الله تعاليٰ جيڪو هر شئي تي قادر آهي، اُهو به
پنهنجن بندن جي شڪايتن کان بچي نٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته
جنهن صورتحال کي يورپ ۾ ڇوٽڪاري جو نالو ڏنو ويو،
ان ساڳي ڪيفيت تي نه رڳو افسوس جو اظهار ڪيو ويو
بلڪه ان تي الزام مڙهيو ويو ته ان ايشيا ۾ مصيبتن
کي جنم ڏنو هو. جيروسلم جي نقصان کان پوءِ، شام جي
ڀاڄوڪڙن هر طرف ٽاڪوڙو وجهندي غم ۽ ڏک جو ماحول
پيدا ڪري ڇڏيو هو: بغداد ماتم ٿي ڪيو، ۽ دمشق جي
قاضي زين العابدين خليفي جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي
ڏاڙهيءَ کي ٿي پَٽيو ۽ سڄي مجلس، دردن ڀريئي
داستان تي ڳوڙها پئي ڳاڙيا(36). پر مسلمانن جا
حاڪم يا خليفا فقط چپ چاپ ۾ روئي ٿي سگهيا ڇاڪاڻ
ته اُهي خود ترڪن وٽ ڄڻ قيدي هيا، بهرحال عباسين
جي آخري دؤر ۾ کين ڪجھ اختيار مليا هيا، پر سندن
نماڻائي وارو مقصد اهو هو ته سندن حڪومت جو دائرو
بغداد ۽ اوسي پاسي جي علائقن تائين محدود رهي.
سندن آمرن يعني سلجوق سلطانن، ايشيا جي حڪمران
گهراڻن جي قانونن جي پوئواري ٿي ڪئي، جرئت، عظمت،
نااتفاقي، اخلاقي قدرن جو بگڙڻ ۽ زوال پذيري جا
گڏيل سڏيل اهڃاڻ منجهن موجود هيا ۽ فارس جهڙي دور
دراز بادشاهت ۾، عيسائي، سنگيار جي نالي ۽ سندس
فوجن کان ناآشنا هيا، جيڪو پنهنجي قبيلي جو آخري
سورمو هيو(37). هڪ طرف سلطان پنهنجي حرم جي ريشمي
۽ بخملي لباس جي ڄار ۾ وڪوڙيل هيا، ته ٻي طرف سندن
غلامن يعني عطابيڪن(38) کي مقدس ڪم سؤنپيا ويا
هيا، هي ترڪي زبان جو هڪ خطاب يا نالو هو جنهن جو،
بازنطيني بزرگن وانگر، بادشاهه جو پيءُ ترجمو ڪندو
هو. عسڪنسر هڪ بهادر ترڪ هيو جيڪو مالڪ شاهه کي
پيارو ۽ ان جي ويجهو هوندو هو جنهن کان کيس ’تخت
جي ساڄي پاسي بيٺل‘ جو خطاب مليو هو، پر بادشاهه
جي مرڻ کان پوءِ جيڪي خانه جنگيون لڳيون. هن حلب
جي حڪومت سان گڏ پاڻ کي به ختم ڪرائي ڇڏيو. سندس
گهريلو اميرن، سندس پٽ زنگي سان ويجهن رابطن رکڻ
جي ڪوشش ڪئي جنهن پاڻ کي فرئنڪن خلاف لائق ۽ اهل
ثابت ڪيو ۽ انثاڪيا ۾ کين شڪست ڏنائين؛ خليفي ۽
سلطان جي خدمت ڪندي هن ٽيهن جنگي مهمن ۾ حصو ورتو
۽ پنهنجي فوجي مهارت ۽ شهرت کي قائم ڪيائين، ان
کان پوءِ کيس موصل جي ڪمان ڏني وئي ڇو ته هاڻي فقط
هو اڪيلائي جوڌو هو جيڪو پنهنجي پيغمبر ﷺ جي پيغام
کي اڳتي وڌائي ۽ دشمنن کان انتقام وٺي ٿي سگهيو.
عام ماڻهو به کانئُس نااُميد نه ٿيا هيا، پنجويهن
ڏينهن جي گهيري قائم ڪرڻ کان پوءِ، هن ايڊيسا شهر
تي حملو ڪيو ۽ فرات تائين پنهنجا سڀئي علائقا
فرئنڪن کان واپس ورتائين جيڪي هنن جنگين ۾ اڳ فتح
ڪيا هيا؛ ڪُردستان جي جنگجُو قبيلن کي موصل ۽ حلب
جي خودمختيار حاڪم پنهنجي حڪمن جي تابع ڪري ڇڏيو؛
هن پنهنجي سپاهين کي هڪ سبق سيکاري ڇڏيو هو ته
پنهنجي فوجي ڪئمپ کي ئي پنهنجو وطن سمجهندا ڪن، هو
به سندس فياضيءَ کي چڱيءَ طرح سمجهي ويا هيا ڇو ته
سندن ڪارنامن تي کين انعام اڪرام ملندا رهندا هيا
۽ سندن ڪٽنب جيڪي پري وارن علائقن ۾ رهندا هيا
اُنهن کي به زنگيءَ جي سدا چؤڪس رهڻ جي ڪري دشمنن
کان محفوظ بنايو ويو هيو. اهڙن مجاهدن جي فوج جي
ڪمان ڪندي سندس پٽ نورالدين زنگي سڀني مسلمانن کي
آخرڪار متحد ڪيو ۽ دمشق جي بادشاهت کي به حلب سان
ملائي ڇڏيائين ۽ شام جي عيسائين خلاف هڪ ڊگهي ۽
ڪامياب جنگ جي شروعات ڪري ڇڏيائين، هن پنهنجي
حڪمرانيءَ جي حدن کي دجله کان نيل تائين وڌائي
ڇڏيو ۽ عباسي خليفن پنهنجي وفادار ۽ بهادر سُورمي
کي سڀئي وڏا ۽ شاهي خطاب عطا ڪري ڇڏيا. لاطيني
حڪمران پڻ مجبور ٿي پيا ته اُهي پڻ سندن سخت مخالف
جي ڏاهپ، بهادري، انصاف ۽ خدا ترسيءَ جي مثالن کي
پاڻ وٽ به قائم ڪن(40). سندس زندگي توڙي حڪومت ۾
هن بهادر ۽ عظيم مجاهد پهرين خليفن جي سادگي ۽
مذهبي جوش جذبي کي ٻيهر زندهه ڪري ڇڏيو هو، سندس
محل ۾ سونَ ۽ ريشم جي استعمال تي پابندي لڳائي وئي
هئي، ته ساڳي وقت شراب نوشي کي به سندس حڪومت جي
حدن ۾ ختم ڪيو ويو هو؛ حڪومت جو ناڻو فقط عام
ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو ۽ نورالدين
زنگي جو پنهنجو سادگي ۽ ڪفايت شعاري وارو گهر ٻار،
جنگين مان ايندڙ مالِ غنيمت جي ٿورڙي حصي مان هلڻ
لڳو، جنهن مان هن ڪجهه ذاتي ملڪيت ٺاهي هئي، سندس
پياري زال سلطانه هڪ موقعي تي ڪنهن قيمتي تحفي وٺي
ڏيڻ جو ساڻس اَنگل ڪيو. بادشاهه کيس جواب ڏنو:
’افسوس! تنهنجو مطالبو پورو نٿو ڪري سگهان جو آءٌ
رب العزت کان ڏاڍو ڊڄان ٿو، ٻيو ته آءٌ مسلمانن جي
خزاني جو خزانچي يا رکوالو آهيان. انهي دولت مان
ڪجهه به خرچ نٿو ڪري سگهان جو اها سندس امانت آهي،
پر تڏهن به حمص جي شهر ۾ منهنجا پنهنجا ٽي دُڪان
آهن، تون اهي ڀلي وٺ، ۽ اهائي منهنجي ڪل مُوڙي آهي
جيڪا توکي ڏئي سگهان ٿو.‘ سندس انصاف جو ايوان،
وڏن ماڻهن لاءِ خوف ۽ ڏهڪاءَ جي علامت جڏهن ته
غريبن ۽ مسڪينن لاءِ پناهه وٺڻ جو ديرو هوندو هو.
سلطان جي مرڻ کان ڪجهه سال پوءِ، رعيت جي هڪ مظلوم
ماڻهو دمشق جي گهٽين ۾ رڙيون ڪندي ٿي پڪاريو: ’اي
نورالدين! نورالدين تون ڪٿي آهين؟ اُٿي، جلدي اُٿي
اچ، اسان جي مٿان رحم جي ڇانوَ بڻجي اچ ۽ اسان کي
ظلمن کان اچي بچاءِ.‘ اوچتو هڪ بغاوت جو امڪان
پيدا ٿي پيو ۽ هڪ زندهه آمر، گذري ويل سورمي جو
نالو ٻڌندي ئي ڪنبڻ لڳو هو.
ترڪن ۽ فرئنڪن جي سوڀن سبب، فاطمين کان شام جي
بادشاهت کسجي چڪي هئي. مصر ۾ سندن ڪردار توڙي اثر
کي اڃا به ضروري سمجهيو ٿي ويو. کين اڃا تائين
اسلام جي پيغمبر ﷺ جو جائز جانشين ۽ پوئلڳ سمجهيو
ويندو هو؛ هنن پنهنجي حڪومت مصر ۾ قائم ڪئي هئي ۽
ماڻهو کين احترام جي نظر سان ڏسندا هيا ۽ سندن
رعيت جي ماڻهن توڙي ڌارين کين ڪڏهن به بُرين نظرين
سان نه ڏٺو هو. لاطيني سفيرن(41)، پنهنجي تعارف ۾،
جيڪو مغموم صفحن ۾ موجود آهي، هنن جي چمڪندڙ
ايوانن ۽ چٻراٺن جو ذڪر ڪيو آهي جتي پکين جي لاتين
لنوَڻ ۽ ڦوهارن جا سُريلا آواز ٻڌبا هيا، اُتي
عاليشان فرنيچر پيل هوندو هو ۽ پاليل جانور به
هوندا هيا؛ سفيرن شاهي خزانن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي
جتي گهڻو ڪجهه ته نمايان هوندو هو ۽ جيڪو ڪجهه نظر
نه ايندو هو ان لاءِ اندازو لڳايو ويندو هو ۽
کُلندڙ دروازن جو هڪ ڊگهو سلسلو هوندو هو جن جي
حفاظت شيدي سپاهي ۽ گهريلو کدڙا ڪندا هيا، خاص
ديوان جي جڳهه کي پردن سان ڍڪيو ويو هو ۽ جيڪي
وزير، سفيرن کي اندر وٺي ويندا هيا، اُهي پهريون
پنهنجا هٿيار هڪ طرف رکندا هيا، ۽ زمين تي ٽي دفعا
سجدو ڪندا هيا، پوءِ پردو هٽندو هو ۽ سفير
اميرالمؤمنين کي ڏسي سگهندا هيا جيڪو پنهنجي
خوشيءَ جو اظهار، تخت جي پهرئين غلام سان ڪندو هو.
پر هي غلام سندس مالڪ هوندو هو، وزيرن ۽ سلطانن
مصر جي مٿاهين انتظام تي قبضو ڪري ڇڏيو هو؛ جيڪڏهن
ڪو مخالف ڪنهن به شيءِ جو دعويدار ٿيندو هو ته فقط
جنگ ئي ٻنهي ڌرين جو فيصلو ڪري سگهندي هئي ۽ جيڪو
سڀني ۾ وڌيڪ اهليت ۽ طاقت وارو هوندو هو، ان کي ئي
شاهي ڪمان ڪرڻ جو اهل سمجهيو ويندو هو. دَرغم ۽
شاهه ور جي قبيلن، واري واري سان هڪ ٻئي کي گاديءَ
جي هنڌ ۽ ملڪ مان تڙي ڪڍيو هو ۽ ڪمزور ڌر دمشق جي
سلطان يا جيروسلم جي بادشاهه کي پنهنجي حفاظت ڪرڻ
لاءِ عرض پيش ڪيو هو جيڪو هڪ خطرناڪ ڪم هو ڇاڪاڻ
ته ٻئي، فاطمي بادشاهت ۽ سندن فرقي جا دائمي دشمن
هيا. هٿيارن توڙي مذهبي لحاظ سان ترڪ وڌيڪ طاقتور
۽ مضبوط هيا، پر فرئنڪ غازا کان نيل تائين آسانيءَ
سان اڳتي وڌندا ويا جڏهن ته نورالدين زنگي جي فوجن
جي وِچ واري صورتحال کين عربستان جي هڪ پَٽيءَ طرف
مُڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو جيڪو هڪ ڊگهو ۽ جوکائتو
گَس هيو جنهنڪري سندن فوج اُڃ، ٿَڪ ۽ بيابان جي
لُوساٽيندڙ هوائن جو شڪار ٿي وئي جنهن ۾ سڀ بيحال
بڻجي ويا، ترڪ بادشاهه ڳجهه ڳجهاندر ۾ عباسين جي
نالي ۾ مصر تي حڪومت ڪرڻ جو ارادو ڪيو پر کين
وينتي ڪندڙ شاهه ور قبيلي جا ماڻهو ئي حقيقت ۾
پهرين مُهم جو ظاهري سبب هيا، ۽ هاڻي فتح ڪرڻ جا
فرض امير شيراڪوهه کي سؤنپيا ويا جيڪو هڪ بي ڊپو ۽
بهادر جرنيل هيو. درغم کي تڪليفون پهچائي کيس قتل
ڪيو ويو، پر سندس خوش قسمت مخالف طرفان احسان
فراموشي ۽ حسد جي روَين، کيس هڪدم چِڙ ڏياري ڇڏي ۽
هن جيروسلم جي بادشاهه کي دعوت ڏني ته هو مصر کي،
سندس بي ادب ۽ گستاخ محسنن کان آجو ۽ آزاد ڪري
ڇڏي، شيراڪوهه جا فوجي، هن اتحاد سان برابري نٿي
ڪري سگهيا، تنهنڪري هن اڻ ٿيڻي سوڀ جي پچر ئي ڇڏي
ڏني. ۽ کيس سلامتيءَ سان واپس وڃڻ فقط ان شرط تي
ڏنو ويو ته هو بيلبِس يا پيلوسيم کي جلد خالي
ڪندو. جيئن ترڪ دشمن جي اڳيان قطار ڪيون بيٺا هيا،
۽ سندن جنرل پٺئين صف کي بند ڪري ڇڏيو هو، ته هڪڙو
فرئنڪ جنهن جي هٿ ۾ هڪ جنگي ڪُهاڙي هئي ۽ هر طرح
چؤڪس نظرن سان ٿي ڏٺائين، امير کان ڳالهين ڳالهين
۾ پڇيائين: ’ڇا توهان کي حملي جو خوف خطرو محسوس
نٿو ٿئي؟‘ ’ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته حملو ڪرڻ اوهان
جي اختيار ۾ آهي.‘ بهادر امير وراڻيو: ’پر اها پڪ
ڄاڻجو ته منهنجن سپاهين مان تستائين هڪڙو به بهشت
۾ نه ويندو جيستائين هن ڪنهن هڪڙي به ڪافر يا ملحد
کي دوزخ ۾ روانو نه ڪيو آهي‘. هن زمين جي آبادي ۽
ماڻهن جي خوشحاليءَ جا احوال ڏنا، ته ساڳي وقت
مقامي ماڻهن جي ڪمزورين ۽ حڪومت ۾ آيل انتظامي ڦوٽ
۽ نااهليءَ جو ذڪر به ڪيو جنهن ڪري نورالدين جي
اندر ۾ وري اُميد جو ڏيئو ٻري پيو؛ بغداد جي خليفي
سندس بهترين تجويزن ۽ مشورن تي کيس داد ڏنو ۽
شيراڪوهه ٻيهر مصر ۾ پهچي ويو، هن دفعي ٻارهن هزار
ترڪ ۽ يارهن هزار عرب ساڻس گڏ هيا، تنهن هوندي به
سندس فوجون، فرئنڪن ۽ عرب مسلمانن جي گڏيل فوجن
کان، جنگي مهارت ۽ تجربي ۾، گهٽ هيون. آءٌ اندر جي
اکين سان ڏسي رهيو آهيان ته هو نيل ندي کي ڪيڏي نه
فوجي مهارت سان اُڪاري ٿو، ۽ سندس ثيبائس ۾ واپسي
۽ بابَين جي جنگ ۾ سندس ڪمال جي ڦڙتي، سِڪندريا ۾
اوچتو ظاهر ٿيڻ ۽ مصر جي وادي ۾ سندس پيش قدمين تي
پيش قدميون جيڪي خط استوا کان وٺي سمنڊ تائين جاري
رهيون هيون، ڪافي اطمينان بخش هيون. سندس روَيي ۽
خوش اخلاقيءَ کان سندس فوجي به خوش هيا ۽ هڪ معرڪي
جي موقعي تي هڪ مملوڪ(42) چِڙ مان اعلان ڪيو هو:
’جيڪڏهن اسان عيسائي ڪُتن کان مصر جو قبضو نٿا
ڇڏائي سگهون ته پوءِ اسان کي سلطان طرفان عطا ڪيل
سڀئي اعزاز ۽ انعام واپس ڪرڻ گهرجن، ۽ اسان جي
لاءِ پوءِ بهتر اهو آهي ته فوجي خدمتن کي ڇڏي ڪنهن
هاريءَ سان وڃي ڪُڙمت جو ڪم ڪريون يا حرم جي عورتن
سان ويهي سُٽ ڪتيون.‘ تنهن هوندي به جنگي ميدان
تي(43) سندس ڪوششن جي باوجود ۽ سندس ڀائيٽي صلاح
الدين طرفان سڪندريا(44) جي ڏکين حالتن ۾ حفاظت
ڪرڻ سان شيراڪوهه پنهنجو ٻيو معرڪو خوش اسلوبيءَ
سان طئي ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي نورالدين زنگي پنهنجي
قابليت ۽ صلاحيتن کي هڪ نئين ۽ وڌيڪ سازگار موقعي
لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. اهو موقعو جلدئي اچي ويو جڏهن
جيروسلم جي بادشاهه اَملرڪ يا ائميوئري(*)، جنهن
هڪ زهريلو محاورو ٺاهي ڇڏيو هو ته الله جي دشمنن
سان مذهبي رشتا ۽ ناتا هرگز نه رکجن، خود شروعات
ڪئي. هڪ مذهبي سورمي ۽ اسپتال جي پيشي جي ماهر کيس
اڳتي وڌڻ لاءِ همٿايو، قسطنطنيہ جي شهنشاهه هڪ
بحري ٻيڙي ڏيڻ جو واعدو ڪيو ته اُهو شام جي فوجن
جي مدد ڪري ۽ ڌوڪيباز عيسائي، جيڪو ڦُرلُٽ جي مال
۽ مليل مدد کان مطمئن نه هيو، مصر جي فتح جا خواب
ڏسڻ لڳو. اهڙين هنگامي حالتن ۾ مسلمانن دمشق جي
سلطان ڏانهن مدد لاءِ واجهايو؛ وزير، جنهن کي خطرن
هر طرف کان وڪوڙي ڇڏيو هو، سندن گڏيل خواهش اڳيان
جهُڪيو، ۽ نورالدين هڪ مناسب آڇ کي قبول ڪرڻ لاءِ
تيار ٿي ويو جنهن ۾ کيس سڄي بادشاهت جي دولت جو
ٽيون حصو ملي ويو. فرئنڪ اڳيئي مصر جي حدن تائين
پهچي چڪا هيا، پر سندن آمد تي اوسي پاسي وارن
علائقن ۽ پراڻي شهر کي باهه ڏئي ساڙيو ويو،
مڪاريءَ جي ڳالهين ذريعي کين ڌوڪو ڏنو ويو ۽ هنن
جا جهاز ان قابل هيائي ڪونه ته اُهي نيل ندي جي
وهڪرن جو مقابلو ڪري پار پهچي وڃن. هنن
دورانديشيءَ کان ڪم وٺندي، هڪ دشمن ملڪ ۾، ترڪن
سان مقابلي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو؛ ۽ ائميوئري،
شرمساري ۽ ڦِٽ لعنت جا انبار پنهنجي سِر تي کڻي
فلسطين ۾ گوشه نشيني اختيار ڪئي ۽ هڪ ناڪام
ناانصافي جو انجام اهڙوئي ٿيندو آهي. هن ڪاميابي ۽
ڪامرانيءَ کان پوءِ شيراڪوهه کي عزت ۽ وقار جو
لباس پهرايو ويو، جنهن کي هن جلدئي شاهه ور کي قتل
ڪرڻ سان داغدار ڪري ڇڏيو. ڪجهه وقت لاءِ ترڪي جي
اميرن فضيلت ۽ نهٺائيءَ جو مظاهرو ڪندي وزير جو
عهدو پاڻ وٽ رکيو پر هن ڏورانهين علائقي جي فتح
خود فاطمين جي زوال جو سبب بڻجي وئي ۽ فقط هڪ
پيغام ۽ هڪ لفظ ذريعي اهڙي تبديليءَ کي حاصل ڪيو
ويو جنهن ۾ انساني رت جو هڪ ڦڙو به ضايع نه ٿيو.
خليفن پنهنجين ڪمزورين ۽ وزيرن جي آمراڻي رويي سبب
پنهنجي پاڻ کي بيعزتو ڪري ڇڏيو هو ۽ سندن رعيت جا
ماڻهو به ان وقت شرمسار ٿيا جڏهن هن مغرور لاطيني
سفيرن اڳيان پنهنجو خالي هٿ اڳتي وڌايو، هُو نه
رڳو اسلام جي پيغمبر جو جانشين هو پر سندن اولاد
مان پڻ هيو؛ رعيت جا ماڻهو ان وقت زارو قطار رُنا
جڏهن هن پنهنجن حرم جي عورتن جا وار، جيڪي ڏک ۽
خوف جي علامت هيا، دمشق جي سلطان ڏي موڪلي ڏنا ته
من هو عورتن جي وارن کي ڏسي مٿن رحم ڪري. نورالدين
جي حڪم سان ۽ ڊاڪٽرن جي فيصلي موجب(†)،
حضرت ابوبڪرؓ، حضرت عمرؓ ۽ حضرت عثمانؓ جي پاڪ
نالن کي مسجدن جي خطبن ۾ ٻيهر شامل ڪيو ويو؛ بغداد
جي خليفي مستحدي کي پڻ خطبن ۾ شامل ڪيو ويو ته هو
جائز اميرالمؤمنين هو ۽ حضرت عليؓ جي پُٽن جي سائي
لباس کي عباسين ڪاري لباس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو؛ سندس
قبيلي جو آخري فرد خليفو العاضد فقط ڏهن ڏينهن
تائين هيو ڇو ته هو پنهنجي آخري انجام کان بيخبر
ٿي گذاري ويو، هن ايترا مال خزانا پٺتي ڇڏيا جو
سندس سپاهي کين ڏسي خوش ٿي ويا ۽ جنهن سبب مذهبي
مُلن جي لالچ واري ڀُڻ ڀُڻ به ختم ٿي وئي ۽ جيڪي
به انقلاب پوءِ برپا ٿيا، ته اُنهن ۾ مصر ڪڏهن به
مسلمانن جي بنياد پرستيءَ کان پري نه هٽيو
آهي(45).
دجله کان اڳتي سڄو ملڪ پهاڙي ۽ پٿريلو آهي جتي
اڪثر ڪري ڪُرد قبيلن(46) جا مال چاريندڙ ماڻهو
آباد آهن، جيڪي سخت جان، جانٺا ۽ وحشي، ڪنهن به
غلاميءَ کان بيزار ۽ بيصبرا، ڦُرلُٽ سندن ڌنڌو ۽
پنهنجن ئي قومي اڳواڻن سان به سخت ڌوڪي سان پيش
ايندا آهن. سندن نالن، حالتن ۽ طور طريقن ۾، کين
يونان(47) جي ڪارڊوشَينس سان ڀيٽي سگهجي ٿو ۽ اُهي
اڃا تائين عثمانيه حڪمرانن خلاف پنهنجي قديمي
آزاديءَ جي روايتن جو ائين دفاع ڪندا اچن ٿا جيئن
هنن سائرس(‡) جي جانشين خلاف ڪيو هو، غربت ۽ خواهش
کين مجبور ڪيو هو ته هو ڀاڙيتُو فوجين جي حيثيت
سان پنهنجي پيشي کي اختيار ڪن، هن جي والد ۽ چاچي
جي خدمتن عظيم صلاح الدين(48) کي حڪمرانيءَ جي
منزل تائين پهچايو، هو ايوب جو پٽ هو جيڪو هڪ
سادگي پسند ڪرد هو، هو پنهنجي حسب نسب تي ڪشاده
دليءَ سان مُرڪيو ڇاڪاڻ ته هن جو سلسلو عربستان جي
خليفن سان ٿي وڃي مليو(49). نورالدين پنهنجي سلطنت
جي ايندڙ تباهيءَ کان ايترو ته اڻڄاڻ هو جو هُن
نوجوان صلاح الدين کي هن جي مرضيءَ جي خلاف،
پنهنجي چاچي شيراڪوهه سان گڏ مصر موڪلي ڇڏيو، سندس
فوجي ساکَ ۽ دٻدٻو سڪندريه جي دفاع ڪرڻ وقت قائم
ٿي چڪو هو ۽ جيڪڏهن اسان لاطينين جي ڳالهه تي
اعتبار ڪريون ته هن ڪوششون ڪري هڪ عيسائي جنرل کان
پنهنجي لاءِ سورمي(50) جو خطاب حاصل ڪيو هو.
شيراڪوهه جي موت تي، صلاح الدين کي وڏي وزير جو
رتبو عطا ڪيو ويو توڙي جو هو عمر ۾ سڀني کان ننڍو
۽ اميرن ۾ سڀني کان گهٽ طاقتور هيو، پر پنهنجي
پيءُ جي مشوري تي، جنهن کي هن دعوت ڏئي قاهره
گهرايو هو، هو اڳتي وڌندو رهيو ۽ هن جي ذهانت
ايتري ته ڪمال جي هئي جو هو پنهنجن سڀني هڪ جيڏن
کان گهڻو مٿڀرو ٿي ويو ۽ فوج جي لاءِ به هڪ مثالي
ماڻهو بنجي ويو، جيستائين نورالدين زندهه رهيو ته
ڪرد سندس ادنيٰ غلام جي حيثيت ۾ رهيا ۽ عام ماڻهن
جي اجائي ڀُڻ ڀُڻ ۽ شڪايتن کي ايوب جي دورانديشيءَ
خاموش ڪري ڇڏيو هو ۽ هن وڏي واڪي اعلان ڪيو ته
’جيڪڏهن سلطان حڪم ڪندو ته هو پنهنجي پٽ کي زنجيرن
۾ جڪڙي سندس پيرن ۾ وڃي پيش ڪندو.‘ ’اهڙي ٻولي‘،
هن پنهنجي منهن چيو، ’دورانديشي واري ۽ نهايت
مناسب فقط مخالفن جي مجلس ۾ هوندي آهي پر هاڻي
اسان کي ڪنهن جو به خوف خطرو ڪونهي ۽ نه ڪنهن جي
فرمانبرداري ڪرڻي آهي ۽ نورالدين جا دڙڪا داٻ هاڻي
ڪمند جي فصل جو ڏنڊ نه ڀرائي سگهندا. هن جي
وقتائتي موت، کين ڪجهه اختلافي جهيڙن کان بچائي
ڇڏيو، سندس پٽ کي جيڪو ان وقت يارهن سالن جو ٻار
هيو، عارضي طور دمشق جي اميرن جي حفاظت ۾ رهايو
ويو، ۽ مصر جي نئين امير کي خليفي طرفان هر طرف جا
انعام اڪرام(51) ڏئي ڪرسيءَ تي ويهاريو ويو پر
اهڙيءَ طرح جيئن ماڻهن جي نظرن ۾ سندس قبضي کي
جائز سمجهيو وڃي. صلاح الدين به مصر کي پاڻ وٽ
ڊگهو عرصو رکڻ جي حق ۾ نه هو، هن جيروسلم جي
عيسائين کي هر ڳالهه کان محروم ڪري ڇڏيو ۽ دمشق،
حلب ۽ دياربيڪر جي عطابيڪن ۽ مڪي ۽ مديني جي ماڻهن
سندس حاڪميت ۽ حفاظت کي تسليم ڪيو، سندس ڀاءُ يمن
جي دور دراز خطي کي جنهن کي ’شادباد عربستان‘ چيو
ويندو هو، پنهنجي تابع بنايو؛ سندس موت جي وقت تي
سندس شهنشاهت هڪ طرف آفريڪا ۾ طرابلس کان دجله
ندي، ته ٻي طرف هندي سمنڊ کان وٺي آرمينيا تائين
ڦهليل هئي. سندس ڪردار جي جائزي وٺڻ سان معلوم
ٿيندو ته غداري ۽ احسان فراموشي جا الزام شايد مٿس
لڳا هيا ۽ قانون ۽ وفاداري جي تجربن موجب اهڙين
وصفن بابت گهڻو تاڪيد ڪيو ويو آهي، پر سندس اُمنگن
کي ڪنهن حد تائين درگذر ڪري سگهجي ٿو ڇو ته
ايشيا(52) ۾ وڏا انقلاب برپا ٿي چڪا هيا جن جي ڪري
جائز جانشيني جي هر تصور کي ختم ڪيو ويو هيو جنهن
جو تازو مثال خود عطابيڪن ۾ موجود هو. هو پنهنجي
محسن جي پٽ جو احترام ڪندو هو، ۽ پنهنجن مائٽن يا
سندس مددگار شاخن ۾ ڪم ڪندڙن سان سندس رويو
انسانيت ۽ رحمدليءَ وارو هوندو هو توڙي جو هو
نااهل هوندا هيا پر صلاح الدين اهليت رکڻ جي
باوجود به مٿن مهربان هوندو هو ۽ خليفي جي اجازت
سان هو جائز طاقت ۽ اختيارن جو مڪمل سِرچشمو هو ۽
سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو ماڻهن جي خواهشن ۽ سندن
دلچسپين جو تمام گهڻو خيال رکندو هو جيڪو هر حڪومت
جو سڀ کان اهم ۽ پهريون مقصد هوندو آهي ته عوام
مجموعي طور خوش رهي. پنهنجي ذاتي توڙي سندس محسن
جي اخلاق ۽ ڪردار ۾ ائين لڳندو هو ته ٻئي سورما به
هيا ته نيڪ بزرگ به هيا ڇو ته نورالدين ۽ صلاح
الدين کي ماڻهو ولي الله ڪري مڃيندا هيا ۽ جيڪڏهن
مقدس جنگين جو غور سان جائزو وٺبو ته لڳندو ته
اُنهن جو سندن زندگين تي وڏو اثر پيو هو، البت ذڪر
ڪيل پوئين شخصيت جي لاءِ چيو ٿو وڃي ته هو شراب
پيئندو هو ۽ عورتن جو شوق رکندڙ هو پر پوءِ جلدئي
هن دنياوي خوشين ۽ لذتن کي ترڪ ڪري ڇڏيو هو ڇاڪاڻ
ته سندس خواهش هئي ته حڪومت کيس ملي پر اهڙي جنهن
۾ سندس شهرت ۽ نيڪ نامي برقرار رهي. صلاح الدين
کُهري لباس مان ٺهيل لباس پائيندو هو ۽ پاڻيءَ کان
سواءِ ٻيو ڪجهه به نه پيئندو هو ۽ پرهيزگاريءَ ۾
هو پنهنجي پياري پيغمبرﷺ جي ڀرپور پيروي ڪندو هو.
عقيدي توڙي عمل جي لحاظ سان هو هڪ پڪو مسلمان هو،
هو ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪندو رهندو هو ته
دين جي خدمت ڪندي کيس ايتري مهلت به نه ملي سگهي
هئي ته مڪي پاڪ وڃي حج جي سعادت حاصل ڪري سگهي؛
بهرحال هو باقاعدگي سان پنج وقت نماز باجماعت ادا
ڪندو هو، جيڪڏهن ڪو روزو رکڻ کانئس رهجي ويندو هو
ته ان کي قضا ڪري رکندو هو ۽ گهوڙي تي سواري ڪري
به هو قرآن جي تلاوت تيستائين ضرور ڪندو هو
جيستائين فوجون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿين، هي
مثال سندس عبادت گذاري ۽ پرهيزگاري جو وڏي ۾ وڏو
ثبوت هوندو هو(54). هو مسلمانن جي شافعي اسڪول سان
تعلق رکندڙ هو ۽ ان فرقي جي ماڻهن کي گهڻو
همٿائيندو هيو، شاعر سندس نفرت کان بچيل رهندا
هيا، پر جيڪي به سائنسي ڳالهيون هونديون هيون
اُنهن کان ڄڻ پاسيرو رهندو هو، ۽ هڪ فيلسوف کي،
جنهن ڪن نين کوجنائن جو ذڪر ڪيو هو، سندس حڪم تي
پڪڙي کيس گهُٽا ڏئي ماريو ويو هو. سندس ديوان (عام
ماڻهن جي ويهڻ ۽ انصاف وٺڻ جي جاءِ) ۾ هر ننڍي ۾
ننڍي درخواست گذار کي پورو انصاف ملندو هو، پوءِ
ڀلي اُها شڪايت سندس پنهنجي ذات يا سندس وزيرن
خلاف ئي ڇونه ڪئي وئي هجي، صلاح الدين جيڪڏهن
انصاف ۽ برابري جي اصولن کان ٿورو پاسيرو ٿيندو به
هو ته فقط ان وقت جڏهن سندس بادشاهت کي ڪو مسئلو
پيش ايندو هو. هڪ طرف سلجوق ۽ زنگي جي خاندان جي
ماڻهن پنهنجي ظاهري شان شوڪت ۽ عمدن لباسن کي
برقرار رکيو هو ته ٻي طرف صلاح الدين هو جيڪو
سادگي سان زندگي گذاريندو هو. طبيعت ۽ سُڀاءُ ۾
وڻندڙ ۽ پنهنجن ملازمن ۽ نوڪرن سان به صبر ۽ سهڻي
ورتاءَ سان پيش ايندو هو. سندس سخا ۾ ايتري ته
ڪشادگي هئي جو آڪري جي گهيري جي موقعي تي هن ٻارهن
هزار گهوڙا ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيا ۽ سندس موت جي
موقعي تي خزاني ۾ چانديءَ جا ستيتاليهه ڊرام ۽ سون
جو فقط هڪ ٽڪرو موجود هيو، تنهن هوندي به جنگي
علائقن ۾، ڏَنڊَ ۽ جرمانن جي رقم کي گهڻي ڀاڱي
گهٽايو ويو هو، ۽ جيڪي شاهوڪار ۽ دولتمند ماڻهو
هيا، اُهي بغير ڪنهن خوف خطري جي پنهنجن صنعتن ۽
ڪارخانن مان پوري اُپت حاصل ڪري رهيا هيا. مصر،
شام ۽ عربستان ۾ هر مناسب جڳهه تي اسپتالون، ڪاليج
۽ مسجدون تعمير ڪرايون ويون هيون؛ ۽ قاهره کي هڪ
پڪي ديوار ۽ قلعي سان محفوظ بنايو ويو هو ۽ هن
جيڪي به فلاحي ڪم ڪرايا هيا سي سڀ عام ماڻهن جي
استعمال ۾ عوامي ڀلائيءَ لاءِ هيا(55)، ۽ سلطان
پنهنجي ذاتي عيش عشرت لاءِ نه محلات تعمير ڪرايا
نه باغيچا ٺهرايا. هڪ مذهبي جنونيت جي دؤر ۾، توڙي
جو هو خود به هڪ مذهبي ماڻهو هيو، تڏهن به سندس
انساني ڪردار ايڏو ته عظيم هيو جو عيسائي به کيس
عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسندا هيا، جرمني جو
شهنشاهه پڻ سندس دوستيءَ تي ناز ڪندو هو(56)،
يونان جي شهنشاهه ساڻس ايڪو ڪيو ۽ قريبي رشتا بحال
ڪري ڇڏيا(57)، ۽ جيروسلم جي فتح سندس شهرت کي هوا
جي صورت ۾ اوڀر ۽ اولهه جي ملڪن جي ڪُنڊڪڙڇ ۾ هر
طرف ڦهلائي ڇڏيو.
جيروسلم جي بادشاهت(57) جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ
ٿورڙي عرصي دؤران، ترڪن ۽ عرب مسلمانن جي اختلاف
سبب، ان جي حمايت خودبخود وڌي وئي ۽ ٻنهي يعني
فاطمي خليفن ۽ دمشق جي سلطانن پنهنجي پنهنجي مذهب
جي مقصدن کي ذاتي فائدن ۽ مفادن عيوض قربان ڪري
ڇڏيو. پر مصر، شام ۽ عربستان جي ملڪن کي هڪ
نامياري سورمي، اتحاد ۽ ايڪي جي رشتن ۾ جڪڙي ڇڏيو
هو ۽ ان جوڌي جوان کي فطرت ۽ سندس خوش نصيبي
عيسائين جو خلاف سڀني ملڪن کي مسلح ڪري ڇڏيو هو.
هر شئي خوفائتي نظر ٿي آئي، ۽ جيروسلم جي اندروني
حالتن ۾ سڀ ڪجھ ڪمزور ۽ کوکلو نطر ٿي آيو. پهرين
ٻن بالڊوِنس ۽ بولن جي گاڊفري جي ڀاءُ ۽ سؤٽ کان
پوءِ، اقتدار جي واڳ هڪ عورت ميليسينڊا ڏي هلي وئي
جيڪا ٻي بالڊوِن جي ڌيءُ هئي ۽ سندس مڙس فُلڪ جيڪو
آنجُو جو امير هو، پهرين شاديءَ مان اسان جي
انگريز پلانٽئيجينيٽس جو پيءُ هو. سندن ٻه پٽ،
بالڊون ٽيون ۽ ائميوئري هڪ زوردار جنگ شروع ڪري
ڇڏي جنهن کي ملحدن خلاف ناڪام جنگ نٿو چئي سگهجي،
پر ائميوئري جو پٽ بالڊون چوٿون ڪوڙهه جي بيماريءَ
سبب محروم رهيو ۽ ذهن ۽ جسم جي بيماريءَ جو بدنما
تحفو کيس صليبي جنگين ۾ مليو هو. سندس ڀيڻ سبيلا،
جيڪا بالڊون پنجين جي ماءُ هئي، هن جي فطري وارث
هئي. پنهنجي ٻار جي پُراسرار موت کان پوءِ، هن ٻي
مڙس سان شادي ڪئي جيڪو ليوسگنن جو هڪ نوجوان هيو ۽
خوبصورت شهزادو هو پر سندس شهرت ايڏي ته ذلت واري
هئي جو سندس ڀاءُ جعفري کي ڀري محفل ۾ هينئن چوندي
ٻڌو ويو: ’جيئن ته هنن کيس بادشاهه بنائي ڇڏيو آهي
ته مون کي ته يقيني طور تي ديوتا ٺاهي ڇڏيندا‘. هن
چونڊ ڪرڻ تي ڪافي الزام لڳا، ۽ بيحد طاقتور خادم
ريمنڊ جيڪو طرابلس جو نواب هو ۽ جنهن کي جانشيني ۽
اميراڻي لقب مان به خارج ڪيو ويو هو، نئين بادشاهه
خلاف سخت نفرت ۽ دشمنيءَ جا جذبا منجهس پيدا ٿي
پيا ۽ هاڻي هن پنهنجي وقار ۽ ضمير کي سلطان جي
ويجهي وڃڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هن پاڪ شهر جا سڀئي
محافظ ذري گهٽ هڪ جهڙا هيا، هڪ ڪوڙهيو، هڪ ٻار، هڪ
عورت، هڪ بزدل ۽ هڪ غدار؛ تنهن هوندي به سندس قسمت
جي فيصلي ۾ ٻارهن سال دير ٿي وئي ڇاڪاڻ ته يورپ
مان ضروري گهرج جون شيون دير سان پهتيون هيون جنهن
جو سبب دشمن ملڪن طرفان رڪاوٽون وجهڻ يا پري پنڌ
جي ڪري وچ ۾ ساهيون پٽڻ(*) يا ڪا وِندر ورونهن ڪرڻ
سبب دير ٿي وئي هئي. آخرڪار هڪ ٻڏندڙ ملڪ هر طرف
کان سندس دشمن طاقت طرفان وڪوڙجي ويو هو ۽ صلح
نامي جي ڀڃڪڙي فرئنڪن ئي ڪئي هئي جن سندس وجود کي
قائم رکڻ جو ذمو کنيو هو. چئٽلن جي هڪ سپاهي، جنهن
جو نالو ريگينالڊ هيو، بربٽ ۾ ٺهيل هڪ قلعي تي
قبضو ڪيو، جتي ويهي هن ايندڙ ويندڙ قافلن کي لُٽڻ
شروع ڪيو، رسالت مآب لاءِ گُٿا لفظ ڳالهائين ۽ مڪي
۽ مديني جي شهرن لاءِ هو خطري جو باعث بنجي ويو.
صلاح الدين ڪاوڙ ۾ اچڻ بجاءِ ان گستاخي جي شڪايت
ڪئي ۽ مخالفن طرفان ساڻس انصاف نه ٿيڻ تي هو ويتر
خوش ٿيو ۽ اسي هزار گهوڙي سوار ۽ پيادل فوج جي
اڳوڻي ڪندي مقدس سرزمين تي حملو ڪيائين. سندس
پهرئين حملي جي چونڊ ٽائيبيريا هئي جنهن جو مشورو
طرابلس جي امير ڏنو هو ۽ جيروسلم جي بادشاهه کي
زور ڀريو ويو هو ته هو پنهنجون فوجون ٻاهر ڪڍي ۽
پنهنجن ماڻهن کي هٿيارن سان مسلح ڪري ڇڏي ته جيئن
اهڙي اهم شهر جي مدد ڪري ۽ ان کي بچائي سگهجي(59).
ڌوڪيباز ريمنڊ جي مشوري تي عيسائين کي ان ڪئمپ تي
پهچايو ويو جتي پاڻي به ڪونه هو، بهرحال هو ته
پهريُن ڀڀڪين ۾ ئي ڀڄي ويو ۽ ٻنهي قومن مٿس لعنت
ملامت ڪئي(60)، ليوسگنن کي تخت تان لاٿو ويو ۽
سندس ٽيهه هزار ماڻهن کي پنهنجي سِرَ تان هٿ کڻڻو
پيو، ۽ صليبي جنگ جي بجاءِ ڪافرن لاءِ هر طرف هڪ
جهنگ وڃي بچيو هو. شاهي قيدي کي گرفتار ڪري صلاح
الدين جي تنبو ۾ آندو ويو ۽ جيئن ئي هو اُڃ ۽ خوف
کان بيهوش ٿي ويو ته عظيم فاتح (صلاح الدين) کيس
شربت جو گلاس پيئڻ لاءِ ڏنو جنهن کي برف سان ٿڌو
ڪيو ويو هيو؛ نه سندس ساٿين کي نقصان پهتو پر
چئٽيلن جي ريگينالڊ کي چيو ويو ته هو هن مهمان
نوازي ۾ حصيدار ٿئي ۽ معافي وٺي، سلطان کيس
سمجهايو: ’بادشاهه جي شخصيت ۽ سندس وقار مقدس
هوندا آهن، تنهن ڪري هي گستاخ لٽيرو هڪدم اسلام جي
پيغمبر جي عظمت جو اقرار ڪري جنهن جي خلاف هن نه
رڳو گستاخي پر گار گند ڪڍيو هو، يا وري موت قبول
ڪري جنهن جو هو پورو پورو حقدار هيو‘. پر گستاخ
عيسائي غرور مان ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ صلاح
الدين بنا دير جي پنهنجي ترار سان سندس سِسي ڌڙ
کان ڌار ڪري ڇڏي ۽ سندس محافظن(61) سندس لاش کي
ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. ڏڪندڙ ۽ ڪنبندڙ ليوسگنن کي دمشق ۾
هڪ عزت واري جيل ۾ بند ڪيو ويو، پر هن فتح ۾
بدقسمتيءَ سان اسپتال جا ٻه سؤ ٽيهه امير ۽ سورما
مارجي ويا جيڪي سندس ئي مذهب جا بهادر جوڌا هيا پر
شهيد ٿي ويا. بادشاهت کي بغير سربراهه جي ڇڏيو
ويو، جنهن ۾ فقط ٻه پراڻا محافظ هيا، هڪڙي کي قتل
ڪيو ويو ۽ ٻي کي قيد ڪري جيل ۾ موڪليو ويو. سڀني
شهرن مان، جيڪي سامونڊي ڪنارن يا خشڪي تي هيا،
فوجين کي هن موتمار جنگ لاءِ ٻاهر ڪڍيو ويو هيو.
ٽاير ۽ طرابلس ئي فقط اهڙا شهر هيا جيڪي صلاح
الدين جي حملن کان بچي ٿي سگهيا، ۽ ٽائبيرياس جي
جنگ کان فقط ٽن مهينن کان پوءِ صلاح الدين پنهنجي
فوج سميت جيروسلم جي گيٽن تائين پهچي ويو.(62)
هن اندازو لڳايو هو ته هن شهر جو گهيرو، دنيا جي
هن زمين توڙي جنت ۾ ڪيڏو نه مانائتو هوندو جيڪو
يورپ ۽ ايشيا ٻنهي لاءِ بيحد اهم هوندو ۽ ماڻهن جي
اندر ۾ نوَن جوش جذبن جون لاٽون روشن ڪري ڇڏيندو ۽
ٻيو ته سامهون سٺ هزار عيسائي هيا جن جو هر ماڻهو
سپاهي هوندو ۽ هر سپاهي شهادت جو اُميدوار هوندو.
پر راڻي سبيلا خوف ۾ پاڻ به ڪنبي رهي هئي ته سندس
قيدي مڙس جو به ساڳيو حال هيو، ۽ امير ۽ سورما
جيڪي ترڪن جي ترارين ۽ سندن زنجيرن ۾ جڪڙجڻ کان
بچي ويا هيا، ماڻهن جي هن برباديءَ جي وقت به خود
مطلبي ۽ تفرقي بازي جو مظاهرو ڪري رهيا هيا. هتان
جي رهواسين جو گهڻو حصو يونانين ۽ مشرقي عيسائين
جو هو جن کي تجربي سيکاريو هو ته لاطيني غلامي
کان(63) مسلمانن سان گڏ رهڻ وڌيڪ بهتر هو ۽ مقدس
مقبري وٽ هيٺئين قسم جا ضرورت مند ماڻهو جمع ٿيل
هيا، جيڪي هٿيارن توڙي همت کان بنهه خالي هيا ۽ جن
جو گذر سفر زيارتين طرفان سخا ۽ خير خيرات تي
هوندو هو. جيروسلم کي بچائڻ لاءِ ڪجھ ڪمزور ۽
اُٻهريون ڪوششون ڪيون ويون، پر چوڏهن ڏينهن دؤران،
فاتح فوج، گهيري ۾ آيل ماڻهن جي حملن کي پٺتي ڌِڪي
ڇڏيو، پنهنجين انجڻين کي اُتي فِٽ ڪيائون ۽
پندرهَن ڪيوبٽس تائين ديوار کي ويڪرو ڪري ان کي
ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ کولي ڇڏيائون، پنهنجون
ڏاڪڻيون به لڳايائون ۽ وچ واري حال ۾ ﷴ ﷺ جن ۽
سلطان جا بئنر پڻ لڳائي ڇڏيائون. اهو چوڻ اجايو
آهي ته راڻيءَ جو پيرين پيادو ماڻهن جو جلوس، جن ۾
عورتون ۽ راهب به شامل هيا، الله جي پٽ اڳيان
منٿون وڃي ڪيائون ته سندس مقبري کي مخالفن جي بي
حرمتيءَ کان بچائي. سندن آخري اُميد، فاتح جي رحم
۽ ڪرم تي ڇڏيل هئي ۽ جيڪو منت ميڙ جو پهريون قافلو
وٽس پهتو هو ته ان جي رحم جي اپيل رد ڪئي وئي هئي.
’هن قسم کنيو هو ته هن وقت تائين ڪيل صبر ۽
مسلمانن سان جيڪي ظلم ۽ عقوبتون ٿيون هيون، اُنهن
جو هو بدلو ضرور وٺندو ۽ معافي يا درگذر ڪرڻ جو
وقت هاڻي هٿن مان نڪري چڪو هو ۽ هاڻي اُها گهڙي
اچي وئي هئي ته جيڪو گاڊفري پهرين صليبي جنگ ۾
ماڻهن جو ناحق رت وهايو ويو، ان جو حساب به رت جي
صورت ۾ ورتو ويندو‘. پر فرئنڪن طرفان نراسائيءَ
واري ڪامياب ڪوشش سلطان کي ڄڻ پيغام موڪليو هو ۽
فتح جي جذبن اڃا گهڻو پري هئي، بهرحال هن سَڄي
انسان ذات جي هڪڙي ۽ ساڳئي پيءُ ڏاڏي آدمؑ جي صدقي
کين غور سان ٻڌو، نيٺ انسان ذات ۽ انسانيت جا جذبا
سندس ڪاوڙ، سختي، ۽ فتح جي جذبن تي حاوي ٿي ويا ۽
صلاح الدين جي ظاهري گرميءَ ۾ نرمي اچي وئي. هن
شهر ۽ ان جي ماڻهن کي بچائڻ جو واعدو ڪيو. يونان ۽
مشرق جي عيسائين کي اجازت ڏني ته هو ڀلي سندس
حڪومت ۾ رهن، پر ساڳئي وقت هن اهو حڪم به صادر ڪيو
ته سڀئي فرئنڪ ۽ لاطيني چاليهن ڏينهن جي اندر
جيروسلم کي ڇڏي وڃن پر اُنهن کي مصر ۽ شام جي
سامونڊي بندرن تائين سلامتيءَ سان پهچايو وڃي، ۽
هر مرد عيوض سون جا ڏهه ٽڪرا، هر عورت لاءِ پنج ۽
هر ٻار لاءِ هڪ سون جو ٽڪرو جي حساب سان وٽس جمع
ڪرايا وڃن ۽ جيڪي پنهنجي آزاديءَ کي خريد نٿي ڪري
سگهيا اُهي هميشه واسطي غلاميءَ ۾ زندگي گذاريندا.
ڪجھ ليکڪن ان موضوع کي پنهنجو محبوب مشغلو بنايو
آهي ته ٻين وري بڇان ڏياريندڙ طريقي سان صلاح
الدين کي پهرين صليبي جنگ جي قتلام سان ڀيٽيو آهي.
اهو فرق يا ڀيٽ فقط ذاتي هوندي پر اسان کي اها
ڳالهه هرگز نه وسارڻ گهرجي ته عيسائين هٿيار ڦٽا
ڪري شڪست قبول ڪئي هئي جڏهن ته جيروسلم جي پهرين
صليبي جنگ ۾ مسلمانن سان ظلم جي آخري حدن تائين
عقوبتون ۽ زيادتيون ڪيون ويون هيون. انصاف ۽ حق جو
پاسو هر صورت ۾ ترڪيءَ جي فاتح طرف پنهنجو رخ
اختيار ٿو ڪري ته ڪيئن نه هن صلح نامي جي هر شرط
کي پورو ڪري ڏيکاريو هو ۽ دشمنن جي رحم جهڙين
حالتن ۾ هن شهر جي رهواسين توڙي مفتوحن تي رحم
ڪندي سندن جانيون بچايون هيون، ته اسان مجبور ٿي
پيا آهيون ته سندس اعليٰ ڪردار جي تعريف ڪريون.
بجاءِ کين مارڻ ۽ قتل ڪرڻ جي هن فقط ٽيهه هزار
بائزنٽس(*) (سون جي سِڪن) عيوض ست هزار غريبن کي
ڇوٽڪارو ڏياريو، ٻه ٽي هزار ٻيا ماڻهو سندس نرملتا
۽ احسان منديءَ جي ڪري آزاد ٿي ويا ۽ غلامن جي وڏي
تعداد کي گهٽائي يارهن يا چوڏهن هزارن تائين آندو
ويو. راڻيءَ سان سندس ملاقات ۾ سندس لفظ ۽ سندس
اکين مان وهندڙ ڳوڙها ٻڌائي رهيا هيا ته هو ڪيڏو
نه مهربان ۽ همدرد انسان هيو. هو يتيمن ۽ بيوهه
عورتن ۾ وڏي فياضي ۽ ڪشاده دليءَ سان خير خيرات
ورهائيندو رهندو هو، خاص طرح اُهي جيڪي جنگ ۾
متاثر ٿيا هيا ۽ جڏهن ته اسپتال جا امير سندس دشمن
هيا، ته هن سندن ٻين ڀائرن کي، جيڪي نيڪ هيا،
اجازت ڏني هئي ته هڪ سال لاءِ ڀلي هو بيمارن جي
خدمت ۽ تيمارداريءَ کي جاري رکيون اچن. رحمدلي ۽
انسانيت جي اهڙن عظيم ڪارنامن سبب صلاح الدين جو
ڪردار اسان کان سندس تعريف ۽ محبت جي تقاضا ٿو
ڪري، منجهس ڪا به ٻهروپيائي ڪانه هئي ۽ نه وري ان
جي کيس ڪا ضرورت هئي ۽ هن جي مذهبي بنياد پرستي
شايد کيس ٻهروپيائيءَ تي آماده ڪري ها پر هن ائين
ڪرڻ جي بجاءِ ويتر قرآن جي دشمنن سان به رحمدلي ۽
انسان دوستيءَ وارو ورتاءُ ڪيو. شهر کي ڌارين کان
آزاد ڪرڻ کان پوءِ، هو جيروسلم ۾ هڪ عظيم فاتح
جيان داخل ٿيو جتي هن جي مرحبا لاءِ هر طرف وڏا
بئنر لڳايا ويا هيا ۽ جنگي موسيقي جون ڌنون وڄي
رهيون هيون. حضرت عمرؓ جي جامع مسجد جنهن کي ڪليسا
۾ تبديل ڪيو ويو هيو، ٻيهر بحال ڪيو ويو جتي فقط
هڪ خدا ۽ سندس رسول ﷴ مصطفيٰ ﷺ جا مڃيندڙ عبادت
ڪري سگهندا؛ مسجد جي ديوارن، صحن ۽ ان جي رستن کي
گلاب جي عرق سان وهنجاريو ويو ۽ هڪ منارو،
نورالدين زنگي جي ياد ۾ مسجد اندر تعمير ڪيو ويو.
پر جڏهن سوني صليب، جيڪا گنبذ تي چمڪندي رهندي
هئي، کي لاٿو ويو ته هر طبقي جا عيسائي دانهون ڪري
ماتم ڪرڻ لڳا، جنهن تي مسلمانن به جواب ۾ رڙيون
ڪري پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو. هڪ عيسائي بزرگ
صليبي نشانن مورتين، گلدانن ۽ مقدس جڳهن جي تبرڪن
کي هڪ جڳهه تي گڏ ڪري، انهن کي چئن عاج جي ٺهيل
صندوقن ۾ وڌو، پر انهن کي سوڀاري پڪڙي وڌو ۽ سندس
خواهش هئي ته هو پنهنجي خليفي جي آڏو اهي شيون پيش
ڪندو ۽ کيس عيسائن جي بت پرستيءَ بابت پڻ کيس
ٻڌائيندو. پر کيس منتون ڪيون ويون ته هو اهي تبرڪ
ان بزرگ ۽ انتاڪيا جي بادشاهه کي واپس ڪري ۽
انگلينڊ جي رچرڊ اُهي تبرڪ ٻاونجاهه هزار سون جي
ٽڪرن(64) عيوض خريد ڪري ورتا ۽ پنهنجي مقدس عزم کي
پورو ڪري ڏيکاريائين.
قومون ان ڳالهه کان ڊِنل هيون ته لاطينين کي شام
مان هڪدم تڙي ٻاهر ڪڍيو ويندو پر ان معاملي ۾ فاتح
کين ڍَرَ ڏني ۽ صلاح الدين جي هن دنيا مان لاڏاڻي
کان هڪ صدي کان به وڌيڪ عرصي تائين اُنهن کي ملڪ
نيڪالي نه ڏني وئي(65). سوڀن جي سلسلي ۾ کيس پهرين
رڪاوٽ ٽاير ۾ پيش آئي جتي کيس سخت مزاحمت جو
مقابلو ڪرڻو پيو، جن فوجين ۽ فوجي جٿن شڪست قبول
ڪئي هئي اُنهن کي دورانديشيءَ کان ڪم نه وٺندي
ساڳين سامونڊي بندرن تي نِيو ويو هو، هنن جو تعداد
ايترو ته گهڻو هو جو اُهي پنهنجي هنڌ جي حفاظت ڪري
ٿي سگهيا، ۽ مانٽفيراٽ جي ڪونراڊ جي اچڻ سان، هڪ
ڇڙوڇڙ هجوم جو اعتماد بحال ٿي ويو ۽ اُهي پاڻ ۾
ملي هڪ ٿي ويا. سندس پيءُ کي، جيڪو هڪ معزز زيارتي
هو، ٽائبيرياس جي جنگ ۾ قيدي بنايو ويو هو. پر ان
نقصان يا شڪست جي خبر اٽلي ۽ يونان تائين نه پهچي
سگهي هئي، ۽ سندس پٽ تي ڪنهن مقصد ۽ نيڪيءَ جي
ارادي سان، زور ڀريو ويو ته پنهنجي شاهي ڀائٽيي
يعني صغير ٻالڪ بالڊوِن جي سار سنڀار لهي اچي.
ترڪي جي بئنرن ۽ جهنڊن کيس جفا جي سامونڊي ڪنارن
کان ئي خبردار ڪيو هو ته اهو سندس دشمنن جو علائقو
هو ۽ ڪونراڊ کي يڪراءِ ٽاير جو بادشاهه ۽ هڪ سورمي
جي حيثيت سان تسليم ڪيو ويو، جيڪو اڳي ئي جيروسلم
جي فاتح طرفان گهيري ۾ آيل هيو. ڪونراڊ جي عزم ۽
مستقل مزاجي کان سواءِ کيس چڱيءَ طرح خبر هئي ته
سندس دشمن (صلاح الدين) هڪ سخي ۽ معاف ڪرڻ وارو
شخص هيو، جنهن کيس همت ڏني ته هو سلطان جو مقابلو
ڪندو ۽ اعلان ڪيائين ته سندس پيرسن پيءُ کي ديوارن
وٽ نمايان ڪيو وڃي ۽ هو عزم ٿو ڪري ته دشمن خلاف
پهريون تير هو خود وهائيندو ڇو ته هو به عيسائي
شهيدن جي ورثي جو مالڪ هو(66). مصر جي سامونڊي
ٻيڙي کي ٽاير جي بندرگاهه تي لنگرانداز ٿيڻ جي
اجازت ڏني وئي، پر زنجير کي هڪدم ڇڪيو ويو جنهن جي
نتيجي ۾ پنج ننڍا جهاز يا ته ٻڏي ويا يا وري اُنهن
تي دشمنن جو قبضو ٿي ويو ۽ هڪ هزار ترڪن کي هڪ
حملي ۾ قتل ڪيو ويو ۽ صلاح الدين، پنهنجين انجڻين
کي ساڙڻ کان پوءِ هڪ شاندار مهم کي، دمشق طرف وڌڻ
جي ڪري ختم ڪري ڇڏيو. کيس هڪ وڏي طوفان کي جلدئي
مُنهن ڏيڻو پئجي ويو. جيروسلم جي فتح کان پوءِ
ماڻهن جيڪي دردناڪ داستان مشهور ڪيا يا جيڪي
تصويرون هٿ ڪيون ويون جن ۾ ماڻهن جي غلامي ۽ شهر
جي بي حرمتي کي مبالغي آميز رنگينين ۾ پيش ڪيو ويو
هو، ان يورپ جي سُتل ۽ نِڍال ماڻهن کي جاڳائي
ڇڏيو؛ شهنشاهه فريڊرڪ باربروسا ۽ فرانس ۽ انگلينڊ
جي بادشاهن صليب هٿ ۾ کڻي اڳواڻي ڪئي ۽ سست
رفتاريءَ جي باوجود هو بحيره- روم کان بحر-
اوقيانوس تائين ڦهلجي چڪا هيا. اٽلي وارا ڦڙتي
ڪندي جينئا، پيسا ۽ وينِس ڏانهن ويندڙ جهازن ۾
سوار ٿي ويا. اُنهن کان پوءِ فرانس، نارمنڊي ۽ ڪجھ
اولهه جي ٻيٽن جا خواهشمند زيارتي به روانا ٿي
ويا. فلانڊرس، فرائيس ۽ ڊينمارڪ وارا به پنهنجي
طرفان پاڻ سان ماڻهن جا لشڪر کڻي روانا ٿيا جيڪي
هڪ سؤ جهازن ۾ مَس ماپي سگهيا ۽ اُتر جي ملڪن جا
سورما پنهنجي ڊگهي قد ۽ هٿ ۾ کنيل جنگي- ڪهاڙي جي
نشانين سان سڃاپجي ٿي سگهيا(67). ماڻهن جا هجوم
ايترا ته وڌي ويا هيا جو اُهي ٽاير جي حدن ۾ ماپي
نٿي سگهيا، ۽ نه وري اُهي هاڻي سندن ڪونراڊ جي
فرمانبرداري ڪري ٿي سگهيا. کين ليوسگنن تي رحم به
آيو ۽ سندس ڪردار لاءِ هنن وٽ گهڻو احترام ۽ عزت
هئي، جيڪو تازو جيل مان آزاد ٿيو هو ته جيئن
فرئنڪن جي فوج کي ورهائي سگهي. هن بطليموس يا آڪري
کي واپس وٺڻ جي تجويز پيش ڪئي جيڪو ٽاير جي ڏکڻ ۾
ٽيهن ميلن جي پنڌ تي هو. جتي ٻه هزار گهوڙي سوار ۽
ٽيهه هزار پيادل فوج سندس ڪمان هيٺ موجود هئي. آءٌ
هن يادگار گهيري تي تفصيل سان نه لکندس جيڪو ٻن
سالن تائين قائم رهيو ۽ جنهن ۾ يورپ ۽ ايشيا جي
فوجن جا بيشمار سپاهي مارجي ويا. ايترو جنون ۽ جوش
جذبو اڳ ڪڏهن ۽ ڪٿي به نظر نه آيو هو ۽ نه وري
ايترو جاني ۽ مالي نقصان اڳ ڪڏهن ٿيو هو ۽ مومن،
جيڪي اڳ فقط پنهنجن شهيدن جي تعريف ڪندا هيا،
مخالفن ۽ سندن دشمنن جي همت ۽ جذبي تي، کين داد
ڏيڻ ۾ ڪنجوسي ڪرڻ بجاءِ دل کولي سندن واکاڻ ڪئي.
توتاري جي وڄڻ شرط مصر، شام، عربستان ۽ اوڀر جي
صوبن جا مسلمان اميرالمومنين جي جهنڊي هيٺ گڏ
ٿيا(68)، سندس ڪئمپ کي آڪري کان چند ميلن جي
مفاصلي تي لڳايو ويو هو، ۽ هن رات ڏينهن محنت ٿي
ڪئي ته جيئن پنهنجن مسلمان ڀائرن لاءِ هر طرح جي
آساني ۽ سهولتون مهيا ڪري ڇڏي، پر هي آسانيون
فرئنڪن جي لاءِ ڪاوڙ ۽ سندن ناراضگيءَ جو باعث
هيون. جبل ڪار ميل جي ڀرپاسي ۾ نَوَ جنگيون لڙيون
ويون جنهن ۾ مقدر جا لاها چاڙها ايندا رهيا، هڪ
موقعي تي سلطان پنهنجي فوج کي ڌوڪيندو شهر ۾ ڪاهي
پيو ۽ ٻي حملي ۾ وري عيسائي شاهي تنبن تائين پهچي
ويا. ڪبوترن جي مدد ذريعي گهيري ۾ آيل ماڻهن سان
خط و ڪتابت جي سلسلي کي جاري رکيو ويو ۽ جيئن ته
سمنڊ ڪشادو ۽ اَجهاڳ هيو ته جيڪي فوجي جٿا ٿَڪَ ۾
چُور ٿي ويا ٿي ته اُنهن جي جڳهه تي وري نوَن
ماڻهن کي مقرر ڪيو ٿي ويو. ڏُڪر، تيرن ۽ ترارين ۽
خراب موسم جي ڪري بيشمار لاطيني ماڻهو موت جو شڪار
ٿي ويا، پر مئلن جي جڳهه تي نوَن زيارتين سندن
جڳهون اچي والاريون، جن پنهنجن ملڪي ماڻهن جي آمد
بابت گهڻي مبالغي کان ڪم ورتو. جاهل ۽ اڻ پڙهيل
ماڻهو ان خبر ملڻ تي حيران ٿي ويا ته وڏو پادري
خود بيشمار ماڻهن سان گڏ ڌوڪيندو قسطنطنيه تائين
پهچي چڪو هو. هوڏانهن شهنشاهه جي قافلي به اوڀر
وارن کي خوفزده ڪري ڇڏيو هو ۽ جيڪي رنڊڪون ۽
رڪاوٽون، ايشيا ۽ يونان ۾ هن جي رستي ۾ وڌيون ويون
هيون، اُنهن کي صلاح الدين جي تدبير سان هٽايو ويو
هو؛ باربروسا جي موت تي سندس خوشي اهڙي نه هئي
جنهن کي ماپي نه سگهجي، ۽ عيسائي، صوابيا جي امير
کي ڏسڻ تي همت ۽ حوصلي وڌائڻ بجاءِ ويتر مايوس ٿي
ويا هيا، جيڪو جرمني جي باقي بچيل پنج هزار رولُو
۽ وائڙن ماڻهن سان گڏ اتي پهتو هو. آخرڪار ٻي سال
بهار جي موسم ۾ فرانس ۽ انگلينڊ جا بحري ٻيڙا آڪري
جي ڪنارن تي لنگرانداز ٿيا ۽ هي گهيرو وڌيڪ سخت ان
ڪري هيو ته ٻئي بادشاهه فلپ آگسٽَس ۽ رچرڊ
پلاٽئگنيٽ(*) نوجوان ۽ جوشيلا هيا. سڀ وسيلا ۽
ذريعا آزمايا ويا ۽ سڀ اُميدون جڏهن ختم ٿي ويون
ته آڪري جي حفاظت ڪندڙن پاڻ کي مقدر جي حوالي ڪري
ڇڏيو، هنن آڻ مڃي جنهن کي قبول ڪيو ويو پر سندن
زندگيون توڙي سندن آزادي ماڻڻ عيوض سخت ۽ وڏو ٽئڪس
يعني ٻه لک سون جا ٽڪرا کين ڏيڻا پئجي ويا جنهن جي
بدلي ۾ سندن هڪ سؤ معزز ماڻهن ۽ پندرهن سؤ عام
ماڻهو جن ۾ قيدي به شامل هيا، کي آزاد ڪرڻ جو
واعدو ڪيو ويو پر هو مقدس صليب جو ڪاٺ واپس ڪندا.
صلح نامي ۾ ڪجھ شڪ پيدا ٿي پيا ۽ ان جي عمل ڪرڻ ۾
به دير ٿي وئي، جنهن ڪري فرئنڪ سخت ناراض ٿي پيا ۽
قاتل رچرڊ جي حڪم تي(69)، سلطان جي موجودگيءَ ۾ ٽن
هزار مسلمانن کي قتل ڪيو ويو. آڪري جي فتح سبب،
لاطيني حڪمرانن کي هڪ مکيه شهر ۽ ڪارآمد بندرگاهه
هٿ اچي ويو، پر اهو سؤدو کين مهانو پئجي ويو. صلاح
الدين جو وزير ۽ تاريخ دان سندس ئي دشمن جي تيار
ڪيل رپورٽ جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته سندن تعداد
مختلف وقتن ۾ پنجن کان ڇهن لکن تائين رهيو هو، جن
مان هڪ لک عيسائين کان به وڌيڪ قتل ڪيا ويا هيا ۽
ان کان به سندن وڌيڪ انگ بيمارين ۾ مري ويو ۽
جهازن جي ڀڄي پوڻ سبب بيشمار عيسائي ٻڏي مري ويا ۽
سندن ٿورڙو تعداد اهڙو هو جيڪو پنهنجن پنهنجن ملڪن
ڏانهن موٽي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو(70).
فلپ آگسٽَس ۽ رچرڊ پهريون، فرانس ۽ انگلينڊ جا فقط
اهڙا بادشاهه هيا جيڪي ساڳئي جهنڊي هيٺ وڙهيا هيا،
پر جيڪي ٻيا مقدس ڪم کين گڏجي ڪرڻا هيا، اُهي سندن
هڪ ٻئي خلاف قومي حسد ۽ ڪدورت سبب ڪافي متاثر ٿيا
هيا ۽ ٻن فرقن، جن جي هنن فلسطين ۾ حفاظت ٿي ڪئي،
اُهي پنهنجي دشمن جي بجاءِ، پنهنجا پاڻ ۾ هڪ ٻئي
جا وڌيڪ ويرِي هيا. اوڀر جي ملڪن جي نظر ۾، فرانس
جو بادشاهه وقار ۽ طاقت ۾ گهڻو مٿاهون هو ۽
شهنشاهه جي غير موجودگيءَ ۾، لاطيني کيس پنهنجو
عارضي اڳواڻ تسليم ڪندا هيا(71). سندس ڪارناما
اهڙا نه هيا جهڙي سندس شهرت مٿاهين هئي. فلپ بهادر
هيو، پر ان کان وڌيڪ هو هڪ مدبر ۽ دورانديش انسان
هيو، هو ويران ساموندي ڪنارن تي رهندي تنگ ٿي پيو
هو ۽ هتي پنهنجي صحت کي وڌيڪ خراب ڪرڻ نٿي
چاهيائين، آڪري جي شڪست ۽ ان جي قبضي کيس هتان
رواڻي ٿيڻ تي آماده ڪيو، توڙي جو هو برگنڊي جي
حاڪم کي ڇڏي وڃڻ تي ڪجھ بي دِليو به محسوس ڪري ڪري
هو جنهن وٽ مقدس زمين جي حفاظت لاءِ فقط پنج سؤ
امير ۽ ڏهه هزار پيادا رهجي ويا هيا. انگلينڊ جو
بادشاهه، توڙي جو عزت ۽ وقار ۾ گهٽ هو پر پنهنجي
مخالف کان دولت ۽ فوجي دٻدٻي ۾ گهڻو مٿاهون هو(72)
۽ جيڪڏهن سورمي ٿيڻ لاءِ خطرناڪ ۽ وحشياڻي بهادري
ضروري آهي ته پوءِ رچرڊ پلئنٽئگنيٽ، پنهنجي دؤر جي
بهادرن ۾ سڀني کان وڌيڪ قداور نظر ايندو. هن
’شينهن جي دل رکندڙ‘ سورمي جي ياد کي انگلينڊ وارن
هِنئين سان هنڊائي رکيو هو ۽ سٺ سالن جي عرصي گذري
وڃڻ کان پوءِ به ترڪن ۽ عرب مسلمانن جا پُٽ ۽ پوٽا
به سندس ياد کي ملهائيندا هيا توڙي جو هو هنن خلاف
وڙهيو هيو؛ سندس نالي کي شام جون مائرون فقط ان
ڪري پڪارينديون هيون ته جيئن پنهنجن روئندڙ ٻارن
کي چپ ڪرائي سگهن ۽ جيڪڏهن ڪو گهوڙو اوچتو پنهنجو
رستو وڃائي جهنگ ۾ هليو ويندو هو ته سندس سوار
پنهنجي گهوڙي سان هينئَن مخاطب ٿيندو هو: ’انڌا،
خبر ڪانه اٿيئي ته ايڏانهن ٻُوڙن ۾ ڪٿي نه ڪٿي
رچرڊ لڪل هوندو؟‘(73) مسلمانن خلاف سندس ظلم ۽
زيادتيون سندس تِکي طبيعت ۽ جنون جو نتيجو هيون،
باقي آءٌ ان ڳالهه تي ويساهه نٿو ڪريان ته هڪڙو
سپاهي جيڪو پنهنجي نيزي بازيءَ ۾ آزاد ۽ بي ڊپو
هجي، اُهو پنهنجي ٽئين بهادر ڀاءُ يعني مانٽ فراٽ
جي ڪونراڊ جي سيني ۾ پنهنجو خنجر کُپائيندو جنهن
کي ٽاير ۾ ڪن قاتلن پراسرار طريقي سان ماري ڇڏيو
هو(74). آڪري جي شڪست ۽ فلپ جي وڃڻ کان پوءِ،
انگلينڊ جي بادشاهه صليبين جي اڳواڻي ڪئي ته جيئن
سامونڊي ڪنارن کي به، جيڪي کانئن کسجي ويا هيا،
واپس ورائجي؛ اهڙيءَ طرح سزئريا ۽ جَفا جي شهرن کي
ٻيهر ليوسگنن جي بادشاهت جو حصو بنايو ويو. آڪري
کان اسڪلان جو پنڌ به يارهَن ڏينهن جي جنگ جهڙو
هو. صلاح الدين فقط سترهن محافظن سان گڏ جنگ جي
ميدان تي موجود هيو، هن پنهنجي جهنڊي کي جهُڪڻ نه
ڏنو هو ۽ نه وري پنهنجن جنگي توتارن ۽ دُهلن کي
خاموش ٿيڻ ڏنو هو، هن ٻيهر فوجن کي گڏ ڪري ۽ حملي
ڪرڻ جي ڪوشش ۽ ماڻهن ۾ جوش جاڳايو، سندس پرچارڪن ۽
مبلغن، هڪ الله جي مڃيندڙن کي جنگ جي لاءِ تيار
ڪيو ته جيئن عيسائي بت پرستن خلاف جنگ ۾ ڪاميابي
حاصل ڪجي: پر بت پرستن به همت نه هاري هئي ۽ سندن
دفاع ڪافي مضبوط هيو، پر سلطان، سڪلان جي ديوارن
کي ڊاهي ڇڏيو ۽ تڏهن وڃي ان قابل ٿيو جو هڪ اهم
قلعي کي، دشمن جي قبضي ٿيڻ کان بچائي ورتائين جيڪو
مصر جي سرحد تي ٺهيل هيو. سياري جي سخت سردي ۾
فوجن آرام ڪيو پر جيئن ئي بهار شروع ٿيو ته فرئنڪن
انگريز بادشاهه جي سربراهيءَ ۾ اڳتي وڌڻ شروع ڪيو
۽ هاڻي هو جيروسلم کان فقط هڪ ڏينهن جو پنڌ پري
هيا ۽ رستي تي هنن مسلمانن جي هڪ قافلي کي روڪيو
جنهن ۾ ست هزار اُٺ شامل هيا. صلاح الدين(75)،
پنهنجو ديرو بيت المقدس جي پاڪ شهر ۾ ڄمائي ڇڏيو
هو پر شهر ۾ عجيب افراتفري ۽ هراس ڦهليل هيو، پر
سلطان جيڪو روزي سان هيو ان نماز پڙهي ۽ تقرير
ڪيائين. جنهن ۾ هن پنهنجين ساٿين کي گهيري جي خطرن
کان آگاهه ڪيو پر ساڻس گڏ جيڪي مملوڪ هيا اُنهن
آڪري جي تلخ تجربي کان پوءِ، سلطان تي زور ڀريو ته
هو پنهنجي پاڻ توڙي پنهنجي سڄي قافلي کي في الحال
محفوظ ڪري ته جيئن مذهب ۽ مسلمانن جي سلطنت(76) جي
خدمت جو شرف ان وقت حاصل ڪجي جڏهن موقعو مناسب
هجي. پر معجزاتي طور تي عيسائين پٺتي هٽڻ شروع
ڪيو(77) ۽ مسلمانن ۾ سرهائي اچي وئي ۽ سندس ساٿين
جي دورانديشي يا وري سندن حسد سبب رچرڊ حوصلو هاري
ويٺو. هي سپوت، هڪ جبل تي مٿي چڙهندي ۽ پنهنجو
مُنهن ماڻهن کان لڪائيندي، اوچتو رڙ ڪندي پنهنجن
ماڻهن سان مخاطب ٿيو: ’اُهي جيڪي پنهنجو پاڻ کي
بچائي نٿا سگهن ته اُنهن کي اهو حق هرگز ڪونهي ته
حضرت عيسيٰؑ جي مقدس مقبري جي زيارت ڪن‘. آڪري ۾
واپسيءَ کان پوءِ کيس خبر ملي ته سلطان جفا تي
قبضو ڪري ورتو هو، ته رچرڊ پنهنجن جهازن کي اڳتي
وڌڻ جو حڪم ڏنو جيڪي ڪناري تائين پهچي ويا هيا ۽
هن جي موجودگيءَ سبب قلعي کي بچايو ويو ۽ چيو وڃي
ٿو ته سٺ هزار ترڪ ۽ عرب مسلمان، سندس فوجين سان
مقابلي ڪرڻ جو سَت نه ساريندي، ميدان ڇڏي ڀڄي ويا.
سندس ڪمزوريءَ جي جڏهن کين خبر پئي ته هو ٻي صبح
تي واپس موٽي آيا، ۽ هنن ڏٺو ته هو پنهنجي ڪئمپ ۾
وائڙن جيان موجود هو ۽ هن سان فقط سترهن سورما ۽
ٽي سؤ تيرانداز گڏ هيا. سندن تعداد کي ڳڻڻ بنان،
هن بهرحال مقابلو ڪيو ۽ اسان کي سندس دشمنن جي
شاهدين منجهان پروڙ پئي آهي ته انگلينڊ جو
بادشاهه، پنهنجي نيزي کي قابو ڪندي، ڪاوڙ مان
پنهنجن مخالفن جي اڳيان لنگهي ويو، هو کاٻي ساڄي
ٻنهي طرفن ڏي به مُڙيو پر معجزاتي طور تي رستي تي
ڪو به ماڻهو اهڙو کيس نه مليو جيڪو ساڻس مقابلو
ڪري يا سندس اڳتي وڌڻ جي رفتار کي گهٽ ڪري
سگهي(78). ڇا آئون تاريخ لکي رهيو آهيان يا
هيڏانهن هوڏانهن جي اجاين قصن کي قلمبند پيو
ڪريان؟
ٽين صليبي جنگ جا نتيجا- 1190ع
هنن ننڍين وڏن جهڙپن ۽ دشمنين دوران فرئنڪن ۽
مسلمانن جي وچ ۾ ڳالهين جو هڪ ڊگهو ۽ اينگهائيندڙ
سلسلو شروع ٿي ويو(79) جيڪو هلندو ۽ ٽُٽندو رهيو ۽
وري وري شروع ٿي ۽ هر ڀيري ختم ٿيندو رهيو. تعلقات
بهتر ڪرڻ ۽ رشتن کي سنوارڻ لاءِ ڌرين هڪ ٻئي ڏي
برف ۽ ميوَن جا تحفا به موڪليا ته ناروي جا باز ۽
عربي گهوڙا به هڪ ٻئي کي تحفن ۾ ڏنا ويا جنهن
مذهبي جنگ جي ماحول کي ڪجھ ٺاپر ۾ آندو ۽ ڪجھ وقت
لاءِ جنگ ۾ فتح يا شڪست جي جنون کان ماڻهو آجا
ٿيا، ۽ بادشاهن به گذريل تجربن مان پرايو هو ته
هنن جهيڙن جهڳڙن يا جنگين ۾ رب پاڪ ڪنهن به خاص ڌر
جي پاسي ڏانهن ڪو نه هو، نه وري ڪنهن ڌر يقيني فتح
جي اُميد ٿي رکي(80). رچرڊ توڙي صلاح الدين، ٻنهي
جي صحت به هاڻي بگڙڻ لڳي، ۽ ٻنهي ڌرين کي پرانهن
پنڌن جي جنگين ۽ اندروني اختلافن جو ڪافي نقصان
پهچي چڪو هو، هوڏانهن پئنٽئگنيٽ به سخت غصي ۾ آيل
هو ته هو پنهنجي ڌوڪيباز دشمن کي سبق سيکاري جنهن
سندس غير موجودگيءَ ۾ نارمنڊي تي حملو ڪيو هو، ٻي
طرف اَڻ ٿَڪ سلطان، پنهنجن ئي ماڻهن توڙي سندس
اُنهن سپاهين جي دردناڪ دانهُن ۽ فريادن کان مجبور
ٿي پيو هو، جيڪي اڳ سندس جنگي جذبن کي جاڳائڻ ۾
اهم ڪردار ادا ڪندا هيا. انگلينڊ جي بادشاهه جي
اولين شرطن ۾ جيروسلم، فلسطين ۽ اصلي صليب جي کين
واپسيءَ جو مطالبو شامل هيو ۽ هن کليو اعلان ڪيو
ته هو خود توڙي سندن زيارتي ڀائر هن مقدس ڪم ۾
پنهنجون زندگيون قربان ڪرڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا پر
پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ کان سواءِ ذلت ۽ خواري جا
بار کڻي يورپ ڏانهن هرگز واپس نه ورندا. پر صلاح
الدين جي ذهن ۽ ضمير سندن مطالبن کي نامنظور ڪري
ڇڏيو، ۽ سندن بتن کي واپس ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيو ۽
نه وري عيسائين جي بت پرستي کي جاري رکڻ جي اجازت
ڏنائين؛ هن به اوتري ئي عزم ۽ پختي يقين سان اعلان
ڪيو ته فلسطين تي مسلمانن جو مذهبي توڙي شهري حق
وڌيڪ جائز ۽ فطري هيو، جيروسلم جي تقدس ۽ ان جي
اهميت تي پنهنجي راءِ کان کين آگاهه ڪيائين، ۽
لاطينين جي آبادي يا ورهاڱي جي سڀني شرطن کي رد
ڪيائين. رچرڊ، سلطان جي ڀاءُ سان پنهنجي ڀيڻ جي
شاديءَ جي رِٿ پيش ڪئي پر اُها به ٻن مذهبن جي
اختلافن سبب رد ٿي وئي ڇاڪاڻ ته شهزادي، هڪ ترڪ جي
ڀاڪرن ۾ وڃڻ کان نفرت جو اظهار ڪيو، ۽ عادل يا
سفاح الدين به گهڻين زالن رکڻ جي رواج کي ترڪ نه
ڪري سگهيو، صلاح الدين ساڻن ملڻ کان انڪار ڪري
ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي زبان نه
سمجهنديون هيون، نيٺ گهڻي وقت گذري وڃڻ کان پوءِ،
ترجمانن ۽ سفيرن ذريعي سندن ملاقات ۽ هڪ ٻئي سان
ڳالهين ٻولين جي سلسلي کي جاري رکڻ جو انتظام ڪيو
ويو. هڪ ٻئي کي ٻُڌڻ کان پوءِ جيڪو ٻنهي ڌرين جي
وچ ۾ ٺهراءُ طئي ٿيو ان کي پڻ ٻنهي ڌرين طرفان رد
ڪيو ويو، هڪ طرف روم جو مکيه پادري هو ته ٻي طرف
بغداد جي خليفي به پنهنجي طرفان منظوري نه ڏني.
اها تجويز ڏني وئي هئي ته جيروسلم ۽ مقدس مقبري کي
هر عام ۽ خاص ماڻهن جي زيارت لاءِ کولي ڇڏجي جنهن
۾ نه ته ڪنهن کان ڏن وصول ڪيو وڃي نه وري لاطيني
زيارتين کي تڪليفون پهچايون وڃن، ۽ جڏهن عسڪلان
ڊهي ويندو ته پوءِ خود بخود جَفا کان ٽاير تائين
سڄو سامونڊي ڪنارو عيسائين جي قبضي ۾ اچي ويندو.
ٻيو ته اهو به چيو ويو ته طرابلس جي نواب ۽
انتاڪيا جي بادشاهه جا نالا به ان صلح نامي ۾ شامل
هجن ۽ ايندڙ ٽن سالن ۽ ٽن مهينن ۾ سڀني پراڻن
جهڳڙن ۽ دشمنين کي بلڪل ختم ڪيو وڃي. ٻنهي فوجن جي
وڏن سربراهن قسم تي اقرار ڪيو ته اُهي صلح نامي جي
مڪمل پاسداري ڪندا، پر جتي حاڪمن هڪ ٻئي سان هٿ
ملائي پنهنجا واعدا وچن ڪيا هيا، اُتي شهنشاهن کان
قسم نه کڻايو ويو هو جنهن مان شڪ جنم وٺن ٿا ۽
جيڪڏهن واعدا ۽ اقرار ٽٽن ٿا ته اُتي شاهي شان ۽
وقار تي حرف اچڻ جو انديشو رهي ٿو. رچرڊ يورپ
روانو ٿي ويو جتي گهڻو عرصو قيد ۾ رهڻ کان پوءِ هو
وقت کان اڳ ئي قبر ۾ هليو ويو، ۽ فقط ڪجھ مهينن جي
وقفي کان پوءِ صلاح الدين جو شاندار عهد ۽ زندگي
به پڄاڻيءَ تي پهچي وئي. اوڀر جا ماڻهو سندس عظمت
واري موت تي، جيڪو دمشق ۾ ٿيو، گهڻو ڪجھ لکن ٿا پر
انهن کي اها شايد خبر ڪانهي ته هن ٽنهي مذهبن جي
ماڻهن ۾(81) خير خيرات پئي ورهائي ۽ پنهنجي سخا جو
فيض کين پهچايو ٿي، يا شايد اها خبر به کين نه هئي
ته هن پنهنجي جهنڊي جي بدران پنهنجي ڪفن کي نمايان
ڪري ڇڏيو هو ته جيئن مشرق جي ماڻهن کي تنبيهه ڪري
سگهي ته انساني وڏائي کي بقاءُ هرگز ڪونهي تنهن
ڪري هو غرور ۽ تڪبر کان پاسو ڪن. سندس موت سان گڏ
سندس شهنشاهت جو ايڪو ۽ اتحاد به ختم ٿي ويو، سندس
پٽن کي سندن طاقتور چاچي سفاح الدين تنگ ڪيو؛ مصر،
دمشق ۽ حلب(82) جي حڪمرانن جون مخالفتون وري جاڳي
پيون ۽ فرئنڪ يا لاطيني ماڻهو هاڻي اُٿي بيهڻ جهڙا
ٿيا، سُک جو ساهه کنيائون ۽ شام جي ڪنارن جي لڳو
لڳ پنهنجن قلعن ۾ ويهي نيُن اُميدن ۽ خواهشن جا
خواب ڏسڻ لڳا. |