سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:30

ڪنهن مشرقي آکاڻين جي ڪتاب ۾ مون هڪ ريڍار بابت افسانو پڙهيو هو جيڪو پنهنجي خواهش جي پوري ٿيڻ تي پاڻ برباد ٿي ويو هو؛ هن ججهي پاڻي ملڻ جي خواهش ڪئي هئي ۽ نتيجو اهو نڪتو جو گنگا ندي جو پاڻي سندس ٻنين ۾ اٿلي پيو ۽ سندس سڄو مال جو ڌڻ توڙي سندس گهر پاڻيءَ ۾ لڙهي ويو. سندس نصيب اهڙو هو جهڙو يونان جي شهنشاهه اليگزيس ڪمنينَس جو هو جنهن جو نالو اڳ ۾ ئي هن تاريخ ۾ آيل آهي(*) ۽ جنهن جي ڪردار کي سندس ڌيءُ اَئنا(64) بلڪل مختلف طريقي سان بيان ڪيو آهي ته لاطيني ليکڪن(65) به ان جو تذڪرو ڪيو آهي. پليسينشيا جي ڪائونسل ۾ سندس سفيرن ننڍي مدد لاءِ درخواست ڪئي هئي جيڪا شايد ڏهه هزار سپاهين جي هئي، پر کيس وڏن سردارن ۽ جنوني قومن جي ڪردار تي حيرت وٺي وئي هئي. شهنشاهه اُميد خوف، بزدلي ۽ مردانگيءَ جي وچ تي لڙڪيل رهيو پر هڪ منافقت واري پاليسي جنهن کي هن غلط فهميءَ مان ڏاهپ سمجهيو هو، جنهن جو مون کي اعتبار نٿو اچي، ۽ آءٌ سوچي به نٿو سگهان ته هن فرانس جي سورمن جي زندگي ۽ سندن وقار خلاف بدنيتي ۽ ڪدورت منجهان ڪا سازش سِٽي هئي. راهب پيٽر جا گڏيل سڏيل ماڻهن جا لشڪر جهنگلي جانورن جهڙا هيا جيڪي انسانيت ۽ دليلن کان وانجهيل هيا ۽ اليگزيَس لاءِ اهو ممڪن ڪونه هو ته کين روڪي يا سندن تباهيءَ تي ويهي افسوس ڪري، گاڊفري ۽ سندس هڪ جهڙن جون فوجون ايتريون نفرت لائق نه هيون، پر پوءِ به يوناني شهنشاهه جي نظرن ۾ مشڪوڪ ضرور هيون، سندن مقصد ڀلي صاف ۽ سچا هجن پر هو حرص رکندڙ بوهيمنڊ کان وڌيڪ محتاط هيو ۽ ٽرنسالپن جي سرواڻن کان ناواقفيت سبب به ناراض هو؛ فرانس وارن جي جرئت انڌي ۽ سرڪشي واري هئي، يونان جي دولت ۽ عياشي هنن لاءِ بيحد هرکائيندڙ هئي ۽ هو پنهنجي اجيت فوجي طاقت ۾ مست مگن هيا ۽ اهو به امڪان هو ته هو قسطنطنيہ جي پرڪشش شهر تي موهجي جيروسلم کي وساري ڇڏن. ڊگهي سفر ۽ تڪليف ڏيندڙ پرهيز کان پوءِ، گاڊفري جي فوجن ٿريس جي ميدانن تي وڃي خيما کوڙيا، پر اُنهن کي اهو معلوم ڪري سخت ڏک به ٿيو ۽ ڪاوڙ به آئي ته سندن ڀاءُ ورمئنڊوز جي امير کي يونان ۾ قيد ڪيو ويو هيو ۽ سندن ناراض نواب ڪڏهن کين ردِعمل جون ته ڪڏهن کين ڦُرلُٽ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو هو. نيٺ اليگزيَس جي مداخلت تي اُهي ڪجهه ڍرا ٿيا، هن سندن ڪئمپ جي مدد ڪرڻ جو واعدو ڪيو ته سياري جي موسم ۾ باسفورَس مان کين گذرڻ ڏنو ويندو ۽ سندن ڪئمپن کي سمنڊ جي سوڙهي پٽي جي ڀر ۾ باغن ۽ محلاتن ۾ قائم ڪيو ويو هو. پر ٻن قومن جي اندر ۾ حسد جي باهه ڀڙڪي رهي هئي جيڪي غلامن توڙي بربرن جي حيثيت ۾ هڪ ٻئي کان سخت نفرت ڪندا هيا. جهالت، شڪن کي جنم ڏيندي آهي  روزانو ڪنهن کي اُڪسائڻ ۽ ڪاوڙائڻ، شڪن جي زخمن تي مِرچَ ٻُرڪيندو رهندو آهي، تعصب انڌو ۽ بک ٻوڙي هوندي آهي، ۽ اليگزيَس تي اهو الزام آهي ته هن لاطينين کان يا ته بُکون ڪاٽرايون يا وري اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ مٿن حملا ڪيا جڏهن هو هر طرف کان پاڻيءَ ۾ وڪوڙيل هيا(66). گاڊفري پنهنجا توتارا وڄرايا، رُڪاوٽن کي دور ڪيو، ميدانن ۾ هر طرف پکڙجي ويا ۽ پاڙي اوڙي جي ڳوٺن جون بيعزتيون ڪيائون(*) پر قسطنطنيہ جا گيٽ بيحد مضبوط هيا، مورچن تي تيرانداز چؤڪس هيا ۽ ٿوري وقفي جي لڙائيءَ کان پوءِ ٻنهي ڌرين نيٺ امن ۽ مذهب جي آواز کي ٻڌو ۽ ٺاپُر ٿي. شهنشاهه طرفان تحفا ڏنا ويا ۽ واعدا ڪيا ويا جنهن ذريعي مغرب جي ڌارين ۽ بيگانن ماڻهن جا گرم مزاج ڪجهه ٿڌا ٿيا، جيئن ته هو خود عيسائي جنگجُو هيو، هن پنهنجن مخالفن جي جذبن جو رُخ پاڪ مقصد ڏانهن موڙيو جنهن لاءِ کين پنهنجي فوجي توڙي مالي مدد جو يقين پڻ ڏياريائين. بهار ايندي ئي، گاڊفري کي مجبور ڪيو ويو ته هو ايشيا ۾ بهتر ۽ آرام واري ڪرسي والاري ويهي رهي ۽ جيئن ئي هن باسفورس کي اُڪاريو، ته يوناني جهازن کي پٺتي موٽايو ويو ته جيئن اُهي ٻي ڪناري تي لنگرانداز ٿين. ٻين اڳواڻن سان پڻ ساڳيو ورتاءُ ڪيو ويو جيڪي گاڊفري جي مثال مان سخت پريشان ٿيا ۽ پنهنجن همت ڀرين ساٿين جي روانگي سبب پاڻ کي ڪمزور سمجهڻ لڳا. پنهنجي ذهانت ۽ محنت سان اليگزيَس ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته جيئن ڪي به ٻه اتحادي فوجون هڪ ئي وقت تي قسطنطنيہ جي اردگرد ۾ پاڻ ۾ ساڳئي وقت تي هڪ ٻئي سان نه ملن ۽ پينٽ ڪاسٽ جي جشن کان اڳ هڪڙو به لاطيني زيارتي يورپ جي ڪنهن به ڪناري تي موجود ڪونه هو.

ساڳيون فوجون، جن يورپ کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو هو، شايد ايشيا کي نجات ڏيارن ۽ ترڪن کي، پاڙي وارن باسفورس ۽ هيليسپانٽ جي سامونڊي ڪنارن تان ڀڄائي ڪڍن. سٺا ۽ پُرامن صوبا جيڪي نائيسيا کان انتاڪيا تائين هيا اُهي روم جي شهنشاهه کي ورثي ۾ مليا هيا ۽ شام ۽ مصر جي بادشاهتن تي سندس قديمي ۽ دائمي دعويٰ اڃا تائين برقرار هئي. شايد خوشي ۽ جوش مان اليگزيَس جي خواهش هئي ته پنهنجن اتحادين جي مدد سان هو اوڀر جي ملڪن جا تختَ ڪيرائي ۽ کين تباهه ڪري ڇڏي. پر جڏهن ڪجهه ٿڌو ٿي سوچيائين ته سندس ضمير جي آواز ائين ڪرڻ کان کيس روڪيو ۽ پوءِ فيصلو ڪيائين ته هو پنهنجي شاهي ۽ مٿاهين حيثيت کي ڌارين ۽ جاهل بربرين اڳيان ظاهر نه ڪندو. سندس دورانديشي ۽ فخر واري بردباري ان ڳالهه تي مطمئن هئي ته هو فرانس جي بادشاهن کان قسم تي اهو واعدو وٺندو ته اُهي پاڻ کي روم جي شهنشاهه جي پاليل نوڪرن جيان سندس ٻيلي ۽ ٻانها سمجهندا ۽ جيڪي سوڀون هنن ايشيائي علائقن جون ڪيون هيون اُنهن کي به هو روم جي شهنشاهت جو حصو سمجهندا ۽ روم جي شهنشاهه جا دائمي وفادار ٿي رهندا. سندن آزاد مزاج کي، مٿن مڙهيل غلاميءَ جي ذڪر سان ئي باهه وٺي وئي، پر هنن چالاڪي ڪندي شهنشاهه ڏي تحفا موڪليا ۽ سندس خوشامد شروع ڪري ڏنائون، ۽ جيڪي پهريان مذهب مٽائيندڙ هيا اُهي تقرير جا ماهر ۽ ڪامياب پرچارڪ هيا پر سندن تعداد وڌڻ سان سندن شرمساري به اوتري ئي وڌي وئي هئي. ورمئنڊوز جي هُو جي عزت بچي وئي ڇاڪاڻ ته قيديءَ جي حيثيت ۾ کيس مانُ ڏنو ويو ۽ فرانس جي بادشاهه جي ڀاءُ جي سلسلي ۾، سندن پيش پوڻ جو مثال سٺو ۽ وزنائتو هو. بولن جي گاڊفري جي ذهن ۾ هر انساني خيال يا جذبو خدا جي مرضي ۽ سندس اعليٰ شان جي تابع هو ۽ صليبي جنگين ۾ ڪاميابي به سندس ئي مرضيءَ جي محتاج هئي. هن بوهيمنڊ ۽ ريمنڊ طرفان لالچن جي آڇ کي ٺڪرائي ڇڏيو جن قسطنطنيہ تي حملي ڪرڻ ۽ ان کي فتح ڪرڻ جو مٿس زور ڀريو هو. اليگزيَس سندس ڪردار کان متاثر ٿيو ۽ کيس روم جي شهنشاهت جو سورمو ڪري مڃيائين ۽ سندس وفاداريءَ جو قدر ڪندي کيس پنهنجو پُٽ ڪري اختيار ڪيائين(67). نفرت لائق بوهيمنڊ جو هڪ سچي ۽ پراڻي ساٿي طور استقبال ڪيو ويو ۽ جيڪڏهن شهنشاهه کيس پراڻي دشمنيءَ جي ياد تازي ڪرائي هئي ته اُها به فقط هن ڪري ته کيس سندس ان جرئت جي تعريف ڪرڻي هئي جيڪا هن اڳ ڏيکاري هئي ۽ ٻيو ته هُن دُرازو ۽ لاريسا(*) جي هنڌن تي پنهنجو وقار وڌايو هو. گسڪارڊ جي پٽ کي هڪ هنڌ ترسايو ويو هو ۽ شاهي طريقي سان سندس خدمت ڪئي وئي، هڪ ڏينهن جيئن هو محلات جي ورانڊي مان گذريو ته هن ڏٺو ته محلات جو هڪ دروازو کليو پيو هو جتي کيس سون، چاندي، ريشم ۽ هيرن جو خزانو نظر آيو، ان کانسواءِ بيحد قيمتي فرنيچر پڻ ڏٺائين جيڪو محل جي هيٺئين طبقي کان وٺي ڇت تائين هيڏي هوڏي پکڙيو پيو هو. حيرانگيءَ مان مَڄُو ۽ ڪنجوس شخص چيو: ’جنهن وٽ ايترو ۽ اهڙو قيمتي خزانو موجود هجي ته ان لاءِ سوڀون حاصل ڪرڻ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي.‘ ”اهو تنهنجو پنهنجو آهي“، هڪ يوناني نوڪر کيس جواب ڏنو جنهن سندس چرپر تي نظر ٿي رکي ۽ بوهيمنڊ، ٿوري دير لاءِ ته وائڙو ٿي ويو، نيٺ پاڻ سنڀاليندي اهي قيمتي تحفا خوشيءَ سان قبول ڪيائين. نارمنڊي جو ماڻهو يعني برهيمنڊ ان يقين ڏيارڻ تي خوش ٿيو ته کيس هڪ رياست جو نواب بڻايو ويندو، اليگزيَس، سندس طرفان اوڀر جي هڪ وڏي نواب يا جنرل بنائڻ جي وڏي مطالبي مڃڻ کان صاف انڪار ڪرڻ جي بجاءِ نٽائڻ ۽ لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي. ٻه رابرٽ، انگلنڊ جي فاتح جو پٽ ۽ ٽن راڻين(68) جو ويجهو عزيز واري واري سان بازنطيني تخت اڳيان وڃي جهُڪيا. چارٽريس جي اسٽيفن جو ذاتي خط شهنشاهه جي تعريف جي تصديق ٿو ڪري جيڪو واقعي هڪ باڪمال شخص ۽ سخي مرد هو جنهن کيس سمجهايو هو ته هو کيس پسند ايندو هو ۽ سندس ننڍي پٽ کي پڙهائڻ ۽ زندگيءَ ۾ ڪٿي ٿانيڪو ڪرڻ جو واعدو ڪيو هئائين. سندس ڏاکڻين صوبي ۾، سينٽ گائيلز ۽ ٽولوز جي امير فرانس جي بادشاهه کي مشڪل سان سڃاتو هو جيڪو هڪ ڌاري قوم ۽ ڌاري ٻولي جو حاڪم هيو. هڪ لک ماڻهن جي سامهون هن اعلان ڪيو ته هو فقط حضرت عيسيٰؑ جو سپاهي ۽ خادم هيو ۽ يوناني شايد هڪجهڙائي ۽ دوستي واري معاهدي سان ئي مطمئن ٿي سگهندا. سندس طرفان سختيءَ واري مزاحمت سندس نياز نوِڙت جي قدرن کي وڌائي ڇڏيو ۽ هو بربرن ۾ ائين نمايان هو جيئن جنت ۾ چنڊ، تارن جي جهرمٽ ۾ چمڪندو آهي. فرانس وارن جي گوڙ شور ۽ سندن گستاخي واري روَيي تي کيس بيحد ڪاوڙ هئي ۽ بوهيمنڊ جي ارادن تي کيس شڪ هيو، پر شهنشاهه پنهنجو راز پنهنجي وفادار ريمنڊ سان اوري ڇڏيو هو ۽ اُنهيءَ بزرگ ۽ داناءُ ماڻهو بوهيمنڊ جي ارادن مان ئي سمجهي ورتو هو ته ’هو دوستيءَ ۾ ڀلي ڪيترو به ڪوڙو ڇو نه هجي پر دشمنيءَ ۾ بيحد مخلص هيو.‘(69) جرئت ۽ مردانگيءَ جي جذبن کي آخري ڀيري ٽئنڪريڊ جي ذات ۾ چيڀاٽجندي ڏٺو ويو هو ۽ ان بهادر امير جي ڪاپي ڪندي ڪنهن به پاڻ کي بيعزتو محسوس نه ڪيو. کيس سون کان به نفرت هئي ته يوناني حاڪم جي خوشامد کان به کيس بُڇان لڳندي هئي ۽ هن پنهنجي موجودگيءَ ۾ هڪ بزرگ جي گستاخيءَ تي کيس بيعزتو ڪيو، هڪ ذاتي سپاهيءَ جي حيثيت ۾ ايشيا ڏانهن کسڪي ويو ۽ ٿڌو ساهه ڀريندي بوهيمنڊ جي اختيارن آڏو آڻ مڃيائين. ۽ اهو سڀڪجهه فقط انڪري ڪيائين ته جيئن عيسائيت جي پرچار ۽ مقصدن کي اڳتي وڌائي سگهجي. ظاهري طرح جيئن ته اليگزيَس جي جهازن ۽ ان جي اجازت کانسواءِ سمنڊ اُڪرڻ ۽ پنهنجو وَچن پاڙڻ ناممڪن هو ته اهوئي ظاهري ۽ اهم سبب هو جنهن کين پٺتي رکيو هو، پر پوءِ به اُنهن جي اندر ۾ هڪ لِڪل اُميد ضرور هئي ته، جيئن ئي اُهي ايشيا کنڊ تي قدم رکندا، ته سندن ترارون هنن جي حضور شرميءَ کي به ختم ڪري ڇڏينديون ۽ ان پروگرام کي به درهم برهم ڪري ڇڏينديون، جيڪو شايد خلوص سان به مڪمل نه ڪري سگهجي ها. پنهنجي طرفان عقيدت جو نذرانو هنن اهڙن ماڻهن کي پيش ڪيو جيڪي تڪبر يا وڏائيءَ کي طاقت جو سرچشمو سمجهندا هيا. سامهون تخت تي گونگو ۽ چرڻ پرڻ کان عاري هڪ شهنشاهه ويٺو هو، لاطيني بادشاهن ’جيئندا قبلا‘ چئي پنهنجو احترام پيش ڪيو ۽ اُهي سندس اڳيان جهڪيا ته جيئن سندس پيرن يا گوڏن تي چُميون ڏئي سگهجن. هڪ اهڙي ذلت جنهن لاءِ سندن ليکڪ به اها ڳالهه مڃيندي شرمسار ٿيندا آهن ته وري حقيقت کي لڪائي به نه سگهندا آهن(70).

حڪومتي توڙي ذاتي ۽ عوامي سطح تي اميرن ۽ نوابن طرفان اُٿاريل چؤٻول کي دٻايو ويو پر هڪ فرانسيسي امير (جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُهو پئرس جو رابرٽ هيو)(71) اهو تاثر ڏنو ته هو تخت تي ويهندو ۽ پاڻ کي اليگزيَس جو حمايتي ظاهر ڪيائين، اهڙي بيهودي حرڪت بالڊوِن کي سخت غصي ۾ آڻي ڇڏيو جنهن مٿس ملامت ڪندي هي جملو بربرن جي انداز ۾ چيو: ’هي جاهل ڄَٽ ڪير آهي جيڪو پنهنجي ڪرسي تي ويٺو آهي جڏهن ته ڪيترائي مان وارا ۽ معزز شخص سندس چؤڌاري بيٺل آهن؟‘ شهنشاهه پنهنجي خاموشيءَ کي برقرار رکيو، پنهنجي ڪاوڙ کي اندر ۾ پِي ڇڏيائين، ۽ پنهنجي ترجمان کان اُنهن لفظن جو مطلب پڇيائين جيڪي سندس مخالف اشارن ۽ مُنهن جي نقش نگارن جي عالمي زبان ۾ کيس چئي ويو هو. زيارتين جي رواني ٿيڻ کان اڳ ۾ هن ان امير جو نالو ۽ باقي تعارف يا تفصيل معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ’آءٌ هڪ فرانسيسي آهيان‘ رابرٽ جواب ڏنو، ’۽ منهنجو اصل نسل نِج ۽ صاف آهي ۽ پنهنجي ملڪ جي قديم ۽ بيحد معزز خاندان سان منهنجو تعلق آهي. جيتريقدر مون کي معلوم آهي ته منهنجي پاڙي ۾ هڪ ڪليسا آهي(72) جيڪو اُنهن ماڻهن جو گهر آهي جن جي خواهش هوندي آهي ته اُهي پنهنجي بهادريءَ کي دوبدو جي مقابلن ۾ آزمائيندا آهن. دشمن جي ظاهر ٿيڻ تائين، ڪليسا جا رهواسي الله جي عبادت ۾ مشغول هوندا آهن ۽ ان جي خاص درويشن ۽ وَلين سان رابطي ۾ رهندا آهن. آءٌ به ان چَرچ ۾ اڪثر ايندو ويندو رهيو آهيان پر مون کي اڄ ڏينهن تائين اهڙو مخالف مليو ئي ڪونهي جنهن کي ڪڏهن اها جرئت ٿي هجي ته منهنجي للڪار کي قبول ڪري.‘ اليگزيَس ان بهادر ماڻهوءَ کي وڃڻ ڏنو ۽ ويندي ويندي کيس ترڪي جي جنگ ۾ سندس ڪردار لاءِ ڪجهه دورانديشي وارا مشورا کيس ڏنائين ۽ تاريخ جي صفحن تي هي يا اهڙي قسم جا واقعا درج ٿيل آهن جيڪي ان وقت جي طور طريقن ۽ اخلاق عادتن جي شاهدي ڏين ٿا.

ايشيا جي فتح جو ڪارنامو فقط سڪندراعظم جي حصي ۾ آيو هو جنهن سان پنجٽيهه هزار مئسڊونيا ۽ يونان جا فوجي گڏ هيا(73) ۽ پيادل فوج جو مضبوط دستوئي سندس طاقت ۽ نظم ۽ ضبط جو وڏو سهارو هو. پر صليبي جنگ لاءِ جيڪا خاص فوج هئي اُها سندس گهوڙيسوار دستا هيا، ۽ جڏهن اُهي بٿنيا جي ميدان تي وڃي لٿا ته امير ۽ سندن ويڙهاڪ خادم ۽ دربان جيڪي گهوڙن تي سوار هيا انهن جو تعداد هڪ لک جي لڳ ڀڳ هو ۽ اُهي هٿيارن ۽ زرهن سان چڱيءَ طرح مسلح هيا. هنن سپاهين جي قدر ۽ قيمت لاءِ اسان وٽ پورا تفصيل هئڻ گهرجن ۽ يورپ جي بهادري پنهنجي پهرين ڪوشش ۾ ئي بيحد طاقتور گهوڙيسوار فوج سان مسلح هئي، ڪجهه پيادل فوج کي پڻ مدد لاءِ شامل ڪيو ويو هو، جيڪي اسڪائوٽن، سورمن ۽ تيراندازن جي مدد لاءِ اتي حاضر هيا، پر جيئن ته بيشمار انبوهه ۾ ماڻهن جي وَڻ وَڻ جي ڪاٺي شامل هئي ته انهن ۾ نظم ۽ ضبط قائم نه رهي سگهيو ۽ اُهي ڇڙوڇڙ ٿي ويا تنهنڪري اسان سِرن جي ڳڻپ جي معلومات تي نه ڀاڙينداسون پر نواب بالڊوِن(74) جي ننڍي پادري جي ڳالهه تي اعتبار ڪنداسون، جنهن ۾ هن ڇهن لکن زيارتين جو ذڪر ڪيو آهي جيڪي هٿيار کنيون ٿي هليا، پادري راهب، ۽ بيشمار عورتون ۽ ٻارڙا ان کانسواءِ لاطيني ڪئمپ ۾ موجود هيا. هاڻي جو پڙهندڙ تعجب مان ڇرڪ ڀري ان کان اڳ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو ۽ آءٌ ساڳي شاهديءَ تي ڀاڙيندس ته جن به صليب جو نشان پائي ڇڏيو هو ۽ اُنهن سڀني پنهنجو وَچن پورو ڪري ڇڏيو هو ته انهي حساب سان سٺ لک ماڻهن يورپ کان ايشيا ڏي هجرت ڪئي هئي. اعتقاد جي هن وڏي معرڪي ۾ مون کي هڪ وڏي ڏاهي ۽ سوچ رکندڙ ليکڪ(75) کان وڏو قلبي سرور مليو آهي جيڪو گهوڙيسوار فوج جي ساڳئي تجزيي ڪرڻ کان پوءِ، چارٽريس جي پادري جي سادگيءَ تي الزام ٿو مڙهي، بلڪ مٿس شڪ ٿو ڪري ته سسالپائن جا خِطا(*) (فرانس جي ماڻهوءَ جي جاگرافي موجب) خود ايترا ته وڏا هيا جو اُهي به ايڏي وڏي لشڪر مهيا ڪرڻ لاءِ ڪافي هيا، جيڪي ٿڌي مزاج جا نقاد آهن اُنهن کي ياد هوندو ته هنن مذهبي عقيدتمندن مان بيشمار ماڻهن ته قسطنطنيہ يا نائيسيا کي اڃا تائين ڏٺو به نه هيو، جذبن وارن گهڙين ۾ اثر سانتيڪو نه رهندو آهي ۽ ٻيو وري اهو عارضي هوندو آهي ۽ ڪيترا ماڻهو ته سبب يا بغير ڪنهن سبب يا بزدليءَ کان پنهنجن گهرن ۾ ئي رهجي ويا هيا. ٻيا گهڻائي وري مفلسي، ڪمزوري يا بيماري سبب وچن پوري ڪرڻ لاءِ شامل نه ٿي سگهيا هيا ۽ ٽيان وري رستي تي رڪاوٽن سبب پٺتي موٽي ويا هيا ۽ جيڪي اڻٽر ۽ اَجيت هيا اُنهن سورمن کي جاهلن ۽ مذهبي جنونين ڏٺو به نه هو. هنگري ۽ بلغراد جهڙا وحشي ملڪ ته ڄڻ هڏاوان پڃرا ٿي ويا هيا، سندن سرواڻ ۽ اڳواڻ ته ترڪي جي سلطان هٿان ڪٽجي ڳترا ڳترا ٿي چڪا هيا ۽ پهرئين ئي جنگي معرڪي ۾ سندن جانين جو نقصان، جيڪو ترار، سخت موسم يا ٿَڪ سبب ٿيو هو، ٽي لَکَ انسان ٻڌايو وڃي ٿو جنهن کي اسان اڳ ۾ ئي بيان ڪري چڪا آهيون، ان جي باوجود جيڪي لشڪر اڃا بچي ويا هيا، اُنهن اڳتي سفر کي جاري رکيو ۽ جيڪي پنڌ کي، زيارت جي شوق ۾ اڳتي ڌوڪيندا رهيا، اهو موضوع خود هنن لاءِ توڙي يونانين لاءِ حيرت ڏياريندڙ هيو. راڻي ائن(76) جي زبان ۽ سندس ٻوليءَ جي طاقت ان وقت ٿڪجي پوي ٿي جڏهن هوءَ زيارتين جو منظر نامو پيش ڪري ٿي. ’ڪکَ، پن، گل، ٻوٽا، سمنڊ جي واري يا بهشت جا ستارا به شايد اهو بيان پوريءَ طرح ادا نه ڪري سگهندا جيڪو هن پاڻ پنهنجين اکين سان ڏٺو هو يا ماڻهن کان ٻڌو هو ۽ اليگزيَس جي ڌيءُ تعجب جو اظهار ڪندي چوي ٿي ته ’سمورو يورپ ڄڻ بنيادن کان اُکڙجي ايشيا مٿان پلٽجي پيو هو‘. ڊئريَس ۽ زرڪسز جهڙن قديمي ماڻهن به شايد اهڙو مثال پيش نه ڪيو هوندو پر مون کي يقين آهي ته دنيا ۾ اهڙو مثال نٿو ملي ته ماڻهن جوا يڏو وڏو تعداد ڪنهن هڪ ڪئمپ ۾ ڪڏهن گڏ ٿيو هوندو جهڙو هن دفعي نائيسيا جي گهيري وقت هو، جيڪو لاطيني بادشاهن جو پهريون وڏو معرڪو هو. سندن مقصد، سندن ڪردار ۽ سندن فوجن جي تعداد تي اڳ ۾ ئي تبصرو ٿي چڪو آهي. فوجن منجهان وڏي ۾ وڏو تعداد فرانس وارن جو هيو، ٻيا ماڻهو هيٺاهين ملڪن، رائين جي ڪنارن ۽ اپوليا کان آيا هيا ۽ ٻين وري پنهنجن ملڪن کان مددگار جٿا ڏياري موڪليا هيا؛ بيشمار ماڻهو اسپين، لومبارڊي ۽ انگلنڊ(77) ۽ آئرلئنڊ ۽ اسڪاٽلئنڊ(78) جهڙن ڏورانهن ملڪن کان به هتي پهتا هيا؛ ڪي ته اگهاڙا ۽ وحشي جنوني پڻ هيا پر ڪمال اهو جو اُهي پنهنجن گهرن ۾ ته بيحد خطرناڪ هيا پر ٻاهر نڪري پُرامن ٿي ويا هيا. جيڪڏهن وهم وسوسا، بيحد غريب ۽ ڪمزور ترين عيسائين کي زيارت جي شرف کان محروم ڪرڻ جي عمل کي مذهبي بي حرمتي جي زمري ۾ نه آڻن ها ته ماڻهن جي بيڪار هجوم کي، جن کي وات ته هيا پر هٿ ڪونه هيا، تيستائين يونان جي شهنشاهت ۾ ترسايو وڃي ها جيستائين سندن ساٿي پنهنجي آقا جو رستو ڳولي پنهنجو مقصد ۽ منزل ماڻي وٺن ها. بچيل ماڻهن مان ڪجھ زيارتين کي، جيڪي باسفورس اُڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هيا، مقدس مقبري جي زيارت ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. اُتريان علائقا گرميءَ ۾ پڄري رهيا هيا ۽ شام ملڪ جي سج جي پاڻيءَ جي بخارن سبب وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويا هيا. گرميءَ جي سخت تپش جي ڪري ماڻهن سڄو سارو جمع ٿيل پاڻي ۽ کاڌي جو اسٽاڪ ختم ڪري ڇڏيو، انسانن جو تعداد هن ننڍي ملڪ کان گهڻو وڏو هو، سمنڊ پري هو، يونانين جو روَيو مخالفاڻو ۽ نامهربانن وارو هو، تنهن ڪري هر فرقي جا عيسائي ملڪ ڇڏي ڀڄڻ لڳا ڇاڪاڻ ته سندن ڀائرن مٿان ڦُرلُٽ کان سواءِ ظلمن جو قهر پڻ نازل ٿي چڪو هو. سخت ڏڪر جي حالت ۾، اُنهن ڪڏهن ڪڏهن کير پياڪ ٻارڙن ۽ قيدين کي ڪُهي انهن جي گوشت کي ڀُڃي ٿي کاڌو. ترڪن ۽ عرب مسلمانن جي نظرن ۾ يورپ جي بت پرستن پنهنجي پاڻ کي نفرت لائق بنائي ڇڏيو هو ۽ پنهنجي شهرت آدمخورن واري ٺاهي ڇڏي هئي، ۽ اُهي ماڻهو جيڪي لِڪي ڇَپي بوهيمنڊ جي بورچيخاني تائين پهچي ويا هيا، اُنهن کي ڪيترن انسانن جي جسم جي ٽڪرن کي ڪباب جي سيخن ۾ ڦرندي ڏٺو ويو ۽ هن چالاڪ نارمن اهڙين خبرن کي اڃا وڌيڪ مشهور ڪيو جنهن ڪري لادينن خلاف خوف ۽ نفرت ماڻهن ۾ ويتر وڌي وئي(79).

مون خوشيءَ مان صليبين جي پهرئين مرحلي جو تفصيلي احوال بلڪل ائين لکيو آهي جيئن انهن پنهنجي تصوير، اٿڻي ويهڻي ۽ يورپ جي ڪردار جي نقش نگاري خود ڪئي آهي، پر آءٌ اُنهن جي اجائي ۽ انڌي حاصلات، جيڪو هڪ ڊگهو ۽ اينگهائيندڙ داستان آهي، جي احوال کي مختصر ڪري ٻڌائيندس. هنن فقط زور تي ٿورو ڪجھ حاصل ڪيو جنهن کي جهالت بيان ڪيو. سندن سفر جي پهرين اسٽيشن نڪو ميڊيا کان اُهي لڳاتار پنڌ ڪندي هليا، يونان جي مقرر ٿيل حدن مان لانگهائو ٿيا، پهاڙن منجهان پنهنجي لاءِ هڪ رستو ٺاهيائون، ۽ گاديءَ جي هنڌ تي قبضو ڪندي هنن پنهنجي پاڪ جنگ ترڪي جي سلطان جي خلاف شروع ڪري ڇڏي. سندس رُوم جي بادشاهت هيليسپانٽ کان شروع ٿي شام جي آخري سرحدن تائين پکڙيل هئي، ۽ هنن جيروسلم جي زيارت تي پابندي هڻي ڇڏي، سندس نالو قليچ ارسلان يا فقط سليمان هو(80) جيڪو سلجوقن جي قوم جو فرد ۽ ترڪن جي پهرئين فاتح جو پٽ هو ۽ جنهن تي ترڪ موروثي حق رکندا هيا. هو پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت ڪرڻ ۾ سڀني کان اڳڀرو هو ۽ دشمن به سندس تعريف ڪندا هيا ۽ اهي سندس دشمن ئي هيا جن ذريعي هو پنهنجي نئين نسل ۾ ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. صليبين جي پهرئين ڌوڪيندڙ زور اڳيان هن پاڻ کي ڪمزور سمجهيو ۽ دورانديشي ڪندي پنهنجي ڪٽنب ۽ دولت کي نائيسيا ۾ رکيائين ۽ پاڻ پنجاهه هزار گهوڙن سان گڏ هڪ پهاڙي علائقي ۾ هليو ويو جتان هو ٻه دفعا، عيسائي حملي ڪندڙن جي ڪئمپ تي حملي جي خيال کان جبلن تان هيٺ لهي آيو جيڪي ڇَهن ميلن جي دائري تائين هيڏي هوڏي ٽڙيل پکڙيل هيا. نائيسيا جون اوچيون ۽ مضبوط ديوارون هڪ اونهي کَڏ ۽ ٽي سؤ ستر قلعي نما منارن ذريعي محفوظ ڪيون ويون هيون ۽ عيسائي دنيا جي هن اهم موقعي تي، مسلمان هٿيارن جي استعمال ڪرڻ ۾ وڌيڪ تيز هيا ڇو ته اُنهن فوجي سکيا ورتي هئي ۽ مذهبي حوالي سان سندن اندر ۾ باهه ڦڙڪي پئي هئي. هن شهر کان اڳ فرانس وارن سندن اسٽيشنن ۽ مورچن تي قبضو ڪري ورتو هو ۽ بغير ڄاڻ ڏيڻ يا آڻ مڃڻ جي مٿن حملا ڪيا هيائون، لڏپلاڻ سندن جرئت کي وڌايو هو پر سندن بهادري ظلمن سان داغدار هئي، ۽ نتيجو اهو نڪتو جو هڪ ٻئي جي خلاف سندن حسد ۽ دشمني جي فضا ۾ واڌارو اچي ويو. نائيسيا جي گهيري ڪرڻ وقت لاطينين طرفان قديم هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو هو جيئن کاڻيون، لوها ڏنڊا، گهُمندڙ ڦرندڙ مُنارا، مصنوعي باهه ۽ گولن اڇلائڻ جون مشينون ۽ تير ڪمانون جن مان پٿرن ۽ ڀالن(81) جو دشمن مٿان وسڪارو ڪيو ويندو هو. ستن هفتن جي وقت ۾ بيشمار ماڻهن جو رت وهايو ويو ۽ امير ريمنڊ جي گروپ طرفان کين حملي ڪمندڙن جي مقابلي ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي هئي. پر ترڪن جي صورتحال ان حوالي سان ڪجھ بهتر هئي ته هو اڃا ڪيتري وقت لاءِ مهاڏو اٽڪائي ٿي سگهيا ۽ شڪست اچڻ جي صورت ۾ ڀڄي به سگهيا ٿي ڇاڪاڻ ته وٽن عسڪئنيَس ڍنڍ(82) هئي جيڪا سندن قبضي ۾ هئي جيڪا شهر جي اولهندي طرف ڪيترن ميلن تائين ڦهليل آهي. فتح جي ذريعن کي اليگزيَس جي دورانديشي ۽ حرفت وڏو سهارو ڏنو هو، هن بيشمار ٻيڙين کي سمنڊ رستي ڍنڍ تائين پهچرايو جن ۾ بيشمار تير اندازن کي ويهاريو ويو هو ۽ هاڻي سلطان طرفان جنگ ۾ خلل اچي ويو هو، اهڙي طرح نائيسيا تائين زميني توڙي سامونڊي رَسَد پهچي چڪي هئي ۽ يونان جي سفير اتان جي رهواسين تي زور ڀريو ته سندس مالڪ جي حفاظت جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي وڃن ۽ وقت تي آڻ مڃي يورپ جي وحشين جي ظلمن کان پاڻ کي بچائن. سوڀ جي وقت يا اُميد واري گهڙيءَ ۾، صليبي، جن، دشمن جي رَت سان پنهنجي اُڃ اُجهائڻ ٿي چاهي ۽ ڦُرلُٽ جي بازار کي گرم ڪرڻ ٿي چاهيائون، شاهي جهنڊي کي ڏسي ڊڄي ويا جيڪو قلعي تي ڦڙڪايو ويو هو ۽ اليگزيَس هن اهم ۽ تاريخي فتح تي ڪڙي نظر رکندي ان جي نگراني ڪري رهيو هو. اڳواڻن ۽ اميرن جي اجائي غوغاءَ يا ڀُڻ ڀُڻ کي خاموش ڪرايو ويو ۽ هتي نوَ ڏينهن ترسڻ کان پوءِ صليبين جو قافلو هڪ يوناني جنرل جي اڳواڻيءَ ۾ فرجيا طرف روانو ٿيو جن تي کين شڪ هو ته هُو ترڪي جي سلطان سان اندروني طور مليل هو. سليمان جي گهر واري ۽ سندس خاص نوڪرن کي عزت ۽ احترام سان ۽ بغير ڪنهن رقم وٺڻ جي ڇڏيو ويو ۽ بلوائين يا وڳوڙين(83) سان شهنشاهه جي نرم رويي يا سخاوت کي، عيسائين خلاف هڪ غداري تصور ڪيو ويو هو.

سليمان رنج ٿيڻ بدران ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي ويو هو ڇاڪاڻ ته سندس گاديءَ جو هنڌ کانئس کسيو ويو هو، هن پنهنجي رعيت جي ماڻهن کي تنبيهه ڪئي ته اولهه جا بربر مٿن عجيب قسم جو حملو ڪندا. ترڪ اميرن سندس حڪم مڃيو جيڪو هڪ مذهب طرفان کين ڏنو ويو هيو؛ بيشمار ترڪمان سندس جهنڊي هيٺ گڏ ٿي ويا ۽ سندس سڄي طاقت جيڪا خود عيسائين ٻڌائي آهي، اُها ٻه يا ٽي لک سٺ هزار گهوڙي سوارن تي مشتمل هئي. بهرحال هن تيستائين انتظار ڪيو جيستائين هنن سمنڊ ۽ يوناني سرحد کي پٺتي ڇڏيو ۽ پنهنجي فوج جي نگراني ڪندي، دشمن جي چرپر تي به نظر رکي جيڪي بي ڊپا ۽ بغير ڪنهن نظم ۽ ضبط جي هيڏي هوڏي ٿي ويا هيا. ڊوريليَم، جيڪو فرجيا جو هڪ هنڌ هو، تي پهچڻ کان ڪجھ ميل اڳ ۾، سندن کاٻي پاسي واري فوج جيڪا گهٽ تعداد ۾ هئي، تي حملو ڪري کين حيران ڪيو ويو بلڪه ترڪن جي گهوڙي سوار فوج کين بيحد پريشان ڪري ڇڏيو84). موسم سخت گرم هئي، ٻيو مٿن تيرن جي برسات جو وسڪارو هو ۽ بربر سخت جوش ۾ هيا تنهن ڪري صليبي سخت پريشان ٿي بيحال بڻجي ويا، کانئن همت ۽ اعتماد جو دامن ڇڏائجي ويو هو پر تنهن هوندي به هنن بيهوش ٿيندي به ذاتي همت سان جنگ کي جاري رکيو، باقي بوهيمنڊ، ٽئنڪريڊ ۽ نارمنڊي جورابرٽ ذري گهٽ همت هاري ويٺا هيا. بهرحال سندن همت منجهن تڏهن موٽي آئي جڏهن نواب گاڊفري جي مرحبائي جهنڊن کي هنن ڏٺو جيڪو بنا دير سندن مدد لاءِ پهتو هو جنهن سان ورمئنڊوز جو امير ۽ سٺ هزار گهوڙي سوار هيا ۽ سندن پويان ٽولوز جو ريمنڊ، جيڪو پاءِ جو وڏو پادري هو، سو به پهچي ويو ۽ باقي سندن بچيل فوج به پهچي وئي هئي. هڪ لمحي کي به ضايع نه ڪندي، هنن پنهنجن فوجي جٿن جي نئين سر ترتيب ڪئي ۽ ٻي جنگ وڙهڻ لاءِ روانا ٿي ويا. پر مخالف ڌر کي به اوترو ئي تيار ڏٺائون، ڇاڪاڻ ته صليبين کي، يونان ۽ ايشيا جي پُرامن ماڻهن کان نفرت هئي، پر تڏهن به ٻنهي طرفن کان ان ڳالهه کي مڃيو ويو ته فقط ترڪن ۽ فرئنڪن جون ٻه قومون اهڙيون هيون جيڪي سچن ۽ ويڙهاڪ سپاهين جي لقب حاصل ڪرڻ جون جائز حقدار هيون(85). سندن مقابلو هڪ جهڙو رهيو ڇو ته ٻنهي وٽ هٿيار، حوصلو ۽ نظم ۽ ضبط موجود هو، ٻنهي وٽ فوجي طاقت، ان وقت جون جديد جنگي مشينون ۽ هٿيار جيئن بڙڇيون، ڀالا، نيزا، ويڪريون ترارون، بچاءُ جو شيلڊون، تير ڪمانون، ۽ اهڙا ته خطرناڪ ۽ موتمار هٿيا هيا جن کان اوڀر جا ماڻهو(86) هن وقت تائين ناآشنا هيا. جيستائين گهوڙن ۾ تازگي ۽ توانائي رهي ۽ وٽن تيرن جو ذخيرو موجود هو ته سليمان کي ڏينهن جي لڙائيءَ ۾ برتري رهي ۽ چئن هزارن جي لڳ ڀڳ عيسائين کي تيرن جو نشانو بڻائي ختم ڪيو ويو. شام جي وقت ۾ ٻنهي طرفن کان جنگ ۾ تيزي اچي وئي، ٻنهي طرفن کان فوجين جو تعداد به ٿوري گهڻي فرق کي ڇڏي باقي هڪ جيترو هو، جنگ جو ميدان به ايترو وڏو هو جيترو ٻنهي فوجن جي تعداد کي سمائي سگهي، پر ريمنڊ جا آخري فوجي جٿا ۽ ٻيا جيڪي سندس مددگار هيا(*)، بغير ڪنهن ترتيب يا سوچ جي ٿڪل دشمن جي پٺئين طرف کان وڃي ڪڙڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ڊگهي لڙائي جو انديشو ٿي ويو. ان کان سواءِ ماڻهن جو هڪ اهڙو انبوهه به موجود هو جن جا نه ته لسٽن ۾ نالا هيا ۽ نه اُنهن کي ڪنهن ڄاتو سڃاتو ٿي، اُهي به وڙهي رهيا هيا ۽ هڪ اندازي موجب ٽي هزار بي دين امير جنگ ۾ ماريا ويا، سليمان جي ڪئمپ کي ڦُري تاراج ڪيو ويو ۽ لُٽ ڦر جي قيمتي مال ۾، لاطينين جو تجسُس گهڻو وڌي ويو هو ته کين ٻاهر جي ملڪن جي هٿيارن، ويسن وڳن کان سواءِ کين اُٺ ۽ خاص قسم جي ٿُوهي وارا اُٺ پڻ ملندا. فتح جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته سلطان تڪڙي ڀاڄ اختيار ڪئي، ۽ پنهنجي فوج جي تبرڪن جي حفاظت لاءِ ڏهه هزار محافظ مقرر ڪيائين. سليمان روم جي بادشاهت کي خالي ڪري ڇڏيو ۽ اُٻهرائيءَ ۾ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪتو ته جيئن اوڀر جي ملڪن جي ڀائرن جي ناراضگي کي دشمنن خلاف اڀاري سگهجي. پنج سؤ ميلن جي سفر ۾ صليبي فوجي، غير آباد زمينن ۽ برباد ٿيل شهرن مان ٿيندا هيٺين ايشيا ۾ پهتا، پر رستي تي دوست يا دشمن ڪوئي به کين نه مليو. هڪ جاگرافي دان(87) شايد ڊوريليَم، انتاڪيا، آئڪونيَم، آرڪئيلس، ۽ جرمئنيشيا جو نقشو ڪڍي ۽ ممڪن آهي انهن مشهور شهرن جي لقبن کي جديد نالن جيئن ايسڪي شهر سان ڀيٽ ڪري ۽ پراڻن نالن کي به ورجايو وڃي جيئن اڪشهر، ڪاگني، اريڪلي ۽ مارش وغيره هيا. جيئن زيارتي بيابان مان گذريا جتي هڪ پاڻيءَ جو ڍُڪ چانديءَ عيوض نصيب ٿيندو آهي، هو سخت اُڃ کان بنهه بي حال ٿي رهيا هيا ۽ پهرين ننڍي ندي جي ڪنارن تي جڏهن آيا ته سندن اُٻهرائي ۽ بي صبري ماڻهن جي وڏي هجوم لاءِ خطرناڪ بڻجي وئي هئي. هو تئورس جي تِرڪڻي جبل جي چوٽيءَ تي وڏي محنت ۽ مشقت سان چڙهيا، ڪيترن فوجين پنهنجا هٿيار هيٺ اڇلائي ڇڏيا ته جيئن ڏکئي جبل تي چڙهڻ وقت پنهنجن پيرن جو خيال رکن جن جي تِرڪڻ جو گهڻو انديشو هو، جيڪڏهن سندن اڳواڻ کي هتي خطرو محسوس نه ٿئي ها ۽ هو احتياط کان ڪم نه وٺي ها ته شايد سڀئي ماڻهو سندن دشمن جي چالبازين جو شڪار ٿي، جبل جي چوٽيءَ تان ڦهڪو کائي هيٺ اچي ڪِرن ها. سندن ٻه بيحد معزز اڳواڻ يعني لورين جي امير ۽ ٽُولوز جي نواب کي ڏوليءَ ۾ کڻي سلامت پهچايو ويو، ريمنڊ کي، چيو وڃي ٿو ته هڪ معجزي کيس نااُميديءَ مان اُميد جي ڪناري تي پهچايو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org