سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

 معصوم بکري

باب-24

 

صفحو :22

 

باب چوويهون

يادگار ۽ آثار

مير معصوم کي يادگار قائم ڪرڻ، رفاهي عمارتن ٺهرائڻ، آرام گاهه جوڙائڻ، مسجدون تعمير ڪرڻ ۽ سفر ڪندي ڏيک وارن جاين ۽ جبلن تي نشانيءَ طور ڪتبن هڻڻ جو بي پناهه شوق هو. عمارتن جي سلسلي ۾ ته ڪن چند مغل اميرن جو نالو شايد وٺي سگهجي ، ليڪن ڪتبن هڻڻ جو ڏانءُ ۽ شوق مير جو خاصو هو، ٻيو ڪوبه معاصر انهيءَ ڏس ۾ سندس شاني شريڪ نه ٿيو. ڪنهن واحد شخص جا ايترا ڪتبا شايد تاريخ ۾ ملي نه سگهندا جيترا هڪ مير هڻايا. در حقيقت دنيا جي بي ثباتيءَ ۽ انسان جي فاني هجڻ کان مير ايترو ته متاثر هو، هو هن هنڌين ماڳين ڪتبا هڻي پاڻ کي يا پنهنجي نالي کي زنده رکڻ ٿي گهريو. ڪتبن تي جيڪي اشعار اڪريا ويا آهن، انهن ۾ اهوئي جذبو ڪار فرما نظر اچي ٿو. دنيا جي بي ثباتي ، درس عبرت، حيرت، بخشش گناهه، جزا سزا، مغفرت لاءِ دعا طلبي اهي آهن مضامين جيڪي مير جي رباعين جو مرڪزي نقطو آهن مضامين، جيڪي مير جي رباعين جو مرڪزي نقطو آهن ۽ ڪتبن جي شعرن ۾ نظر اچن ٿا. انهن مضمونن منجهان مير مرحوم جي ذهن جي هلچل، مزاج جي ڪيفيت ۽ سوچ جو لاڙو معلوم ڪري سگهجي ٿو. مثلاً: هن قسم جا شعر جتي ڪٿي ڪتبن تي نظر ايندا:

ترا گر آسمان منزل نشين است
هم آخر جاي تو زير زمين است

 

شاديء زمانه جز غمي بيش نبود
وين عمر گرانمايه دمي بيش نبود
سوداي بتان جز المي بيش نبود
خوننابهء ديده جز نمي بيش نبود

رفتيم ازين ميانه، ياران! رحمي
برحال خراب دلفگاران رحمي

چون خاک شديم و خاک مگشت غبار
رحمي! رحمي! ! بخاکساران رحمي
 

ما آمده بوديم درين باغ بگشت
چون ابر بروي سبزه، چون باد بدشت
چون نرگس پرخمار ناگه، ازخواب
تاچشم کشاديم زهم، عمر گذشت
 

انهيءَ رنگ مان واضح آهي ته مير صاحب تي هن فاني دنيا ۽ بي بقا زندگيءَ جي سموري خرخسي ۽ قمام جو ڪيڏو نه شديد احساس هو. ازان سواءِ مير صاحب جي شعر جو، ڪتبن جي عبارتن ۽ انهن جي ڪثرت جو جيڪڏهن تجزيو ڪبو، ته مير صاحب خود مجسم ٿي، تصور ۾ اڀري اچي ٿو يعني هڪ پروقار ۽ سنجيد و چهرو، نهايت متين، متفڪر ۽ هميشه سوچ ۽ اونهن خيالن ۾ مبتلا رهندڙ، بزرگ صورت انسان ۽ شانائتو پريو مڙس.

مير صاحب جا يادگار ڪٿي ڪٿي آهن، ڪيترا آهن، ڪيترا مٽجي ويا؟ تنهن جو ڪو تفصيل يا تحقيق ٿيل انگ ڪونه آهي. بهرحال هندستان ۾ جتي جتي ويو، اتي پنهنجي قدمن جا نشان ضرور ڇڏيائين. بکر ۽ سکر ته سندس وطن هو، اتي هن جيڪي يادگار ٺاهيا سي نسبتاً پائدار رهيا ۽ خاندان جي موجودگيءَ سبب انهن جي نگهداشت به ٿيندي رهي، جنهنڪري اڄ گهڻي ۾ گهڻا يڪجاءِ اتهن ئي موجود ملن ٿا. ”ذخيرت الخوانين“ جو مصنف انهيءَ ذوق جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

”عمارتن ٺاهڻ جو شوق تمام گهڻو هوس. پاڻ ڪتبه نويس ۽ خوش خط هو. ايروان ، نخجوان، تبريز، اصفهان، قنڌار، ڪابل، ڪشمير، هندستان ۽ دکن، غرض ته جتي پهتو اتي پنهنجي شعرن سان مزين ڪتبا ٺاهي هنيائين“.(1)

عمارتن ۽ واڻره واري شوق متعلق ساڳيو مصنف لکي ٿو ته:

”ڪيترن شهرن ۽ هنڌن تي مسجديون، سرايون، پليون، کوهه ۽ رباط ٺهرايائين، سکر شهر ۾، جيڪو سندس وطن آهي، اتي خاص طرح تمام سهڻيون ۽ عاليشان عمارتون جوڙيائين. جن جي چوگرد ڇانوهري لاءِ بڙ جا وڻ پوکي، انهن کي سينگاريائين“.

عمارتن جو تفصيل بيان ڪندي ڄاڻائي ٿو:

”درياهه پنجاب تي جيڪو بکر واري قلعي جي چوڌاري وهي ٿو، ”ستياسر“ نالي عمارت  تعمير ڪيائين جنهن جو مثال روءِ زمين تي ملڻ مشڪل آهي. ”گنبذ دريائي“ مان تعمير جي تاريخ (1007 هه) ڪڍيائين. پنهنجو قبرستان پهاڙ مٿان، جنهن جي سامهون باغ آهن ۽ درياهء، اهڙيءَ طرح تيار ڪرايائين، جو انهيءَ جو ثاني ملڻ ممڪن نه آهي. منجهس هڪ مناور دهليءَ جي مناري جهڙو ٺهرايائين جيڪو ويهن ڪوهن تان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ۽ انهيءَ ساڻ گڏ سهڻو گنبذ سرن سان جوڙايائين، اهڙيءَ طرح ڄڻ ڍلائي ٿيل آهي. انهيءَ جي ڀرسان پٿر جي چوڪنڊي آهي، جيڪا قيامت تائين قائم رهڻ جهڙي مصبوط آهي. والد، ڀاءُ ۽  پنهنجي قبر انهيءَ ڇت تي اُڪر ڪرايائين، جيڪا سندس قبر مٿان آهي. آهي. 99 نالا ذات باري تعاليٰ جا پر انهيءَ تي اڪريل آهن . اڄ 60 ورهيه ٿي ويا آهن، انهيءَ عمارت ۾ هڪ ڏار يا چير نه پيو آهي.“(1)

 انهيءَ گهريلو جاين جي متعلق ساڳئي مصنف جو قول آهي:

پاڻ حويليءَ جي جاءِ کي هٿ نه لاتاين، اها جيئن هئي تيئن رهڻ ڏنائين، ٻين جون جايون پڻ ساڳي نوع جون هيون. فرمائيندو هو ته؛ عمر تي اعتماد نه آهي، مون کان پوءِ متان ڊڄي وڃن تنهنڪري جيئن آهن تيئن ڀل رهن. مسجد جي اڳيان ويهه بيگا زمين وٺي انهيءَ ۾ نهايت سهڻو باغ رکيائين گلن جا وڻ ٻوٽا ۽ ميويدار درخت طرحين طرحين مهيا ڪيائين. ماڻهن انهيءَ مان ڏاڍو سک ورتو، گهمي ڦري فرحتون ڪندا رهيا“(2).

باغ جنهن جو ذڪرآيو، مير صاحب رفاه عام جي لحاظ کان ٺهرايو، ورنه هن ناپائدار دنيا ۾ پنهنجي سک لاءِ ڪابه شاندار ۽ امارت جي شان مطابق ڪابه عمارت ڪانه ٺهرايائين. تحت الشعور ۾ اهوئي بي ثباتيءَ وارو جذبو ڪار فرما رهيو جنهن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.

”ماثر الامرا“ جي مؤلف ”ذخيرت الخوانين“ جي مٿين عبارت کي اختصار سان آندو آهي ۽ مير جي عمارت سازيءَ واري ذوق کي ۽ يادگارن ٺهرائڻ واي مشغلي کي ساراهيو اٿائين.

زماني جي گردش مير جي ڪيترن يادگارن کي مٽائي ڇڏيو آهي، جيڪي ڪجهه بچي ويا آهن، تن جي به اها اصلي صورت نه رهي آهي، تاهم شڪر آهي ته ڪي نشانيون اڃا آهن جن مان ڏسندڙ عمارت سازيءَ جي نوع ۽ مير جي ذوق جو اندازو ڪري سگهي ٿو. هتي هر هڪ انهيءَ يادگار جو جيڪو اڄ موجود آهي جدا جدا عنوان هيٺ سالوار ذڪر ڪجي ٿو:

عيد گاهه روهڙي 1002هه

سڀ کان پهرين عمارت موجود جاين ۾ روهڙيءَ جي عيدگاه جي آهي جنهن جو بنياد 1002 هه ۾ پيو . انهيءَ مان ظاهرآهي ته مير مرحوم جيئن وطن ۾ جاءِ نشين ٿيو تيئن يقيناً عوام جي تقاضا تي ۽ ضرورت جي بناءَ تي پهريون مذهبي عمارت جو بنياد وڌو. روهڙيءَ شهر جي اولهه ۽ ڏاکڻي ڪنڊ تي سڀ کان بلند ٽڪريءَ تي محراب ۽ حد بنديءَ جي ديوار ڪڍرائي عيد گاه ٺهرائي وئي، سکر کان درياه جي ڀڪ تان ڏسڻ ۾ اچي ٿي.

اولهه واري ڀت ۾ محراب ۽ مصلو ۽ ديوار جي ٻنهي ڪنڊن تي پاوا آهن جن مٿان ننڍا گنبد آهن. درمياني هشت پهلو خوبصورت چوني جو پڪو گنبد ۽ هيٺان محراب آهي، جنهن جي پيشانيءَ تي هي ڪتبو آهي؛

(1) سيادت پناه امير محمد معصوم
 

نامي بن سيد صفائي بنا نهاد.
 

 (2) مير معصوم ساخت برسر کوه
 

عيد گاه بفيض همچو  ارم
 

 (3) پير فکرت برائي تاريخش
 

عيد گاه، بفيض کرد رقم
 

        عيد گاه آخري مرتبو راقم الحروف 1962ع ۾ ڏٺو هو، انهيءَ وقت معلوم ٿي ٿيو ته هر سال مرمت ٿي رهي آهي. البت ميدان تي فرش ڪونه هو. وسيع ايراضي عيدگاه هيٺ آهي، جنهن تي 6-7 هزار ماڻهو هڪ وقت نماز پڙهي سگهن ٿا، ڀانئجي ٿو اهو عيد گاه مخصوص روهڙيءَ ۽ بکر وارن لاءِ هو. نئين ۽ پراڻي سکر لاءِ ضرور ڪو ٻيو انتظام  هيو، آهي.

(2) چؤڪندي قبرستان 1002هه

مير جي قبرستان ۾ ٽي عمارتون مکيه آهن، چوڪنڊي جنهن هيٺان بنيادي قبرون آهن،  منارو ۽ آرام گاهه هشت پهلو. مير صاحب سنڌ جي جنگ مان فارغ ٿي جڏهن موڪل جو زمانو سکر ۾ رهڻ آيو، ان وقت سڀ کان پهريون هن روهڙيءَ واري عيد گاهه ۽ والد ۽ ڀاءُ جي قبرن مٿان پٿر جي چوڪنڊي (ڇٽي) ٺهرائي. پڻس ۽ ڀاڻس هڪ ئي سال ۾ فوت ٿيا ۽ اتي ئي دفن ڪيا ويا هئا. اها جاءِ ظاهر آهي ته بلنديءَ تي ۽ نظاري واري هئي، تنهنڪري انهيءَ کي خاندان جي قبرستان لاءِ منتخب ڪيو ويو. ٽڪريءَ جي سامهون درياهه هو ۽ باغن جي مسلسل وڻراهه، ڪنهن زماني کان پوءِ هيٺائينءَ ۾ موجوده شهرآباد ٿيو.

انهيءَ ايراضيءَ ۾ جيڪا اتهون شروع ٿي ڪليڪٽريءَ وٽ ختم ٿئي ٿي. ڪي ئي اهم قبرستان ۽ خاص ماڻهن ۽ خاندانن جا مخصوص گورستان هئا، جيڪي پوءِ ڦٽندا ويا ۽ انگريزي دؤر ۾ نيون عمارتون ۽ باغ ٺهندا ويا.1930ع تائين ڪيتريون ڦٽل قبرون هتي هُتي موجود هيون، جيڪي اسان ڏٺيون نهايت خوبصورت ۽ ڪاشيءَ جي ڪم جو مٿن جڙاءُ، شاهه محمد مڪي ۽ پورانين جي قبرستان کان سواءِ ٻيو سڀڪجهه برباد ٿي ويو . سلطان محمود بکريءَ جو مدفن به انهيءَ ڊگهيءَ ايراضيءَ مان ڪنهن هنڌ تي هو. جيئين هن بي گناهه انسانن جا گهر ڦٽائي ناس ڪري ڇڏيا تيئن قدرت سندس ۽ سندس گهراڻي جو نالو نشان به مٽائي قبرن جي سرن تائين نيست نابود ڪري ڇڏيو. سواءِ چند نيڪ ماڻهن جي اڄ ڪنهن به ٻئي حمله آور جي قبر ڪانه ٿي ڏسڻ ۾ اچي سنڌ اڄ به موجود ۽ صحيح سلامت آهي، سکر به آهي ته سکر وارا به آهن، ليڪن جيڪڏهن ڪوبه فنا ٿي مٽجي ويو ته هر اهو خوني ۽ رهزن، جنهن ٻين کي مٽائڻ ۽ برباد ڪري پاڻ کي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي،  اڄ نه پاڻ رهيو نه ڪو پونير ۽ نه نالو وٺندڙ موجود تاريخ جو ڇڪر اجهو ائين ٿو حق ۽ ناحق جو پلؤ ڪندو رهي!

قبرستان جو بنياد ته اڳ ئي پئجي چڪو هو، ڪي سادات انهيءَ ڪري اندر دفن به ٿي چڪا هئا، مير معصوم اچڻ سان انهيءَ ايراضيءَ کي ديوار ڏئي انهيءَ ۾ قابل ديد عمارتن جي سٽا ڪئي. سڀ کان اول هن پنهنجي والد ۽ ڀاءُ  وارن قبرن مٿان 1002هه ۾ پٿر جي ڇٽي ٺهرائي، ۽ انهيءَ ۾ ايتري جاءِ رکيائين جو پاڻ سميت خاندان جي چند اهم شخصيتن کي به انهيءَ هيٺان ابدي آرام نصيب ٿيو.

اها چوڪنڊي ورانڊي سميت پٿر جي پاون تي بيٺل آهي،۽ ڇت پڻ پٿر جي آهي، ٽي ننڍا گنبذ مٿان ٺاهيا ويا. پون تي، ڇت جي شهتيرن مٿان ۽ گنبذ جي اندران آيتن ۽ اشعارن جي اڪر ٿيل آهي، جنهن جي تعريف ”ذخيرت الخوانين“ جي زبانيءَ مٿي پڙهي آيا آهيون، ”عمارت سرڪوه“ (1002هه) مان ٺهڻ جو سال نڪري ٿو. چوڪنڊيءَ جو ٿلهو زمين کان 10-15 فٽ مٿي ٿيندو. ڏاڪڻ جي ذريعي مٿي چڙهي قبرن وٽ پهچجي ٿو، بنيادي چؤڪنڊي سان گڏ پوءِ جي دؤر ۾ اوڀر کان ٻي عمارت ٺاهي وئي آهي. مير معصوم واري عمارت اها آهي جيڪا پٿر جي پاون تي بيٺل آهي. انهيءَ عمارت کي 20 پاوا (ٿنڀا) آهن. جن مان 8 خالي آهن، باقي ٻين تي آيتن جي اُڪر آهي. قبرستان جي نقشي ۾ شهتيرن تي نمبر ڏنا ويا آهن، نهن ئي نمبرن جي سامهون شهتيرن مٿان اُڪريل رباعيون ڏنيون وڃن ٿيون. ياد رکڻ گهرجي ته اهي اشعار اتر ۽ ڏکڻ جي ورانڊن تي آهن.

ورانڊن جي شهتيرن تي اشعار.(1)

(1) در وادي عشق بي سپر بايد شد
        در گرم روي همچو شرر بايد شد
(2) گوي، سر خود بجاي پا بايد ماند
        اين ره، ره عشق است، بسر بايد شد
                         ----

(3) نامي! توکه کام خواستي، کام کجاست؟
        در گردش روزگار، آرام کجاست؟
(4) صياد قضا، نهاده دامي ز اجل!
        مرغي که برون جهد، اين دام کجاست؟
                         ----

(5) ديدم چغدي نشسته در صبح پگاه
        بر کنگرهء مقبرهء شروانشاه
(2)
(6) فرياد کنان زروي عبرت ميگفت:
        کو آن همه حشمت؟ و کجا آن همه جاه؟
                         ----

(7) آ نانکه بدهر در تنعم بودند
        هر لحظه بمال و جاه مي افزودند
(8) امروز از يشان اثري پيدا نيست
        يکيک رفتند و زير خاک آسودند
                         ----

(9) از غمزهء مستت همه خون مي آيد
        وز عشق توام بوي جنون مي آيد
(10) نامي و دلي و صد غم، انصافي هست؟
        از عهدهء اين کار، برون مي آيد
                         ----

(11) پيوسته دو ديده لاله گون مي بايد
        دل نيز چوديده، غرق خون مي بايد
(12) وارستگيء، گرت بعالم هوش است
        ديوانگيء به از جنون مي بايد
                         ----

(13) عشقت، نه متاغ هر خريدار بود
        اورا دو جهان، بهاي يکتار بود
(14) گل نيست که، در کوچهء و بازار بود
        يا مشک، که در دکان عطار بود
                         ----

(15) نامي بقضا رو، بتمنا ميرو
        ره جانب آرزو چليپا ميرو
(16) پشتي باميد داده پهلو بمراد
        رو تافته از خود، به پس پا ميرو
                         ----

(17) از دانش کار دهر، ناداني به
        و ز  کردهء ، ترا پشيماني به
(18) چون حاصل کاراين جهان، معلوم است
        ميداني به! وگر نميداني به
                         ----

(19) اي آنکه تو بار بست بر راحلهء
        در خواب شده غافل ازين مرحلهء
(20) بيدار شو و پاي طلب در ره نه
        رفتند همه، تو نيز اين قافلهء
                         ----

(21) نامي! بجهان، نشاط کم مي بينم
        آميخته شاديش بغم مي بينم
(22) بايد که تو اول بجهان پشت دهي
        آخر چو ترا رو بعدم مي بينم
                         ----

(23) ديوانهء عشق را حسابي دگر است
        گر محوشود بخود حجابي دگر است
(24) گر خاک شود، بخاکساريش مي بين
        هر ذرهء خاکش آفتابي دگر است
 

----


(1)  . . . ذوق عمارات بسيار داشت و خود ڪتبه نويس، خوش خط بود. از ابتداي ايروان، و نخجوان، و تبريز، و اصفهان تا قندهار و کابل و کشمير و هندستان و دکن هر جا رسيد از اشعار خود نوشته و برسنگ کنده يادگاري گذاشت“ (1: 203).

(1)   اکثر جا مساجد وسرا ورباط و پل و چاه آب و باولي بنا کرده، خصوصاً شهر سکر که وطن اصلي اوست اورا از عمارات عالي و درخت هاي بر وغيره زيورها پوشانيده و درميان درياي پنجاب، که در گرد و پيش قلعهء بکر جاري است، عمارتي ”ستياسر“ نام بنا نهاد که در روي زمين نيست. تاريخ اورا ”گنبذ دريايي“ يافته (سنه 1007هه) و گورخانه خود را بالاي کوهي که مشرف به باغات و درياي پنجاب ست، آنچنان ساخته که در عالم بمثل وي نشان نمي دهد. اولاً مناره مرتفع که مناره مانند در دهلي يک کهنه يعني يک حصه اومي توان گفت، سر بفلک کشيده از بيست کروه نمايان است و متصل او گنبذ مطبوع، اگرچه از خشت پخته است، اماگويا ريخته است. و در جوار چوکنڊي از سنگهاي کلان که تا در قيامت انهدام ندارد، در ست کرده مقابر پدر و خود زير آنها نموده، و آيات و احاديث که مدل بمغفرت است، بالاي قبر خود در آن گنبذ بخط کتبه کننده برتعويذ قبر نود ونهه نام باري تعليٰ نوشة. شصت سال ازين عمارت گذشته است رخنه ودرزي راه نييافته. . .“ (1: 204.)

(2)  . . . اما در عمارت حويلي دست تصرف را کوتاه داشته مثل عمارت سائر الناس کرده، ميفر مودند که: بر  عمر اعتماد نيست. بعد از وفات من مبادا آن حويلي نزولي شود، الا سر دروازه خانه خود، متصل مسجد پدر، باغيچه در آراضي بيست بيگه راست ساخته، گلهار و درخت هاي ميوه دار را نشانده که تفرج عالم است.“ (1: 204).

(1)  رباعين پڙهڻ وقت نقشي کي سامهون رکيون وڃي.

(2)  شروان (شاوران) گاديءَ جي شهر جو نالو آهي ازمنستان ۾ اهو شهر هو جتان جي بادشاهي کي شروانشاه چيو ٿي ويو. عرب ۽ ايراني حڪمران رهيا آهن. سندن زمانو  (901-1174ع) تائين رهيو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org