوري (1003هه)(4)

ملا لطفي منجم (1)

ملا عبدي رازي (2)

*              *              *

مير معصوم سان ايران جي سفر ۾ به ڪيترن اديبن ۽ شاعرن جي ملاقات ڏيٺ ويٺي ٿي. هيٺين شاعرن متعلق روايت ملي سگهي آهي:

(11) تقي ڪاشي: ايراني دوستن ۾ تقي ڪاشي مصنف تذڪرهء ”خلاصه الاشعار“ جو نالو سر فهرست آهي. هن پنهنجي تذڪري ۾ مير جو چشم ديد احوال لکيو آهي ۽ سندس گهڻي ۾ گهڻا شعر درج ڪيا اٿس. ڪاشان ۾ مير جيترا ڏينهن ترسيل هو. تقيءَ سان سندس ملاقاتون ٿينديون رهيون ۽ شعر و سخن جي محفل گرم رهي.

سندس نالو تقي الدين محمد بن شرف الدين علي حسين آهي. 943هه ۾ ڄائو ۽ 1016هه ۾ هن پنهنجو تذڪرو پورو ڪيو، جنهن کي 985هه کان لکڻ شروع ڪيو هئائين. تقريبا مير معصوم جو هم عمر هو.

مير معصوم جا اسان کي گهڻي ۾ گهڻا شعر وٽانئس مهيا ٿيا. ورنه ٻين تذڪرن چند شعرن تي اڪتفا ڪئي آهي.

(12) اوحدي بلياني: مير تقي الدين محمد بن معين الدين صاحب ”تذڪره عرفات العاشقين“ متوفي 1013هه. هي شاعر مير سان اصفهان ۾ (1013هه) مليو، جنهن وقت مير بادشاهه سان ملي موٽ کاڌي هئي. اصفهان ۾ مير جي اعزاز ۾ جيڪي مشاعره ٿيا، انهن ۾ اوحدي حاضر هو.

973هه ۾ ڄائو،1015هه ۾ هندستان آيو. ۽ آگري ۾ پنهنجي تذڪري کي ”عرفات العاشقين“ جي نالي سان 1024 هه ۾ مرتب ڪيائين. 1039هه تائين جيئرو رهيو.

(13) حڪيم شفائي: شرف الدين حسيني اصفهاني (متوفي 1038هه) پنهنجي دؤر جو جيد شاعر بلڪ ايران ۾ صفوين جي دؤر اندر رهندر شاعرن ۾ نهايت بلند مرتبي جو مالڪ هو. ميرزا صاحب چوي ٿو:

در اصفهانه بدرد، سخن رسد صائب

کنون که، نبض شناس سخن شفائي نيست

اصفهان جي مشاعرن ۾ شريڪ رهيو ۽ مير سان شاعراڻيون صحبتون ڪيائين. شفائي شاعريءَ سان گڏ پنهنجي دؤر جو جيد حڪيم به هو. اهڙيءَ طرح مير کي به طب سان شغف هو. تنهنڪري سندن صحبتون دو آتشه شراب جهڙيون هيون سندس شعر آهن:

از رد قبول د گرانش چه تفاوت

آن بنده که در چشم خريدار در آيد

----

گفتي که چه شد قاعده مهرو محبت

رسمي کهني بود، بعهد تو برافتاد

----

شفائي را تمامي عمر در راه تومي بينم

بکويت مير ود يا از سر کوي تومي آيد

----

آن دل که نامزد بوفاي تو کرده ام

کاري مکن که عربده جوي دگر شود

(14) فڪري، محمد رضا: اصفهاني (متوفي 1020هه) اصفهان ۾ مير معصوم جي مشاعرن ۾ شريڪ ٿيو، پنهنجي دؤر ۾ اصفهان جي چند مکيه شاعرن منجهان هو. اهوئي سبب ٿيو، جو شاهه ايران جو وزير هن کي به دعوت ڏيئي شريڪ ڪيو .

هڪ خوبرو تي عاشق ٿي  دکن پهتو، جتي وفات ڪيائين:

اگر مزا شک گلگون، شده لاله گون زمينها

نتوان شدن پشيمان گل، عاشقي ست اينها

----

آن قدر خون زلب لعل تو دارم در دل

کز در ونم نفس، آلوده بخون مي آيد

----

زان دهان تنگ، فکري آرزوي بوسه چيست

آرزو خوبست در جائيکه گنجند آرزو

(15) عتابي تڪلو: حسن بيگ هرات ۾ ڄائو، قزوين ۾ پليو ۽ رهيو اچي اصفهان ۾، مير معصوم سان ايران کان گڏيو آيو. غالباً سندن ملاقات اصفهان ۾ ٿي. هندستان اچي وري موٽي ويو. ٻيو دفعو 1020هه ۾ آيو ٿي، جو قنڌار ۾ ميرزا غازي ترخان وٽ ترسي پيو ۽ سندس مدح گوئي ڪري انعام حاصل ڪيائين. 1021هه ميرزا جي وفات بعد هندستان آيو. سندس وفات جي سال تي اختلاف آهي. 1025هه وڌيڪ قريب قياس آهي.

ديوان مرتب ڪو نه ڪيائين، ليڪن ايترو شعر هيس، جو ڪيئي ديوان ڪٺا ٿين. نظاميءَ جو تتبع ۾ خسمو به مرتب ڪيو هئائين.(1)

ندانم آن گل خود رو، چه رنگ و بو دارد

که مرغ هر چمني، گفت و گوي ار دارد

----

خوش آن شبي که خيالم برد بگيسوي يار

دران دو سلسله ام، موبمو بگرداند

----


(4)  بدايوني 2؛ 375.

(5)  بدايوني2؛ 183.

(6)  بدايوني، 2؛ 377.

(1)  خط اڪبر نامه ۾ آهي ۽ بدايونيءَ ۾ ڏٺو آهي، 3؛ 303.

(1)  بدايوني 3؛ 228.

(2)  تاريخ بدايون، راءِ بختاور سنگ، مطبوعه بريلي، 1868ع

(1)  بدايوني، 3؛ 366-370- ملا بدايونيءَ جي سوانح جا سندس تاريخ کان سواءِ هيٺيان ماخذ آهن؛

1- Badaoni and his works, by Blochmann

J.A.S.    iii, 1869,P. 106-144

2- بزم تيموريه سيد صباح الدين، 1؛ 191- 237.

3- ايليٽ، تاريخ هند، 5؛ 477.

(2)  نسخهء خطي پنجاب، ورق 345 ب و بعد.

(1)  ڏسو شجرو تحفته الڪرام، ص 386.

(1)  تحفته الڪرام، 256- 257.

(2)  ماثر رحيميءَ جا ٻه جلد، خان خانان متعلق آهن. مقالات الشعرا ۽ تهفته الڪرام م سنڌ جي سلسلي ۾ سندس احوال آهي. بزم تيموريه جلد پهريئين ۾ سندس احوال ڏنل آهي. انگريزيءَ ۾ Ph.D لاءِ هڪ مقالو لکيل آهي:

Abdul, R Rahim Khanan

And his literary Circle

By Dr. C.R. Naik

Gujrat university, Ahmedabad, 1966

هڪ ڪتاب ۾ ڪا به خصوصيت ڪا نه آهي. سمورو ماثر رحيميءَ جو چربو آهي.

(1)  بدايوني 3؛ 187، نور الحسن 70.

(1)  بدايوني 3؛ 196، صديق 81.

(2)  بدايون 3؛ 221.

(3)  بدايوني، 3؛ 26.

(4)  بدايوني، 3؛ 378 نظام الدين، 2؛ 505. رحيمي، 3؛  687. صبا، 764 صديق، 518، آزاد خزانه، 443.

(1)  نظام الدين، 2؛ 501، بدايوني، 3؛320، نور، 88 صبا 597.

(2)  سام ميرزا- نظام الدين2؛899.

(1)  ”ميرزا غازي ترخان اور  اس کي بزم ادب“ ۾ وڌيڪ احوال ڏسجي. ”1978ع-10-4“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org