سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:38

هڪ اهڙي مالڪ يا بادشاهه، جيڪو ڪنهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪري، جي حڪمن کي ٽارڻ يا نه مڃڻ ڪنهن جي به وَس ۾ نه هوندو آهي. تاريخ ڇَويهين مارچ تي، آسومئٽن جو هنڌ، ترڪي جي بيشمار ڪاريگرن ۽ هنرمندن سان ڀرجي چڪو هو ۽ يورپ توڙي ايشيا کان سامونڊي توڙي زميني رستن ذريعي ضرورت جي هر قسم جي سامان کي هِتي مهيا ڪري ڏنو ويو هو(15). ڪئٽافرجيا ۾ چُوني کي ساڙيو ويو هيو، هيراڪليا ۽ نڪوميڊيا جي ٻيلن مان ڪاٺَ کي ڪپي گڏ ڪيو ويو هو، ۽ اناتوليا جي کاڻين مان پٿرن کي کوٽي اُنهن کي جمع ڪيو ويو هيو. هزارين رازا ۽ مستري موجود هيا ۽ هر رازي جي مدد لاءِ ٻه مزور موجود هيا ۽ مفاصلن کي ٻن ڪيوبٽس ۾ ورهايو ويو هو ته جيئن ڪم جي آسانيءَ سان ورڇ ڪري سگهجي، قلعي(16) کي ٽِڪنڊو ڪري ٺاهيو ويو هو ۽ هر ڪنڊ تي مضبوط منارا ٺاهيا ويا هيا ته جيئن فوجين کي اُتي دفاعي ڊيوٽين لاءِ مقرر ڪيو وڃي، هڪڙو منارو ٽَڪري طرف ته ٻيو سامونڊي ڪناري سان ٺاهيو ويو هيو، هر ديوار ٻاويهه فوٽ ويڪري هئي ۽ منارا ٽيهه فوٽ ويڪر تي ٺهيل هيا ۽ سڄي عمارت کي شيهي سان مضبوط بنايو ويو هيو. هن سڄي ڪم جي نگراني محمّد پاڻ ڪري رهيو هو جنهن ۾ کيس ڪو به ٿَڪُ محسوس نٿي ٿيو، سندس ٽن وزيرن مُنارن جو ڪم مڪمل ڪري ورتو جيڪو هر هڪ کي سؤنپيو ويو هيو ۽ قاضين وري خاص فوجين جي ڪمن تي تقليد ڪندي- الله جي راهه ۽ سلطان جي خدمت ۾ ننڍن ننڍن ۽ خسيس ڪمن ڪرڻ کان به نٿي ڪيٻايو ۽ ائين ٿي لڳو ته بيشمار ماڻهن منجهان هر ڪو وڏي محنت ڪري رهيو هو ۽ پوري خلوص سان پنهنجا سؤنپيل ڪم پورا ڪرڻ ۾ مصروف هيو ڇاڪاڻ ته سلطان جي هر هڪ مٿان ڪڙي نظر لڳل هئي جيڪو جڏهن مُرڪندو هو ته ان کي ماڻهو پنهنجو بخت ۽ ڀاڳ سمجهندا هيا پر جي سندس مُنهن تي ڪاوڙ جو ڪو گهُنج ظاهر ٿيندو هو ته ان مان ماڻهن کي پنهنجي موت جا آثار نظر ايندا هيا. يونان جو شهنشاهه خوف مان ڪَنبدي ترڪ سلطان جي ڪمن جي تيز رفتار کي ڏسي رهيو هو ۽ سلطان جي خوشامد ڪرڻ ۽ کيس تحفن موڪلڻ کان سواءِ وٽس ٻيو ڪو به چارو نه رهيو هو ته جيئن پنهنجي دشمن کي ڪجھ ٿڌو ڪري سگهي جيڪو ٿوري ٿوري ڳالهه تي ناراض ٿي جهيڙي ۽ جنگ ڪرڻ جو بهانو ڳوليندو رهندو هو. اهڙو موقعو جلدئي ۽ خودبخود اچي ويو. وڏين ۽ عاليشان ڪليسائن، جن ۾ ماربل جا ٺهيل ٿنڀا به شامل هيا جيڪي سينٽ مائيڪل کي ارپيا ويا هيا، جي تباهي مسلمانن هٿان شروع ڪئي وئي هئي جن ڪنهن به مقدس عمارت کي ڊاهڻ ۽ برباد ڪرڻ ۾ دير نٿي ڪئي ۽ ڪجھ عيسائين، جن اهڙن برباديءَ جي ڪمن جي مخالفت ٿي ڪئي، ماري شهيد ڪيو ويو. ڪانسٽئنٽائن، ترڪي جي هڪ حفاظتي دستي کي منت ڪئي هئي ته رعيت جي زمينن ۽ فصلن کي بچايو وڃي، حفاظتي دستي کي مقرر ڪيو ويو پر کين جيڪو پهريون حڪم ڏنو ويو اهو هي هيو ته گڏهن ۽ گهوڙن کي فصلن ڀيلڻ جي عام اجازت ڏني وئي ۽ وڌيڪ کين حڪم مليو ته پنهنجن مسلمان ڀائرن جي حفاظت ڪن ڇاڪاڻ ته مقامي ماڻهن کان سندن زندگين کي خطرو هو. هڪ ترڪ سردار جي خدمتگار هڪ ڀيري پڪل اَن جي پوک ۾ سڄي رات گهوڙن کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو هو جنهن ڪري فصل جو ڪافي نقصان ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ خوني جهيڙو ٿيو ۽ ٻنهي قومن جا بيشمار ماڻهو ان ۾ قتل ٿي ويا. محمد کي هيڏي ساري جاني نقصان جي شڪايت ڪئي وئي جنهن کي هن خوش ٿيندي ٻُڌو، ۽ هڪ فوجين جو جٿو ڏياري موڪليائين ته جنهن ڳوٺ اهڙو ڪُڌو ڪم ڪيو هو، ان کي تباهه ڪيو وڃي پر خوف کان ماڻهن ڳوٺ کي اڳ ۾ ئي خالي ڪري ڇڏيو هيو پر چاليهن بچي ويل پوک لڻندڙن کي بي گناهه قتل ڪيو ويو. هن ڀيانڪ واقعي ٿيڻ تائين قسطنطنيہ ڌنڌي ۽ واپار لاءِ هر ماڻهو ۽ هر قوم لاءِ کُليل شهر هوندو هو پر خطري جي صورتحال ۾ ان جي گيٽن کي بند ڪيو ويو، يونان جي شهنشاهه، جيڪو اڃا تائين به امن قائم ٿيڻ جو منتظر هيو، ٽئين ڏينهن تي ترڪي جي قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو(17) ۽ پنهنجي آخري پيغام ۾ هن چيو ته هو عيسائي هئڻ سان گڏ هڪ سپاهي به هيو، وڌيڪ چيائين ته: ’قسمن کڻڻ، عهدنامن ڪرڻ يا مِنتن ۽ زارين سان به جيڪڏهن امن قائم نٿو ٿي سگهي، ته پوءِ ڀلي پنهنجي ناپاڪ جنگ کي جاري رکيون اچ‘، هن محمد کي چيو، ’منهنجو ڀروسو فقط خدا جي ذات ۾ آهي، جيڪڏهن هن چاهيو ته تنهنجي دل ۾ نرمي ۽ همدردي جا جذبا ضرور پيدا ٿيندا ۽ ان تبديليءَ تي آءُ خوشي محسوس ڪندس، جيڪڏهن هو شهر تنهنجي حوالي ڪندو ته آءٌ بغير ڪنهن شڪايت ڪرڻ جي سندس مقدس خواهش جو احترام ڪندس. پر جيستائين زمين ۽ آسمان جو مالڪ اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڪو آخري فيصلو نٿو ڪري، ته ان وقت تائين پنهنجن ماڻهن جي حفاظت ۾ جيئڻ توڙي مرڻ منهنجي اوَلين ذميداري آهي‘. پر سلطان جو جواب نامناسب ۽ کُتو هو، هن پنهنجن قلعن جي تعمير مڪمل ڪرائي ڇڏي هئي ۽ هئڊريانوپل ڏي واپس ٿيڻ کان اڳ ۾، هن هڪ آغا ۽ چار سؤ خاص فوجي مقرر ڪيا ته اُهي هر قوم جي جهاز کان ٽئڪس وصول ڪن جيڪي سندن توبخاني جي زَد ۾ لنگهندا هيا. وينِس جي هڪ جهاز جي ڪپتان، باسفورس جي نوَن منصبدارن جي حڪم کي نه مڃيندي ٽئڪس ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته ان کي توبخاني جي فقط هڪ گوليءَ جو نشانو بڻائي ان کي ٻوڙيو ويو، ٻي جهاز جي مالڪ ۽ ٽيهن ٻيڙياتن، جيڪي ٻيڙيون هلائي ڀڄي ويا هيا، پر سندن پيڇوڪري، پڪڙي ۽ کين زنجيرن ۾ جڪڙي بندر تائين آندو ويو، سندن مکيه ماڻهوءَ سان عقوبتون ڪيو ويون جڏهن ته سندس ساٿين جون سِسيون ڌڙن کان ڌار ڪيون ويون ۽ تاريخدان ڊيوڪَس(18) ڊيموئيڪا ۾ پنهنجي اکين سان پاڻ ڏٺو ته سندن لاشن کي جهنگلي جانورن آڏو اڇلايو ويو. قسطنطنيہ جي گهيري کي بهار جي موسم اچڻ تائين ملتوي ڪيو ويو، پر ان دؤران ترڪن جي فوج کي موريا روانو ڪيو ويو ته ڪانسٽئنٽائن جي ڀائرن جي طاقت کي وڃي مُنهن ڏين يا ان کي ٿڌو ڪن. تڪليفن ۽ مصيبتن جي اهڙين گهڙين ۾، هڪڙي بادشاهه ٿامَس تي رحمت يا زحمت نازل ٿي جو کيس هڪ پٽ ڄائو جنهن لاءِ مغموم فرانزا چيو ته: ’اهو سندن آخري وارث هيو جيڪو شايد روم جي شهنشاهت لاءِ آخري چراغ ثابت ٿئي(19)‘.

يونانين ۽ ترڪن سياري جون راتيون جاڳندي گذاريون، يوناني خوف خطرن سبب جاڳندا رهيا، جڏهن ته ترڪَن کي اُميد جي خوشين ۾ ننڊ نٿي آئي، ٻئي ڌريون، بهرحال پنهنجي حفاظت ۽ حملي جي تيارين ۾ مصروف هيون ۽ ٻئي شهنشاهه، جن کي گهڻو ڪجھ وڃائڻو يا حاصل ڪرڻو هو، بيحد منتظر ۽ متاثر هيا ڇاڪاڻ ته ٻنهي سان پنهنجي پنهنجي قوم جون اُميدون ۽ جذبات وابسته هيا. محمد ۾ اهي جذبات سندس جواني ۽ طبيعت جي گرمي سبب وڌيڪ نمايان هيا، هو پنهنجي واندڪائيءَ جي وقت ۾ هيڊريانوپل ۾ هڪ عاليشان محلات ٺاهڻ ۾ مشغول رهندو هو(20) جنهن کي هن ’جهان نُما‘ (دنيا جي ڏيک جو منارو) جو نالو به ڏئي ڇڏيو هو، پر پنهنجن خيالن ۾ هو سدائين قيصر (سيزر) جي شهر جي سوڀ ماڻڻ جو سوچيندو رهندو هو. اڌ رات جو هُو چؤڪسي ڪرڻ لاءِ ٻه دفعا پنهنجي بستري مان اٿيو ۽ پنهنجي وڏي وزير جي حاضري وڃي لڳايائين. اڌ رات جو سلطان طرفان چؤڪسي ڪرڻ تي سندس وڏي وزير خليل پاشا کي جهٽڪو لڳو ڇو ته هو پنهنجي ذهن ۽ ضمير ۾ اڳيئي ڪانيارو هو جنهن ۾، سلطان جي پيءُ عموراث(*) جو پورو اعتماد هو ۽ سندس ئي ڪوششن سان هن کي ٻيهر تخت نصيب ٿيو هو. سندس پٽ جي تخت تي ويهڻ تي، وزير جي ڪرسي کي پڪو ڪيو ويو هيو، پر سلطان وڏو داناءُ ۽ دورانديش هو، ڇو ته کيس خبر هئي ته سندس پيرن هيٺان تِرڪندڙ برف هئي جيڪا ڪنهن به وقت رِجي ٿي سگهي ۽ هو ڪنهن اونهي اوڙاهه ۾ ڦهڪو کائي ڪري پئي سگهيو. سندس وزير جي عيسائين سان دوستي هئي، جيڪا معصوميت واري ۽ فقط دوستيءَ خاطر به ٿي پئي سگهي، پر تنهن هوندي به هن تي ’گئبر اورٽاچي‘ (ڪافرن جو ڀاءُ)(21) جو الزام مڙهجي چڪو هو ۽ سندس لالچي هئڻ جو يقين تڏهن ئي ٿي چڪو هو جڏهن هو پئسن وٺڻ جي عيوضي ۾ دشمنن سان اهڙي خط و ڪتابت به ڪندو هو جيڪا غداريءَ جي زمري ۾ ٿي آئي ۽ سندس اهڙي چالبازيءَ کي پڪڙيو ويو هو جنهن جي سزا، جنگ جي خامتي کان پوءِ کيس ڏني وئي هئي. شاهي فرمان ملڻ کان پوءِ هن شايد آخري ڀيرو پنهنجي گهر واري ۽ ٻارن سان ڀاڪر پاتو، هڪ پيالو کنيائين ۽ ان کي سونَ جي ٽڪرن سان ڀري تڪڙو تڪڙو محلات ڏي ويو، سلطان جي ساراهه شروع ڪيائين ۽ مشرقي  رسم ۽ رواج موجب، پيالو اڳتي وڌائيندي، پنهنجن خدمتن ۽ احسان مندي جو تحفو(22) سلطان اڳيان پيش ڪيائين. ’اها منهنجي خواهش ناهي‘، محمد چيو، ’ته آءٌ تحفا وصول ڪريان يا وري اُنهن تحفن جو انبار تنهنجي مٿي تي رکي ڇڏيان. جيتري قدر منهنجو تعلق آهي ته مون کي فقط هڪڙو ئي تحفو گهرجي جيڪو اهڙن تحفن کان ڪيترا حصا وڌيڪ قيمتي ۽ ناياب تحفو آهي ۽ اُهو آهي- قسطنطنيه‘. جيئن ئي وزير هن حيرت ۾ وجهندڙ انڪشاف تي پاڻ کي سنڀاليو ته چوڻ لڳو: ’ساڳئي خدا، جنهن روم جي هيڏي ساري شهنشاهت اوهان کي بخشي ڇڏي آهي ته اُهو باقي به يقيني طور تي عطا ڪري ڇڏيندو جنهن ۾ گاديءَ جو هنڌ به شامل هوندو جيڪا اوهان جي خواهش آهي. سندس قدرت، ۽ اوهان جي طاقت ئي حقيقت ۾ اوهان جون ڪاميابيون آهن، جيتري قدر منهنجو تعلق آهي ته آءٌ به اوهان جي ٻين بيشمار نوڪرن جيان، پنهنجون زندگيون توڙي دولت اوهان جي مٿان قربان ڪري ڇڏيندس‘. ’لاله‘(23) (استاد) سلطان چيو، ’هي وهاڻو ڏسين ٿو؟ آءٌ پريشانيءَ ۾ ان کي سڄي رات ڪڏهن هڪ طرف ته ڪڏهن ٻي طرف پئي اڇلايو آهي، آءٌ پنهنجي بستري تان هر گهڙي اُٿندو ۽ سمهندو رهيو آهيان. پر مهنجين هنن اوجاڳيل اکين ۾ هڪ پَل لاءِ به ننڊ لِيئو نه پاتو آهي. رومين جي سون ۽ چانديءَ جي لالچ ۾ نه اچجانءِ، اسان هٿيارن ۾ کانئُن سَرس

قسطنطنيہ

آهيون ۽ الله جي مدد ۽ سندس پيغمبر ﷺ جي دعائن سان اسان انشاءالله جلد قسطنطنيہ جا مالڪ ٿي وينداسون‘. پنهنجن سپاهين جي چُرپر ڏسڻ لاءِ هو گهڻو ڪري رات جو لباس بدلائي شهر جي گهٽين ۾ گهمندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو کيس سڃاڻي وٺندو هو ته اها سڃاڻپ هُن لاءِ موتمار بڻجي ويندي هئي ڇو ته سندس ڪوشش اها هوندي هئي ته ڪا به اک کيس سڃاڻي نه سگهي. هو پنهنجو گهڻو وقت دشمن شهر جي نقشن ۽ خاڪن ٺاهڻ ۾ لڳائيندو هو ۽ پنهنجن جنرلن ۽ انجنيرن سان هو بحث مباحثا ڪندو رهندو هو ته ڪٿي هو ڌماڪي دار معدو رکي ۽ ڪهڙي طرف کان هو ديوارن تي حملو ڪري ۽ ڪهڙي هنڌ تي کاڻيون کوٽي ۽ ڪهڙي طرف مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻيون فِٽ ڪري ۽ جيڪو ڪجھ ڪم ڏينهن جو ٿيندو هو ته انهن نقطن تي راتين جو وري سخت مشق ۽ محنت ڪئي ويندي هئي.

تباهيءَ جا جيڪي به سامان ايجاد ٿيا هيا، هن اُنهن سڀني جو جائزو ورتو پر خاص طرح سان هن لاطينين جي کوجنا جي نتيجي ۾ هڪ ڳولي لڌل شيءَ جو غور سان مطالعو ڪيو ۽ هن انکي پاڻ وٽ آندو ۽ هاڻي سندس توبخانو سڄي دنيا ۾ سڀني کان اڳڀرو ٿي ويو. توب جو موجد ڊينمارڪ يا هنگري جو هڪ سائنسدان هيو جيڪو يونانين جون خدمتون ڪندي بُکون پيو ڪاٽيندو هو، مسلمانن ڏانهن هليو ويو جنهن کي ترڪيءَ جي سلطان عزت سان رهايو ۽ هر طرح ان جو خيال رکيو ويو ته جيئن هو سکيو گذاري. محمد پنهنجي پهرئين سوال جي جواب ملڻ تي بيحد مطمئن هيو جڏهن هن فنڪار- سائنسدان کان پڇيو: ’ڇا آءٌ ان قابل آهيان ته توب کي استعمال ڪندي وڏي سائيز جو پٿر يا بال اڇلائي سگهان جيڪو قسطنطنيہ جي ديوارن سان زور سان وڃي ٽڪرائي؟‘ آءٌ انهن جي طاقت کان ناواقف نه آهيان، پر جيڪڏهن اُهي بابل جي انجڻن کان وڌيڪ زوردار هجن ها ته آءٌ وڌيڪ طاقتور مشينن جي مخالفت ڪريان ها، تنهن ڪري ان انجڻ جي پوزيشن توڙي ان جو استعمال پنهنجن انجنيرن جي حوالي ڪري ڇڏيو‘. هن يقين ڏيارڻ تي لوهه کي پگهارڻ جي هڪ فائونڊري کي هئڊريانوپل ۾ قائم ڪيو ويو. اربن، پِتل جو هڪ توبخانو ايجاد ڪيو جيڪو ان وقت ايترو ته ڪمال جو هو جو ماڻهن کي بنهه حيرت وٺي وئي هئي، ان جي نالِي يا بور جو سوراخ، کجيءَ جي ٻارهَن ڇڙين جيترو ويڪرو هو جنهن مان جيڪو پٿر جو گولو نڪرندو هو ته ان جي تور ڇهه سؤ پائونڊ هوندي هئي(24). نئين محل جي آڏو هڪ خالي جڳهه چونڊي وئي ته جيئن ان توبخاني جو پهريون تجربو ڪيو وڃي، پر ماڻهن مان خوف، هراس ۽ حيرت کي ختم ڪرڻ واسطي هڪ اعلان ڪرايو ويو ته نئين توبخاني جو تجربو ايندڙ ڏينهن تي ڪيو ويندو. بهرحال جڏهن تجربو ڪيو ويو ته ان جو ڌماڪو هڪ سؤفرلانگن تائين ٻُڌو ويو، قلمي شوري جي زور تي پٿر يا بال هڪ ميل تائين هليو ويو ۽ جتي اهو پٿر وڃي ڪريو ته زمين ۾ هڪ وڏو ۽ اونهو سوراخ ٺاهي ڇڏيائين. هن تباهي آڻيندڙ مشين کي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه پهچائڻ لاءِ، ٽيهن گاڏن کي هڪ ٻئي سان ملايو ويو هو جنهن کي سٺ ڏاندَ چوري سگهندا هيا، پر انهن سان گڏ ٻنهي طرفن کان مدد لاءِ ٻه سؤ ماڻهو بيٺل هوندا هيا ته جيئن وزن اڳتي ڌڪجي سگهجي ۽ اڍائي سؤ کن ماڻهو ان مشين جي اڳيان فقط ان ڪري هلندا هيا ته مشين جي هلڻ جي رستي کي هموار ڪندا هلن ۽ جيڪڏهن ڪٿي ڪي پُليون ڊٿل هيون ته ان جي اڳواٽ مرمت ڪري وٺن، اهڙيءَ طرح ڏيڍ سؤ ميلن جو مشڪل ۽ ٿڪائيندڙ سفر لڳ ڀڳ ٻن مهينن جي عرصي ۾ پورو ٿيو. هن موقعي تي هڪ زندهه(25) دل فيلسوف ٺٺوليون ڪندي چوي ٿو ته يوناني ماڻهو به ڪيڏا نه سادا هيا ۽ دليلن سان بيان ٿو ڪري ته ڪڏهن به اُنهن ماڻهن جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو جن تي فتح حاصل ڪئي وئي هجي، ڇو ته اُهي مبالغي ڪرڻ ۾ ماهر هوندا آهن، هو حساب لڳائي ٻڌائي ٿو ته ٻه سؤ پائونڊن جي بال کي پري اڇلائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ سؤ پائونڊ بارود جي ضرورت پوندي، تڏهن به اُڇلائڻ واري طاقت بيحد ڍري ۽ ڪمزور هوندي ڇاڪاڻ ته بيان ڪيل بارود جو پندرهون حصو به ساڳئي ۽ هڪڙي وقت تي ڇُٽي نٿو سگهي. تباهي آڻيندڙ هٿيارن کان هڪ اڻ ڄاڻ يا ڌاريو جيئن آءٌ پاڻ آهيان، تڏهن به ايتري سمجهه پوءِ به رکان ٿو ته توبخاني جي جديد ايجادن ۾ ننڍن ٽُڪرن کي وڏي وزن جي ڏات تي وڌيڪ ترجيح ڏني ويندي آهي، اهڙي طرح آواز يا ڌماڪي جي مقابلي ۾ باهه جي تيزي کي وڌيڪ اهميت هوندي آهي ته اُها بارود کي ڪيتري تيزيءَ سان اڳتي اڇلائي ٿي، اهڙيءَ طرح هڪڙي وڏي ڌماڪي جي مقابلي ۾ گهڻن ۽ لڳاتار ڌماڪن کي وڌيڪ ترجيح هوندي آهي. تنهن هوندي به مون کي اها جرئت هرگز ڪانه ٿي ٿئي ته همعصر ليکڪن جي گڏيل شاهديءَ کي رد ڪري سگهان ۽ نه وري آءٌ ائين چئي سگهان ٿو ته پهرين فنڪارن يا سائنسدانن پنهنجين ڪوششن سان جيڪو ڪجھ ڪيو هو اهو ناممڪن هوندو ڇو ته مون کي يقين آهي ته هنن به اعتبار ۽ اعتدال جي حدن ۽ ماپن کي هرگز نه لتاڙيو هوندو. ترڪي جي توب، جيڪا محمد جي توب کان ڪافي حصا وڌيڪ طاقتور هئي، اڃا تائين ڊارڊئلس جي گيٽ وٽ نمايان بيٺل آهي ۽ جيڪڏهن ان جو استعمال ايترو آسان نه هجي ها ته ان جي اهميت بلڪل ختم ٿي چڪي هجي ها. چيو وڃي ٿو ته يارهن سؤ پائونڊن جي هڪ گولي يا بال کي، فقط ٽي سؤ ٽيهن پائونڊن جي بارود سان ڇوڙيو ويو هيو جنهن فقط ڇهه سؤ والن جو مفاصلو طئي ڪيو، ۽ اُهو ڦاٽي ٽن ٽڪرن ۾ ورهائجي ويو، پاڻيءَ جي پٽيءَ کان ٿيندو خود پاڻيءَ ۾ وڃي ڪريو جتي جهَڳَ پيدا ڪري ٻيهر مٿي اٿيو پر سامهون واري جبل سان ٽڪرائجي ويو(26).

هڪ طرف محمد، طرفان اوڀر جي گاديءَ جي هنڌ لاءِ خطري جون گهنٽيون وڄڻ شروع ٿي ويون هيون ته ٻي طرف يونان جي شهنشاهه طرفان امن قائم ڪرڻ لاءِ منٿون ۽ زاريون ڪيون ٿي ويون. پر ظاهري طور ڏسڻ ۾ نه ايندڙ طاقت تي منتن جو ڪو به اثر نٿي ٿيو ۽ عيسائي دنيا نيٺ قسطنطنيہ کي فتح ٿيندي پنهنجين اکين سان پاڻ ٿي ڏٺو، جڏهن ته ان شهر جي مدد ڪرڻ جو واعدو مصر جي سلطان طرفان حسد مان ڪيو ويو هو. ڪجھ ملڪ ڪمزور هيا، ٻيا تمام پري پنڌ تي هيا، ڪن ملڪن خطري کي خاص اهميت نٿي ڏٺي، جڏهن ته ٻين جي نظر ۾ خطرو سندن مُنهن تي لياڪا پائي رهيو هو، اولهه جا حاڪم هڪ ٻئي سان جهيڙن جهڳڙن ۾ رُڌل هيا ۽ روم جي پادري کي يونانين جي ضِد ۽ ڪوڙن دليلن تي گهڻي ڪاوڙ هئي. اٽلي جي نڪولَس پنجين، بجاءِ کين هٿيارن ۽ دولت جي مدد ڏيڻ جي سندن برباديءَ جي اڳواٽ ئي پيشنگوئي ڪري ڇڏي هئي ۽ هاڻي سندس خواهش ۽ عزت جو سوال هو ته جيئن اُها پيشنگوئي پوري ٿئي. پر جڏهن هو مصيبتن ۽ مشڪلاتن جي آخري حد تائين پهتا تڏهن هو ڪجھ نرم ٿيو پر سندس رحمدلي سُستي واري ۽ سندس ڪوششون اجايون هيون ڇو ته قسطنطنيہ تي، جينئا ۽ وينِس جي سامونڊي ڪنارن تان(27) فوجي مدد پهچڻ کان اڳ ئي قبضو ٿي چڪو هو. ان حد تائين جو موريا ۽ يوناني ٻيٽن پڻ پنهنجي طرفان ذري گهٽ لاتعلقي اختيار ڪري ڇڏي هئي. غلاطه جي جينئا جي ڪالوني هڪ ذاتي معاهدو طئي ڪري ورتو جنهن مطابق سلطان کين مشڪوڪ اُميد ڏياري ته سندس نرمي ۽ نرملتا ذريعي اهو عين ممڪن هيو ته شهنشاهت مڪمل تباهيءَ کان شايد بچي وڃي. عام ماڻهن جو هڪ ميڙ توڙي بازنطيني امير، ڪمينگي ڪندي پنهنجي ملڪ کي خطري جي گهڙين ۾ ڇڏي هليا ويا ۽ مالدار ماڻهن لِڪل خزانن کان شهنشاهه کي محروم ڪري ڇڏيو پر اُنهن کي ترڪن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو؛ اُهي خزانا ايترا ته ججها هيا جو اُنهن کي شهنشاهه، ڪرايي جي فوجين کي(28) ڏئي به پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪري سگهي ها. محتاج ۽ ضرورت مند شهنشاهه پوءِ به ڪوشش ڪئي ته هڪ طاقتور دشمن سان مقابلو ڪري پر، جيڪڏهن سندس همت خطري سان برابري ڪندڙ نه هئي ته سندس طاقت مقابلي ڪندڙ جي ڀيٽ ۾ ڪمزور هئي. بهار جي موسم جي شروعات ۾، ترڪي جي مُهڙئين دستي شهرن ۽ ڳوٺن تي قبضو ڪندي قسطنطنيہ جي گيٽن تي وڃي دستڪ ڏني: جنهن به آزي نيزاري ڪندي آڻ ٿي مڃي، ان کي بچايو ٿي ويو ۽ سندس حفاظت به ڪئي ٿي ويئي ۽ جنهن مهاڏو ٿي اٽڪايو يا مقابلو ٿي ڪيو ته ان جو فيصلو ترار جي هڪ ڌَڪ ٿي ڪيو. ڪاري سمنڊ، مسيمبريا، ائڪولم ۽ بِزن جيڪي يونان جا شهر هيا، اُنهن شروع ۾ ئي مات کائي آڻ مڃي ڇڏي، البت سيليبريا اڪيلو شهر هو جنهن تي گهيرو ڪيو ويو ۽ جنهن جي بهادر رهواسين جن کي زميني پُشت پناهي به حاصل هئي، پنهنجين ٻيڙين کي هلايو ۽ سزيڪَس جي ڪناري تي ڦُرلُٽ به ڪيائون ۽ پنهنجي قيدين کي بازار ۾ عام نيلام ذريعي وڪرو ڪيائون. پر ان موقعي تي جيئن ئي محمد اوچتو ظاهر ٿيو ته سندن وايون وِلڙيون ٿي ويون. سڀئي خاموش ٿي ويهي رهيا، هن پنهنجي پهرين منزل پنج ميل پري ڪئي، ۽ اتان جنگي انداز ۾ اڳتي پيش قدمي ڪندي سينٽ رومنَس جي گيٽن وٽ وڃي رڪيو ۽ پنهنجو شاهي جهنڊو وڃي ڦڙڪايائين ۽ اپريل جي ڇهين تاريخ تي قسطنطنيہ جو گهيرو شروع ڪيائين.

ايشيا ۽ يورپ جون فوجون پروپونٽس جي هنڌ کان ساڄي توڙي کاٻي طرف کان بندر تائين پکڙيل هيون ۽ سلطان جون خاص فوجون، جن کي جئنيسريز يا جانثار چيو ويندو هو، اُهي بلڪل سامهون ۽ سلطان جي خيمي وٽ چؤڪس هيون، ترڪن جي فوجي ترتيب ۽ مورچه بندي تعريف جوڳي هئي، ۽ فوج جي هڪ ننڍي جٿي غلاطه جي شهر کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو هو جتان هنن جينئا جي ماڻهن تي ڪڙي نظر ٿي رکي ڇاڪاڻ ته هنن جي وفاداري ۽ سچائيءَ تي کين شڪ هيو. تجسُس رکندڙ فليفـَس، جيڪو گهيري کان ٽيهه سال اڳ يونان ۾ رهندو هو، کي يقين هو ته ترڪي جون سڀئي فوجون سٺ هزار گهوڙي سوار ۽ ويهه هزار پيادل کان ڪنهن به صورت ۾ وڌيڪ نه هيون، تنهن ڪري هو اُنهن قومن جي بزدليءَ تي سندن مذمت ٿو ڪري جن ٿوري تعداد جي بربرن اڳيان شڪست قبول ڪري ورتي هئي. اهڙو تجزيو شايد ڪئپيڪولي(29) لاءِ ته مناسب هجي يعني پورٽي جون اُهي فوجون جيڪي پنهنجي بادشاهه سان گڏ جنگ جي ميدان تي لٿيون هيون پر اُهي ڀاڙيت هيون جن کي بادشاهه پنهنجي شاهي خزاني مان پئسا ڏيندو هيو. پر ترڪي جا پاشا، پنهنجين مختلف حڪومتن ۾، ضلعي يا صوبائي سطح تي پنهنجن فوجن کي قائم رکيون ٿي آيا ۽ اهڙين فوجن لاءِ ڪجھ زمينون به وقف ڪيل هيون ۽ ڪيترا ماڻهو پاڻ هُرتو به فوج ۾ فقط ان ڪري وڃي داخل ٿيندا هيا ته لُٽ ڦر يا مالِ غنيمت مان کين به حصو ملندو ته سندن گذر سفر جو بندوبست ٿي ويندو هو ۽ جڏهن جنگ جو طبل وڄندو هو ته ڪيترائي بکايل توڙي واندا ۽ جنوني ماڻهو سندن فوج ۾ شامل ٿي ويندا هيا جيڪي واڌاري تعداد سبب مخالفن جي خوف کي وڌائي ڇڏيندا هيا ۽ پهرئين حملي جي صورت ۾ عيسائين جي ترارين کي ناڪام بڻائي ڇڏيندا هيا. ترڪن جي فوجي طاقت کي ڊيوڪَس، ڪلاڪوڪونڊائلز، ۽ ليونارڊ گهڻو وڌائي پيش ڪيو آهي ۽ اُنهن فوجين جي تعداد کي ٽِن کان چئن لکن تائين ٻڌايو آهي. پر فرانزا ان صورتحال جو جائز منصف هيو ڇاڪاڻ ته هو جنگ واري هنڌ کان گهڻو پري به نه هيو ۽ سندس چوڻ موجب فوجين جو انگ اڍائي لکن کان مٿي نه هيو جيڪو تجربي ۽ اندازي موجب صحيح تعداد آهي(30). حملي ڪندڙن جي سامونڊي طاقت ايتري زوردار نه هئي، پروپونٽس تي ٽي سؤ ويهه جهاز يا ٻيڙيون موجود هيون جن مان فقط ارڙهن اهڙا هيا جن کي جنگي جهازن جو درجو ڏئي پيو سگهجي باقي گهڻو تعداد اهڙن جو هيو جيڪي سيڌي سامان کي هڪ کان ٻي جڳهه ڏانهن منتقل ڪرڻ جي زمري ۾ ٿي آيا ۽ انهن کان ماڻهن، هٿيارن ۽ کاڌي خوراڪ جي سيڌي سامان آڻڻ ۽ نِيڻ جو ڪم ورتو ويو هيو. آخري بربادي ۾ قسطنطنيہ ۾ هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهو موجود هيا، پر هي انگ جنگ جي حساب سان نه پر قيدين جي حساب سان هيو جنهن ۾ مستري، پادري عورتون ۽ اُهي مرد پڻ شامل هيا جن ۾ عورتن جيتري همت ۽ حوصلو به نه هيو جيڪي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي حفاظت لاءِ ته پاڻ پتوڙينديون آهن. مان سمجهان ٿو ته آءٌ رعيت جي اُنهن ماڻهن کي ته معاف ڪري سگهان ٿو جيڪي ڏورانهن ڏيهَن ڏي ويندي ڪيٻائيندا آهن ڇو ته اُتي ڪو آمر موجود هوندو آهي پر مون کي اُهي ماڻهو بزدل لڳندا آهن جيڪي پنهنجن ٻچن جي خاطر به پاڻ کي ظاهر نه ڪندا آهن ۽ سندن مال ملڪيت به فطري توانائي گنوائي ڇڏيندي آهي. شهنشاهه جي حڪم تي هڪ جاچ يا تحقيق ڪري اهو معلوم ڪيو ويو ته گهرن توڙي گهٽين ۾ ٻاوَن ۽ پادرين سميت ڪيترا ماڻهو اهڙا هيا جيڪي پنهنجي رضا خوشيءَ سان ملڪ جي بچاءَ خاطر استعمال ٿي پئي سگهيا. ماڻهن جون اهڙيون لسٽون فرانزا(31) جي حوالي ڪيون ويون ۽ وڏي محنت سان ماڻهن کي اُنهن ۾ درج ڪري، هن ڏک ۽ حيرت مان پنهنجي مالڪ کي ٻڌايو ته قومي بچاءَ لاءِ فقط چار هزار نو سؤ ۽ ستر رومي ملي سگهيا هيا. هي راز فقط ڪانسٽئنٽائن ۽ سندس وفادار وزير جي وچ ۾ محفوظ ڪيو ويو ۽ وڏي تعداد ۾ شيلڊون، تير ڪمانون ۽ نيزا ماڻهن ۾ ورهايا ويا. کين ڪجھ آٿت تڏهن آيو جڏهن جان جيسٽينيني جي سربراهيءَ ۾ جيڪو جينئا جو هڪ امير هيو، ٻه هزار ڌاريا به خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر ٿي ويا، ۽ ڪافي دولت ۽ سهولتون کين ڏنيون ويون ۽ سندن اڳواڻ کي ليمنرز جو ٻيٽ سندس حوالي ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته اُنهن بهادري ۽ جرئت جو مظاهرو ڪيو هو. بندر جي شروعاتي ڇيڙي کي مضبوط بنايو ويو هو، ان کي يوناني ۽ اٽلي جي جنگي جهازن جي حمايت حاصل هئي ۽ هر عيسائي قوم جي جهازن کي، جيڪي لڳاتار ڪئنڊيا ۽ ڪاري سمنڊ کان اچي رهيا هيا، حفاظتي سببن جي ڪري روڪيو ويو هو، عثمانيه سلطنت جي اختيارن جي خلاف، هڪ شهر کي، ستن کان اٺن هزار سپاهين بچائي ورتو هو. جيڪو تيرهن کان سورهن ميلن جي ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ ڦهليل هيو. يورپ ۽ ايشيا گهيري ڪندڙن لاءِ کليل هيا، پر يونان جي طاقت ۽ کاڌي خوراڪ يا ٻين گهربل شين جي موجودگي روز بروز گهٽجي رهي هئي ۽ ٻين ملڪن کان ڪنهن امداد ملڻ جو امڪان به گهٽ نظر ٿي آيو.

جيڪڏهن اوائلي رومي هجن ها ته هو بنا دير پنهنجون تراريون مياڻ مان ڪڍي جنگ ڪندي موت قبول ڪن ها يا وري فتح حاصل ڪن ها. اهڙيءَ طرح اوائلي عيسائي به ڀاڪر پائي هڪ ٻئي کان موڪلائن ها ۽ صبر ۽ سڪون سان شهادت ماڻن ها. پر قسطنطنيہ جا يوناني فقط مذهبي جذبي سان سرشار هيا ۽ اُهو جذبو دشمني ۽ عداوت جي جذبن کان سواءِ ٻيو ڪجھ به نه هيو. پنهنجي موت کان اڳ(*)، شهنشاهه جان پئلولاگَس لاطينين سان پنهنجي غير مقبول اتحاد کي ختم ڪري ڇڏيو هيو ۽ نه وري ان اتحاد جي رشتي کي تيستائين قائم ڪيو ويو هيو جيستائين سندس ڀاءُ ڪانسٽئنٽائن تڪليفن کان مجبور ٿي خوشامد ۽ ٻهروپيائي جي سطح تائين هيٺ نه هليو ويو هو(32). هن روحانيت کي دنياوي معاملن سان گڏ ملائي ڇڏيو هيو ۽ اهڙيون هدايتون هن پنهنجن سفيرن کي به جاري ڪري ڇڏيون هيون؛ ملڪي معاملن تي وڌيڪ توجهه ڏيڻ سبب هن ڪليسا جي سار سنڀال لهڻ به ڇڏي ڏني هئي تنهن ڪري سندس خواهش هئي ته روم جو ڪو عيوضي ساڻس گڏجي ڪم ڪري ته جيئن سڀني ملڪي توڙي مذهبي معاملن ڏي ڀرپور توجهه ڏئي سگهجي. وئٽيڪن سان اڪثر ڌوڪو ٿيندو رهيو هو پر جڏهن به ڪو پڇتائيندو هو ته ان کي معافي ملي ويندي هئي، تنهن ڪري فوج حوالي ڪرڻ جي بجاءِ هڪدم کيس عيوضي ڏنو ويو ۽ آخري تباهيءَ کان ڇهه مهينا اڳ روس جو وڏو پادري آئسوڊور، پادرين ۽ خدمتگارن سميت اوچتو ظاهر ٿيو. شهنشاهه احترام مان سندس سلام ڪيو ته هو ڪليسائي فادر سان گڏ هڪ دوست به هيو، سندس عوامي توڙي ذاتي تقريرون ۽ نصيحتون غور سان ٻڌائين ۽ ان جي گهڻي عزت ڪيائين ۽ فادر آئسوڊور نفرت لائق مذهبي ۽ عام ماڻهن سان اتحاد ڪيو جيڪو فلورينس() جي ڪائونسل ۾ طئي ڪيو ويو هو. ’ٻارهين ڊسمبر تي ٻه قومون، سينٽ صوفيا جي ڪليسا ۾ هڪ ٻئي سان اتحاد ڪن ٿيون جيڪي قربانين توڙي عبادتن ۾ هڪ ٻئي سان ايڪي ۽ اتحاد کي قائم رکنديون‘. ٻن مکيه پادرين جي نالن جو به اعلان ڪيو ويو يعني نڪولس پنجون جيڪو حضرت عيسيٰؑ جو نائب هيو ۽ بزرگ گريگري جنهن کي فسادي ماڻهن پنهنجي ملڪ کان جلاوطن ڪري ڇڏيو هو.

پر لاطيني پادري جو لباس توڙي زبان اعتراض جوڳيون هيون ۽ خوف ۽ هراس مان اهو اندازو لڳايو ويو ته هن هڪ رُکي ۽ بچيل ماني کي مقدس بڻائي ان مٿان ٿڌو پاڻي هاري عيسائي رسم ادا ڪئي هئي. هڪ قومي تاريخدان تسليم ٿو ڪري ته هن موقعي تي ڪو به ملڪ جو ماڻهو توڙي شهنشاهه خود، پنهنجي مقصد ۾ مخلص ڪونه هو(33). سندن تڪڙي ۽ شرط تي قبول ڪيل التجا جو ڪجھ ازالو مستقبل جي واعدن ذريعي ڪيو ويو هو پر سندن بهترين يا وري بدترين ڳالهه اها هئي ته هنن پنهنجي ڄاڻي واڻي ڪوڙ ڳالهائڻ جو پاڻ اقرار ڪيو هو. جڏهن سندن ايماندار ڀائرن ڪوڙ ڳالهائڻ تي مٿن لعنت ملامت ڪئي ته اُنهن چيو: ”صبر ڪريو، صبر ڪريو جيستائين خدا تعاليٰ هن شهر کي هڪ راڪاس کان آزاد ڪري جيڪو اسان کي صفا ڳِڙڪائي ڇڏيندو، تڏهن توهان کي خبر پوندي ته اسان عظيمين سان ڪيترا ملندڙ جلندڙ آهيون()‘؛ پر صبر، جوش جذبي جو نعم البدل نٿو ٿي سگهي ۽ نه وري ڪورٽن جا قانون عوام جي آزادي يا هل هنگامي کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿيا. بيشمار ماڻهو مرد توڙي عورتون سينٽ صوفيا جي گنبذ کان ٻاهر نڪري پيا ۽ ويراڳي جينيڊيَس(34) جي جهوپڙيءَ ۾ هليا ته ڪليسا جي معجزي بابت ڄاڻ حاصل ڪن. ان پاڪ ۽ درويش انسان کي ڪوبه ڏسي نٿي سگهيو، شايد مٿس وَجد طاري ٿي چڪو هو، يا وري هو ڪنهن ڳُوڙهي عبادت ۾ مشغول هيو يا خدائي لقاءُ ۾ گم هو پر هن پنهنجي جهوپڙيءَ جي دروازي تي هڪ اهڙي شئي رکي هئي جنهن مان آواز ٿي نڪتو. ان وقت سڀئي ماڻهو پٺتي هٽي ويا جڏهن هنن هي حيران ڪندڙ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ لفظ پڙهيا: ’اي بدبخت روم جا ماڻهو! اوهان حق ۽ سَچ جي واٽ کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ ۽ الله تعاليٰ ۾ ڀروسو رکڻ جي بجاءِ اوهان اٽلي وارن تي ڇو ڀاڙيو آهي؟ جيڪڏهن اوهان پنهنجو عقيدو ۽ ايمان ڇڏي ڏيندؤ ته اوهان کان هي شهر به هليو ويندو. ياخدا! مون تي رحم ڪر، آءٌ تنهنجي موجودگيءَ ۾ احتجاج ٿو ڪريان ته آءٌ بي قصور آهيان ۽ مون ڏوهه نه ڪيو آهي. او بدبخت روميو! ٿورو خيال ڪريو، ڌيرج اختيار ڪريو ۽ شرمسار ٿيندي ڪجھ پڇتايو. ساڳي وقت بڇڙا عمل اختيار ڪندي اوهان پنهنجن ابن ڏاڏن جي مذهب کي ڇڏي ڏنو آهي، ’ائين ڪرڻ سان اوهان دائمي طور ڌارين جي غلاميءَ ۾ هليا ويندؤ‘. جينيڊيَس جي مشوري تي مذهبي طرح پاڪ صاف ماڻهن ۽ پاڪ ڪنوارين- اهڙيون پاڪ جهڙا فرشتا- ايڪي ۽ اتحاد کي رد ڪري ڇڏيو ۽ لاطينين سان هر قسم جي تعلق يا رشتن کي هميشه واسطي ختم ڪري ڇڏيائون ۽ سندن مثال کي هر مذهبي ماڻهو توڙي سڄي عوام جي پُٺڀرائي حاصل ٿي وئي. عقيدت مند يوناني خانقاهه مان ٽڙي پکڙي شراب خاني طرف ويا ۽ خوب شراب پيتائون پر اُنهن پادري جي غلامن ۾ مونجهارو پيدا ڪري ڇڏيو ۽ پاڪ ڪنواري (بيبي مريم) جي اعزاز ۾ پنهنجن گلاسن کي خالي ڪيائون ۽ کيس عرض ڪيائون ته محمد کان کين بچائي ۽ ساڳي وقت هن شهر کي به محفوظ رکي جنهن کي اڳ به خسرو ۽ خاقان کان هُن بچايو هو(*). جوش ۽ شراب جي ٻيڻي نشي ۾ هنن وڏي واڪي چيو: ’اسان کي ڪنهن به مدد، اتحاد يا لاطينين جي به ضرورت ناهي. عظيمين جي عبادت اڃا اسان کان ڪافي پري آهي‘. سياري جي موسم اچڻ کان به اڳ ۾ ترڪن فتح حاصل ڪري ورتي ۽ سڄي قوم ۾ خوشي ۽ جوش جذبي جي لهر ڊوڙي وئي ۽ توڙي بخشش جي موسم اچي وئي هئي ۽ ايسٽر جو ڏِڻ به ويجهو هو پر اهڙن موقعن تي خير خيرات يا محبتن ونڊڻ جي بجاءِ، خوشيون ملهائڻ وارن جو جوش ۽ ضِد وارا جذبا چوٽ چڙهيل هيا. پادرين، پنهنجن مريدن يا پوئلڳن جي ضمير کي بار بار خبردار ٿي ڪيو ۽ اهڙن ماڻهن کي سزا به ڏني وئي هئي جن کي پادرين واضح طور تي ٻڌايو هو ته هنن ايڪي ۽ اتحاد جي باقاعدگيءَ سان منظوري ڏني هئي. قربان گاهن تي هنن سادڙن ماڻهن کي جشن جي منفي اثرن کان لڳاتار آگاهه ٿي ڪيوڇاڪاڻ ته ڪيترن ماڻهن پنهنجين غير اخلاقي حرڪتن سان پادريت جي ڪردار کي داغدار ٿي ڪيو ۽ مذهب جي طور طريقن مطابق، جشن جي خوشين ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي اوچتي مرڻ جي صورت ۾، ان فوتيءَ لاءِ دعا ڪرڻ جي به اجازت ڪانه هئي ۽ نه وري ان جي ڇوٽڪاري جي ڪا اُميد هئي. جيئن ئي سينٽ صوفيا جي ڪليسا کي لاطيني قربانين سان ناپاڪ بڻايو ويو ته ان کي عيسائين ڇڏي ڏنو ۽ اُها ڪليسا بعد ۾ يهودين جي عبادت گاهه يا وري ڪافرن ۽ ملحدن جو مندر بڻجي ويو ۽ ان مقدس گنبذ تي مڪمل خاموشي ۽ ويراني ڇانئجي وئي، جتان لوبان جي دونهين جا ڪَڪر پيا اٿندا هيا، جتي روشنين جي چمڪ دمڪ هوندي هئي ۽ جتان عبادتن ۽ رب جي شڪرانن جا آواز ٻڌڻ ۾ پيا ايندا هيا. لاطيني مذهب ۾ ڦوٽ وجهڻ وارا بي دين هيا ۽ جيڪو سندن شهنشاهت جو پهريون وزير ۽ نواب هيو، ان کي ماڻهن ائين چَوندي ٻڌو هيو ته هن قسطنطنيہ ۾ پادريءَ جي ٽوپلي يا تاج جي بجاءِ محمد جي پَٽڪي کي ڏٺو هو(35). عيسائين توڙي محب- وطن ماڻهن جي اهڙن اڻ وڻندڙ خيالن ۽ جذبن يونانين کي پريشان ڪري ڇڏيو هو، نتيجي ۾ شهنشاهه ماڻهن جي همدردين توڙي محبتن کان محروم ٿي چڪو هو ۽ هاڻي مقامي طور تي سندن بزدلي ايتري تي ڪريل سطح تي پهچي چڪي هئي جو هنن پنهنجا معاملا مقدر يا وري ڪنهن معجزي ٿيڻ تائين ڇڏي ڏنا هيا جيستائين اُهو معجزو واقعي ٿئي ۽ کين نجات ڏياري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org