باب ٽيويهون
علم و فضل ۽ تصانيف
مير معصوم جي همه گير شخصيت، شوق، گونا گون مشغولين ۽ سندس علم
فضل جي معيار جا سڀئي مورخ، تذڪره نويس ۽ سوانح
نگار متعرف آهن. مير مرحوم هڪ ئي وقت ۾ مورخ،
شاعر، نثرنگار، خطاط، طبيب، سياست مدار ۽ مغل دؤر
جي حڪمرانيءَ واري رنگ ڍنگ جو ماهر ۽ پنهنجي دؤر
جو هڪ ڪاميات ترين امير هو. انهيءَ قسم جي پهلودار
شخصيت ٻئي ڪنهن امير جي ڪانه هئي، ۽ نه انهيءَ
نموني جو ڪو جامع ڪمالات امير ٻيو ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
سندس مختلف اوصافن جو هن باب ۾ ذڪر ٿي رهيو آهي.
جنهن مان سندس رنگا رنگ شخصيت پر کي سگهجي ٿي.
تاريخي ذوق ۽ طبقات اڪبري؛ طبقات اڪبري مغل دؤر ۾ لکيل پهرين
تاريخ آهي، جنهن ۾ سموري هندستان جي مسلم حڪومتن ۽
انهن جي دؤر جو احاطو ڪيو ويو آهي، بعد جا مورخ
انهيءَ کي مستند سمجهي نهايت وقعت جي نظر سان ڏسن
ٿا.
سڀئي لکندڙ متفق آهن ته، خواجه نظام الدين احمد جو انهيءَ سلسلي
۾ وڏو صلاحڪار ۽ مددگار مير معصوم بکري هو، خواجه
نظام الدين احمد جو مٿس اعتبار ۽ اعتماد هو. اها
تاريخ گجرات واري زماني ۾ لکي ويئي، جڏهن ته خواجه
اتي بخشي ۽ مير معصوم سندس مصاحب هو. اهو ڪتاب
ايترو مستند ۽ جامع آهي، جو انهيءَ کان پوءِ جي
مصنفن نه ڇڙو اکيون بند ڪري ان کي پنهنجو ماخذ
بنايو آهي، بلڪ پنهنجن ڪتابن جي ترتيب به اهائي
قائم رکي اٿن جيڪا طبقات اڪبريءَ جي آهي(1).
تاريخدانيءَ ۽ اصابت راءِ جو اندازو انهيءَ منجهان ڪري سگهجي
ٿو. ماثر الامرا جو مصنف لکي ٿو ته:
”مصنف (خواجه) واقعات جي پرک، باريڪ بينيءَ، جزئيات ۽ معلومات
گڏ ڪرڻ ۾ پوري پوري ڪوشش ڪئي آهي، مير معصوم جهڙا
اهل ڪمال انهيءَ تاليف ۾ ساڻش شريڪ هئا، تنهنڪري
ڪتاب جو اعتبار ۽ معيار وڌي ويو“(1).
ماثر الامرا جو ماخذ شيخ فريد بکريءَ جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ پڻ
ساڳيءَ ڳالهه جو اعتراف موجودآهي، مصنف لکي ٿو ته؛
”طبقات اڪبري لکڻ وقت مير معصوم جنهن کي تاريخ دانيءَ ۾ وڏو درڪ
هو برابر سندس صحبت ۾ رهيو“(2).
خواجه نظام الدين پاڻ ته اعتراف ڪونه ڪيو آهي ليڪن سالن تائين
مير جي ”همدم ۽ مصاحب ٿي رهڻ کي قبول ڪري ٿو “(3).
در حقيقت گجرات ۾ نظام الدين سان هن جي گڏ رهڻ جو وڏي ۾ وڏو سبب
ئي اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته کانئس خواجه صاحب طبقات ۾
مدد ٿي ورتي، سنڌ جي تاريخ جو ته مير صاحب اکين
ڏٺو شاهد به هو.
ادبي ذوق ۽ شعر گوئي: مير مرحوم جي ادبي شوق ۽ شعر و سخن سان
دلچسپيءَ يا علمي شغف جي پڻ هر هڪ تذڪره نويس
تعريف ڪئي آهي. ملا عبدالقادر بدايونيءَ جهڙو سخت
مزاج ماڻهو سندس نه ڇڙو دوست هو، بلڪ سندس ادبي ۽
علمي خوبين جو معترف پڻ هو. مير صاحب جو احوال
لکندي، چوي ٿو:
”مير در طالب علمي خيلي کوشيد و سليقهء درست در شعر و معما و
طبعي بلند و فطرتي عالي دارد“.
بلند طبعيءَ ۽ عالي فطرتيءَ جو پروانو ملا عبدالقادر کان ملڻ ڪا
معمولي ڳلهه نه آهي. جيڪو ماڻهو فيضيءَ جهڙن شاعرن
۽ ملا احمد ٺٽويءَ جهڙن مورخن يا ازين قسم پنهنجن
ٻين معاصرن مان طرحين طرحين وڏون ڪڍي ۽ مٿن چٿرون
ڪري ٿو، سو مير جي علم، طلب علم، شعر گوئي، طبعيت
جي بلنديءَ ۽ فطرت اعليٰ هجڻ کان سواءِ ڪنهن چون
وچران جي قبول ڪري، اهو مير جي عظيم انسان هجڻ جو
وڏو ثبوت آهي.
فريد بکري مير صاحب جي خوش خطيءَ، عمارتن جوڙائڻ جي ذوق ۽ مزاج
سندس شاعراڻي جي تعريف ڪري ٿو.
(1)
تقي اوحدي مشهور شاعر ۽ تذڪره نويس آهي. اصفهان ۾ مير صاحب سان
مجلسون ٿيس، تنهن پنهنجو تاثر هن ريت ڏنو آهي:
”ميرزا احمد نيشاپوريءَ (وزير شاهه عباس) جي حڪم تي مير صاحب
سان شعر جي رهاڻ ٿي. واقعي شعر ۾ کيس قدرت ۽ عظيم
قوت حاصل هئي..“(2).
سندس انهن اوصافن جي پوءِ جي تذڪري نگارن انهن معاصر لکتن جي
تتبع ۾ واکاڻ ڪئي آهي. گل رعنا جي مصنف تقي
اوحديءَ جي حوالي تي اضافو ڪيو آهي ته سندس ڪلام ۾
رطب و يابس پڻ تمام گهڻو آهي(1).
خان آرزوءَ ساڳي عبارت دهرائي آهي.(2)
شعر و سخن جي سلسلي ۾ مير صاحب جي هر هڪ ڪتاب متعلق جيترو ڪجهه
معلوم ٿي سگهيو آهي، جدا جدا هن هيٺ ڏجي ٿو. سڀ
کان پهريان سندس مثنوين لاءِ هيٺينءَ معلومات
فراهم ٿي سهگي آهي.
(1-5) پنج گنج: شيخ نظامي گنجوي جي تتبع تي ڪيترن پوين شاعرن
پنج مثنويون لکي، سندس پيروي ڪئي آهي. اهڙن شاعرن
تي جدا تذڪرو پڻ مرتب ڪيو ويو آهي(3).
انهيءَ پيروي ڪندڙ شاعرن جي صف ۾ مير معصوم به
شريڪ ٿيو آهي ۽ پنج مثنويون يادگار ڇڏيون اٿس،
ليڪن ارمان آهي ته اڄ تائين اهي دستياب نه ٿي
سگهيون آهن. مثنوين جا نالا ۽ انهن جا ڪجهه شعر
تذڪرن ۾ ۽ خود مير جي مختلف ڪتبن ۾ ملن ٿا.
سڀ کان پهريون طبقات اڪبريءَ ۾ جيڪو 1001هه ۾ تاليف ٿيو ديوان ۽
هڪ مثنويءَ جي تصنيف جو حوالو آيو آهي. انهيءَ کان
پوءِ بدايونيءَ ۾ جيڪا پڻ ساڳئي وقت جي تصنيف آهي
هڪ ديوان ۽ هڪ مثنويءَ جو مذڪور ملي ٿو. مثنويءَ
متعلق فقط هيترو اضافو ڪيو ويو آهي ته ”يوسف
زليخا“ جي بحر ۾ چيل آهي.
ذخيرت الخوانين (1060هه): ۾ خمسه جي سڀني مثنوين جا نالا ڪونه
ڏنا ويا آهن، فقط هڪ مثنويءَ ”معدن الافکار“ جو
نالو آيو آهي، جيڪا ”مخزن الاسرار“ جي جواب ۾ لکي
وئي. مقالات الشعرا ۾ طب نامي، تاريخ سنڌ، ۽ هڪ
مثنوي ”ناز و نياز“ (سسئي پنهون جي داستان) جو
حوالو آهي. تحفت الڪرام ۾ مير قانع ديوان جو اضافو
ڪيو آهي. گويا (1169 هه) تائين کيس ديوان جو پتو
ڪونه هو ۽ (1180 هه) ۾ تحفت الڪرام لکڻ وقت سندس
ڄاڻ ۾ ديوان آيو. ماثر آلامرا آخري تذڪرو آهي،
جنهن ۾ به ساڳين ئي ڪتابن ڏانهن اشارو آهي:
”ديوان نامي، مثنوي معدن الفکار در جواب مخزن الاسرار، تاريخ
سندو مختصري در طب که بمفردات معصوم موسم است،
تاليف اوست(1).“
انهن سڀني مصنفن خمسه جو پورو تفصيل ڪونه ڏنو آهي، فقط ٻن
مثنوين ”ناز و نياز“ ۽ ”معدن الافکار“ جي نالن جي
کين ڄاڻ هئي.
سڀ کان پهريون خمسه جو مذڪور تفصيل سان تقي ڪاشيءَ ڪيو آهي،
جنهن شعرن جو مجموعي تعاد به تخميناً ٻارهن هزار
ٻڌايو آهي. ”معدن الافکار“ ”رائي وصورت“ ليليٰ
مجنونءَ جي بحر ۾ آهي ۽ ”حسن و ناز“(2)
جو بحر يوسف و زليخا تي آهن. انهن لاءِ لکي ٿو:
”درين دو کتاب معاني دقيقه و خيالات لطيفه انگيخته اند، چنانچه
سخن شناسان ممالک هندوستان و نکته سنجان ديار
خراسان متفق اند که اکثر مباحث اين دو کتاب ر بهتر
و بلند تر از مولانا جامي گفته“.
مير معصوم، گويا بيان ڪيل ٻن مثنوين ۾، هر لحاظ سان مولانا
جاميءَ کان گوءِ کڻي ويو آهي(3)
نقي ڪاشي جيڪڏهن اها تعريف دوست نوازيءَ خاطر ۽
مير معصوم ڪاشان ۾ رهڻ وقت جيڪي ساڻس وکون کنيون،
انهيءَ اثر هيٺ نه ڪئي آهي ته پوءِ اندازو ٿي ٿو
ته مير معصوم جو مثنوي گوئيءَ ۾ ڪيترو نه بلند
مقام ۽ مرتبو هو.
والي داغستانيءَ خمسه چوڻ جو ته ذڪر ڪيو آهي ليڪن هڪ جملي اندر
ڳالهه کي ختم ڪري ويو آهي، چيو ٿو: ”ولي اشعار
بسيار گفته و تتبع خمسه نيز کرده است“. پوري خمسه
جي سڀني مثنوين جو نالو سڀ کان پهريون اصفهان جي
مسجدي عليءَ واري ڪتبي (1013هه) ۾ آيل آهي. انهيءَ
کان پوءِ ناگور ۾ شيخ حميدالدين جي درگاه تي هنيل
ڪتبي (1013) ۾ ڄاڻايو ويو آهي، پهريون ڪتبو مير
صاحب جو پنهنجو هنيل آهي ۽ ٻيو سندس فرزند مير
بزرگ نصب ڪيو آهي. انهيءَ ۾ مثنوين جي نالي سان گڏ
هيءَ عبارت پڻ آهي، جيڪا نهايت اهم آهي:
”... و اين چند بيت از خمسه ايشان که درين ولا باتمام رسانيده
بودند تحرير نموده شد سنه 1013هه“.
انهيءَ ڪتبن ۾ هيٺينءَ طرح مثنوين جا نالا آيا آهن:
معدن الفکار.
حسن و ناز
اکبر نامه.
راي و صورت.
خمسه متحيره.
مسجد علي واري ڪتبي ۾ مير صاف طرح لکيو آهي ته؛ ”هيڏي ايندي
راست ۾ هي مثنويون پوريون ٿيون“.(1)
مٿين بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته خمسه 1013هه تائين مڪمل نه ٿيو
هو، ايران جي سفر ۾ ان کي پورو ڪري ڪتبه ۾ نالا
آندا ويا. انهيءَ کان پهرين جي تاريخي شهادتن مان
ظاهر ٿئي ٿو ته طبقات (1001هه) ۽ بدايونيءَ
(1004هه) جي تصنيف تائين هڪ مثنوي تصنيف ٿي هئي
جيڪا ”يوسف و زليخا“ جي بحر ۾ هئي، جنهن جو نالو
”حسن و ناز“ هو. انهيءَ کان پوءِ 1013هه تائين جي
تقريباً نون سالن ۾ باقي چار مثنويون مڪمل ڪيون
ويون. ايران جي طويل سفر جي فرصت کي غنيمت سمجهي
مير صاحب انهيءَ کي انهيءَ ڪم ۾ صرف ڪيو. حقيقت ۾
سفر جي ڪلفت کي ختم ڪرڻ لاءِ انهيءَ کان زياده
دلچسپ ٻيو ڪهڙو مشغلو ٿي سگهيو ٿي.
مثنوين جي ترتيب هن ريت چئي وڃي ٿي.
(1) معدن الافکار بجواب مخزن الاسرار
(2) حسن و ناز(2)
يوسف و زليخا
(3) راي و صورت(3)
ليليٰ و مجنون
(4) خمسه متحيره هفت پيکر
(5) اکبر نامه اسکندر نامه(4)
ارمان آهي جو اهو خمسو يا انهيءَ جي ڪابه هڪ مثنوي ڪنهن به ڪتب
خاني ۾ موجود نه آهي. ”حيات معصوم“ ۽ پير علي محمد
شاه راشديءَ لکيو آهي ته، ”حسن و ناز“ جو هڪ نسخو
محمد علي شاه معصوميءَ وٽ پراڻي سکر ۾ سندس نظر
مان گذريو. پروفيسر عبدالحي حبيبي افغانيءَ راقم
کي انهيءَ مثنويءَ جا چند شعر ڏنا جيڪي مقالات ۾
ڏنا ويا آهن، هن صاحب مثنويءَ جو هڪ ناقص نسخو
مرحوم هاشم شايق آفنديءَ وٽ ڪابل ۾ ڏنو هو جنهن ۾
سندس قول آهي ته چار هزار بيت هئا(1).
حبيبي صاحب جي ڏنل بيتن کي هن هيٺ درج ڪجي ٿو.
|