حضرت عليؓ جي هڪ پٽ جي فياضي جو هڪ مشهور قصو هتي
بيان ڪجي ٿو. ماني کائڻ وقت هڪ غلام سخت گرم
ڀاڄيءَ جو شورو غلطيءَ مان پنهنجي مالڪ مٿان هاري
ڇڏيو. غلام شرمندگيءَ مان مالڪ جي پيرن تي ڪري پيو
ته جيئن پنهنجي سزا کي معاف يا گهٽ ڪرائي سگهي ۽
قرآن مان هڪ آيت پڙهيائين: ’جنت اُنهن لاءِ آهي
جيڪي پنهنجي ڪاوڙ کي ضابطي اندر يا ٿڌو رکن ٿا‘.
حضرت عليؓ جي پٽ هڪدم وراڻيو: ’مان ڪاوڙيل نه
آهيان‘ ته غلام ٻيهر آيت پڙهي: ’… ۽ بهشت اُنهن
لاءِ به آهي جيڪي ٻي جي غلطين يا ڪوتاهين کي معاف
ڪن ٿا‘. ’آءٌ توکي معاف ڪريان ٿو‘. ’…‘ ۽ اُنهن
لاءِ به آهي جيڪي برائيءَ جي بدلي ۾ چڱائي ڪن ٿا‘،
’آءٌ توکي آزاد ڪريان ٿو ۽ ان سان گڏ چانديءَ جا
چار سؤ ٽڪرا به توکي ڏيان ٿو‘. ساڳي نيڪي ۽ خدا
پرستيءَ جا واقعا امام حسينؓ سان به منسوب آهن
جيڪو امام حسنؓ جو ننڍو ڀاءُ هو ۽ جنهن پنهنجي
پيءُ کان روحاني فيض حاصل ڪيو هو ۽ قسطنطنيہ جي
گهيري وقت عيسائين خلاف وڏي وقار ۽ احترام جو
مظاهرو ڪيو هئائين. بنوهاشم خاندان جي چشم و چراغ
۽ پيغمبر ﷺ جي ڏوهٽي هئڻ سان گڏ امام حسينؓ پاڪ
ڪردار جو مالڪ هو ۽ کيس آزادي هئي ته هو يزيد جي
خلاف پنهنجي جائز دعويٰ جي حق جي حفاظت ڪري ڇاڪاڻ
ته يزيد دمشق جو آمر هيو جنهن ۾ اڪيچار برايون
هيون جنهن کي حضرت امام حسينؓ سخت ناپسند ڪندو هو
۽ جنهن جي خلافت کي هن هرگز تسليم نه ڪيو هو. امام
حسينؓ ڏانهن هڪ لک چاليهن هزار ماڻهن جا نالا ڪوفي
کان مديني موڪليا ويا هيا جن بابت کين ٻڌايو ويو
هو ته اُهي سڀئي سندس حمايت ڪندا ۽ جيئن ئي هو
فرات جي ڪنارن تي پهچندو ته سڀئي پنهنجن مياڻن مان
ترارون ڪڍي حق جي حمايت ۾ وڙهندا: پنهنجن خير
خواهن ۽ دورانديش دوستن جي مشوري جي خلاف عمل
ڪندي، هن پنهنجن ماڻهن ۽ خاندان جي فردن تي ڀاڙيو
جن کي وري اُنهن ماڻهن جو آسرو هو جيڪي فريبي ۽
مڪار هيا. هڪ ڪمزور قافلي سان پنهنجي گهر جي بيبين
۽ ٻارن سان عربستان جي رڻ پٽن مان گذري جيئن ئي
عراق جي سرحد تي پهتو ته پاڻ کي اڪيلو محسوس
ڪيائين ۽ ملڪ ۾ پڻ اوپرو ۽ ماحول پنهنجي مخالفت
وارو ڏٺائين؛ ان وقت کيس شڪ ٿيو ته ماڻهن شايد
ساڻس ڌوڪو ڪيو هو جن سندس ڌر کي تباهه ڪرڻ ٿي
چاهيو، سندس شڪ ۽ گمان صحيح نڪتا. ڪوفي جي گورنر
عبيدالله فساد جي پهرين شعلن کي وِسائي ڇڏيو هو ۽
حسينؓ ڪربلا جي ميدان تي پنج هزار گهوڙي سوار فوج
سان هر طرف کان وڪوڙجي چڪو هو ۽ شهر سان سندس
رابطو ڪٽجي چڪو هو ۽ سندس پاڻي پڻ بند ڪيو ويو هو.
هن وٽ اڃا به گنجائش هئي ته هو ڀرپاسي واري بيابان
۾ قائم هڪ قلعي ۾ وڃي پناهه وٺي ها جنهن اڳ قيصر ۽
ڪسريٰ(*) جهڙن بادشاهن جي طاقت کي به للڪاريو هو ۽
طائي قبيلي جي يقيني وفاداري به کيس ملي وڃي ها ۽
اُهي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجا ڏهه هزار ماڻهو سندس حفاظت
جي سپرد ڪري ڇڏن ها. دشمن فوج جي سپهه سالار سان
امام حسينؓ ڳالهايو ۽ ٽي معقول ۽ عزت وارا شرط هن
جي آڏو رکيا: (1) کيس اجازت ڏني وڃي ته هو مديني
ڏانهن واپس موٽي وڃي، (2) يا کيس ترڪن جي خلاف
مقابلي ڪندڙ فوج ۾ شامل ڪيو وڃي، يا (3) کيس
سلامتيءَ سان يزيد تائين نيئي ان سان ملڻ ڏنو وڃي.
پر خليفي يا سندس جنرل جا حڪم تمام سخت هيا، ۽
امام حسينؓ کي صاف لفظن ۾ ٻڌايو ويو ته يا هو قيدي
۽ مجرم جي صورت ۾ پنهنجي پاڻ کي وقت جي خليفي جي
حوالي ڪري يا وري فساد برپا ڪرڻ لاءِ نتيجن ڀوڳڻ
لاءِ تيار رهي. امام حسينؓ فورن وراڻيو: ’ڇا اوهان
مون کي موت ذريعي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا؟‘ پوءِ
رات جي وقت جيڪا ٿوري وٿي کين ملي، ان ۾ هن فيصلو
ڪري ورتو ته حق جي راهه ۾ هو ضرور وڙهندو. هن
پنهنجي ڀيڻ جي درد جي دانهُن کي به روڪڻ جي ڪوشش
ڪئي جيڪا پنهنجي گهر کي برباد ٿيندو ڏسي رهي هئي.
’اسان جو ويساهه فقط الله جي ذات ۾ آهي‘ امام حسين
کيس تسلي ڏيندي چيو. ’هر شيءِ جيڪا ڌرتي تي موجود
آهي ان کي فنا ٿي خالق ڏانهن موٽڻو آهي. منهنجو
ڀاءُ، منهنجو بابا ۽ منهنجي ماءُ سڀيئي مون کان
وڌيڪ بهتر انسان هيا ۽ اسان جو پيغمبر هر مسلمان
لاءِ هڪ بهترين مثال آهي‘. هن پنهنجن دوستن ۽
ساٿين تي زور ڀريو ته هر ڪو پنهنجي حفاظت جي سلسلي
۾ ضرور سوچي ۽ جيترو جلد ٿي سگهي ته هتان سِر
بچائي هليو وڃي پر سندس سڀني ساٿين کيس ڇڏڻ يا
پنهنجي مالڪ کان سواءِ زنده رهڻ کان انڪار ڪيو، ۽
سندن جرئت ۾ تڏهن تازگي آئي جڏهن امام عالي مقام
سڀني لاءِ دعا گهري ۽ کين جنت جي بشارت ڏني. فيصلي
واري ڏينهن جي صبح جو امام حسينؓ گهوڙي تي سوار
ٿيو، هڪ هٿ ۾ ترار، ٻي ۾ قرآن ۽ سندس ساٿين جي
قافلي ۾ فقط ٻٽيهه ڄڻا گهوڙن تي سوار هيا ۽ چاليهه
پيادل هيا، پر پوئين پاسي توڙي پاسن کان خيمي جي
رَسن جي ڪجھ حفاظت کين حاصل هئي ۽ هڪ کاهي به کوٽي
هيائون جنهن ۾ ڪاٺيون پيل هيون ۽ اهو ئي ان زماني
جي عربن ۾ حفاظت جو مروج طريقو هو. دشمن ڪجھ
بيدليءَ سان اڳتي وڌيا ۽ سندن هڪ اڳواڻ پنهنجن
ٽيهن ساٿين سميت موت جي خوف کان ميدان ڇڏي ڀڄي
ويو. دوبدو جي مقابلي ۾ حسيني قافلي کي ڪافي سرسي
هئي، پر دشمن جي بيشمار لشڪر پري کان تيرن ۽ نيزن
جي برسات وسائڻ شروع ڪري ڇڏي، نتيجي ۾ حسيني لشڪر
جا ماڻهو قتل ٿيندا ۽ هيٺ ڪرندا رهيا؛ نيٺ نماز
ادا ڪرڻ لاءِ ٻنهي ڌرين طرفان وقفو ڪيو ويو پر
جلدئي لڙائي تڏهن خودبخود ختم ٿي وئي جڏهن سندن
اڳواڻ جا آخري بچيل ساٿي به جنگ ۾ مارجي ويا.
ٿڪل،زخمي، اڪيلو ۽ ساڻو ساڻو امام حسينؓ پنهنجي
خيمي جي دَر وٽ بيٺل هو. جيئن ئي هن پاڻيءَ جو هڪ
ڍُڪ ڀريو ته هڪ تير سندس وات کي چيريندو ٻاهر هليو
ويو، سندس پٽ ۽ ڀائٽيو، ٻئي خوبصورت نوجوان، امام
جي ٻانهن ۾ ئي ماريا ويا. امام حسينؓ رت سان وهنتل
پنهنجا ٻئي هٿ مٿي کنيا ۽ جيڪي شهيد ٿي ويا هيا
اُنهن توڙي اُهي جيڪي اڃا زندهه هيا، لاءِ دعا
گهري. افسردگي ۽ نراسائيءَ جي حالت ۾ سندس ڀيڻ
اوچتو خيمي مان ٻاهر آئي ۽ ڪوفي جي جنرل کي قسم
ڏنو ته هو امام حسينؓ کي سندس اکين جي اڳيان قتل
نه ڪندو، امام جي اکين ۾ پاڻي تري آيو جيڪو سندس
مقدس ڏاڙهي تائين وهي هليو، ۽ جيڪي سندس بهادر
فوجي هيا اُهي به هيڻا ٿي ڪرندا رهيا ۽ شهيد ٿيندڙ
سپوت به پاڻ کي اُنهن جي سپرد ڪري ڇڏيو. ظالم شمر
هڪ اهڙو نالو جنهن کان سڀ مسلمان نفرت ڪن ٿا،
حسيني لشڪر کي سندن بزدليءَ تي ٽوڪيو، ۽ اهڙيءَ
طرح ﷴ مصطفيٰ جن جو ڏوهٽو، ٽيٽيهن نيزن ۽ ترارين
جي لڳاتار ڌڪن لڳڻ کان پوءِ شهيد ٿي ويو. سندن جسم
کي بيدرديءَ سان گهِلڻ ۽ ڪچلڻ بعد، هو سندن سر کي
ڌڙ کان ڌار ڪري ڪوفي جي قلعي تي کڻي ويا ۽ وحشي
عبيدالله سندن وات تي زور سان چهبُڪ هنيو. ’افسوس!
هڪ بزرگ مسلمان کان رڙ نڪري وئي‘ ’سندس چَپن تي،
مون الله جي پيغمبر جا چَپ ڏٺا آهن‘. ڀلي ڪيترو به
وقت گذري وڃي ۽ موسمون به تبديل ٿي وڃن، پر امام
حسينؓ جي دردناڪ شهادت جو واقعو اُنهن دلين کي به
گرمائيندو رهندو جيڪي ڪيتريون به سنگدل ۽ ڪٺور ڇو
نه هجن. هر سال سندن شهادت جي ڏينهن تي هزارين
ماڻهو سندن مقبري تي عقيدت مان گڏ ٿين ٿا ۽ خاص
طرح ايران جا سندن شيدائي هر ڳالهه ترڪ ڪري ڏک غم
الم سان گڏ اُنهن ظالمن لاءِ ڪاوڙ ۽ نفرت جو اظهار
ڪن ٿا جن امام عالي مقام کي بي درديءَ سان شهيد
ڪيو هو(180).
جڏهن حضرت عليؓ جي ڀينرن ۽ ٻارن کي زنجيرن ۾ جڪڙي
خليفي جي محلات اڳيان آندو ويو ته خليفي کي ڪن
ماڻهن صلاح ڏني ته حسينؓ جي نسل کي ئي ختم ڪيو وڃي
نه ته اُهي اڳتي هلي دشمنيون ڪندا ۽ انتقام وٺندا
پر خليفي اُنهن ماڻهن جي مشوري کي وڌيڪ اهميت ڏني
جن کيس رحم ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي. تنهن ڪري خاندان
جي بچيل بيبيُن ۽ ٻارڙن کي احترام سان مديني
پهچايو ويو ته جيئن اُهي پنهنجن عزيزن سان گڏجي
ڳوڙها ڳاڙي سگهن. شهادت جي عظمت خانداني وقار کان
به اڃا اڳڀري هلي وئي ۽ ٻارهن امام(181) يا پيشوا
حضرت عليؓ، حضرت حسنؓ، حضرت حسينؓ ۽ نَوَ ٻيا آهن
جيڪي امام حسينؓ جي پيڙهيءَ سان تعلق رکن ٿا. نه
وٽن فوجون آهن، نه مال خزانا يا رعيت جا ماڻهو، پر
تڏهن به ٻارهن ئي امام ماڻهن طرفان بيحد احترام ۽
عقيدت حاصل ڪندا رهن ٿا ته ساڳي وقت حڪمران خليفن
طرفان حسد جا جذبا به سندن خلاف موجود رهن ٿا، مڪي
۽ مديني يا فرات جي نديءَ جي ڪنارن توڙي خراسان ۾
سندن مقبرن تي سندن فرقي جا ماڻهو اڃا تائين عقيدت
مان زيارت لاءِ ايندا ويندا رهن ٿا. سندن نالن جي
آڙ ۾ اڪثر ڪري ماڻهن کي جنگ يا فتني فساد ڪرڻ جو
بهانو ملي ويندو هو پر هي بزرگ ولي دنيا جي ٺٺ
ٺانگر کان بنهه نفرت ڪندا هيا، الله جي مرضي توڙي
ماڻهن جي ناانصافي اڳيان به پنهنجو سِرُ
جُهڪايائون ۽ پنهنجون معصوم حياتيون مذهب جو پرچار
۽ خدمت ڪندي گذاريائون. ٻارهون يا آخري امام جيڪو
امام مهدي جي نالي سان مشهور آهي ۽ جنهن کي رهبر
به چوندا آهن، تقدس ۽ احترام ۾ اڳين کان به اڳتي
وڌي ويو. بغداد جي ويجهو هن پاڻ کي هڪ غار ۾ لڪائي
ڇڏيو، سندس موت جي جڳهه ۽ وقت جي اڃا تائين به
ڪنهن کي ڪا خبر ڪانهي ۽ سندس پوئلڳن جو عقيدو آهي
ته هو زندهه آهي ۽ قيامت جي ڏينهن کان ٿورڙو ئي اڳ
ظاهر ٿيندو ۽ دجال جي ظلمن کان ماڻهن کي نجات
ڏياريندو(182). ٻن يا ٽن صدين جي وقفي کان پوءِ
حضرت عباس جو خاندان، جيڪو حضرت عليؓ جي
خاندان جي واڌ به تيزي سان ٿي، ۽ سندن هيٺين طبقي
جو ماڻهو به شهزادن کان مٿي ليکيو ويندو هو ۽ هن
خاندان جا جيڪي نمايان ماڻهو هيا، اُنهن لاءِ
ضروري هو ته سندن انساني تڪميل فرشتن کان به مٿڀري
هجڻ گهرجي. پر سندن ڀاڳ ڀلا نه هيا، ٻيو ته
مسلمانن جي شهنشاهت جو دائرو ايترو ته وسيع هيو جو
ان کي ضابطي ۾ رکڻ ڏاڍو مشڪل هو، نتيجو اهو نڪتو
ته جيڪو به بهادر يا چالاڪ هو ان ڪانه ڪا وڏي
دعويٰ ڪئي ۽ پنهنجو تعلق پاڪ خاندان يا پيغمبر ﷺ
سان وڃي ڳنڍيو؛ المحدث، اسپين ۽ آفريڪا ۾، مصر ۽
شام ۾ فاطمي خاندان(184)، يمن جا سلطان، ۽ فارس يا
ايران جا دليل باز(185) اهي سڀئي پنهنجا پنهنجا
فضول ۽ مشڪوڪ لقب اختيار ڪري معتبر ۽ مانائتا
سڏائڻ لڳا. سندن حڪومت جي دؤر ۾ جيڪڏهن ڪو کانئُن
سندن ڄم جي حقيقت پڇي ها ته اهو پڇندڙ لاءِ سخت
خطرناڪ ثابت ٿئي ها. فاطمي خاندان جي هڪ اهڙي ئي
مصنوعي لقب اختيار ڪندڙ نادانيءَ جي سوال پڇڻ تي
پنهنجي ترار کڻي ڪڍي ۽ پڇندڙ کي سخت لفظن ۾
چيائين: ’هي‘ مُعز چيو، منهنجو حسب نسب آهي ۽ ’هي‘
ڪجھ سون جا ٽڪرا پنهنجن فوجين ڏانهن اُڇلائيندي
چيائين: ’… منهنجا مِٽ مائٽ ۽ ٻار آهن‘. بادشاهن،
ڊاڪٽرن، اميرن، واپارين ۽ فقيرن جي مختلف روپن ۾
پيغمبر اسلام ويا جو ڪن پاڻ کي شيخ سڏرايو، ته ٻين
وري شريف يا امير جا لقب پنهنجي پنهنجي لاءِ
اختيار ڪيا. ترڪي جي عثمانيه سلطنت ۾ اُنهن کي
سائي پٽڪي سان سڃاڻي سگهبو آهي جيڪي خزاني مان
ماهوار وظيفو وٺندا آهن، ۽ سندن طور طريقن جو
اندازو فقط اُنهن جي سرواڻ مان لڳائي سگهبو آهي ۽
توڙي جو اُهي انتهائي ذليل ۽ ڪريل ڪردار وارا
هوندا آهن پر ظاهري طرح وڏي آڪڙ ڪندا آهن ۽ پنهنجو
ڄم ۽ شجرو به مٿاهون ٻڌائيندا آهن. خليفي امام
حسنؓ جي شجري سان لاڳاپيل ٽن سَون ماڻهن جو هڪ
خاندان اڃا تائين مڪي ۽ مديني جي مقدس شهرن ۾
محفوظ ٿيل آهي جيڪي صاف، سچا ۽ نج قسم جا انسان
هيا ۽ جن جو ڪردار نه ته داغدار هو ۽ نه اُنهن تي
ڪنهن کي ڪو شڪ پوندو هو، توڙي جو هاڻي ٻارهن صديون
گذري ويون آهن تڏهن به اُهي پنهنجي سچائي ۽ صداقت
کي قائم رکيون اچن ٿا ۽ ڪعبة الله جي نگراني به
اُنهن جي حوالي آهي ۽ اُهي ئي پنهنجي اصلوڪي ملڪ
عربستان جا حاڪم آهن. اسلام جي پيغمبر ﷴﷺ جن جي
عالمي شهرت ۽ بي مثال خوبين جي ڪري هڪ خسيس قوم به
عظيم خاندان ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ قريشن جي قديمي ۽
نج رت، زمين جي هاڻوڪن حاڪمن تائين منتقل ٿي کين
به معزز ۽ مٿاهون بنائي ڇڏيو آهي(186).
پر
جيڪي ڪاميابيون کيس نصيب ٿيون اُنهن پڻ سندس تعريف
لاءِ اسان جو توجهه ڇڪرايو آهي. ڇا ماڻهن کي فقط
ان ڳالهه تي اعتبار اچي ها ته هڪ مذهبي پرچارڪ جي
فقط تقرير جي قابليت تي بيشمار ماڻهو پنهنجي پراڻي
مذهب کي ڇڏي هڪ نئون جذبو ۽ نئون فلسفو اختيار ڪن
ها؟ ڪليسا جي مذهبي ڦيرڦار ۾ پيغمبرن کان وٺي سماج
سڌارڪن تائين ماڻهن کي مذهب طرف ساڳيءَ طرح هرکائڻ
جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. ڇا اها ڳالهه حيرت جوڳي آهي
ته هڪ عام شهري ترار ۽ ڏنڊي جي زور تي پنهنجي
اباڻي ملڪ کي پنهنجي طابع ڪري ۽ پنهنجين فوجين جي
زور تي هڪ بادشاهت کي قائم ڪري ڇڏي؟ اوڀر جي ڪجھ
موروثي بادشاهتن ۾ سوين غاصب، جن جو اصل نسل به
هيٺاهون هو، اُٿي پيا، ڏکيون رنڊڪون يا رڪاوٽون
اُڪري، سوڀون حاصل ڪري ۽ شهنشاهتون قائم ڪيائون.
پر ﷴ ﷺ کي تبليغ ڪرڻ ۽ دشمن سان جنگ جوٽڻ جون
هدايتون مليون ۽ ٻن متضاد لياقتن جي ايڪي هڪ طرف
سندن اهليت کي وڌايو ته ٻي طرف کين شاندار
ڪاميابيون نصيب ٿيون: همت ۽ ٻي کي قائل ڪرڻ جي
قُوت سان گڏ سندن عزم، مستقل مزاجي ۽ جوش جذبن
لڳاتار اهڙو ته ڪم ڪيو جو هڪ اهڙي طاقت وجود ۾ اچي
وئي جنهن جي آڏو سڀئي رڪاوٽون پاڻهي پري ٿينديون ۽
کين اڳتي وڌڻ جو رستو ڏينديون ويون. سندن آواز
عربن کي سوڀن ۽ آزاديءَ جي دعوت ڏني، ته ساڳي وقت
فوج ڪشي ۽ مال غنيمت هٿ ڪرڻ جي به ترغيب ڏني، جنهن
۾ سندن دلي جذبا ۽ احساس، هن دنيا توڙي اڳين دنيا
جي لاءِ شامل هيا؛ جيڪي حد بنديون يا پابنديون پاڻ
لاڳو ڪيائون ته اُنهن ذريعي پيغمبر تي ماڻهن جو
اعتماد وڌيو ۽ فرمانبرداري جو جذبو اڳ کان وڌيڪ
پيدا ٿيو؛ ۽ سندس ڪاميابيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو اعتراض
هيو ته فقط هي ته سندس مذهب ۾ الله پاڪ جي وحدانيت
يعني فقط هڪ خدا جو فلسفو هو جنهن جي مڪمل پٺڀرائي
دليل ۽ منطق ڪري رهيا هيا. اهو پرچار يا ڦهلاءُ نه
پر سندس مذهب جي دائمي بقا جي حقيقت آهي جيڪا اسان
کي حيرت ۾ وجهي ٿي ڇڏي: يعني ساڳيو نج، صاف ۽ مڪمل
اثر جيڪو هن مڪي ۽ مديني ۾ ماڻهن تي وڌو هو اُهو
ٻارهن صدين گذرڻ کان پوءِ به اڄ ڏينهن تائين قائم
آهي؛ پوءِ ڀلي قرآن جو پڙهندڙ هندستاني هجي،
آفريڪا جو يا ترڪي جو هجي پر هر جڳهه تي سبق ساڳيو
آهي ته الله هڪ آهي ۽ ان جي وحدانيت قائم آهي.
جيڪڏهن عيسائي پيغمبر سينٽ پيٽر يا سينٽ پال ٻيهر
وئٽيڪن ۾ موٽي اچن ته اُهي شايد خدا جي نالي بابت
پڇا ڳاڇا ضرور اچي ڪندا جنهن جي عبادت ڪعبة الله
جي شاندار ڏيک ۾ هڪ خاص ۽ انوکي انداز ۾ ڪئي وڃي
ٿي، شايد آڪسفورڊ يا جينيوا ۾ کين گهٽ تعجب ٿيندو
پر ان جي باوجود اُنهن تي لازم ٿيندو ته کين ڪليسا
جي تعليم يا سوالن جوابن جو ٻيهر مطالعو ڪرڻو
پوندو ته ساڳي وقت سندن پنهنجين تحريرن بابت جيڪي
ٻين ليکڪن جا تبصرا ڇپيا آهن اُنهن کي توڙي پنهنجي
آقا يعني حضرت عيسيٰ ؑ جي چيل لفظن کي به ٻيهر
جاچڻو پوندو. پر ترڪي ۾ سينٽ صوفيا جي گنبذ، جنهن
جي شان شوڪت ۽ ايراضيءَ ۾ ڪافي واڌارو ٿيو آهي، جو
ڏيک ساڳيو ئي اصل ۽ سادگي وارو آهي جهڙو ﷴ ﷺ جي ان
مسجد جو آهي جيڪا هن پنهنجن هٿن سان مديني ۾ تعمير
ڪئي هئي. مسلمانن پنهنجي عقيدي ۽ مذهبي جذبن کي
لڳاتار هڪ جهڙو رکيو آهي ۽ سندن عقيدو آسانيءَ سان
سمجهه ۾ ايندڙ ۽ انسان جي ذهني سطح ۽ تصور مطابق
آهي: ’آءٌ هڪڙي ۽ واحد الله کي مڃان ٿو ۽ ﷴ ﷺ ان
جو رسول آهي‘. سؤلو، سادو ۽ اسلام کي قبول ڪرڻ جو
اڻ بدلجندڙ عزم آهي. الله پاڪ جي فلسفياڻي تصور کي
پڻ اسلام ۾ ڪڏهن به ڪنهن بت پرستيءَ ذريعي خراب نه
ڪيو ويو آهي ۽ پيغمبر اسلام جو اعزاز اهو آهي ته
هن انساني قدرن يا اخلاقيات جي اصولن کي ڪڏهن به
نه اورانگهيو آهي ۽ سندس زندگي جي مقرر ٿيل ۽ مڃيل
مثالن سندس پوئلڳن کي مذهب ۽ منطق جي حدن اندر
پابند ڪري ڇڏيو آهي. حضرت عليؓ جي شيداين سندس، ۽
سندس گهر واري ۽ سندس اولاد جي ياد کي مقدس ڪري
ڇڏيو آهي ۽ هن سلسلي ۾ فارس (ايران) جي ڪجھ عالمن
دعويٰ ڪئي آهي ته امامن جي اندر نج ربي روح موجزن
آهي يا خدا خود منجهن موجود آهي پر سُني فرقي
پاران سندن وهمن وسوسن جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي ۽
سندن عقيدي ٻين مسلمانن کي وقتائتو موقعو ڏنو آهي
ته هو کين بزرگن، ولين ۽ شهيدن جي عبادت ڪرڻ کان
منع ۽ تنبيهه ڪن. الله جي وصفن ۽ انسان جي آزادي
بابت مٿاهين فلسفي يا منطق سان لاڳاپيل سوال
مسلمانن توڙي عيسائين جي فلسفي جي اسڪولن ۾ اڪثر
ڪري پڇيا ويندا آهن، پر مسلمانن جي سلسلي ۾ انهن
جو تعلق ماڻهن جي جذبن يا احساسن سان هرگز نه رهيو
آهي ۽ اُنهن سوالن ڪڏهن به ملڪ جي امن امان کي
خراب نه ڪيو آهي. هن اهم فرق جو سبب شايد حڪومتي ۽
پادريت (مذهبيت) جي هڪ ٻئي کان علحدگي يا وري ٻنهي
جو ميلاپ آهي. جيڪي خليفا يا پيغمبر جا جانشين
هيا، اُنهن جي دلچسپي ۽ خواهش اها هئي ته مذهب جي
معاملن ۾ ڪنهن به نئين خيال يا رجحان کي اڳتي اچڻ
نه ڏنو وڃي ته جيئن سرشتو ۽ نظم ۽ ضبط بحال رهي
ڇاڪاڻ ته مذهبي ماڻهن جي دنياوي توڙي روحاني مقصدن
جي مسلمانن کي ڄاڻ نه آهي ۽ قانون جا ڄاڻو پنهنجي
ضمير جا خود رهبر هوندا آهن. ائٽلانٽڪ سمنڊ کان
وٺي گنگا ندي تائين قرآن کي نه رڳو مذهب جو بنيادي
ڪتاب تسليم ڪيو ٿو وڃي پر ان ۾ شهري، سماجي ۽ ڏوهن
جي قانون بابت معاملا ۽ مسئلا سمجهايل آهن ۽ اُهي
قانون جيڪي انسان ذات جي عملن ۽ سندس ملڪيت جي حقن
جي باري ۾ قرآن ۾ وضاحت سان پيش ڪيل آهن اُنهن جي
حفاظت ۾ رب العزت جي اڻ مٽ ۽ اعتماد واري مرضي پڻ
شامل آهي. هن مذهبي اطاعت ۾ ڪجھ نقص پڻ موجود آهن،
جيڪي ماڻهو گهٽ علم رکندڙ يا بلڪل جاهل آهن اُهي
پنهنجن توڙي ملڪي نظرين يا تعصبن ۾ گمراهه ٿي وڃن
ٿا ۽ عربستان جي بيابان جا ادارا ممڪن آهي ته
اصفحان ۽ قسطنطنيہ جي دولت ۽ سندن تعداد کان بلڪل
مختلف ۽ اڻ ٺهڪندڙ هجن. اهڙن موقعن تي مسئلن جي
مونجهاري وقت قاضي(*) گهڻي ادب مان انهن جي مٿي تي
قرآن رکي ٿو (يا قرآن تي قسم کڻائي ٿو) ۽ وڏي
مهارت وارو فيصلو ڪري ٿو جيڪو وقت جي انصاف جي
تقاضا کي پورو ڪري ٿو ۽ سازگار ماحول ۾ ڌريون به
راضي ٿي وڃن ٿيون.
عام ماڻهن جي خوشين تي سندس صحتمند اثر ﷴ ﷺ جن جي
ڪردار جو آخري ڪارنامو آهي. عيسائي توڙي يهودي ڀلي
سندس سخت خلاف، متعصب يا سندس دشمن رهيا هجن، پر
اهي ايترو ضرور مڃيندا ته هُن دنيا وارن کي فائدي
مند اصول ۽ فلسفو عطا ڪيو. سچ ۽ سندن ئي ڪتابن جي
تقدس کي پنهنجي مذهب جو بنياد بڻايو ۽ ان ۾ مقدس
ڪتابن جي عظيم هستين جي معجزن ۽ ڪردارن جو به ذڪر
ڪيو. عربستان جي بُتن کي الله پاڪ جي تخت اڳيان
ڀڃي ڀورا ڪيو ويو، انسانن جي خون وهائڻ جو ڪفارو
نماز، روزن ۽ خير خيرات ذريعي ادا ڪيو ويو، عقيدي،
سعادت مندي، ۽ ايندڙ وقت (قيامت کان پوءِ) جي
انعامن اڪرامن ۽ سزائن جي تصوير اهڙيءَ طرح چِٽي
وئي جو اُها ڄڻ اڻ پڙهيل ماڻهن جي به مزاج ۽ مرضي
مطابق هئي. نظام به رائج ڪيو ۽ هن مسلمانن اندر
خير خيرات ڏيڻ ۽ هڪ ٻئي سان ڀائري ۽ دوستي جي ناتن
رکڻ جي ترغيب ڏني، سماجي اخلاق ۽ ضابطن کي اڳتي
وڌايو، پنهنجن اصولن ۽ سندن زندگي جي سونهري مثالن
ذريعي دشمن کان بدلي وٺڻ جي خواهش کي روڪيو، ۽
بيوهه عورتن ۽ يتيمن تي ظلم ۽ ناروا سلوڪ کي ختم
ڪيو. جيڪي قومون ۽ قبيلا هڪ ٻئي جا دشمن هوندا هيا
اُنهن کي کير کنڊ ڪري، پنهنجي مذهب ۾ آڻي کين هڪ
ڪري ڇڏيائين، ۽ ماڻهن جي بهادريءَ جون وصفون، جيڪي
اڳ سندن پنهنجن ئي جهيڙن جهڳڙن ۾ ضايع ٿينديون
هيون، اُنهن کي ٻاهرين دشمنن خلاف استعمال ڪرڻ تي
راغب ڪيو ويو. جيڪڏهن اسلام جي مذهب ۾ ايتري قوت
نه هجي ها ته عربستان ۾ جيڪو مقامي طور آزاد ۽
ٻاهرين دنيا لاءِ طاقتور ملڪ هو، سندن پنهنجن ئي
موروثي بادشاهن جي حڪومت لڳاتار هلندي رهي ها. پر
ان جي خودمختياري هڪ ٻئي پٺيان سوڀن ذريعي ختم ٿي
وئي. نئين قوم جون وسنديون اوڀر توڙي اولهه، ۽ هر
طرف قائم ٿي ويون ۽ سندن رت به ٻين يعني سندن ئي
قيدين يا مذهب ۾ نَون داخل ٿيندڙن سان ملي هڪ ٿي
ويو. ٻين لفظن ۾ اُنهن جون پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون ٿي
ويون. ٽن خليفن جي حڪومت کان پوءِ حڪومت جي گاديءَ
جو هنڌ مديني کان دمشق ۽ دجله جي ڪنارن ڏانهن
منتقل ٿي ويو؛ پاڪ شهرن جي حُرمت کي هڪ ناپاڪ جنگ
ذريعي داغدار ڪيو ويو؛ هاڻي عربستان تي رعيت جي
غير ماڻهن جي حڪومت قابض ٿي وئي ۽ رڻ پٽ جا بدوي،
جيڪي حڪومت جي خواب مان اوچتو جاڳي پيا هيا، وري
پنهنجن پراڻن طور طريقن تي واپس ٿي، عربستان ۾
آزادي ماڻي حڪومت ڪرڻ لڳا.
باب پنجاهون
(حاشين بابت وضاحتون)
(1)
جيئن هِن توڙي ايندڙ باب ۾، آءٌ عربي علم ۽ زبان
بابت گهڻو ڪجهه ٻڌائيندس، مان مشرقي زبانن بابت
پنهنجي مڪمل اڻڄاڻائيءَ کي يقينن تسليم ڪريان ٿو.
ساڳي وقت آءٌ اُنهن شارحن جو احسانمند آهيان جن
عربي کي لاطيني، فرانسيسي ۽ انگريزي زبانن جي
سانچي ۾ منتقل ڪيو آهي، آءٌ ڪٿي ڪٿي، موقعي ۽
مناسبت جي لحاظ سان سندن ڪاوشن، ترجمن ۽ تاريخن
مان حوالا پيش ڪندو رهندس. (گِبن)
(2)
عربستان جي جاگرافي جي ماهرن کي ٽن طبقن ۾ ورهائي
سگهجي ٿو: (1) يوناني ۽ لاطيني جن جي ڄاڻ کي اگاسر
چائيڊس (ڊي- ماري- رُبرو، هڊسن ۾، (ٽام-I
۾ ننڍي جاگرافي) ڊايوڊورَس سِيڪيولَس
i,ii, 159-167. iii. 211-216)
جنهن کي ويسلنگ ايڊٽ ڪيو). اسٽرابو
xvi, 1112-1114،
ارئٽوسٿينز کان صفحا 1132-1122، آرٽيميڊورس کان،
ڊائنوسيَس تائين. (پيريجيسِس 969-927) پلني (فطري
تاريخ
vi. 32, v.12)
۽ بطليموس- بيانيه انداز- هڊسن ۾، ٽام
iii)
2 هي سڀيئي عربي زبان جا ليکڪ آهن جن هن موضوع کي
حب الوطني يا عقيدت سان ڏٺو آهي: پوڪوڪ مان ٽڪرا-
عربستان جي تاريخ، (صفحا 128-125) جيڪي شريف
الاِدريسي جي جاگرافي منجهان آهن ۽ اُهي ٽڪرا اسان
جي لاءِ اطمينان بخش نه آهن ڇو ته اُنهن کي گهڻو
ننڍو ڪيو ويو آهي. (صفحا 27-24، 56-44، 108 وغيره
۽ 119 وغيره). جن کي مارڪو نائيٽس هڪ فضول عنوان
نينوبيا جي جاگرافي، هيٺ ڇپرايو هو (پئرس 1619) پر
لاطيني ۽ فرانسيسي مترجمن گريوز (هڊسن ۾، ٽام
iii)
۽ گالنڊ (فلسطين جو سامونڊي سفر، صفحا 346-265)
اسان جي آڏو ابوالفدا جي عربستان کي کولي ڇڏيو
آهي، جيڪو هن خطي جو صحيح ۽ تفصيلي نقشو چٽي ٿو،
جنهن کي هربيلاٽ جي مشرقي واقعن جي بيان سان اڃا
به وڌيڪ مڪمل بنائي سگهجي ٿو (ص 120 پئشن) 3، يورپ
جا سياح جن ۾ شا (صفحا 455-438) ۽ نيبُهر (بيان
1773- سامونڊي سفر، ٽام، 1776
i)
اسان جو داد ۽ نمايان حيثيت لهڻن ٿا. بُشنگ
(برينجر جي جاگرافي 510- 41،
VIII)
پنهنجو ڪم نهايت منصف مزاجي سان ڪيو آهي، هن سلسلي
۾ اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته ڊي- ائنوِل جا نقشا
پڙهندڙ جي مطالعي لاءِ سندس اڳيان هجڻ گهرجن جنهن
سان گڏ قديم جاگرافي جو هجڻ به ضروري آهي.
(231-203
ii,)
(3)
ابوالفدا (بيان- عربي ۾- ص-
I،
ڊي، ائنول- فرات ۽ دجله نديون- صفحا 20- 19) اها
هيءَ جڳهه هئي جيڪا صوبي جي واليءَ جو باغ يا سندس
بهشت هو جتي زينوفن ۽ يونانين پهريون ڀيرو فرات
ندي کي اُڪريو هو.
(4)
ريلنڊ کوکلي ڄاڻ ذريعي ثابت ڪيو آهي ته (1) اسان
جو ڳاڙهو سمنڊ (عربي نار) ميئر روبرم (ڳاڙهي سمنڊ)
کان وڌيڪ ڪجھ به ڪونهي جنهن کي وڌائي هندي سمنڊ
سان ملايو ويو هو، (2) ته هڪ جهڙا لفظ (حبش جي
ڪارن ماڻهن يا شيدين ڏانهن اشارو ڪن ٿا. (مضمون-
117- 59-
i)
(5)
قاهره ۽ مڪي جي وچ ۾ ٽيهه ڏينهن يا منزلون آهن ۽
انهيءَ سفر ۾ پيئَڻ جي پاڻيءَ جا پندرهن جڳهن تي
انتظام آهن. ڏسو شا جا سفرناما جنهن ۾ هن حاجين جي
مسافريءَ جي رستن جي ڄاڻ ڏني آهي. (ص- 477)
(6)
عربستان جي خوشبوئن جا گهڻا ئي قسم آهن جيئن لوبان
وغيره جن جو ذڪر پلني جي ٻارهين ڪتاب ۾ آيل آهي.
اسان جو عظيم شاعر ملٽن (پئراڊائيز لاسٽ ۾ (ڪتاب-
iv)
اشارن اشارن ۾ پهريون خوشبوئن بابت اسان کي ٻڌائي
ٿو جيڪي سبين جي سامونڊي ڪناري کان اُتر- اوڀر جي
هوائن ذريعي هُڳاءُ پيدا ڪنديون آهن:
’جهونو سمنڊ ان وقت خوشيءَ مان پيو مُرڪندو آهي
جڏهن پري پنڌ کان خوشبوئن جا واس- سندس استقبال
ڪندا آهن، (پلني- فطري تاريخ 42،
xii)
(*) (معقوليت يا سٺائي ڏٺائين)
(7)
چائيڊس يقين سان چوي ٿو ته جيڪي سون جا ٽڪرا لڌا
ويا هيا اُنهن جي سائيز زيتون کان وٺي سوپاري
جيتري هئي، لوهه ٻيڻي ۽ چاندي پنهنجي قيمت ۾ سون
کان ڏهوڻي هئي. (ص- 60) اهڙا حقيقي يا تصوراتي
خزانا هاڻي ختم ٿي ويا آهن ۽ هاڻي عربستان ۾ سون
جي کاڻين جو تصور به ڪونهي. (نيبهُر- بيان- ص-
124)
(†)
(سکيو ستابو عربستان)
(8)
عربستان بابت پوڪوڪ جي لکيل تاريخ کي ڏسو ۽ ان جو
غور سان مطالعو ڪريو. (آڪسان 1650، 4 کان اڳتي)
متن ۽ ان جي طريقي جا ٽيهه صفحا گريگري، ابوالفرا
جيَس جي ڪتاب ’بادشاهتن جي تاريخ‘ مان ورتا هيا،
جن جو پوڪوڪ بعد ۾ ترجمو ڪيو (آڪسان 1663، 4 کان
اڳتي)، ٽي سؤ اٺوَنجاهه حاشيا هڪ شاهڪار ۽ اصلي
تحرير مان هٿ ڪيا ويا آهن. جيڪي عربستان جي تاريخي
قدامت جي باري ۾ آهن.
(*) (هندي سمنڊ)
(9)
آريَن حجاب جي ڪناري جي ماهي گيري بابت اسان کي
ٻڌائي ٿو جيڪا پکيڙ ۾ عدن کان به اڃا اڳتي وڃي ٿي
(ص- 12) اهو عين ممڪن ٿو لڳي ته ڳاڙهي سمنڊ جا
ڪنارا ان وقت جي وحشي ماڻهن جي قبضي ۾ هيا جنهن ۾
قبرص به اچي وڃي ٿو، پر مون کي اها ڳالهه اعتبار ۾
نٿي اچي ته جسٽينين جي حڪومت جي دؤر ۾ وحشين اندر
ڪي آدمخور به موجود هيا. (پروڪوپيَس.ڊي.بيل 19
i,)
(10)
ڏسو پوڪوڪ جو تاريخي عربستان (صفحا 2، 5، 86
وغيره) 1664ع ۾ ايم.ڊي
آرويڪس جي مسافري جيڪا جبل ڪارمبل طرف ڪئي وئي
هئي، (فلسطين ۽ ائمسٽرڊم جي سامونڊي سير- 1718)
منجهان اسان کي بدويُن جي دلچسپ ۽ اصلي زندگي بابت
پروڙ پوي ٿي جنهن کي نيبهُر اڃا وڌيڪ کولي ٻڌايو
آهي (عربستان جو بيان، صفحا 344-327) ۽ والني
385-343
i,)
جيڪو شام جي سياحن مان آخري ۽ وڏو داناءُ شخص هو.
(11)
پڙهو (پر هي ڏاڍو ڪٺن ڪم آهي) گهوڙي ۽ اُٺ بابت
ڪجهه مضمون جن کي هڪ ٻئي سان ڀيٽي نٿو سگهجي ۽ اهو
احوال ايم.ڊي بفن جي فطري تاريخ ۾ موجود آهي.
(*) (خانداني ۽ وقار وارو)
(†)
(اُتر آفريڪا مان)
(12)
ڏسو ايم.ڊي.آرويڪس کي جنهن عربستان جي گهوڙن جو
تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. (صفحا 173-159) ۽ نيبهُر
(صفحا 144-142). تيرهين صدي عيسوي جي آخر ۾ نجد جا
گهوڙا مضبوط ۽ طاقتور هوندا هيا، يمن جا اڃا مضبوط
۽ ڪمائتا ۽ حجاز جا اصل نسل وارا هوندا هيا، پر
يورپ جا گهوڙا، جيڪي ڏهين نمبر تي ۽ سُٺائيءَ ۾ پڻ
آخري درجي وارا ليکيا ويندا هيا، گهڻو ڪري ناپسند
ڪيا ويندا هيا ڇو ته اُهي جسماني طور ٿلها ۽ بي
ڊؤلا هوندا هيا ۽ استعمال ڪرڻ ۾ مُردار قسم جا
هوندا هيا. (هربيلاٽ مشرق جي آتم ڪٿا، ص- 339)
سندن طاقت فقط ايتري هوندي هئي ته پنهنجي سوار،
سردار ۽ سندس زرهه جو وزن کڻي سگهن.
(‡) (وڪڻي ڇڏيائون)
(13)
(’جيڪي اُٺ جو گوشت کائن ٿا، اُهي ماڻهن کان نفرت
ڪرڻ ۾ پڪا پختا ٿين ٿا.‘) هي خيال عرب جي حڪيم
پوڪوڪ جا آهن، (اسپيسمين، ص- 88) ﷴ ﷺ جن خود جيڪي
کير جا شوقين هيا، ڳئون کي وڌيڪ پسند ڪندا هيا، پر
مڪي توڙي مديني وارا کاڌ خوراڪ جا گهڻا شوقين هيا،
(گئگنيئر، ﷴ ﷺ جو احوال 404
iii,)
(14)
حرقل جو مرسيَن (پيريپلو، ص- 16 ٽام ۾، هڊسن- ننڍي
جاگرافي ۾ عربستان ۾ هڪ سؤ چوهٺ ڳوٺن جا نالا
ڳڻائي ٿو. ڳوٺن جي سائيز شايد ننڍي هئي ۽ ليکڪ
ڪجهه وڏو ٿو لڳي.
(15)
ابوالفدا انکي دمشق تائين ڀيٽايو آهي (هڊسن ۾، 54
iii,)
جيڪا اڃا تائين يمن جي امام جي رهائشگاهه آهي
(نيبهُر جا سامونڊي سفر، 342-331
i,)
صنعا، دفار کان چوويهه (ابوالفدا، ص- 51) ۽ عدن
کان اٺهٺ پئرا سئنگ جي مفاصلي تي آهي. (ص- 53)
(پئراسئنگ فارس جو قديمي مفاصلي کي ماپڻ جو طريقو
هوندو هو جيڪو اٽڪل ساڍن ٽن ميلن جيترو هڪ پئرا
سئنگ هوندو هو).
(16)
پوڪوڪ (اسپيسيمين، ص- 57 (نيبهُر جي جاگرافي ص-
52، ميريابا يا معراب جنهن جو دائرو ڇهن ميلن جو
هو ۽ جنهن کي آگسٽَس جي فوجين تباهه ڪيو هو.
(پلني- فطري تاريخ- 32
vi,)
۽ جنهن کي هن چوڏهين صدي تائين بحال نه ڪيو هو.
(ابوالفدا- عربستان جو بيان، ص- 58)
(*) (يمن جا ماڻهو)
(17)
مديني شهر جو نالو اڳ يثرب هو پر پوءِ مديني جي
نالي کي چونڊيو ويو جيڪو پيغمبر ﷺ جي گاديءَ جو
هنڌ بڻجي ويو. ابوالفدا وڏي محنت ڪندي مديني کان
ٻين شهرن تائين جو مفاصلو به ٻڌايو آهي جنهن کي هن
منزلن يا ڏينهن جي مسافري ٻڌايو آهي (ص- 15) مديني
کان بحرينXV
، بصره
XVIII،
ڪوفو
XX،
دمشق يا فلسطين
XX،
قاهره
XXXI،
مڪو
X،
مڪي کان صنعا (ص- 52) يا عدن
XXX،
قاهره
XXXI،
ڏينهن يا 412 ڪلاڪ (شا جو سفرنامو، ص- 477) جيڪي
اندازاً ايم.ڊي موجب (يادگيريون- ص- 99) هڪ ڏينهن
جو سفر پنجويهه انگريزي ميلن جيترو ٿئي ٿو. لوبان
جي زمين کان (يمن ۾ هيڊراماٽ جي جڳهه جيڪا عدن ۽
فرتش جي وچ تي آهي) شام ۾ غازا جي مفاصلي کي
IXV
جيترن اُٺن جي جڳهن جيان ٻڌايو ويو آهي. هامايا يا
اندازاً تصور کي مدد ڪن ٿا ۽ حقيقتن کي واضح ڪن
ٿا.
(18)
مڪي جي باري ۾ اسان جا خيال يا سوچون عربن جي
معرفت اسان وٽ پهچن ٿيون. (ڊي. هربيلاٽ- مشرقي
واقعا- صفحا 371-368) پوڪوڪ، اسپيسيمين (صفحا
128-125) ابوالفدا (صفحا 40-11) جيئن ته ڪنهن به
غير مسلم کي پاڪ شهرن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه آهي
ته ان تي اسان جا سياح خاموش آهن ۽ ٿيوناٽ جيڪو هڪ
ننڍو اشارو ڏنو آهي اُهو آفريڪا جي هڪ غدار طرفان
آيو آهي. ڪجهه فارس وارن 6000 گهر ڳڻيا هيا.
(چارڊن- 167
iv,)
(19)
اسٽرابو- (1110
xvi,)
بصري جي ويجهو ڪجهه لوڻ جا گهر وڃي ڏسو. (ڊي-
هربيلاٽ، مشرقي واقعا، ص- 6)
(20)
اها هڪ عجيب صورتحال آهي ته وڏي آدمشماريءَ مان،
اڌ ماڻهو ڌنڌي ڌاڙي ۽ اڌ ڦُرلُٽ ذريعي زندگي گذارن
ٿا، (پلني- فطري تاريخ، 32
vi,)
سيل جي قرآن کي ڏسو، سوره- 503
cvi,)
پوڪوڪ ص- 5، گئگنيئر ﷴ ﷺ جن جي زندگي 126، 120، 72
) وغيره)
(21)
هڪ گمنام ڊاڪٽر (عالمي تاريخ، جلد
xx-
آڪٽئوو ايڊيشن) ۾ چڱيءَ طرح عربن جي آزاديءَ جي
حوالي سان عيسائيت جي سچائيءَ کي واضح ڪيو آهي. هڪ
نقاد حقيقتن جي باوجود به، متن جي معنيٰ يا تشريح
تي ممڪن آهي ته اعتراض ڪري، (جين 12
xvi,)
۽ متن جي لاڳو ڪرڻ ۽ حسب نسب جي بنياد تي به ممڪن
آهي ته غور ڪري.
(22)
سال 1173ع ۾ نامياري صلاح الدين ايوبي جي ڀاءُ ان
کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو هو جنهن ڪُردن يا ايوبين جي
شاهي گهراڻي جو بنياد وڌو هو. (هُنن
(Huns)
جي تاريخ 425
i,-
ڊي هربيلاٽ، ص- 477)
(23)
سليمان-I
(1538ع) ۽ سليم-II
(1568ع) ڏسو ڪينٽمير جي تاريخ- (عثمانيه شهنشاهت-
صفحا 221، 201) پاشا (بادشاهه) جيڪو صنعا ۾ رهندو
هو ۽ ايڪويهن خطابن سان کيس سڏيو ويندو هو، پر
تڏهن به بندر تان ناڻو پوءِ به وصول نه ٿيو (ڏسو
عثمانيه حڪومت جي فوج بابت احوال- ص- 124) ۽ ترڪن
کي نيٺ 1630ع ۾ ڀڄايو ويو. (نيبهُر- صفحا 168-167)
(24)
روم جا جيڪي صوبا عربستان ۽ ٽئين فلسطين ۾ هيا،
انهن جا مکيه شهر بوسترا ۽ پيترا هيا جن جي شروعات
سن 105ع ۾ ٿي هئي، جن کي پاما، جيڪو ٽراجن جو نائب
هو، پنهنجي حڪمرانيءَ هيٺ آندو هو. (ڊائن- ڪئسيَس
(ڪتاب
ixviii)
پيترا، نباسينَس جي گاديءَ جو هنڌ هيو جنهن جو
نالو حضرت اسماعيلؑ جي وڏي پٽ منجهان کنيو ويو
هيو، (جين 12
xxv,
وغيره) ۽ جنهن ۾ جيروم، لي ڪلرڪ ۽ ڪالميٽ جا تبصرا
به شامل آهن. جسٽينين تاڙيءَ جي وڻن جي ملڪ کي ڇڏي
ڏنو هو جيڪو اِيلا کان ڏکڻ طرف ڏهن ڏينهن جي
مسافريءَ تي هو. (پروڪوپيَس- ڊي- بيل 19
i,)
اُتي رومين سؤ فوجين جا ڪمانڊر ۽ هڪ ڪسٽم هائوس
قائم ڪري ڇڏيو هو جيڪو پيريپلو مارس يعني مديني جي
حدن اندر هو. (ايم.ڊي.ائنول مصر جون يادگيريون، ص-
243) ٽراجن بادشاهه جون ڪجهه صحيح ۽ جائز ملڪيتون
هيون ته ٻيا ڪي قبضا به هيا جيڪي سندس حڪومت ۾
سامونڊي فوج ذريعي حاصل ڪيا ويا هيا، (پيريپلو، ص
15-14) پر انهن واقعن کي تاريخ ۾ ڪجهه وڌائي به
پيش ڪيو ويو آهي جن ۾ رومين طرفان عربستان جي فتح
پڻ شامل آهي.
(†)
(مصر جو بادشاهه 1900 ق.م)
(25)
نيبهُر (عربستان بابت بيان (صفحا 331- 329-
330-302) تازو ۽ نهايت ئي اعتبار جوڳو پڻ آهي جيڪو
ترڪي جي شهنشاهت جي عربستان بابت جاسوسي ڪرڻ ۽
خبردار رهڻ سان تعلق رکي ٿو.
(26)
ڊايوڊورَس سِيڪيولَس (393-390،
ii,xix,،
جنهن کي ويسلگ ايڊٽ ڪيو) عربن جي نباسين طبقي جي
آزاديءَ کي چڱيءَ طرح وائکو ڪيو آهي جن ائنٽيگونَس
جي فوجن جو مقابلو ڪيو هو (جيڪو سڪندر اعظم جو
جنرل هيو) هن سندس پٽ جو به مقابلو ڪيو هو.
(†)
(ننڍي ترار، يا خنجر)
(27)
اسٽرابو (1129-1127
xvi,)
پلني (فطري تاريخ 32
vi,)
اِيليس گئلَس پهريون مديني ويو، معراب ۽ سمنڊ جي
وچ ۾ هڪ هزار ميلن جو سفر ڪري يمن جي هڪ علائقي ۾
داخل ٿيو. (يعني اُتي ويو جتي شيبا جا اُهي
بادشاهه موجود هيا جن کي هن وقت تائين ڪنهن به فتح
نه ڪيو هو. (29
i,)
جتي اهڙا خزانا به موجود هيا جن کي هن وقت تائين
ڪنهن هٿ به نه لاتو هو. (24
iii,)
هورئس عربستان جي نِجپڻي جو ذڪر ڪري ٿو.
(28)
پوڪوڪ جي لکيل يمن جي اڻپوري تاريخ جو مطالعو ڪيو،
(اسپيسيمين- صفحا 66-55) ۽ هرا کي به ڏسو (صفحا
74-66) ۽ گاسن کي به پڙهو. (صفحا 78-75) جيستائين
۽ جيتريقدر جهالت جي دؤر ۾ کين معلوم ٿي سگهيو يا
کين ڄاڻ ملي سگهي.
(*) بادشاهه خسرو يا فارس جو قيصر-II
(628-591ع) جنهن کي شهنشاهه حرقل شڪست ڏني، ۽ کيس
تخت تان لاهي قتل ڪيو هو.
(29)
’عرب مسلمانن جون ذاتيون ۽ قبيلا هزارن جي تعداد ۾
آهن جن مان گهڻا جهنگلي ۽ آزاد آهن.‘ انهن خيالن
جو اظهار مينانڊر ڪيو آهي ( هڪ ٽڪرو، ص 149)
پروڪوپيَس (ڊي-بيل 10-
ii،
19، 17
I,)
۽ ان کي وڌيڪ خوبصورت لفظن ۾ اميئينَس مارسيلينَس
بيان ڪيو آهي (4
xiv,)
جنهن هنن جي باري ۾ گهڻو اڳواٽ يعني مارڪَس
آريليَس جي حڪومت جي دؤر ۾ ڳالهايو هو.
(30)
جيڪو نالو بطليموس ۽ پلني محدود نموني سان ۽
اميئينَس ۽ پروڪوپيَس ڪشادي طريقي سان ورتو هو، سو
سارا کان ورتو ويو آهي جيڪا حضرت ابراهيمؑ جي گهر
واري هئي، شايد اهو نالو اڃا به ڳوٺ سراڪا کان
ورتو ويو هجي جيڪو گهڻو ڪري عربي لفظ لڳي ٿو جنهن
جو مطلب لڳ ڀڳ چوري ڪندڙ ڪردار جو آهي. مشرقي
ماحول يا صورتحال اها هئي، (هاٽنجر- مشرق جي
تاريخ، 8-7
i, i,)
پوڪوڪ (اسپيسيمين، صفحا 35-33) عاصمين (مشرقي
واقعا 567
iv,)
ان جي باوجود لفظن جي علم جي آخري ۽ وڌيڪ مشهور
حصي کي بطليموس رد ڪري ڇڏيو آهي (عربستان جو
احوال، ص 2، 18، هڊسن ۾ ٽام
iv)
هُن عرب مسلمانن جي اولهائين ۽ ڏاکڻين صورتحال تي
واضح تبصرو ڪيو آهي ۽ پوءِ مصر جي سرحدن تي رهندڙ
هڪ غير معروف قبيلي جو به ذڪر ڪيو ويو آهي. بهرحال
هي خطاب ڪنهن قومي ڪردار جي حوالي سان نه آهي، پر
جيئن ته ان کي ڌارين طرفان مڙهيو ويو هو ته ان کي
عربي ۾ ته نه باقي ڌارين زبانن ۾ ڳولي سگهجي ٿو.
(†)
(اڳتي وڌي ويو)
(‡)
(پاميرا جي راڻي جنهن جي شهنشاهه آريليَن هٿان
شڪست کي باب-11 ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
(31)
(عرب جا مسلمان چوندا آهن ته عورتون مٿن حڪومت
ڪنديون آهن). (مُنڊي جو هڊسن ۾ اظهار، ٽام
iii-)
معاويه جي حڪومت کي ڪليسائي ڪهاڻي ۾ بيان ڪيو ويو
آهي. پوڪوڪ، اسپيسيمين، صفحا 83-69.
(32)
هيءَ اگاسرچائيڊس جي رپورٽ آهي (هڊسن، ٽام-i)
ڊايو ڊررَس سڪيولَس (215، 47
i, iii,)
۽ اسٽرابو (1124
xvi,)
پر مون کي شڪ ٿو پوي ته هيءَ ڪا مشهور آکاڻي آهي
يا وري ڪن مشهور حادثن منجهان ڪو هڪ آهي جنهن سان
سياح سادگي ۽ ڀورڙائيءَ منجهان ان کي حقيقت سمجهڻ
لڳن ٿا يا وري ان کي ڪو رواج يا قانون سمجهن ٿا.
(33)
(قديم زماني ۾ عرب فقط پنهنجي جنگجُو هئڻ، پنهنجي
مهمان نوازي ۽ تقرير جي فن تي ناز ڪندا هيا.
(سيفيڊيَس، پوڪوڪ، اسپيسيمين، صفحا 162-161) تقرير
جي فن ۾ مهارت رکڻ تي سندن مقابلو فقط فارس وارن
سان ڪري سگهبو هو ۽ فصاحت بلاغت رکندڙ عرب
ڊيموسٿينس جي سادگي کي ڏسو. پر لڳي ٿو هو اوچي
معنيٰ رکندڙ دليلن کان شايد نفرت ڪن ٿا.
(34)
مان مهربان پڙهندڙن کي ياد ڏياريان ٿو ته آرويڪس،
ڊي هربيلاٽ ۽ نيبهُر گهڻو ڪري عربن جي حڪومت جي
هلت چلت کي خوبصورت ۽ رنگ برنگي نموني سان بيان
ڪيو آهي ۽ سندن بيان ۽ طرز کي ﷴ ﷺ جن جي زندگي ۾
پڻ ڏسي سگهجي ٿو.
(35)
حضرت ايوبؑ جي پهرئين باب جو غور سان مطالعو ڪيو ۽
1500 اسٽئڊيَمس جي ڊگهي ڀِت جيڪا سيسوٽرس،
پيلوزيَم کان هليوپولس تائين تعمير ڪرائي هئي
(ڊايو ڊورَس سڪيولَس- 67
i, i,)
ان کي به ڏسو، هائسوس جي نالي ۾ جيڪي ڌنارن مان
بادشاهه ٿي ويا هيا، ۽ اُنهن مصر کي به پنهنجي
فرمان هيٺ ڪري ڇڏيو هو. (مارشم، واقعا، صفحا
163-98 وغيره.
(36)
يا، ٻي هڪ خيال مطابق، 1200 (ڊي.هربيلاٽ. مشرقي
واقعا، ص- 75) ٻه تاريخدان، جن ’ايام العرب‘ کي
تحرير ڪيو هو، (عربن جون جنگيون) نائين ۽ ڏهين صدي
جا آهن. دَهيس ۽ گبراهه جي مشهور جنگ ٻن گهوڙن جي
ڪري لڳي هئي جيڪا چاليهه سال هلي هئي ۽ هڪ مشهور
چوڻي تي ختم ٿي. (پوڪوڪ، سيميسمين، ص 48)
(*) (مخالفاڻو)
(37)
عربن طرفان خون جي بدلي وٺڻ جي طريقي توڙي سندن
عملي مظاهري کي نيبهُر طرفان بيان ڪيو ويو آهي.
(بيان، صفحا 31-26) قديمي دؤر جي سخت روَين جو ذڪر
قرآن ۾ ڪيو ويو آهي. (230، 17، 20، 2) جنهن ۾ سيل
جا خيال به شامل آهن.
(38)
پروڪوپيَس (ڊي.بيل 16
i,)
ٻن مقدس مهينن کي اونهاري ۾ ڄاڻائي ٿو جڏهن سج خط
استوا کان گهڻو پري هوندو آهي. عربن سالَ جي چئن
مهينن کي پاڪ ۽ مقدس ڄاڻايو آهي. پهريون، ستون،
يارهون ۽ ٻارهون ۽ دعويٰ ڪن ٿا ته گهڻي زماني کان
وٺي، انهن مهينن ۾ امن امان فقط چار يا ڇهه دفعا
خراب ٿيو هو. (سيل جي شروعاتي گفتگو، صفحا 150-147
۽ قرآن جي نائين باب جو تفسير، صفحا 154 وغيره.
ڪسيري، واقعا، اسپين ۽ عربستان جا، 21-20
ii,)
(39)
ٻي صدي عيسوي ۾ آريَن تبصرو ٿو ڪري (پيريپلومارِس
ص- 12) ته عربن جي ٻوليءَ جي لهجن ۾ ڪڏهن ٿورا ته
ڪٿي وري تمام گهڻا فرق هيا. پوڪوڪ سندن ٻولي توڙي
اکرن يا لفظن کي تمام تفصيل سان بيان ڪيو آهي.
(اسپيسيمين، صفحا 154-150) ڪسيري، (واقعا، اسپين،
عربستان جا 25
ii,
292 83
i, i,
جو وغيره) ۽ نيبهُر (بيان، عربي ۾ صفحا 86-72) آءُ
خاموشيءَ سان چوان پيو، مون کي اها عادت ناهي ته
طوطي جيان رٽيل لفظن کي ويهي دهرايان.
(40)
هڪ ملندڙ جلندڙ قصي کي والٽيئر پنهنجي ڪتاب زئڊگ ۾
بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ عربن جي فطري ڏاهپ ۽
دورانديشي کي بيان ڪيو ويو آهي. (ڊي- هر بيلاٽ-
مشرقي واقعا- صفحا 121- 120) گئگنيئَر- آرويڪس يا
لاروق (فلسطين جو سفر- ص- 92) بدويُن جي مٿي بيان
ڪيل مٿڀرائيءَ جي ترديد ٿو ڪري. حضرت عليؓ جا چيل
هڪ سؤ اُڻهتر جملا جن جو لنڊن مان اوڪلي ترجمو ڪيو
آهي- 1718) عربن جي ذهانت جي سٺي تصوير پيش ڪن ٿا.
|