سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

 معصوم بکري

باب-24

 

صفحو : 25



 

في شهور 1006هه

ٻي عمارت ٿوري فاصلي تي پڪين سرن سان ٺهيل هشت پهلو آهي. اولهه کان ديوار تي هي ڪتبو اٿس:

1- در زمان خلافت بادشاه اعظم شهنشاهه معظم
جلال الدين محمد اکبر بادشاهه غازي خلدالله ملکه

 

‎2- بنا نمود، اين عمارت خير امير معصوم نامي
بکري بن سيد صفائي ترمذي از براي نفع

 

3- عامه مسلمانان، هر که درين بنا مقبره سازد
لعنت  خدا و پيغمبر ان و ملايکه و مومنان برو باد  1007هه

 

اهو ڪتبو مير معصوم جو پنهنجو هڻايل نه آهي. عبارت مان ظاهر آهي ته ڪنهن ٻئي صاحب، ممڪن آهي گهڻو پوءِ هڻايو آهي. سنڌ گزيٽئر جي موءلف مسٽر smith لکيو آهي ته 1006هه ۾ ٺهيل هيءَ عمارت مسجد آهي. مسٽر cousins پڻ انهيءَ خيال جي تائيد ڪئي آهي(1). سندس قياس آهي ته اهي ٻيئي عمارتون دراصل هڪ باغ ۾ هونديون، جيڪو مير معصوم رفاهه عام ۽ تفريح لاءِ ٺهرايو هيو، انهيءَ ۾ هڪ عمارت مسجد لاءِ ۽ ٻي آرام لاءِ ٺهرائي وئي.

پير علي محمد راشديءَ کي تحقيق  ۽ تلاش ڪندي معصومي خاندان ۾ هڪ دستاويز ڏسڻ ۾ آيو. جنهن مان ظاهر ٿيو ٿي ته-“ 9- تاريخ جمادي الثاني 1005هه جو مير سيد معصوم ۽ سندس پٽ مير بزرگ هڪ باغ، جيڪو ڪوه ساڌ ٻيله جي سامهون آهي. سکر جي قاضي فخر الدين مرحوم جي پونيرن کان هڪ سئو ٽنڪ ۾ خريد ڪيو-“ دستاويز ۾ باغ جون حدون هن طرح بيان ڪيون ويون هيون:

مشرق: باغ ۽ سراءِ عشرت مير معصوم.

مغرب: اراضي سعادت سلطان بيگم مير يار حسين جلاير.

جنوب: عام رستو.

شمال: درياهه پنجاب.

دستاويز تي قاضي علي بن اسماعيل وغيره جون مهرون هيون.

انهيءَ دستاويز مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ ايراضيءَ ۾ قاضي فخر الدين جي باغ سان گڏ مير معصوم جي ”سراءِ عشرت، ۽ هڪ ٻيو باغ هو. ڀانئجي ٿو ته  مير انهيءَ سهج ڪري قاضي فخر الدين جو باغ سندس پونيرن کان خريد ڪري پنهنجي ايراضيءَ کي ڪشادي ڪرڻ لاءِ انهيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. اهو ڪنارو، لئنسڊائون پل تائين، ڀانئجي ٿو ته انهيءَ دور اندر تفريح گاهه هو. ساڌ ٻيلو، خواجه خضر جو آستان، مير معصوم جو سيتاسر درياهه اندر، ڪناري سان اهي باغ ۽ سرائون، پرينءَ ڀڪ سان روهڙيءَ جو شهر، مير معصوم جو عيدگاهه، ابوالقاسم نمڪين جو صفهء صفا( ستين جو آستان) ۽ باقي سڄو  ڪنارو ”چهار باغ“ سان سر سبز ۽ شاداب، پويا اروڙ جو شهر، جتي جي زمين هنداڻن ۽ گدرن جي باغن لاءِ مشهور ۽ معروف هئي. اهي رونقون ڏسي ته مير نمڪين ”صفهء صفا“ جو ٿلهو درياهه جي ڀڪ تي ٺهرايو، جنهن مٿان ويهي چانڊو ڪيون رايون گذاريندو هو.

اڄ انهن سڀني تاريخي آثارن مان ساڌ ٻيلو، خضر جو آستان صفهء صفا، عيدگاهه ۽ منزلگاهه جون ٻه عمارتون هڪ احاطي اندر ويران ۽ خاموش، موجود آهن- نه اها رونق ۽ نه اها فضا.

(8) جهاز نما مسجد 1007هه

مظهر شاهجهانيءَ جو مصنف لکي ٿو ته: سکر طرف درياهه جي ڪپ سيتاسر واري گنبذ سامهون هڪ ٻيءَ ٽڪريءَ مٿان مير معصوم جهاز نماز مسجد ٺهرائي هئي. جيڪا نهايت سهڻيءَ جاءِ تي هئي ۽ پٿر جي ڏاڪڻ انهيءَ تي پهچڻ لاءِ ٺهرائي هئائين. ماڻهو انهيءَ تان لهي، درياهه مان وضو ساري نماز پڙهندا هئا، عيد ڏينهن طرح بکر ۽ سکر جا رهاڪو اتي اچي گڏ ٿيندا هئا(1).

ڀانئجي ٿو ته اها مسجد انهيءَ کان علاوه هئي، جنهن کي هن وقت منزلگاهه جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.

(9) سيتا سر يا ستيا سر 1007هه

”ذخيرت الخوانين“ جي مصنف، جنهن ”سيتاسر“ يا ”ستياسر“ جي تعريف ڪندي لکيو آهي ته- ”روءِ زمين تي انهيءَ جو مثال ملڻ مشڪل آهي“- انهيءَ متعلق موجوده دؤر جو انگريز مؤرخ بلاخمن آئين اڪبريءَ جي ترجمي ۾ لکي ٿو ته:

”بکر جي سامهون سکر ۾ درياهه جي انهيءَ شاخ تي- جيڪا بکر جي چوڌاري وهي ٿي- وچ ۾ مير معصوم هڪ گنبذ ٺهرايو هو. جنهن جو نالو ”ستياسر رکيو ويو.“

انهيءَ موءرخ جو ماخذ ماثر الامرا آهي. وڌيڪ پاڻ ڪو به اضافو ڪو نه ڪيو اٿائين. انهيءَ گنبذ واريءَ عمارت جي تاريخ ”گنبذ دريائي“ (1007هه)- مان نڪري ٿي.

مظهر شاهجهاني (1040هه) سيتا سر ٺهڻ کان 33 سال پوءِ لکي ويئي آهي. منجهس بکر جي دلچسپ جاين جو ذڪر ڪندي. مصنف لکي ٿو:

”در مغرب رويه قلعه، پاکروهي، کوهي مسطح درميان دريا افتاده و در انجا چند درخت خرما و يک گنبدي واع است. آن کوه را ”شاد ٻيله“ مي گويند.“

اها تصوير آهي انهيءَ ساڌ ٻيلي جي، جيڪو پوءِ هندن جو مذهبي آستان ٿيو ۽ منجهس ڪيئي عمارتون تعمير ڪري سموري هندستان جو مکيه مذهبي تيرٿ ڪري شمار ڪيو ويو. مير معصوم جي دؤر ۾ يعني اڪبري عهد کان وٺي شاهجهان جي زماني تائين اتي هڪ گنبذ ۽ ٻه ٽي کجيءَ جا وڻ هئا. ” شاد ٻيلو“ شايد تفريحي نالو هو، جنهن کي پوءِ ”شاد، مان ڦيرائي ” ساڌ“ ڪيو ويو- جهڙيءَ ريت خود اسان جي پنهنجي ڏسندي ڏسندي، هڪ اکر جي هير ڦير سان ڪيترن جاين، ماڳن ۽ مڪانن جا نالا بدلايا ويا آهن، مثلا؛ رام باغ سان الف جو اضافو ڪري آرام باغ ڪيو ويو وغير وغيره.

بهرحال ساڳيو مصنف انهيءَ سلسلي ۾ لکي ٿو:

”و پنج کروهي کوهچه درميان دريا بود، چنانچه در هواي زمستان که آب کمي ميکرد آن کوهچه ظاهر ميشد و در موسم آب کلاني هيچ اثر آن کوهچه ظاهر(1) نمي شد، و اکثر کشيتيهائي که از طرف بالائي آمدند بان کوهچه دکه  خورده شکستھ، غرق ميگشتند“.

مير معصوم جي پنهنجي هڪ ٻيڙي، جيڪا هو ٻاهران پٿرن جي ڀرايو ٿي آيو، سا اتي اچي. انهيءَ ٽڪريءَ سان ڌڪ کائي ٻڏي ويئي. جنهن کان متاثر ٿي مير معصوم اتي نشان تعمير ڪرائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. ۽ هن اهو گنبذ ٺهرايو. جيئن پري کان مير بحر انهيءَ کي ڏسي، ٻيڙين کي موڙو ڏياري هليا وڃن. مظهر شاهجهانيءَ جو مصنف لکي ٿو:

”گنبد سبزي بالايش عمارت ساختھ ”سيتاسر“ نام نهاده عجب جاي خوش نما شده، اکثر مردم بطريق سير آنجا ميروند ، و محفوظ ميگردند، و کشتي هم آنجا را ديده در طغيان آب بملا حظه ميگذرد“.(2)

هن وقت ته انهيءَ جاءِ جو نالو نشان ڪو نه آهي. صورتحال کي نظر ۾ رکندي، اسان جو خيال آهي ته ساڌ ٻيلي کان اڀرندي طرف لينسڊائون پل وٽ اهو گنبذ هو، جنهن پنهنجي دور ۾ پنجاب کان ايندڙ يا اوڏانهن ويندڙ ٻيڙن لاءِ لائيٽ هائوس جو ڪم ٿي ڏنو.

(10) رفاهي جاءِ جيسلمير 1008هه

ڪتبن جي باب ۾ جيسلمير جا ڪتبا نقل ڪيا ويا آهن، جن منجهان هڪ ڪتبو ظاهر ٿو ڪري ته قنڌار کان موٽندي، 1008هه ۾ مير معصوم جيسلمير واري رستي کان دربار ۾ پهتو، مير جي آمد و رفت جو اهوئي رستو هو. پاڻ انهيءَ دفعي 14 ڏينهن اتي جي راجا راول وٽ مهمان ٿي رهيو، ۽ اتي هڪ رفاهي جاءِ تعمير ڪرايائين، جنهن جي تاريخ آهي بناي دلپذير. مير بزرگ جو هيءُ ڪتبو اتي موجود آهي:

”از خدمت قندهار طلب فرموده بودند، در حين نزول بدين مقام بناي اين بقعهء خير نهاد....“

جاءِ منهدم ٿي ويئي آهي، جنهن جا  چند ڪتبا هن وقت حڪومت جي تحويل ۾ آهن. انهن کي مولوي مراد عليءَ نقل ڪيو آهي.(1) ۽ جناب مالڪ رام راقم الحروف ڏانهن ڪتبن جو نقل موڪيلو، جيڪو درج ڪيو ويو آهي.

(11) مسجد ۽ اوطاق قنڌار؟

مير معصوم پنهنجي خانداني بزرگ سيد شير قلندر جي مزار تي يادگار لاءِ هڪ مسجد ۽ اوطاق ٺهرائي آهي، جيڪا اڃا تائين موجود آهي. ڏهه ڪوهه مغرب طرف قنڌار کان پري سڪيلچه ٽڪر (سپيروان) تي- منظر نهايت سهڻو ۽ وڻندڙ آهي(2).

(12) حويلي- باغ- مسجد؟

ذخيرت الخوانين جي ذريعي جنهن حويليءَ مسجد ۽ باغ جو ڏس ملي ٿو، انهن مان ڪنهن جو به اثر ۽ آثار اڄ موجود ڪو نه آهي. ڀانئجي ٿو ته اهي عمارتون معصومي ساداتن جي محلي ۾ ڪنهن جاءِ يا حويليءَ ۾ اچي ويون آهن. انهن عمارتن جي جاءِ وقوع اڄ نروار ڪرڻ ممڪن نه آهي. اهڙي ريت باغ، جيڪو ويهن ايڪڙن ۾ هو، سو به برباد ٿي ويو ۽ اهي گل ٻوٽا سڀ ويا جن لاءِ شيخ فريد لکيو آهي ته:

”گلهاي و در ختهاي ميوه دار نشانده که تفرج عالم است“.

(13) هشت پهلو گنبذ ۽ هفت چاه سکر

پراڻي سکر کان نئين سکر ڏانهن ايندڙ سڙڪ جي ڪناري تي جيل جي ڀر ۾ گنبذ سان هڪ هشت پهلو عمارت موجود آهي. روايت آهي ته انهيءَ جي چوڌاري ست کوهه هئا جتي يقيناً باغ ۽ وڻراهه هوندي. هن وقت عمارت ويران، کوهه گم ۽ زمين خواه عمارت تي ڪوچڙن جو قبضو آهي. انگريزن انهيءَ عمارت کي تيل جي گودام لاءِ استعمال ڪيو هو. بقول پير علي محمد راشدي، خانداني روايت مطابق انهيءَ عمارت تي ڪتبو هو، جيڪو پوءِ گم ٿي ويو، عبارت اهائي هئي جيڪا منزل گاهه واري ڪتبي تي آهي؛

”بناي اين بقايه خير نهاد، امير معصوم نامي بکري جهت سير و استراحت دارف و صادر و مقيم مسافر، هر که درين بناء مقبره کند لعنت خدا و پيغمبران و ملائکه و مومنان بروباد“.

ظاهر آهي ته اهو ڪتبو پوءِ ڪنهن خاندان جي فرد عمارت تي هڻايو هي. اها عمارت اصل ۾ انهيءَ تفريح گاهه ۾ نشست لاءِ ٺهرايل ٿي ڏسجي.

انهيءَ طرز تي هشت پهلو عمارت، اهڙي گنبذ سان، اسان سمر قند ۾ ”ريگستان“ جي علائقي ۾ ميرزا الخ بيگ جي مدرسي جي پٺيان لڳ ڏٺي. عجيب اتفاق آهي ته ساڳي طرز تعمير اسان وٽ سکر ۾ آئي. اگرچه ماور النهر جي طرز تعمير ۽ سنڌ جي تعميري نوع ۾ ڪيتريون مشترڪ نشانيون موجود آهن.

عمارت جي جيڪا حالت آهي يا جنهن طريقي تي مٿس قبضو آهي. انهيءَ جو لازمي نتيجو نڪرندو، جو اها تاريخي جاءِ ڊهي تباهه ٿي ويندي محڪمهء آثار قديمه وارن کي ڪڏهن سجاڳي ٿيندي، جو انهيءَ تاريخي ورثي جي سار سنڀال لهي، پنهنجو فرض منصبي پورو ڪندا.

متفرق آثار

 مير معصوم هندستان ۽ قنڌار ۾ ڦرندو رهيو، ۽ جتي ويو ٿي اتي ڪتبو يا عمارت، مسجد يا مسافر خانو يادگار لاءِ ڇڏيندو ٿي ويو. هن وقت ظاهر آهي ته ڪيترائي يادگار تباهه ٿي ويا هوندا، ۽ ڪي هوندا ته انهن جي پاڻ کي خير پئجي نه سگهي آهي.

پير علي محمد راشدءَ پنهنجي ياداشتن ۾ لکيو آهي ته: 25 ڊسمبر 1931ع جو معصومي ساداتن سردار ثابت علي شاهه کي پرمڙسائي جي پڳ خطبي ۾ ڪن تاريخي جاين جو ذڪر ڪيو، ليڪن حقيقت ۾ اهي فقط خانداني روايتون آهن ۽ فقط ٻڌ سڌ تي مدار رکن ٿيون. ڪيترن جاين جي نسبت مير ڏانهن ڪئي ويئي، حالانڪه اهي مير معصوم جون ٺهرايل نه آهن، جهڙوڪ اٽڪ جو قلعو، جهلم جي پل، گجرات ۾ هڪ مينار ۽ ٽي مسجدون، (مسجد دلڪشا- مسجد اقصيٰ- مسجد اڪبري)، ۽ وزير آباد جا ڪي يادگار، انهيءَ سلسلي ۾ سيد نور علي شاهه مرحوم تزڪ جهانگيري، آئين اڪبري ۽ فرشته جو نالو ورتو. ظاهر آهي ته انهن ڪتابن ۾ مٿي بيان ڪيل ڪنهن يادگار جو مذڪور ڪو نه آهي. سيد مير نور علي شاهه شڪارپور جي قلعي لاءِ چيو ته اهو مير معصوم جو ٺهرايل آهي. ظاهر آهي ته اڪبر جي دؤر ۾ شڪار پور جو وجود ڪو نه هو ۽ نه اتي جو قلعو موجود آهي. ممڪن آهي ته ڪنهن حصي جي ”شهر پناهه متعلق اهو گمان ڪيو ويو هجي، جيڪا پڻ اوڏ ڪي ڀت هجڻ سبب ڪڏهن جو ڊهي ختم ٿي ويئي.

بهرحال اهو يقين آهي ته معلوم يادگارن کان سواءِ به مير معصوم ڪيترا يادگار ڇڏيا هوندا، جن جو افسوس آهي جو پتو ڪو نه ٿو پوي.(1)

-----


(1)  ائنٽي ڪئٽيز آف سنڌ، ص 154 .

(1)  محاذي اين گنبذ بطرف سکهر بالاي گوه جنب دريا مسجدي بصورت جهاز راست کرده. بسيار جاي با صفا شده. بطرف دريا زينهاي سنگ بسة که از آنجا مردم فرود آمد وضو سازند. روز هاي عيد تماشا گاهِ خلايق بکر و سکر است- (ص 4-5 .)

(1)  هيءُ مقامي لفظ سنڌي زبان جو  (ڌڪو) ڪتب آندو ويو آهي.

(2)  مظهر، ص. 4.

(1)  يادگار مراد علي از مولوي علي مطبع چراغ راجستان اجمير 1316هه، ص 308- انهن جو نقل ڪراچيءَ جي هڪ رادو رسالي تنوير ۾ به ڇپيو هو.

(2)  مقالو ”مير معصوم“، پروفيسر عبدالحي حبيبي، آريانا سال 4 ش 6 ص. 38.

(1)  (10- 7- 1978ع)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org