باب سترهون
آسير (خانديش) جي
مهم
قنڌار کان موٽي- جيئن گذريل باب ۾ لکيو آهي- بکر اچي دربار
ڏانهن وڃڻ کان اڳ مير صاحب پنهنجا ضروري ڪم ڪاريون
ڪيا هوندا ۽ آئندي جو بندوبست ۽ بلو ڪري 1008هه ۾
روانو ٿيو.
جيسلمير جي هڪ مسجد تي سندس پٽ مير بزرگ جو هڪ ڪتبو آهي. جنهن
مان موٽ جي سال جي سڌ پوي ٿي. ڪتبي جي عبارت آهي؛
”در شهور سنھء هزار و هشت هجريه که بندگان خلفت پناهي ظل الهي
جلال الدين محمد اڪبر بادشاهه غازي خلدالله ملکھ
اّبدن. نواب سيادت پناه. فصاحت و بلاغت دستگاه
امير محمد معصوم النمي تخلصاً والبکري مسکناً ولد
مير سيد صفائي التر مذي اباً وبن سيد شير قلندر بن
باب حسين ابدال جداّ
(1)
از خدمت قنڌهار طلب فرموده بودند، در حين نزول
بدين مقام بناي اين بقعھء خير نهادند- حرره العبد
مير بزرگ ولد امير محمد معصوم.“
مي مراد عليءَ جنهن ڪتبي جو اشارو پنهنجي مضمون (1) ۾ ڪيو آهي،
سو پڻ انهيءَ مسجد تي لڳل آهي، جنهن مان ظاهر ٿو
ٿئي ته مير معصوم جيسلمير ۾ ڏهه ڏينهن پنهنجي دوست
مهاراجا راول وٽ مهمان ٿي رهيو هو.(2)
آسير ڏانهن روانگي 1008هه/ 1599ع: مير 1008هه ۾ شاهي دربار ۾
حڪم موجب حاضر ٿي ويو. بادشاهه انهيءَ وقت آسير جي
فتح لاءِ لشڪر ڪشيءَ جي تيارين ۾ مصروف هو ۽
برهانپور طرف اسهڻ جا زور شور سان سانباها ٿي
رهيا هئا. مير صاحب کي پڻ ٻين اميرن وانگر شاهي
رڪاب ۾ اوڏانهن هلڻ جو حڪم مليو. سنڌ تي تسلط ڪرڻ
بعد سيويءَ ۽ قنڌار جي مهمن کي ڪاميابيءَ سان منهن
ڏيئي اچڻ کان پوءِ، مير صاحب جي زندگيءَ جو هي پڻ
اهم موقعو پيدا ٿي رهيو هو. فاروقي سلطنت جي- جنهن
جي حاڪمن جي گجراتي حڪمرانن جي مائٽيءَ ذريعي سنڌ
جي سمن سلطانن سان پڻ رشتيداري هئي- آزادي سلب ٿي
رهي هئي.
ميرزا جاني بيگ جيڪو يرغمال جي صورت ۾ دربار ۾ زندگي گذاري رهيو
هو، ۽ شاهي خوشنودي حاصل ڪرن خاطر ” دين الاهيءَ“
۾ داخل ٿي بادشاهه جو ”خاص چيلو“ بڻيو هو. سو پڻ
انهيءَ سفر ۾ ساڻ هلي رهيو هو.
برهانپور- آسير 1008-1009هه/1599-1600ع: فاروقي سلطانن جو
تختگاهه آسير هو، جنهن جي قلعي جي ساخت ۽ مضبوطي
مثالي ۽ شهرهء آفاق هئي. قلعي جي صورتحال ڏسندي،
”ذخيرة الخوانين“ جي روايت موجب، ميرزا جانيءَ چئي
ڏنو ته وٽس جيڪڏهن اهڙو قلعو هجي ها ته اڪبر جا
ڏهوڻا لشڪر به سندس ملڪ کي ڇهي نه سگهن ها! چيو
وڃي ٿو ته ميرزا جانيءَ جو اهو چوڻ سندس موت جو
ڪارڻ بڻيو.(1)
اهو هڪ فطري امر آهي ته حڪومت جي قوت ۽ شاهيءَ جو اختيار خود
بخود توسيع پسنديءَ جي خواهش ۽ هوس کي اٿاري ٿو.
انهيءَ لاءِ ڪنهن به سچي يا حقيقي جواز يا سبب جي
ضرورت ڪا نه ٿي ٿئي. اهو هڪ ئي سبب ڪافي آهي ته هڪ
ڌر طاقتور ۽ ٻي ڌر مقابلتاً ضعيف هجي. آسير جي
قلعي کي فتح ڪرڻ لاءِ لشڪر ڪشيءَ جو سبب به ڌرين
جي درميان طاقت جي اهڙي غير متوازن صورتحال هئي.
مغل سلطنت پنهنجي اقبال منديءَ ۽ عروج جي انتهائي
نقطه تي هئي ۽ انهيءَ جي مقابلي ۾ بر صغير جون
ٻيون ننڍيون ننڍيون مسلم سلطنتون قدامت ۽ ٻين
اندروني ڪمزورين سبب ضعيف هيون، ۽ ضعيفي ئي سڀ کان
وڏي لعنت آهي، جنهن جي نتيجي ۾ خانداني نزاع اڀرن
ٿا ۽ اميرن جي باهمي ڪشمڪش ۽ اندروني سازشون حڪومت
جي سموريءَ ساخت ۾ شگاف پيدا ڪري ڇڏين ٿيون.
خانديش تي حملي جو سبب: دکن جي مسلمان حڪومتن جو تقريباً اهو
حال هو ۽ اهائي ڪيفيت خانديش جي فاروقي گهراڻي جي
هئي، جنهن ۾ اهو عجيب دستور هو ته تخت تي ويهندڙ
حاڪم پنهنجي سڀني عزيزن، ڀائرن ۽ پٽن کي پنهنجي
جيئري تائين بنديخاني ۾ وجهي ڇڏيندو هو، جيئن ڪوبه
ٻاهر رهي، سازش ڪري نه سگهي. نتيجي ۾ پونئير
نااهل، حڪومتي تجربي کان اڻ واقف ۽ ذهني خواهه
جسماني طرح سڀني قوتن کان محروم ٿي ويندا هئا.
راجي علي خان فاروقيءَ جو جاءِ نشين نالي خاطر
”بهادر خان“ هو. ٽيهه ورهيه پيءُ جي حياتيءَ ۾
زنداني رهڻ کان پوءِ جڏهن تخت تي ويٺو. ان وقت
شعور، عقل، سوچ ۽ عملي قوت کان بلڪل عاري، هڪ
نااهل روح ڄڻ انساني جسم ۾ هو.
اڪبر جي اک دکن جي مسلم حڪومتن تي هئي. خانديش رستي ۾ پيو ٿي.
گجرات مان اڪبر ڏانهن پيش قدمي جي ترغيب پهتي هئي.
سنڌ جو جاني بيگ لاهور ۾ شخصي طرح سلام تي ڪونه
آيو هو. خانديش لاءِ اهو سبب ڪافي ٿيو ته اتهن جو
والي بي طاقت هو، رياست رستي ۾ پيئي ٿي ۽ وڌيڪ هي
ته شهزادي دانيال جي مهنداريءَ هيٺ جيڪا مهم دکن
وڃي رهي هئي، خانديش جي سست سلطان ان جي سلاميءَ
جا آداب بجا نه آڻي جيڪو ”گناهه“ ڪيو، اهو آسير تي
فوري حملي جو سبب بڻجي پيو. ابوالفضل پڻ انهيءَ
دکن جي مهم تي هو.
انهيءَ زماني ۾ ڪي واقعا اهڙا ناگهاني ٿيا، جو اڪبر کي پاڻ
انهيءَ مهم اچڻو پيو. پهريون، مراد جو ننڍو پٽ
(نومبر 1598ع) فوت ٿيو. مراد پاڻ صدمي ۽ ڪثرت شراب
نوشيءَ سبب مهم هلندي (2 مئي 1599ع) مري ويو. اڪبر
سليم کي موڪلڻ گهريو ٿي، ليڪن انهيءَ مزاج ۾ پيءُ
جي خلاف بغاوت هئي. هن انڪار ڪيو، جنهن تي مجبور
ٿي، اڪبر شهزادي دانيال کي اماڻيو. خيال هو ته
شهزادي دانيال جي برهانپور پهچڻ تي بهادر خان
فاروقي، آداب شاهيءَ جا لوازما بجا آڻيندي، سلام
ڪلام لاءِ اچي پاڻ حضور ۾ حاضر ٿيندو. ليڪن
فاروقي حڪمران حالتن جو اندازو ڪري نه سگهيو. هن
شهزادي جي آمد کي اهميت ڪانه ڏني تنهنڪري لازمي ٿي
پيو ته جيسين دکن جي مهم سر ٿئي. ان کان پهريون
بهادر خان کي انهيءَ گستاخيءَ جي سزا ملڻ ضروري
هئي.
اڪبر جي آمد: غير معمولي حالتن اڪبر کي سخت انتظار جي ڪيفيت ۾
مبتلا ڪري ڇڏيو، جنهنڪري هن، موقعي تي پنهنجو هجڻ
ضروري سمجهيو. چنانچه هو پنهنجي سر 30 مارچ 1600ع
جو برهانپور ۾ پهچي ويو. اڪبر چونڊ امير پاڻ سان
آندا. مثلاً: آصف خان شيخ فريد ۽ خان اعظم وغيره.
اهڙيءَ طرح مير معصوم به سندس رڪاب ۾ رهيو. ابوالفضل اڳ ميدان ۾
موجود هو. اڪبر پهچڻ سان انهن اميرن کي آسير تي
حملي جو حڪم ڏنو (11-اپريل 1600ع)، ۽ پاڻ به اٺن
ڏينهن بعد آسير جي قلعي وٽ اچي منزل انداز ٿيو.
ابوالفضل جو منصب انهيءَ موقعي تي چار هزاري ڪيو
ويو، ڇاڪاڻ ته سندس ڪوششون ۽ جان نثاري مثالي هيون(1).
آسير ۾ اهو ئي نسخو ڪتب آندو ويو، جيڪو هر ”فتح“ جي موقعي تي
استعمال ٿيندو ٿي رهيو يعني مقامي اميرن کي
لالچون، رشوتون ۽ آئنده لاءِ دم دلاسا ڏيئي،
پنهنجي مالڪ سان نمڪ حراميءَ ڪرڻ تي آمادو ڪرڻ.
هتي بهادر خان جي وزير افضل خان کي ٻين اميرن سان
گڏ باغي ڪيو ويو هو.
اڪبر جي لشڪر پهرئين حملي ۾ ”ساپان قلعو“ (12 جون 1600ع) هٿ ڪيو(2)،
جنهن کان پوءِ (13-آگسٽ 1600ع) لالنگ جو قلعو هٿ
آيو، جنهن ۾ اناج جو ذخيرو محفوظ هو(3).
هن قلعي جي قبضي خانديش جي حڪومت جا اوسان خطا ڪري
ڇڏيا.
اڪبر کي قلعي هٿ ڪرڻ جي تڪڙ هن ڪري به هئي جو تختگاهه جي
صورتحال، گهڻي تائين کيس پري رهڻ جي اجازت نٿي
ڏني. شهزادو سليم بغاوت ۾ هو، تنهنڪري دير واريءَ
حالت ۾ ڪيئي خطرا هئا. ازانسواءِ مغل ۽ راجپوت
گهڻي عرصي تائين محاصري ڪرڻ جا عادي نه هئا،
تنهنڪري دير واريءَ حالت ۾ ڪيئي خطرا هئا.
ازانسواءِ مغل ۽ راجپوت گهڻي عرصي تائين محاصري
ڪرڻ جا عادي نه هئا، تنهنڪري اڪبر گهريو ٿي ته
آسير جو مسئلو فوري طئي ٿي وڃي. اڪبر پنهنجي امير
۽ ابوالفضل جي ڀاڻيجي صفدر خان کي هڪ هزاري منصب
تي فائز ڪري، کيس فاروقي اميرن کي رشوتون ڏيئي
ورغلائڻ تي مامور ڪيو. جنهن ستت اهڙي صورتحال پيدا
ڪئي، جو بهادر خان مجبور ٿي، پنهنجي ٻنهي پٽن سميت
(10 ڊسمبر 1600هه) اچي پيش پيو. هن شرط تي ته سندس
عزت، جان ۽ آزادي برقرار رهندي. ليڪن سندس حيرت جي
حد نه رهي، جڏهن هن ”شاهي قول“ جي ابتڙ عمل ڏٺو.
بادشاهه پهچڻ شرط کيس شيخ فريد بخاريءَ جي ڪيمپ ۾
نظر بند ڪري ڇڏيو.
بهادر خان جي ٻن غيرتمند اميرن، ملڪ يا قوت ۽ انهيءَ جي پٽ ملڪ
مقرب خان. غلاميءَ ۾ زندهه رهڻ کان موت کي ترجيح
ڏيئي، خودڪشي ڪري ڇڏي. 17 جنوري 1601ع تي ابوالفضل
قلعي ۾ پنهنجو پٽ عبدالرحمٰن موڪليو، جنهن جي
حوالي قلعي جون چاٻيون ڪيون ويون.
اهڙيءَ طرح آسير جي قلعي جي فتح ۽ فاروقي خاندان جي اختتام جو
باب تڪميل تي پهتو. شاهي حڪم ٿيو ته اها فتح
ابوالفضل جي نالي شمار ڪئي وڃي
(1)
جيڪا درحقيقت جنگي فتح کان وڌيڪ حيله جوئي، رشوت
ستاني، ۽ اميرن کي لالچون ڏيئي، باغي ڪرڻ تي مبني
هئي، بهرحال مير معصوم انهيءَ ”جنگ“ ۾ موجود هو.
جيڪا خدمت سندس سپرد ٿي هوندي، سا هن يقيناً نهايت
خوش اسلوبيءَ ۽ سليقي سان سرانجام ڏني هوندي.
برهانپور جي سفر جا يادگار: اڪبر 16 سيپٽمبر 1599ع تي آگرو ڇڏيو
هو. 30 مارچ 1600ع تي برهانپور ۾ پهتو(1).
آگري کان برهانپور تائين اٺ سؤ ميلن جو فاصلو هو.
جنهن کي بادشاهه سٺ منزلن ۾ طئي ڪيو. مير معصوم
پنهنجي عادت مطابق واٽ تي ڪتبا هڻندو ويو آهي،
جنهنڪري رستي ۽ تاريخن جو پتو پوي ٿو. ڪتبن مان ڪن
جي فهرست هن ريت آهي:
(1) فتح پور بلند دروازو 1008هه
(2) اجين داخلي دروازو “
(3) ڌار لاٽ مسجد “
(4) سعدل پور رود خانه “
(5) شادي آبادي نيل ڪنٺ 1008هه
(6) ناگور خانقاه
هيٺيان ڪتبا برهانپور ۽ آسير ۾ مير معصوم فتح بعد اُڪرايا:
(7) قلعه آسير داخلي دروازو 1009هه
(8) “ جامع مسجد “
(9) برهانپور جامع مسجد “
(10) “ عادل شاه جو مقبرو “
آسير جو قلعو، جيئن بيان ڪيو ويو، 4 – رجب 1009 هه سومر ڏينهن
(22 – جنوري 1601ع)
(2)
فتح ٿيو. مير معصوم هي تاريخون ڪڍيون:
ناميا داد الاهي، دادش اين فتح عظيم
سال تاريخ الاهي خواه ازدادالده
-----
چونامي طلب کرد تاريخ فتح
خرد گفت: بگر فته کوه اسير
واپسيءَ جا يادگار ڪتبا: سفر جي واپسيءَ ۾ مير هيٺيان ڪتبا هنيا
آهن:
(11) شادي آباد نيل ڪنٺ 1009هه
(12) اجين عمارت سلطان ناصرالدين
(13) ناگور خانقاهه 1009 هه
(14) بيانه خواجه باولي
(15) مڌڪر باغ سليمه
(16) نرانه تر پولي دروازو
(17) آگره قلعه
(18) فتح پور بلند دروازو
سنڌ لاءِ يادگار: خانديش جي انهيءَ مهم ۽ سفر جا سنڌ لاءِ ٻه
ٻيا يادگار به آهن، جهڙوڪ:
4 يا 22 – رجب 1009 هه جو آسير فتح ٿيو. جاني بيگ قلعي جي
استحڪام ۽ بهادر خان جي بزدليءَ ۽ ڪاهليءَ کي
ڏسندي، جنهن راءِ جو بقول صاحب ذخيرت الخوانين
اظهار ڪيو، انهيءَ منجهس ايڏو پڇتاءُ ۽ خوف پيدا
ڪيو، جو 27 – رجب 1009 هه جو انهيءَ منزل تي پاڻ
انتقال ڪري ويو.
مير معصوم پنهنجي ”تاريخ سنڌ“ جو اختتام برهانپور ۾ ميرزا جاني
بيگ جي وفات واري واقعي تي ڪيو آهي(1).
آسير جي مهم جون اهم تاريخون: آسير جي مهم، بهادر خان جي حماقت،
اميرن جي بزدليءَ، لالچ ۽ خاندان جي زبونيءَ سبب
نهايت آسانيءَ ۽ سولائيءَ سان، سواءِ ڪنهن خاص جنگ
۽ محنت جي، اهڙيءَ ريت پوري ٿي(1).
انهيءَ مهم جون مکيه تاريخون هن ريت آهن:
آخر 1598ع پنجاب ۾ مسلسل 14 ورهيه رهڻ بعد
اڪبر آگري روانو ٿيو، جيئن دکن واريءَ مهم جي ويجهو هجي.
16 سيپٽمبر 1599ع اڪبر آگري مان برهانپور روانو ٿيو. (1008 هه)
مارچ 1600ع دانيال دکن واريءَ مهم لاءِ برهانپور
پهتو.
بهادر خان سلام تي نه آيو.
9 مارچ 1600ع شيخ فريد بخاري بهادر خان ڏانهن ويو.
31 مارچ 1600ع برهانپور هٿ آئي.
10 اپريل 1600ع اڪبر برهانپور پهتو(2).
12 جون 1600ع ساپان جو قلعو فتح ٿيو.
13 آگسٽ 1600ع لالنگ جو قلعو فتح ٿيو.
26 آگسٽ 1600ع احمد ننگر شهزادي دانيال فتح ڪيو.
29 نومبر 1600ع ماليڳڙهه هٿ آيو.
10 ڊسمبر 1600ع بهادر خان ٻن پٽن سميت اڪبر وٽ پيش پيو.
15 جنوري 1601ع قلعي مان فاروقي امير ۽ ٻيا ماڻو نڪتا.
ابوالفضل دروزاي وٽ ”چبوتره طفيل خان“ تي وڃي ويٺو.
17 جنوري 1601ع قلعي جون چاٻيون فاروقي قلعه دار.
ابوالفضل جي پٽ عبدالرحمان جي حوالي ڪري قلعي تان دستبرداري
ڪئي. آسير (خانديش) اڪبر جي سلطنت ۾ پيو ست ٿيو،
بهادر خان گواليار جي قلعي ۾ قيد ٿيو.
22 جنوري 1601ع (سومر 17 رجب 1009هه) سرڪاري فوجون آسير جي
قلعي ۾ داخل ٿيون.(1)
21 اپريل 1601ع دکن جي مهم خان خانان جي سرڪردگيءَ ۾ ڏيئي،
اڪبر پاڻ آگري روانو ٿي ويو.
23 آگسٽ 1602ع اڪبر آگري پهتو.
مير معصوم آسير جي ”فتح“ ۽ بهادر خان جي پيش پوڻ جون جيڪي
تاريخون برهانپور ۽ آسير جي ڪتبن تي هنيون آهين،
اهي ڪتبن واري حصي ۾ ڏسڻ گهرجن.
-----
غالباً
مضمون نويس کان غلطي ٿي آهي، اهو ڪتبو جيسلمير
۾، بقول دوست عزيز م مالڪ رام، عمارت جو نالو
”فقيرن جو تڪيو“ آهي، انهيءَ جو ڏاکڻيءَ ديوار
تي آهي. ۽ هيٺينءَ عبارت مان اتي سندس رهڻ جو
پتو پوي ٿو:
(1) چون درميان نواب ابوي امير محمد معصوم.
(2) و حکومت دستگاهه راول بينو (؟ بنيو) نسبت.
(3) و يگانگي بود بنا بران باستدعا راول جيو
درين منزل.
آسير
جي سلسلي ۾ اصل ماخذن کان علاوه نون ڪتابن مان
ٻن ڪتابن کي پڙهڻ گهرجي.
(1) Religious and intellectual History of
the Muslims in Akbar’s Reign, S.A.A Rizvi,
New Delhi, 1975.
(2) The Deccan
Policy of the Mughuls, Dr. Yar Muhammad
Khan, Lahore, 1971.
|