سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

معصوم بکري

باب-18

صفحو : 14

بخوبتر وجهي برمنصهء ظهور جلوه گرآيد، ولحق کارو هنجار درميانست، و تکلف و تصلف برکنار، که آگر هماي رايت مشتري آيت، و عقاب سايهء چتر ماه مايهء آن طوق نه گردن اعداي دين و دولت، ظلمت سوز تاريکيهاي ظلم و عدوان ارباب طغيان، که ازدو طرف متوجه ممالک آزربائيجان و بلاد خراسان شده بودند، يکي قيصر روم که شرح عدت و آلت و استعداد لشکر و استبداد حشم و حشر او، از وصف و بيان مستغنيست، و دوم خاقان ترکستان که کثرت عسا کرو انصار و بسطت ماثر و اقطار او، ازغايت استهار مفتقر بابراز و اظهار نيست.

يکي بتوپ، چو ابرو سرشک اوسندان
يکي بتير، چو باد و سموم اوپيکان.

نشدي، اکنون مدتي بود که بوم ايران از دستبرد ظلم و طغيان آنچنان دشمنان، کنام جغد ويراني، و آشيان بوم خرابي شده بود، و علاوهء آن فرو نشاندن غبار هرج و مرجيست که هم از لشکريان ايران و بغي و طغيان غازبان ظفر فرجام، و صوفيان صدق انجام فتنهء فايزه قزلباش و ترکمان بر رخسار ممالک عراق و خراسان نشته بود، که باعتقاد آگاهان مراتب ملکداري، کار اين دشمنان دروني ساختن، و بيرون کردن اين مادهء فاسده از بدن بيمار ايران که بحران ظلم و طغيان آن اهل بغي و عدوان قريب برفتن بلکليه و مشرف بزوال حال مال بلمره شده بود، بسي مشکلتر و صعب ترمينود، از همه والاتر و بالاتر، مرتبهء سياست ذاتي و عدلات صفاتيست که ذات فرشته صفات آن شهسوار عرصهء عدل و دادبان متصف و مجبولست ، چه بتکرار بمسامع عز و و علا رسيده هر که پيش ازين در بلاد ايران از شعلهء ستم ظالمي داغ المي در جگر داشته يا دارد، في الحال بمسامع جاه و جلال رسيده و ميرسد، در لحظه يي و ساعتي بمرهم داد پرسي و غور رسي جراحت ظلم او اندمال مي پذيرد.

بردوام تو، دليليست قوي عدل تو، زانک
برنگردند زهم تا بابد عدل و دوام

 

------

عدل کن زانکه در ولايت دل
در پيغمبري زند عادل

 

------

عدل تو، قنديل شب افروز تست
مونس فرداي تو، امروز تست
 

واز براي ايصال اين اخبار، مدتي بود که در خاطر ملکوت ناظر ميگذشت که صادق الاخلاص و لاعقيده منوچهربيگ و ميرزا علي بيگ فرستاده شوند، ليکن چون بعضي زمينداران خانديس و دکن چندي بود که سراز ربقهء فرمان برداري و طاعت گزاري پيچيده، درباديهء غوايت و سرگرداني سالکه و هالک بودند، اردوي گيهان پوي بعزم گوشمال انها در نهضت و سير در آمد، و چون والي خانديس سالها بود که اباًعن جد طوق بندگي اين درگاه ر ا در گردن اطاعت و غاشيهء عبوديت اين بارگاه را بر دوش طاعت داشت، ليکن باغواي جمعي مفسدان جادهء قويم طاعت داري، و شارع مستقم خدمتگذاري را گذاشته، سالک بيغولهء گمراهي گرديد، وبحصانت حصن فلک اساس و متانت قلعهء گردون مساس مغرور شده، تحصن در آن قلعهء فلک بنا را منجي دانست، از دستبرد منجنيق و پامردي تهور شاربان رحيق توفيق، و متجرعان کاسات تحقيق، که بزخم بيلک ديده دوز، و ضرب ناوک سينه سوز، کواکب ثواقب را در روز از برج شب افروز بپايان آورند، و عروج بر معارج افلاک و صعود بر مناهج شعري و سماک را کمينه کارو کهينه بازار خود شمارند. تصور ننمود، تا انکه بنا بر حفظ ناموس سلطنت عظمي، و مراعات قانون خلافت کبري، در قلع و قمع اعدا، و اخذ و فتح آن قلعئه فلک بناعه، که مقيمان اَن از ورود قضا و حوادث سما، در قلهء امن و قلعهء امان ارتقا داشتند، عزم ملوکانه دربسته شد، و با آنکه بضرب تيغ و تير غازيان جهانگير، آن قلعهء بي نظير مفتوح گرديد. ليکن چون عجز و ناکسي و ناداني و نارسي آن نادان مراتب قدر ناشناسي، معلوم ضمير احاطت پذير بود، مراحم بيدريغ خسروانه، تدارک حال عجزانهء اونمود، و جان بخشي کرده، اخوان و اولاد و اقربا وا احفاد او را ملحوظ نظر عنايت اثر فرمود. وچون خود مايل نشست قلاع بود، در قلعهء فلک مدار گواليار که در مابين قلاع هند بل قلاع هر ديار، بصفت استحکام و اعتبار، امتياز و اشتهار دارد جاي داده شد. و باز رايت عز و جلال بمرکز اقبال، ڪه دار الخلافه آگره است، نزول نمود. درينوقت ارسال منوچهربيگ در خاطر ملکوت ناظر پرتو انداخت، و بجهت رسانيدن اخبار محبت و وداد و يگانگي و اتحاد، سيادت و نقابت آثار، افادت و افاضت دثار، محرم بزم جلالت اساس مخصوص الطاف و اعطاف عنايت اقتباس امين الملک مير محمد معصوم بکري که از اجلهء سادات اين بلادست، و بمزيد مراتب اخلاص و رواتب اقصاص مخصوص و ممتاز، بشرف ادراک ملازمت وعز بساط بوسي محفل فردوس مرتبت فرستاده شد، که مکنونات خاطر دوستي ناظر رابزبان بلاغت بيان معروض دارد، و بعضي مقدمات موروثهء مراتب ودارد بزبان او تفويض نموده شد که بعرض اشرف رساند، مرجو آنست که اين صوب باصواب را از خود دانسته در، گاه و بيگاه، بارسال مراسلات و مکاتبات، وتقرير و تحرير، حالات دلپذير و مقالات بي نظير، خاطر ملکوت ناظر را خوشوقت و خوشحال و مسرور شادکام ميساخته باشند، و برجوع مهمات و مطلوبات که ازين صوب صورت پذير ميشده باشد، مسرور ميفرموده باشند.

همواره انتظام مهلم فرق انام، مفوض براي عالم آرا، و شمشير جهانکشاي آن پادشاه جمجاه ستاره سپاه بوده، کلال و ملال در هيچ باب و هيچ حال پيرمون حواشي خاطر ملکوت ناظر نگر داد.

هميشه حشمتت درچاره سازي         به قادر سوزي عاجز نوازي

سپهرت رام در فرمانروايي             خدايت يار درکشور کشايي

اين دعا را قدسيان از عرش آمين گفته اند!

روانگيءَ جا رند ۽ رستا: مير صاحب ۽ منوچهربيگ احتمال آهي ته گڏيا ويا. دارالسلطنت کان جيسلمير جي رستي بکر پهتا. اتان نڪري ڪهڙي رستي کان اهو قافلو ويو، ڪٿي ڪٿي پهتو، ڪهڙن شهرن مان لنگهيو يا ترسيو؟ انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ وٽ ڪابه مسلسل روايت يا روئداد ڪانه آهي، ڪجهه ڪتبا ملن ٿا، ڪن ڪتابن ۾ ضمناً ذڪر اچي ويو آهي، جنهن جي آڌار تي مير معصوم جي رفت و آمد جي راهه جون ڪڙيون ڪنهن حد تائين متعين ڪري سگهجن ٿيون ۽ ڪن روايتن مان ايران ۾ سندس مشغولين جو به اندازو ڪري سگهون ٿا.

مير صاحب، بکر مان ڪم ڪار لاهي، ذاتي سازو سامان درست ڪري سنڌ ۽ بلوچستان مان ٽپي قنڌار ويو. دلارام فراهه(1) جي رستي تي پٽس مير بزرگ جي لڳايل ڪتبي مان معلوم ٿئي ٿو ته 1012هه ۾ اهو قافلو اتان اڳتي ويو. فراه کان هرات ويو هوندو، جتان تايباد ۾ شيخ زين الدين جي مقبري جي زيارت ڪري، موجوده ايران جي حدن ۾ داخل ٿيو. هن وقت به اهو رستو آهي ۽ مغلن جي دؤر خواه ان کان اڳ ۾ به اهوئي آمدو رفت جو رند هو.

تربت جام: همايون، شير شاهه کان شڪست کائي، سنڌ مان مايوس ٿي، جوڻ مان مڏي پٽي، جڏهن ايران ويو، انهيءَ وقت به اهوئي رستو ڏيئي، تربت جام تي پهتو، ۽ اتي پنهنجي غربت ۽ آوارگيءَ جو يادگار ڪتبو ڇڏيائين، جيڪو اڄ تائين حضرت احمد جام زنده پير جي درگاهه ۾ موجود آهي.(1) مير پڻ اتي پهتو ۽ پاڻ به تربت واري ڪٽهڙي جي اولهائين ڪناري تي هي ڪتبو هنيائين، جيڪو سندس ڪتبن خواهه شاعريءَ ۾ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو:

مرشد نامي شيخ گرامي       احمد جامي عمر بره

سال وفاتش گر تو بجوئي     احمد جامي قدس سره

حرره محمد معصوم بکري نامي 1012 هه (2)

اندازو آهي، بلڪ قرين قياس به اهو آهي، ته بحيثيت اديب ۽ شاعر  جي ۽ نسبي سلسلي جي سبب، اڳتي هلي، واٽ تي لنگر ڳوٺ ۾ شاهه قاسم انوار جي مزار جي زيارت به ڪئي هوندائين. انهيءَ کان پوءِ پنهنجي تاريخي ذوق جي تسڪين لاءِ ضرور سبزوار ۽ نيشاپور پهچي، عطار ۽ خيام جا مقبرا ڏسي، مشهد مقدس پهتو هوندو. امام رضا جي زيارت بعد امام غزالي ۽ فردوسي طوسيءَ جي مقبرن تي به ضرور پهتو هوندو. هر راهرو لاءِ اهي مقامات جاذب ۽ ڪشش جو سبب آهن. امام رضا جي سلسلي ۾ سندس هيٺيون قصيدو انهيءَ موقعي جو آهي، جنهن لاءِ تقي ڪاشي لکي ٿو:

”قصيده ايست که درين سفر خير اثر بشرف زيارت، حضرت امام الجن والانس، سلطان الاوليا و برهان الاصفيا، شفيع المذنبين يوم الجزا علي بن موسيٰ الرضا (عليه افضل التحيت و الثنا) رسيده، درسلک نظم مرتب نموده اند(1).

قصيدو

خواهم سري بگنبد مينا بر آورم
زين دامگه سري بتماشا بر آورم

 

از آه، دمبدم بفلک، نردبان نهم
خود را ازين نشيب ببالا بر آورم

 

آراستند از پيء ما، باغ خلد را
خواهم سري بديدن آنجا بر آورم

 

خواهم بسان روح، مجرد شوم زخود
تا خويش را بمسگن عليا برآورم

 

پرواز کرده دل بسوي قاف قرب دوست
هردم زشوق، شهپر عنقا برآورم

 

زين نقش پاي ناقه، که هرروز گم شود
پي گيربي کنم، پي اين پا برآورم

 

خواهم چوگردباد کنم دهر، گر دمي
پرکار وش سر از خط دنيا بر آورم

 

دنياست کم زيک سرموي، کجا ست چشم
کاين موي را ز ديدهء بينا برآورم

 

هرشب درين رواق بلند، از شگاف صبح
خورشيد وار سربتماشا برآورم

 

زاهن دليء دوست، اگر ناله ميکنم
آتش چو برق از دل خارا بر آورم

 

تا دامنش کشم بسوي خويش، دمبدم
دست هوس، زجيب تمنا برآورم

 

از شوق ماهروي تو، برهرسر نگاهه
چشمي دگر، زبهر تماشا برآورم

 

در آرزوي روي تو، هر شام تا سحر
دست ازپيء دعا بتقاضا برآورم

 

درد ترا، بقيمت صدجان، خريده ام
مشکل دگر که، دل بمداوا بر آورم

 

بندم زبان گفت وشنو، زاهل روزگار
حرفي ز وصف خسرو والا برآورم

 

در مدحت علي رضا، شاه اوليا
هردم زبان چو بلبل گويا برآورم

 

از بهر طرف مرقد آن شاه جن و انس
خواهم ز ديده از مثره ها پا برآورم

 

اول قدم، بکرسي خورشيد، پانهم
تا سر ازان حريم معلا برآورم

 

بوسم چو آستان درش را بکام دل
کام دل هزار تمنا برآورم

 

خواهم پي مشاهده چون خوشهء عنب
سر تا بپاي، ديده ز اعضا برآورم

 

بينم گه سجود درش عرش زيرپا
شد فرض ازان که سجده مثنيٰ بر آورم

 

از بس که بيکنار بود ابر بخششت
من دامن اميد چو دريا برآورم

 

کلک مراست معجزهء عيسوي ازان
از نوک خارش، اينهمه خرما بر آورم

 

گردد قلم عطارد و خورشيد محبره
از آستين چو دست باملا برآورم

 

هر گه که مشکبار شود دوده ام زکلک
دود از دماغ عنبرسا را برآورم

 

در روزگار، مايهء کان دگر شود
هر نکته، کان ز کلک گهر زا بر آورم

 

هنگام فيض بخشي و وقت اجابتست
نامي بيا که، دست، دعا را برآورم

 

يارب!  بحق قبلهء هشتم شهيد طوس
کاندم که جان ز قالب سودا برآورم

 

جسم مرا به مشهد آن مقتدا، سپار
تا آنکه، سر ز جنت اعليٰ بر آورم
 

ڪاشان: مير صاحب اوائل 1012هه ۾ ڪاشان پهتو، جتي ڪجهه ڏينهن سندس قيام رهيو. ”خلاصة الاشعار“ جي مؤلف تقي ڪاشي (946 – 1037هه) سان اتي سندس ملاقاتيون ۽ صبحتون ٿيون. انهيءَ تذڪره نگار مير صاحب جي صورت ۽ سيرت جي نقش و نگار نهايت محبت ۽ احترام سان پيش ڪيو آهي. سندس علم و فضل، شرافت ۽ انسانيت، شعر وسخن. دوستي ۽ دوست نوازيءَ جي تعريف هن ريت ٿيل آهي:

”هن (ڪاشيءَ) انساني صورت ۾ گويا ملائڪ ڏٺو، هڪ دنيا ذاتي صفتن سبب سندس مسخر هئي، گويا ملائڪ ڏٺو ڳالهه ٻولهه ۾ وهندڙ پاڻيءَ وانگر روح کي راحت ٿي پهتي. سندس طبيعت جي لطافت روح جي جوهر جيئن فرحت بخش ۽ غم وڃائيندڙ هئي. حلم، شفقت، مرحمت، وقار، تمڪنت، جلال ۽ ڪمال سڀئي منجهس يڪجا هئا“(1).

اها لفاظي يا سکڻي واکاڻ نه آهي، بلڪ مجموعي طرح مير صاحب جي سڄيءَ زندگيءَ تي يا سندس ڪتبن جي عبارتن ۽ آثارن تي نظر ڪجي ٿي ته هڪ هڪ لفظ صحيح ۽ سچو معلوم ٿئي ٿو.

جودو سخا ۾ نام آوري؛ مير صاحب جتان جتان لنگهيو ٿي، اتي اميرن ۽ سرڪاري منصبدارن سندس استقبال ڪيو ٿي، ۽ شايان شان آدرڀاءُ ۽ دعوتن جو اهتمام ٿي ڪيو. انهن مان هر هڪ کيس تحفا تحائف ڏيڻ جي ڪوشش به ڪئي. پر هن شاهاڻي مزاج رکندڙ امير ۽ سير چشم سيد زادي نهايت نرميءَ ۽ سليقي سان انڪار ڪيو ٿي. تقي ڪاشي لکي ٿو ته: الٽو پاڻ هر هڪ کي سوکڙيون ۽ سوغاتون ڏيندو ٿي ويو. جيڪو ساڻس مليو ٿي، جيڪو وٽس لنگهي ٿيو ويو، يا جنهن سان ڏيٺ ويٺ ٿيس ٿي، تنهن کي انهيءَ جي  لائق تي، ڪانه ڪا سوکڙي ۽ تحفو ڏيئي ٿي ڇڏيائين، اهڙي نموني سان سڀني کي احسانمند بنائيندو ۽ پنهنجو گرويدو ڪندو ٿي ويو(1). هر نهج، هر وجهه ۽ هر طبقي جي ملاقاتيءَ کي هن زيربار منت ڪيو. عالم، اديب، شاعر حتاڪ مجلسي (ظرفا) ماڻهن تائين ڪنهن کي به خالي هٿين پاڻ وٽان وڃڻ نه ڏنائين.

اهو طريقو ۽ وتيرو ڇڙو ڪاشان ۾ اختيار نه ڪيائين، بلڪ سڄي سفر کي اهڙي شان ۽ سومان سان طئي ڪندو، مير صاحب پنهنجي سفر کي داستان ۽ ضرب المثل بنائيندو، شهرن مٿان شهر لتاڙيندو ٿي ويو. هڪ ته اڪبر جو ايلچي هو، تنهنڪري پنهنجي بادشاهه جو شان نظر ۾ هئس، ازان سواءِ سيد جي پنهنجي افتاد طبع به شاهاڻي هئي، تنهنڪري جيڪي ڪيائين ٿي سو وڙ به هو ۽ کيس سونهين به پيو.

تبريز: تقي  ڪاشيءَ جو قول آهي ته مير ڪاشان مان تبريز ويو، جتي آب و هوا سبب ترسي، رستي جو ٿڪ لاٿائين (2) پنهنجن ماڻهن کي به ساهي پٽڻ جو موقعو ڏنائين. اتي ترسڻ جو هڪ اهو به سبب هو، جو شاهه عباس ايروان ۾ عثمانين سان جنگ ۾ مصروف هو. اڳتي جي پروگرام لاءِ بادشاهه جي اجازت ۽ حڪم جي ضرورت هئي.

خيال آهي ته مير صاحب مشهد کان پوءِ وري (موجوده تهران) آيو، جتان قم ۽ قزوين، ڪاشان، زنجان، سلطانيه، بروجرد، همدان سنندج، مراغه جي رستي کان تبريز پهتو.

آذر بائيجان: صفوي بادشاهن جو خاندان اصل ۾ آزربائيجان جو هو. اردبيل سندن وڏن جو زد بوم ۽ آخر ۾ مدفن به آهي. تبريز گاديءَ جو مرڪز پڻ ڪجهه وقت رهيو، ويهن سالن کان عثماني ترڪن جو تبريز، نخجوان ۽ ايروان جي حصي تي قبضو هو. شاهه عباس پنهنجي انهيءَ آبائي ملڪ کي واپس وٺڻ لاءِ انهيءَ زماني ۾ لشڪر ڪشي ڪئي هئي.

شاهه عباس 7 ربيع الثاني 1012هه جو اصفهان مان نڪتو، تبريز تائين پهچڻ ۾ کيس ٻارهن ڏينهن لڳا اصفهان دولت آباد ڪاشان قزوين ميانج تبريز(1) اهو  رستو هن ورتو، امڪان آهي ته مير معصوم به ساڳيو رند راهه ورتو هجي. بهرحال وضاحت ڪانه آهي. ڀانئجي ٿو ته ربيع الثاني 1012 هه کان پوءِ جمادي الاول يا جمادي الثاني ۾ مير صاحب ڪاشان پهتو، جڏهن ته بادشاهه آزربائيجان ويل هو.


(1)  حبيبي ، تاريخ افغانستان، ص 301.

(1)  ڪتبي جي تصوير ڏسو، رياض الاسلام، ص 46.

 (2)  هيءُ ڪتبو محمد حسين آزد پنهنجي سفرنامه ۾ (ص169) شايع ڪيو ۽ تذڪره ميخانه ۾ گلچين معاني عرفات تان نقل ڪري ڏنو (ص 116). راقم الحروف مزار جي زيارت ۽ ڪتبي جي ڏسڻ لاءِ ٻه دفعا ويو آهي ۽ تصوريون ڪڍيون آهن، شيخ احمد جام وڏي پايي جو بزرگ ۽ صوفي آهي. ڪيئي ڪتاب سندس سلسلي جا آهن. حافظ شيرازيءَ هيٺيون شعر سندس شان ۾ چيو آهي:

حافظ مريد جام جم اَست، اي صبا! برو

وزبنده، بندگي برسان شيخ جام را.

(1)  مجلهء پارس، ص9.

(1)  ... ملکي ديدم بصورت شخصي مصور. و عالمي در تحت همت ذاتي مسخر، محاورتي چون آب روان روح افزائي و لطف طبعي چون جوهر روح غمزدائي... لطف و حلم و شفقت و مرحمت با وقار و تمکين و جلال و کمال بريک بساط جا داه... “ پارس، ص7.

(1) ... در مدت عبور بر بلاد بادشاه جهانگير... هرجا که اقامت ميکرد، از هيچ حاکمي و سرداري برسم ساوري و علوفه و تکلف و پيشکش چيزي بلکه پشيزي و تحفهء بل حبهء قبول نکرد... و هيچ کس از کبار امراي خراسان و عراق و کرمان و آذربائيجان و اران و معارف اهل دولت و حکومت و مشاهير فضلا و شعرا و ظرفا و ارباب استحقاق نماند که ازوي بقدر همت و بقدر احساني نرسيد. و مشمول امتنان او بقدر يسورو و استعداد، نگرديد. وبي مبالغه کسي بروي سلامي نکرد که بانعامي محظوظ نگشت و اکرامي ننمود که به سوغات و لباس تشريفي ملبس نشد... “ (پارس، ص 7).

(2)  تقي کاشي لکي ٿو؛.. آنجناب از بلدهء کاشان باتنسوقات و اموال پادشاه بحر و بر و فيول جبال پيکرو خيول و اسپال باد رفتار و واقشمھ و اجناس بيشمار، متوجهه تبريز شد. و قبل از وصول جناب مير باردوي همايون پادشاه ملک سان اعدا مال، آن بلاد را فتح کرده و مسخر ساخته متوجه ايرون گشته بود. لاجرم حضرت سفارت پناه روزي چند در تبريز بوالسطهء برودت هوا و آسايش ملازمان توفق نمود (پارس، ص 8).

(1)  عالم آرائي 638.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org