(*) (ڊرم- يا ڌُڪڙ وغيره)
(1)
پوڪوڪ (اسپييمين- صفحا- 161- 158) ۽ ڪسيري اسپين-
عربستان جا واقعا- (84، 48،
I
وغيره، 17،
ii،
119، وغيره) شاعرن بابت آهن. سر وليَم جونس ڪعبة
الله بابت لکيل ستن نظمن کي انگريزي ۾ شايع ڪيو
آهي جنهن جو عنوان آهي (مشرق نواز- 1794- 1746) پر
هندستان ڏي سندس پُر وقار سفر اسان کي سندس تحريرن
کان محروم ڪري ڇڏيو جيڪو شايد فضول ۽ اڻ چٽي متن
کان ڪيئي حصا وڌيڪ دلچسپ هجي ها.
(2)
سيل جي بنيادي گفتگو- صفحا- 30- 29.
(3)
ڊي- هربيلاٽ- (مشرقي واقعا- ص- 458) گئگنيئَر- (
118،
iii)
ڪعب ۽ هينَس (پوڪوڪ اسپييمين- صفحا- 48، 46، 43)
پنهنجي سخا ۽ دلي ڪشادگيءَ سبب نمايان هيا ۽ پوئين
شخص جي عرب جي شاعر طرفان شاندار تعريف ڪئي وئي
آهي. ’تون ڏسندين ته هو بيحد خوش ٿيندو جڏهن تون
ڪنهن ڳالهه واسطي سندس ويجهو ويندين ۽ ساڳي وقت
جڏهن تون کيس اُها شئي ڏيندين جيڪا تو کائنُس طلب
ڪئي هوندي‘.
(4)
جيڪو ڪجھ هينئر قديم عربستان جي بت پرستي بابت
معلوم ٿيو آهي، سو سڀ ڪجھ پوڪوڪ ۾ ملي سگهي ٿو.
(اسپييمين- صفحا- 136- 89، 164- 14) ۽ اسيماني-
(مشرقي واقعا- 590- 580،
iv)
پنهنجي طرفان قيمتي راءِ ڏني آهي.
(5)
ڊايوڊورَس سڪيولَس (211
i, iii,)
ڪردار ۽ صورتحال ايتري ته موافق ۽ سازگار آهي جو
مون کي ته صفا حيرت ٿي ٿئي ته تحرير جو اهڙو
زبردست ٽڪرو بغير گهڻي غور ۽ توجهه ڏيڻ جي ڪيئن
پڙهيو ويو آهي. تنهن هوندي به هيءَ مشهور جڳهه
جنهن کي ڪعبو چيو وڃي ٿو ان کي اگاسر چائيڊس بيان
نه ڪيو (ص- 38، هڊسن، ٽام-
i)
جنهن کي وري ڊايو ڊورس باقي تحرير ۾ بيان ڪيو آهي.
ڇا سِسلي جو رهواسي، مصر جي ماڻهوءَ کان وڌيڪ
باخبر هو؟ يا وري ڪعبو 650 ۽ 746ع سن جي وچ ۾
تعمير ڪيو ويو هو- اُهي سَن جيڪي مختلف تاريخن ۾
بيان ٿيل آهن؟ (ڊاڊويل هڪ مقالي ۾، ٽام، هڊسن-ص-
72، فئبريشيَس واقعا- 770،
ii)
(ڊايو ڊورَس- هڪ سِسلي جي ماڻهو پهرين صدي ق- م ۾
لکيو هو).
(6)
پوڪوڪ، (اسپييمين- صفحا- 61- 60) اسان سن 68
ڏي مٿي چڙهون ٿا، سندن ولادت کان 129 يعني عيسائيت
کان اڳ وارا سال. غلاف جيڪو هاڻي ريشم يا سون جي
تارن سان ٺهيل آهي، سو اڳ مصر جي سِڻيءَ جو ٽڪرو
هوندو هو. (ابوالفدا- ۾).
(7)
ڪعبة الله جو اصل نقشو (جنهن کي نامناسب نموني سان
سيل جي تحرير- عالمي تاريخ ۾ ڪاپي ڪيو ويو آهي
حقيقت م ترڪي طرفان تيار ڪيو ويو هو جنهن کي ريلنڊ
- صفحا- 123- 113)، ته ان کي درست پڻ ڪيو آهي ۽
اعتبار ڪرڻ جوڳين اختيارين جي حوالي سان چڱيءَ طرح
سمجهايو آهي. ڪعبي جي بيان ۽ ان جي تاريخ بابت،
پوڪوڪ جو مطالعو ضرور ڪجي. (اسپييمين- صفحا- 122-
115) ۽ هربيلاٽ جي تحرير- مشرقي واقعا کي به ڏسجي.
(ڪعبو، هجري ۽ زم زم- وغيره) ۽ سيل جي تحرير-
(بنيادي گفتگو- صفحا- 122- 114).
(8)
ڪوسا- وڏي، يقينن ڪعبي تي قبضو ڪيو هوندو- 440ع،
پر جنابي اسان کي بلڪل مختلف طريقي سان اهو قصو
بيان ڪيو آهي. (گئگنيئَر- - 69- 65،
i)
۽ ابوالفدا پڻ ﷴ ﷺ جن جي زندگي ۾ تحرير ڪيو آهي.
(9)
ٻي صدي عيسوي ۾ ٽائر جي مئڪسيمَس ٻڌايو هو ته عرب
هڪ پٿر جي پوڄا ڪندا هيا، (’عرب پوڄا ڪن ٿا، جنهن
جي مون کي خبر نٿي پوي پر جيڪا تصوير مون ڏٺي آهي
اُها هڪ چؤرس پٿر جي آهي‘) (مقالو- 143،
i،
viii
جنهن کي رزقي ايڊٽ ڪيو). ۽ عيسائين طرفان ملامت
ڪئي وئي. (ڪليمينٽس، اليگزينڊر- ص- 40، آرنوبيَس،
جينٽس- 246،
vi)
پر هي پٿر شام ۽ يونان جا هيا جيڪي تقدس ۾ به
مشهور هيا ۽ قديمي غير مذهبي روايتن ۾ پڻ ڄاتا
ويندا هيا. (يوسيبَيس- انجيل بابت- 37،
i،
مارشم، تاريخ وار واقعا- صفحا- 56- 54).
(10)
وڏي عالم ۽ اڪابر سر جان مارشم، ٻن خطرناڪ موضوعن
يعني انساني قرباني ۽ ٻارڙن جي قرباني تي تفصيلي
بحث ڪيو آهي. (تاريخ وار واقعا- صفحا- 78- 76،
304- 301) سئنچونئٿيو، فونيشيا جي قربانين کي
ڪرونس جي مثال سان ٿو وڃي ملائي، پر اسان کي اڃا
تائين اها خبر ڪانهي ته ڪرونس حضرت ابراهيمؑ کان
اڳ هيو يا پوءِ، يا هن جو وجود به هيو يا مورڳو
اهو هوائي ڪردار آهي.
(11)
پوفيري ملامت ٿو ڪري، پر ان وحشي رسم جو الزام
رومين تي ٿو هڻي، جيڪو 657ع تائين بلڪل ختم ٿي چڪو
هو. ڊوميٿا جي باري ۾ بطليموس احتياط کان ڪم ٿو
وٺي (تابُل- ص- 37 عربستان، صفحا- 29- 9) ۽
ابوالفدا- (ص- 57) اهو ساڳيو موضوع ايم- ڊي ائنوِل
جي نقشن ۾ به ملي سگهي ٿو ۽ اها جڳهه، چئبار ۽
تدمور جي وچ ۾ آهي.
(12)
پروڪوپيَس (ڊي- بيل- 28،
i)
اِوئگريَس (21،
vi)
۽ پوڪوڪ (اسپييمين- صفحا- 86، 72) عربن طرفان
قرباني ڏيڻ جي روايت جي تصديق ڪن ٿا جيڪا
vi
صدي عيسوي تائين ڏني ويندي هئي. عبدالله بابت خطرو
۽ ان جو بچي وڃڻ حقيقت جي بجاءِ هڪ روايت آهي.
(گئگنيئر- ۾ 84- 82،
i)
(*) مشڪل سان)
(13)
سولينَس چوي ٿو (پوليهسٽر- باب- 33) جيڪو پلني جي
ڪاپي ٿوڪري (68،
viii)
۽ عجيب ڳالهه ٿو ڪري ته سوئر عربستان ۾ نٿا رهي
سگهن. مصر جا ماڻهو فطري طور تي يا وري وهمن وسوسن
جي اثر کان ان گندي ۽ گدلي جانور کان ڊنل به هيا
ته ان کان سخت بڇان به ڪندا هيا. (مارشم- اصول- ص-
205) پراڻي دؤر جا عرب، پاڪ رهڻ لاءِ وُضو ڪندا
هيا. (هيروڊوٽس- 80،
i)
جنهن کي اسلامي قانون ۾ لازمي بنايو ويو آهي.
(ريلنڊ- ص- 75 وغيره، چارڊن يا وري شاهه عباس جو
مُلان (71،
vi
وغيره).
(14)
اسلام جا ڊاڪٽر هن موضوع سان دلچسپي نٿا رکن، تنهن
هوندي به اُهي خُتني ڪرائڻ کي بيحد ضروري يا نجات
جو ذريعو سمجهن ٿا ۽ ان سان گڏ اها دعويٰ به ڪن ٿا
ته ﷴ ﷺ جن جڏهن ڄاوا هيا ته معجزاتي طور سندن ختنو
ٿيل هيو. (پوڪوڪ، - اسپييمين- صفحا- 320- 319 ۽
سيل جي بنيادي گفتگو- صفحا- 107- 106).
(15)
ڊايوڊورَس سڪيولَس (145- 142،
ii،
i)
هڪ يوناني هئڻ جي حيثيت ۾ مسلمانن جي مذهب تي
دورانديشي واري پر مٿاڇري نظر وڌي آهي. سندن ستارن
يا فلڪيات جو علم ڪمال جو آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو
هو هر شئي کي دليلن جي دوربين سان ڏسن ٿا، ڇاڪاڻ
ته کين محسوس ٿيو هو ته سج سيارن ۾ شامل هو يا
مقرر ٿيل تارن سان لاڳاپيل هو.
(16)
سمپليشيَس (جيڪو پورفري مان حوالا ٿو ڏئي) (15،
123،
X|vi،
ii)
۽ مارشم (واقعا- ص- 474) جيڪو حقيقت تي شڪ ٿو ڪري
ڇاڪاڻ ته اُها سندس مقرر ڪيل نظام جي ابتڙ آهي؛
ڪالديَن جي مشاهدن جي ويجهي ۾ ويجهي تاريخ به 2234
سال ق- م آهي. سڪندراعظم طرفان بابل کي فتح ڪرڻ
کان پوءِ، اُنهن جي خبر، ارسطو طرفان گذارش ڪرڻ تي
فلڪيات جي ماهر حِپارچَس کي پهچائي وئي هئي. سائنس
جي لحاظ کان اهو ڇا نه عجيب لمحو هوندو.
(17)
پوڪوڪ (اسپيسيمين- صفحا- 146- 138) هاٽنگر- (مشرق
جي تاريخ- صفحا- 203- 162) هائيڊ- (مذهب جو
مطالعو- صفحا- 128، 124 وغيره) ڊي- هربيلاٽ (سابي-
صفحا- 724- 725) ۽ سيل (بنيادي گفتگو- صفحا- 15-
14) سڀئي گڏجي اسان جي تجُسس کي خوش ڪرڻ بجاءِ
وڌيڪ گرمائن ٿا ۽ هنن مان جيڪو آخري ليکڪ آهي اُهو
سبائيُن کي عربن جي اوائلي مذهب سان ٿو وڃي ملائي.
(18)
ايم- ڊي ائنول (فرات ۽ دجله نديون- صفحا- 147-
130) مشڪوڪ عيسائين جي طرز کي ٺيڪ ڪندو. اسيمئنـَس
(مشرقي واقعا. 614- 607،
iv)
شايد پنهنجي مؤقف کي سمجهائي سگهي. پر اهو ڏکيو ڪم
آهي ته جاهل ماڻهن جي مذهب جي ڄاڻ پئجي سگهي، جيڪي
پنهنجين ڳجهين ريتن رسمن کي ماڻهن اڳيان ظاهر ڪرڻ
کان ڊڄن به ٿا ته ٻڌائيندي شرمندا پڻ ٿين ٿا.
(19)
ماگي مذهب وارا بحرين جي صوبي ۾ رهندا هيا.
(گئگنيئَر- تذڪري ۾، 114،
iii)
۽ بعد ۾ پراڻن عربن سان ريتن رسمن ۾ هڪ ٿي ويا.
(پوڪوڪ- اسپييمين- صفحا- 150- 146)
(*) (دلچسپ ۽ مزيدار)
(20)
عربستان ۾ رهندڙ يهودين ۽ عيسائين جي حالت بابت
پوڪوڪ اسان کي شارستاني کان وٺي تفصيل سان ٻڌايو
آهي. (اسپيسيمين صفحا 134، 60 وغيره) هاٽنجر-
مشرقي تاريخ- صفحا- 238- 212) ڊي- هربيلاٽ- مشرقي
واقعا- صفحا- 476- 474) بسنيج- (جوفيز جي تاريخ-
185،
vii،
280،
viii)
۽ سيل (بنيادي گفتگو- صفحا- 22 وغيره ۽ 33 وغيره).
(21)
سندن بندگي ۾ اهو مشهور ٿي ويو هو ته هو فقط خدا
کي ڌوڪي ڏيڻ لاءِ عبادت ڪندا هيا ته جيئن بُت کي
فائدو ملي، هو طاقتور ته نه هو پر هڪ جوشيلو سرواڻ
هيو. (پوڪوڪ، اسپيسيمين، صفحا 109-108)
(22)
اسان جي راءِ، جيڪا هن وقت تائين موجود آهي، توڙي
اُها يهوديت يا عيسائيت بابت هجي، قرآن جي ڀيٽ ۾
هاڻوڪي ٿي لڳي، پر جيڪڏهن اڳ ۾ ڪو ترجمو موجود آهي
ته ان مان نتيجو ڪڍڻ گهرجي. (1) يهودين جي
عبادتگاهه جي مسلسل عمل مان جنهن ۾ يهوديت بابت
سبق ڏنل آهن ۽ اُنهن جي ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا جملا به
موجود آهن، جيڪي اُگهاڙا يا بيهودي قسم جا آهن.
(2) آرمينيائي، فارسي ۽ حبشي ٻولين جا ترجما جن کي
پنجين صدي عيسوي جي بزرگن ورجايو آهي، ۽ جن جو چوڻ
آهي ته سڀئي مقدس ڪتاب بربرن جي ٻولين ۾ ترجمو ڪيا
ويا هيا. (والٽن، پروليگومينا ۽ مختلف زبانن ۾
تاريخي واقعا (صفحا، 97-93-34) سائمن، (تنقيدي
تاريخ ۽ انجيل 181-180 206
iv,
06-306- 293-286-282)
(23)
هاٽنگر، مشرقي تاريخ، ص- 136 تنهن هوندي به
ٿيوفينس جيڪو يونانين ۾ تمام قديمي آهي ۽ گهڻن
ڪُوڙن ڳالهائڻ جو پيءُ سڏبو آهي، پر هو اها ڳالهه
تسليم ٿو ڪري ته ﷴ ﷺ حضرت اسماعيلؑ جي خاندان مان
هو. (واقعا، ص 277)
(24)
ابوالفدا ﷴ ﷺ جن جي احوال ۾ باب 2-1) ۽ گئگنيئَر ﷴ
ﷺ جن جي احوال ۾، صفحا 97-25) پيغمبرؑ جو مشهور ۽
نج شجرو ٻڌايو آهي. مڪي ۾ آءٌ ان جي صداقت جو
انڪار نه ڪندس؛ لاسين ۾ مان اهو ٻڌائڻ جي جرئت
ڪندس: (1) حضرت اسماعيلؑ کان حضرت ﷴ ﷺ جن تائين
2500 سالن جو طويل دؤر آهي، اُهي پنجهتر جي بجاءِ
ٽيهه نسل ڳڻائن ٿا. (2) ٻيو ته موجوده بدوي پنهنجي
تاريخ توڙي پنهنجي اصل نسل کان به بيخبر آهن.
(آرويڪس جا سامونڊي سفر، صفحا 103-100)
(25)
تاريخ جا ٻج قرآن پاڪ جي هڪ سؤ پنجين باب ۾ واضح
ٿيل آهن ۽ گئگنيئَر (پريفئٽ توڙي ﷴ ﷺ جن جي احوال
۾، صفحا 18 وغيره) ابوالفدا جي تاريخي ڪم تي روشني
وڌي آهي جنهن کي ڊي هربيلاٽ (مشرقي واقعا، ص 12) ۾
وڌيڪ واضح ڪيو آهي ۽ پوڪوڪ (اسپيسيمين، ص 64)
پرائيڊيڪس ( زندگي، ص 48) سيل (قرآن، صفحا
503-501) جيڪو خود به اڌ مسلمان هو، ڊاڪٽرن ۽
عالمن جي اڻپوري ايمان تي طنز ٿو ڪري جيڪي ڊيلفڪ،
اپولو ۽ مراڪي جهڙن ڊاڪٽرن ۾ يقين رکن ٿا. (القرآن
823
i, ii, 14, ii,)
۽ اُنهن جي علم کي شيطاني ٿو ڪوٺي ۽ مسلمانن جي هن
اقرار يا اعتراف تي زور ٿو ڏئي ته الله تعاليٰ
ڪعبي ۾ رکيل بُتن لاءِ عيسائين جي حمايت ڪڏهن به
نه ڪري ها.
(26)
ابوالفدا (وٽ، 2
i,)
سڪندر، يا يونانين طرفان سال 882 طئي ڪيو ويو آهي
۽ بخت نصر، نبوناصر 1316 ڄاڻائن ٿا، ۽ ٻئي سال
اسان کي عيسوي سال 569 طرف وٺي وڃن ٿا. پراڻو عربي
ڪئلينڊر اسان جي ڪابه رهبري نٿو ڪري ۽ جيڪي نيڪ ۽
سعادت وارا ماڻهو آهن اُنهن جي پٺڀرائي نٿو ڪري
جيڪي ساڳئي هفتي يا مهيني کان نئين سر تاريخن يا
سنَ جو ليکو ڪرڻ شروع ڪري ڏين ٿا ۽ ﷴ ﷺ جن جي ڄمڻ
جي سال کي آخرڪار عيسائي سن 570 سان ٿا وڃي ملائن
۽ اُها تاريخ 10- نومبر جي هئي. پر هيءَ تاريخ
يوناني ڪئلينڊر جي سنَ 882 سان يقينن ڀيچي اچي ٿي
۽ جنهن سان الماسن (عرب مسلمانن جي تاريخ، ص 5) ۽
ابوافراجيَس (شهشاهتن جي تاريخ، ص 101، ۽ پوڪوڪ جي
مؤقف) جي به موافقت آهي.
(27)
آءٌ قابلِ احترام ابوطالب جي، سندس خاندان ۽
ڀائيٽي بابت، ڏنل شاهدي کي تسليم ڪريان ٿو ۽ ان کي
ئي پيش ڪريان ٿو. (”سڀ تعريفون ۽ حمد و ثنا الله
تعاليٰ کي جڳائي ٿي جنهن اسان کي حضرت ابراهيمؑ جي
پيڙهي ۽ حضرت اسماعيلؑ جي خاندان مان تخليق ڪيو ۽
جنهن اسان کي هڪ مقدس مقام عطا ڪيو آهي ۽ اسان کي
انسانن جي وچ ۾ ساڻن انصاف ڪندڙ جي توفيق پڻ بخشي
آهي. تنهنڪري ﷴ (بيبي خديجة الڪبريٰ) جيڪا خوالد
جي ڌيءُ آهي، سان محبت ۽ پيار جي رشتي ۾ ڳنڍجي ويو
آهي ۽ هوءَ پڻ ساڻس ساڳئي رشتي ۾ ڳنڍجي وئي آهي.
سٺائي، عظمت، ذهانت، شان ۽ وقار توڙي انساني قدرن
۾ قريشن ۾ ڪوبه اهڙو نه آهي جيڪو ساڻس مقابلو ڪري
توڙي جو وٽس دنياوي خزانا ڪونهن (حقيقت ۾ مال دولت
ڀڄندڙ پاڇا آهن جيڪي ڪنهن جي به هٿ نه ايندا آهن)
جيڪو ڪجهه به اوهان ڪابيني ۾ گهرندا، ان کي ڏيڻ
لاءِ آءٌ پاڻ کي پابند سمجهان ٿو ۽ آءٌ ئي اُهو
ادا ڪندس.“) پوڪوڪ (اسپيسيمين، لبري ابن همدوني).
(28)
تڪميل تائين، ابوالفدا وٽ محفوظ ٿيل آهي (وِٽ، باب
7-3) ان کان سواءِ عرب ليکڪن به ان کي محفوظ ڪيو
آهي. جن جو ذڪر هاٽنگر (مشرقي تاريخ ۾ ڪيو آهي،
صفحا 211-204) مراڪي (14
i, 10-)
۽ گئگنيئَر
(29)
ابوالفدا (وِٽ ۾، باب 66-65، گئگنيئَر
پيغمبر ﷺ جن جون چونڊ حديثون توڙي سندن گفتگو بيبي
عائشہ حضرت عليؓ ۽ حضرت ابوهريرهؓ جن جي
حوالن سان گڏ ڪيل آهي. (گئگنيئَر، 267
ii,)
آخري اصحابي کي ’ٻِلين جي ابي‘ (ابوهريره) جو خطاب
مليل هو جنهن جي وفات 59هجري ۾ ٿي. 622 عيسوي سن ۾
هجرت ڪئي جتان هجري سال شروع ٿيو).
(30)
اُهي ماڻهو جيڪي ان ڳالهه ۾ يقين رکن ٿا ته ﷴ ﷺ
لکي پڙهي ڄاڻندو هو ته اُهي خود شايد قرآن جي
صورتن کي پڙهي سگهڻ جا اهل نه آهن
(vii, xxix, xcvi)
هي متن يا پيغمبر ﷺ جي حديثن کي ابوالفدا پوريءَ
طرح تسليم ڪيو آهي. (وِٽ، باب
vii)
گئگنيئَر (ابوالفدا، ص 15) پوڪوڪ (اسپيسيمين، ص
151) ريلنڊ ( مذهب، ص 236) ۽ سيل (بنيادي گفتگو، ص
42) مسٽر وائيٽ اڪيلي سر دعويٰ ٿو ڪري ته پيغمبرؑ
پڙهيو هو. پر سندس دليل اطمينان بخش نه آهن. شام
جي ميلن طرف واپار جي خيال سان فقط ٻه ننڍا سير
سفر مڪي جي ماڻهن کي خاموش ڪرڻ لاءِ ڪافي نه هيا ۽
نه وري هي ڪنهن معاهدي ڪرڻ وارو ٿڌو ماحول هو جنهن
۾ ﷴ ﷺ پنهنجي مُنهن تان پردو لاهي پاڻ کي وائکو
ڪري ڇڏي ها، ۽ نه وري ڪنهن بيماري يا بيخوديءَ جي
حالت ۾ چيل لفظن مان ڪو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو. پڙهيل
لکيل نوجوان، پيغمبري جي رتبي تي پهچڻ کان اڳ ۾،
پنهنجي ذاتي زندگي ۾ ضرور ڪو لکڻ پڙهڻ جو ڪم ڪيو
هوندو ۽ سندس پنهنجي ئي خاندان جا پهريان مسلمان
ضرور سندس ٻهرو پيائيءَ کي ڏسي يقيناً ڇِرڪ ڀرين
ها بشرطيڪ جيڪڏهن هو اهڙو هجي ها. وائيٽ جون
تقريرون (صفحا، 204، 203، حاشيا، صفحا
xxxvi, xxxviii)
(31)
هڪ رئيس زادو بولئنوليئرس فينيلان جي ٽيليمئچَس يا
وري رمسي جي سائرس جيان عربن جي رهبري ٿو ڪري
(1727-1699) ۽ (اهي ڪردار هڪ شهزادي جا مصنوعي
حوالا هيا) فارس جي محل ڏانهن سندس مسافري هڪ
افسانو ٿو لڳي، ۽ نه وري آءٌ سندس تعجب يا حيرت جو
سبب ڳولي ٿو سگهان. (يوناني ڀي، بهرحال انسان آهن)
شام ڏانهن ٻن مسافرين جو ذڪر ذري گهٽ عربستان جي
سڀني ليکڪن يعني مسلمانن توڙي عيسائين چڱيءَ طرح
ڪيو آهي. (گئگنيئَر، ابوالفدا، ص 10)
(32)
مون کي ايتري فرصت ڪانهي ته مان قصا ڪهاڻيون
پڙهندو وتان يا ڌارين جي اندازن ۽ مفروضن تي
ڀاڙيان جن بابت مڪي جي ڪافرن شڪ ڏيکاريو آهي يا جن
مٿان الزام مڙهيو ويو آهي. (قرآن 297، 35، 223، 16
جنهن ۾ سيل جو تبصرو به شامل آهي). ٽرائيڊيڪس
(صفحا، 27-22) گئگنيئَر سان گڏ ابوالفدا جو بيان
(صفحا 74
ii,)
مراڪي 400
ii,)
پرائيڊيڪس جو به اهو خيال آهي ته انهن ڳالهين کي
مخفي رکيو ويو هوندو ۽ اهو منظر عربستان ۾ ڪنهن
هنڌ جو هو.
(33)
ابوالفدا (وِٽ، 15، 7، گئگنيئَر 135، 33
i,)
جبل حِرا جي باري ۾ ابوالفدا اسان کي ٻڌايو آهي
(عربن جي جاگرافي، ص 4) ان جي باوجود ﷴ ﷺ اِجيريا
جي غار بابت ڪڏهن به نه پڙهيو هيو جتي نُوما جون
پنهنجي ساٿي اِجيريا سان رات جو ملاقاتون ٿينديون
هيون ۽ نه وري ان عِدائين جبل بابت ڄاڻ رکي هئي
جتي مائنوس جَو
(Jove)
ديوتا سان گفتگو ڪئي هئي.
(34)
قرآن (153، 9) البيداوي ۽ ٻين تبصري نگارن جن جو
حوالو سيل ڏنو آهي، ان الزام جي پٺڀرائي ڪئي آهي
پر مان نٿو سمجهي سگهان ته ان ڳالهه کي تلمودين
اڻچٽي طرح يا وري فضول روايتن ذريعي بيان ڪيو آهي
(يهودي قانون ۽ روايتن بابت تبصرا).
(35)
هاٽنگر (مشرقي تاريخ، ص 228-225) ڪاليرائيڊ جي
مذهبي شَڪن يا لامذهبيت کي ٿريس کان عربستان تائين
عورتن ذريعي ڦهلايو ويو هو ۽ ان کي وري ڪيڪ جي
صورت ۾ ورتو ويو هو جيڪو ديوي کي ڏنو ويو هو.
بيريلس جو هي مثال، جيڪو بوسترا جو پادري هو ۽
جنهن سان ٻيا به گڏ هيا (يوسيبَيس، ڪليسائي تاريخ،
33
vi,)
شايد ملامت جو ڪجهه ازالو ڪري سگهي، (ڇو ته
عربستان مذهبي شڪن شبهن يا لامذهبيت سان تڏهن
ٽمٽار ٿيل هو).
(36)
قرآن ۾ جيڪو ٽن بُتن يا ديوتائن جو ذڪر آيل آهي
(4, 81, 5, 92)
اُهو دراصل ڪئٿولڪ فرقي جي لِڪل معمي خلاف آهي پر
عرب تبصري نگار اُنهن کي پيءُ، پٽ ۽ ڪنواري مريم
سان ٿا وڃي ملائن جيڪا هڪ لاديني تثليت آهي جنهن
کي نائيسيا جي ڪائونسل ۾ ڪجهه بربرن قائم ڪيو هو
(يوٽئچيَس، واقعا
i, 440)
پر مريم جي پوڄيندڙ جي وجود جو بيوسوبر واضح انڪار
ڪيو آهي (مئنيڪزم جي تاريخ،
i, 532)
۽ هن روح يعني روح القدس (ٽين ذات) جي لفظ منجهان
چُڪ پڪڙي آهي جيڪا ڪن مشرقي ٻولين ۾ مؤنث جو صيغو
آهي يعني حضرت عيسيٰؑ جي ماءُ ۽ اهوئي صيغو
نزارينس جي پاڪ ڪتاب ۾ ڪتب آيل آهي.
(37)
حضرت ابراهيمؑ جي ڪردار ۽ سندس مثال ۾ خيالن جو
ڀنڊار عيان ٿيل آهي جنهن بُت پرستيءَ کي عام ڪرڻ ۾
ڪالديا جي سخت مخالفت ڪئي هئي. (قرآن 106، 6، ڊي
هربيلاٽ، مشرقي واقعا، ص 13)
(38)
قرآن جو مطالعو ڪيو خاص طرح سان ٻيو (ص- 30)
ستونجاهون (ص- 437) ۽ اٺونجاهون (ص- 441) باب جنهن
۾ رب العزت جي قادر مطلق هئڻ جو بيان آيل آهي.
(39)
پوڪوڪ وڏن ۽ بنيادي مذهبن جو ترجمو ڪيو آهي.
(اسپيسيمين، صفحا 292-284- 274) اوڪلي، (عرب
مسلمانن جي تاريخ،
ii, ixxxii, xcv)
ريلنڊ ۽ چارڊن، سامونڊي سفر،
iv, 4-28)
وڏو سچ ته ’الله پاڪ جو ڪوبه ثاني ڪونهي.‘ مراڪي
حماقت ڪندي ان حقيقت کي ٽوڪيو آهي. (القرآن،
i, iii, 87-94)
ڇاڪاڻ ته هن انسان کي پنهنجي صورت مان ٺاهيو هو.
(40)
ريلنڊ سيل (بنيادي گفتگو، صفحا 76-73) چارڊن جا
سامونڊي سفر،
iv, 28-37, 37-47)
جيڪي فارس وارن لاءِ آهن: ’عليؓ الله جو ولي ۽ وصي
آهي، بهرحال پيغمبرن جو تعداد ايمان جو حصو نه
آهي.
(41)
آدم جي غير مستند ڪتابن لاءِ ڏسو فئبريشيَس کي
(سيڊيپگرئفـَس جي قانون ۾، (صفحا 29-27) سيٺ (صفحا
157-154) کدڙو (صفحا 219-160)، پر کدڙي جي ڪتاب کي
ڪنهن حد تائين مقدس بنايو ويو آهي، جنهن ۾ سينٽ
جُوڊ مان حوالا پڻ ڏنا ويا آهن ۽ هڪ ڊگهو ٽڪرو به
ان ۾ شامل ڪيل آهي. جيڪو سنسيلَس ۽ اسڪيليگر سان
منسوب ٿيل آهي.
(42)
حضرت نوحؑ جي ستن اصولن کي مارشم چڱيءَ طرح
سمجهايو آهي (ڪرانيڪَس جو قانون، صفحا 180-154)
جيڪو هن موقعي تي سيلڊن جي اعتماد ۽ علم مان فائدو
وٺي ٿو.
(43)
حضرت آدمؑ، حضرت نوحؑ، حضرت ابراهيمؑ ۽ حضرت
موسيٰؑ جن جي مذهبي تعليم منجهان ڪجهه حصا ﷴ ﷺ جن
جي مذهب ۽ روايتن سان ملائي ان کي سينگاريو ويو
آهي، جيئن ڊي هربيلاٽ جي واقعن ۾ ٻڌايو ويو آهي.
(44)
قرآن (128-7 وغيره، 173- 10) وغيره، ڊي هربيلاٽ
صفحا 647 وغيره.
(45)
قرآن (3,
40،
4, 80)،
ڊي هربيلاٽ صفحا، 399 وغيره.
(46)
سينٽ ٿامس جي مقدس ڪتاب جو مطالعو ڪيو، يا وري
اِنفئنسي جو. جيڪي فئبريشيَس جي ائپوڪرفَس جي
قانون ۾ ڄاڻايل آهن جيڪو ان بابت مختلف شاهديون
پاڻ وٽ جمع ڪندو رهيو آهي. (صفحا 158-128) انهن
ڪتابن کي ڪوٽليئَر يوناني زبان ۾ ڇاپيو هو ۽ سائيڪ
وري عربي ۾ ڇپرايا هيا، جيڪو اسان جي موجوده نسخي
کي تنهن هوندي به سندس قول، حضرت عيسيٰؑ جي
اصل ٻولن سان مطابقت رکن ٿا جيڪي هن پينگهي ۾ چيا
هيا ۽ جيڪي هن مٽيءَ مان ٺهيل پکين کان چورايا
هيا. وغيره (سائيڪ
i, 168-169, 36, 198-199 46, 206
۽ ڪوٽليئَر
2, 160-161)
(47)
هن ڳالهه جو اشارو قرآن ۾ اڻچِٽي نموني سان ڏنل
آهي،
(3, 39)
پر سونائيٽس جي روايتن ۾ ان کي وڌيڪ وضاحت سان پيش
ڪيو ويو آهي. (ڏسو سيل جي وضاحت ۽ ان سان گڏ مراڪي
کي به ڏسو،
i, 112)
ٻارهين صدي عيسوي ۾ بي عيب هئڻ جي تصور کي سينٽ
برنارڊ نِنديو هو. (فرا، پائولو، اسٽوريا، ڪتاب-ii)
(48)
قرآن جو مطالعو ڪيو
(3, 53, 4)
۽ مراڪي جو 156هون ڇاپو به پڙهو: (جيڪي ڌوڪي ڏيڻ
جا ماهر آهن، الله اُنهن کان انهيءَ ڳالهه ۾ به
مٿاهون آهي………… ۽ هنن کين هڪ نعم البدل عطا ڪيو
هو) ۽ تبصري ڪرڻ وارن کي يقين آهي (مراڪي- 173
ii, 113-115
سيل صفحا
42-43,79)
ته هڪ ٻيو ماڻهو جيڪو هڪ دوست يا دشمن جي روپ ۾ هو
۽ جيڪو حضرت عيسيٰؑ جي هم شڪل هو، سو صليب تي چڙهي
ويو هو، هڪ اهڙو افسانو جنهن کي سينٽ برنابس جي
مقدس ڪتاب ۾ پڙهيو ويو هو ۽ جيڪو تمام گهڻو اڳ
آئرينيَس
(120-200)
جي دؤر ۾ شروع ڪيو ويو هو ۽ ان کي شروع ڪرڻ وارا
ايبونائيٽس فرقي جا لادين ماڻهو هيا. (بيوسوبر-
مئنيڪزم جي تاريخ-
ii,25،
موشيم- (حضرت عيسيٰ ؑ جي بيان ۾ ص- 353).
(49)
هي الزام قرآن ۾ اَڻ چِٽي نموني بيان ڪيل آهي.
(3, 45)
پر نه ته ﷴ اُهي پنهنجن شڪن شبهن کي ايتري
اهميت ڏياري سگهن. ان جي باوجود آريَن ۽ نستوري
فرقي جا ماڻهو پوءِ به ڪي قصا ڪهاڻيون ٻڌائي سگهن
ٿا ۽ پيغمبر جيڪو اُمي هو، مئنيڪيَنس جي بهادريءَ
جي داستانن کي ٻڌي ٿي سگهيو. ڏسو بيوسوبر کي
(i, 291-305).
(50)
جيڪي پيشنگويون توريت ۽ انجيل ۾ ڪيون ويون آهن، ۽
جن کي مسلمانن طرفان ڌوڪيبازي يا سندن جهالت سبب
بدلايو ويو آهي، اُنهن کي پيغمبر ﷺ سان منسوب ڪيو
ويو آهي ته اُهو ماڻهن کي تسلي يا آٿت ڏيندڙ هو ۽
هن لقب تي اڳ ۾ ئي مانٽئنسٽن ۽ مئنيڪيَنس طرفان
قبضو ڪيو ويو هو. (بيوسوبر- مئنيڪيَنس جي تنقيدي
تاريخ
i,263
وغيره) ۽ لفظن کي بدلائڻ سان اهو آسانيءَ سان ممڪن
ٿي سگهيو. (مراڪي-
i,i,15-28).
(51)
قرآن جي مطالعي لاءِ ڏسو ڊي هربيلاٽ- (صفحا 88-85،
مراڪي، ٽام-i،
45-33، سيل- بنيادي گفتگو- صفحا 70-56).
(*) (اصول، فلسفو).
(52)
قرآن- (17,89،
سيل- صفحا
235-236،
مراڪي- ص 410).
(53)
تنهن هوندي به عربن جي هڪ فرقي کي آماده ڪيو ويو
هو ته ان کي يا ته برابر ڪيو وڃي يا ان جي رتبي کي
وڌائي ڇڏجي ۽ ان ڪم ۾ فقط قلم کي تڪليف ڏيڻي
پوندي. (پوڪوڪ- اسپييمين- صفحا 221 وغيره) جنهن
موجب هڪ بهترين تحريري ٽڪري جي مذمت ڪئي وئي آهي.
(i,ii,69-75).
(*) (ترجمو).
(54)
مڪالَس (صفحا
671-673)
ڪيترين ئي مصر جي مورتيُن جو اڀياس ڪيو آهي جيئن
ايليفننٽا، پئپميرَس، نيل، واڳون وغيره، ٻوليءَ کي
مشڪوڪ نموني سان عربي- عبراني ڪوٺيو ويو آهي. ننڍي
هوندي ٻوليءَ جي لهجن جي هڪ جهڙائيءَ کي گهڻو
محسوس ڪيو ويندو هو پر جڏهن ماڻهن جون عُمريون وڌي
ويون ته لهجن جي هڪجهڙائپ جي ويجهائي ختم ٿيندي
وئي. (ميڪالس- ص 682، شُلٽينس- (پريفئٽ ۾ جاب).
(55)
البخاري- سن 224هه ۾ گذاري ويو ڏسو ڊي- هربيلاٽ
(صفحا
208,416,827)
گئگنيئَر، ابوالفدا- (19،33).
(56)
قرآن جو چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو. (باب-
2,6,12,13,17)
پرائيڊيڪس- جي زندگي- صفحا
18,19)
بابت مغالطي ۾ پئجي ويو آهي. مراڪي- هڪ ٻي علمي
طريقي سان تحرير جا اهڙا ٽڪرا ڏيکاريا آهن، جيڪي
سندس معجزن جي نفي ڪن ٿا. (القرآن
i,ii,7-12)
(57)
ڏسو اسپييمين (عربستان جي تاريخ خاص طرح
ابوالفراجيَس جي متن جو مطالعو ڪيو (ص- 17) جنهن ۾
پوڪوڪ جا حاشيا به شامل آهن (صفحا
187-190)،
ڊي- هربيلاٽ (مشرقي واقعا- صفحا
76-77)
چارڊن جا سامونڊي سفر
vi,200-0)
مراڪي- (القرآن
i,22-64).
(*) (ويجهو، گهرو)
(†)
(مقابلو).
(58)
رات جي سفر (معراج جو سفر) کي ابوالفدا طرفان بيان
ڪيو ويو آهي ﷴ
19,33)
جيڪو ان کي هڪ خواب يا تصور ٿو ڪوٺي ۽ پرائيڊيڪس
(صفحا
31-40)
فضوليات کي اڃا وڌيڪ وڌايو آهي ۽ گئگنيئَر
(i,252-343)
جيڪو جذباتي آهي الجنابي جي حوالي سان صاف چوي ٿو
ته جيڪو معراج کي نٿو مڃي، اُهو ڄڻ قرآن جو انڪار
ٿو ڪري، جنهن ۾ هو بهشت، جيروسلم يا مڪي جو نالو
نٿو وٺي، پر ان ۾ فقط هڪ اشارو آيل آهي (’سڀ تعريف
ان الله کي جڳائي جنهن پنهنجي بندي کي مسجد حرام
کان اقصيٰ تائين پهچايو‘). قرآن-
17,I
مراڪي،
ii,407)
سيل طرفان فضوليات بيان ڪيل آهي.
(59)
پيغمبري طريقي سان جنهن ۾ موجوده وقت يا ماضي کي
مستقبل لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، ﷴ ﷺ جن چيو
هو: ’اُها گهڙي اچي وئي آهي ۽ چنڊ ٻن اَڌن ۾
ورهائجي ويو آهي‘. (قرآن-
54,i,،
مراڪي-
ii,688).
هيءَ جذباتي آلاپ حقيقيت ۾ بدلجي ويو هو جنهن جي
شاهدي ان وقت جي تمام معزز ۽ اعتماد وارن ماڻهن
ڏني هئي. (مراڪي-
ii,690)
ان ڏينهن جي ياد کي فارس وارن طرفان اڃا تائين
ملهايو ويندو آهي. (چارڊن-
iv,201)
ان روايت کي گئگنيئَر طرفان پڻ حقيقت جي روپ ۾
دهرايو ويو آهي،
I,183-234)
۽ ان جي تصديق الجنابي پڻ ڪئي آهي. تنهن هوندي به
هڪ مسلمان ڊاڪٽر خاص شاهد جي شاهديءَ تي ان کي
وَٺَ ڪئي آهي. (پوڪوڪ- اسپيسيمين، ص- 187) بهرحال
جيڪي بهترين ۽ اعتماد لائق مترجم آهن اُهي قرآن ۾
آيل بيان سان متفق آهن. )(البداوي، هاٽنگر- (مشرقي
تاريخ
ii,302)
۽ ابوالفدا جي خاموشي وري عجيب آهي جيڪو هڪ شهزادو
۽ فيلسوف پڻ آهي.
اسپيسيمين ۾ ابوالفراجيَس (عربن جي تاريخ- ص- 17)
۽ پوڪوڪ جي حاشين ۾ سندس طنز حقيقت تي مبني آهي.
(صفحا
190-194) جنهن ۾ حوالا
مستند آهن. |