سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:8

هڪ طرف يورپ ۽ ايشيا جون طاقتون خطرن کي ٽارڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل هيون ته ٻي طرف اٽيلا وئنڊلن سان اتحاد ڪري ورتو ته جيئن آفريڪا جي خطن تي به قبضو ڄمائي سگهجي.(15) روينا ۽ قسطنطنيہ جي حڪومتن جي وچ ۾ ان اهم صوبي کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ تي سمجهوتو ٿي ويو. باقي سِسلي جا بندرَ ته اڳيئي ٿوڊوسيَس جي زميني توڙي سامونڊي فوجين سان ڀريا پيا هيا. پر جنسيرڪ جنهن پنهنجي عقلمندي ذريعي سڄي دنيا ۾ پنهنجين ڳالهين ٻولهين جو ڄار وڇائي ڇڏيو هو، سندن منصوبن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ۽ هُنن (Huns) جي بادشاهه کي اوڀر جي شهنشاهت تي حملي ڪرڻ لاءِ جوش ڏياريائين؛ ۽ ٿيووري ڇا جو هڪ معمولي واقعو، هڪ تباهه ڪندڙ جنگ جو سبب ۽ بهانو بڻجي ويو.(18) مارگَس جي معاهدي جي رُوح مطابق، دنيوب جي اترئين پاسي کان شين جي ڏيتي ليتي جي منڊي آزاديءَ سان پئي هلندي هئي، جنهن جي حفاظت هڪ قلعي جي ذريعي ڪئي ويندي هئي جيڪا ڪانسٽئنٽيا جي نالي سان مشهور هئي. بربرن جي هڪ فوجي جٿي هن منڊيءَ جي حفاظت جي ڀڃڪڙي ڪندي غير مشڪوڪ واپارين کي يا ته ماري ڇڏيو يا زبردستيءَ سان کين ڀڄائي ڇڏيو ۽ سڄي قلعي کي ڊاهي پَٽ ڪري ڇڏيائون. هُنن (Huns)  هن زيادتيءَ جي پٺڀرائي ڪندي ان کي ’جهڙي ڪرڻي، تهڙي ڀرڻي‘ ڪوٺيو، ويتر اهو الزام لڳايائون ته مارگَس جي پادري سندن حد دخلي ڪئي هئي ته جيئن سندن بادشاهن جي مخفي خزاني کي ڳولي لهي ۽ چورائي وڃي ۽ ندامت سان ڀريل سردار کان هن بيحرمتيءَ واري قدم کڻڻ جي سخت لفظن ۾ پڇا ڳاڇا ڪيائين ته ساڳي وقت رعيت جي اُنهن ماڻهن جو به پُڇاڻو ڪيائين جيڪي اٽيلا جي چنبي کان ڪنهن طرح ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا هيا. بازنطين جي محلات کان انڪار ٿيڻ تي ڄڻ جنگ جو طبل وڄي چڪو هو ۽ شروع ۾ ميسيا وارن پنهنجي حاڪم جي ارادي جي مضبوطيءَ تي کيس تمام گهڻو داد ڏنو هو. پر تڏهن هو خوف ۾ ڪنبي ويا هيا جڏهن ومينئسيَم توڙي ڀرپاسي وارا شهر تباهه ٿي چڪا هيا، ۽ ماڻهن هاڻي ان چوَڻيءَ ۾ اعتبار ڪري ڇڏيو هو ته هڪ خانگي شهري ڀلي ڪيترو به معصوم ۽ عزت وارو ڇو نه هجي، پر هُو ڄڻ ڄائو ئي انڪري هو ته پنهنجي ملڪ جي سلامتيءَ لاءِ ڀلي کيس قربان ڪري ڇڏجي. ماگس جي بشپ، جنهن کي شهيد ٿيڻ جو ڪو شوق ڪونه هو، سڀني مشڪوڪ سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. هُنن (Huns) جي بادشاهه سان هو جرئتمنديءَ سان پيش آيو، پاڪ قسم کڻي پنهنجي لاءِ معافي وٺندي انعام حاصل ڪيائين، بربرن جي بيشمار ماڻهن جي پاڻ ڊيوٽي لڳايائين ۽ دنيوب جي ڪنارن تي مقرر ٿيل وقت تي خاموشيءَ ۾ لڪي حملو ڪيائين ۽ پنهنجي هٿن سان پادرين جي شهر جا گيٽ وڃي کوليائين. منافقت ۽ ڌوڪي سان پادريءَ کي جيڪو فائدو رسيو هو، ان هنن لاءِ ڪيترين ئي وڏين ۽ فيصلائتين سوڀن لاءِ رستو ٺاهي ڇڏيو هو. اليريَن سرحد تي رڳو قلعا ۽ ڪوٽ ٺهيل هيا ۽ انهن منجهان ڪيترا اهڙا هيا جن جو فقط هڪڙو منارو ۽ ان سان گڏ ننڍي فوجي چوڪي هئي، پر ان جي باوجود اُهي قلعا پوءِ به دشمنن جي حملي کي ناڪام بنائڻ لاءِ ڪافي هيا ڇو ته اُهي ڄَٽ هيا ۽ جنگ جي ڪرتبن کان ايترا واقف نه هيا ۽ باقاعدگيءَ واري گهيري ڪرڻ ۾ به اُٻهرائيءَ کان ڪم وٺندا هيا. پر هي ننڍڙيون رڪاوٽون هُنن (Huns) جي طوفاني ٻوڏ جي تيز وهڪري ۾ بنا دير لُڙهي ويون.(19) باهيون لڳائي ۽ ترارن جي طاقت سان هنن وڏين آدمشمارين وارا شهر تباهه ڪري ڇڏيا جن ۾ سِرميَم، سنگيڊونم، رتياريا، مارسينوپولِس، نئيسَس ۽ سارڊيڪا شامل هيا، جتي ماڻهن عمارتن اڏڻ جي سلسلي ۾ فقط هڪ نظم ۽ ضبط جوخيال رکيو هو ته پنهنجي حفاظت ۽ بچاءَ جي تدبيرن کي مضبوط ڪيو وڃي. يورپ جي ويڪرائيءَ وارا ملڪ، جيڪي ايگزين کان هئڊرئٽڪ سمنڊ جي حدن تائين پنج سو ميلن جي مفاصلي تائين بربرن جي حملي جو شڪار ٿي ويا؛ ملڪن تي قبضو ڪري اُنهن کي ويران ڪيو ويو جن کي اٽيلا جي ڪمان ۾ حاصل ڪيو ويو هو. عوام جي هيترين سارين تڪليفن توڙي خطرن به ٿوڊوسيَس جي جيءَ کي نه جهنجهوڙيو ۽ نه ئي هن پنهنجي وِندر ورونهن کان مُنهن موڙيو ۽ ڪڏهن به اها زحمت نه ڪيائين ته رومي فوجين کي پنهنجو منهن وڃي ڏيکاري. پر جن فوجين کي جينسيرڪ جي مقابلي لاءِ موڪليو ويو هو اُنهن کي به تڙ تڪڙ ۾ سِسلي کان واپس گهرايو ويو؛ جيڪي فوجي جٿا فارس طرف هيا اُنهن جي همت جواب ڏئي چڪي هئي؛ البت هڪ فوجي طاقت کي يورپ ۾ جمع ڪيو ويو جيڪي پنهنجن هٿيارن توڙي تعداد ۾ مضبوط ۽ طاقتور هيا، شرط اهو هو ته سندن جنرل حڪم هلائڻ جي جنگي سائنس کان واقف هجن ها ۽ سپاهي اُنهن جي ڊيوٽي جي پابندي ۽ تابعداري صحيح معنيٰ ۾ ڪري سگهن ها. اوڀر جي شهنشاهت جي فوجن کي ٽن لڳاتار حملن ۾ شڪست ڏئي وئي ۽ اٽيلا جي سوڀن جو اندازو جنگي ميدانن تي سندس ڪاميابين ۾ لڳائي سگهجي ٿو. ٻه جنگيون اُٽُس نديءَ جي ڪنارن تي ۽ مئرسنو پولِسس جي ديوارن هيٺان ۽ دنيوب ۽ هيمَس جبل جي وچ ۾ وڏي ميدان تي وڙهيون ويون. جيئن ته رومي فوج، فاتحن جي آڏو سخت دٻاءَ ۾ هئي ته اها ٿريس طرف پٺتي هٽندي وئي ۽ هي اُهو ٻيٽ هو جيڪو زمين جي آخري ڇيڙي تي هيو جتي ٽِين ۽ ناقابلِ تلافي شڪست جو مُنهن کين ڏسڻو پيو. هن فوج جي تباهيءَ ۾ اٽيلا کي ڄڻ جنگ جي سڀني ميدانن جو قبضو ملي چڪو هو. هاڻي هن بغير ڪنهن روڪ ۽ رنڊڪ ۽ بنان ڪنهن رحم جي رتيءَ جي هيليسپانٽ کان ٿرمو پائلي تائين ۽ قسطنطنيہ جي ٻهراڙين سميت ٿريس ۽ مئسيڊونيا جي شهرن ۽ علائقن کي تاراج ۽ نابود ڪري ڇڏيو. شايد هراڪليا ۽ هئڊرئانوپل هُنن جي هن تباهڪاريءَ جي اثرن کان بچي ويا، پر جيڪي شهر جا علائقا پاڙئون پٽجي ۽ زمين تان بلڪل ميسارجي ويا اُنهن جي لاءِ تڪليف جهڙو غير اهم لفظ استعمال ڪيو ويو آهي ۽ اهڙو بُرو حشر اوڀر جي شهنشاهت جي ستر شهرن سان ٿيو هو.(20) ٿوڊوسيَس، سندس محلات ۽ ان جي رعيت جا آرام پسند ماڻهو، قسطنطنيہ جي مضبوط ديوارن ذريعي محفوظ هيا پر تازو اُتي هڪ زلزلي اچڻ جي ڪري اُهي ديوارون لُڏي ۽لرزي ويون هيون ۽ اٺونجاهه وڏا مُنارا ڊهي ۽ ڪري پيا هيا جنهنڪري ديوارن جي وچ ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو هو. بهرحال ان خال جي مرمت ته ڪئي وئي هئي پر وهمن وسوسن جو هڪ خوف هر طرف پکڙجي ويو هو ۽ قدرت ۽ آسماني طاقت ان شاهي شهر کي سيٿيا جي ڌنارن کي بخشي ڇڏيو هو جيڪي روم وارن جي قانون، زبان ۽ مذهب کان بلڪل ناواقف هيا.(21)

ڏکڻ جي مهذب شهنشاهتن خلاف سڀني حملن ۾ سيٿيا جي ڌنارن ۽ ريڍارن جو روَيو جهنگلي جانورن جهڙو هو جنهن ۾ هو هر شئي کي تباهه ڪرڻ طرف مائل رهيا. جنگ جا قانون، جيڪي قومي دولت جي ڦُرمار ۽ ماڻهن جي قتلام تي بندش وجهن ٿا اُهي ٻن اصولن تي ٻڌل آهن: دائمي قاعدن جي ڄاڻ جيڪا سوڀن حاصل ڪرڻ بعد ملي ٿي ۽ ٻيو ته شڪ يا گمان جو انديشو ته جيڪا بربادي يا تباهي اسان دشمن جي ڪريون ٿا متان اُها سڀاڻي اسان کي پاڻ به ڀوڳڻي پوي تنهنڪري جنگ جي قانونن جي پوئواري ڪرڻ ۾ به اعتدال پسندي کي لاڳو ڪجي. پر اُميد ۽ خوف جا هي نازڪ احساس ريڍارن جي قومن جي سوچ ۽ پهچ کان تمام پري آهن. اٽيلا جي هُنن (Huns) جي منصف مزاجيءَ واري ڀيٽ مغلن ۽ تاتارين سان ڪري سگهجي ٿي؛ اها ٻي ڳالهه آهي ته بعد ۾ مذهب توڙي جديد رهڻي ڪهڻي سندن زندگين جي طور طريقن کي بدلائي ڇڏيو هو ۽ مشرقي ملڪن جي تاريخ جي شاهديءَ مان روم جي تاريخ ۾ پڻ نامڪمل اهڃاڻ ۽ ڪيتريون ئي ڪوتاهيون ملن ٿيون. مغلن طرفان چين جي اُترين صوبن کي پنهنجي حڪومت هيٺ آڻڻ کان پوءِ، اهو سنجيدگيءَ سان سوچيو پئي ويو، جنهن ۾ فتح جا جذبا نه پر غور ۽ فڪر جي مشورن وارا ويچار شامل هيا ته، ان وڏي ۾ وڏي آبادي واري ملڪ جي سڀني رهواسين کي نيست ۽ نابود ڪري سندن نالو نشان به ختم ڪري ڇڏجي ۽ جيڪا زمين انسانن کان سواءِ باقي بچي وڃي ته اُها جانورن ۽ چوپائي مال جي چَرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏجي. پر هڪ معزز چيني عهديدار،(22) جنهن قومي پاليسيءَ جا ڪجهه واضح اصول چنگيز خان کي سمجهايا ۽ سندس ئي مداخلت تي هڪ ڀوائتي ۽ غير انساني ڪم ڪرڻ کان کيس روڪيو ويو. پر ايشيا جي ڪجهه شهرن ۾ جن اڳي ئي مغلن آڏو آڻ مڃي ڇڏي هئي، هن غير انساني سلوڪ کي اهڙيءَ طرح روا رکيو ويو جيئن ڪو باقاعدگيءَ وارو نظم ۽ ضبط جو اصول هجي ۽ ان ظالماڻي ڪم جو سڄو الزام فاتح هُنن تي هو. اتان جي رهواسين کي جن سندن مرضيءَ آڏو پنهنجو ڪنڌ جهُڪايو هو، حڪم ڏنو ويو ته هو هڪدم پنهنجا گهر خالي ڪري شهر جي ڀر واري ميدان تي گڏ ٿين، جتي اُنهن کي ٽن جدا جدا حصن ۾ ورهايو ويو. پهرئين طبقي ۾ فوجي چوڪين جا سپاهي ۽ اُهي نوجوان هيا جيڪي هٿيارن کي استعمال ڪرڻ جي اهليت رکندا هيا ۽ اُنهن جي مقدر جو فيصلو بنا دير ڪيو ويو: اُنهن کي يا ته مغلن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو يا وري فوجين جي هٿان هڪدم قتل ڪيو ويو.جن کين نوڪدار نيزن ۽ مُڙيل ڪمانن سان بيشمار ماڻهن کي هڪ گول دائري ۾ بيهاري ختم ڪري ڇڏيو. ٻيو طبقو الهڙ ۽ خوبصورت عورتن جو هو جيڪي هنري ڪمن سان تعلق رکندڙ هيون ته ساڳي وقت اُنهن جو تعلق معزز ۽ شاهوڪار خاندانن سان هيو ۽ جن کان ڏَن يا ڀُنگ وصول ٿِي ٿي سگهيو، اُنهن کي پڻ هڪ جيترن حصن ۾ ورهايو ويو. باقي جيڪي بچي ويا هيا ۽ جن جي زندگي يا موت، هئڻ يا نه هئڻ، فاتحن جي نظر ۾ هڪ جهڙو هو ۽ اُنهن کي بيڪار ۽ فضول ماڻهن جي لسٽ ۾ شامل ڪري کين شهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي ڇو ته اُنهن شهرن مان فرنيچر ۽ ٻيون ڪارائتيون شيون اڳي ئي غائب ڪيون ويون هيون؛ ويتر اُنهن بدنصيب ماڻهن مٿان ٽئڪس فقط ان ڪري مڙهيو ويو ته هو اتان جي شهرن جي تازي هوا پنهنجي زنده رهڻ ۽ ساهه کڻڻ لاءِ ته ضرور استعمال ڪندا هوندا. ماڻهن سان مغلن جو روَيو اهو ۽ اهڙو هو ۽ اهو به تڏهن جڏهن کين ناقابل- برداشت اذيتن ۽ تڪليفن ڏيڻ جي سائنس جي خبر ئي ڪانه هئي.(23) پر معمولي ڳالهين يا ماڻهن طرفان پروگرام يا ارادي جي تبديلي يا اُٻهرائي وغيره جهڙا غير اهم عمل به کين ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي وڃڻ جو سبب بڻبا هيا ۽ پوءِ اهڙن سڀني ماڻهن کي گڏي قتل ڪري ڇڏيندا هيا ۽ اهڙن ئي معمولي سببن جي ڪري هو آباد ۽ سهڻن شهرن کي تباهه ڪري ڇڏيندا هيا ۽ اهڙن موقعن تي رحم يا احساس جي رتي به منجهن ڪانه هوندي هئي ۽ هنن کي اڪثر ايئن چوندي ٻڌو ويو هو ته؛ ’گهوڙن کي ان زمين تي بغير ٿاٻڙجڻ جي سدائين هلندو ۽ ڀڄندو رهڻ گهرجي جتي هو اڳي بيهندا يا ڊوڙندا هيا.‘ خراسان، مارُو، نيشاپور ۽ هرات منجهان ٽن گادي جي هنڌن کي چنگيز خان جي فوجن تباهه ڪري ڇڏيو هو ۽ جِن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو هو اُنهن جو صحيح تعداد ستيتاليهه لک ستيتاليهه هزار ٻڌايو ويو آهي.(24) تيمور يا تيمور لنگ کي اهڙي وقت ۾ تعليم ڏياري وئي جيڪو دؤر بربريت وارو گهٽ هيو ۽ هو مسلمان مذهب سان تعلق رکندو هو، تنهن هوندي به اٽيلا جي ظالماڻين ڪارواين کي فقط تيمور لنگ(25) سان ئي ڀيٽي سگهجي ٿو؛ شايد ڪو تاتاري يا هُن (Hun) ئي ’خدا جي لٺ‘ جي خطاب جو حقدار ٿي سگهي ٿو.(26)

اها ڳالهه وڏي جرئت سان چئي سگهجي ٿي ته هُنن، (Huns شهنشاهت جي صوبن کي، ماڻهن کان خالي ڪرڻ شروع ڪيو هو جنهن ۾ گهڻو ڪري روم جا ماڻهو متاثر ٿيا ڇو ته اُنهن کي پڪڙي قيد ڪيو ويندو هو. جيڪڏهن اُهي ماڻهو ڪنهن علقمند قانوندان يا اسيمبلي جي ميمبر جي ڇانوَ هيٺ هجن ها ته اهڙا محنتي ماڻهو سيٿيا جي بيابانن ۾ يقينن پاڻ کي هنرن يا ڪاريگرين ۾ ڪارآمد ثابت ڪن ها، پر هي قيدي جن کي جنگين جي کاڄ ٿيڻ لاءِ نِيو ويو هو، کين مختلف جٿن ۾ ورهايو ويو ۽ اُنهن لاءِ ان کان سواءِ ٻي ڪا واهه ئي ڪانه هئي ته هو اٽيلا جي هر حڪم جي پوئواري ۽ تابعداري ڪن. اُنهن جي اهميت جو اندازو خود بربرن به ڪيو هو جيڪي ويچارا پاڻ به اٻوجهه هيا پر، بهرحال ايماندار ۽ غير متعصب هيا. اُهي شايد ان مذهبي پيشوا جي اهميت يا قابليت کي ته نه سمجهي سگهندا هيا جيڪو ٽِن خدائن (تثليث) يا ٻيهر انساني روپ وٺڻ جي بحث مباحثن جو ماهر هوندو هو. ان جي باوجود هو هر ان ماڻهوءَ جي عزت ڪندا هيا جنهن جو ڪنهن به مذهب سان تعلق هوندو هيو يا وري عيسائي مذهب جي پرچارڪن جي جذبن جو به قدر ڪندا هيا، ۽ بغير ڪنهن حاڪم جي محل ۾ وڃڻ يا ڪنهن ماڻهوءَ جي ويجهي وڃڻ جي، پنهنجي مقدس ڪتاب جي شهرت ڪرڻ ۾ پنهنجي وَسان ڪونه گهٽائيندا هيا.(27) جيڪي ٻهراڙيءَ جا ڌنار يا مال چاريندڙ ماڻهو هيا، ۽ ٻني ٻاري جي ملڪيت جي اهميت کان بيخبر هيا، ته اُنهن کي ساڳي وقت شهري قانونن جي فائدن يا نقصانن جي به ڪا پرواهه ڪانه هئي؛ ۽ جيڪڏهن ڪو قانوندان ڪا زبردست تقرير ڪندو هو ته اُنکان کين بنهه بڇان لڳندي هئي يا وري کين پري ڀڄائي ڇڏيندي هئي.(28) هُنن (Huns) ۽ گاٿن جي پاڻ ۾ دائمي تعلق جي ڪري ٻن قومي ٻولين ۾ سندن هڪ ٻئي سان رابطو آسان ٿي ويو هو، ۽ خاص طرح بربرن کي لاطيني زبان سکڻ ۽ ڳالهائڻ جو وڌيڪ شوق هوندو هو جنهن ۾ اوڀر جي شهنشاهت جا عام استعمال ۾ ايندڙ فوجي محاورا پڻ شامل هيا.(29) پر کين يوناني ٻولي توڙي سائنسي علمن کان نفرت هئي ۽ هڪ ڏاهو ۽ وڏو فيلسوف جنهن کي فلسفي جي اسڪولن ۾ ته وڏو داد ملندو هو پر ان وقت کيس شرمندگي جو مُنهن ڏسڻو پيو جڏهن سندس ئي هڪ نوڪر جي اهميت ۽ قدرداني کانئُس به وڌيڪ نظر آئي. مشيني ڪمن جي ماهرن جي وڌيڪ اهميت ۽ عزت هوندي هئي ڇاڪاڻ ته اُهي هُنن جون گهرجون پوريون ڪندا هيا. اونيجيسيَس جي خدمت ۾ هڪ عمارت ساز ڪاريگر کي موڪليو ويو، جيڪو اٽيلا کي ڏاڍو پسند ايندو هو، ته وڃي هڪ غسلخانو تعمير ڪري ۽ هي ڪم ذاتي عياشيءَ جو هڪ انوکو نمونو هو، پر ان جي مقابلي ۾ لوهر، رازا، ڊکڻ ۽ فوجي هٿيارن ٺاهڻ جا ماهر ان وقت جي حالتن مطابق وڌيڪ ڪارائتا ليکيا ويندا هيا ڇو ته اُهي ئي جنگ توڙي امن جي وقتن ۾ رولُو ماڻهن جي گهُرجن جو پورائو ڪندا هيا. پر جيڪي حڪيم يا طبيب هيا اُنهن جي عزت ۽ احترام اڃا به گهڻو هوندو هيو، بربر جيڪي موت کان ڏاڍا ڊڄندا هيا، بيمارين کان به خوفزده رهندا هيا، ۽ هڪ مغرور فاتح ان وقت صفا ڏڪِي ۽ ڪنبي رهيو هو جڏهن سندس ئي هڪ قيدي ساڻس گشو ملائيندي کيس چيو ته وٽس ايتري روحاني طاقت هئي جو هو فاتح جي زندگيءَ جا ڏينهن وڌائي به سگهي ٿو ته اُنهن جي حفاظت به ڪري سگهي ٿو.(30) هُنَ پنهنجن مجبور غلامن جي بيعزتي ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا هيا ڇو ته اُنهن مٿان آمراڻن حڪمن هلائڻ جو کين پورو اختيار هوندو هو(31) پر سختين ڪرڻ ۾ به سندن طور طريقو ڪنهن سرشتي يا اصول جو پابند نه هوندو هو ۽ غلامن جي محنت، مشقت يا جرئت جو معاوضو گهڻو ڪري کين آزاد ڪرڻ جي تحفي جي صورت ۾ ملندو هو. تاريخدان پرسڪَس، جنهن جي سفارتڪاري اسان کان وڌيڪ توجهه گهري ٿي، سان هڪ ڌارئي شخص اٽيلا جي ڪئمپ ۾ اڳتي وڌي بيڌڙڪ ٿي ڳالهايو، جنهن کيس يوناني زبان ۾ سلام ڪيو پر سندس ڪپڙا توڙي سندس شڪل شبيهه جا مُهانڊا هڪ دولتمند سيٿيا جي رهواسيءَ جهڙا هيا. وِمينئسيَم جي قيد ۾، سندس پنهنجي چوڻ مطابق، سندس دولت توڙي آزادي ختم ٿي چڪي هئي، هو اونيجيسيَس جو غلام بڻجي ويو پر رومين ۽ اڪٽزئرس جي خلاف سندس خدمتن جي بجا آوريءَ تي سندس مرتبو مقامي هُنن (Huns) جي برابر ڪيو ويو ۽ جن سان هو بعد وارو عرصو به لاڳاپيل رهيو ڇو ته اُنهن لاڳاپن ۾ سندس زوال توڙي ٻارن جا وَچن به شامل هيا. جنگ جي ڦُرمار ۾ سندس حالتون بهتر ٿيون ۽ سندس مالي پوزيشن به ڪافي ٺيڪ ٿي وئي. اڳئين مالڪ جي گهر ۾ اچڻ وڃڻ جي کيس اجازت ملي وئي ۽ هڪ يوناني مرتد، سندس قيد ۾ کيس خوشحال رکيو، ۽ کيس خوشگوار ڏينهن ۽ آزاد فضا ۾ رهڻ جي خوشخبري ڏنائين ۽ اهوئي پُروقار رتبو پنهنجي پوري فوجي نوڪريءَ دؤران حاصل ڪري ورتائين. ايڏي حيثيت ماڻڻ تي ڪجهه اعتراض اُٿيا، جيڪي روم جي حڪومت طرفان اٿاريا ويا پر پرسڪس هڪ ڊگهي پر ڪمزور بحث ذريعي اُنهن جو دفاع ڪيو. اونيجيسيَس طرفان آزاد ڪيل ماڻهوءَ، روم جي شهنشاهت جي زوال ۽ خرابين بابت صحيح ۽ پيرائتي تصوير پيش ڪئي، جنهن جو هو ڪيترن سالن کان پاڻ شڪار رهيو هو. روم جي شهنشاهن جا ظالماڻا روَيا، جن ۾ اها صلاحيت ئي ڪانه هئي ته دشمنن جي حملن يا سازشن کان پنهنجي رعيت جي ماڻهن کي بچائي سگهن، ۽ شڪي مزاج وري ايترا هيا جو پنهنجن ماڻهن کي به هٿيار نه ڏيندا هيا ته ملڪي حفاظت ۾ شريڪ ٿي سگهن. ان کان سواءِ عوام تي ٽئڪسن جي بار به سندن چيلهه چِٻي ڪري ڇڏي هئي ۽ وري ٽئڪسن کي وصول ڪرڻ جو سندن نظام هو جيڪو نهايت ڏکيو ۽ ظالماڻو هيو جنهن ڪري عوام، جيڪو اڳيئي مشڪلن جو شڪار هيو، اُهو هاڻي سخت مصيبتن جي ور چڙهي ويو هيو؛ بيشمار ۽ هڪ ٻئي جي تضاد ۾ قانون ٺاهيل هيا جن تي عمل ڪرڻ ناممڪن هوندو هو. عدالتي نظام ۾ به پيچيدگيون هيون ۽ ڪيس وڙهڻ غريبن لاءِ مشڪل ڪم هوندو هيو، معاشرو ۽ ماحول بگڙيل هيو ۽ اميرن ۽ دولتمندن ماڻهن جو غريبن تي راڄ هوندو هو بلڪ غريبن ۽ مسڪينن جا ڏک ۽ درد بيان ڪرڻ کان ٻاهر هيا. اهڙي ماحول ۾ نيٺ هڪڙي جلاوطن جي دل ۾ حُب الوطني جو ڏِيئو روشن ٿي ويو جنهن ڳوڙها وهائيندي اُنهن مئجسٽريٽن جي ڪمزورين ۽ مئل ضميرن تي ماتم ڪيو جن عقل ۽ ڏاهپ جي عظيم ادارن کي بگاڙي ۽ بدنام ڪري ڇڏيو هو.(32)

اولهه جي شهنشاهت جي رومين پنهنجي بزدلي ۽ خودمطلبيءَ سبب اوڀر جي شهنشاهت کي ڄڻ هُنن آڏو اڇلائي ڇڏيو هو.(33) فوجن جي کوٽ، نظم ۽ ضبط يا ڪردار جي اڻهوند جو پورائو ڪرڻ بادشاهه جي وَس ۾ ئي ڪونه هو. ٿوڊوسيَس وري به اهڙو ضرور هو جو پنهنجن وڏن جي مان شان جو ڪجهه ڀرم رکي ها ۽ اَجيت آگسٽَس واري ڏِکَ به ڏئي ها، پر هن ته اٽيلا جي رحم ۽ مهربانين لاءِ ٻاڏايو ٿي جنهن وڏي هَٺ ۽ آڪڙ مان ذلت وارا شرط مٿن مڙهيا هيا. I. اوڀر جي شهنشاهه پنهنجي مرضيءَ سان يا وري ڪنهن سمجهوتي هيٺ استعيفا ڏئي ڇڏي ته کيس وسيع ۽ وڏي سرحد تان به هٿ کڻڻو پيو جيڪا دنيوب جي ڏاکڻي سرحد کان شروع پئي ٿي يعني سنگيڊيونم يا بلغراد کان نووِي تائين جيڪو ٿريس جو ضلعو هو. شهنشاهت جي ويڪرائيءَ جو تعين بس هڪ عام اندازي موجب لڳايو ويو هو ته اُها پندرهن ڏينهن جي مسافريءَ جيتري ٿيندي، پر اٽيلا طرفان هڪ تجويز آئي ته قومي مارڪيٽ جي جڳهه کي اتان هٽائجي ته پوءِ نئيسَس جو تباهه ٿيل شهر به سندس حڪومت جو حصو بنجي ويندو. II. هُنن (Huns) جي بادشاهه پنهنجي ضرورت مطابق شرط رکيو ته کيس ساليانو ڏَن سونَ جي ست سو پائونڊن مان وڌائي ٻه هزار پائونڊ ڪيو وڃي ۽ ٻيو ته هن اندازو لڳايو هو ته جنگ ۾ جيڪو نقصان ٿيو هو، اُهو لڳ ڀڳ سونَ جي ڇَهن هزار پائونڊن جي برابر هو، اُهو معاوضو به کيس ڏنو وڃي. جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته اهڙا وڏا مطالبا جن جي ڀيٽ ذاتي يا خانگي دولت سان ته ڪري سگهجي ٿي، يا وري جيڪڏهن اوڀر جي شهنشاهت جي حالت به شاهوڪاري واري هجي ها ته پوءِ ته هيترن سارن شرطن جو پورائو به آسانيءَ سان ڪري سگهجي ها پر ماڻهن توڙي ملڪ جي مالي حالت سُڃائيءَ واري هئي ۽ ملڪي ڪاروبار پڻ ڊانوان ڊول ٿيا پيا هيا. ماڻهن کان جيڪي ٽئڪسون وڏي پئماني تي وصول ڪري ڪٺيون ڪيون ويون هيون، اُنهن کي هيراڦيريءَ ذريعي رستي تي روڪي، اُنهن جو رُخ موڙي قسطنطنيہ جي خزاني ۾ جمع ڪرايون ويون. جمع ٿيل دولت کي ٿوڊوسيَس ۽ سندس خاص ايلچين طرفان عياشين ۾ اُڏائي ضايع ڪيو ويو جنهن کي وري شاهي شان شوڪت يا عيسائي سخاوت يا خيرات جهڙن پردن ۾ لڪائي عوام آڏو پيش ڪيو ويو. پهتل دولت کي پهريون ته فوجين جي فوري ضرورتن تي خرچ ڪيو ويو. هاڻي جيڪي سينيٽر هيا اُنهن مٿان پنهنجي هڙان پئسا جمع ڪرڻ جو حڪم مٿن مڙهيو ويو ڇو ته اهوئي هڪڙو طريقو هو جنهن سان اٽيلا جي دولت جمع ڪرڻ واري حرص کي ڪجهه ماٺو ۽ هلڪو ڪري پيو سگهجي؛ پر پنهنجي عزت کي هر صورت ۾ قائم رکندڙ خانداني ماڻهن وٽ، جيڪي خود ڪنگال ٿي چڪا هيا، وٽن ٻيو ڪوبه چارو ڪونه هو سواءِ ان جي ته پنهنجين زالن جا زيورَ عام نيلام ذريعي وڪڻي پنهنجي ناموس کي بچائن ۽ جيڪا دولت يا ڳهَه زيور سندن شاهي محلن ۾ ورثي طور کين مليا هيا اُنهن تان به هٿ کڻن.(34) III. هُنن جي بادشاهه، هڪ قومي قانون جيان، پنهنجو اصول ٺاهي ڇڏيو هو ته هو ان دولت تان هرگز هٿ نه کڻندو جيڪا اُنهن ماڻهن، قبيلن يا قومن کان کيس هٿ آئي  هئي جيڪي پنهنجي مرضيءَ سان يا بغير مرضيءَ جي به سندس حڪومت جي اختيارن هيٺ اچي ويا هيا. هِن اصول مان هُن اهونتيجو ڪڍيو، ۽ اٽيلا جيڪو به نتيجو ڪڍندو هو ان کي اَٽل قانون ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو هو، ته جن هُنن (Huns) کي جتي به جنگ جو قيدي بڻايو ويو هو، اُنهن کي بغير ڪنهن معاوضي ڏيڻ جي آزاد ڪيو وڃي، ۽ روم جو هر قيدي جيڪو قيد مان ڀڄي ويو هو، اُهو پنهنجي آزاديءَ کي سونَ جي ٻارهَن ٽڪرن عيوض خريد ڪري؛ ۽ اُنهن بربرن کي جيڪي اٽيلا جي جهنڊي کي ڇڏي ڀڄي ويا هيا، هڪدم واپس ڪيو وڃي جن لاءِ اٽيلا طرفان کين معاف ڪرڻ جو ڪوبه واعدو يا ضمانت نه هوندي. هن ذلت ۽ ظلم واري ٺاهه تي عمل ڪرائيندي، شاهي آفيسرن کي مجبور ڪيو ويو ته اُهي بيشمار اهڙن وفادار ماڻهن کي به ماري ڇڏين جيڪي اٽيلا جي غير انساني ظلمن کان تنگ ٿي ڀڄي ويا هيا؛ هن معاهدي هيٺ رومين کي مجبور ڪيو ويو ته هو سيٿيا جي ماڻهن سان پنهنجا لڳ لاڳاپا نه رکندا ۽ پراڻيون دوستيون به ختم ڪري ڇڏيندا؛ جنهن ۾ اهو شرط به هو ته هُو عوام جي ميڙ آڏو اعلان ڪندا ته جن به ماڻهن عرضدار بڻجي ٿوڊوسيَس جي تخت هيٺ پناهه ورتي هئي ته اُهو عقيدي جي ڪمي يا طاقت جي ڪمزوريءَ سبب سندن حفاظت ڪرڻ ۾ پوريءَ طرح ناڪام رهيو هو.(35)

مضبوط ارادن جي هڪڙي شهر جيڪو ايترو ته اڻڄاتل هو جو سواءِ هن موقعي جي، اڳ ڪنهن به تاريخدان يا جاگرافي جي ماهر انجو نالو به ڪٿي نه لکيو آهي، شهنشاهه توڙي سڄي شهنشاهت جي گنوايل وقار کي ڄڻ واپس ورائي ڇڏيو هو. عظيمَس يا عظيمنٽيَم جيڪو اليريا جي سرحدن تي ٿريس جو هڪ ننڍو شهر هو،(36) پنهنجي جوانن جي جذبن، اڳواڻن جي ڏاهپ ۽ سندن شُهرت جنکي هنن پاڻ چونڊيو هو ۽ بربرن جي لشڪرن خلاف سندن جرئت ۽ بهادريءَ جي ڪري مشهور هو. عظيمنٽيم جي بهادر ماڻهن، بجاءِ سندن انتظار ڪرڻ جي، هُنن (Huns) جي فوج تي حملن پٺيان ڪامياب حملا شروع ڪري ڇڏيا، جن پنهنجي خطرناڪ پاڙيسرين جي عرضن مڃڻ کان انڪار ڪيو هو، هاڻي هنن سندن هٿن مان پنهنجن قيدين کي آزاد ڪرايو ۽ پنهنجي لٽيل دولت به واپس ورائي، ۽ ڀاڄوڪڙن ۽ ٻين مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪري جوشيلن جوانن جي هڪ فوج ٺاهيائون. نيٺ هڪ سمجهوتو طئي ٿيو، پر اٽيلا اڃا به جنگ جا دڙڪا دهمان ڏئي رهيو هو، پر پوءِ عظيمنٽيم جي عوام ۽ جوانن کي منتون ڪري مڃرايو ويو ته هو به اُنهن شرطن جي پاسداري ڪن جن جي سندن حاڪم اڳ ۾ ئي منطوري ڏئي ڇڏي هئي. ٿوڊوسيَس جي وزيرن شرمندو ٿيندي سچ ڳالهايو ته کين اُنهن بهادر ماڻهن تي ڪوبه اختيار ڪونه هو جن وڏي جرئت ۽ مردانگيءَ سان پنهنجي آزاديءَ جو اعلان ڪيو هو، ۽ هُنن (Huns)  جي بادشاهه هاڻي هيٺاهين واري روَش اختيار ڪندي، عظيمَس جي شهرين سان هڪجهڙائيءَ وارن شرطن تي ٺاهه ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اُنهن ڪجهه ڌنارن جي واپسيءَ جو مطالبو ڪيو جن کي ڌَڻن سميت غائب ڪيو ويو هو. هڪ سخت پر اجائي پڇا ڳاڇا جو سلسلو شروع ڪيو ويو پر هُنن کي قسم ساکَ تي يقين ڏيارڻو پئجي ويو ته وٽن شهر جو ڪوبه قيدي موجود ڪونه هو؛ ان دوران هُنن (Huns) جا ٻه ساٿي ظاهر ٿيا جن کي عظيمَس جي شهرين پنهنجين ڪجهه ساٿين جي غائب ٿيڻ سبب، يرغمال بنايو هو. پنهنجي طرفان اٽيلا ڌوڪي واري ان يقين ڪرائڻ تي مطمئن هو ته باقي قيدين کي قتل ڪيو ويو هو ۽ اهو سندن معمول هوندو هو ته هُو رومين ۽ انهن ڀاڄوڪڙن کي ختم ڪري ڇڏيندا هيا جن اڳ ۾ وفادارين جو يقين ڏياريو هو. هن دورانديشي واري عجيب و غريب ٻهروپيائيءَ کي شايد دليل بازن طرفان نِنديو ويندو يا وري معاف ڪيو ويندو ڇو ته اهو طريقو سينٽ آگسٽائين جي سخت فيصلن، سينٽ جيروم ۽ سينٽ ڪرسوسٽم جي نرم مزاجيءَ سان مطابق رکندڙ هو، پر هر سپاهي، هر دانشور ۽هر شعور رکندڙ ماڻهو ان ڳالهه جو اعتراف ضرور ڪندو ته جيڪڏهن عظيمنٽيمَ جي قوم کي همٿايو وڃي ها ۽ اهي وڌي گهڻا ٿين ها ته بربرن کي پوءِ هرگز اها جرئت نه ٿئي ها ته اُهي شهنشاهت جي عظمت کي پنهنجن پيرن هيٺان لتاڙن ها.(37)

اهو واقعي عجيب لڳي ها جيڪڏهن ٿوڊوسيَس پنهنجي عزت گنوائي، پنهنجي لاءِ سُڪون سان رهڻ جي هنڌ کي خريد ڪري ها، پر شرط اهو هو ته سندس بزدلي ساڳين پراڻن زخمن کي دعوت نه ڏئي ها. پنجن يا ڇهن سفارتخانن طرفان بازنطيني درٻار جي بيعزتي ڪئي وئي هئي(38) ۽ اٽيلا جي وزيرن کي هڪ جهڙيون هدايتون مليون ته گذريل ٺاهه تي جهڙو تهڙو عمل ضرور ڪرايو وڃي ۽ جيڪي ڀڄي ويا هيا يا کين ڇڏي ويا هيا اُنهن جا نالا به کين ٻڌايا وڃن جن کي شهنشاهت اڃا به پناهه ٿي ڏني ۽ ساڳي وقت نرم لهجي ۾ اها ڳالهه به واضح ڪئي وڃي ته جيستائين سندن حاڪم هن سلسلي ۾ پوريءَ طرح مطمئن نه ٿيندو ته ان صورت ۾ سندس خواهش جي باوجود به پنهنجن جوشيلن ۽ جذباتي ماڻهن جي ڪاوڙ کي روڪي نه سگهندو. غرور ۽ دلچسپيءَ کان سواءِ ڀي جنهن هُنن (Huns) جي بادشاهه کي ڳالهين ٻولهين ڪرڻ جي سلسلي کي جاري رکڻ تي آماده ڪيو هو، ۽ هو ان ڳالهه تي به سوچي رهيو هو ته پنهنجن خاص ماڻهن کي دشمنن جي خرچ يا دولت ذريعي شاهوڪار بنائي ڇڏي توڙي جو هي طريقو هن جي لاءِ پسنديده ۽ پُروقار نه هيو. سفارتڪارن توڙي سندن سيڪريٽرين جي عهدن تي مقرري ڪرڻ لاءِ ناڻي جي گهرج هئي پر شاهي خزانو پوريءَ طرح خالي ٿي چڪو هو پر اهو قدم امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ضروري به هيو. بربرن جي بادشاهه جي وڏي خوشامد برآمد ۽ هن جي وزيرن طرفان سندس مانَ ۾ وڏو آجياڻو ڏنو ويو جنهن ۾ کيس تحفا ۽ بيشمار سوکڙيون پڻ پيش ڪيون ويون، جنهن تي هن خوشيءَ جو اظهار ڪيو. اڳ ۾ ڪيل هر واعدي تي عمل ڪرايائين جيڪو سندس ماڻهن جي پگهارن يا ٻين مالي فائدن ۾ اضافي جو سبب ٿيندو ۽ پنهنجي سيڪريٽري ڪانسٽئنٽيَس جي شادي(39) اهڙيءَ طرح ڪرايائين ڄڻ ڪو وڏي اهميت وارو مُلڪي ڪم هجي. گالن جو هڪ سپهه سالار جيڪو قسطنطنيہ جي وزيرن وٽ پنهنجون خدمتون آڇيندو هو، جي لاءِ اِيٽيَس، هُنن (Huns) جي بادشاهه کي سفارش ڪئي ته کيس هڪ سٺي خاندان جي دولتمند زال تحفي ۾ ڏني وڃي، جنهن لاءِ هڪ رئيس سئٽرنينَس جي خوبصورت ڌيءُ کي چونڊيو ويو ته اُها ملڪ جي هن ڀلائيءَ واري ڪم ۾ حصيدار بڻجي وڃي. پر هي شِڪار مهانگو پئجي ويو ڇاڪاڻ جو ڇوڪري هن شادي ڪرڻ تي راضي ڪانه ٿي، ڇو ته هن جون ڪي مقامي مجبوريون به هيون ۽ ٻيو ته سندس دولت کي به ضبط ڪيو ويو هو، تنهنڪري سندس عاشق مجبور ٿي پيو*، پر هو اٽيلا جي حمايت ڪرڻ تي اڃا به ضد ڪيون بيٺو هو ته جيڪڏهن اُها نه ته ٻي ڇوڪري هجي جيڪا پهرينءَ جهڙي خوبصورت ۽ خانداني هجي؛ نيٺ گهڻن ڏينهن جي دير ۽ بحثن کان پوءِ، بازنطين جي درٻار کي هن اجنبي شخص لاءِ قرباني ڏيڻي پئي ۽ هڪ شخص آرمئٽيَس جي بيوه تي وڃي ڪُڻو پيو. هوءَ خوبصورت، خانداني ۽ وڏي دولتمند عورت هئي جنهن جو رتبو روم جي عورتن ۾ تمام مٿاهون هو. اهڙن ٻاڏائيندڙ ۽ ڏکوئيندڙ سفارتخانن لاءِ، اٽيلا هڪ مناسب معاوضي جي گهُرَ ڪئي هن ڪجهه مشڪوڪ نظرن سان شاهي سفيرن جي ڪردار ۽ مقرري جي هنڌ جي صورتحال کي تڪيو ۽ توريو، پر هن نيٺ هٺَ کي ڇڏي واعدو ڪيائين ته هُو سارڊيڪا تائين ويندو ۽ انهن وزيرن سان وڃي ملندو جيڪي مئجسٽريٽن ۽ سفارتي مرتبي جيترا مٿاهان هيا. ٿوڊوسيَس جي ايلچي اهڙي رِٿ جي مخالفت ڪندي سارڊيڪا جي سُڃائي ۽ برباديءَ جي تصوير پيش ڪئي ۽ جرئت ڪندي پنهنجي طرفان اها تجويز ڏنائين ته فوج يا هر گهر جي هر آفيسر کي ايترا اختيار سونپيل هيا جو هو سيٿيا جي طاقتور شهنشاهن سان پڻ پنهنجن معاملن بابت ڳالهائي ۽ انهن کي نبيري ٿي سگهيا. مئڪسيمن،(40) جيڪو هڪ معزز درٻاري هيو ۽ جنهن جي قابليت جون ڳالهيون شهرين توڙي فوجين منجهه گهڻيون ئي مشهور هيون، ان ڏکي تجويز کي مجبور ٿي قبول ڪيو جيڪا ساڳئي وقت خطرناڪ به ٿِي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته ان تجويز کي قبول ڪرائڻ لاءِ هُنن جي بادشاهه اٽيلا جي غضبناڪ طبيعت کي ٿڌو ڪرڻو ۽ کيس مڃرائڻو هو. سندس دوست پرسڪَس(41) هن موقعي جو فائدو وٺندي بربرن جي اڳواڻ کي سانت ۽ سڪونت ۾ جاچڻ ۽ پرکڻ شروع ڪيو پر سفارتخاني جو راز، جيڪو نهايت ئي خطرناڪ ۽ شرمساريءَ وارو هو*، وجيليَس جي حوالي ڪيو ويو جيڪو سندن ترجمان هيو. هُنن جا ٻه آخري سفارتڪار جن مان هڪ پنونيا جي صوبي جو هڪ معتبر ماڻهو اوريسٽس هيو ۽ ٻيو ايڊيڪان جيڪو اسڪائري قبيلي جو هڪ سردار هو، ساڳئي وقت تي قسطنطنيہ مان موٽي آيا ۽ شاهي ڪئمپ ۾ هليا ويا. سندن اڻڄاتل نالن کي گهڻو پوءِ شهرت ملي ۽ ان ڪري به وڌيڪ نمايان ٿيا جو سندن پٽ اُنهن جي طبيعتن جي تضاد ۾ هيا، اٽيلا جا ٻه نوڪر، اولهه ۽ اٽلي جي شهنشاهتن* جي آخري حاڪمن جا پيءُ بڻجي ويا.*

سفير صاحبان، جن سان ماڻهن ۽ گهوڙن جي پوري ريل گڏ هئي، پنهنجي پهرين منزل سارڊيڪا ۾ وڃي ڪئي جيڪو قسطنطنيہ کان ٽي سو پنجاهه ميل يا تيرهن ڏينهن جي مسافريءَ جيتري پنڌ تي هو. جيئن ته سارڊيڪا جا ڪجهه بچيل آثار اڃا شهنشاهت جو حصو هيا ته هاڻي روم جي ماڻهن لاءِ لازمي ٿي ويو ته هو مهمان نوازيءَ جو حق سهڻي نموني سان ادا ڪن. کين صوبائي ماڻهن جي مدد حاصل هئي ۽ انهن بيشمار رڍون ۽ ڏاند کڻي ڪُٺا، ۽ هُنن (Huns) کي رات جي شاندار ماني کائڻ جي دعوت ڏني. پر هن خوشگوار موقعي جي خوشي، گڏيل تعصبن ۽ ناشائسته روَين جي ڪري ختم ٿي وئي. شهنشاهه توڙي شهنشاهت جي شان ۽ وڏائيءَ کي وزيرن ۽ هُنن (Huns) طرفان برقرار رکيو ويو پر اهڙيءَ طرح سان جو هر هڪ ڌُر پنهنجي پنهنجي حاڪم کي مٿڀرو ڪيو، جهڳڙي ۽ فساد جي باهه ڀڙڪو تڏهن کاڌو جڏهن وگيليَس ناشائسته ۽ بيجا خوشامد ڪرڻ ۾ لڳي ويو جنهن جذباتي ٿيندي چيو ته ان عارضي رهڻ واري ماڻهوءَ جو هڪ خدائي صفتن واري شهنشاهه ٿوڊوسيَس سان ڪهڙو مقابلو هو، بهرحال وڏي مشڪل کان پوءِ مئڪين ۽ پرسڪَس جي ڪوششن سان بحث جي موضوع کي بدلايو ويو ۽ بربرن جي هَٺَ ۽ ڪاوڙ کي ٿڌو ڪيو ويو. جڏهن اُهي کاڌي جي ٽيبل تان اُٿيا ته شاهي سفارتڪار ايڊيڪان ۽ اوريسٽس کي ريشمي ۽ پَٽَ جا جُبا ۽ هندستاني هيرا تحفي ۾ ڏنا ويا، جن کي هنن مهربانيون مڃيندي قبول ڪيو. ان جي باوجود اوريسٽس هن ڳالهه چوڻ کان رهي نه سگهيو ته کيس سدائين اهڙي عزت ۽ سخاوت سان هرگز نه نوازيو ويو هو، ۽ جيڪو فرق سندس شهري رتبي ۽ سندس ساٿي جي موروثي مرتبي جي وچ ۾ رکيو ويو هو، ان ايڊيڪان کي هڪ مشڪوڪ دوست ۽ اوريسٽس کي اهڙو دشمن بڻائي ڇڏيو هو جيڪو ڪڏهن به وري پرچاءُ نه ڪري سگهي. هن دعوت کان پوءِ هنن سارڊيڪا کان نئسَس تائين هڪ سو ميلن جو سفر گڏجي ڪيو. اهڙي آباد شهر کي، جنهن عظيم ڪانسٽننٽائن کي جنم ڏنو هو، ڊاهي پَٽ ڪيو ويو، رهواسين کي تباهه ڪيو ويو، جيڪي بچي ويا هيا اُهي پنهنجو سِرُ بچائي شهر ڇڏي ويا، ۽ ڪجهه بيمار ماڻهو هيڏي هوڏي نظر آيا پئي ۽ جن ڪليسائن جي کنڊرن جي اردگرد بدحاليءَ ۾ پنهنجي موت اچڻ تائين پنهنجا ڏينهن پورا پئي ڪيا، اُنهن جي هجڻ سان ڄڻ خوف ۽ ڀئو جو ماحول اڃا وڌيڪ ٿي ويو هو. ملڪ جي زمين تي قتل ٿيل ماڻهن جا فقط هڏا نظر اچي رهيا هيا، ۽ سفارتڪار، جن پنهنجي سفر جو رخ اُتر- اولهه طرف رکيو، مجبور ٿي سرِويا جي جبلن جي لنگهه کان گذريا، ان کان پوءِ اُهي بيابانن ۽ ڌٻڻن جي زمين جي علائقي منجهان لانگهائو ٿيا جنهن کي دنيوب ندي جدا ڪري ڇڏي ٿي. هن نديءَ تي هُنن (Huns) جي وڏي مهارت هئي، هو نديءَ ۾ ننڍن بتيلن ۽ ٻيڙين ۾ سير ڪندا هيا جن جا سڙهه يا ٿُڙ وڻ جي هڪڙي ڪاٺ جا ٺهيل هوندا هيا؛ ٿوڊوسيَس جا وزير نديءَ جي هُن پار سلامتيءَ سان وڃي لٿا ۽ سندن بربر ساٿي اُٻهرائيءَ مان اٽيلا جي ڪئمپ ۾ هليا ويا جيڪا خاص طرح تي شڪار توڙي وِندُر ورونهن لاءِ جوڙائي وئي هئي. اڃا مئڪسيمن دنيوب کان ٻن ميلن جيترو پنڌ مَس ڪيو هو ته هن، فاتح طرفان گستاخيءَ واري روَش کي محسوس ڪيو. هن کي سختيءَ سان منع ڪئي وئي ته سرسبز واديءَ ۾ پنهنجا خيما هرگز نه کوڙي ته متان هڪ اوچتو خطرو کيس وڪوڙي وڃي جيڪو شاهي محل تي اچڻو هو. اٽيلا جي وزيرن مٿس زور ڀريو ته هو جيڪا ڳالهه کڻي آيو هو کين ٻڌائي ڇڏي پر هو اهو راز فقط حاڪم جي ڪنن کي ٻڌرائڻ لاءِ آيو هو. جڏهن مئڪسيمن اطمينان سان قومن جي متضاد روَين جي ڳالهه ڪئي ته ان وقت اهو ڏسي کيس اچرج لڳو ته مقدس اجلاس جا مطالبا يا شرط يعني ’اُهي راز‘ (پرڪس چويٿو) ’جيڪي ديوتائن اڳيان به سَلڻ نه گهرجن، سي ملڪ جي دشمن اڳيان وڏي ذلت ۽ غداريءَ سان ظاهر ڪيا ويا هيا.‘ بيعزتي وارن اهڙن شرطن جي تعميل کان انڪار ڪرڻ تي، شاهي سفارتڪار کي حڪم ڏنو ويو ته هو هڪدم هليو وڃي، حڪم کي ٻيهر ورجايو ويو ۽ هُنن (Huns) مئڪسيمن جي صبر واري عزم کي ڪمزور ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون. آخرڪار اونيجيسيَس جي ڀاءُ اسڪاٽا جي ٽياڪڙي ڪرڻ تي، جنهن جي دوستيءَ کي بيحد مهانگن تحفن عيوض خريد ڪيو ويو هو، کيس اجازت ڏني وئي ته هو شهنشاهه آڏو پيش ٿئي، پر ڪنهن به خاطر خواهه جواب نه ملڻ تي هن کي اتر طرف ڊگهو سفر ڪرڻو پيو ته جيئن اٽيلا پنهنجي غرور کي وڌيڪ آڪڙبازيءَ سان خوش ڪري سگهي ته هن ساڳئي محلات ۾ اوڀر توڙي اولهه جي شهنشاهتن جي سفيرن جو آڌرڀاءُ ڪيو هو. هن جي سفر ڪرڻ دؤران رستي جي واقفڪارن هن جي رهنمائي ٿي ڪئي، جن کيس ٻڌايو ته ڪٿي ترسڻو هو يا گهڙيءَ پل لاءِ ساهي پٽڻي هئي، پر گهڻو ڪري هنن کيس تيز هلڻ تي زور ٿي ڀريو، جنهن لاءِ کيس سِڌي جي بجاءِ ٽيڙو يا ور وڪڙ رستو اختيار ڪرڻو پوي ته ڀلي اُهو به ڪري ڇو ته بادشاهه جي حڪمن ۽ مرضيءَ مطابق کين ڪم ڪرڻو هو. روم جا اُهي ماڻهو جن هنگري جو ميدانن تي سفر ڪيا هيا، اُنهن جو اندازو هو ته هنن ڪيتريون ئي نديون ننڍين ٻيڙين يا بتيلن ذريعي پار ڪيون هونديون، جيئن دِيس يا تِبسڪَس جا وهڪرا جيڪي مختلف جڳهن تي مختلف نالن ذريعي سڃاتا ويندا هيا. ڀرپاسي وارن ڳوٺن مان کين کاڌي پيتي جو سامان ملندو رهيو جيئن شراب جي بجاءِ شربت يا ماکي، ٻاجهري جي ماني، ۽ ڪٿي ڪٿي ديسي شراب جنهن کي ڪئمَس چوندا هيا ۽ پرسڪَس جي اندازي موجب ان کي جَوَن مان ٺاهيو ويندو هو.(42) اهڙيون مانيون ۽ مهمانيون شايد اُنهن ماڻهن کي ڏکيون ۽ اُگريون لڳن جن قسطنطنيہ جي عياشين ۾ گذاريو هوندو، پر اهڙين اتفاقي تڪليفن ۽ ڏوجرن ۾ اهڙين مانين ۽ شربتن تي به کين سُڪون پهتو هو ته اُنهن بربرن طرفان سندن مهمان نوازيءَ جي مهرباني ڪئي وئي هئي جيڪي جنگ جي ميدان تي ڪيڏا نه وحشي ۽ خطرناڪ ٿي ويندا هيا. سفيرن هڪ وڏي ڌٻڻ جي علائقي ۾ وڃي پنهنجا خيما کوڙيا. اوچتو هوا ۽ مينهن جو تيز طوفان شروع ٿي ويو. ان سان گڏ کِنوڻيون ۽ گجگوڙون پڻ زور شور سان ٿيڻ لڳيون جنهن ڪري سندن تنبو اُکڙي ويا، سندن سڄو سامان ۽ فرنيچر پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو ۽ سندن خدمتگار به رات جي انڌاري ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ کانئن رستو به ڀلجي ويو ۽ سڄي رات هيڏي هوڏي ڀٽڪندا رهيا ۽ اونداهيءَ ۾ خوف خطرن کان به ڊڄندا رهيا، نيٺ ڀر واري ڳوٺ جي ماڻهن سندن دانهون ڪُوڪون ٻڌي ورتيون ۽ اُهي جاڳي پيا، ۽ هي ڳوٺ بليدا جي بيوهه جو هو.* چند لمحن ۾ هر طرف روشني نظر اچڻ لڳي ۽ پوءِ ڪاٺيون گڏ ڪري باهه ٻاري وئي ته جيئن کين هر طرح جي آسائش ميسر ٿي سگهي، رومين جي گهُرجن ۽ ضرورتن جو چڱيءَ طرح پُورائو ڪيو ويو ۽ بليدا جي بيوهه مٿن ايتريون مهربانيون ڪيون جو هو بنهه احسانن جي بار کان شرمندا ٿيڻ لڳا، آخر ۾ بيوهه طرفان خوبصورت ۽ آزاد قسم جون بيشمار ڇوڪريون تحفي طور کين پيش ڪيون ويون. ٻيو ڏينهن آرام ڪرڻ جي حوالي ڪيو ويو ته جيئن سامان جيڪو طوفاني برسات ۾ ڀِڄي ويو هو ان کي سُڪايو وڃي ۽ ماڻهن ۽ گهوڙن کي کارائڻ پيارڻ جو بندوبست ڪيو ويو. پر، شام جو پنهنجي نئين مسافري شروع ڪرڻ کان اڳ ۾، سفارتڪارن، ڳوٺ جي ان عورت جون مهربانيون مڃيون جنهن دل کولي سندن مهمان نوازي ڪئي هئي ۽ ويندي ويندي چانديءَ جا پيالا، ڳاڙهي پشم، خشڪ ميوو ۽ هندستان جا ڪارا مرچ کين تحفي ۾ ڏنا. هن جوکائتي مهم کان پوءِ جلدي هو اٽيلا سان گڏ سفر ۾ شريڪ ٿي ويا جنهن کان هو ڇهن ڏينهن تائين الڳ رهيا هيا، ۽ آهستي آهستي ان شهنشاهت ڏانهن سفر ڪندا رهيا جنهن ۾ هزارن ميلن تائين به وچ ۾ ڪو هڪڙو شهر به نه آيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org