سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:32

توڙي جو هو آسانيءَ سان حملو ڪري ۽ فتح حاصل ڪري ٿي سگهيا پر تنهن هوندي به حملي کي ڏهن مهينن کان به مٿي عرصي تائين ملتوي ڪيو ويو پر تيستائين ڪربوغا کي شڪست ملي چڪي هئي. فتح حاصل ڪرڻ کان پوءِ، صليبين جي همت توڙي سندن جذبا ٿڌا ٿي ويا ۽ هاڻي وڌيڪ ڪنهن ٻي مهم کي شروع ڪرڻ جي بجاءِ هو تڪڙ ۾ هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا ته جيئن شام جي نئين ماحول ۽ آبهوا کان لطف اندوز ٿي سگهجي. هن بي سبب ۽ عجيب دير ڪرڻ جا سبب خبر ناهي ڪهڙا هيا پر ممڪن آهي ته سندن طاقت گهٽجي وئي هجي، ڇو ته انتاڪيا جي لڙائي ۾ سندن گهوڙي سوار فوج بلڪل تباهه ٿي چڪي هئي ۽ هر طبقي جا فوجي پڻ ڏڪر، بيمارين ۽ بزدل ٿي ڀڄڻ جي ڪري، گهٽجي باقي وڃي بچيا هيا ۽ جن وٽ مال خزانو گهڻو هو، اُنهن وري ان جو ناجائز استعمال ٿي ڪيو جنهن سبب پڻ غريبن ۾ ڏڪر پيو ۽ شراب نه ملڻ ڪري ان جي بدلي ۾ ٻيون هاڃيڪار شيون واپرائڻ سان وبا ڪاهي پئي جنهن ٿورڙي ئي عرصي ۾ پنجاهه هزار زيارتين کي موت جي ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو. اڳواڻن ۾ ڪي ٿورڙا هيا جن حڪم ٿي هلايو پر حڪمن کي مڃڻ وارو هاڻي ڪو به نه رهيو هو. مقامي رنگ جا جهيڙا جهڳڙا، جيڪي عارضي طور ته بند ٿيا هيا، پر پوءِ جلد ئي وري جاڳي پيا پر اُهي ڪاوڙ ۽ ناراضگين تائين محدود رهيا. بالڊوِن ۽ بوهيمنڊ جي بخت، سندن ساٿين جي حسد کي جنم ڏنو ۽ جيڪي سڀني کان وڌيڪ بهادر امير هيا اُنهن کي نين رياستن جي حفاظت لاءِ چونڊيو ويو ۽ نواب ريمنڊ، شام جي وچ ۾ هڪ جنگي معرڪي ۾ پنهنجين فوجين ۽ خزانن کي ڪافي حد تائين وڃائي چڪو هو. سڄو سيارو اختلافن ۽ اجاين وڳوڙن ۾ گذري ويو، پر بهار جي موسم ۾ مذهب ۽ عزت آبرو جا جذبا ٻيهر ڏسڻ ۾ ٿي آيا ۽ ذاتي قسم جي سپاهين، جيڪي حسد ۽ ذاتي مقصدن کان آجا هيا، ڪاوڙ وارن وڏن آوازن سان پنهنجن ڪاهل اڳواڻن کي ڄڻ جنجهوڙي جاڳايو هو. مئي جي مهيني ۾ ڪجھ تبرڪن کي انتاڪيا کان لائوڊيسيا موڪليو ويو، ۽ لڳ ڀڳ چاليهن هزارن لاطينين مان پندرهن سؤ گهوڙي سوار ۽ ويهه هزار پيادل فوجي اهڙا هيا جيڪي خدمت ڏيڻ لائق رهجي ويا هيا. سندن آسان سفر جبل لبانَس ۽ سمنڊ جي ڪناري جي وچ ۾ هو ۽ سندن گهُرجن جو پورائو جينُئا ۽ پِسا جي سامونڊي واپارين طرفان ڪيو ويو هو ۽ اُنهن ٽرپولي، ٽائر، سِڊان، آڪر، ۽ سزئريا جي اميرن کان به وڏي مالي مدد وصول ڪئي جن کين گذرڻ لاءِ رستي جي به آزاديءَ واري سهولت مهيا ڪئي ۽ اُنهن واعدو ڪيو ته هو جيروسلم جي مثال جي پوئواري ڪندا. سزئريا کان هو وچولي جي ملڪن طرف هليا ويا ۽ اُنهن جي ڪلارڪن(*)، لِڊا رملا، ايماس ۽ بيٿليم جي پاڪ جاگرافي يا حدن کي سڃاتو ۽ جيئن ئي هنن پنهنجي مقدس شهر کي ڏٺو ته صليبين کان سڀ ٿَڪ ۽ سورَ لهي ويا ۽ هنن سمجهيو ته کين سندن محنتن ۽ مشقتن جو ڄڻ انعام ملي ويو هو(104).

جيروسلم جي شهرت جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته ان تي تمام گهڻا گهيرا ٿيا آهن جن منجهان ڪيترائي يادگار پڻ آهن. اهو سخت ۽ هوڏ واري مقابلي کان پوءِ ئي ممڪن ٿي سگهيو هو جو بابل ۽ روم، سندن عوام جي سخت ضِد ۽ هَٺ کان پوءِ کين ضابطي ۾ آندو هو. پٿريلي ميدان تي قلعن ٺاهڻ ۽ شهر جي ديوارن توڙي خود شهرن کي به قلعن جي سخت ضرورت هئي ڇاڪاڻ ته ميدان ايترا سڌا ۽ صاف هيا(105) جيڪي دشمن جي حملي لاءِ مناسب ۽ موزون هيا. صليبي جنگين دؤران اُنهن رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو هيو. دفاعي ڀِتين کي مڪمل طور تباهه ڪيو ويو هيو پر جڏهن اُنهن جي مرمت ٿي ته اُها اطمينان بخش نه هئي، يهودين طرفان سندن قوم ۽ سندن عبادتن کي هميشه واسطي ملڪ نيڪالي ڏني وئي هئي، پر جيئن ته فطرت، انسان وانگر ايترو آسانيءَ سان تبديل نه ٿيندي آهي ۽ جيروسلم جو هنڌ، توڙي جو ان کي ڪجھ هيڏي هوڏي هٽايو ويو هو، پر پوءِ ڀي اُهو دشمنن جي حملي کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اڃا ڪافي مضبوط هيو. آخري حملي جي تجربي ۽ ٽن سالن جي قبضي مصر جي مسلمانن کي سيکاري ڇڏيو هو ته ان هنڌ جي نقصن تي دورانديشيءَ سان غور ڪن ۽ انهن کي دور ڪرڻ جي هڪدم ڪوشش ڪن، ڇو ته سندن مذهب توڙي قومي وقار اُن تان هٿ کڻي وڃڻ جي کين اجازت نٿي ڏني. الله دين يا افتخار کي، جيڪو خليفي جو نائب يا نمائندو هو، حفاظت کي يقيني بنائڻ جي ذميواري سؤنپي وئي هئي، تنهن ڪري هن اچڻ شرط مقامي عيسائين جي چرپر کي لغام ڏنو ۽ کين ڊيڄاريائين ته جي اُنهن سندس حڪمن جي خلاف ورزي ڪئي ته اُهي نه رڳو پنهنجي پر مقدس مقبري جي تباهي جا پڻ پاڻ ذميوار هوندا، ۽ هن مسلمانن ۾ هڪ نئون ايماني روح ڦوڪيو ته جي اُهي همت ۽ جرئت کي قائم رکندا ته رب جي طرفان عارضي توڙي دائمي انعامن جا مستحق رهندا. سندس فوج ۾ چاليهه هزار ترڪ ۽ عرب موجود هيا، ۽ جيڪڏهن وڌيڪ ڪوششن سان هو ويهه هزار وڌيڪ مقامي ماڻهو پنهنجي فوج ۾ شامل ڪري ها ته پوءِ اها ڳالهه تسليم ڪرڻ جوڳي هئي ته گهيري ۾ آيل ماڻهو خود گهيرو ڪندڙ فوج کان به تعداد ۾ وڌيڪ هيا(106). جيڪڏهن گهٽ طاقت ۽ لاطينين جو تعداد، کين چؤرس چئن هزار والن (اٽڪل انگريزي اڍائي ميل)(107) جي دائري تي قبضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها ته پوءِ ڀي، جيڪڏهن اُهي بن هنام جي وادي يا ڪيڊرون(108) جي تيز وهڪرن تائين لهي اُتي پهچي به وڃن ها يا وري اُهي ڏکڻ ۽ اوڀر جي پهاڙن جي اُتاهين چوٽين تائين به پهچي وڃن ها تڏهن به اُنهن کي ڪجھ به هٿ نه اچي ها ڇو ته اُتي نه ته ڪا اُميد هئي ۽ نه ڪنهن ڳالهه جو خطرو هيو جيئن سؤلي سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته: ’نه سڄڻ کي آسرو، نه دشمن کي ڀئو‘. سندن گهيري جو رُخ گهڻي ڀاڱي شهر جي اترين ۽ اولهائـَن پاسن طرف هيو. بولن جي گاڊفري، جبل ڪئلوَري تي پنهنجي جهنڊي کي بلند ڪيو، جيڪو سينٽ اسٽيفن گيٽ جي کاٻي پاسي کان هيو، هوڏانهن ٽئنڪريڊ، ٻن رابرٽس ۽ نواب ريمنڊ پڻ جدا جدا پنهنجا مورچا مضبوط ڪيا جيڪي قلعي کان جبل سِين جي تَري تائين پکڙيل هيا ۽ هي هنڌ شهر جي حدن کان ٻاهر هيا. پنجين ڏينهن تي، صليبين هڪ وڏو حملو ڪيو، جنهن ۾ سندن ڪوشش هئي ته انجڻن کان سواءِ مضبوط ديوارن کي ڊاهيو وڃي، يا وري بنان ڏاڪڻن جي اُنهن تان چڙهي، مخالفن مٿان وڃي ڪڙڪو ڪجي. فقط طاقت ۽ زور سان هو پهرين رڪاوٽ کي ٽوڙڻ ۾ ڪامياب ٿيا، پر پوءِ کين بيحد شرمساري جو مُنهن ڏسڻو پيو ۽ سندن ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، ۽ هاڻي ائين محسوس ٿي ٿيو ته سندن پارسا ماڻهن جي اڳڪٿين يا ڪرشمن جي طاقت کين جواب ڏئي چڪي هئي ۽ هاڻي فقط وقت ۽ محنت کي سجايو ڪرڻو هو ۽ اُهي ئي فقط سندن فتح جا ضامن رهجي ويا هيا. گهيري کي چاليهن ڏينهن تائين هلايو ويو پر چاليهه ئي ڏينهن هنن لاءِ مصيبتن ۽ عذاب جا ڏينهن هيا. ڏڪر جي حالت وري برپا ٿي وئي جنهن جو الزام فقط فرئنڪن تي ڏئي سگهجي ٿو جيڪي واڳونءَ جيان کاڌن کي هڙپ ڪندا ٿي ويا ۽ هنن جو پيٽ ڄڻ ڀرجڻ وارو ئي ڪين هيو، ٻيو ته جيروسلم جي پهاڙي زمين ۾ پاڻي تمام گهٽ هيو، چشما نه هئڻ جي برابر هيا ۽ پاڻيءَ جا وهڪرا اونهاري ۾ خشڪ ٿي ويا هيا ۽ گهيري ڪندڙن جي اُڃ اُجهامڻ واري ڪانه هئي، پر شهر ۾ ڪجھ بچاءُ هيو جو اُتي پاڻي جمع ڪرڻ جي مصنوعي طريقن کي ايجاد ڪيو ويو هيو. هن ملڪ ۾ وڻ به تمام گهٽ آهن جيڪي ڇانوَ ڪن ۽ گرميءَ ۾ ماڻهن کي سڪون پهچائن، پر هڪ اونهي غار ۾ صليبين ڪجھ ڪاٺ جا شهتير وڃي ڏٺا هيا؛ سِچم، جيڪو ٽاسو(109) جو پُراسرار وڻن جو جهُڳٽو هيو، ان کي ڪپيو ويو ۽ ان کان پوءِ ضرورت وارو ڪاٺ ڪئمپ جي استعمال لاءِ آندو ويو جيڪو ٽئنڪريڊ جي هوشياري ۽ همت جو ڪارنامو هو ۽ انهيءَ ڪاٺ کي جينُئا جي واڍن انجڻن ۾ فِٽ ڪيو هو جيڪي خوش قسمتيءَ سان جَفا جي بندرگاهه تي وڃي لٿا هيا. ٻه هلندڙ ڦِرندڙ منارا فقط هٿيارن رکڻ ۽ ان جي استعمال لاءِ تعمير ڪيا ويا هيا جيڪي لورين جي امير ۽ ٽولوز جي نواب جي حوالي ڪيا ويا هيا ۽ اُنهن کي وڏي محنت ۽ جفاڪشيءَ سان ڪاهي اُتي نه بيهاريو ويو هو جتي پهچڻ آسان هجي پر اُنهن هنڌن تي نِيو ويو جن جي اهميت کي اڳ نظرانداز ڪيو ويو هو ۽ جتي هٿيارن ۽ قلعن جي کوٽ هئي. ريمنڊ جي مناري کي گهيري ڪندڙن باهه لڳائي ساڙي ۽ رکَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو، پر سندس ساٿي سندس ڀيٽ ۾ وڌيڪ چؤڪس رهڻ وارو ۽ دروانديش هيو، سندس تيراندازن دشمن کي قلعي مان ڀڄائي ۽ پٺتي ڌڪي ڇڏيو هو، جهازن جي لنگهه واري متحرڪ پُل کي مناسب سطح تي آندو ويو ۽ جُمعي جي ڏينهن تي شام جو ٽين وڳي يعني ان ڏينهن جڏهن حضرت عيسيٰؑ کي صليب تي چاڙهيو ويو هو، بُولن جو گاڊفري جيروسلم جي ديوارن مٿان هڪ فاتح جيان بيٺو هو. سندس جرئت جي مثال کي ساراهيو ويو ۽ ان جي پوري پوئواري ڪئي وئي ۽ حضرت عمرؓ جي عظيم فتح کان چار سؤ سٺ سال پوءِ پاڪ شهر کي مسلمانن جي قبضي مان آزاد ڪرايو ويو هيو. هاڻي هر طرف ڦُرلٽ جو وهنوار شروع ٿي چڪو هو. مهم جُو ماڻهن اها ڳالهه قبول ڪئي هئي ته جيڪو جتي پهريون قبضو ڪندو ته ڦُرمار جي مال جو اُهو وڌيڪ حقدار سمجهيو ويندو ۽ هڪ وڏي جامع مسجد جتان ستر سونَ جو مشعلون ۽ سون ۽ چاندي جا گلدان کنيا ويا ۽ اُنهن کي انعام طور ڏنا ويا جن محنت ڪئي هئي ۽ بهادريءَ سان وڙهيا هيا، پر پوءِ اُنهن کي ماڻهن جي ڏسڻ لاءِ نمايان ڪيو ويو. جن کان غلطيون ۽ گناهه سرزد ٿيا هيا اُنهن خدا کي عيسائين جي رت جي قرباني جو نذرانو پيش ڪيو هو؛ ماڻهن ۾ سخت غصو ۽ سندن ڪاوڙيل چوٽ چڙهيل هئي تنهن ڪري ڪنهن به همت نه ٿي ساري ته سندن غيض ۽ غضب واري غصي کي ٿڌو ڪري ماٺار ۾ آڻي، تنهن ڪري ماڻهن جي مڇريل هجوم طوفان ٽن ڏينهن تائين ماڻهن جو قتلام جاري رهيو(110)، ۽ ايترا مئل ماڻهو رستن ۽ گهٽين ۾ پيا رهيا جو سندن جسمن مان خطرناڪ بيماريون ماڻهن کي لڳي ويون. ستر هزار مسلمانن کي قتل ڪرڻ ۽ بي ضرر يهودين کي سندن عبادت گاهن ۾ باهه ڏئي ساڙڻ کان پوءِ، هنن بيشمار قيدين کي خبر ناهي ڪيئن جيئدان ڏنو ۽ اُهي قتل ٿيڻ کان بچي ويا. صليب جي هنن وحشي سپوتن ۾ ٽئنڪريڊ اڪيلو ماڻهو هو جنهن کي ماڻهن لاءِ رحم ۽ همدردي جو احساس هو، پر اسان ريمنڊ جي به تعريف ڪنداسون جنهن جي رحم دلي ڪجھ ذاتي مطلب واري ٿي لڳي، جنهن دشمن جي پيش پوڻ تي کين قلعي جي ڪئمپ ۾ رهايو(111)، هاڻي ’مقدس مقبرو‘ آزاد ٿي چڪو هو، ۽ فاتح هاڻي تيارين ۾ لڳي ويا ته پنهنجو واعدو ۽ عزم پورو ڪن. مٿي ۽ پيرن اُگهاڙا ۽ دل ۾ پشيماني ۽ شرمندگي جا احساسَ کڻي هو اڳتي وڌيا ۽ سندن مُنهن مهانڊا عاجزي ۽ نماڻائي وارا هيا ۽ هوريان هوريان تقدس وارا قدم کڻندا هو ڪئلوَري جي ٽَڪريءَ تي چڙهيا؛ ۽ پادري وڏي آواز سان ڪجھ پڙهندا ٿي رهيا، هنن گڏجي ان پٿر کي چُمي ڏني جنهن دنيا جي مسيحا کي سهارو ڏنو هو ۽ پنهنجي ڇوٽڪاري جي مُناري کي پڇتاوَ ۽ خوشيءَ جي ڳوڙهن سان ڀِڄائي ڇڏيائون. ٻن متضاد يعني خطرناڪ ۽ نازڪ جذبن جي ميلاپ کي ٻن فيلسوفن مختلف طريقن سان پيش ڪيو آهي. هڪڙي (112) اهڙن جذبن کي، دستوري ۽ فطري ڪوٺيو، ۽ ٻي فيلسوف(113) اُنهن کي اجايو ۽ اعتبار ۾ نه ايندڙ چيو. شايد انهن کي سختيءَ سان ساڳي وقت ساڳئي ماڻهوءَ سان لاڳو ڪري سگهجي ٿو، گاڊفري توڙي جو خود به فاتح هيو پر هن پنهنجن ساٿين کي نيڪي ۽ خدا ترسيءَ جي جذبن ڏانهن مائل ڪيو. جڏهن هنن سندن جسمن کي صاف ٿي ڪيو ته آءٌ اها ڳالهه نه مڃيندس ته اُهي جيڪي ماڻهن جي قتلام ۽ سندن ڦُرمار ۾ شامل هيا، ته اُهي ئي مقدس مقبري جي ڇوٽڪاري ۾ ٻين کان اڳرا يا مٿڀرا هيا.

هن يادگار فتح، جنهن کي پادري اربن نه ڏسي سگهيو، اڳواڻ هڪ هنڌ گڏ ٿيا ته جيئن پنهنجي بادشاهه جي چونڊ ڪري سگهن ته جيئن فلسطين ۾ پنهنجي سوڀ جي حفاظت ڪري سگهن ۽ اُتي حڪومت هلائي سگهن. عظيم هُو ۽ چارٽريس جو اسٽيفن پوئتي هٽي ويا هيا ۽ سندن شهرت کي به ڪافي نقصان رسيو هو ۽ جنهن لاءِ هنن ٻي صليبي جنگ وڙهڻ جو عزم ڪيو ته جيئن وقار سان مري سگهن. بالڊوِن کي ايڊيسا ۾ مقرر ڪيو ويو هيو، بوهيمنڊ انتاڪيا ۽ ٻه رابرٽس جيڪي نارمنڊي جا امير هيا(114) ۽ فلانڊرس جي امير، فضول ۽ برپٽ جي حڪمرانيءَ جي مقابلي ۾ اولهه ۾ پنهنجي ورثي کي مضبوط ڪرڻ چاهيو. ريمنڊ جي حسد ۽ سندس لالچي مقصدن کي سندس پنهنجن ماڻهن طرفان ئي ننديو ويو هو، ۽ بولن جي گاڊفري کي، جيڪو آزاد ذهن رکندڙ ۽ منصف مزاج هو، فوج جي هڪ ۽ گڏيل راءِ سان عيسائي دنيا جو سرواڻ چونڊيو ويو. سندس اعليٰ ڪردار جي ڪري هن هڪ اهڙي ذميواري قبول ڪئي هئي جنهن ۾ جيترو شان هو ته اوترا ئي خطرا پڻ موجود هيا، پر هڪ اهڙي شهر جتي سندس مسيحا کي ڪنڊن جو تاج پارايو ويو هو، ۽ زيارتين وڏن نالن ۽ شاهي پرستارن کي ٿُڏي ڇڏيو هو، تنهن ڪري جيروسلم جي بادشاهت جي بنياد رکندڙ ان ڳالهه ۾ خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو ته سندس خطاب ’مقدس مقبري جو محافظ ۽ امير‘ رکيو ويو هو. سندس فقط هڪ سال جي حڪومت(115)، جو عرصو ماڻهن کي خوش رکڻ لاءِ گهٽ هو، جيڪو پهريَن ئي پندرهَن ڏينهن ۾ خلل جو شڪار ٿي ويو ڇاڪاڻ تي کيس جنگ جي ميدان ۾ وڃڻو پئجي ويو، جو مصر جي وزير يا سلطان کان اهڙو پيغام وصول ٿيو هو، توڙي جو اهو رد عمل سستي وارو هو، پر تڏهن به سلطان جيروسلم تي دشمن جي قبضي ۾ وڃڻ جو هڪدم بدلو وٺڻ ٿي چاهيو. اسڪلان جي جنگ ۾ سندس مڪمل شڪست، لاطينين جي شام ۾ آبادڪاري جي امڪان کي ختم ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ فرانس وارن جي بهادري نمايان ٿي وئي هئي، جن، هن عمل سان ڄڻ مذهبي جنگين کي هميشه واسطي الوداع ڪري ڇڏيو هو. شايد فوجين جي تعداد جي عجيب و غريب ناهمواريءَ مان ڪا ڌر خوش ٿي وڃي، توڙي جو آءٌ فاطمين جي طرف کان بيشمار گهوڙي سوار ۽ پيادل فوج جي تعداد کي نه ڳڻيندس، پر، ٽن هزار حبش جي ڪارن کان سواءِ، جن وٽ لٺيون، باٺا يا لوڙهيون هيون، ڏکڻ جا بربر پهرين ڀڀڪيءَ تي ئي ميدان ڇڏي ڀڄي نڪتا ۽ اهڙيءَ طرح ترڪن جي چُستي ۽ بهادري ۽ مصر وارن جي ڪاهلي ۽ بزدلي جي وچ ۾ واضح فرق نظر اچي ويو. سلطان جي ترار ۽ سندس جهنڊي کي مقدس مقبري جي سامهون ختم ڪندي نئين بادشاهه (کيس بادشاهي لقب سونهين پيو) پنهنجن ساٿين کي ڀاڪر پاتو جيڪي کانئس جدا ٿي رهيا هيا ۽ ٽن هزار اميرن ۽ ٻن هزار پيادل فوجين کي بهادر ٽئنڪريڊ سان ان ڪري رکيو ويو هو ته جيئن فلسطين جي حفاظت ڪري سگهن. پر سندس حاڪميت تي هڪ نئين دشمن حملو ڪيو، جيڪو اڪيلو فقط اهڙو هو جنهن جي اڳيان گاڊفري به پاڻ کي بزدل سمجهندو هو. پاءِ جو وڏو پادري اڌيمر جيڪو دانائي توڙي عمل جي چُستيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، انتاڪيا جي آخري وبا ۾ مري ويو. جيڪي ڪليسائي فڪر جا ماڻهو بچي ويا هيا اُنهن ۾ سکڻي ڦونڊ ۽ ذاتي لالچ ڀريل هئي ۽ سندن بغاوت واري ڪردار جي ترت تقاضا اها هئي ته پادري جي چونڊ، بادشاهه کان اڳ ٿيڻ گهرجي. جيڪو قانوني سرواڻ هو، ان جي ناڻي ۽ حڪومت جي واڳ کي لاطيني مُلان هڙپ ڪري ويا هيا، يونانين ۽ شامين جي خارج ڪرڻ کي، مذهبي تفرقي بازي جي مذمت ذريعي، جائز سمجهيو ويو (116)، ۽ کين ڇوٽڪاري ڏياريندڙ جي زور زبردستي واري غلاميءَ ۾، اوڀر جي عيسائين کي عرب خليفن تي افسوس ٿيو ته سندن حڪومت ڪهڙن ڪهڙن عجيب ماڻهن کي برداشت ٿي ڪيو، ڊئمبرٽ، جيڪو پِيسا جو مکيه پادري هيو، کي روم جي ڳُجهين پالسين بابت ڪافي سکيا مليل هئي، هو مقدس سرزمين جي مدد ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو سامونڊي جهاز ڀري هتي پهتو. ۽ بنا مقابلي جي کيس ڪليسا جو دنياوي توڙي روحاني اڳواڻ بڻايوويو. نئين سرواڻ(117) جلد پنهنجون انتظامي واڳون سنڀاليون جن تي اڳ پگهر ۽ رت جي پورهئي سان فاتح زيارتي مقرر ٿيل هيا ۽ گاڊفري ۽ بوهيمنڊ سندس اڳيان وڃي پنهنجو ادب ۽ احترام پيش ڪيو ۽ پنهنجي ملڪيت بابت کانئُس سنَدون حاصل ڪيون، ڄڻ ته هيترو ڪجھ هن لاءِ ڪافي نه هيو، تنهن ڪري ڊئمبرٽ جيروسلم ۽ جفا جي ملڪيت جو به دعويدار بڻجي ويو؛ کُتي جواب ڏيڻ جي بجاءِ، هن پادري سان ڳالهيون ٻولهيون ڪيون، ۽ شهر جو ذري گهٽ چوٿون حصو ڪليسا جي حوالي ڪيو ويو ۽ حيادار وڏو پادري، گاڊفري جي موت تي جنهن کي ٻار به ڪونه هيا، جيڪو ڪجھ وٽس بچيو ان تي راضي رهيو ۽ ان ڳالهه تي به مطمئن هو ته ڀلي مستقبل ۾ کيس قاهره يا دمشق ۾ کيس ڪليسائي اختيارن واري مستقل جڳهه ڏني وڃي.

هن مطمئن ڪندڙ سمجهوتي کان سواءِ، فاتح ذري گهٽ پنهنجي نئين بادشاهت کان محروم ٿي وڃي ها جيڪا فقط جيروسلم ۽ جفا تائين محدود هئي، يا جنهن ۾ ڀرپاسي واري ملڪ جا فقط ويهه ڳوٺ شامل هيا. هن سوڙهي ٽُڪري ۾ مسلمانن کي اڃا تائين اجيت قلعن ۾ رهايو ويو هو ۽ هاري، واپاري توڙي زيارتي روز ڪنهن نه ڪنهن مخالفت يا دشمني کي پيا مُنهن ڏيندا هيا. گاڊفري۽ ٻن بالڊوِنس جي فوجين جي مدد سان سندس ڀاءُ ۽ سوٽ جيڪي تخت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ته لاطينين سُک جو ساهه ڀريو ۽ پاڻ کي هاڻي وڌيڪ محفوظ سمجهيو، ۽ پنهنجي حڪومتي اختيارن ۽ حدن جي ڪري پاڻ کي به ٻين بادشاهتن جي مَٽ سمجهيائون، توڙي جو وٽن رعيت جا ماڻهو لکن، جي تعداد ۾ نه هيا نڪي وٽن اُهي قديمي جوڌا باقي هيا جيڪي اڳ اسرائيل(119) وٽ هوندا هيا. لائوڊيسيا، ٽرپولي، ٽائر، ۽ اسڪلان(120) جي سامونڊي شهرن جي حدن گهٽجڻ کان پوءِ، جن جي مدد وينِس، جينُئا، پِيسا، فلانڊرس ۽ ناروي(121) جي آرماڙن ڪئي هئي، ۽ سامونڊي ڪنارن جون حدون جيڪي اسڪئنڊرون کان مصر جي سرحد تائين ڦهليل هيون، عيسائي زيارتين جي قبضي ۾ هيون. جيڪڏهن انتاڪيا جو بادشاهه پنهنجي حڪمرانيءَ تان هٿ کڻي وڃي ها، ته ايڊيسا ۽ ٽرپولي جا امير جيروسلم جي بادشاهه جي غلامن جا مالڪ بڻجي وڃن ها، لاطينين جي حڪومت جون حدون فرات کان به اڳتي هيون، ۽ هيمس،هَما، دمشق ۽ حلب جا چار شهر فقط مسلمانن وٽ رهجي ويا هيا جيڪي به شام ۾ سوڀون حاصل ڪرڻ سبب کين مليا هيا(122). فرانس جي قوم ۽ لاطيني ڪليسا جا قانون، ٻولي، ڪردار ۽ لقب سامونڊي شهرن جي ماڻهن ۾ عام ڪيا ويا هيا. اميراڻي قانون موجب، مکيه رياستون توڙي ننڍا پرڳڻا مردن ۽ عورتن جي وراثت ۾ هليا ويندا هيا(123)، پر پهرين فاتحن جا ٻار(124)، جيڪي اڪثر ڪري بگڙيل روپ ۾ هوندا هيا، موسم جي عياشين ۾ مست مگن ٿي ويندا هيا؛ ڪجھ نوان صليبي جيڪي يورپ کان پهتا هيا اُنهن جي ڪا خاص اهميت ڪانه هئي ۽ نه وري اُهي پاڻ سان گڏ ڪي اُميدون يا مقصد کڻي آيا هيا. شاهي نوابن(125) جي خدمت لاءِ ڇَه سؤ ڇاهٺ امير مقرر ڪيا ويا هيا، جن وري، ٽرپولي جي نواب جي جهنڊي هيٺ، پنهنجي مدد لاءِ وڌيڪ ٻن سؤ اميرن جي گهُرَ ڪئي ۽ جنگ جي ميدان تي هر امير جي خدمت ۾ چار سؤ خادم يا تيرانداز گهوڙن تي چڙهيل هوندا هيا(126) جيڪي سندن نوڪري چاڪري ڪرڻ لاءِ پنهنجي تُرت تياري رکندا هيا. پنج هزار ۽ پنجهتر پيادل سپاهي ڪليسائن ۽ شهرن ڏنا هيا جڏهن ته سڄي بادشاهت مان يارهن هزار فوجي به مهيا نه ڪيا ويا، هي هڪ اهڙي دفاعي دورانديشي هئي جيڪا عرب مسلمانن ۽ ترڪن(127) جي لشڪرن کان بچاءَ ڪرڻ لاءِ نهايت ضروري هئي. پر جيروسلم جي بيحد مضبوط دفاعي ديوار سينٽ جان جي اسپتال(128) جي هئي جنهن جو بنياد اتان جي اميرن رکيو هو، ٻي نمبر تي حضرت سليمانؑ(129) جو مندر هو جيڪو هڪ انوکي ۽ اڻ ٿيڻي اتحاد جي ڪري تعمير ٿيو هو ۽ اهو ايڪو ٻن متضاد نظريي جي ماڻهن يعني راهبن ۽ فوجين جي وچ ۾ ٿيو هو جنهن کي مذهبي جنونيت طرفان تجويز ڪيو ويو هو ۽ ٻنهي نظرين جي پاليسيءَ ان جي منظوري ڏني هئي. يورپ جي وڏن خانداني ماڻهن صليب کي پائڻ ۽ پنهنجي وَچن نڀائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ڇو ته سندن جذبا، نظم ۽ ضبط لازوال هيو ۽ هن سلسلي ۾ اٺاويهه هزار زمين جي ٽُڪرن يا سڄي جاگير(130) جو نذرانو به کين پيش ڪيو ويو جنهن ڪري سندن مالي حالت بهتر ٿي ۽ هاڻي فلسطين جي دفاع لاءِ پيادل توڙي گهوڙي سوار فوج رکي ٿي سگهيا. فوجي ڪمن ۾ خانقاهي قناعت خبر ناهي الائي ڪيڏانهن اڏامي وئي، دنيا ۾ هر طرف غرور، تڪبر ۽ لالچ ڪاهي پئي هئي جنهن عيسائي فوجين کي پڻ بگاڙي ڇڏيو هو؛ سندن دعويٰ هئي ته هو هر الزام کان آجا هيا، ان دعويٰ جو منفي اثر ڪليسا توڙي خود رياست تي پڻ پيو هيو ۽ سندن مثال جي پوئواري ڪرڻ تي امن امان ۾ پڻ خلل پيو هو. پر سندن بدڪاري ۽ بڇڙاين واري زماني ۾، استپال ۽ مندر جي امير پنهنجي بي خوفي ۽ جنونيت واري ڪردار کي جاري رکيو هو، هو زندهه رهڻ ۾ غافل هيا پر حضرت عيسيٰؑ جي نالي تي مرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا هيا ۽ همت ۽ بهادري جو جذبو، جيڪو منجهن صليبي لڙاين منجهان پيدا ٿيو هو، مقدس مقبري مان ان جي چَڪِي کڻي ان کي مالٽا جي ٻيٽ تي پوکيو ويو هيو(131).

آزادي جو جذبو، جيڪو وڏيرڪن ادارن ۾ به هوندو آهي، صليبي شيدائين ۾ پڻ زوردار طريقي سان موجود هيو، جنهن پنهنجي اڳواڻ کي سندس همعصرن ۾ سڀني کان وڌيڪ معتبر ۽ مانَ وارو بڻايو هو. ايشيا جي غلامن ۾، جيڪي پنهنجي مثال ۽ سبق کان غافل هيا، اُنهن ۾ سياسي آزادي جي هڪ نموني جو تعارف ڪرايو ويو هيو، ۽ فرانس جي بادشاهت جا قانونَ، هڪ جهڙائي ۽ انصاف جي نِج ذريعن مان ورتا ويا آهن. هنن قانونن مان پهريون ۽ جيڪو لازمي قانون آهي اُهو اُنهن عوامي ماڻهن جي رضامندي حاصل ڪرڻ بابت آهي جن جي فرمانبرداريءَ جي کين هر وقت ضرورت رهندي آهي، ۽ جن کي فائدي پهچائڻ لاءِ اُهي ٺاهيا ويندا آهن. جيئن ئي بولن جي گاڊفري وڏي مئجسٽريٽ جو عهدو سنڀاليو، ته هن هڪدم عوامي توڙي ذاتي سطح تي لاطيني زيارتين کان، يورپ جي قانون ۽ اتان جي رسمن ۽ روايتن بابت صلاحون ۽ مشورا ورتا جيڪي اُنهن بابت گهڻي ڄاڻ رکندا هيا. معلومات جي اهڙن مفيد ذريعن، ۽ اتان جي اڳواڻ يا سردار ۽ اميرن توڙي مذهبي نمائندن ۽ عوامي ماڻهن، مطلب ته سڀني طبقن جي رضامندي حاصل ڪرڻ کان پوءِ گاڊفري جيروسلم جي هڪ ’مشاورتي ڪائونسل‘ ٺاهي(132) جيڪا جاگيرداري قانون ۽ رسمن روايتن کي ذهن ۾ رکندي ماڻهن جي مقامي معاملن ۽ مسئلن بابت حڪومت کي پنهنجون سفارشون موڪليندي رهندي. نئين قانون کي، جنهن کي بادشاهه، مقامي سردار ۽ جيروسلم جي وائڪائونٽ يا نواب جي مُهرُن ذريعي سرڪاري سطح تي مضبوط بنايو ويو هو، ’مقدس مقبري‘ اندر رکيو ويو، ۽ وقت گذرڻ سان ان ۾ ضروري ترميمون به ٿينديون رهيون ۽ جڏهن به فلسطين جي ججن يا مئجسٽريٽن ۾ ڪو اختلافي مسئلو يا ڪو مشڪوڪ معاملو کين مُنجهائيندو هو ته هو پنهنجي رهبري، مشاورتي ڪائونسل جي ٺهيل متفقه قانون مان حاصل ڪندا هيا. جيئن ته شهر هاڻي بادشاهت لاءِ ذري گهٽ وڃائجي چڪو هو(133)، پر هي نئون قانون هتان جي لاءِ هڪ وڏي سَندَ رکندڙ هيو، جنهن کي مقامي روايتن موجب(134) سختيءَ سان محفوظ ڪيو ويو هو ۽ مختلف مسئلن تي ان مان ڀرپور فائدو وٺندي ان تي عمل ڪيو ويندو هو ۽ اهو سلسلو تيرهين صدي عيسوي جي وچ تائين قائم رهيو؛ ڪجھ عرصو، حڪومتن جي تبديليءَ سبب ان تي عمل نه ٿيو پر پوءِ ٻيهر جان ڊي آئبيلن، جيڪو جَفا جو نواب ۽ مکيه جاگيردار هو(135). قانون جو ٻيهر جائزو وٺندي، ان کي 1369ع ۾ قابل عمل بنائي، ساڳئي سال ۾ ان کي قبرص جي لاطيني بادشاهت ۾ نافذ ڪيو ويو(136).

انصاف ۽ آزادي کي، نئين آئين جو روح ۽ بنياد بنايو ويو هو جنهن کي ٻن مختلف نوعيت جي باوقار عدالتي ادارن، جن کي بولن جي گاڊفري جيروسلم جي سوڀ کان پوءِ قائم ڪيو هو، منظور ڪيو هو. مٿين عدالت ۾ بادشاهه سلامت پاڻ وڃي ويهندو هو جنهن کي عام اصطلاح ۾ امير جي ڪورٽ چيو ويندو هو. هنن منجهان وڌيڪ نمايان گئليلي جي بادشاهه، سِڊان ۽ سزئريا جي سردار، ۽ جفا ۽ ٽرپولي جي نوابن جون عدالتون هيون جيڪي سپاهي کان فوج جي جنرل(137) تائين هڪ ٻئي جي برابر هيون ۽ اُهي ئي ماڻهو هڪ ٻئي جا جَجَ به هوندا هيا. پر سڀني اميرن يا سردارن تي، جن وٽ، بادشاهن کان پوءِ، پنهنجون جاگيرون هيون، بادشاهه جي عدالت ۾ وڃڻ لازمي هوندو هو ۽ وري هر هڪ امير يا نواب، پنهنجين حدن ۾ هيٺين اسيمبلين يا عدالتن ۾ ويهي ساڳيا حڪم هلائيندو هو. آقا ۽ غلام جو پاڻ ۾ تعلق عزت وارو ۽ هڪ ٻئي جي مرضيءَ تي هلڻ وارو هوندو هو: غلام تي مالڪ جي عزت ڪرڻ، ۽ مالڪ طرفان کيس جاني ۽ مالي تحفظ ڏيڻ جي ذميواري هوندي هئي، پر ان رشتي ۾ هروڀرو ايتري سختي به ڪانه هوندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ته ٻنهي ۾ ڄڻ فرق مٽجي ويندا هيا ۽ ٻئي هڪ ٻئي جي عزت ڪندا هيا ته هڪ ٻئي جي حفاظت به گڏجي ڪندا هيا، پر جيڪڏهن ڪنهن به ڌر کي هڪ ٻئي کان ڪا تڪليف پهچندي هئي ته پوءِ اهو رشتو ٽٽي ويندو هو. شاديون مراديون توڙي عقيدن اختيار ڪرڻ جي سرشتي کي مذهب سان منسلڪ ڪيو ويو هو ۽ مذهب تي پادرين جو قبضو هو، باقي اميرن جي شهري توڙي ڏوهن جي معاملن، وراثت ۽ جاگير رکڻ جا مُدا ۽ اهڙي قسم جي ٻين معاملن جا فيصلا سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندا هيا. هر ميمبر عوامي توڙي خانگي حقن جو جج هوندو هو ۽ اُنهن جي حفاظت جو ذميوار هوندو هو. اها ڳالهه سندس ڊيوٽي ۾ شامل هوندي هئي ته ترار کي هٿ ۾ رکندي مالڪ جي دعوائن کي پنهنجي زبان سان اظهار ڪري، پر جيڪڏهن مالڪ يا ڪو به طاقتور امير ناانصافيءَ جو مظاهرو ڪندي، پنهنجي غلام جي ملڪيت يا ان جي آزادي کي ڦٻائڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته اتحادي ۽ هڪ جهڙائي رکندڙ امير وِچ ۾ پَوندا هيا ۽ جهڳڙي يا اختلافن کي پنهنجي زبان ۽ عمل ذريعي ٺيڪ ڪري ڇڏيندا هيا. اُهي جرئت مندي ڪندي ساڻس ٿيل زيادتي جو ازالو ڪندا هيا، سندس معصوميت جو اقرار ڪندا هيا، سندس ملڪيت ۽ سندس شخصي آزادي کي واپس ڪرڻ ۾ مدد ڪندا هيا ۽ کانئس پنهنجون خدمتون وٺڻ لاءِ پابند ڪندا هيا، سندس ڀاءُ کي جيل مان آزاد ڪرائي سندس حفاظت لاءِ هر ممڪن اُپاءُ ورتا ويا، پر ان سڄي معاملي ۾ غلام ڪڏهن به اهو نه چاهيندو هو ته هو پنهنجي مالڪ جي خلاف تشدد يا بغاوت ڪري ڇو ته ان جي حفاظت هن جي نظرن ۾ اَوليت رکندڙ ۽ مقدس هوندي هئي(138). ڪيس وڙهڻ ۾، جوابن توڙي آڏيُن پڇائن ۾، ڪورٽن جا وڪيل مهذب ۽ ڪشادي ذهن جا مالڪ هيا، پر شاهدين پيش ڪرڻ کان اڳ وڪيلن ۾ وڏا بحث مباحثا ۽ دليل بازي جو مقابلو ٿيندو هو ۽ جيروسلم جي مشاورتي ڪائونسل تسليم ٿي ڪري ته بربرن جو هي ادارو وقت سان گڏ ختم ٿي ويو آهي ۽ ان جي جڳهه تي يورپ ۾ وڌيڪ مؤثر قانون ۽ ضابطا نافذ ڪيا ويا آهن.

جنگ ذريعي نبيرا ڪرڻ جي سرشتي کي ڏوهن جي ڪيسن ۾ شروع ڪيو ويو هيو جنهن ۾ ڪنهن انسان جي زندگي سندس ڪو عضوو يا عزت متاثر ٿيندي هئي، ۽ سڀني شهري معاملن ۾ جنهن ۾ دعويٰ چاندي جي هڪ مارڪ برابر هوندي هئي ته اُهو ڪيس ڪورٽ ۾ ٻُڌڻ لائق سمجهيو ويندو هو. اهو به معلوم ٿو ٿئي ته ڏوهن جي معاملن ۾ ويڙهه الزام هڻندڙ پاران ٿيندي هئي، جيڪو غداريءَ جي ڪيس کان سواءِ، کيس رسيل نقصان يا تڪليف جو بدلو وٺندو هو يا دشمن جي موت جو مطالبو به ڪندو هو، پر شرط اهو هو ته کيس تڪليف به اوتري رسائي وئي هجي، پر جتي به ڪيس جي نوعيت کي نظر ۾ رکندي جڏهن شاهديون پيش ٿينديون هيون ته اُهي شاهديون فقط حقيقت کي بيان ڪرڻ لاءِ هونديون هيون. شهري معاملن ۾، انصاف جي گهُر ڪندڙ جي دعويٰ کي ثابت ڪرڻ لاءِ بحث مباحثن جي اجازت نه هوندي هئي، پر هن سلسلي ۾ کيس اُهي شاهد پيش ڪرڻا هوندا هيا جن کي حقيقتن جي پوري ڄاڻ هجي. دليل يا بحث مباحثن جي فقط مدعا عليهه يا پنهنجي دفاع ڪرڻ واري کي اجازت هوندي هئي ڇو ته هو شاهدن تي ڪوڙ ڳالهائڻ جو الزام لڳائيندو هو جنهن ڪري سندس جائز حق تي ڌاڙي لڳڻ جو امڪان هوندو هو. اهڙيءَ طرح سندس ڪيس جي نوعيت ان درخواست گذار واري هوندي هئي جيڪو ڏوهن جي ڪيس ۾ پنهنجي دعويٰ داخل ڪرائيندو هو. تنهن ڪري هن سلسلي ۾ ثابتي ان ڪري پيش نه ڪئي ويندي هئي ته قانوني جنگ ٿئي، ۽ ثابتي منفي به هرگز نه هئڻ گهرجي (جيئن ليکڪ مانٽيسقيو(139) اندازو ٿو لڳائي) پر هر ڪيس ۾، زيادتي ٿيڻ جي صورت ۾، جنگ ڪرڻ جي حق جو بنياد، هٿيارن جي زور تي حق وٺڻ جي برابر هيو ۽ انصاف جي جنگ به ساڳين اصولن تي ۽ ساڳين جذبن سان جاري رکي ويندي هئي بلڪل ائين جيئن خانگي طرح دوبدو مقابلو ڪيو وڃي. حمايتي يا مددگار فقط عورتن، اپاهج ماڻهن يا اُنهن لاءِ مقرر ڪيا ويند اهيا جن جي عمر سٺ سالن کان مٿي هوندي هئي. جيڪڏهن ڪيس ۾ ڪنهن کي شڪست ايندي هئي ته جنهن تي الزام هوندو هو ان کي موت جي سزا ڏني ويندي هئي ۽ حمايتي يا شاهد يا الزام مڙهيندڙ به سزائن کان نه بچي سگهندا هيا، ۽ شهري يا سِول ڪيسن ۾ مطالبي ڪندڙ کي بدناميءَ(*) جي سزا ملندي هئي ۽ ڪيس به وڃائي ويهندو هو جڏهن ته سندس شاهدن ۽ حمايتين کي ذلت واري موت جي سزا ڏني ويندي هئي. ڪيترين حالتن ۾ اها جج جي مرضي هوندي هئي ته دليلن ڏيڻ جي اجازت ڏئي يا انڪار ڪري ڇڏي پر ٻه مثال اهڙا ٻڌايا ويا آهن جنهن ۾ للڪار جو اهو لازمي نتيجو هوندو هو ته جيڪڏهن هڪ وفادار نوڪر، پنهنجي برابري ڪندڙ کي ڪوڙو ڪيو جنهن زيادتي ڪندي پنهنجي مالڪ جي حدن يا رياست تي ناجائز دعويٰ ڄمائي، يا جيڪڏهن ڪنهن ناڪام دعويدار ڪورٽ جي فيصلي ۽ ان جي انصاف تي ڪو بيهودو الزام هنيو ته اهڙن دعويدارن کي سخت تڪليفن جو مُنهن ڏسڻو پوندو هو. هُو ڀلي ڪورٽ تي الزام هڻي، پر ان جا شرط سخت ۽ خطري کان خالي نه هيا؛ ساڳي ڏينهن تي هو لڳاتار ڪورٽ جي سڀني ميمبرن سان وڙهندو رهندو هو، ۽ اُنهن سان به وڙهندو هو جيڪي غير حاضر هوندا هيا، جيڪڏهن انهن سڀني ڪيسن ۾ ڪٿي هڪڙي ۾ به کيس شڪست ملي ته ان جي نتيجي ۾ کيس موت جي سزا ملندي هئي ۽ سندس خواري ان کان سواءِ هوندي هئي، ۽ جتي ڪنهن کي، ڪنهن به ڪيس ۾ سوڀَ نظر نه ايندي هئي ته ان ڳالهه جو، اهڙين حالتن ۾، قوي امڪان هوندو هو ته ڪو ماڻهو ڪيس وڙهڻ جي آئنده لاءِ همت ئي نه ساري سگهي. جيروسلم جي مشاورتي ڪائونسل ۾، جفا جي نواب جي قانوني نفاست اها هوندي هئي ته هو انصاف جي ويڙهه ۾ سهولتون ڏيڻ بجاءِ ان کي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندو هو ۽ سندس ان عمل جي تعريف ڪئي ويندي هئي، هُو ائين وهمن وسوسن جي ڪري نه پر پنهنجي وقار جي اصولن کي قائم رکڻ خاطر ڪندو هو(140).

جن سببن جي ڪري عام ماڻهو، جاگيردارن جي ظلمن کان محفوظ رهيا هيا، اُنهن ۾ شهرن ۽ ادارن جو وڏي ۾ وڏو هٿ هيو ۽ جيڪڏهن فلسطيني ماڻهو پهرين صليبي جنگ جا همعصر آهن ته اُنهن کي لاطيني دنيا ۾ قديمي ماڻهن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. صليب جي جهنڊي هيٺ ڪيترائي زيارتي پنهنجن مالڪن کان ڀڄي ويا هيا ۽ فرانس جي بادشاهن جي اها خواهش هوندي هئي ته سندن نوڪر چاڪر انهن کان ڀڄي نه وڃن تنهن ڪري اُهي آزاديءَ جي حقن ۽ ٻين فائدن جي لالچ ڏئي کين هِرکائيندا رهندا هيا ته جيئن اُهي وٽن ترسي پَون. جيروسلم جي مشاورتي ڪائونسل جي دستاويز ۾ اها ڳالهه واضح طور تي لکيل آهي ته، اميرن ۽ نوابن جي ادارن کي خود قائم ڪرڻ کان پوءِ، بولن جي گاڊفري هڪ ٻي ٽربيونل ٺاهي جنهن ۾ هن جي بجاءِ سندس وائڪائونٽ يا نمائندي ان ۾ شرڪت ڪئي. اهڙين ننڍين ڪورٽن جي انصاف جو دائرو بادشاهت جي خاص علائقن تائين وڌايو ويو هو جنهن ۾ چونڊي چونڊي وڏي اهميت رکندڙ ۽ معتبر ماڻهن کي شامل ڪيو ويو هيو ۽ اُنهن کي قَسم ڏنو ويو هو ته هو عملن جي قانونن ۽ پنهنجن هڪ جهڙن جي بخت ڀاڳ کي نظر ۾ رکندي ساڻن انصاف ڪندا(141). نَون شهرن فتح ڪرڻ ۽ انهن ۾ آبادڪاري جي سلسلي ۾، جيروسلم جي مثال کي بادشاهن ۽ سندن خاص نوڪرن طرفان نمايان حوالو بنايو ويو هو ۽ مقدس شهر جي نقصان کان اڳ، ٽيهه ساڳئي قسم جون ڪارپوريشنون ٺاهيون ويون هيون. رعيت جي ماڻهن جو ٻيو طبقو يعني شامي(142) يا مشرقي يا عيسائي، مذهبي ماڻهن جا ستايل هيا پر پوءِ رياست نه رڳو کين برداشت ڪيو پر انهن کي تحفظ پڻ ڏنو. گاڊفري سندن مناسب عرض کي غور سان ٻُڌو جنهن ۾ هو چئي رهيا هيا ته سندن قومي قانونن کي نظر ۾ رکندي ساڻن انصاف ڪيو وڃي. هنن جي استعمال لاءِ ٽين ڪورٽ ٺاهي وئي جنهن جو محدود دائرو يا گهريلو حدون هيون، جن ميمبرن هن ڪورٽ جو قسم کنيو اُهي سڀيئي مذهب، ٻولي ۽ رت جي رشتن ۾ شامي هيا پر صدر جو عهدو (جنهن کي عربي ۾ رئيس چوندا آهن) ڪڏهن ڪڏهن شهر جو وائڪائونٽ يا نمائندو سنڀاليندو هو. اميرن کان هيٺ اهڙي مفاصلي تي جنهن جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي، رياستي ماڻهو توڙي ڌاريا، جنهن جي لاءِ جيروسلم جي مشاورتي ڪائونسل جو دستاويز، خاص مهرباني ڪندي بدمعاشن، غلامن، زمين جي هارين، ۽ جنگ جي قيدين جو تذڪرو ٿو ڪري، جن کي پڻ ذري گهٽ ملڪيت جي شين سان تشبيهه ڏني وئي هئي. هنن بدقسمت ماڻهن کي جيڪي سهولتون ڏنيون ويون هيون يا کين جيڪا حفاظت مهيا ڪئي وئي هئي، اُها تعريف لائق هرگز ڪانه هئي ۽ نه وري ڪنهن قانون ساز جي مرتبي مطابق هئي، پر ان سهولت موجب ڀاڄوڪڙن لاءِ سزا مقرر ڪرڻ جي بجاءِ، اُنهن کي ڳولي هٿ ڪرڻ جو نقطو ان ۾ شامل ڪيو ويو هيو. جيئن ڪُتا ۽ بازَ ڪڏهن پنهنجي مالڪ کان ڀِٽڪي وڃائجي ويندا آهن، پر جڏهن ڳولڻ سان ملندا آهن ته اُنهن تي ٻيهر مالڪيءَ جي دعويٰ رکبي آهي، بلڪل اهڙي طرح هڪ غلام ۽ باز جو ساڳيو قدر ۽ ساڳي قيمت هئي؛ پر ٽن غلامن يا ٻارنهَن ڏاندَن کي گڏ ڪري اُن جي مُلهه جو تخمينو جنگي گهوڙي جيترو لڳايو ويو هيو، ۽ سُواريءَ جي دؤر ۾ هڪ اشراف جانور (يعني انسان) جي قيمت جو ڪاٿو سون جي ٽن سؤ ٽڪرن جي برابر لڳايو ويو هو(143).

باب اٺوَنجاهون

 

(حاشين بابت وضاحتون)

(1)                               پِڪارڊس جو نالو عجيب ۽ انوکو آهي، ان مان ئي پِڪارڊي نڪتو جيڪو 1200ع کان اڳ جو نه آهي. اهو هڪ تعليمي چرچو هو يا وري ائين کڻي چئجي ته هڪ لقب هو جيڪو اُنهن شاگردن جي هڪ ٻئي سان ڀوڳن چرچن جي ڇيڙڇاڙ ۾ کين ڏنو ويو هو جيڪي پئرس جي يونيورسٽي ۾ پڙهندا هيا ۽ جيڪي فرانس ۽ فلانڊرس جي پري وارن سرحدي علائقن مان اُتي پڙهڻ ويندا هيا. (وئليسي نوٽيٽيا گئلريَم، ص 447، لانگرُو، فرانس جي احوال ۾، ص 54).

(2)                             ٽائر جو وليَم (I,ii,637,638) جنهن ۾ راهبن جو ذڪر آيل آهي ڏسو البرٽ اڪئينِس،(ص 185) گبرٽ، (ص 482) ائناڪمنينا اليگزئڊ ۾ (x,284 وغيره) جنهن ۾ ڊوڪينج جا حاشيا به شامل آهن. (ص 349).

(*)     (وڏو پادري، 1073-1085ع).

(3)                             گريگري، vii، تحريرون، (ii,31) ٽام ۾ (xii,322).

()      (وڏو پادري، 1088-1099ع).

(4)                             اربن- II جي اصلي زندگي جو مطالعو ڪيو جنهن کي پئنڊلفس پسينس ۽ برنئرڊَس گائيڊو مراتوري ۾ تحرير ڪيو آهي ۽ اٽلي جي زبان ۾ لکيل آهي. (iii,I,352,353).

()      (1060-1108 ۾ حڪومت ڪئي).

(*)     (1056-1106 ۾ حڪومت ڪئي).

(*)(*) (ٽسڪني جي اميرزادي جنهن شاهه جي مقابلي ۾ پادريت جي حمايت ڪئي هئي. 1115ع ۾ سندس موت ٿيو).

(5)                              کيس ڪيترن ئي نالن سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو: پرئڪسِس يوپريسيا، يوفراسيا، ۽ ائڊليس ۽ اُها روس جي بادشاهه جي ڌيءُ ۽ برئنڊينبرگ جي مارگريو جي بيوهه هئي. (جرمني جي ڪارپَس جي تاريخ، ص 340).

(6)                             (’هينري جي دل ۾ هِن عورت لاءِ نفرت سمايل هئي، جنهن جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هن کيس هڪ ڪمري ۾ بند ڪرائي ڇڏيو ۽ ڪيترن ماڻهن کي چيو ته زور ۽ زبردستيءَ مان کيس وٺي وڃن، نه رڳو ايترو پر هن پنهنجي پُٽ کي اجازت ڏني ته ڀلي ساڻس هم بستري ڪري‘. (ڊوڊيچن ڪنٽينيوئنٽ، مئريَن اسڪاٽ جنهن کي برٿولڊس لکيو) (هُن شڪايت ڪئي ته ساڻس ڪيترن ماڻهن طرفان مختلف، گندن ۽ غير فطري طريقن سان جنسي ڏاڍائي ڪئي وئي هئي، وغيره وغيره). ۽ ٻيهر پليسينشيا ۾: ساڻس جنسي ڏاڍاين جا داستان ايترا ته ڀيانڪ هيا جو وڏي پادري ۽ سندس پاڪ ڪائونسل به اها ڳالهه تسليم ڪئي ته عورت سان جنسي تجربا پنهنجي مرضيءَ سان نه پر ساڻس جنسي ڏاڍائيءَ جي ڪري سرزد ٿيا هيا (بئرن، 1093ع نمبر، 4 ۽ 1094ع نمبر 3) هڪ اهڙو انوکو موضوع ، جنهن ۾ پادري اهڙو فيصلو ڪيو جنهن ۾ ڪو نقص يا عيب ڪونه هو. هي نفرتون يا ڪراهتون انساني فطرت جي هر اصول جي خلاف آهن جنهن کي پادري جي ڏنڊي يا ٻين اختلافن سان بدلائي نٿو سگهجي. تنهن هوندي به بدنصيب عورت، جيئن محسوس ٿئي ٿو، کي پادرين طرفان هرکايو ويو هو ته هوءَ پنهنجي ۽ پنهنجي مڙس جي بدناميءَ جي ڪجھ قصن کي اُنهن اڳيان ويهي ورجائي.

(7)                             ڏسو پليسينشيا جي ڪائونسل بابت ڪجھ احوال (ڪائونسل، xii,821 وغيره).

(8)                             گِبرٽ جيڪو خود به فرانس جو رهواسي هو، فرينچ قوم جي خداترسي ۽ بهادري جي گهڻي تعريف ٿو ڪري. هن صليبي جنگين بابت ڪتاب به لکيا، فرينچن بابت لکي ٿو: ’هو مهذب، چڱا انسان، سياڻا، جنگجُو، خوشحال ۽ هڪ شاندار قوم سان تعلق رکن ٿا.‘ جيڪڏهن اسان کي ساڳيو ڪردار برطانيه جي ماڻهن، انگريزن يا لِگورينس ۾ نظر اچي ها ته شايد اُنهن کي به اسان ’فرينچ‘ ڪوٺڻ ۾ غلط نه هجون ها.‘ بهرحال هو تسليم ٿو ڪري ته فرانس جي ماڻهن جي زنده دلي هاڻي تُند مزاجي ۽ بڪواسي هئڻ ۾ تبديل ٿي وئي آهي ۽ اهڙن ماڻهن ۾ گهڻو ڪري ٻاهريان ماڻهو شامل آهن. (ص 483)

(9)                             رابرٽ مونئڪ (سُورمن جي تاريخ، I, 33 وغيره.

(10)                      جان تلپينَس يا ترپينَس، ريمس جو وڏو پادري هيو. (773ع) سن 1000ع کان پوءِ، فرانس ۽ اسپين جي سرحدن تي رهندڙ هڪ راهب عشق جي هڪ داستان کي هن جي نالي ۾ قلمبند ڪيو هو ۽ ڪليسائي ڪردار جي اها حالت هئي جو هن پاڻ کي هڪ جهيڙيڪار ۽ شرابي پادري ڄاڻايو هو. تنهن هوندي به ڪُوڙن جي ڪتاب کي پادري ڪلڪسٽَس-II (1122ع) سچو ثابت ڪيو آهي ۽ ائبٽ سُگر، سينٽ ڊينيز جي تاريخوار قصن ۾ ان کي وڏي عزت سان پيش ڪيو آهي. (لاطيني واقعا، جن کي منسي ايڊٽ ڪيو. ٽام- (iv, 161

(*)     (ڪِلَني).

(11)                        ڏسو بولن وليئرس جي نواب کي (I, 180-182) ۽ فرانس جي تاريخ جي ٻي جُلد جو مطالعو به ڪيو جنهن کي ابي.ڊي مبلي تحرير ڪيو آهي.

(12)                      لئائر جي ڏکڻ ۾ جيڪي صوبا اچي وڃن ٿا، اُنهن ۾ جيڪي شروعاتي آهن اُنهن کي اميراڻي برتري رکڻ جي اجازت نه ڏني وئي هئي. سڀني طرفن کان نارمنڊي، بريٽين، اڪئينٽين، برگنڊي، لورين ۽ فلانڊرس گڏجي فرانس جي سرحدن کي ٺاهيو ۽ سينگاريو هو. (ڏسو هئڊرئن ۽ ويلز).

(13)                      هي امير يا نواب، جيڪي اڪئينٽين جي نوجوان شهزادن جو حصو آهن، آخرڪار فلپ آگسٽَس کين تاراج ڪري ڇڏيو ۽ سندن ملڪ جي گهڻي حصي تي سندس قبضو ٿي ويو. (فرانس جو بادشاهه فلپ-II، 1223- 1180ع) ڪلرمانٽ جا پادري وقت سان گڏ شهر جا شهزادا ٿيندا ويا. (تاريخوار واقعا، xxxvi, 288 وغيره).

(14)                      ڪلرمانٽ جي ڪائونسل جي قانونن جو مطالعو ڪيو وڃي. (ڪائونسل xii, 829 وغيره).

(15)                       بالڊرڪ، هڪ اکين ڏٺو شاهد هيو (صفحا 88-86) رابرٽ مَن (صفحا 32-31) ٽائر جو وليمَ I, 14-15 (صفحا 641-639) گبرٽ (صفحا 480-478) فلچر ڪئرونيٽ، ص 332).

(16)                      جنگ بندي، جنهن کي ’ٽروس آف گاڊ‘ جو نالو ڏنو ويو هو، کي پهريون ڀيرو 1032ع ۾ اڪئينٽين ۾ ايجاد ڪيو ويو هيو، جنهن تي ڪجهه پادرين سراسر ڪوڙ جو الزام مڙهيو، ۽ ان سمجهوتي کي نارمنڊي وارن انڪري رد ڪيو ته اهو ڏنل سهولتن جي روح جي خلاف هيو. (ڊوڪينج، لاطيني-vi، صفحا 685-682).

(17)                      ’ڊيوس وَلٽ‘ اهو انهن مذهبي ماڻهن طرفان زور سان داد ڏيڻ جو طريقو هو جيڪي لاطيني زبان کان چڱيءَ طرح واقف هيا (رابرٽ مَن- (I, 32 باقي جيڪي عام ۽ اڻپڙهيل ماڻهو هيا ۽ ڳوٺاڻيون زبانون ڳالهائيندا هيا، اهو فقرو اُنهن ۾ بگڙيل صورت وٺي ’ڊيرس لو وَلٽ‘ ٿي ويو هو. ڏسو ڪئسينينِس جا تاريخوار واقعا، iv, 11, 497 جيڪي مراتوري ڄاڻايا آهن ۽ اهو متن اٽلي جي هڪ زبان ۾ آهي (ٽام-(iv ۽ ڊوڪينج (مقالو xi, 207 چئائنول لاطيني-(ii, 690 جيڪو 1100ع ۾ پنهنجي مهاڳ ۾ رووَگ ٻوليءَ جي هڪ ڏکئي لهجي کي پيش ٿو ڪري پر جيڪو ڪلرمانٽ جي ڪائونسل ۾ ڳالهايل لهجي جي ڪافي ويجهو هيو. (صفحا 16-15).

(18)                      اهي گهڻو ڪري سون يا ريشم جي تارن سان سِبيل يا اُڻيل هوندا هيا ۽ سندن ڪُلهن تي رکيل هوندا ها. پهرين صليبي جنگ ۾ سڀئي ڳاڙهي رنگ جا هيا، ۽ ٽين صليبي جنگ ۾ فقط فرانس وارن ساڳئي رنگ کي اختيار ڪيو هو باقي فلانڊرس وارن سائو رنگ جڏهن ته انگريزن اڇو رنگ چونڊيو هو. (ii, 651) تنهن هوندي به انگلنڊ ۾ ڳاڙهو رنگ وڌيڪ پسند ڪيو ويندو آهي ۽ فوجي لباس توڙي يونيفارم ۾ به ساڳيو رنگ رکيو ويندو آهي.

(19)                      بونگئرسيَس، جنهن صليبي جنگين جي اصلوڪن ليکڪن کي ڇاپيو آهي، اطمينان ۽ آسانيءَ سان هُن گبرسٽَس کي جنوني هئڻ جو لقب ڏنو آهي، يعني ’گيسٽاڊي‘ (خدا جو ڪم جنهن کي فرئنڪن ڪيو) جيتوڻيڪ ڪجهه نقادن ان لقب کي هينئن بدلايو هو: ’گيسٽاڊائابولي پرفرانڪوز‘ (شيطان جو ڪم جنهن کي فرئنڪن تڪميل تي پهچايو هو). (هئنووي 1611 ٻه جُلد) آءٌ هنن کي مختصر طور بيان ڪندس جيئن اُهي گڏ ٿيل مواد ۾ آيل آهن ۽ جن ليکڪن يا مصنفن پهرين صليبي جنگ تي لکيو اُهي هي آهن: (i) گسٽافرانڪورم، (ii) رابرٽَس مونئڪَس، (iii) بالڊريڪَس، (iv) فلچيريَس ڊي اَگائيلس، (v) البرٽَس اڪئينسِس، (vi) فلچيريَس ڪارنوٽينِس، (vii) گبرٽَس، (viii) وِليلمَس ٽائرينِس، اهي مرتوري اسان کي ڏنا آهن، (ix) رئڊولفَس ڪئڊومينِس ڊي گيسٽِس ٽئنڪريڊ (اٽلي جي هڪ ٻوليءَ ۾ لکيل-V صفحا 333-285) ۽ (x) برنئرڊَس ٿِسارئريَس (vii, 664-848) آخري ليکڪ کي فرانس جو تاريخدان نه سڃاڻندو هو جنهن کي ڊوچين لسٽ ۾ شامل ڪيو هو. (1) پيٽري ٽيوڊباڊي سيسر ڊوٽِس ( iv، صفحا 815-773) کي پهرئين اڻڄاتل ليکڪ سان ملايو ويو آهي. جنهن جو نالو بونگئرسيَس هو. (ii) پهرين صليبي جنگ جي تاريخ، جيڪا سَتن ڪتابن ۾ آيل آهي. (صفحا 912-890) جي ايتري اهميت نه آهي.

(20)                    جيڪڏهن پڙهندڙ شيڪپيئَر جي ڊرامي هينري-iv جي پهرئين حصي جي پهرئين منظر کي پڙهندو ته ان ۾ جوش جذبي جا فطري احساس کيس نظر ايندا ۽ ڊاڪٽر جانسن جي حاشين ۾ تعصب جي جهلڪ نظر ايندي توڙي جو ذهن ان جو تمام تيز هو ۽ جيڪو نفرت ۽ اُنهن کي اذيت پهچائڻ لاءِ ڪو بهانو ڳوليندو هو جيڪي سندس عقيدن کان اختلاف ڪندا هيا (هنن خيالن جو اظهار جانسن جي موت کان پوءِ 1784ع ۾ ڪيو ويو هو.، گِبن ۽ جانسن هڪٻئي کي ڄاڻندا سڃاڻندا هيا ڇاڪاڻ ته ٻئي ’دي ڪلب‘ جا ميمبر هيا جيڪا هڪ مخصوص ادبي ڪلب هئي.

(21)                      فلري جي لکيل ’ڪليسائي تاريخ ۾‘ (صفحا 261-223) صليبي جنگين بابت مستند احوال لکيل آهي ۽ اُنهن جا سبب ۽ اثر به واضح طور ڄاڻايا ويا آهن ته ساڳئي وقت اهڙين جنگين بابت عيسائين جي قومي نظريي بابت به ڪافي ڪجهه لکيو ويو آهي.

(22)                    تاريخدان مراتوري، يورپي تاريخ جي وچئين دؤر ۾ پڇتاوَ، ڪفاري ڏيڻ ۽ معافي بابت ڪافي بحث ڪيو آهي. (اٽلي جي قديم تاريخ، 768-709 (v, ixviii, ته ساڳئي وقت ايم.ڊي چئس پڻ ان موضوع تي وضاحت سان روشني وڌي آهي. Ii, 21-22 ۽ صفحا 556-478). البت فرق صرف هي آهي ته اٽلي جي تاريخدان وهمن وسوسن جي غلط روَين ۽ اُنهن مان غلط فائدن وٺڻ جي حقيقت کي گهٽ اجاگر ڪيو آهي ته ڊَچ وزير به ان کي ڪمزور نموني بيان ڪيو آهي.

(23)                    شِمڊ (اليمانڊس جي تاريخ- (ii, 211-220, 452-462 ريگينو جي پڇتاوَ بابت نائين صديءَ ۾  ۽ برڪارڊ بابت ڏهين صدي عيسوي جو احوال پيش ڪيو آهي. هڪڙي ئي سال ۾ پنج ۽ ٽيهه (يعني پنجٽيهه) قتل ڪيا ويا هيا.

(24)                    ٻارهين صدي عيسوي تائين، ٻارهَن دينارن جي رقم ۽ حساب بابت اسان جو حساب ڪتاب ٺيڪ آهي، جنهن ۾ پينس کي ساليڊَس يا شلنگ سان ڀيٽيو ويندو هو، ۽ xx سالڊي چانديءَ جي هڪ پائونڊ تور برابر هوندا هيا جڏهن حساب ڪتاب پائونڊ اسٽرلنگ جي ڀيٽ مطابق ڪيو ويندو هو، جنهن ۾ اسان جي ناڻي جو قدر گهٽجي ٽئين حصي تي وڃي ٿو بيهي ۽ فرانس وارن جو ته ان جي پنجاهين پتيءَ ۾ ٿو وڃي بيهي.

(25)                     جڏهن ڪوڙن يا ڦٽڪن جو تعداد هڪ سؤ جي انگ کي پهچندو هو ته مقدس زبور جي مناجاتن کي پڙهيو ويندو هو ۽ جڏهن ڪتاب پورو ٿيندو هو ته 15,000 ڦٽڪا به پورا ٿيندا هيا پر ان عمل ۾ پورا پنج سال لڳي ويندا هيا.

(26)                    سينٽ ڊومينڪ لوريڪئٽس جي زندگي ۽ ان جي ڪارنامن بابت ڪتاب کي، سندس دوست ۽ مداح پيٽرڊئمئينَس لکيو هو. هن سلسلي ۾ فلري جي ڪليسائي تاريخ (xiii, 96-104) جو به مطالعو ڪيو وڃي. بئرونيَس (1056ع، نمبر7) پنهنجي تبصري ۾ چوي ٿو ته گهڻين خاصيتن وارين عورتن ۾ ڪفاري ادا ڪرڻ جو هي فيشني طريقو رائج ٿي چڪو هو.

(27)                    هڪ ريال (جيڪو اسپين جو سون جو سِڪو هوندو هو) جي اڌ يا اڃا به چوٿين حصي جو هڪ ڦٽڪو لڳندو هو. سانچو پانزو ڪجهه هلڪڙو ۽ ڪجهه بدديانت ڪاريگر هيو. مون کي ياد آهي ته پيئَر لباٽ ۾ (اٽلي جا سامونڊي سفر، vii, 16-29) هنن فنڪارن يا ڪاريگرن جون زندگيءَ سان ڀرپور تصويرون وڏي مهارت سان ٺاهيون ويون هيون.

(28)                    ڪلرمانٽ جي ڪائونسل-ii، صفحو 829) گبرٽ ان کي ’بخشش جو هڪ نئون انداز‘ ٿو ڪوٺي. (ص 471) ۽ هو هن موضوع کي فلسفياڻي انداز ۾ پيش ٿو ڪري.

(29)                    صليبين جو اهوئي اعتقاد هيو ته وري تاريخدان طرفان صليبي تاريخ لکڻ جو به ذري گهٽ ساڳيو ۽ هڪ جهڙو انداز هيو (صليبين جو جذبو، (iii, 477 پر جيڪي دعائون سندن روُحن جي ڇوٽڪاري لاءِ گهريون ويون هيون اُهي هڪ جهڙيون نه هيون، انهن دعائن ۾ مذهبي تضاد هيا جيڪي شهادت جي رتبي سان موافقت رکندڙ هرگز نه هيا.

(*)     (سندن حملن جو شڪار ٿيل).

جيڪي صليبي جنگجُو هيا اُنهن ساڳيون اُميدون پنهنجين دلين ۾ سانڍي رکيون هيون، يعني اُنهن کي به ننڊ مان جاڳايو وڃي جيڪي فرانس ۾ رهجي ويا هيا). هُوڊي رٽيسٽ اِها ڊاڙ هڻي ٿي سگهيو ته هڪ خانقاهه ۽ ڏهن قلعن کي تعمير ڪرائڻ ۾ سندس حصو سڀني کان وڌيڪ هيو جنهن جي سالياني خرچ جو تخمينو 1500 مارڪ هيو، ۽ جيڪڏهن حلب تي کين فتح حاصل ٿي وئي ته پوءِ هو وڌيڪ هڪ سؤ قلعا حاصل ڪري وٺندو. (گبرٽ، صفحا 554,555).


r گبن، 40-230 سال اڳ، ان دؤر جي مروج ڳڻپ جي طريقن کي هن تاريخي ڪتاب ۾ جڳهه جڳهه تي ڄاڻايو آهي، مثال: سٺ لاءِ ٽي ويهون، سؤ لاءِ پنج ويهون وغيره لکيو آهي ۽ مون هن ئي باب جي حاشياتي نوٽ ۾ روم ۽ سنڌ جي ثقافتي ڪڙين جي ملڻ بابت لکيو آهي ڇو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ’ويهون‘ اڃا تائين به رائج آهي. پر گبن جيئن هن حاشيي ۽ ڪجهه ٻين هنڌن تي پنجٽيهن لاءِ ٽيهه ۽ پنج يا ٽيويهن لاءِ ويهه ۽ ٽي ڄاڻايو آهي ته اهو بلڪل انوکو طريقو آهي، جيڪو اسان وٽ رائج ڪونهي. (سنڌيڪار)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org