باب ستٽيهون
خانقاهي يا اڪيلائي جي زندگي جي شروعات، واڌارو ۽
ان جا اثر- بربرن جو عيسائيت ۽ آريَن فرقن ۾ تبديل
ٿيڻ- آفريڪا ۾ وئنڊلن لاءِ اذيتون- بربرن مان آرين
فرقي جو مڪمل خاتمو.
شهري ۽ ڪليسائي معاملن جي اٽوٽ تعلق مون کي مجبور
ڪيو ۽ همت پڻ ڏياري ته عيسائيت جي واڌاري، اذيتن،
ان جي قائم ٿيڻ ۽ منجهس ڦوٽ پَوڻ ۽ آخرڪار ان جي
سوڀَ بابت اوهان کي ٻڌايان. مون ڄاڻي واڻي ٻن
مذهبي واقعن کي بيان ڪرڻ ۾ دير ڪئي آهي جيڪي
انساني فطرت لاءِ دلچسپي جو باعث بڻبا ته ساڳئي
وقت اُنهن جو روم جي شهنشاهت جي زوال ۽ خاتمي سان
پڻ گهرو تعلق آهي.
I
خانقاهي(1) يا اڪيلائي واري زندگي گذارڻ جو ادارو
۽
II
اُتر جي بربرن جو مذهب مٽائڻ.
I
خوشحالي ۽ امن جي ماحول جي ڪري عيسائين ۾ ٻه طبقا
پيدا ٿي پيا، هڪڙا جاهل ۽ اڻ گهڙيل(*) ته ٻيا وري
پارسا ۽ پرهيزگار(2) بنجي ويا. مذهب جي آزاد ۽
اڻپورن روَين سبب بيشمار ماڻهن جو ذهن ۽ ضمير
مطمئن ٿي ويو. شهنشاهه هجي توڙي مئجسٽريٽ، سپاهي
هجي يا ڪو ڌنڌي وارو، سڀئي پنهنجن مذهبي جوش جذبن
۽ عقيدن سان به لاڳاپيل رهيا ته ساڳي وقت پنهنجي
ڪم ڪار، ڌنڌي ڌاڙي ۽ ڪاروبار ۾ به مصروف رهيا؛ پر
جيڪي وڌيڪ پارسا بنجي ويا ۽ جن انجيل جي تعليم ۽
اصولن جي سختي سان پابندي به ڪئي ته وري ان جو
ناجائز فائدو پڻ ورتو، اُهي وحشياڻي جنون واري
واٽَ تي هلي پيا ۽ سندن عقيدي موجب انسان ڏوهه ۽
خطا جو گهر آهي ۽ خدا تعاليٰ هڪ آمر ۽ جابر آهي.
هُنن دنيا جي ڪاروبار، خوشين ۽ عياشين کي ڇڏي ڏنو،
شراب نوشي، گوشت کائڻ ۽ شاديون ڪرڻ کي به ترڪ
ڪيائون؛ پنهنجي تَن بدن کي تسيا ۽ سزائون ڏنائون،
۽ ظاهري پيار يا عشق جي جذبن کي صفا ڇڏي ڏنائون، ۽
اندروني يا روحاني خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ تڪليفن
۽ ڏکن ۾ گذارڻ لڳا. ڪانسٽئنٽائن جي حڪومت ۾، پارسا
ماڻهو لامذهبيت واري بگڙيل دنيا کان ڪوهين دؤر
هليا ويا ۽ هڪ مذهبي گروهه ۾ وڃي پناهه ورتائون
جتي کين روحاني سڪون مليو. جيروسلم جي پهريَن
عيسائين وانگر(3) اُنهن به دنيا دولت جي استعمال
ڪرڻ کي ختم ڪري ڇڏيو، پنهنجي جنس يعني مردن جي
سنگت ۽ ساٿَ کي پسند ڪيائون ته وري دوستي به ساڳئي
مزاج ۽ طبيعت جي ماڻهن سان رکيائون ۽ پنهنجي لاءِ
راهب، ويراڳي ۽ ٻاوَن جهڙا نالا چونڊيائون(†)
جن مان مراد اها هئي ته اُهي فطري طور سنياسي،
تارڪ الدُنيا ۽ رڻ پٽ يا بيابانن جا رهواسي هيا.
هنن ان دنيا جي عزت ڪئي جنهن کان هو نفرت ڪندا هيا
۽ هن ’قدرتي فلسفي‘ کي(4) وڏي واڪي داد ڏنو ويو
جيڪو يونان جي فلسفي جي اسڪولن جي مڃيل اصولن کان
به گوءِ کڻي ويو هو ۽ جنهن ۾ سائنس يا ڪنهن به
دليل جي ضرورت ئي ڪانه هئي. ڌن دولت کان نفرت،
توڙي ڏکن ۽ موت جي فلسفي تي ويراڳين پنهنجي ڀيٽ
اسٽائڪن سان ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي؛ پنهنجي عجز واري
نظم ۽ ضبط ۾ هنن پٿاگورس جي ماٺ ۽ صبر کي پنهنجو
ساٿي بنايو ۽ هنن شهري معاشري جي هر طريقي ۽ نفاست
۽ نزاڪت کان سخت نفرت جو اظهار ڪيو. پر هن ’قدرتي
فلسفي‘ جي پوئلڳن اڃا صاف سچي ۽ نِج مثال يا ماڊل
ڳولڻ جي جستجو ڪئي جنهن کي هو پنهنجو ڪري ان مطابق
اڳتي وڌن. اُنهن اهڙن پيغمبرن جي نقش قدم تي هلڻ
جي ڪوشش ڪئي جن برپٽ بيابانَ وڃي وَسايا هيا(5)؛ ۽
هنن هڪ اعتقاد ۽ ڏاهپ واري زندگي بسر ڪرڻ کي اهميت
ڏني جنهن جو بنياد اِسينيَس عقيدي وارن فلسطين ۽
مصر ۾ رکيو هو. پلني جي فلسفياڻي نظر اڪيلائي ۾
رهندڙ اُنهن ماڻهن تي حيرت منجهان پئي هئي جيڪي
’بحر- مُردار‘ جي ويجهو تاڙي جي وڻن جي جهُگٽن ۾
رهندا هيا، جيڪي ڌن دولت کان سواءِ به پنهنجو
گذران ڪندا هيا، ۽ جن جي شهرت عورتن کان سواءِ به
پري پري تائين پهچي وئي هئي ۽ جيڪي انساني پڇتاءَ
۽ سخت ڪاوڙ مان به پنهنجا رضاڪار ۽ مددگار ڳولي
ڪڍندا هيا(6).
وهمن وسوسن جو پهريون مددگار پيءُ مصر هو جتان
خانقاهي يا راهباڻي زندگي گذارڻ جي شروعات ٿي.
ائنٽني(7)، جيڪو هڪ اڻ پڙهيل شخص(8) ۽ ثيبائس ۾
رهندڙ نوجوان هو، پنهنجي سڄي ملڪيت، جيڪا کيس ورثي
۾ ملي هئي(9)، ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏي ۽ پنهنجي ڪٽنب
سان لاڳاپا ختم ڪندي، پنهنجي پيدائش جو اباڻو هنڌ
ڇڏيندي ۽ اڳين گناهن کان توبهه تائب ٿيندي پنهنجي
راهباڻي زندگي گذارڻ شروع ڪئي ۽ بنا دير هو مذهبي
جنونيت جي حدن تائين پهچي ويو. ڪيترن ئي مقبرن ۽
هڪ مناري هيٺان پنهنجي نئين مذهبي تجربي جي
اذيتناڪ مشق ڪندي، هو ٽن ڏينهن تائين نيل ندي جي
اوڀر طرف هڪ ڏکيو سفر ڪندو رهيو ۽ نيٺ اهڙي اُجڙيل
هنڌ تي پهتو جيڪو ڄڻ انساني آباديءَ کان ڪٽيل هو
پر اُتي وڻن جو ڇانورو ۽ پاڻي موجود هو ۽ هن
پنهنجي رهائش ڳاڙهي سمنڊ جي ڀر ۾ ڪولزم جبل تي
اختيار ڪئي جتي هڪ قديمي خانقاهه ان بزرگ جي نالي
۾ اڃا تائين موجود آهي(10). عقيدت مند عيسائي کيس
ڳوليندا رهيا ۽ نيٺ هڪ رڻ پٽ ۾ پهچي سندس زيارت
ڪيائون؛ هنن کيس مجبور ڪيو ته هو سڪندريه تائين
وڃي ۽ ماڻهن جي موجودگيءَ ۾ ديدار ڪرائي، هن
پنهنجي شهرت جي پاسداري وڏي مان ۽ شان سان ڪئي. هن
جي اَٿنئسيَس سان به دوستي هئي جنهن جي عقيدي کي
هو مڃيندو هو پر مصر جي هن مسڪين ماڻهو شهنشاهه
ڪانسٽئنٽائن جي هڪ عزت واري دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيو. معزز بزرگ (ڇاڪاڻ ته ائنٽني جي
عمر هڪ سؤ پنج سال هئي) نئين نسل جي بيشمار ماڻهن
کي پنهنجن نظرن سان ڏٺو هو ۽ اُنهن منجهان ڪيترن
سندس سبقَ ۽ سکيا مان فائدو ورتو هو ته ٻين وري
سندس شاندار مثال جي پوئواري ڪندي پنهنجين زندگين
کي لاڀائتو بنايو هو. ويراڳين جون بيشمار ڪالونيون
تيزيءَ سان لِبيا جي رِڻ پٽن، ثيبائس جي جبلن ۽
نيل جي ڪناري تي آباد شهرن ۾ ٺهي ويون. سڪندريا جي
ڏکڻ ۾ جبل هيا ۽ اُتي ئي نِتريا نالي هڪ صحرا به
هيو جتي 5000 جي لڳ ڀڳ تارڪ دنيا ماڻهو رهندا هيا،
ان جي باوجود جيڪڏهن ڪو سياح اُتي وڃي ها ته کيس
پنجاهه جي لڳ ڀڳ خانقاهون اهڙيون ملن ها جيڪي
برباد ٿيون پيون هيون ۽ جن کي اُتي ۽ اهڙن علائقن
۾ ائنٽني جي مريدن ۽ معتقدن ٺاهيو ۽ آباد ڪيو
هو(11). مٿين ثيبائس ۾، هڪ جڳهه جنهن جو نالو
تابين(12) هو اُتي هڪ خالي زمين پيل هئي جنهن تي
پيچوميَس قبضو ڪيو هو. جنهن ۾ سندس برادري جا
چوڏهن سؤ ماڻهو به شامل هيا. هن مقدس جڳهه تي مردن
لاءِ نَوَ خانقاهون ۽ عورت لاءِ هڪ خانقاهه ٺهي ۽
ايسٽر جي سالياني جشن جي موقعي تي اٽڪل پنجاهه
هزار مذهبي ماڻهو هتي جمع ٿيندا هيا جيڪي نهايت ئي
مانائتا هيا ۽ سهڻي طريقي سان رهندا هيا(13).
آڪسيرِنچَس جي خوبصورت ۽ وڏي آبادي واري شهر، جيڪو
عيسائين جو مذهبي گاديءَ جو هنڌ هو، مندرن، عوامي
عمارتن ۽ قلعن کي به نيڪي ۽ خيراتي ڪمن لاءِ وقف
ڪري ڇڏيو هو، ۽ اُتي جيڪو پادري هو، اُهو گهٽ ۾
گهٽ ٻارهَن ڪليسائن ۾ مذهبي تقرير ڪندو هو، سندس
حساب موجب ڏهه هزار عورتون ۽ ويهه هزار مرد
خانقاهي عبادتن سان لاڳاپيل هيا(14). مصر جي
ماڻهن، جن هن معجزاتي انقلاب تي فخر ٿي ڪيو، کي
يقين هو ته جوڳين جو تعداد سندن ملڪ جي باقي بچيل
ماڻهن جي برابر هو(15)، ۽ ايندڙ نسل شايد مشهور
چَوڻيءَ کي وري دهرائيندو جيڪا اڳ ساڳئي ملڪ جي
جانورن لاءِ مشهور ٿي هئي ته: ’مصر ۾ ڪنهن ديوتا
کي ڳولڻ آسان ۽ ماڻهوءَ کي ڳولڻ مشڪل ڪم آهي‘.
خانقاهي زندگي کي روم ۾ شروع ڪرڻ وارو دراصل
اَٿنئسيَس هيو ۽ هن فلسفي کي وري جنهن زور وٺرايو
اُهو ائنٽني هو ۽ ان کي هر طرف ڦهلائڻ جو ذمو وري
ائنٽني جي مُريدن ۽ معتقدن جو هو جيڪي پنهنجي
روحاني مرشد سان گڏجي وئٽيڪن تائين هليا ويا هيا.
مصري ماڻهن جي ڀَوائتن ۽ وحشي چهرن پهريون ته هر
طرف خوف ۽ هراس پکيڙي ڇڏيو پر پوءِ اصليت معلوم
ٿيڻ تي وڏي جوش جذبي سان سندن آجيان ڪئي وئي.
سينيٽرن ۽ خاص طرح بزرگ عورتن پنهنجن محلن ۽
شانائتين عمارتن کي مذهبي گهرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽
ڇَهن ڪنوارين جي ننڍي اداري کي خانقاهن ۾ ملايو
ويو هيو ۽ اُنهن کي وري برباد ٿيل قديم مندرن ۾
قائم ڪيو ويو ۽ ٻين کي وري روم جي مرڪزي علائقي ۾
منتقل ڪيو ويو(16). ائنٽني جي مثال کان سخت متاثر
ٿي شام جي هڪ نوجوان جنهن جو نالو هلئرين(17) هو،
پنهنجو گهر، سمنڊ ۽ هڪ وارياسي ڌٻڻ جي وچ تي وڃي
ٺاهيو جيڪو غازا کان فقط ستن ميلن جي مفاصلي تي
هو. سادگي اختيار ڪيائين ۽ هر گناهه کان توبهه
تائب ٿيو ۽ اهڙي پارسائيءَ جي حالت ۾ هن زندگي جا
اٺيتاليهه سال گذاريا جنهن جي نتيجي ۾ سندس جوش
جذبو ۽ عقيدت جو هوڪو هر جا ڦهلجي ويو ۽ هاڻي هو
بزرگ ۽ درويش ڪوٺجڻ لڳو جنهن جا مريد هزارن جي
تعداد ۾ ٿي ويا ۽ دنيا جي سڀني سلسلن ۽ رشتن کي
ترڪ ڪري ڇڏيائون ۽ جڏهن به هو فلسطين جي خانقاهن
جو چڪر هڻڻ ويندو هو ته هزارين عقيدت مند سندس
زيارت ڪندا هيا. اڃا هڪ ٻي شخص باسل(18) جي شهرت
اوڀر جي خانقاهي تاريخ ۾ امر ٿي چڪي آهي. هو اٿينس
جي اسڪولن جو پڙهيل ڪڙهيل عالم ۽ تقرير جي فن جو
وڏو ماهر هو ۽ سندس خيال ۽ ارادا ايترا ته اوچا ۽
مٿاهان هيا جو سزئريا جي پادرين کان به سندس ڏاهپ
مٿاهين هوندي هئي. باسل پڻ پونٽَس جي هڪ اڪيلي ۽
جهنگلي ڪُنڊ ۾ پنهنجا خانقاهي ديرا ڄمايا ۽ اُنهن
ڪالونين ۾ هن پنهنجا قانون ۽ اصول سمجهائڻ شروع
ڪيا جيڪي ڪاري سمنڊ جي ارد گرد پکڙيل هيون. اولهه
۾ وري ٽُورس جي مارٽن(19)، جيڪو پنهنجي هڪڙي جان ۽
جسم ۾ سپاهي، پادري، راهب ۽ ان سان گڏ هڪ بزرگ به
هيو، گال ۾ خانقاهن جو بنياد رکيو ۽ سندس مرڻ کان
پوءِ سندس ٻه هزار مريد به هڪدم قبرن ۾ هليا ويا ۽
سندس هڪ تقرير جي ماهر تاريخدان ثبائس جي رِڻ پٽن
کي للڪاريو ته هيڏو سارو بيابان مارٽن جهڙي ڪردار
جو هڪڙو به ماڻهو پيدا ڪري ڏيکاري. ٻاوَن ۽
خانقاهي راهبن جو واڌارو عيسائيت جي واڌاري جيترو
ئي تيز ۽ تڪڙو هو. شهنشاهت جي هر صوبي ۽ هر شهر ۾
سندن تعداد هزارن جي انگ ۾ هوندو هو. تارڪ دنيا
ٽولن، ليرِنس کان لِپاري تائين اونداها ۽ ويران
ٿيل ٻيٽ، جيڪي ٽسڪن سمنڊ جي اردگرد برباد هيا،
آباد ڪيا ۽ اُتي ئي پنهنجا آستانا اڏي ويرانن کي
وڃي وسايائون. سامونڊي توڙي زميني رستن روم جي
شهنشاهت جي ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو هو ۽
هلئريَن جي گذاريل زندگي مان اسان کي خبر پوي ٿي
ته فلسطين جي اهڙي ويراڳي ۽ محتاج شخص کي به اها
سهولت حاصل هئي ته ڪڏهن هو مصر هليو ويندو هو ته
ڪڏهن سِسلي ۽ ايپيرَس جا وَڻ وڃي وَسائيندو هو ۽
دنيا جو بنواس ڪندي ۽ ان کي تياڳيندي نيٺ وڃي قبرص
جا ٻيٽ وسايائين ۽ اُتي جو رهاڪو بنجي ويو(20).
لاطيني عيسائين روم جي مذهبي ادارن جو احترام ڪيو
۽ انهن جي اصولن کي دل سان تسليم ڪيو. جيڪي ماڻهو
جيروسلم وڃي پاڪ جاين جي زيارت ڪندا هيا اُهي زمين
جي هيترن سارن ڏُورانهن ملڪن م وڃي به خانقاهي
زندگي کان متاثر ٿيندا هيا ۽ انهيءَ جا طور طريقا
پاڻ اختيار ڪندا هيا. ائنٽني جا بيشمار مريد ۽
عقيدتمند خط استوا جي ملڪن کان به اڳتي وڌي ويا ۽
وڃي حبش جي عيسائي شهنشاهت تائين پهتا(21).
بئنڪر(22) جي خانقاهه جيڪا فلنٽشاعر ۾ هئي ۽ جنهن
۾ لڳ ڀڳ ٻه هزار کن راهب هيا، اُهي هر طرف ٽڙي
پکڙي ويا ۽ آئرلئنڊ توڙي آيونيا جي ڪالونين کي وڃي
آباد ڪيائون(23) ۽ اسڪاٽلئنڊ جي ٻيٽن جي هڪ ڪالوني
جيڪا آئرلئنڊ جي ٻاوَن قائم ڪئي هئي، ان اُترين
علائقن جي ماڻهن ۾ سائنس ۽ وهمن وسوسن بابت ڪجھ
شڪَ ۽ گمان پيدا ڪري ڇڏيا(24).
شهري يا انساني زندگي کان ڪٽيل هي بدقسمت ۽ جلاوطن
ماڻهو، وهمن جي انڌاري ۽ ان جي زور کان پٺتي هٽڻ
لڳا. سندن گڏيل رِٿ کي لکين ماڻهن طرفان مانائتي
موٽ ملي جنهن ۾ هر جنس ۽ هر عمر ۽ هر رتبي جو
ماڻهو شامل هو ۽ هر اُهو ماڻهو جنهن خانقاهي مذهب
اختيار ڪيو هو، ان کي راغب ڪري مڃرايو ويو هو ته
کيس دائمي خوشين ۽ عياشين جي ڪَنڊن واري گورک رستي
کي لتاڙي اڳتي هلڻو پوندو(25). پر اهڙن مذهبي
مقصدن کي اڳتي وڌائڻ ۽ هلائڻ جو دارومدار انسان
ذات جي فطرتن ۽ کين مهيا ٿيل موقعن تي هو. ڪڏهن
دليل ته ڪڏهن ڪو جذبو وقتي طور تي کين پٺتي هٽائي
ڇڏيندو هو، پر اُهي ننڍن ٻارن ۽ عورتن کي قائل ڪرڻ
۾ وڌيڪ ڪامياب ٿيندا هيا ۽ کين ڪو ڏک يا تڪليف
ايندي هئي يا ڪو بدقسمتيءَ جو واقعو يا حادثو
ٿيندو هو ته سندن عقيدو وڌيڪ مضبوط ٿيندو هو ۽
اُهي ظاهري دنيا جي ڦُونڊ ۽ آڪڙبازيءَ مان پنهنجي
لاءِ ڪجھ پِرائي وٺندا هيا. هاڻي اهو عين فطري ۽
ماڻهن جو جائز عقيدو هو ته جيڪي پارسا ۽ پرهيزگار
سنياسي هيا، جن پنهنجي آخرت جي ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ
لاءِ هن دنيا کي ڇڏي ڏنو هو، اُهي ئي ڪنهن روحاني
عيسائي حڪومت کي هلائڻ جا حقدار هيا. ان ڳالهه کي
ذهن ۾ رکندي هڪ راهب کي زوريءَ ۽ سندس مرضي خلاف
پنهنجي جهُوپڙيءَ مان اُٿاري ۽ ڪليسائي تخت تي
ويهاريو ويو جنهن تي ماڻهن خوب خوشيون ڪيون ۽
تاڙيون وڄايون ۽ مصر، گال ۽ اوڀر جي ٻين ملڪن جي
خانقاهن طرفان ويراڳين ۽ پادرين جو هڪ باقاعدگيءَ
وارو سلسلو هلي پيو ۽ ڪرسيءَ جي آرزو مندن کي ڳجهو
گس به هٿ اچي ويو جنهن جي ڪري کين دولت ۽ مرتبو
ٻئي ملي ويا(26). جيڪي مشهور ويراڳي هيا ۽ جن جي
ڪاميابين جو چؤٻول عام ٿي ويو هو، اُنهن جي ڪوشش
اها هئي ته پنهنجن هم خيال ويراڳين جي انگ کي
وڌائن. اُنهن وڏن خاندانن ۽ خوشحال ماڻهن سان
پنهنجا لاڳاپا وڌايا ۽ خوشامد ۽ فريبڪاري جي طريقن
سان نوَن مذهب اختيار ڪندڙن کي هِرکايو ويو ته هو
دولتمند ۽ وڏن گهراڻن جي ماڻهن کي خانقاهي مذهب
اختيار ڪرڻ لاءِ آماده ڪن. ناراض پيءُ پنهنجي
اڪيلي پٽ(27) جي کانئُس ڇِڄي وڃڻ تي ماتم ڪيو ۽ هڪ
سادي ۽ ڀورڙي عورت نئين شوق ۾ گمراهه ٿي قدرت جي
قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري ڇڏي، ۽ هڪ بزرگ عورت گهريلو
زندگي جي طور طريقن ۽ رهڻي ڪهڻي کي وساري انساني
تڪميل جي حدن کي ڇُهڻ چاهيو. پالا وري جيروم(28)
جي تقرير کان متاثر ٿي اثر قبول ڪيو، ۽ بي حرمتي
واري لقب ’خدا جي سَس‘(29) هڪ بيوهه کي آماده ڪيو
ته هو پنهنجي ڌيءُ اَسٽوچيَم جي ڪنوارپ کي هميشه
لاءِ پاڪ ڪري ڇڏي. پنهنجي روحاني پيشوا جي صحبت ۾
رهندي ۽ سندس ئي مشوري تي پالا روم ۽ پنهنجي معصوم
ٻار کي ڇڏي ڏنو، پاڻ بيٿلم جي مقدس ننڍي شهر ۾ وڃي
رهي جتي هن هڪ اسپتال ۽ چار خانقاهون قائم ڪيون ۽
پنهنجي خير خيرات ڏيڻ جي صدقي هڪ ڪئٿولڪ ڪليسا ۾
اهم عهدو حاصل ڪيائين. ان دؤر ۾ اهڙن توبهه تائب
ٿيندڙ ماڻهن کي وڏي عزت ۽ احترام سان گڏ شان مان
سان ڏٺو ويندو هو پر هاڻي خانقاهن ۾ عام رواجي
ماڻهو ۽ ڪڙمي ڪاسبي(30) بيشمار ٿي ويا هيا جن کي
راهباڻي زندگي ۾ سندن ڪيل قربانين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ
فائدو ٿي مليو. هاري، غلام، مزدور ۽ مستري پيشي جا
ماڻهو غربت کان تنگ ٿي ڀڄي ويندا هيا ۽ ڪنهن ٻي
هنڌ تي ڪو عزت وارو پيشو اختيار ڪري پنهنجو گذارن
ڪندا هيا ۽ سندن ظاهري تڪليفن جو ازالو، ٻين رسمن
ريتن يا سخت نظم ۽ ضبط جي ڳجهي ڀڃڪڙي ذريعي ٿي
ويندو هو(31). روم جي رعيت جي ماڻهن، جن جي ذات
توڙي دولت تي غير برابري وارا ڳرا ٽئڪس يا محصول
مڙهيا ويندا هيا، شاهي حڪومت سان پنهنجا لاڳاپا
ختم ڪري ڇڏيا ۽ بزدل نوجوانن، حڪومت جي فوجي خطرن
جي ڀيٽ ۾ خانقاهي زندگي جي تڪليفن ۽ سادگيءَ ۾
پنهنجي باقي حياتي گذارڻ کي وڌيڪ اهميت ڏني. جيڪي
ڳوٺن ۽ ٻهراڙين جا ڊِنل ماڻهو هيا ۽ هر طبقي سان
تعلق رکندا هيا ۽ جيڪي بربرن کان به اڳ ۾ ڀڄي ويا
هيا، اُنهن اُتي پنهنجو گذران ڳولي لڌو جن پاڪ
جاين تي سندن فوجي ماڻهو دفن ٿيل هيا؛ پر جنهن
مقصد ماڻهن کي ذاتي طور تي ته تڪليفن مان ڇوٽڪارو
ڏياريو، پر شهنشاهت جي طاقت ۽ شان کي وڏو ڇِيهو
رسايو(32).
قديمي ماڻهن جو خانقاهي سرشتو(33) درحقيقت سندن
عقيدن جو مظهر هيو. مذهبي جنونين کي هميشه تنبيهه
ڪئي ويندي هئي ته سندن ڪرتوتن جو انتقام کانئُن
خدا تعاليٰ ضرور وٺندو پر اهڙن گستاخ ماڻهن لاءِ
به خانقاهن جا دروازا سدائين کليل رهندا هيا ته
اُهي ڀلي اُتي وڃي توبهه تائب ٿين ته خدا تعاليٰ
بخشڻهار آهي کين معاف ڪري ڇڏيندو. اُهي ٻاوا يا
راهب، جن جو ضمير دليلن يا ڪن جذبن سبب سخت يا غير
لچڪيدار ٿي ويو هو، هاڻي انسانن يا شهرين واري
ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ آزاد هيا ۽ حضرت عيسيٰؑ جي گهر
وارين کي به ڪنهن دنوي محبت ڪندڙ سان جائز رشتن
رکڻ جي اجازت هئي(34). پر غلط افواهن جي گردش ڪرڻ
۽ وهمن وسوسن جي عام ٿيڻ سبب زوردار بندشن کي لاڳو
ڪرڻ ضروري ٿي پيو هو. گهڻي آزمائش ۽ امتحانن کان
پوءِ هڪ نئين ماڻهوءَ جي وفاداريءَ کي دائمي قَسمن
۽ اقرارن ذريعي يقيني بڻايو ويندو هو ۽ سندس اٽوٽ
ازدواجي رشتن کي پڻ ڪليسا توڙي ملڪ جي سخت قانونن
ذريعي مضبوط بنايو ويندو هو. ۽ جيڪڏهن ڪو شخص
اهڙين پابندين جي اقرار ڪرڻ کان پوءِ اهڙن ٻنڌڻن ۽
سختين کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته پوءِ ان جو پيڇو
ڪري کيس گرفتار ڪيو ويندو هو ۽ پوءِ کيس عمر ڀر
جيل ڀوڳڻو پوندو هو ۽ مئجسٽريٽ جي مداخلت، خانقاهي
نظم ۽ ضبط جي سختين ۾ ڪنهن حد تائين نرمي ڪرڻ جو
باعث بڻبي هئي(35). راهبن طرفان سندن لفظن توڙي
عملن ۾ سدائين سختي ۽ غير لچڪيدار قانون جو مظاهرو
ٿيندو رهندو هو(36) ۽ ننڍڙين غلطين تي به ماڻهن جي
يا ته سخت بيعزتي ڪئي ويندي هئي، کين جيل جون
سختيون سَهڻيون پونديون هيون يا وري کين سخت اُڃ ۽
بُک تي روزا رکڻا پوندا هيا يا سندن جسمن تي ڪوڙا
يا ڦٽڪا تيستائين وهايا ويندا هيا جيستائين سندن
جسم رَت سان وِهنجي نه وڃن؛ ۽ نافرماني، ڪنهن
شڪايت يا تڪليف پهچڻ تي ڀُڻ ڀُڻ ڪرڻ يا ڪنهن ڪم ۾
ٿوري به دير ڪرڻ جا ڪَم سخت گناهن جي لسٽ ۾ شامل
هوندا هيا(37). ڪليسا جي ڪنهن مرد عهديدار جي ڪنهن
به غلط يا اجائي حڪم جي هڪدم تعميل ڪرڻ ڄڻ هڪ مڃيل
اصول هيو جنهن جي انحرافي ڪرڻ تي به سخت سزائون
ڏنيون وينديون هيون، ۽ هي مصر جي ويراڳين جو ڄڻ
پهريون اخلاقي سبق هيو ۽ سندن صبر ۾ به سوين
سختين، ڪٺن امتحانن ۽ آزمائشن منجهان کين گذڻو
پوندو هو. مثال طور کين حڪم ڏنو ويندو هو ته هڪ
وڏي جبل يا پهاڙ کي پنهنجي جڳهه تان هٽائي ڇڏين ته
جيئن اُن سُڪل ڪاٺيءَ کي پاڻي ڏئي سگهجي جنهن کي
زمين ۾ کوڙيو ويو هيو ۽ تيستائين ان کي پاڻي ڏيندو
رهجي جيستائين اُها ٽن سالن گذرڻ کان پوءِ اهڙي
سرسبز سائي ٿي ميويدار وَڻ جي شڪل اختيار ڪري وڃي؛
يا وري کين ٻرندڙ کُوري ۾ گُهمڻ ۽ هلڻ لاءِ چيو
ويندو هو، يا وري کين حڪم ڏنو ويندو هو ته پنهنجي
معصوم ٻار کي تلاءُ ۾ کڻي اُڇلائن ۽ اهڙيءَ طرح ۽
اهڙن ئي حوالن سان سندن ڪيترائي هٿ ٺوڪيا درويش ۽
چريا انسان شهرت جي بلندين تائين پهچي اَمر ٿي ويا
هيا ڇاڪاڻ ته اُنهن چرين واري بي سمجهي ۽ بي ڊپائي
واري فرمانبرداريءَ جي زندگي بسر ڪئي هئي(38).
ڀورڙائي ۽ هر حڪم کي اکيون ٻوٽي مڃڻ جي عادتن،
ذهني آزادي، جيڪا دليل ۽ منطق لاءِ بيحد ضروري
هوندي آهي، کي صفا ختم ڪري ڇڏيو هو ۽ خانقاهي
راهبَ غلاميءَ جو طؤق پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهندي،
پنهنجن ڪليسائي آقائن جي جذبن ۽ عقيدن مطابق هلڻ
جي هر ممڪن ڪوشش ۽ تابعداري ڪندا هيا. اوڀر جي
ڪليسا جو امن ۽ سڪون چرين، جنونين ۽ نادانن جي
هجومن سبب ختم ٿي ويو هو جن کي نه ته ڪنهن جو خوف
هو، نه وري هُو ڪنهن عقل ۽ انسانيت جي ڳالهه ٻڌڻ
لاءِ تيار هيا ۽ شاهي فوجن بغير ڪنهن هٻڪ يا
شرمساريءَ جي اها ڳالهه تسليم ڪئي هئي ته هاڻي کين
خانقاهي جنونين جي مقابلي ۾ خطرناڪ بربرن کان به
خطرو گهٽ محسوس ٿي رهيو هو(39).
وهمن وسوسن گهڻو ڪري ويراڳين جي لباس کي مقدس
بڻائي ڇڏيو آهي(40) پر سندن انفراديت واري روپ جو
گهرو تعلق سندن سادگي واري اوائلي زندگي سان آهي
جنهن کي دنيا جي انقلابن ۽ فئشن جي تبديلين انسان
ذات جي نظر ۾ کِلڻهارڪو ڪري ڇڏيو آهي. خانقاهي
سرشتي جي باني يا اَبي پسند واري يا خواهشن کي خوش
ڪرڻ واري لباس پائڻ کان منع ڪئي هئي ۽ پنهنجن
پوئلڳن کي سختيءَ سان هدايت ڪئي هئي ته هو جنهن به
ملڪ ۾ پنهنجي رهائش اختيار ڪن ته اتان جي ماڻهن جي
رهڻي ڪهڻي اختيار ڪندي پنهنجي جسم تي سادا ڪپڙا
اوڍين جنهن ۾ ڏيک يا نماءُ جو عنصر نه هجي(41).
قديمي خانقاهي ماڻهن جون عادتون ملڪي موسمن ۽
ماڻهن جي طور طريقن مطابق بدلبيون رهنديون هيون ۽
سندن خيال يا ڄاڻ موجب مصر جي ڪڙمين ۽ هارين جي
رِڍ جي کَل مان ٺهيل لباس ۽ يونان جي فيلسوفن جي
چوغن يا عَبائُن ۾ ڪو خاص فرق ڪونه هو. اُهي مصر ۾
گهڻو ڪري سِڻيءَ مان ٺهيل ڪپڙا پائيندا هيا جيڪي
اُتي ئي ٺهندا هيا تنهن ڪري کين سَستا ملندا هيا
پر مغربي ملڪن ۾ اُهي ئي ڪپڙا مهانگا ملندا هيا جن
کي غير ملڪي عياشيءَ جو نالو ڏئي رد ڪيو ويندو
هو(42). ويراڳي اڪثر ڪري پنهنجو مٿو ڪُوڙائي
ڇڏيندا هيا يا وري گهڻي ڀاڱي پنهنجا وار ڪٽرائي
ننڍا ڪرائي ڇڏيندا هيا، اُهي پنهنجن سِرن کي راهبن
واري ٽوپيءَ سان ان ڪري ڍڪيندا هيا ته جيئن غير
مذهبي يا ملحداڻي شئي جو ناپاڪ پاڇو سندن مَٿن تي
نه پوي، پر سندن ڄنگهون ۽ پير اُگهاڙا رهندا هيا
سواءِ ان جي جو سخت سردي نه هجي ۽ آهستي يا
ڪمزوريءَ جي قدمن سان هلندا هيا ۽ هلڻ وقت سهاري
لاءِ سندن هٿ ۾ لَڪڻ يا لٺ هوندي هئي. دنيا کي ترڪ
ڪرڻ وارن جي حالت ڏاڍي خراب ۽ چڙ ڏياريندڙ هوندي
هئي؛ هر اُها شئي يا عمل، جيڪو ماڻهن کي بُڇان
ڏياريندڙ هوندو هو، ان لاءِ سمجهيو ويندو هو ته
اُهو ڪم خدا تعاليٰ کي پسند هوندو ۽ تابين جي فرقي
وارا وري عضون ۽ لِڱن کي پاڻيءَ م وهنجارڻ يا لِڱن
کي تيل لڳائڻ جي سخت مذمت ڪندا هيا(43). اهي تياڳي
يا ويراڳي پَٽَ تي يا وري سخت تَڏن تي سمهندا هيا
۽ مٿان وجهڻ لاءِ وٽن کهرا ڪنبل هوندا هيا ۽ اُنهن
ئي شين کي ويڙهي سيڙهي ڏينهن جي وقت ۾ به اُهي ئي
شيون استعمال ڪندا هيا، يعني اُنهن جي مٿان ويهندا
هيا، ننڊَ ايندي هُين ته اُنهن مٿان ئي سمهندا هيا
۽ ڪکن پنن منجهان وِهاڻا ٺاهي رات جو اُن تي مٿو
رکي آرام ڪندا هيا. اُنهن جا ڪکن ڪانن مان ٺهيل
سوڙها گهر هوندا هيا جن منجهان سوڙهيون گهٽيون
گذرنديون هيون، پر ننڍڙا ننڍڙا گهر گڏجي هڪ وڏو
ڳوٺ ٺهي ويندو هو جيڪو ڪليسا جي احاطي جي اردگرد
هوندو هو، جتي هڪ اسپتال، هڪ لائبرري، باغيچو، ڪجھ
آفيسون ۽ پاڻيءَ کي جمع ڪرڻ لاءِ وڏو حوض يا ٽانڪي
هوندي هئي. هڪ ڪٽنب ۾ ٽيهه يا چاليهه ڀاتي هوندا
هيا، پر ڪٽنب جو هتي مطلب اهو ناهي ته هڪڙو ئي
خاندان هجي پر عزيز ۽ مِٽ مائٽ گڏجي به هڪ ڪٽنب
ٺاهيندا هيا ۽ مصر جي خانقاهن ۾ اڪثر ڪري ٽيهن يا
چاليهن ماڻهن جو ڪٽنب هوندو هو.
خوشيون ۽ خطائون يا گناهه ويراڳين لاءِ ذري گهٽ هڪ
جهڙا هيا ۽ هنن تجربي مان اهو پِرايو هو ته سخت
روزا ۽ سادو کائڻ پيئڻ، جسماني ناپاڪائي ۽ هوَس کي
روڪڻ لاءِ بهترين اُپاءَ هيا(44). سندن کاڌي پيتي
۾ پرهيز ڪرڻ جا سندن اصول هڪ جهڙا ۽ دائمي نه هيا.
يهودين طرفان پينٽيڪاسٽ جي خوشيءَ واري ڏينهن کي
نفس ڪشيءَ ذريعي برابر ڪيو ويندو هو ته جيئن
خوشيءَ وارو پاسو تور ۽ ماپ ۾ وڌيڪ نه ٿي وڃي ۽
نين خانقاهن جي خوشيءَ وارن جوش جذبن کي ڪجھ آزادي
ڏني وئي هئي ڇاڪاڻ ته هَٻڇ رکندڙ گالن جي کاڌي
پيتي جي طلب مصر جي خانقاهن جي صبر وارن ۽ پارسا
ويراڳين وانگر جلد ماٺار ۾ اچڻ واري ڪانه هئي(45).
ائنٽني ۽ پئچوميَس جا پوئلڳ روزانو ٻارهَن آئونسَن
جي ماني(46) يا وري فقط بسڪوٽن(47) تي گذارو ڪري
وٺندا هيا جن کي به هو ٻن ويلن يعني منجهند ۽ رات
جي مانيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا هيا. کاڌي کائڻ جي
ڪمري ۾ جيڪي سبزيون کين ڏنيون وينديون هيون ته
ڪوشش اها ڪندا هيا ته ڀاڄيون اُٻاري نه کائن ڇو ته
ان کي شايد عياشي سمجهيو ويندو هو ۽ خانقاهه جو
سربراهه جيڪڏهن کين ڪڏهن ڪڏهن برفي، ميوو، سلاد ۽
نيل ندي جي مڇي کارائيندو هو ته ان کي سندس طرفان
وڏي سخاوت ۽ عياشي سمجهيو ويندو هو(48). البت
درياهي يا سامونڊي مڇي کائڻ جي کين اجازت هوندي
هئي پر گوشت کائڻ جي اجازت فقط يا ته مسافرن يا
وري بيمارن کي هوندي هئي ۽ جڏهن يورپ جي خانقاهن
۾، جتي ٻين خانقاهن جي ڀيٽ ۾ سختي ڪجھ گهٽ هئي،
گوشت کائڻ جي اجازت کين فقط ان شرط تي ڏني وئي هئي
ته اُهو فقط پکين جو هوندو پوءِ اُهي جهنگلي يا
گهر جا پاليل هجن، پر جهنگلي جانورن جي گوشت کائڻ
جي کين سختيءَ سان منع ٿيل هئي. ٻاوَن يا ويراڳين
جو پسنديده شربت فقط صاف ۽ پاڪ پاڻي هوندو هو ۽ هڪ
دفعي بينيڊڪٽائين عقيدي جي باني شڪايت ڪئي ته
روزانو شراب جي اڌ پِنٽ کانئس ڪو تِڳائي ويندو هو
ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ ڪيترا ماڻهو گهڻو شراب پيئندا
هيا(49). اهڙي عياشي کين اڪثر ڪري اٽلي جي انگورن
جي باغن مان ملندي هئي يا وري سندن فاتحن کان کين
تحفي ۾ نصيب ٿيندي هئي جيڪي ڏکيا لَڪَ لنگهندا هيا
جيئن ائلپس جبل، رائين ندي يا بالٽڪ سمنڊ وغيره،
پر ڪوشش پوءِ به سندن اها هوندي هئي ته شراب جي
بدلي کين بيئر يا پنير مهيا ڪيو وڃي.
جيڪو اُميدوار اهڙين خانقاهن ۾ انجيل جي سخت اصولن
مطابق داخلا وٺڻ ويندو هو ته پهريون سختيون به نه
سهي سگهندو هو ۽ بد دل ٿي ڀڄي ويندو هو ۽ بُک ۽
بدحاليءَ جي اهڙي ماحول ۾ رهڻ پسند نه ڪندو
هو(50). پر خانقاهي ماڻهو اهڙي بدحاليءَ جي صورت ۾
محنت ۽ مشقت جي ڪمن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪندا هيا ۽
اهڙي ڊيوٽي کي هو گناهن جو ڪفارو سمجهندا هيا ۽
هيتريون ساريون سختيون سهڻ کان پوءِ جڏهن رُکي
سُکي ماني کين ملندي هئي ته ان تي به اُهي پنهنجي
پالڻهار جا شڪرگذار رهندا هيا(51). باغ ۽ ٻنيون
ٻارا، جن کي ويراڳين جهنگلن ۽ ڌُٻڻن کان بچائي
ڇڏيو هو، هو پنهنجن هٿن سان محنت ڪري آباد رکندا
هيا ۽ اُنهن جي ڦل يا فصل مان پنهنجو گذران ڪندا
هيا. اُهي ننڍا وڏا ۽ اُهي ڪَم، پڻ جن کان ٻين کي
جيڪر بڇان لڳي، ڪرڻ کان هرگز نه ڪيٻائيندا هيا جن
۾ مزدورن ۽ غلامن وارا خسيس ڪم پڻ شامل هوندا هيا،
يعني پنهنجون روزمرهه جون ضرورتون پوريون ڪرڻ، رهڻ
لاءِ جڳهه يا جهوپڙي ٺاهڻ، ٿانوَ ٿِپا مهيا ڪرڻ
وغيره ۽ اِهي سڀئي ڪم خانقاهن جي حدن اندر ئي ڪيا
ويندا هيا. خانقاهن بابت جيڪا ماڻهن کي عمومي طور
ڄاڻ ڏني وئي آهي، انهيءَ ۾ اُنهن بابت اونداهي دؤر
جون غلط فهميون پکيڙيون ويون آهن نه ته هئڻ ته
ائين گهرجي ها ته اُنهن جي باري ۾ وهمن وسوسن جي
الزامن کي ختم ڪري ڇڏجي ها. ان جي باوجود ڪجھ
پڙهيل لکيل عالمن جي جوش جذبي ۽ تحقيق ڪليسائي
توڙي لاديني علمن کي به مهذب ۽ مانائتو بنائي ڇڏيو
آهي ۽ ايندڙ نسل يقيني طور تي اهڙن عالمن جي قلم
جي ڪارنامن جو اعتراف ڪندو ته سندن ئي مسلسل محنتن
جي نتيجي ۾ يوناني ۽ رومي علم و ادب کي نه رڳو
محفوظ ڪيو ويو پر ان کي ٻين ملڪن تائين پڻ ڦهلايو
ويو ته جيئن مختلف ملڪن جا ماڻهو به ان مان لاڀ
پرائين(52). باقي ويراڳين جو خاص طرح مصر ۾ محنت
مزدوريءَ جو پيشو هوندو هو. هو گهڻو ڪري خاموشيءَ
سان ڊگهيون ويهَڪون ڪري ڪاٺ جون ٻيڙيون ٺاهيندا
هيا يا وري ناريل جي وڻن مان تڏا ۽ ٽوڪريون يا
ڇَليون پڻ ٺاهيندا هيا. سندن هٿن سان ٺاهيل شيون
جڏهن سندن گهُرجن ۽ ضرورتن کان واڌاريون ٿي
وينديون هيون، جيئن تابين جون ٻيڙيون يا ثبائس جي
خانقاهن جو ٻيو سامان ته پوءِ اهڙيون عمديون ۽
ناياب شيون نيل نديءَ جو سينگار بڻجي وينديون هيون
۽ اُتان هلندي هلندي سڪندريا جي بندرگاهه تي رهندڙ
عيسائين تائين پهچي وينديون هيون جتي هٿن سان
ٺاهيل نازڪ ۽ ناياب شين جا قدردان موجود هوندا هيا
۽ اُهي اهڙي سٺي مال جي خريداريءَ تي خاطر خواهه
رقم پڻ ادا ڪندا هيا.
پر وقت گذرڻ سان گڏ آهستي آهستي هٿن جي محنت ختم
ٿي وئي. جيڪو به نئون ماڻهو خانقاهي سرشتي ۾ داخل
ٿيو ٿي ته هن پنهنجو سڄو توجهه ۽ عقيدت پنهنجن
بزرگن ۽ درويشن سان ٿي رکي ڇاڪاڻ ته کيس يقين هو
ته سندس باقي حياتي اُنهن جي قدمن ۾ سندن خدمت
ڪندي گذارڻي هئي ۽ هن سرشتي جي قانون کيس اجازت ٿي
ڏني ته هو ان ملڪيت جو حقدار هيو جيڪو ڪجھ کيس
ورثي ۾ ملي يا حصي پتيءَ ۾ کيس ڏنو وڃي(53).
ملانيا پنهنجي هڪ چانديءَ جي ٿالهي، جنهن جو وزن
ٽي سؤ پائونڊ هيو، ورثي ۾ ڏني ۽ ساڳئي وقت پالا
پنهنجي پسند جي ويراڳين جو هڪ وڏو قرض ادا ڪري
ڇڏيو ڇاڪاڻ ته اُنهن هڪ وڏي گنهگار انسان(54) کي
عبادت جي فائدن کان آگاهه ڪيو هو ۽ پڇتاءَ ۽ توبهه
ڪرڻ جا سبق پڻ کيس سيکاريا هيا. وقت پنهنجي تيز
رفتاريءَ سان گذرندو رهيو پر حادثا ۽ واقعا به
ٿيندا رهيا جيڪي ڪڏهن به گهٽ نه ٿيا، مشهور
خانقاهن جون ملڪيتون، جيڪي اوسي پاسي جي ملڪن ۽
وڏن شهرن ۾ موجود هيون، ۽ هن سرشتي جي قائم ٿيڻ
کان پوءِ پهرين صديءَ ۾ ئي هڪ لادين زوسيمَس ڪدورت
منجهان لکيو آهي ته غربت کي دؤر ڪرڻ لاءِ عيسائي
ويراڳين انسان ذات جي وڏي انگ کي پينو فقيرن ۾
تبديل ڪري ڇڏيو هو(55). جيستائين هنن پنهنجي اصلي
رنگ ۽ درويشيءَ کي قائم رکيو هو تيستائين هنن
خيرات ڏيڻ يا ڪنهن جي جائز مدد ڪرڻ جي اصولن جي به
پاسداري ڪئي هئي ۽ ماڻهن جو اعتبار ۽ اعتماد(*)
مٿن قائم رهيو، پر جڏهن هو سُکيا ستابا ۽ دولتمند
ٿيڻ لڳا ته هن سرشتي ۾ بگاڙ پيدا ٿي ويو ۽ جنهن
دولت کي هو اڳ نِنديندا هيا ان تي هاڻي فخر ڪرڻ
لڳا؛ نه رڳو ايترو پر عيش عشرت ۾ پئسن لُٽائڻ جي
ڌنڌن ۾ پڻ لڳي ويا. سندن عوامي بهبود واري عياشيءَ
کي ته شايد درگذر ڪري سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته اُنهن
مذهبي عبادتن لاءِ وڏيون عمارتون جوڙايون هيون جتي
پنهنجي معاشري جي گمراهه ماڻهن کي رهائيندا هيا ته
جيئن اُنهن ۾ ڪو سڌارو آڻجي. پر، هر دؤر جي ڪليسا،
اهڙن ٻاوَن يا ويراڳين جي بگڙجڻ ۽ سندن شهواني
شغلن کي سخت لفظن ۾ پئي نِنديو آهي، جن هن باوقار
سرشتي جي مقصدن کي صفا وساري ڇڏيو هو(56) ۽ ان
دولت جو ناجائز فائدو ورتو هو جيڪا سندن وڏڙن
سادگيءَ سان پنهنجون زندگيون گذاري ماڻهن جي ڀلائي
۽ بهتريءَ لاءِ جمع ڪئي هئي(57). سٺي ڪردار ۽ هڪ
باوقار اعزاز کان هيٺ ڪِرڻ ۽ عام ماڻهن جهڙين
خرابين کي اختيار ڪرڻ تي شايد هڪ فيلسوف پنهنجي ڏک
۽ ڪاوڙ کي ڪڙي ڍُڪ جيان پِي ۽ خاموش ٿي وڃي.
اوائلي ويراڳين جون زندگيون تنهائيءَ ۽ گناهن کان
توبهه تائب ٿيندي گذرنديون هيون، کين دنيا جا ڌنڌا
ڌاڙي پاڻ ڏي متوجهه نه ڪري سگهندا هيا، نه وري وقت
گذرڻ يا سماجي ۽ معاشرتي سرگرمين جو کين ڪو احساس
رهندو هو. جڏهن به کين خانقاهن جي حدن مان ٻاهر
نڪرڻ جي اجازت ملندي هئي ته ٻه حاسد ساٿي به ساڻن
گڏ هوندا هيا جيڪي سندن شغلن يا ڪمن تي نظر رکندا
هيا يا ائين کڻي چئجي ته اُهي هڪ ٻئي جي ڪمن تي
نظر رکندا هيا ۽ اُنهن جي مخبري به ڪندا هيا ۽
واپس ٿيڻ تي کين سختيءَ سان منع ڪيو ويندو هو ته
جيڪو ڪجھ هنن پنهنجين اکين سان ڏٺو هو يا ماڻهن جي
واتان ٻڌو هو ته ان جي باري ۾ ڪنهن کي ڪجھ به نه
ٻڌائن. ڌارين ماڻهن کي، جيڪي خانقاهي سرشتي سان
پوري خلوص سان لاڳاپيل هيا، جدا ڪمرن ۾ رهايو
ويندو هو ۽ فراخدليءَ سان سندن مهمان نوازي ڪئي
ويندي هئي پر سندن ڳجهي گفتگو فقط اُنهن ماڻهن سان
ٿيندي هئي جيڪي سندن مڪمل اعتماد وارا هيا ۽ جن تي
هو پورو پورو ڀروسو ڪري پئي سگهيا. سندن موجودگيءَ
کان سواءِ خانقاهه جو نوڪر يا غلام به پنهنجن
دوستن يا پنهنجن مٽن مائٽن جو خانقاهي حدن ۾
استقبال نه ڪري سگهندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو نوڪر ضد ڪرڻ
تي ڪنهن نازڪ مزاج عورت يا ڪنهن بزرگ سان هن سلسلي
۾ ناروا سلوڪ ڪندو هو يا ڪاوڙ وارين نظرن سان کين
ڏسندو هو ته ان تي خانقاهه جا رکوالا ويتر خوش
ٿيندا هيا ته هو پنهنجي ڊيوٽي ٺيڪ طرح سان ادا ٿو
ڪري(58). ويراڳي پاڻ هڪ وڏي هجوم ۾ رهندي به ڄڻ
الڳ ۽ اڪيلا لڳندا هيا ڇو ته اُهي به حادثاتي طور
يا وري زبردستيءَ سان ساڳين جڳهن ۾ رهندا هيا جن
کي جيل چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. جيڪي گوشه نشين
مذهبي ٿين ٿا، اُنهن ويچارن وٽ گهڻو ڪري وڏي سوچ
يا جذبن جي اڻاٺ هوندي آهي، تنهن ڪري خانقاهه جو
سرواڻ اُنهن جي اندر ٻاهر وڃڻ جو پروگرام ۽ وقت
طئي ڪندو آهي(*) ۽ جڏهن هو چپ چاپ ۾ ماني کائيندا
آهن ته پنهنجن عبائن ۽ چوغن ۾ بند رهندا آهن ۽
ايترا ته اڪيلا هوندا آهن جو کين هڪ ٻئي جي به خبر
نه هوندي آهي ته ڪير ڪٿي آهي(59)، اڪيلائيءَ جي
وِندر مطالعو هوندو آهي، پر ويچارن مِسترين ۽
هارين، جن جي اڪثريت خانقاهن ۾ موجود هئي، کي
تعليم نه هئڻ سبب، ڪتابن سان دل وندرائڻ جي سهولت
به ميسر ڪانه هئي. اُهي ڪم ۾ مصروف رهڻ چاهيندا
هيا پر روحاني مٿڀرائيءَ جي معتبري پنهنجن هٿن سان
ڪو ڪم ڪرڻ کان کين روڪيندي هئي، پر اُها معتبري
ڪهڙي ڪم جي، جنهن ۾ انسان ذاتي دلچسپي وٺي ڪو ڪم
هٿ ۾ نه کڻي سگهي.
پنهنجي عقيدي ۽ جذبي موجب، هو جيڪو به ڏينهن
پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ گذاريندا هيا، اُهو وڏي آواز
سان يا فقط خاموش ذهني عبادت ۾ گذرندو هو، اُهي
شام جو هڪ جڳهه تي گڏ ٿيندا هيا ۽ رات جو دير سان
کين جاڳايو ويندو هو ته اجتماعي عبادت ڪن جيڪا فقط
خانقاهن ۾ ڪئي ويندي هئي. وقت جي مقرر ڪرڻ جو
دارومدار تارن جي گردش جي علم تي هوندو هو جيڪي
مصر جي صاف آسمان تي ڪڏهن به ڪڪرن سان ڍڪيل نه
هوندا آهن. بلڪه پري کان ئي چِتا نظر ايندا آهن ۽
اهڙي سڪوت جي ماحول کي، ڪنهن تُوتاري جو کهرُو ۽
اڻ وڻندڙ آواز خراب ڪري ۽ رڻ پٽ جي خاموشي ۽ سُڪون
جي لطف کي برباد ڪري ڇڏيندو هو(60). نِنڊ جيڪا
ويراڳين لاءِ سڪون جو اڪيلو ذريعو هئي، ان کي ۾
ماپيو ويندو هو ته ڪنهن ڪيتري ننڊ ڪئي، توڙي جو
کين ڪافي واندڪائي به هوندي هئي ۽ اُهو واندڪائيءَ
وارو وقت سندن ڏکيو گذرندو هو ڇو ته هو ان وقت نه
ڪنهن ڪم ۾ مصروف هوندا هيا ۽ نه وري خوش گذارڻ جو
وٽن ڪو سامان يا ذريعو هوندو هو تنهن ڪري کين
ڏينهن جو وقت گذارڻ ڏکيو ٿي پوندو هو ۽ اهڙي
صورتحال ۾ هو تنگ ٿي سج تي ڪاوڙ ڪندا هيا ته اهو
آخر لهي ڇو نه ٿو ۽ ڏينهن گذرڻ ۾ ايتري اينگهه ڇو
ڪئي هئي(61). اهڙي وحشت ۽ بي آرامي جي حالت ۾ وري
وهم ۽ وسوسا به عقيدتمندن لاءِ وڌيڪ اذيتن جو باعث
بڻبا هيا(62). جيڪو خانقاهن ۾ کين سُڪون ملندو هو،
اُهو وري سندن پڇتاءَ ۾ تباهه ٿي ويندو هو جنهن ۾
لاديني شڪ شبها ۽ اُهي خواهشون به شامل هونديون
هيون جن ۾ خطا يا گناهه ٿيڻ جو رتيءَ ماتر انديشو
به موجود هجي، ۽ هو هر فطري خواهش يا جذبي کي هڪ
اهڙو گناهه سمجهندا هيا جنهن جي، سندن خيال ۾،
معافي هرگز نه ملڻي هئي، ۽ جڏهن هو ڪنهن به خواهش
جي آخري ڇيڙي تي پهچي ڳاڙها يا تپي باهه ٿي ويندا
هيا ته خوف وچان سندن جسم کي ڏڪڻي وڪوڙي ويندي هئي
۽ سمجهندا هيا ته هو اهڙي غار ۾ وڃي ڪريا هيا جنهن
جو ڪو ترو ئي ڪونه هيو. اهڙن بدنصيب ماڻهن کي
اهڙين اذيتن کان ڇوٽڪارو فقط تڏهن ملندو هو جڏهن
هو ذهني مريض بڻجي چريا ٿي پوندا هيا يا وري عذاب
۽ اذيتون ڀوڳي مري ويندا هيا. ڇهين صدي عيسوي ۾
جيروسلم ۾ هڪ اسپتال قائم ڪئي وئي جتي گناهن کان
پڇتائيندڙ اُنهن ماڻهن کي داخل ڪيو ويو جيڪي ذهني
مريض بنجي صفا پاڳل ٿي چڪا هيا(63). اهڙي پاڳل پڻي
جي ڪيفيت تي پهچڻ کان اڳ سندن خيال اُتانهان ۽ سوچ
۽ فهم به ڪمال جو هوندو هو. ان وقت سندن اهو عقيدو
هوندو هو ته جيڪو هو ساهه کڻن ٿا ته اُن ۾ به ڄڻ
دشمن موجود هوندا هيا ۽ هر طرف کان جِن ڀوت موجود
رهندا هيا جيڪي مٿن نظر رکندا هيا ۽ سندن اخلاق
عادتن تي پڻ اثرانداز ٿيندا هيا. هنن جي مذهبي شدت
جا جذبا سندن تصور توڙي سندن احساسن کي به ضايع
ڪري ڇڏيندا هيا ۽ اهڙي ويراڳي، جنهن جي اڌ رات جي
عبادت ۾ نِنڊ خلل وڌو هو، کي يا ته ڀيانڪ خوف خطرن
جا دؤرا پوندا هيا يا وري هو خوشيءَ ۾ پيو ٻهڪندو
هو ۽ اِهو سڄو دارومدار سندس ننڊاکڙن يا نيم
خوابيءَ جي ڪيفيت تي هوندو هو ته هن ان وقت ڪهڙي
قسم جا خواب ٿي ڏٺا(64).
ويراڳي ٻن طبقن ۾ ورهايل هيا: هڪڙا اُهي جيڪي
ماڻهن ۽ معاشري سان لاڳاپيل هيا ۽ ٻيا وري دنيا
کان صفا لاتعلق هيا ۽ اُهي دنيا وارن کان صفا الڳ
۽ ڪٽيل رهندا هيا ۽ پنهنجي مذهبي جنون ۾ مست رهندا
هيا(65). جيڪي حد کان وڌيڪ مذهبي هيا، اُنهن جا
لاڳاپا انسانن توڙي دنيا وارن کان صفا ختم ٿي چڪا
هيا. مصر، فلسطين ۽ شام جون خانقاهون تارڪ الدنيا
ويراڳين سان ڀريل هيون(66). هڪ اهڙو ٽولو جن
پنهنجا گهر گهاٽ يا جهوپڙا دنيا وارن کان پري وڃي
اڏيا هيا تنهن ڪري اهڙن مذهبي الڳ رهندڙ ماڻهن جي
توبهه تائب ٿيڻ ۽ سندن پڇتائڻ تي کين داد ۽ آفرين
چيو ويندو هو ۽ اُنهن جي ڪردار ۽ عملن تي هلڻ جي
ڪوشش ڪئي ويندي هئي(67). کين زنجيرن ۽ صليبن جا
لوها نشان پاتل هوندا هيا ۽ سندن ڳريل ۽ ڪمزور جسم
ڳرن ڪڙن، هٿيَن، شيلڊن وغيره پائڻ سبب ويتر هيڻا ۽
نحيف ٿي ويا هيا. اُنهن هر قسم جي ڪپڙن ۽ ڊريسُن
کي پائڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ ٻنهي جنسُن يعني مردن توڙي
عورتن ۾ جيڪي به خانقاهي صفتن رکڻ ۾ نمايان هوندا
هيا اُنهن جي تعريف فقط ان ڪري ٿيندي هئي ته اُهي
اگهاڙا ٿي گهمندا ڦرندا هيا ۽ اُنهن جي اوگهڙ کي
فقط سندن ڊگها وار ڍڪيندا هيا. سندن خواهش ئي اها
هوندي هئي ته اُهي پنهنجي ظاهري صورت بلڪل اهڙي
بڻائين جو انسان ۽ حيوان ۾ جيئن ڪو فرق باقي نه
رهي، ۽ ڪيترائي تارڪ دنيا خانقاهي ان ڳالهه تي فخر
ڪندا هيا ته هو عراق جي چراگاهن ۾ جانورن سان گڏ
چَرندا هيا(68). هو ڪڏهن ڪڏهن جانورن جي ٿانَن تي
قبضو ڪري وٺندا هيا ڇو ته سندن ظاهري شڪل به اُنهن
جانورن جيان ٿي وئي هئي ۽ پاڻ کي جانورن جي ويهڻ
جي ڪُنڊن يا کُڏن ۽ غارن ۾ لڪائي ڇڏيندا هيا ۽
ثبائث جي ڪيترن ئي پٿر ۽ ماربل جي پهاڙن ۾ خانقاهي
ويراڳين جي توبهه تائب ٿيڻ جي تحريرن جا نقش اڃا
تائين موجود آهن(69). اُنهن ويراڳين يا سنياسين کي
هر لحاظ سان مڪمل ۽ مٿاهون سمجهيو ويندو هو جن
گهڻي ۾ گهڻا ڏينهن بُک تي ڪاٽيا هيا، ڪيتريون
راتيون جاڳي گذاريون هيون ۽ ڪيترائي سال ڳالهايو
ئي نه هيو ۽ اُن ويراڳي کي عظيم سمجهيو ويندو هيو
(آءٌ ان شخص کي گاريون ٿو ڏيان) جنهن پنهنجو جهوپو
يا رهڻ جي جڳهه ڄاڻي واڻي اهڙي ٺهرائي هئي جنهن ۾
سج جي ڪرڻن جي تپش يا هر موسم جي ڏکيائي ۽ عذاب
آسانيءَ سان پهچي سگهي.
خانقاهي زندگي جي سپوتن ۾ سائمن اسٽائلائيٽس(70)
جو نالو امر ٿي چڪو آهي ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي لاءِ
هڪ اهڙو هنر ايجاد ڪيو جو هو هوا ۾ توبهه تائب ٿيو
هو. تيرهن سالن جي عمر ۾ شام جي هن نوجوان پنهنجي
ڌنارپ جي پيشي کي ڇڏيو ۽ پنهنجي پاڻ کي هڪ سادگي
واري خانقاهه جي حوالي ڪري ڇڏيو. هڪ ڊگهي ۽ عذاب
واري نئين ماحول کان پوءِ جنهن ۾ سائمن کي ڪيئي
دفعا مقدس خودڪشي ڪرڻ کان بچايو ويو هيو، هن
پنهنجي رهائش گاهه هڪ جبل جي اوچائيءَ تي ٺاهي هئي
جيڪا انتاڪيا کان 30-40 ميلن جي مفاصلي تي هئي. هن
پٿرن جو هڪ زنجير ٺاهيو هو جنهن تي هو لڙڪي بيٺو ۽
مٿي چڙهڻ لڳو، ان زنجير کي زمين جي سطح کان نوَن
فوٽن کان وٺي سٺ فوٽن جي بلندي تي کنيو ويو(71).
سٺ فوٽن تي لڙڪيل شام جي تارڪ دنيا شخص ٽيهن
اونهارن جي گرمي ۽ ڪيترن ئي سيارن جي سرديءَ کي
برداشت ڪيو. عادت ۽ ورزش سبب هو ان خطرناڪ صورتحال
کي بغير ڪنهن خطري يا مٿي کي ڦيري اچڻ جي مُنهن
ڏيندو رهيو ۽ اعتقاد جي پختي هئڻ ڪري ان حالت ۾ به
پنهنجي بيهَڪ جا رُخ بدلائيندو رهيو. هو ڪڏهن
پنهنجي هٿن ۽ ٻانهن کي مٿي کڻي، صليبي صورت اختيار
ڪري ۽ پنهنجي جسم کي سِڌو رکندي دُعا گهرندو رهيو
پر سندس نمايان ورزش اها هئي ته هو پنهنجي ڪمزور
هڏائين پڃري کي مُنهن کان وٺي پنهنجن پيرن تائين
جهُڪائي ٿي سگهيو ۽ ان منظر ڏسڻ وارن منجهان هڪ
تماشبين اهڙي انداز جي ورزش کي ٻارهن سؤ
چوئيتاليهه ڀيرا ڳڻيو، نيٺ جڏهن اهو سلسلو اڃا
وڌيو ته هو ٿڪجي پيو ۽ ڳڻپ کي ڇڏي ڏنائين. سائمن
جي سٿرن ۾ السر پيدا ٿي پيو(72) پر تنهن هوندي به
هي روحاني شخص خطرناڪ حالت ۾ رهيو هو، ان زنجير
واري لڙڪيل حالت ۾ اُتي ئي گذاري ويو پر اُتان هيٺ
لهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪيائين. جيڪڏهن ڪو شهنشاهه ڪنهن
کي اهڙن عذابن ۾ مبتلا ڪري ڇڏي ته کيس آمر ۽ ظالم
ڪوٺيو ويندو پر جڏهن مظلوم مٿان ايترو اينگهائيندڙ
عذاب نازل ٿئي جو هو چيچلائي چيچلائي مري وڃي ته
پوءِ اهڙي شهنشاهه جو لقب آمر ۽ ظالم کان به اڃا
اڳڀرو هوندو. هن قسم جي شهادت جيڪا ڪنهن شخص ڄاڻي
واڻي پنهنجي لاءِ گهُري حاصل ڪئي هئي، يقينن ان
سندس جسم ۽ روح جي صلاحيتن کي ختم ڪري ڇڏيو هوندو
۽ اهو به هرگز نٿو چئي سگهجي ته مذهبي واٽ جا
جنوني ماڻهو، جيڪي پاڻ کي ايتري حد تائين اذيت ۾
رکن ٿا، اُهي انسان ذات جو پيار، توجهه يا
همدرديون حاصل ڪري وٺن ٿا. هر دؤر ۽ هر ملڪ جي
ويراڳين جي طبيعت ۾ اهو ظالماڻو ۽ اذيتناڪ رَويو
رهندو پئي آيو آهي ته هو عذابن ڏيڻ ۽ سهڻ ۾ سڄي
انسان ذات کان مختلف لڳن جنهن ۾ هو دوستين، لاڳاپن
۽ رشتيدارين جي ڪابه پرواهه نٿا ڪن ۽ اها ڪيفيت
فقط مذهبي نفرت سبب پيدا ٿئي ٿي ۽ منجهن هڪ اهڙو
وحشتناڪ جذبو پيدا ٿي وڃي ٿو جنهن ۾ رحم جي رتي به
باقي نٿي رهي ۽ جنهن سبب مقدس پڇا ڳاڇا جو ادارو
به بُري طرح متاثر ٿيو آهي.
خانقاهي بزرگ، جن لاءِ فيلسوفن جي دل ۾ نفرت هوندي
آهي ۽ سندن حالت تي کين رحم ايندو هو، شهنشاهه
توڙي عام ماڻهو نه رڳو سندن عزت ڪندا هيا پر کين
پوڄيندا هيا، ۽ هندستان توڙي گال کان ڪيترائي
زيارتي سائمن جي ديدار لاءِ ڪهي ايندا هيا جنهن کي
روحانيت جو ٿنڀ ڪوٺيو ويندو هيو ۽ هو وٽس پهچي
پنهنجي عقيدت جا نذرانا پيش ڪندا هيا، عربستان جي
مسلمانن بهرحال سندس رحمت ۽ روحاني هئڻ جي اعزاز
تي اعتراض ڪيو هو؛ باقي عربستان توڙي فارس جي
راڻين سندس روحاني عظمتن کي تسليم ڪيو هو ۽ ننڍي
ٿوڊوسيَس پڻ سائمن سان ضروري صلاح مشورا ڪيا هيا
جيڪي ڪليسا ۽ ملڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾
هيا. سندس مڙهه توڙي ان سان لاڳاپيل ٻيا تبرڪ
ٽيلينيسا جي جبل منجهان هڪ وڏي جلوس جي شڪل ۾ کنيا
ويا جنهن جي اڳواڻي اتان جي بزرگ ۽ سردار ڪئي جيڪو
اوڀر جو ماسٽر جنرل هيو، ڇهه پادري، ايڪويهه
مئجسٽريٽ ۽ ڇهه هزار سپاهي جلوس ۾ ساڻس گڏ ٿي
هليا، تان جو اهو اعزاز انتاڪيا (ائنٽئڪ) کي مليو
جتي کيس دفنايو ويو ۽ بعد ۾ ائين چيو ويو ته
ائنٽئڪ کي هڪ بي بها هيرو مليو هو جيڪو ان شهر جي
دفاع ۽ حفاظت جو ضامن هو. اهڙن تارڪ دنيا ويراڳين
جي ڪري اصل حوارين ۽ شهيدن جي شهرت ۾ گهٽتائي
ايندي وئي، عيسائي پنهنجي بزرگن جي مقبرن آڏو
عقيدت مان ويندا رهيا ۽ سندن تبرڪن جي باري ۾
معجزن جو تعداد وڌندو رهيو جنهن جو تعلق سڌو سنئون
سندن روحاني دنيا سان هيو. پر سندن زندگيءَ جي
سونهري يادگار(73) کي سندن ڀائرن ۽ برادري وارن جي
سادگيءَ(*) جي ڪري ماڻهن کي اهو اعتبار ڏياريو ويو
ته مصر يا شام جي ڪنهن به ويراڳي جي ٿوري به
دلپسندي يا ارادي جي اچانڪ تبديلي به ڪائنات جي
قانونن ۾ تبديلي يا ڦير ڦار جو باعث ٿي سگهي ٿي.
الله جا پيارا اهڙا هيا جيڪي پراڻين بيمارين کي به
فقط هٿ جي ڇُهاءَ، هڪ لفظ جي چوَڻ يا پري کان
پيغام موڪلڻ ذريعي ٺيڪ ڪري ٿي سگهيا ۽ انسانن
منجهان، جنن ۽ شيطانن، جن مٿن قبضو ڪيو هو، کي تڙي
ڪڍي ٿي سگهيا. اُهي جهنگلن ۽ بيابانن جي شينهَن ۽
نانگن سان بي ڌڙڪ مُنهن مقابل ٿيندا هيا ۽ کين
جيڪو به حڪم ڏيندا هيا ته اُهو کين مڃڻو پوندو هو،
کين اها به طاقت هوندي هئي ته سُڪل وڻ جي ٿُڙ کي
ٻيهر سرسبز ڪري ڇڏيندا هيا، لوهه کي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ
کان روڪي ڇڏيندا هيا، نيل نديءَ کي واڳونءَ مٿان
وهائي ڇڏيندا هيا ۽ باهه جي کُوري ۾ ويهي ڪري به
مزا ماڻيندا رهندا هيا. هن قسم جا قصا ۽ ڪهاڻيون،
گهڻي قدر فرضي ۽ اجايون ٿيون لڳن ۽ عقل يا فهم کان
بلڪل خالي آهن، دليل، منطق ۽ عقيدي جي اصولن جي
بلڪل خلاف آهن ۽ جن عيسائين جي اخلاقي قدرن کي
ڪافي نقصان پهچايو آهي. سندن سادگي کين اخلاقي طور
هيٺ ڪيرائي ۽ سندن ذهني صلاحيتن کي ناڪام بنائي
ڇڏيو، اُنهن تاريخ جي شاهديءَ کي بري طرح متاثر
ڪيو ۽ وهمن وسوسن، فلسفي ۽ سائنس جي روشن مشعل کي
وِسائي ڇڏيو. هر قسم جي مذهبي عبادت جيڪا سندن
بزرگ ڪندا هيا ۽ هر پُراسرار فلسفو جنهن ۾ سندن
يقين هو، کي خدائي الهام جو سرٽيفڪيٽ حاصل هو ۽
جيڪي به بهادري ۽ انساني عظمت وارا قدر هيا، اُنهن
کي ويراڳين جي بزدلي ۽ انساني نِيچائيءَ تباهه ڪري
ڇڏيو هو. جيڪڏهن اهو ممڪن هجي ۽ ان وقفي جو جائزو
وٺي سگهجي جيڪو سِسرو جي فلسفياڻين تحريرن ۽
ٿوڊوريٽ جي مقدس روايت يا وري ڪاٽو ۽ سائمن جي
ڪردار جي وچ ۾ گذريو هو ته پوءِ اسان کي شايد
آسانيءَ سان ان انقلاب جي باري ۾ خبر پئجي ويندي
جيڪو پنج سؤ سالن ۾ روم جي شهنشاهت ۾ برپا ٿيو هو.
II
عيسائيت جي ترقي جو دارومدار ٻن شاندار ۽
فيصلائتين سوڀن تي آهي: هڪ روم جي شهنشاهت جي عياش
۽ علم رکندڙ شهرين ۽ ٻيو سيٿيا ۽ جرمني جي ويڙهاڪ
بربرن تي، جن شهنشاهت کي اونڌو ڪري ڇڏيو هو ۽ روم
وارن جو مذهب اختيار ڪري ورتو هو. نَون وحشتي مذهب
اختيار ڪرڻ وارن ۾ گاٿ سڀني کان اڳرا هيا ۽ روم
وارا اُن ماڻهوءَ جا بيحد احسان مند هيا جنهن جي
ڪري ايڏي وڏي تعداد ۾ ماڻهن عيسائي مذهب قبول ڪيو
هو ۽ جنهن جي احسانن کي ايندڙ نسل ڪڏهن به وساري
نه سگهندو. روم جي ڪيترن ئي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي
گاٿن جي لُٽيرن قيد ڪري ڇڏيو هو جن گئلئينَس(*) جي
وقت ۾ ايشيا کي تاراج ڪري ڇڏيو هو ۽ هنن قيدين
منهجان وڏو تعداد عيسائين جو هو ۽ جن مان وري
ڪيترائي ڪليسا سان تعلق رکندا هيا. اُهي غلامن جو
روپ اختيار ڪري پنهنجي مرضيءَ سان تبليغ ڪندا،
ڊئسيا جي ڳوٺن ۾ هليا ويا جتي هنن پنهنجن آقائن کي
قيد مان آزاد ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون. هنن
جيڪي انجيل جي تعليم جا ٻِجَ ڇَٽيا، اُهي هر طرف
پکڙجي ويا ۽ هڪ صدي ختم ٿيڻ کان اڳ سندن تبليغ جو
مقدس ڪارنامو عمل ۾ آيو جنهن کي اُلفيلَس تڪميل جي
منزل تائين پهچايو، جنهن جا ابا ڏاڏا ڪپاڊوشيا جي
ننڍي شهر ۾ رهندا هيا پر کيس تبليغ لاءِ دنيوب کان
به اڃا اڳڀرو روانو ڪيو ويو هو.
اُلفيلَس گاٿن جو حواري ۽ پادري هيو(74)، هن
پنهنجي پاڪ صاف زندگي ۽ اڻٿڪ محنت ۽ جوش جذبي سان
ماڻهن جون دليون موهي ورتيون هيون جيڪي سندس بيحد
عزت ڪندا هيا ۽ جيڪو به سچائي ۽ نيڪ عملن وارو
سندس ڪردار هوندو هيو ته ماڻهو مٿس مڪمل اعتماد
ڪندي سندس ڪمن جي پيروي ڪندا هيا ۽ جيڪا تبليغ هو
منجهن ڪندو هو ته فورن ائين ڪندا هيا جيئن
اُلفيلَس کين چوندو هو. هن وڏي محنت ڪري مقدس
ڪتابن جو مقامي زبان ۾ ترجمو ڪيو جيڪا جرمني يا
ٽيوٽونڪ لهجن سان ملندڙ جلندڙ هئي پر هن وڏي دؤر
انديشي ڪندي بادشاهن بابت لکيل چئن ڪتابن کي ماڻهن
کان لڪايو هو ڇاڪاڻ ته کيس خدشو هو ته متان اُنهن
ڪتابن جي ظاهر ٿيڻ تي بربرن جي خونخوار طبيعت ۾
چِڙ ۽ ڪاوڙ نه پيدا ٿي پوي. سپاهين ۽ ريڍارن جي
رُکي ۽ اڻ گهڙيئي لهجي ۽ طور طريقي کي، هن گهڻي
ڀاڱي نرم ڪيو جيڪي اڳ ڪنهن به روحاني ڳالهه ٻڌڻ
لاءِ نه ته تيار هوندا هيا ۽ نه وري ان کي سمجهڻ
جي منجهن صلاحيت هئي. اُلفيلَس، پنهنجن ترجمن کي
شايع ڪرڻ کان اڳ، مقامي زبان جي نئين الف- ب يا
لپي ٺاهي جنهن ۾ چوويهه اکر هيا جن ۾ چار اکر هن
پنهنجي طرفان ايجاد ڪيا هيا جن ذريعي مخصوص اُچار
ڪڍي سگهبا هيا جيڪي اڳ يوناني ۽ لاطيني اُچارن ۾
شامل نه هيا(75). پر اوچتو گاٿن جي خوشحال ڪليسا
کي ڪا اهڙي نظر لڳي وئي جو ان ۾ اندروني اختلاف
وڌي ويا ۽ جنگ جهڙو ماحول برپا ٿي ويو. ڪليسا جا
مکيه ماڻهو ذاتي ۽ مذهبي معاملن تي هڪ ٻئي سان
ٽڪرجي پيا. فرٽيجرن، جيڪو روم وارن جو دوست هو،
اُلفيلس جي اثر هيٺ نئون مذهب اختيار ڪيو، جڏهن ته
ضِدي اَٿنارِڪ شهنشاهت کان ئي نفرت ڪندو هو ۽ نه
وري مقدس ڪتاب ۾ سندس عقيدو هو(*). مذهب ۾ نوَن
داخل ٿيندڙن جي عقيدي جو امتحان کين اذيتون ڏئي
ورتو ويندو هو. هڪ گاڏيءَ تي جنگ ۽ طاقت جي ديوتا
جو بُت (بغير شڪل جي) نمايان ڪري رکيو ويندو هو يا
وري ڪڏهن طاقت جي ديوتا ٿور جي تصوير رکي ويندي
هئي ۽ ان گاڏيءَ کي جلوس جي شڪل ۾ گهٽين ۾ گهمايو
ويندو هو ۽ جيڪي باغي ماڻهو پنهنجن ابن ڏاڏن جي
خدا کي مڃڻ کان انڪار ڪندا هيا ته اُنهن کي سندن
پوري ڪٽنب سميت باهه ۾ ساڙيو ويندو هيو. اُلفيلَس
جي سٺي ڪردار کيس مجبور ڪيو ته هو هن سلسلي ۾ اوڀر
جي عدالت جو دروازو کڙڪائي جتي هو اڳ ۾ ٻه دفعا
امن جي سفير جي حيثيت ۾ پيش ٿي چڪو هو، هن اذيت ۾
آيل گاٿن جو ڪيس ڪورٽ ۾ داخل ڪيو جن وئلنس جي
حفاظت ۾ رهڻ جي درخواست پيش ڪئي ۽ روحاني رهبر تي
حضرت موسيٰؑ جو نالو رکيو ويو جنهن پنهنجن ماڻهن
کي دنيوب جي اونهي پاڻيءَ مان اُڪاري صلح ۽ سڪون
واري هنڌ تي وڃي پهچايو هو(76). عقيدتمند ريڍار ۽
ڌنار، جن جو اُلفيلس سان روحاني لاڳاپو ٿي ويو هو،
نئين ماحول ۽ هنڌ سان مانوس ٿي ويا جيڪو ميسيا جي
جبلن جي پاسن کان هيو، جتي ڪشاده چراگاهه ۽ جهنگل
هيا جيڪي سندن ڍورن ڍڳن ۽ ڌڻن جي چَرڻ لاءِ نهايت
ئي مناسب هيا ۽ هاڻي پاڻ کي خوشحال محسوس ڪرڻ لڳا
۽ پاڙي وارن صوبن مان اناج ۽ شراب خريد ڪري مزا
ماڻڻ لڳا. هي بي ضرر ۽ معتبر بربر چپ چاپ ۽ سڪون
سان پنهنجي زندگي گذارڻ لڳا ۽ مذهبي طور تي اُهي
عيسائيت سان لاڳاپيل رهيا(77).
وزيگاٿ سندن برادريءَ جا خطرناڪ ماڻهو هيا جن جو
مذهب ساڳيو رومي ماڻهن وارو هو جن سان هو جنگ،
دوستي ۽ سوڀن حاصل ڪرڻ جا تعلقات قائم رکيو ٿي
آيا. پنهنجي ڊگهي ۽ فتحن واري پيش قدمي ۾ جيڪا هنن
دنيوب ندي کان شروع ڪري ائٽلانٽڪ سمنڊ تي وڃي ختم
ڪئي، هنن پنهنجن اتحادين کي مذهب مٽائڻ تي مجبور
ڪيو، نئين نسل کي تعليم ڏياري ۽ جيڪو جوش جذبو
اَلارِڪ جي ڪئمپ يا ٽولوز جي محل ۾ هيو، اُنهيءَ
روم ۽ قسطنطنيه جي محلاتن کي يا ته سڌاريو ۽
سنواريو يا وري اُنهن کي ذليل ڪري ڇڏيو(78). ساڳئي
عرصي دؤران ذري گهٽ سڀني بربرن عيسائيت جو مذهب
اختيار ڪري ڇڏيو هو جن، اولهه جي شهنشاهت جي تباهه
ٿيڻ کان پوءِ، پنهنجون جدا جدا بادشاهتون قائم ڪري
ڇڏيون هيون: برگنڊي وارن گال ۾، سُووي قبيلي جي
ماڻهن اسپين ۾، وئنڊلن آفريڪا ۾، آسٽروگاٿن پنونيا
۾، تانجو ڀاڙيتو فوجين جي مختلف ٽولن پڻ اُڊئسر کي
بادشاهه بنائي کيس اٽلي جي تخت تي ويهاري ڇڏيو.
جرمني ۽ برطانيه جا مختلف قبيلا (جيڪي فرئنڪ ۽
سئڪَنس سڏبا هيا) اڃا تائين لادينيت طرف مائل هيا،
پر فرئنڪن به پنهنجي بادشاهت گال ۾ قائم ڪري ڇڏي
ڇاڪاڻ ته اُنهن ڪلووِس جي مثال جي پيروي ڪئي هئي ۽
برطانيه سئڪسن فاتحن کي روم جي تبليغي جماعتن سندن
وحشي عقيدن ۽ وهمن وسوسن مان ٻاهر ڪڍي کين پنهنجي
مذهب ڏانهن آماده ڪري ڇڏيو هو. هنن بربرن جن نئين
سر پنهنجو مذهب تبديل ڪيو هو پنهنجي نئين دين جي
تبليغ لاءِ اهم ۽ جوشيلو ڪردار ادا ڪيو. ميرووِنجن
جا بادشاهه ۽ اُنهن جي پوئلڳن چارليمئگني ۽ اوٿوس
عيسائيت جي حڪومت جي حدن کي پنهنجن قانونن توڙي
سوڀن ذريعي وڌائي ڇڏيو. انگلنڊ پنهنجي طرفان
جرمني(†)
کي حواري ڏنا ۽ انجيل جي روشني رائين جي ڀرپاسي
وارن ملڪن کان ٿيندي ايلب، وسٽولا ۽ بالٽڪ تائين
ڦهلجي وئي(79).
جن سببن جي ڪري بربرن جي اڪثريت متاثر ٿي عيسائيت
کي اختيار ڪيو هو، اُنهن جو في الحال اندازو نٿو
لڳائي سگهجي. اُهي ڪڏهن پنهنجو عزم يا ارادو
بدلائڻ ۾ دير نه ڪندا هيا، ڪڏهن ڪو خواب ڏٺائون،
وهم وسوسي جي ڪيفيت مان گذريا، سامهون ڪو معجزو
نظر آيُن، يا هڪ اعتقاد رکندڙ زال جي جلوَن کين
متاثر ڪيو يا ڪا عبادت ڪندي ڪنهن خوش نصيبي جي
ڪيفيت مان گذريا يا ڪنهن خطري جهڙي صورتحال پيدا
ٿي پئي ته هر حال ۾ هر معاملي کي عيسائين جي خدا
ڏانهن رجوع ڪندا هيا(80). تعليم جي باري ۾ سندن
رايا به تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ معاشري جي ڪري
تبديل ٿيندا رهيا، پر ويراڳين جي سٺي اخلاق ۽
ڪردار سبب مقدس ڪتاب جا اصول ۽ متا اڻمِٽ ۽ محفوظ
رهيا ۽ تبرڪن جي طاقت ۽ مذهبي عبادت جي شان شوڪت
سبب روحانيت واري دين جي پوري پٺڀرائي ٿيڻ لڳي. پر
ذهني طاقت يا دليلن سان ڪنهن کي قائل ڪرڻ، جنهن جي
لاءِ هڪ سئڪسن پادري(81) هڪ مشهور بزرگ کي مشورو
ڏنو هو، شايد ضروري ٿي وڃي ڇاڪاڻ ته تبليغ ڪندڙن
لاءِ خاص طرح لامذهبن کي مڃرائڻ لاءِ دليل ۽ منطق
ڪڏهن بيحد ضروري ٿي پوندو آهي. ’مڃو کڻي‘، هڪ
دورانديش دليل باز چوي ٿو، ”هو پنهنجن ديوتائن يا
ديويُن جي نفساني خواهش يا اُنهن جي حسب نسب بابت
جيڪو ڪجھ به چون ٿا ته تسليم ڪريو ته اُهي هڪ ٻئي
مان وڌن ويجهن ٿا. هن اصول مان خود اندازو لڳايو
ته هو ڪيڏا نه نامڪمل آهن ۽ اُنهن ۾ ڪيتريون نه
انساني ڪمزوريون آهن کين اهو يقين ته آهي ته هو
ڄاوا هيا پر ان تي يقين نه اٿن ته هڪ ڏينهن ضرور
مرندا. ڪهڙي وقت، ڪنهن ذريعي سان ۽ ڪهڙي سبب ڪري
سڀني کان وڏي عمر جا ديوتا يا ديويون پيدا ٿيون
هيون؟ اُنهن جو سلسلو اڃا جاري آهي يا ختم ٿي ويو
۽ سندن وڌڻ ويجهڻ کي به ٻُنڊو اچي ويو؟ جيڪڏهن
سندن وڌڻ جو سلسلو بند ٿي ويو آهي ته پنهنجن
مخالفن کي سڏ ڪر ۽ کانئُن پڇا ڪري پَڪ ڪر ته اها
تبديلي ڇو آئي؟ پر جي سندن سلسلو اڃا جاري آهي ته
پوءِ ديوتائن جو سلسلو اڻ کُٽ هوندو ۽ ڇا اها
ڳالهه اسان جي لاءِ غير فطري ۽ غير منطقي نه هوندي
ته نادانيءَ مان هڪ ڪمزور ۽ بي اثر ديوتا جي عبادت
ڪجي ۽ جيڪو ان کان وڌيڪ طاقتور ۽ مٿاهون هجي ان جي
حسد ۽ دشمنيءَ کي به دعوت ڏجي؟ ظاهري جنت توڙي
ڌرتي ۽ ڪائنات جو سڄو نظام جنهن کي اسان جو دماغ
سوچي يا تصور ۾ آڻي سگهي ٿو، ڇا ان نظام کي پيدا
ڪيو ويو هيو يا اهو اصل کان ۽ دائمي آهي؟ جيڪڏهن
ان کي پيدا ڪيو ويو هو، ته پوءِ ديوتا تخليق ٿيڻ
کان اڳ ڪيئن ۽ ڪٿي هيا ۽ ڪيئن وجود ۾ آيا؟ جيڪڏهن
نظام دائمي ۽ ابدي هيو ته پوءِ اُهي ان خودمختيار
۽ اڳ ئي وجود ۾ آيل دنيا جا شهنشاهه ڪيئن بڻيا؟ هي
منطقي دليل اُنهن جي آڏو نرمي ۽ سٺي رَويي سان وڃي
پيش ڪر ۽ مناسب وقفن سان عيسائيت جي الهامي مذهب
هئڻ جي سچائيءَ بابت وڃي کين سمجهاءِ ۽ اها ڪوشش
ڪر ته جيڪي لادين آهن ۽ حقيقت کان انڪار ڪن ٿا،
اُهي پنهنجي حماقت تي جيئن شرمندا ٿين پر اهو خيال
ضرور رکجانءِ ته جيئن هو ناراض نه ٿين“. هن قسم جي
فلسفياڻي دليل بازي جيڪا جرمني جي سادڙن بربرن جي
سوچ ۽ فهم کان گهڻي مٿاهين هئي، بهرحال پوري تصديق
سان تسليم ڪئي وئي جنهن کي ماڻهن دل ۽ دماغ سان
مڃي ورتو. دنيا جي عارضي اختيار جي فائدن لادينن
جي موقف يا منطق کي ڪافي نقصان رسايو هو ۽ اهو
منطق خودبخود عيسائي دنيا ڏانهن منتقل ٿي ويو هو.
خود رومين، جيڪي هن ڌرتيءَ جي گولي تي سڀني کان
وڌيڪ مهذب ۽ طاقتور هيا، پنهنجا قديمي وهم وسوسا
ترڪ ڪري ڇڏيا هيا، ۽ جيڪڏهن سندن زوال طرف ويندڙ
شهنشاهت کي هنن نئين مذهب جي ڪاميابي جي ڪري خاتمي
جو سبب ٿي سمجهيو ته اها بي عزتي ۽ سندن ذلت ته
تڏهن ٿي چڪي هئي جڏهن سوڀون حاصل ڪندڙ گاٿَ
عيسائيت جو مذهب اڳ ۾ ئي اختيار ڪري چڪا هيا.
بهادر ۽ ڀاڳ ڀرين بربرن، جن اولهه جي صوبن کي
فتحون حاصل ڪري پنهنجي تابع بنائي ڇڏيو هو، پڻ
پنهنجن صفن ۾ ساڳين اخلاقي ۽ روحاني سڌارن جو عمل
جاري ڪري ڇڏيو هو. چارليمئگني جي دؤر کان اڳ يورپ
جون عيسائي قومون سُکن ۽ عياشين ۾ هڪ ٻئي سان
مقابلو ڪنديون هيون ڇاڪاڻ ته وٽن قدرت طرفان عطا
ڪيل اهڙين زمينن جي ملڪيت هٿ اچي وئي هئي جتي
بهترين ۽ خوشگوار آبهوا موجود هئي، وٽن زرخيز زمين
هئي جتي اَن، شراب ۽ تيل پيد اٿيندو هو جڏهن ته
جهنگلي بت پرستن ۽ سندن بتن وٽ، زمين جا ويران ۽
اونداها ڇيڙا سندن ڪل ملڪيت هيا ۽ ان کان سواءِ
اُتر جا برف ۾ ڄميل حصا سندن مقدر ۾ آيا هيا(82).
عيسائيت، جنهن بربرن لاءِ بهشت جا دروازا کولي
ڇڏيا هيا، پنهنجي اخلاقي ۽ سياسي حالتن ۾ هڪ اهم
تبديلي آڻي ڇڏي هئي. هنن ساڳئي وقت اکرن جي
استعمال تي توجهه ڏنو جيڪو ڪنهن مذهب لاءِ بيحد
ضروري هوندو آهي ۽ خاص طرح ان مذهب لاءِ جنهن جا
اصول ۽ مَتا هڪ مقدس ڪتاب ۾ درج ٿيل آهن ۽ جڏهن ته
هنن خدائي سچائيءَ جو مطالعو ٿي ڪيو ته لازمي طور،
تاريخ، جي مطالعي فطرت ۽ قدرت جي فنپارن ۽ سماج تي
فقط پري کان غور ڪرڻ ذريعي ئي سندن دماغي وسعت
ڪافي وڌي وئي هئي. ٻيو وري مقدس ڪتابن جي مقامي
زبان ۾ ترجمي سندن گفتگو ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي جي ڳالهه
سمجهڻ ۽ سمجهائڻ کي آسان بنائي ڇڏيو هو ۽ ان ڪري
وري مذهبي ماڻهن ۾ اهو تجسُس پڻ پيدا ٿيو ته اصلي
متن، جنهن تان ترجمو ڪيو ويو هو، کي ضرور جاچن ته
جيئن ڪليسا ۾ عبادت ڪرڻ جو صحيح طريقو معلوم ٿي
سگهي ۽ ڪليسائي روايتن جي به ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ۽
جيڪي درويش ۽ بزرگ هيا اُنهن جي تحريرن جو جائزو
پڻ وٺي سگهجي. اهڙا روحاني تحفا يوناني ۽ لاطيني
زبان جي ڪتابن ۾ محفوظ هيا جن ۾ قديم زماني جا
اهڙا ته ڪمال جا علم ۽ حڪمتون لڪل هيون جن جي
مُلهه ۽ معيار جو ڪاٿو هرگز نٿو ڪري سگهجي جيئن
ورجل، سِسرو ۽ لِوي جون تحريرون ۽ ناياب پيشڪشون
جيڪي اڳ فقط عيسائي بربرن تائين محدود هيون جن ۾
ان دؤر جو خاموش ذڪر هيو جنهن ۾ آگسٽس، ڪلووِس ۽
چارليمئگني هڪ ٻئي سان پنهنجن خيالن ۽ تجربن جي ڏي
وٺ ڪندا هيا. انسان ذات اهڙي ڪامياب دؤر ۽ مڪمل
رياست جي مڃيل اصولن مان اهڙين تحريرن ذريعي لاڀ
ٿي حاصل ڪيو ۽ مغربي دنيا جي ان زماني جي حڪومتي
حڪمت عملي ۽ دورانديشي جي نقطن تي عمل ڪندي پنهنجي
دؤر جي سائنسي علم جي مشعل کي روشن ٿي رکيو. مثال
طور عيسائيت جي ڪيتري به بگڙيل حڪومت ۾، بربرن کي
انصاف ڪرڻ وقت قانون جي ڪتابن کي کولڻو پوندو هو ۽
انهن منجهان رهنمائي حاصل ڪندا هيا ته ساڳئي وقت
رحم ڪرڻ وقت انجيل مقدس ڏي رجوع ڪندا هيا ۽ ان جي
باوجود به جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه کي عملي جامو پهرائڻ
لاءِ سندن ڄاڻ اڻپوري هوندي هئي ۽ سندن رهبري نه
ٿي سگهندي هئي ته سندن ضمير ڪنهن اُٻهري عمل ڪرڻ
کان کين روڪيندو هو، پر جي اُٻهرائپ ۾ ڪو اهڙو ڪم
ڪري ويندا هيا جيڪو ضمير جي رهبري جي خلاف هوندو
هو ته کين پڇتاءَ ۽ ندامت جي لاڳيتي سزا ملندي
رهندي هئي. پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته مذهب جا
اختيار ايترا طاقتور نه هوندا هيا جيترا ذاتي رشتن
۽ روايتن جا سندن پنهنجي عيسائي برادريءَ سان
هوندا هيا ۽ اُهي اختيار هڪ ٻئي سان سندن روحاني
دوستيءَ وارا هوندا هيا. اهڙن روَين جي اثر روم جي
رهواسين جي لاءِ هڪ ٻئي سان همدردي ۽ وفاداري جا
جذبا پيدا ڪيا ته جيئن جنگ جي وحشتناڪين کي گهٽ
ڪري سگهجي ۽ سوڀن واري تڪبر کي به ڪجھ ماٺار ۾
آڻجي ۽ شهنشاهت جي زوال جي صورت ۾، گهٽ ۾ گهٽ روم
جي ناميارن ادارن جي لاءِ دائمي عزت ۽ سندن احترام
کي يقيني بڻايو وڃي. لادينيت جي ڏينهن ۾ گال ۽
جرمني جا پادري ماڻهن مٿان حڪومت ڪندا هيا ۽
مئجسٽريٽن مٿان پڻ حڪم هلائيندا هيا ۽ نئين مذهب ۾
داخل ٿيندڙ جوشيلا نوجوان پڻ عيسائي پادرين ۽ بشپن
جي حڪمن جي مڪمل تابعداري ڪندا هيا. سندن ظاهري يا
دنياوي مٿاهين حيثيت، پادرين جي ڪردار جي حفاظت
ڪندي هئي ڇاڪاڻ ته سپاهين ۽ آزاد ماڻهن جي قانون
ساز اسيمبلين ۾ پڻ اُنهن جي جڳهه مخصوص ٿيل هوندي
هئي ته جيئن خطرناڪ ۽ ويڙهاڪ بربرن جي جوش کي ٿڌو
رکن ۽ کين صلح ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ نيڪ مشورا
ڏيندا رهن. لاطيني مذهبي ماڻهن جي ڪوششن، روم ۽
جيروسلم جي زيارت ڪرڻ ۾ پادرين جي اختيارن کي جاري
رکيو ۽ عيسائي ملڪن جو پاڻ ۾ ايڪو ۽ اتحاد رهيو ۽
اهو تعاون ۽ يڪجهتي وارو ماحول ڄڻ ته هڪ قانون جي
شڪل وٺي ويو جنهن روم کي، ٻي سڄي دنيا توڙي جديد
يورپ جي قومن يا ٻين آزاد ۽ مخالف ملڪن جي مقابلي
۾ وڌيڪ نروار ۽ مضبوط بنايو آهي.
پر هنن سببن کي اڳتي وڌائڻ جو عمل نه رڳو سُست ٿي
ويو پر بنهه رڪجي ويو ڇو ته هڪ اهڙو بدقسمتيءَ جو
واقعو ٿي پيو جنهن سڄي نجات ۽ ڇوٽڪاري جي پيالي ۾
ڪو موتمار زهر ملائي ڇڏيو. اُلفيلَس جا شروعاتي
جذبا ڪهڙا به هجن، پر شهنشاهت توڙي ڪليسا سان سندس
تعلقات آريَن دؤر ۾ قائم ٿيا. گاٿن جي حواري،
رِمني مذهب جي پٺڀرائي ڪئي جيڪو کليل آزادي ۽ خلوص
سان وڏي واڪ چوندو هو ته پُٽ (يعني حضرت عيسيٰؑ)
ڪنهن به طرح سان پيءُ جو مقابلو نٿو ڪري سگهي ۽ نه
وري برابري جو دعويدار ٿي سگهي ٿو(83)، ۽ هو اهي
ڳالهيون عام ماڻهن توڙي مذهب جي دعويدارن کي به
ٻڌائيندو هو ۽ بربرن کي لادينيت طرف(84) آماده
ڪندو هو جنهن تي وڏي ٿوڊوسيَس رومين لاءِ ان تي
پابندي وجهي ڇڏي. مذهب ۾ نوَن داخل ٿيندڙن جو مزاج
توڙي سمجهڻ جون صلاحيتون اهڙيون نه هيون جو هو
مابعدالطبيعات يا منطق ۽ دليل جي ڳالهه کي پرجهي ۽
پروڙي سگهن پر اُنهن کي عيسائيت بابت جيڪي نج ۽
اصلي اصول ۽ متا مليا هيا اُنهن جي پوري خلوص سان
پابندي ۽ حفاظت ٿي ڪيائون. نئين مذهب اختيار ڪندڙن
کي مقدس ڪتابن جي تبليغ ڪرڻ ۽ اُنهن جي پيغام کي
هر طرف پکيڙڻ جو وڏو فائدو ان ڪري مليو جو اُنهن
جو مقامي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو هو ۽ هي سڄو
ڪارنامو اُلفيلس ۽ سندس پوئلڳن جو هو جنهن ڪري
حوارين کي پنهنجي مذهب کي ڦهلائڻ جو موقعو مليو
جنهن ۾ پادرين توڙي نائب پادرين کي پنهنجي برادري
جي ماڻهن ۾ پيغام پهچائڻ ۽ سندن خدمت ڪرڻ جي کين
سعادت ملي. آسٽرو گاٿن، برگنڊي جي ماڻهن، سووِي ۽
وئنڊلن، جن به لاطيني تقرير جي ماهرن(85) کي
ڳالهائيندي ٻڌو هو، اُنهن جي مقابلي ۾ هنن پنهنجن
مقامي استادن کي وڌيڪ اهميت ڏني هئي ڇاڪاڻ ته اُهي
سندن پنهنجي زبان ۾ ساڻن مخاطب ٿيندا هيا ته اُهي
ڳالهيون وڌيڪ واضح ٿي کين آسانيءَ سان سمجهه ۾
اينديون هيون ۽ آريائي مذهب کي قومي عقيدي جي
حيثيت ۾ تسليم ڪيو ويو جنهن ۾ وڌيڪ حصو اُنهن
جوشيلن نوجوانن ورتو جيڪي جنگجُو هيا ۽ اولهه جي
شهنشاهت جي تباهيءَ کان پوءِ بادشاهه جون جايون
والاريون ويٺا هيا. مذهب ۾ جيڪو وڏو تفرقو پئجي
چڪو هو ان حسد ۽ نفرتن جي باهه کي دائمي طور
ڀَڙڪائي ڇڏيو هو ۽ بربرن طرفان ڦِٽ لعنت جي ماحول
کي لادينيت جي لاڙن وڌيڪ بگاڙي ڇڏيو هو. اتر جي
سپوتن، جن بيدليءَ سان مڃيو هو ته سندن ابا ڏاڏا
سڀيئي دوزخ جي باهه ۾ پڄري رهيا هيا(86)، کي جڏهن
معلوم ٿيو ته هنن ته پنهنجي طرفان فقط کين دائمي
نِندڻ جو طريقو بدلايو هو ته کين حيرت به ٿي ۽ ان
طريقي تي کين سخت ڪاوڙ به آئي. بجاءِ داد ۽ آفرين
جي، جنهن جا عيسائي بادشاهه پنهنجن سردارن کان
وصول ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا هيا، پر هتي جيڪي سخت
مذهبي پادري ۽ سندن پوئلڳ هيا اُنهن طرفان آرين
مذهب توڙي اُنهن جي ڪورٽن جي سخت مخالفت ڪئي وئي ۽
سندن ناداني واري مخالفت جو دائرو جڏهن حد کان وڌي
ويو ته اُهو خطرناڪ ڏوهن ڪرڻ جي امڪان تائين هليو
ويو(87). مِمبر يا تقرير ڪرڻ جي جڳهه، جيڪا بغاوت
کي اُڀارڻ لاءِ محفوظ ۽ مناسب جڳهه هوندي هئي،
فرعون ۽ هولوفرنيس(*)(88) جي نالن ۽ نعرن سان
گونجڻ لڳي ۽ ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ ناراضگيءَ کي اُميد ۽
ڇوٽڪاري جي شاندار واعدن سان ويتر تيز ڪيو ويو ۽
بغاوت ڪندڙ بزرگن سندن پنهنجين ئي پيشنگوين جي
تڪميل ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن چڙ
ڏياريندڙ واقعن جي باوجود آرين جي حڪومت ۾، گال،
اسپين ۽ اٽلي جي ڪئٿولڪ عيسائين، پنهنجي مذهب جي
آزادي ۽ سڪون جي ماحول کي خوب ٿي ملهايو. سندن ضدي
مالڪن، ماڻهن جي ان جوش ۽ ولولي جي خلوص سان آجيان
ٿي ڪئي ڇو ته عوامي جوشيلن عزم ڪيو ته هو پنهنجي
مقصد ماڻڻ لاءِ قربان گاهن تي وڃي پنهنجو سِر
قربان ڪرڻ لاءِ به تيار هيا ۽ سندن عزم جي اهڙي
اظهار ۽ عقيدت تي بربرن طرفان نه رڳو سندن تعريف
ڪئي وئي پر اُنهن به سندن مثال جي پيروي ڪئي.
فاتحن ڪوشش ڪئي ته ماڻهن جي لعنت ملامت کان بچن ۽
اُنهن اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو هراس ۽
ڏهڪاءُ کان نٿا ڊڄن ۽ پنهنجي ان ڪيفيت جي ڀرم رکڻ
خاطر هنن ان کي برداشت جو نالو ڏنو جيڪو عيسائيت
جي امن پسندي واري تعليم کين سيکاريو هيو.
ڪڏهن ڪڏهن ڪليسا جي امن امان ۾ خلل پئجي ويندو هو.
ڪئٿولڪ نادان ۽ بربر بي صبرا هيا ۽ ڪجھ ناانصافي
وارا فيصلا جيڪي آرين مذهبي ماڻهن ڪيا هيا اُنهن
کي بنياد پرست ليکڪن وڌائي پيش ڪيو هو. وزيگاٿن جي
بادشاهه يوريڪ تي اذيتون ڏيڻ جو الزام مڙهيو ويو
هيو جنهن ڪليسائي توڙي پادرين جي مذهبي چرپر تي
پابندي وجهي ڇڏي هئي ۽ اڪئنٽين جي مشهور بشپن کي
جيل، ملڪ بدري ۽ ملڪيت جي ضبطيءَ جون سزائون ڏنيون
هيون(89). پر سڄي عوام جي ذهنن کي دٻائڻ جو
ظالماڻو ۽ حماقت وارو ڪم فقط وئنڊلن شروع ڪري ڇڏيو
هو. خود جينسيرڪ پنهنجي جوانيءَ ۾ بنياد پرستيءَ
جي جنون کي ختم ڪري ڇڏيو هيو ۽ فيصلو ڏنو هو ته هڪ
مرتد نه ته ڪنهن کي معافي ڏئي سگهي ٿو ۽ نه وري
ڪنهن کان معافي جو طلبگار ٿي سگهي ٿو. کيس آفريڪا
جي اُنهن ماڻهن تي سخت غصو آيو جيڪي جنگ جي ميدان
مان ته ڀڄي ويا هيا پر پنهجين پئنچائتن ۽ ڪليسائن
۾ سندس خواهش يا حڪمن جي مخالفت ڪري رهيا هيا ۽
سندس خطرناڪ ذهن ۾ ڪو به خوف يا اهڙن ماڻهن لاءِ
ڪو به احساس يا رحم جو امڪان ئي ڪونه هيو. ڪئٿولڪ
عيسائي، جيڪي سندس ئي رعيت جا ماڻهو هيا، سندس هڪ
طرفن قانونن ۽ ناقابل برداشت سزائن جي عذاب ۾
مبتلا ڪيا ويا هيا. جينسيرڪ جنهن زبان ۾
ڳالهائيندو هو اُها خطرناڪ ۽ دهشت واري هوندي هئي،
۽ جيڪڏهن ڪنهن کي سندس ڀوائتن ارادن ۽ نيت جي
اڳواٽ ڄاڻ پئجي ويندي هئي ته اُهي سمجهي وٺندا هيا
ته هو جيڪو به عمل ڪندو اُهو يقيني طور تي
ناسازگار ۽ ظالماڻو هوندو ۽ آرين کان ماڻهو ان ڪري
نفرت ڪندا هيا جو اُهي ماڻهن کي مارڻ ۽ قتل ڪرڻ ۾
مشهور هيا جنهن ڪري هن آمر جي حڪومت ۽ محلات ظلمن
جي اهڙن ڪمن ذريعي داغدار ٿي ويا. سمنڊ جي هن
بادشاهه لاءِ فقط هٿيار ۽ بارود ئي سندس فخر جو
باعث هيا. پر هنيرڪ، سندس نالائق پٽ، جنهن پنهنجي
پيءُ جي فقط براين کي ئي ورثي ۾ ورتو هو، پڻ
عيسائين تي ظلم ۽ ستم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، پر اُهي
زيادتيون سندس ئي ڀاءُ سندس ڀائيٽي ۽ سندس پيءُ جي
دوستن ۽ ساٿين لاءِ موتمار ثابت ٿيون، نه رڳو اهو
پر آرين سردار جي لاءِ به موت جو باعث بڻيون جو
کيس ڪارٿيج جي وچ شهر ۾ زندهه ساڙيو ويو. مذهبي
جنگ هڪ واهيات سمجهوتي کان اڳ شروع ڪئي وئي هئي،
وئنڊلن وٽ ماڻهن جون اذيتون ئي اهم ۽ مکيه موضوع
هيون ۽ هڪ ذلت واري اهڙي بيماري پيدا ٿي جنهن جلد
ئي هنيرڪ کي موت جو مزو چکرائي ڇڏيو ۽ سندس موت ڄڻ
بيشمار بيگناهن جي اذيتن جو فطري بدلو هو پر ڪليسا
جي حالت اُها ئي رهي جيڪا اڳ ۾ هئي. هنيرڪ جا ٻه
ڀائٽيا هڪ ٻئي پٺيان آفريڪا جي تخت تي ويٺا: هڪڙو
گُنڊامنڊ جنهن ٻارهن سالن تائين بادشاهي ماڻي، ٻيو
ٿراسيمنڊ جيڪو وڏو عرصو يعني ستاويهن سالن تائين
پنهنجي قوم جو بادشاهه رهيو. ٻنهي جو حڪومتي نظام
مذهب پرستن لاءِ دشمني ۽ اذيتن وارو هو. گنڊامنڊ
ته پنهنجي چاچي کان به ظلمن ۾ گهڻو وڌي ويو هيو،
پر جيڪڏهن ڪٿي هن ڪا نرمي ڏيکاري ۽ جڏهن هن پادرين
کي گهُرائي اَٿنئسيَس واري عبادت کي ٻيهر رائج ڪرڻ
جي آزادي ڏني ته عين ان وقت موت وڃي مٿس ڪڙڪيو
جنهن سندس ٿوري گهڻي رحم جا آثار به ختم ڪري ڇڏيا.
سندس ڀاءُ ٿراسيمنڊ عظيم ماڻهو هو ۽ وئنڊل بادشاهن
۾ نهايت ئي ڪامياب هو ۽ وڏي ڳالهه ته سڀني کان
وڌيڪ خوبصورت، دورانديش ۽ سخي فطرت جو مالڪ هيو.
پر سندس سخاوت واري ڪردار کي سندس بي صبري ۽ ڪنهن
کي برداشت نه ڪري سگهڻ واري جذبي ختم ڪري ڇڏيو هو
۽ سندس رحم ۽ شائستگي وارو ڪردار به اهڙو هو جنهن
تي ماڻهو ڀروسو نٿي ڪري سگهيا. هن دڙڪن داٻن ۽
اذيتن جي بجاءِ، ماڻهن کي لالچون ڏئي هرکائڻ جي
ڪوشش ڪئي. دولت، عزت ۽ شهرت ۽ شاهي مهربانيون،
سندس طرفان اُهي انعام هيا جيڪي هن مرتدن کي آڇيا
هيا ۽ ڪئٿولڪن، جن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي، کين
معافي وٺڻ جي اجازت ڏني وئي هئي پر شرط اهو هو ته
هو پنهنجو مذهب ڇڏي ڏيندا، ۽ جڏهن به ٿراسيمنڊ ڪن
سخت قدمن تي هنن سان ڳالهه ٻولهه جو سلسلو شروع
ڪيو ته هو تيستائين صبر سان ويهي انتظار ڪندو هو
جيستائين سندس مخالف پنهنجي ناداني ۽ حماقت سان
کيس شاندار موقعو پاڻ مهيا ڪري ڏين. پنهنجي مرڻ
وقت به مذهبي ڪٽرپڻو سندس ساٿي رهيو، ۽ هن پنهنجي
جانشين کان قسم تي هڪ وَچن ورتو ته هو اَٿنئسيَس
جي پوئلڳن کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندو. پر سندس
جانشين هلڊيرڪ، جيڪو وحشي هُنيرڪ جو شريف پٽ هو،
انسانيت ۽ انسان ذات جي خدمت ڪرڻ تي وڌيڪ توجهه
ڏنو ۽ پيءُ طرفان مٿس سؤنپيل ناپاڪ ۽ واهيات قَسم
جي پوئواري ڪرڻ کي هن اهميت ئي نه ڏني ۽ هو جيئن
ئي تخت تي ويٺو ته انصاف ۽ عالمي امن ۽ آزادي جو
ماحول قائم ٿي ويو جنهن جي هر طرف کان آجيان ڪئي
وئي. پر هن بااخلاق پر ڪجھ ڪمزور بادشاهه جي تخت
تي سندس سؤٽ گيليمر قبضو ڪري ورتو جيڪو هڪ جوشيلو
آرين هيو پر وئنڊلن جي بادشاهت، سندس اقتدار جي
مزن ماڻڻ کان پهريائين اونڌي ٿي وئي ڇاڪاڻ ته
بيليسئريَس پنهنجن هٿيارن ۽ طاقت جي زور تي پاڻ
بادشاهه بڻجي ويو، اهڙيءَ طرح بنياد پرستن اُنهن
زخمن ۽ ذلتن جو پلاند ورتو جيڪي کين رسايا ويا
هيا(90).
ڪئٿولڪن جون دردناڪ دانهون، جيڪي ٿيندڙ اذيتن جا
اڪيلا تاريخدان هيا، اهڙيون هيون جن جي لاءِ ڪن به
خاص سببن يا موقعن جي ضرورت ڪانه هئي پر هتي ڪجھ
ڪردارن ۽ ادارن کي جاچڻ لاءِ غير جانبداريءَ جي
ضرورت هئي، پر خاص ڳالهيون يا حالتون جيڪي اسان جي
توجهه ڇڪرائڻ يا غور ڪرڻ لائق آهن اُهي هيٺ بيان
ڪيل زمرن ۾ اچن ٿيون:
I
اصلي قانون ۾، جيڪو اڃا تائين سلامت آهي(91) ۽
هنيرڪ واضح لفظن ۾ اعلان ٿو ڪري ۽ سندس اعلان صحيح
ٿو لڳي ته هن قاعدن قانونن ۽ سزائن کي ايمانداريءَ
سان شايع ڪيو هو جن ۾ شاهي فرمانن کي واضح ڪيو ويو
هو ۽ اُهي فرمان، لادينن جي ميڙن ۽ جلسن، مذهبي
اڳواڻن ۽ اُنهن ماڻهن جي خلاف آهن جيڪي مستند مذهب
جي مخالفت ڪن ٿا. جيڪڏهن ضمير جي آواز کي ٻُڌو وڃي
ها ۽ ان جي حقن کي سمجهيو وڃي ها ته ڪئٿولڪ يقيني
طرح سان پنهنجي ماضيءَ جي ڪردار جي مذمت ڪن ها، يا
وري پنهنجين اذيتن کي خاموشيءَ سان سهندا اچن ها.
پر اُنهن اهڙين خوشين کان انڪار ڪرڻ تي زور ٿي
ڀريو جن جي هنن اڳ دعويٰ ڪئي هئي. هڪ طرف هو اذيتن
جو تصور ڪندي ئي ڪنبي ٿي ويا ته ٻي طرف هُنيرڪ
طرفان ڪيل سختين جي تعريف ٿي ڪيائون جنهن ڪيترن ئي
مئنيڪيَنس طبقي(92) جي ماڻهن کي يا ته ملڪ بدر ڪري
ڇڏيو هو يا کين ساڙائي ڇڏيو هو ۽ هنن ڊپ وچان ان
ذلت آميز صلح نامي کي به رد ڪيو هو جنهن موجب
آريَس ۽ اَٿنئسيَس جا پوئلڳ روم ۽ وئنڊلن جي حدن ۾
ڏکن ۽ اذيتن کي صبر سان سهندا(93).
II
گڏجاڻين يا ميٽنگن جو سرشتو جيڪو ڪئٿولڪن ان ڪري
شروع ڪيو هو ته جيئن پنهنجن مخالفن کي بي عزتو ڪن
۽ اُنهن کي سزائون ڏين، اُهو سرشتو هاڻي سندن خلاف
شروع ٿي چڪو هو(94). هنيرڪ جي حڪم تي چار سؤ ڇاهٺ
پادري ڪارٿيج ۾ گڏ ٿيا، پر جڏهن اُهي وڏي هال اندر
داخل ٿيا ته اهي حيران ۽ ششدر ٿي ويا جڏهن هنن ڏٺو
ته هڪ آرين جنهن جو نالو سريلا هو تخت تي ويٺو هو.
ڪجھ گوڙ ٿيو، آواز اٿيا، ڌمچر متو پر پوءِ هڪدم
فسادين کي هال مان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ هن سلسلي ۾
سانت ۽ سڪون کي واپس ڪرڻ لاءِ فوج کي استعمال ڪيو
ويو. ڪئٿولڪ پادرين منجهان هڪ شهيد ۽ هڪ تصديق
ڪندڙ کي چونڊيو ويو، اٺاويهه ڄڻا لُڙ جو فائدو وٺي
ڀڄي ويا، ۽ اٺياسي ڄڻن سندن ئي شرطن تي صلح ڪري
ورتو، ڇائيتاليهه ماڻهن کي ڪارسيڪا موڪليو ويو ته
اُتي وڃي شاهي سامونڊي فوج لاءِ ڪاٺيون ڪپي گڏ ڪن،
۽ ٽي سؤ ٻن همراهن کي آفريڪا جي مختلف علائقن ۾
ملڪ بدر ڪيو ويو جتي دشمن مٿن ٺٺوليون ۽ سندن بي
عزتيون ڪندا هيا ۽ کين زندگي جي هر دنياوي يا
روحاني راحت کان مڪمل طور تي محروم رکيو ويو(95).
ڏهن سالن جي ملڪ نيڪالي سندن تعداد کي ضرور گهٽايو
هوندو ۽ جيڪڏهن هو ٿراسيمنڊ جي قانون جي پوئواري
ڪن ها جنهن موجب ڪنهن به پادري طرفان ڪنهن جڳهه کي
مقدس ڪرڻ جي عمل تي پابندي وڌي وئي هئي ته پوءِ
آفريڪا جي مقدس ڪليسا به ائين هميشه واسطي ختم ٿي
وڃي ها جيئن سندس ميمبرن کي ڳولي ڳولي ختم ڪيو ويو
هو. پر اُنهن آڻ نه مڃي، سندن حڪم نه مڃيائون، ۽
سندن نافرماني جي سزا کين اها ملي جو ٻِي ملڪ
نيڪاليءَ ۾ وري ٻه سؤ ويهن پادرين کي سارڊينيا
موڪليو ويو جتي پندرهن سال هنن تيستائين سخت عذابن
۾ گذاريا جيستائين هلڊيرڪ تخت تي وڃي ويٺو(96).
سندن ملڪ بدري لاءِ ٻن ٻيٽن جي چونڊ آرين آمرن جي
تعصب سبب ڪئي وئي هئي. پنهنجي تجربي مان سينيڪا،
ڪارسيڪا ٻيٽ(97) جي بري حالت بيان ڪندي شايد ڪجھ
مبالغي کان به ڪم ورتو آهي ۽ سارڊينيا جي وري
تعريف ڪئي وئي آهي پر اهو به ٻڌايو ويو آهي ته
اتان جي آبهوا صاف نه هئي(98).
III
ڪئٿولڪن کي مذهب بدلائڻ جي ڪوشش ۾ جينسيرڪ ۽ سندس
پوئلڳن جي جوش، کين وڌيڪ محتاط بڻايو هوندو ته
جيئن هو وئنڊل مذهب جي نجپڻي کي برقرار رکي سگهن.
ڪليسائن جي مڪمل بند ٿيڻ کان اڳ، جيڪڏهن ڪو به
ماڻهو بربرن جي نموني وارا ڪپڙا پائيندو هو ته
اهڙو عمل ڏوهه جي زمري ۾ ايندو هو ۽ جيڪي ماڻهو هن
شاهي حڪم جي خلاف ورزي ڪندا هيا ته اُنهن جي ڄُنڊن
مان وٺي کين پوئتي گِهيلو ويندو هو(99). وڏا
آفيسر(*) جيڪي پنهنجي بادشاهه جي مذهب اختيار ڪرڻ
کان انڪار ڪندا هيا، ته هڪدم اُنهن کي سندن رتبن
تان ذلت سان هٽايو ويندو هو ۽ سندن لقب القاب به
کسيا ويندا هيا ۽ کين سارڊينيا يا سِسلي جي ٻيٽن
تي ملڪ بدر ڪيو ويندو هو ۽ کانئن غلامن وارو نيچ
ڪم ورتو ويندو هو يا وري کين چيو ويندو هو ته
اُٽيڪا جون زميون وڃي کيڙن ۽ هَرَ هلائن. اُهي
ضلعا جيڪي خاص طرح تي وئنڊلن جي حوالي ڪيا ويا
هيا، اُتي ڪئٿولڪن کي عبادت ڪرڻ جي منع هئي. نه
رڳو اهو پر کين تبليغ ڪرڻ يا ماڻهن کي مذهب مٽائڻ
جي به هرگز اجازت ڪانه هئي. اهڙي طريقي سان بربرن
پنهنجي مذهب سان نباهه ٿي ڪيو، سندن جوش جذبا عروج
تي هيا، هو رازداريءَ وارا ڪم وڏي عقيدت ۽ طبيعت
جي گرمي سان سرانجام ڏيندا هيا جيئن جاسوسي ڪرڻ،
ڳجها راز ٻين تائين پهچائڻ، ان کان سواءِ ڪنهن کي
مارڻ جو ڪم به وڏي چاهه سان ڪندا هيا ۽ جنگ جي
زماني ۾ جڏهن به کين گهوڙي سوار فوج جي ڊيوٽي
سؤنپي ويندي هئي ته انهن کي ڄڻ وندر ورونهن جو
سامان مهيا ٿي ويندو هو جو هو ڪليسائن جي بي حرمتي
وڃي ڪندا هيا ۽ مخالفن جي مذهب کي برو ڀلو چوندا
هيا ۽ سندن بي عزتي ڪندا هيا(100).
IV
اُهي شهري جن روم جي صوبن ۾ سُک ۽ عياشيءَ ۾ تعليم
حاصل ڪئي هئي، مٿن وڏا ظلم ڪندي کين اتر آفريڪا جي
مسلمانن جي حوالي ڪيو ويو. هنيرڪ جي حڪم تي
پادرين، نائب پادرين ۽ ٻين معزز ماڻهن جو وڏو
تعداد ۽ اُنهن سان گڏ چار هزار ڇهانوي ماڻهن کي،
جن جي قصور يا ڏوهه جي ڪابه خبر ڪانهي، پنهنجن
اباڻن گهرن کان بي دخل ڪري کين برپٽن ۾ موڪليو
ويو. رات جو کين چؤپائي مال وانگر پنهنجي ئي
بدبودار گند ڪچري ۾ رهايو ويو ۽ ڏينهن جو کين تَتل
واريءَ تي پنڌ ڪرايو ويو، پنڌ دؤران جيڪڏهن ٿڪجي
هو بيهوش ٿي ويا ٿي ته مٿن چهبُڪ وَسايا ٿي ويا يا
وري کين گهليو ٿي ويو تان جو اهڙي اذيت ۽ عذاب
سهندي هو ظالمن جي هٿن ۾ مري ختم ٿي ويا(101). هي
بدقسمت جلاوطن جڏهن مسلمانن جي جهوپڙن وٽ پهتا ته
انهن کي مٿن رحم آيو جن جي انسانيت نه ته بهتر ٿي
هئي ۽ نه وري مذهبي جنون سبب ابتري جو روپ ورتو هو
پر اُها اُنهن جي پنهنجي مقامي هئي. جيڪڏهن جلاوطن
ماڻهو وڌيڪ خطرن کان بچي ٿي ويا ته پوءِ به اُنهن
کي هن جهنگلي زندگي ۾ وڏو عرصو گذارڻو هو.
V
اذيتن ڏيڻ وارن لاءِ اڳ اهو لازم هوندو هو ته اهڙو
اظهار ڪن ته هو اذيتن جي ڌنڌي ۾ آخري حد تائين
ويندا. اُهي شعلي کي ٻاريندا هيا جنهن کي وري
وِسائڻ جي ڪوشش پڻ ڪندا هيا ۽ اهو لازمي هوندو هو
ته نافرمانيءَ تي سخت سزا ملندي هئي ۽ جيڪو ڪنهن
ڏوهه ۾ اڳرائي ڪندو هو ته ان جي به ساڳي سزا هوندي
هئي. ڏنڊَ به هنيا ويندا هيا پر جيڪڏهن ڪو ڏنڊ ڏيڻ
جي حيثيت نه رکندو هويا ادا نه ڪري سگهندو هو ته
قانون جو چنبو کيس وڌيڪ مضبوطيءَ سان جڪڙي ڇڏيندو
هو ۽ اهو سمجهيو ويندو هو ته ملزم ننڍن ڏوهن کي ڪا
اهميت ئي نه ڏني هئي. تنهن ڪري فقط اهميت نه ڏيڻ
تي کيس موت جي سزا ڏني ويندي هئي. تقريرن ۽ ڪهاڻين
جي پردن منجهان اسان چڱيءَ طرح ڏسون ٿا ته ڪئٿولڪن
کي خاص طرح هنيرڪ جي حڪومت جي دؤر ۾ بيحد سخت ذلت
۽ ظلم جا ڏينهن ڏسڻا پيا(102). عزت وارا شهري،
خانداني بزرگ عورتون ۽ پاڪدامن ڪنوارين کي اگهاڙو
ڪري مٿي ٽنگي بيهاريو ويندو هو. تڪليف ۽ اگهاڙي
حالت ۾ مٿن چهبُڪن جو وسڪارو ڪيو ويندو هو يا وري
لوهه جو سيخون تپائي سندن نازڪ عضون تي ان سان مٿن
ڏنڀَ ڏنا ويندا هيا. آرين طرفان سندن ڪَن، نڪ،
زبان ۽ ساڄو هٿ ڪٽيو ويندو هو، توڙي جو اهڙن مظلوم
ماڻهن جو صحيح انگ نٿو ٻڌائي سگهجي پر اهڙن ماڻهن
۾ هڪڙو پادري(103) ۽ هڪ سفارتڪار(104) شامل هيا جن
شهادت جو تاج پاتو هو. منهندار سباستين کي به
ساڳيو اعزاز مليو هو جنهن کليو کلايو اعلان ڪيو هو
ته سندس تعلق نائسين مذهب سان هيو ۽ هو آخر تائين
پنهنجي ان عزم تي قائم رهيو. جينسيرڪ کانئس نفرت
ڪندو هو ۽ هن بهادر ڀاڄوڪڙ کان هو ڊڄندو هو ته
اُهو ئي ممڪن هو ته سندس بهادر مخالف جي صورت ۾
نروار نه ٿي پوي.
VI
مذهب مٽائڻ يا اختيار ڪرڻ جو هڪ نئون سلسلو شروع
ٿي ويو جنهن ڪمزورن کي تابع ۽ بزدلن کي وڌيڪ محتاط
بڻائي ڇڏيو. هي سلسلو آرين وزيرن طرفان شروع ڪيو
ويو هيو. ڌوڪي يا تشدد سان عيسائيت جي غسل جي رسم
شروع ڪئي وئي ۽ جيڪڏهن ڪئٿولڪن طرفان اهڙي لاديني
۽ ناپاڪ رسم جي مخالفت ڪئي ويندي هئي ته کين سخت
سزائون ڏنيون وينديون هيون. عيسائي ان سمجهڻ ۾ حق
تي هيا ته بدنيتي سان غسل ڏيارڻ جي رسم مذهبي
آزادي توڙي مستند عيسائي رسمن جي روح جي خلاف
هئي(106). اڳ مخالف مذهبي نظرين طرفان هڪ ٻئي کي
غسل ڏيارڻ جي رسم جي اجازت مليل هئي ۽ هن نئين رسم
کي زور سان وئنڊلن جاري رکيو هو، دراصل ان کي شروع
ڪرڻ جو الزام ڊونئٽسٽن تي هو جن پهريون ڀيرو ان جو
مثال قائم ڪيو هو ۽ سندن ئي مشوري تي ان رسم کي
رائج ڪيو ويو هو.
VII
آرين مذهبي پيشوا ظلم ڪرڻ جي مقابلي ۾ بادشاهه
توڙي وئنڊلن کان اڳتي وڌي ويا هيا، پر منجهن اها
اهليت ڪانه هئي ته روحاني فصل جي پوک پوکي سگهن
توڙي جو سندن خواهش ۽ دعويٰ هئي ته وٽن روحانيت
موجود هئي. هڪ سردار(107) پاڻ کي ڪارٿيج جي تخت تي
ويهاري ٿي سگهيو ۽ ڪجھ پادري جيڪي وڏن شهرن ۾
رهندا هيا، پنهنجن مخالفن جون جڳهون پاڻ والاري
ويهندا هيا پر گهٽ تعداد ۽ لاطيني زبان کان اڻ
ڄاڻائيءَ سبب(108)، بربرن کي ڪنهن به وڏي ڪليسا جي
وزارت جي عهدي سنڀالڻ کان نااهل قرار ڏنو ويو هو.
VIII
شهنشاهه فطري طرح هوموسيَن فلسفي جا رکوالا هيا ۽
آفريڪا جي وفادار ماڻهن جي ٻنهي ڌرين، يعني رومين
توڙي ڪئٿولڪن، پنهنجي قانوني حيثيت کي،بربر لادينن
جي قبضن ڪرڻ جي روايت تي وڌيڪ ترجيح ٿي ڏني. امن ۽
دوستيءَ جي هڪ وقفي ۾، فيلسوف زينو جي چوڻ تي
هنيرڪ ڪارٿيج جي ڪليسا کي بحال ڪيو هو. زينو تڏهن
اوڀر جو حاڪم هيو. ساڳي وقت هن پلاسيڊيا، جيڪا
شهنشاهه جي ڌيءُ ۽ بيوهه(*) هئي ۽ وئنڊلن جي راڻي
جي ڀيڻ هئي(109). جي حيثيت کي به بحال ڪري ڇڏيو.
پر هي صلح عارضي ثابت ٿيو ۽ هٺيلي آمر شهنشاهت جي
مذهب لاءِ پنهنجي نفرت جو اظهار ڪيو ۽ ٻين مذهبن
جي ماڻهن لاءِ اذيتن جي سلسلي کي جاري رکيو جنهن
جا شاهد روم جون گهٽيون ۽ رستا هيا ۽ جتان روم جي
سفير کي به پنهنجي محل ڏانهن ويندي اتان گذرڻو
هو(110). اُنهن پادرين طرفان هڪ قسم کڻڻ جي ضرورت
هئي، جيڪي ڪارٿيج ۾ گڏ ٿيا هيا ته اُهي سندس پٽ
هلڊيرڪ جي ڀرپور حمايت ڪندا ۽ اُهي ٻاهرين ملڪن
سان هر قسم جي لک پڙهه جي سلسلي کي ختم ڪري
ڇڏيندا. هن ڪم يا ڊيوٽي کي، جيڪا سندن اخلاقي توڙي
مذهبي منصب سان مطابقت رکندي هئي، دورانديش پادرين
طرفان سرانجام ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو(111). سندن
انڪار جنهن کي ڪجھ سندن مڪر جو به لباس چڙهيل هيو.
شڪي آمر جي ذهن ۾ وڌيڪ شڪ شبها پيدا ڪري ڇڏيا.
ڪئٿولڪ، جن کي شاهي مليٽري جي طاقت ذريعي دٻايو
ويو هو، پنهنجن مخالفن جي مقابلي ۾ تعداد توڙي علم
۾ گهڻا مٿاهان هيا. وٽن به ساڳيا هٿيار هيا جيڪي
يونانين(112) ۽ لاطيني وڏڙن آرين تضاد لاءِ کين
مهيا ڪيا هيا، اُنهن هر دفعي اُلفيلَس جي خطرناڪ ۽
جاهل پوئلڳن کي نه رڳو خاموش ڪيو هو پر مٿن هر بحث
مباحثي ۾ سوڀون حاصل ڪيون هيون. شايد کين پاڻ کي
به اهو احساس هو ته هو پنهنجن مخالفن کان علم ۽
دانائيءَ ۾ مٿاهان هيا جنهن سبب هو مذهبي
چٽاڀيٽيءَ جي مقابلن ۾ مخالفن کان سدائين سرس
هوندا هيا. ان جي باوجود، وڏي فخر جي دعويٰ ڪرڻ
بجاءِ هر ڪٽر مذهبي ماڻهو کي ترغيب ڏني وئي ته هو
اهڙا قصا ڪهاڻيون ٺاهن جن ۾ رڳو دلبو ۽ ڌوڪو هجي.
هنن پنهنجي تضاد وارا ڪم قديم عيسائين جي نالن سان
منسوب ڪري ڇڏيا. اَٿنئسيَس ۽ آگسٽائين جي ڪردارن
کي وجيليَس ۽ سندس پوئلڳن خراب نموني ادا ڪيو(113)
۽ اُهو مذهب جيڪو ٽن (تثليث) يا ٻيهر روپ ڌارڻ جي
رازن کي کولي ٻڌائي ٿو سو آفريڪا جي اسڪول(114)
سان لاڳاپيل ٿو ڏسجي. مقدس ڪتابن جي ناپاڪ هٿن سان
بي حرمتي ۽ بي ادبي ڪئي وئي. يادگار مواد ۽ متن
جنهن ۾ ٽِن جي ايڪي يا هڪ هجڻ جي بهشتي شاهدي
موجود آهي(115) کي ڪٽر فادرس (عيسائي بزرگن) جي
عالمي خاموشي ننديو آهي ۽ ساڳي وقت قديم ڪتابن يا
شاهدين ۽ مستند ڪتابن(116) ۾ به ان ڳالهه جي مذمت
ڪئي وئي آهي. اهو الزام سڀ کان پهريون هڪ ڪئٿولڪ
پادري لڳايو هو جنهن کي هنيرڪ ڪارٿيج جي ڪانفرنس ۾
شريڪ ٿيڻ لاءِ سڏيو هو(117). هڪ تمثيلي يا
استعاراتي تحرير، جيڪا ڪنهن ڪتاب جي حاشيي تي لکي
وئي هئي، جي تشريح ئي حقيقت ۾ لاطيني انجيلن تي
حملي جو باعث بڻجي وئي جنهن کي ڏهن صدين جي
اونداهي دؤر ۾ صحيح ڪري ڪتابن ۾ نئين سر شامل ڪيو
ويو(118). پرنٽنگ جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ(119)،
يوناني انجيل پنهنجن ئي تضادن، تعصبن ۽ وقت جي
وهڪري جي ور چڙهي ويو(120) ۽ هڪ مقدس ڌوڪي يا
ڌانڌلي کي، جنهن جي روم توڙي جنيوا ۾ پرجوش آجيان
ڪئي وئي، پوءِ جديد يورپ جي هر ملڪ ۽ هر ٻوليءَ ۾
ان کي لڳاتار وڌايو پئي ويو آهي.
ڌوڪي ۽ ڌانڌلي جي مٿي ڏنل مثال سان شڪ کي تقويت
ملندي. هن سلسلي ۾ آفريڪا جي ڪئٿولڪن ڪجھ شاندار
معجزن جو ذڪرڪري پنهنجي ڪيل ڳالهه کي سچو ثابت ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي پر ان جو تعلق به سندن پنهنجن ئي
ايجاد ڪيل حرفتن سان آهي پر الله تعاليٰ جي حفاظت
يا ان جي وڪالت ڪرڻ سان هرگز نه آهي. ان جي باوجود
هڪ تاريخدان، جيڪو هن مذهبي تضاد کي غير
جانبداريءَ جي نظر سان ڏسي ٿو، هڪ غير معمولي ۽
غير فطري واقعي کي بيان ڪرڻ جي جرئت ڪري ٿو جيڪو
عقيدت مند کي ته وڌيڪ سنواريندو پر منڪر ۽ بي
اعتقاد شخص کي به حيرت ۾ ضرور وجهندو. ٽيپاسا(121)
ماريٽئنيا جي هڪ بحري ڪالوني هئي جيڪا سزئريا جي
شهر کان سورهن ميل اوڀر طرف هئي ۽ اُها هر دؤر ۾
ان ڪري مشهور هئي ته ان جا رهواسي مذهبي معاملن ۾
سخت ڪٽر ۽ جوشيلا هيا. هنن ڊونئٽسٽن(122) جي دهشت
جو مڙسيءَ سان مقابلو ڪيو هو ته ساڳئي وقت آريَنس
جي ظلمن کان به هروڀرو ڊنا نه هيا. هڪ لاطيني
پادريءَ جي آمد سبب سڄو شهر خالي ٿي ويو، شهر جا
ڪيترائي رهواسي سامونڊي جهازن ذريعي اسپين جي
ڪنارن تي وڃي لٿا، باقي جيڪي بدقسمت ماڻهو پٺتي
رهجي ويا، اُنهن غاصب سان ڪنهن به تعلق قائم ڪرڻ
کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجون پنهنجون مقدس پر غير
قانوني گڏجاڻيون جاري رکيون. سندن نافرماني هنيرڪ
جي ظلمن جي باهه کي ڀڙڪائي ڇڏيو. هڪ مليٽري جي
آفيسر کي ڪارٿيج کان ٽپاسا موڪليو ويو، هن ڪئٿولڪن
کي هڪ هنڌ جمع ڪيو ۽ سڄي صوبي جي ماڻهن جي سامهون
هن سڀني ماڻهن جا ساڄا هٿَ ۽ سندن زبانون ڪٽرائي
ڇڏيون. پر باڪردار پادري بنان زبان جي به لڳاتار
ڳالهائيندا رهيا ۽ هن معجزي جي، آفريڪا جي هڪ
پادري وڪٽر تصديق ڪئي آهي جنهن اذيتن جي تاريخ کي،
هن واقعي کان ٻه سال پوءِ ڇپرايو هو(123). وڪٽر
چوي ٿو: ”جيڪڏهن ڪنهن کي به هن سچي حقيقت تي ڪو شڪ
آهي ته اُهو قسطنطنيه وڃڻ جي زحمت ڪري ۽ اُتي وڃي
رسٽيٽيوٽَس جي صاف ۽ مڪمل آواز کي ٻڌي جيڪو ننڍو
پادري هو جيڪو پڻ اذيت ڀوڳيندڙن منجهان هڪ هيو
جنهن کي هاڻي شهنشاهه زينو جي محلات ۾ رکيو ويو
آهي ۽ جنهن جي لاءِ راڻيءَ کي پڻ وڏو احترام آهي‘.
قسطنطنيه ۾ اسان کي هن عظيم اکين ڏٺي شاهد جي
موجودگيءَ تي حيرت ٿي ٿئي جيڪو هڪ وڏو عالم ۽
اعليٰ طبيعت جو مالڪ هيو. غازا جي انيس، جيڪو
پلوٽو جو پوئلڳ ۽ وڏو فيلسوف هو، آفريڪا ۾ اذيتن
ڀوڳيندڙن بابت پنهنجا تاثرات هن ريت بيان ڪيا آهن.
’مون کين پاڻ ڏٺو. مون کين ڳالهائيندي خود ٻڌو.
مون پوءِ پڇا ڳاڇا ڪري اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ته اهي
ماڻهو زبان کان سواءِ ڪيئن ٿا ڳالهائي سگهن؟ مون
غور سان اکيون ڦاڙي ڏانهنَ نهاريو ته پنهنجن ڪنن
سان اها يقين ۾ نه ايندڙ ڳالهه ٻُڌان. مون سندن
وات کولي پنهنجين اکين سان پاڻ ڏٺو ته سندن زبانون
پاڙئون پٽيل ۽ ڪٽيل هيون ۽ هي هڪ اهڙو خطرناڪ
آپريشن آهي جنهن لاءِ ڊاڪٽر چوندا آهن ته اهو
موتمار ٿي سگهي ٿو(124)‘. غازا جي انيس جي شاهدي
کي شهنشاهه جسٽينيَن جي واڌاري شاهدي جي حمايت به
حاصل آهي‘ جيڪا هڪ دائمي فرمان ۾ نواب مارسيلينَس
بيان ڪئي آهي. ان دؤر جي تاريخ وار واقعن ۾ پوپ
گريگري-
I
جيڪو قسطنطنيه ۾ روم جو مکيه پادري هو به ان ڳالهه
جي شاهدي ڏني آهي(125). اهي سڀئي ان صديءَ جي دؤر
۾ رهندا هيا ۽ اُهي پنهنجي ذاتي ڄاڻ مطابق ان
معجزي جي سچائيءَ بابت بيان ڪن ٿا ۽ ٻڌائن ٿا ته
اهڙي قسم جا ٻيا معجزا پڻ ڪيئي ڀيرا ٿيا هيا جن کي
دنيا وارن ڏٺو هو ۽ اُنهن کي ماڻهن جي ٿڌن احساسن
تي ڇڏيو ويو هو ته جيئن اُهي اُنهن تي اعتبار ڪري
سگهن. آفريڪا جي پادرين طرفان هي تحفو عظيم معجزي
جي صورت ۾ سامهون آيو هو ته ڪيئن نه اُنهن زبان
کان بغير ڳالهايو هو ۽ ان ۾ اُهي يقين ڪندا ۽ ها
فقط اُهي ئي يقين ڪندا جن کي اڳ ۾ ئي يقين هو ته
سندن زبان يا ڳالهائڻ بلڪل صاف ۽ مذهبي هيو. پر
جيڪو لادين ۽ منڪر آهي ان جو هَٺ ۽ ضد کيس اهڙي
ڳجهي شڪ ۾ مبتلا ڪري ٿو ڇڏي جنهن جو ازالو يا علاج
وٽس ڪونهي، ۽ جيڪو آريَن آهي ۽ جنهن ’ٽن‘ جي فلسفي
کي اڳ ۾ ئي رد ڪري ڇڏيو آهي ته ان تي ڪو به اثر نه
پوندو ۽ نه وري اُهو اَٿنئسيَس جي معجزن جي
شاهديءَ تي اعتبار ڪندو.
وئنڊل ۽ آسٽروگاٿ آرين عقيدي ۾ اعتبار ڪندا هيا ۽
ڪندا رهيا جيستائين شهنشاهت تباهه ٿي وئي جنهن جو
بنياد اُنهن آفريڪا ۽ اٽلي ۾ رکيو هو. گال جي
بربرن فرئنڪن جي ڪٽر حڪومت آڏو آڻ مڃي ۽ اسپين
ٻيهر ڪئٿولڪ ڪليسا طرف هليو ويو ڇاڪاڻ ته وزيگاٿ
پنهنجي رضا خوشيءَ سان ڪئٿولڪ عيسائي ٿي ويا هيا.
هي صحتمند انقلاب(126) هڪ شاهي شهيد جي مثال سبب
تيز ٿي ويو جنهن لاءِ شايد اسان جا دليل خاموشيءَ
سان اسان جي ڪنن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪن ته اُهو شهيد نه پر هڪ
احسان فراموش باغي هيو. اسپين جو هڪ گاٿ بادشاهه
لوويگلڊ پنهنجي دشمنن توڙي رعيت طرفان محبت جو
حقدار هو: ڪئٿولڪن کي پوري مذهبي آزادي حاصل ٿي
چڪي هئي ۽ سندس آرين پئنچائت، اڃا ڪاميابي ته نه
ماڻي هئي پر پوري ڪوشش ڪري رهيا هيا ته ٻيهر غسل
ڏيارڻ جي غير مقبول روايت کي ختم ڪرائي سگهن ۽
پنهنجن سخت اصولن ۾ به ٿوري لچڪ پيدا ڪن. سندس وڏو
پٽ هرمينيگلڊ جنهن کي پنهنجي پيءُ شاهي تاج پارائي
ڇڏيو هو ۽ بيٽيڪا جي ملڪ ميروونجن جي شهزادي جيڪا
آسٽرئشيا جي بادشاهه سگيبرٽ جي ڌيءُ هئي، سان هڪ
مذهبي ۽ عزت ڀريو معاهدو ٿيو ته اُها سندس پٽ جي
مڱيندي هئي. خوبصورت اِنگُنڊِس، جيڪا فقط تيرهن
سالن جي هئي، جي آجيان ڪئي وئي شايد فقط ان لاءِ
ته ٽوليڊو وجي آرين ڪورٽ ۾ کيس اذيتن لاءِ آندو
ويو ۽ سندس مذهبي مستقل مزاجيءَ تي ڪڏهن سندس
خوشامد ۽ تعريف ڪئي وئي ۽ ڪڏهن وري گاٿن جي راڻي
گِسونٿا طرفان مٿس تشدد ڪيو ويو جنهن راڄ جي ماءُ
هجڻ جي ناتي جو سخت ناجائز فائدو ورتو(127). جڏهن
اِنگنڊِس آڻ نه مڃي ته راڻي تپي باهه ٿي وئي، هن
ڪئٿولڪ راڻيءَ جي ڊگهن وارن مان ورتو ۽ کيس زور
سان ڌرتيءَ تي ڪيرايو ۽ لتون هڻڻ شروع ڪيائينس تان
جو هوءُ رتو وهنتي ٿي وئي، نيٺ حڪم ڏنائين ته کيس
اگهاڙو ڪيو وڃي ۽ هڪ کڏ يا مڇيءَ جي تلاءَ ۾
اڇلايو وڃي(128). پيار ۽ شاهي وقار هرمينگلڊ کي
مجبور ڪيو ته هو پنهنجي ٿيندڙ ڪنوار جي ذلت تي
شڪايت ڪري يا ان جو بدلو وٺي پر هن کي آهستي آهستي
قائل ڪيو ويو ته اِنگنڊِس کي مذهبي سچائيءَ ۾
مستقل مزاج رهڻ سبب اذيتون سهڻيون پيون هيون. سندس
شڪايتون ۽ لينڊر جيڪو سيوائيل جو مکيه پادري هو،
جي وزني ۽ اثرائتن دليلن سندس مذهب کي بدلائي ڇڏيو
۽ گاٿن جي بادشاهت جي وارث نائسين عقيدي سان منسلڪ
ٿي وئي ۽ هن سلسلي ۾ ضروري رسمون ادا ڪري سندس
نئين مذهب ۾ داخل ٿيڻ جي تصديق ڪرائي وئي(129).
اُٻهرو نوجوان جنهن کي جوش ۽ هڪ آرزو سخت غصي ۾
آڻي ڇڏيو هو، هاڻي هن عزم ڪيو ته هُو نه پُٽ هئڻ
جو ناتو نڀائيندو ۽ نه وري رعيت جي هڪ فرد جي
حيثيت سان ڊيوٽي سرانجام ڏيندو ۽ اسپين جي
ڪئٿولڪن، توڙي جو هنن اذيتن جي ڪابه شڪايت ڪانه ٿي
ڪئي، هڪ لامذهب پيءُ جي خلاف پٽ جي مقدس بغاوت جي
حمايت ڪئي. خانه جنگي شروع ٿي وئي جيڪا گهڻو وقت
هلي ۽ ميريڊا، قرطبه ۽ سيوائيل جو گهيرو تنگ ڪيو
ويو ۽ انهن شهرن جي ماڻهن هرمينيگلڊ جي حمايت ٿي
ڪئي. هن مذهبي بربرن کي دعوت ڏني، ساڳي وقت سروِي
۽ فرئنڪن کي به هن پنهنجي ئي گهر جي تباهي لاءِ
سڏيو، هُن رومين جي خطرناڪ مدد لاءِ به پڪاريو
جيڪي آفريڪا ۽ سندس نيڪ پادري لينڊر بازنيطين جي
محلات سان ذاتي طور تي ڪامياب ڳالهين جو دؤر شروع
ڪري ڇڏيو.پر بادشاهه جي حرفت ۽ ڦڙتيءَ سبب ڪئٿولڪن
جون سڀ اُميدون خاڪ ۾ ملي ويون ۽ بادشاهه جنهن وٽ
اسپين جون فوجون ۽ خزانا موجود هيا سوڀارو ٿيو ۽
هرمينيگلڊ، مقابلي ڪرڻ يا حفاظت سان ڀڄي وڃڻ جي
ڪوششن ۾ ناڪام ٿيڻ بعد پنهنجي ئي پيءُ آڏو هٿيار
ڦٽا ڪيا جيڪو مٿس سخت ناراض هو. لوويگلڊ کي اڃا به
پنهنجي پٽ جي اڳئين سٺي ڪردار جو لحاظ هو، هن
بهرحال کانئس شاهي زيورن کان محروم ڪيو پر کيس عزت
سان جلاوطن ٿيڻ جي اجازت ڏنائين ته جيئن هو ڪئٿولڪ
مذهب سان لاڳاپيل رهي. پر پُٽ لڳاتار غداريءَ جي
ڪارواين ۾ مصروف رهيو پر هر دفعي ناڪام ٿيو جنهن
گاٿن جي بادشاهه جي ڪاوڙ کي چوٽ چاڙهي ڇڏيو ۽ نيٺ
کيس موت جي سزا ڏني وئي جنهن جو بادشاهه مجبوري ۽
بيدليءَ سان اعلان ڪيو ۽ کيس سيوائيل جي مناري هيٺ
ماريو ويو. هڪ غير لچڪ مستقل مزاجي سبب، جنهن جي
زور تي هن آريَنس سان ڪو به سمجهوتو نه ڪيو، نه ته
هو پنهنجي سلامتي لاءِ ڪجھ به ڪري ٿي سگهيو. کيس
وڏن اعزازن سان نوازيو ويو ۽ سينٽ هرمينيگلڊ جي
لقب سان سندس ياد ملهائي وئي. سندس زال ۽ پٽ کي
رومين ذلت سان جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو اهڙيءَ طرح هيءَ
گهريلو اڻبڻت سندن بدقسمتيءَ جو باعث بڻجي وئي ۽
لوويگلڊ جي شاندار دؤر کي داغدار ڪري زندگي جي
آخري ڏينهن ۾ کيس ذاتي طور تي مغموم ۽ مايوس ڪيو
ويو.
سندس پٽ ۽ جانشين رڪيئَرڊ، جيڪو اسپين جو پهريون
ڪئٿولڪ بادشاهه بڻيو، پنهنجي بدقسمت ڀاءُ وارو
عقيدو اختيار ڪيو هو ۽ جنهن کي هن دورانديشي ۽
ڪاميابيءَ سان نڀايو. پنهنجي پيءُ جي خلاف بغاوت
جو علم بلند ڪرڻ جي بجاءِ رڪيئَرڊ صبر ۽ سڪون سان
پنهنجي موت جي گهڙيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو. پنهنجي
ياد جي مذمت ڪرڻ بجاءِ، هن سادگي سان اهو سوچيو هو
ته بادشاهه مرڻ وقت آرين مذهب جي غلطين کي قَسم تي
معاف ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ پنهنجي پٽ کي گاٿن جي
مذهبي تبديلي جي سفارش ڪئي هئائين. اهو مقصد حاصل
ڪرڻ لاءِ رڪيئَرڊ آرين مذهبي پيشوائن ۽ اميرن جو
هڪ اجلاس سڏرايو، پاڻ کي ڪئٿولڪ ظاهر ڪيائين ۽ مٿن
زور رکيائين ته پنهنجي بادشاهه جي مثال جي پيروي
ڪن. مشڪوڪ تحريرن ۽ ناقابل اعتبار متن جي معنائن
يا وري فيلسوفياڻن دليلن کي جيڪڏهن ڊگهو ڪجي ها ته
هڪ اهڙو تضاد ٿي پوي ها جنهن جو ختم ٿيڻ مشڪل ٿي
پوي ها تنهن ڪري بادشاهه پنهنجن اڻ پڙهيل ماڻهن
آڏو دورانديشيءَ مان ٻه مستند ۽ ظاهر ۾ نظر ايندڙ
دليل پيش ڪيا: هڪ زمين ٻيو بهشت زمين تي نائسين
عقيدي جي مڃتا هئي، رومي، بربر ۽ اسپين جي رهواسين
هڪڙو ئي نظريو يا عقيدو قبول ڪندي نائسين مذهب
اختيار ڪري ڇڏيو هو پر وزيگاٿن ان جي مخالفت ٿي
ڪئي جيڪي عيسائي دنيا ۾ اڪيلا رهجي ويا هيا. بهشت
جي تصديق يا شاهدي لاءِ وهمن وسوسن جي دؤر جو
احترام ڪيو پئي ويو يعني فوق
الفطرت ڳالهيون يا بيمارين کان هڪدم نجات، اهڙا
ڪارناما ڪئٿولڪ عيسائين جي پيشوائن طرفان ماڻهن کي
ڏيکاريا ٿي ويا يا وري بيٽيڪا ۾ پاڪ غسل
ڏيارڻ(130) جي تقريب ٿيندي هئي جنهن کي ايسٽر(131)
جي موقعي تي هر سال ورجايو ويندو هو، ان کان سواءِ
ٽُورس جي سينٽ مارتن جا معجزا جن ذريعي سووِي
بادشاهه ۽ گئليشيا جا ماڻهو اڳ ۾ ئي پنهنجو مذهب
تبديل ڪري چڪا هيا(132). ڪئٿولڪ بادشاهه کي قومي
مذهب جي هن اهم تبديلي ۾ بيشمار رڪاوٽن جو مُنهن
ڏسڻو پيو. راڻي دواگر طرفان بادشاهه کي مارڻ جي
لاءِ مخفي سازش سِٽي وئي ۽ ٻن اميرن گال جي
ناربونيز جي علائقي ۾ هڪ خطرناڪ بغاوت برپا ڪري
ڇڏي. پر رڪيئَرڊ همت ڪندي سازشين کي ناڪام بڻايو،
باغين کي شڪست ڏني ۽ هڪ اهڙو انصاف ڪيو جيڪو تمام
سخت هو جنهن کي آريَنس اذيت جو نالو ڏنو. اٺ
پادري، جن جي نالن مان لڳو ٿي ته اُهي بربر هيا،
پنهنجي غلطي مڃڻ يا سازش جي اعتراف ڪرڻ کان انڪار
ڪيو ته اُنهن جا سمورا ديني ڪتاب ساڙايا ويا ۽ ان
گهر کي به ساڙي رَک ڪيو ويو جنهن ۾ اُنهن ڪتابن کي
رکيو ويو هيو. وزيگاٿن توڙي سووِي جي سمورن ماڻهن
کي لالچ يا ’زور اڳيان زاري‘ جي چوڻيءَ مطابق
ڪئٿولڪ بنايو ويو، هڪ اهڙو مذهب جنهن جي لاءِ نئين
نسل کي وڏو چاهه پيدا ٿي پيو ۽ اُنهن جو انگ ايترو
ته وڌيو جو اسپين جون ڪليسائون توڙي خانقاهون انهن
سان ڀرجي ويون. ستر پادري، ٽوليڊو جي هڪ هنڌ تي گڏ
ٿيا، پنهنجن فاتحن کان پنهنجي لاءِ ادب ۽ احترام
وصول ڪيائون، ۽ اسپين وارن جي مذهبي جوش جذبي سبب
نائسين جي عقيدي جي اصولن ۾ وڌيڪ بهتري آندي وئي ۽
اعلان ڪيائون ته روح القدس جو سلسلو پُٽ (حضرت
عيسيٰؑ) ۽ ساڳئي وقت پيءُ الله پاڪ جي واحد ذات
جيڪو نه ڪنهن جو ڄايل هو ۽ نه ان ڪنهن کي ڄڻيو هو□)
سان جڙيل هو؛ هي هڪ نئين اصول جو اهڙو ته وزندار
نقطو هو جنهن گهڻي عرصي کان پوءِ يوناني ۽ لاطيني
ڪليسائن جي وچ ۾ هڪ وڏو اختلافي مسئلو پيد اڪري
ڇڏيو(133). مذهب مٽائڻ واري شاهي ماڻهو هڪدم پوپ
گريگري، جنهن کي عظيم جو لقب ڏنو ويو هو جو وڃي
سلام ڪيو ۽ کانئس صلاح مشورا ورتا جيڪو هڪ وڏو
عالم ۽ سردار هو ۽ جنهن جي دؤر ۾ گهني ۾ گهڻا بي
دين ۽ لامذهب ماڻهو ڪئٿولڪ ٿي ويا هيا. رڪيئَرڊ جي
سفيرن وئٽيڪن جي چانئُٺ تي وڃي سون ۽ هيرن جا
نذرانا پيش ڪيا؛ ۽ سفيرن کي سينٽ جان پاڪائي سان
غسل ڏيندڙ جا وار کين تبرڪ طور ڏنا ويا، ان کان
سواءِ هڪ صليب جنهن ۾ سچي ڪاٺ جو هٿيو فٽ ٿيل هو ۽
هڪ چاٻي جنهن ۾ لوهه جا ڪجھ ٽڪرا ڳنڍيل هيا جن کي
سينٽ پيٽر(134) جي هار مان هٿ کنيو ويو، کين تحفي
۾ ڏنا ويا.
ساڳيي گريگري، جيڪو برطانيه جو روحاني فاتح هو(*)
لومبارڊس جي راڻي ٿيوڊيلينڊا کي آماده ڪيو ته فاتح
جهنگلين ۾ نائسين عقيدي جو پرچار ڪري جن جي تازي
عيسائيت کي آرين مُرتدن گندو ڪري ڇڏيو هو. سندس
خلوص وارين ڪوششن مذهبي پرچارڪن لاءِ رستو هموار
ڪيو ۽ اٽلي جا ڪيترائي شهري مخالف پادرين جي سخت
رَوش کان بيحد پريشان هيا. پر سچ جڏهن کُلي ڪري
ماڻهن جي سامهون آيو ته آرين عقيدو ڪافي حد تائين
دٻجي ۽ پٺتي پئجي ويو. سچ کان سواءِ ماڻهن جي
دلچسپي ۽ ڪجھ ٻيا مثال ۽ واقعا به ان عقيدي کي
پٺتي ڪرڻ جو ڪارڻ هيا ۽ ٻيو وري هڪ جهڳڙو يا تضاد
پيدا ٿي پيو جنهن کي مصر وارن افلاطون جي فلسفي جي
اسڪول مان اخذ ڪيو هو تان جو اهو تضاد ٽن سؤ سالن
جي جنگ کان پوءِ تڏهن وڃي ختم ٿيو جڏهن اٽلي جا
لومبارڊس آخري فيصلو ڪري پنهنجو مذهب مٽائي آجا ٿي
ويا(135).
اڳيان پرچارڪ، جيڪي بربرن کي انجيل جي تعليم ڏيندا
هيا، دليلن جي شاهديءَ تي اعتبار ڪندا هيا تنهن
ڪري وٽن صبر ۽ برداشت گهڻي هوندي هئي(136). پر
جيئن ئي هنن پنهنجون روحاني حڪومتون ٺاهيون ته
رومي توڙي بربرن جي وهمن وسوسن جي ادارن کي بنان
ڪنهن رحم جي برباد ڪرڻ لاءِ هنن عيسائي بادشاهن تي
سخت زور ڀريو. ڪلووِس جي پوئلڳن اُنهن هارين کي سؤ
ڦٽڪا هڻايا جن پنهنجن بتن کي ڊاهڻ يا ختم ڪرڻ کان
انڪار ڪيو هو، شيطانن اڳيان قرباني ڪرڻ جي ڏوهه کي
ائنگلو- سئڪسَنس جي قانون موجب سزائون ڏنيون ويون
جن ۾ قيد ۽ ملڪيت جي ضبطي شامل هئي پر ڏاهو الفرڊ
اڃا به اڳتي ويو ۽ حضرت موسيٰؑ جي دؤر جي ادارن جي
سخت سزائن کي ٻيهر رائج ڪري ڇڏيو(137). پر اهڙين
سزائن توڙي ڏوهن جي خاص نوعيت کي عيسائين طرفان
ختم ڪيو ويو ۽ افلاطون جي فلسفي جي اسڪولن کي به
جهالت سان ختم ڪيو ويو ۽ اسهپ جي جذبي کي نه ته بت
پرستي ۽ نه وري مرتد ئي مليا ڇاڪاڻ ته هاڻي يهودين
لاءِ اذيتون شروع ٿي چڪيون هيون. هن قوم، جنهن کي
جلاوطن ڪيو ويو هو، پنهنجون عبادت جون جڳهون گال
جي ڪجھ شهرن ۾ قائم ڪيون هيون، پر اسپين ۾، هئڊرئن
جي وقت کان وٺي،سندن بيشمار ڪالونيون هيون(138).
جيڪا دولت هنن وڻج واپار ۽ ناڻي کي صحيح طريقي سان
استعمال ڪرڻ ذريعي پاڻ وٽ جمع ڪئي هئي، سندن ئي
مالڪ ان دولت جا حاسد بڻجي ويا ۽ اُنهن تي اذيتون
لاڳو ڪرڻ ۾ هاڻي ڪو به خطرو ڪونه هو ڇو ته هنن کان
هٿيارن جو استعمال توڙي اُنهن جي يادگيري ئي وسري
وئي هئي. سِسبٽ، هڪ گاٿ بادشاهه، جنهن سترهين صدي
عيسوي جي شروعات ۾ حڪومت ڪئي هئي، اُهو اذيتن جي
سلسلي ۾ انتها تائين هليو ويو هيو(139). نوي هزار
يهودين کي زوري عيسائي بڻايو ويو ۽ جن ٿوري به
مزاحمت ڪئي ته اُنهن جي ملڪيتن کي ضبط ڪيو ويو ۽
سندن جسمن تي تشدد ڪيو ويو ۽ کين پنهنجي ملڪ مان
تڙيو ويو يا نه، ان ڳالهه جي تصديق نه ٿي سگهي
آهي. ڪئٿولڪ بادشاهه جي جذباتيت کي ڪجھ اعتدال ۾
آندو ويو جنهن ۾ اسپين جي مذهبي پيشوائن جو اهم
ڪردار رهيو، جن پنهنجي غير متوازن فيصلي ۾ طئي ڪيو
ته ماڻهن کي زوريءَ عيسائي نه بڻايو وڃي پر اُهي
يهودي جن کي اڳ ۾ ئي پاڪ غسل ڏياريو ويو هيو اُنهن
تي ايترو زور ضرور ڀرجي ته اُهي ڪليسا جو احترام
ڪن ۽ گهٽ ۾ گهٽ ان مذهب جي ظاهري عزت ته ڪن توڙي
جو هو ان کي ڌڪاريندا هجن يا جنهن کي هو دل سان نه
مڃيندا هجن. پر ڪڏهن ڪڏهن انهن اصولن جون ڀڃڪڙيون
ٿينديون رهنديون هيون تنهن ڪري سِسبٽ جي پوئلڳن
سڄي قوم کي ملڪ بدر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ڪو
به يهودي سندن ملڪ ۾ نه رهي سگهي ۽ ٽوليڊو جي هڪ
اجلاس ۾ هڪ فرمان کي ڇپرائي ماڻهن ۾ ورهايو ويو
جنهن ۾ هڪ پابندي لڳائي وئي ته هر هڪ گاٿ بادشاهه
کان قسم کڻايو وڃي ته اُهي ان فرمان سان سچا رهندا
۽ پوري سختيءَ سان ان تي عمل به ڪرائيندا. پر آمر
۽ ظالم حڪمران پوءِ به ماڻهن مٿان عقوبتيون ڪندا
آيا ۽ کين اذيتون ڏيندا آيا ۽ پنهنجي پاڻ کي محنتي
غلامن کان محروم ڪري ڇڏيايون ۽ سوچيائون ته مٿن پڻ
اذيتون جاري رکيون وڃن. يهودي اڃا به اسپين ۾
موجود هيا ۽ اُنهن کي مجبور ٿي ڪليسائي قانونن هيٺ
رهڻو هو ۽ ملحدن يا لامذهبن لاءِ جيڪي سندن اصول ۽
ضابطا ٺهيل هيا اُنهن منجهان به کين گذرڻو هو.
آخرڪار گاٿن جي بادشاهن توڙي پادرين محسوس ڪيو ته
جيڪي اذيتون ۽ عذات هنن يهودين کي ڏنا ٿي، انهن
سان نه رڳو اُنهن جي دلين ۾ عيسائيت لاءِ نفرت
پيدا ٿيندي پر ڪنهن مناسب موقعي ملڻ تي هو انتقامي
ڪاروائي به ڪري ٿي سگهيا. هڪ قوم يا وري ائين کڻي
چئجي ته عيسائيت جا ڳجها ۽ چِٽا دشمن، غلامي، ڏکن
۽ اذيتن جي دؤر ۾ گهڻي تعداد ۾ وڌي ويا ۽ يهودين
جي سازشن جي ڪري عربستان کان فاتح نڪري نروار ٿيا
جيڪي تيزيءَ سان وڌيا ۽ طاقتور ٿي ويا(140). |