باب پنجهٺيون
(خلاصو)
تيمور يا تيمورلنگ جو سمرقند جي تخت تي ويهڻ-
فارس، جارجيا، تارتري، روس، هندستان، شام ۽
اناتوليه ۾ سندس سوڀون- ترڪن سان سندس جنگ- بايزيد
جي شڪست ۽ سندس قيد ٿيڻ- تيمور جو موت- بايزيد جي
پٽن طرفان خانه جنگي- محمّد ؐ-I
ترڪي جي بادشاهت کي بحال ٿو ڪري- عموراث-II
طرفان قسطنطنيـﮣ جو گهيرو.
گِبن، سمرقند جي ويجهو تيمور يا تيمورلنگ جي اصل
نسل جي ڳالهه ٿو ڪري، ان کان پوءِ سندس فتحن بابت
اسان کي ٻڌائي ٿو جيڪي هُن فارس، سائبيريا، روس ۽
هندستان ۾ ڪيون هيون، بعد ۾ عثمانيه سلطنت خلاف
سندس مهم کي بيان ڪري ٿو، انگورا جي لڙائيءَ ۾
جيڪا 1402ع ۾ لڳي، تيمورلنگ، بايزيد کي فاش شڪست
ڏني ۽ پنهنجي شهنشاهت جون حدون ايشيا مائنر تائين
وڌائي ڇڏيائين. ٽن سالن کان پوءِ، تيمورلنگ چين کي
فتح ڪرڻ جي ارادي سان مهم جاري رکي پر رستي تي ئي
مري ويو. گبن کي، سندس حڪومت ۾ خوشحالي جي بجاءِ
تشدد ۽ افراتفري وڌيڪ نظر ٿي اچي، پر اڳتي هلي
هندستان جا مغل بادشاهه سندس ڪامياب جانشين بڻيا.
عثمانيه سلطنت بايزيد جي پٽن ۾ ورهائجي وئي باقي
قسطنطنيہ کي سندن خانه جنگيءَ مان ڪو خاص فائدو نه
پيو. عموراث-II،
1422ع ۾ ان جو گهيرو ڪيو پر عثمانيه حڪومت جي
اندروني بغاوت سبب قسطنطنيہ بچي ويو. تنهن هوندي
به ترڪن جي زبردست نظم ۽ ضبط ۽ سندن فتحن کي خاص
طرح تڏهن يقيني بنائي ڇڏيو هو جڏهن ڌماڪو ڪندڙ
شورو يا بارود ايجاد ٿي عام ٿي ويو هو.
باب ڇاهٺيون
(خلاصو)
مشرقي شهنشاهن جي وڏي پادري کي درخواست- جان-I،
مينوئل ۽ جان-II
پئلولاگس مغربي ملڪن جو دؤرو ڪن ٿا. يوناني ۽
لاطيني ڪليسائن جو ايڪو جنهن جي باسل جي مجلس
طرفان حمايت. قسطنطنيـﮣ ۾ علم ادب جي صورتحال ۽
اٽلي ۾ يوناني ڀاڄوڪڙن طرفان ان جو واڌارو-
لاطينين جي هورا کورا ۽ ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ سندن
ڪوششون.
گِبن هن باب ۾ اُنهن سفارتي ڪوششن جو ذڪر ٿو ڪري
جيڪي ترڪن خلاف پادرين جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ
يونان جي شهنشاهن طرفان ڪيون ويون هيون. شهنشاهه
جان پئلولاگُس-I
(جيڪو جان-V
طور به ڄاتو ويندو آهي) 1355ع ۾، پادري انوسينٽ-VI
سان هڪ ڳجهو معاهدو ڪيو هو. هن پادري اربن-V
سان 1369ع ۾ روم ۾ ملاقات ڪئي هئي ۽ سندس پٽ
مينوئل-II
به 02-1400ع ۾ اولهه جي ملڪن جو دؤرو ڪيو جن ۾
فرانس ۽ انگلنڊ جا ملڪ به شامل هيا. ڪليسائن ۾
جيڪي اختلاف هيا اُهي به تڏهن گهڻي ڀاڱي دور ٿيا
جڏهن تيمورلنگ جي مرڻ کان پوءِ ترڪن طرفان
قسطنطنيہ لاءِ ٻيهر خطري جون گهنٽيون وڄڻ شروع
ٿيون. 1438ع ۾ شهنشاهه جان پئلولاگس-II
(جان-VIII)
سامونڊي سفر ذريعي وينِس پهتو ۽ وڏي پادري
يوجينيَس-IV
سان فرارا ۽ فلورينس ۾ ملاقات ڪيائين. پادري کي
باسل جي مجلس طرفان ننِديو ويو پر ڪليسائن بابت
يونين جي هڪ قانون ذريعي ان مجلس کي ئي ختم ڪيو
ويو. گِبن هن باب جي پڄاڻيءَ تي ٻڌائي ٿو ته ڪيئن
نه يوناني زبان کي ڪورٽن ۾ توڙي قسطنطنيہ جي ڪليسا
۾ هميشه لاءِ محفوظ ڪيو ويو هو. پيٽرارچ
(1374-1304ع) کي هڪ ’خوشخبري ڏيندڙ‘ طور ساراهيو
ويو جنهن اولهه جي ملڪن ۾ يوناني زبان جو ڳُوڙهو
مطالعو ڪيو هو، پر ان زبان کي بچائڻ وارو دراصل
مينوئل هيو جنهن سفيرن کي چوڏهين صدي عيسوي جي آخر
ڌاري اٽلي روانو ڪيو جنهن ۾ وڏن يوناني ليکڪن کي
نمايان ڪري اُنهن جي همت افزائي ڪئي وئي ته جيئن
يوناني زبان زندهه رهي. پندرهين صدي عيسوي جي وچ
ڌاري، پوپ- نڪولَس-V
يوناني مُسودن کي هڪ جڳهه تي جمع ڪيو ۽ هن سلسلي ۾
ڪوسيمو ڊي ميڊيسي، به يوناني زبان جي واڌاري لاءِ
ڪم ڪيو.
باب ستهٺيون
(خلاصو)
يونانين ۽ لاطينين جا مذهبي اختلاف- عموراث-II
جي حڪومت ۽ سندس ڪردار- لئڊسلاس جي صليبي جنگ،
هنگري جو بادشاهه، هن جي شڪست ۽ سندس موت- جان
هنئيڊس- سڪندربيگ- ڪانسٽئنٽائن پئلولاگَس جيڪو
اوڀر جو آخري شهنشاهه هيو.
گِبن ٻڌائي ٿو ته يونين جي ڪليسائي قانون کي ڪيئن
نه تڏهن رد ڪيو ويو هو جڏهن شهنشاهه ۽ سندس وزير
قسطنطنيہ پهتا هيا. وڏي پادري يوجينيَس-IV،
ترڪن جي خلاف هڪ اتحاد کي قائم ڪيو جنهن ۾ پولئنڊ
۽ هنگري جو بادشاهه لئڊسلاس ان جو اڳواڻ هيو،
پهريون ته لئڊسلاس ڪامياب ٿيو، پر 1444ع ۾ ورنا
جي جنگ ۾ کيس شڪست آئي جنهن ۾ هو مارجي ويو، سندس
ڪمانڊر جان هنيئيڊس ترڪن سان مقابلو ڪندو رهيو ۽
1456ع ۾ بلغراد
جو ڀرپور دفاع ڪيائين. عيسائي مذهب جو ٻيو نمبر
سپوت، البانيا جو بادشاهه سڪندر بيگ هيو جنهن
ٽيويهين سالن تائين ترڪن جي خلاف پنهنجي مخالفت
واري مهم کي جاري رکيو. ان موقعي تي ڪانسٽئنٽائن،
جيڪو يونانين جو آخري شهنشاهه هو 1448ع ۾ سيزرس جي
تخت تي مسند نشين ٿيو.
باب اَٺهٺيون
محمّد-
II
جي حڪومت ۽ سندس ڪردار- ترڪن طرفان گهيرو، حملو ۽
قسطنطنيھ جي مڪمل فتح- ڪانسٽئنٽائن پئلولاگس جو
موت- يونانين جي غلامي واري حالت- اوڀر ۾ رومي
شهنشاهت ختم ٿي وئي- يورپ ۾ خوف ۽ هراس- محمّد-
II
جون سوڀون ۽ سندس موت.
ترڪن طرفان قسطنطنيہ جي گهيري، اسان جي توجهه کي
هڪ وڏي تباهي آڻيندڙ شخص ڏانهن ڇڪرايو آهي.(1)، عموراث ٻئي جو پٽ هو ۽ سندس ماءُ کي
عيسائي شهزادين جهڙا خطاب مليل هيا، ۽ کيس گهڻو
ڪري اُنهن بيشمار سُريتن جي سٿَ ۾ شامل ڪيو ويندو
آهي جيڪي مختلف ملڪن مان آيل هيون ۽ سلطان جي حرم
۾ داخل ٿي ويون هيون. سلطان جي پهرين تعليم ۽
تربيت هڪ پڪي مسلمان واري هئي ۽ جڏهن به هو ڪنهن
بي دين ماڻهوءَ يا ڪنهن ڪافر سان ڳالهائيندو هو ته
هو پنهنجا هٿَ منهن ڌوئيندو هو ۽ باقاعدگيءَ سان
وضو ڪري پاڻ کي پاڪ ڪندو هو. وڌندڙ عمر ۽ سندس
شهنشاهت اڳتي هلي سندس مذهبي ڪٽرپڻي کي گهڻي حد
تائين نرم ڪري ڇڏيو هو، پر سندس تمنائون ايتريون
ته مٿڀريون هيون جو هو پاڻ کان سواءِ ٻي ڪنهن کي
به وڌيڪ معتبر ۽ طاقتور نه سمجهندو هيو. ۽ فارغ
وقت ۾ (جيئن مٿس الزام مڙهيو ويو آهي) هو ڪڏهن
ڪڏهن اسلام جي عظيم پيغمبر جي شان ۾ گستاخي به
ڪندو هو.
بهرحال سلطان، قرآن پاڪ(2) جي تعليم جي پوري
پابندي ۽ ان جو احترام ڪندو هو ۽ هو پنهنجي نجي
زندگي ۾ به اجاين ۽ بي بنياد ڳالهين ڏانهن ڌيان نه
ڌريندو هو، تنهن ڪري اسان کي ڌارين ۽ تعصب رکندڙ
مذهبي ماڻهن طرفان، سلطان جهڙي سخت روَين رکندڙ
شخص بابت ڦهلايل افواهن تي هرگز ويساهه نه ڪرڻ
گهرجي جيڪو سَچ کي به توري تڪي پوءِ مڃيندو هو ته
پوءِ اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته اهڙو ماڻهو اجاين
۽ فضول ڳالهين کان يقينن نفرت ڪندو هوندو. کيس وڏن
۽ نالي وارن استادن کان تعليم ڏياري وئي ۽ سندس
تيز ذهن جلدئي علم ۽ ڄاڻ جا گهڻا مرحلا طئي ڪري
ورتا ۽ هو پنهنجي مادري زبان کان سواءِ پنج ٻيون
زبانون به ڳالهائيندو هو يا انهن کي پوريءَ طرح
سمجهندو هو جن ۾ عربي، فارسي، ڪالدَين يا عبراني،
لاطيني ۽ يوناني زبانون شامل هيون. فارسي سندس
وِندر ورونهن جي زبان هئي ۽ عربي کي پنهنجي تربيت
يا اصلاح جي زبان سمجهندو هو ۽ اهي ٻئي زبانون
مشرق جي ماڻهن لاءِ عام فهم ۽ دلچسپيءَ جو سبب
هيون. يونانين يا لاطينين سان گفتگو ڪرڻ جي سلسلي
۾ هر فاتح جي خواهش هوندي ته هو اُنهن ماڻهن سان
ذاتي طور به رابطي ۾ رهي جن مٿان کيس حڪومت ڪرڻي
هئي، ۽ سلطان جي تعريف جيڪا نظم(4) توڙي نثر(5) ۾
ڪئي وئي هئي ته سندس خواهش هئي ته اُها ضرور سندس
ڪنن تائين پهچي، پر کيس ان ڳالهه جي ڪهڙي ضرورت
هئي ته هو پنهنجن عبراني غلامن جي اڻ گهڙيل يا غير
مهذب ٻولي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري؟ فقط ان ڪري ته ٻولين
جي سکيا حاصل ڪرڻ ۽ علم پرائڻ جو کيس بيحد شوق هو.
سڄي دنيا جي تاريخ توڙي جاگرافي سندس ذهن ۾ سمايل
هئي؛ اوڀر توڙي اولهه جي سپوتن ۽ سورمن(6) جي
احوالن ۾ نه رڳو گهڻي دلچسپي رکندو هو پر اُنهن جي
نمايان ڪارنامن کي پاڻ به هِنئين سان هنڊائيندو ۽
اُنهن کي پنهنجي عمل جو حصو بنائي ڇڏيندو هو.
جيتري قدر ستارن يا علم نجوم جو تعلق آهي ته وقت
جي نزاڪتن سبب شايد هو ان کان محروم رهجي ويو باقي
رياضي يا حسابن جي علم جو ماهر هيو ۽ مصوري يا
فنون- لطيفه سان سندس دلچسپيءَ جو اندازو هن ڳالهه
مان لڳائي سگهجي ٿو ته هو اٽلي(7) کان مصورن ۽
چترڪارن کي دعوت ڏئي پاڻ وٽ گهرائيندو هو ۽ کين
انعام اڪرام ڏئي واپس ڪندو هو. پر مذهب جي ڄاڻ
حاصل ڪرڻ جو نه ته کيس ڪو اونو هوندو هو ۽ نه وري
سندس عياش طبيعت جي ڪري ان جو مٿس ڪو اثر پوندو
هو. آءٌ هتي اُنهن قصن ڪهاڻين جو ذڪر نه ڪندس جن
تي مون کي خود به اعتبار نه ٿو اچي مثال طور سندس
چوڏهَن غلامن بابت قصا ته اُنهن جي پيٽن کي فقط ان
ڪري چيريو ڦاڙيو ويو هو ته جيئن چوري ٿيل هنداڻي
کي سندن پيٽ ۾ ڳولجي يا هڪ خوبصورت ٻانهيءَ جو
سِرُ فقط ان ڪري ڌڙ کان ڌار ڪيو ويو هو ته پنهنجين
خاص فوجين کي يقين ڏياري سگهي ته سندن مالڪ عاشق
مزاج نه هيو. سندس طبيعت جي سنجيدگي بابت ترڪي جا
تاريخي واقعا ته ڪافي خاموش آهن، البت اُنهن ۾
عثمانيه سلطنت جي ٽِن ۽ فقط ٽن ماڻهن تي شراب
نوشيءَ(8) جا الزام لڳايا ويا آهن. پر ان ڳالهه ۾
ڪو به شڪ نه آهي ته سلطان ڪڏهن ڪڏهن هڪدم ڪاوڙ ۾
تپي باهه ٿي ويندو هو ۽ پوءِ سندس رَويو ظالماڻو
ٿي ويندو هو، سندس محلات ۾ توڙي جنگ جي ميدان تي،
ٿورڙي ناراضگيءَ تي به هو رت جا ريلا وهائي ڇڏيندو
هو ۽ سندس قيدي نوجوانن کي غير فطري شهواني شعلن
ذريعي ذليل ۽ بي عزتو ڪيو ويندو هو. البانيا جي
جنگ ۾، اڳ ۾ پڙهيل سبقن جي روشنيءَ ۾ هو پنهنجي
پيءُ کان به گوءِ کڻي اڳتي هليو ويو جڏهن هن ٻن
شهنشاهتن، ٻارهن بادشاهتن ۽ ٻه سؤ شهرن کي پنهنجي
طاقتور ترار ذريعي حاصل ڪيو هو. هن ۾ سپاهي توڙي
جنرل جون ٻئي خوبيون موجود هيون، توڙي جو قسطنطنيہ
سندس ڪارنامن تي پردو وجهي ڇڏيو آهي، پر جيڪڏهن
اسان حالتن جو جائزو وٺون ۽ اُنهن رڪاوٽن کي به
ذهن ۾ رکون ۽ پوءِ سندس ڪارنامن جو ذڪر ڪريون ته
محمد نمبر ٻيو شايد سڪندراعظم يا تيمور(*) سان گڏ
ڪُلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهندو. سندس حڪم هيٺ، عثمانيه
سلطنت جون فوجون دشمنن جي فوجن کان سدائين گهڻيون
هونديون هيون، پر فرات ندي توڙي ائڊرئٽڪ سمنڊ سندن
پيش قدميءَ ۾ وڏيون رڪاوٽون هيون، ٻي طرف سندس
فوجن کي، هنيئيڊس(†)،
سڪندر بيگ(‡)،
۽ رهوڊس جي اميرن(*) توڙي فارس جي بادشاهه گهڻو
اڳتي وڌڻ نه ڏنو.
عموراث جي حڪومت ۾ هن ٻه دفعا شاهي مرتبي جو مزو
ماڻيو هو ۽ ٻه ڀيرا تخت تي ويهي وري لٿو هو،
پنهنجي ننڍي عمر جي ڪري هو ان قابل اڃا نه هيو ته
پنهنجي پيءُ جي تخت تي واپسيءَ جي مخالفت ڪري
سگهي، پر هو اُنهن وزيرن کي هرگز معاف نه ڪري
سگهيو هو جن سندس پيءُ کي ٻيهر تخت تي ويهاريو
هيو. سندس شادي هڪ ترڪمان امير جي ڌيءُ سان ٿي هئي
۽ ٻن مهينن جي وقفي کان پوءِ هو پنهنجي ڪنوار سميت
پنهنجي گهر کان منگنيشيا طرف روانو ٿيو. ڇهن هفتن
کان به اڳ ۾، محلات مان کيس ترت واپسيءَ جو پيغام
مليو جنهن ۾ عموراث جي موت جو اعلان ڪيو ويو هو ۽
ساڳي وقت خاص فوجين طرفان بغاوت ڪرڻ جي به کيس
معلومات ڏني وئي. هو تيز رفتاريءَ سان واپس وريو ۽
هر ماڻهو سندس تابعداري ڪرڻ ۾ لڳي ويو، هو پنهنجن
خاص ۽ اعتماد وارن محافظن سان گڏ هيلسپانٽ مان
لانگهائو ٿيو ۽ جڏهن هو هيڊرئانوپل کان فقط هڪ ميل
جي پنڌ تي هو، ته وزير، امير، پيش امام، قاضي،
سپاهي ۽ عام ماڻهن، سلطان جي آڏو سجدي جيان
جهُڪندي پنهنجي ادب ۽ احترام جو مظاهرو ڪيو. ڪن
ماڻهن مڪر ڪندي ڳوڙها، ڳاڙيا. ٻين وري بيحد خوشيءَ
جو اظهار ڪيو ۽ هو فقط ايڪويهن سالن جي عمر ۾
سلطان جي تخت تي ويٺو ۽ اڳواٽ ئي ڪنهن امڪاني
بغاوت جي خطري کي ٽاريندي پنهنجي ننڍڙن ۽ معصوم
ڀائرن(9) کي مارائي ڇڏيائين. يورپ ۽ ايشيا جي
سفيرن سندس تخت حاصل ڪرڻ تي کيس مبارڪون ڏنيون ۽
ڏانهَس دوستيءَ جو هٿ وڌايائون ۽ هن سڀني سان امن
امان ۽ قرب واري زبان سان ڳالهايو. سلطان طرفان
قسمن تي يقين ڏيارڻ سان يونان جي شهنشاهه به مٿس
اعتماد ڪيو ۽ امن امان قائم رکڻ لاءِ ساڻس معاهدو
طئي ڪري ورتو ۽ سلطان کي هڪ وڏو شاهڪار علائقو ملي
ويو جيڪو اسٽريمن ندي جي اردگرد هيو، جنهن تي ٽي
لکَ ’ائسپرس‘ (سِڪو) رکيا ويا ته هو عثمانيه سلطنت
جي شهزادن لاءِ ادا ڪندا جن کي سندس چوڻ تي
بازنطين جي محل ۾ رهايو ويو هيو. ان جي باوجود
محمد جا پاڙيسري خوف ۾ ڏڪي رهيا هيا ڇاڪاڻ ته هن
سخت روَين سان پنهنجي پيءُ جي بگڙيل گهر کي سڌاريو
۽ سنواريو هو؛ عياشيءَ جي اڳوڻن خرچن کي هاڻي ملڪي
بهتريءَ جي ڪمن ۾ لڳايو ويو ۽ ستن هزار بازَ-
پاليندڙن جي نوڪرين کي يا ته ختم ڪيو ويو يا وري
کين فوج ۾ ڀرتي ڪيو ويو هو. حڪومت جي واڳ وٺڻ کان
پوءِ پهرئين اونهاري ۾ سلطان پنهنجي فوج سميت
ايشيا جي صوبن جو دؤرو ڪيو ۽ ڪرمانيا جي حاڪم کي
شڪست ڏئي کيس آڻ مڃرايائين ۽ اهو به چيائينس ته
آئنده لاءِ سندس توجهه ننڍين ڳالهين طرف نه ڇڪرايو
وڃي ڇاڪاڻ ته کيس وڏن منصوبن جي تڪميل ڪرڻي
هئي(10).
مسلمان بلڪه خاص طرح ترڪي جي دليل بازن جي نظر ۾
سلطان تڏهن ڪنهن به واعدي کي پاڙڻ جو پابند نه
هوندو هو جڏهن مذهبي فرض شناسي جي اهميت وڌيل
هوندي هئي ۽ ضرورت پوڻ تي هو پنهنجن توڙي سندس ابن
ڏاڏن جي صلح نامن يا اقرار نامن کي به ٽوڙڻ ۾ دير
نه ڪندو هو. عموراث جي انصاف پسندي ۽ ڪشاده دلي،
بد اخلاقي جي هن روَش جي سخت خلاف هئي، پر سندس
پٽ، توڙي جو وڏو نالي واري هو، پر حيرت اها آهي ته
هو وعدي خلافي ۽ ڌوڪيبازي جي نِيچ حدن تائين هليو
ويندو هو. سندس چَپن تي امن ۽ صلح، جڏهن ته سندس
دل ۾ جهيڙو ۽ جنگ سمايل هيا، هو لڳاتار قسطنطنيہ
کي حاصل ڪرڻ لاءِ حسرت مان ٿڌا ساهه ڀريندو رهندو
هو ۽ يونانين، پنهنجي ئي نادانيءَ سبب، هڪ موتمار
ڌماڪي ڪرڻ جو کيس بهانو ڏئي ڇڏيو(11). بجاءِ
ڳالهين کي فراموش يا درگذر ڪرڻ جي، سندن سفيرن
پنهنجن مطالبن کي سلطان تائين پهچايو ۽ پنهنجي رقم
جي گهُر ڪئي بلڪه هنن پنهنجي سالياني وظيفي کي
وڌائڻ جو مطالبو پڻ ڪري ڇڏيو، ديوان، سندن شڪايتن
۽ مطالبن کان پريشان ٿي ويو ۽ هڪ وزير جيڪو ڳجھ
ڳجهاندر ۾ عيسائين جو دوست ۽ سندن خير خواهه هيو،
پنهنجن ڀائرن سان هن طرح گفتگو ڪئي: ’اي بيوقوف ۽
بدنصيب رومي‘، خليل کين مخاطب ٿيندي چيو، ’اسان کي
توهان جي سڀني منصوبن جي سُڌ آهي، پر توهان کي
جيڪي خطرا درپيش آهن، اُنهن کان اوهان بي خبر
آهيو. سُلڇڻو عموراث هينئَر اسان ۾ موجود ناهي،
سندس تخت تي هڪ نوجوان فاتح اچي قبضو ڪيو آهي جيڪو
ڪنهن به قانون جي پرواهه نٿو ڪري ۽ نه وري ڪي
رڪاوٽون سندس رستو روڪن ٿيون، ۽ جيڪڏهن اوهان سندس
هٿن کان بچي نڪتا ته الله جا لَک شڪرانا ادا ڪجو
جنهن اڃا تائين اوهان کي اوهان جي گناهن جي سزا
ڏيڻ ۾ دير ڪري ڇڏي آهي. اوهان فضول ۽ اڻ سِڌن خوف
خطرن کان اسان کي ڇو ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا
آهيو؟ ڀاڄوڪڙ آرڪن کي هڪدم آزاد ڪريو ۽ کيس
رومانيا جو بادشاهه بنائي ڇڏيو؛ ڀلي هنگري وارن کي
دنيوب جي ڪنارن کان پنهنجي مدد لاءِ سڏيو ۽ منٿون
ڪريو، يا اولهه جي قومن کي اسان جي خلاف اُٿاريو ۽
کين هٿيار ڏيو، پر پوءِ به پَڪ ڄاڻجو ته اهڙن حربن
هلائڻ جي باوجود به اوهان پنهنجي ئي تباهي جا پاڻ
ذميوار هوندؤ‘. توڙي جو سفيرن جي خوف خطرن کي وزير
جي زبان جي سخت لهجي وڌيڪ تشويشناڪ بڻائي ڇڏيو هو،
پر اهڙن انديشن کي، عثمانيه سلطنت جي سلطان محمد،
پنهنجي نرم ۽ دوستي واري ورتاءَ سان، ختم ڪري ڇڏيو
هو جنهن کين يقين ڏياريو ته هئڊريانوپل واپس ٿيڻ
شرط هو يونانين جي شڪايتن جو ضرور ازالو ڪندو ۽
سندن درد جي دانهُن کي ورنائيندو. جيئن ئي هو
هيليسپانٽ کان ٿورو اڳتي وڌيو ته هن سندن پينشن کي
بند ڪرڻ ۽ سندن آفيسرن کي اسٽريمن ندي جي ڪنارن
کان ڌِڪي ٻاهر ڪڍڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو، اهڙي طرح
هن پنهنجن دشمني وارن ارادن جو اظهار ڪيو، ۽
پنهنجي ٻي حڪم ذريعي قسطنطنيہ جي گهيري جي شروعات
ڪري ڇڏيائين. باسفورس جي سوڙهي لنگهه وٽ، سندس
ڏاڏي، ايشيا جو هڪ قلعو تعمير ڪرايو هو جيڪو يورپ
جي پاسي ۽ مخالف طرف کان ٺاهيو ويو هيو، هن پڻ عزم
ڪيو ته هو اڳئين کان به وڌيڪ مضبوط ۽ شانائتو قلعو
ساڳي هنڌ تي تعمير ڪرائيندو؛ هن سلسلي ۾ بهار جي
موسم ۾ هن هڪ هزار رازن کي آسومئٽن جي هنڌ تي گڏ
ٿيڻ جو حڪم ڏنو جيڪو يونان جي وڏي شهر کان پنجن
ميلن جي مفاصلي تي هيو(12). ’سمجهاڻي يا ترغيب ڏيڻ
ڪمزورن جو طريقو هوندو آهي ۽ ڪمزور ماڻهو ترغيب نه
ڏئي سگهندا آهن.‘ شهنشاهه جي سفيرن محمد کي
سمجهائڻ ۽ ترغيب ڏيڻ جي اجائي ڪوشش ڪئي ته پنهنجن
منصوبن کي گهڻو اڳتي نه وڌائي. هنن کيس آگاهه ڪيو
ته: ’سندس ڏاڏي، مينوئل کان قلعي تعمير ڪرڻ جي
اجازت ورتي هئي جيڪا هن اِن شرط تي ڏني هئي ته
اُهو قلعو سلطان جي حدن اندر هوندو، پر ٻِئي قلعي
جو ٺهڻ، نه رڳو پاڻيءَ جي سوڙهي لنگهه کي متاثر
ڪندو ۽ پاڻيءَ بابت قومن جي گڏيل معاهدي جي ڀڃڪڙي
ليکيو ويندو پر لاطينيُن جي لاءِ به وڏي رُڪاوٽ جو
سبب بڻبو جيڪي ڪاري سمنڊ ذريعي ڌنڌو ۽ واپار ڪندا
هيا ۽ اهڙيءَ طرح ان شهر جي گذر سفر جي ذريعن جي
به متاثر ٿيڻ جو امڪان هيو‘. ’آءٌ شهر لاءِ ڪي به
منصوبا نه پيو ٺاهيان پر قسطنطنيہ جي شهنشاهت
پنهنجي ديوارن جي حدن تائين ماپي ويندي‘. سلطان
جواب ڏنو. ’ڇا اوهان کان اُهي ڏينهن وسري ويا آهن
جڏهن منهنجي پيءُ کي تڪليفن ۾ مبتلا ڪيو ويو هيو ۽
اوهان تڏهن هنگري وارن سان اتحاد ڪيو هو جڏهن هنن
اسان جي سرزمين تي حملو ڪيو هو ۽ هيليسپانٽ تي
تڏهن فرانس وارن سامونڊي جهازن ذريعي قبضو ڪري
ورتو هو. عموراث کي تڏهن مجبور ڪيو ويو ته هو
مخالفن کي باسفورس اُڪرڻ جي اجازت ڏئي ۽ اوهان جي
طاقت، اوهان جي ڪيني ۽ ڪدورت کان گهڻي گهٽ هئي.
آءٌ تڏهن هيڊريانوپل ۾ رهندڙ ننڍڙو ٻار هيس،
مسلمان ڏڪي ۽
عثمانيه سلطنت کان پوءِ- 1455ع
ڪنبي رهيا هيا ۽ ڪجھ عرصي لاءِ گندن ماڻهن(13)
طرفان اسان جي عزت تي حملا ڪيا ويا هيا. پر جڏهن
ورنا(*) جي لڙائيءَ ۾ منهنجي پيءُ کي سوڀ نصيب ٿي
ته هن عزم ڪيو ته هو اولهائين ڪناري تي هڪ قلعو
تعمير ڪرائيندو ۽ هاڻي اها منهنجي مقدس ذميواري
آهي ته پنهنجي پيءُ جي عزم کي آءٌ عملي جامو
پهرايان. ڇا اوهان کي ڪو حق آهي يا اوهان وٽ ايتري
طاقت آهي جو مون کي پنهنجي زمين ۽ حدن اندر اوهان
منهنجن منصوبن کي روڪيو؟ آءٌ واضح ڪري ڇڏيان ته
اها سرزمين ۽ اهي حدون باسفورس جي ڪنارن تائين
منهنجون آهن. ايشيا کي ترڪن آباد رکيو آهي جڏهن ته
رومين يورپ کي برباد ۽ ويران ڪري ڇڏيو آهي. اوهان
ڀلي واپس وڃو ۽ پنهنجي بادشاهه کي وڃي ٻڌايو ته
ترڪي جو هاڻوڪو سلطان پنهنجن ابن ڏاڏن کان بلڪل
نرالو آهي ۽ سندس عزم هن جي خواهشن کان گهڻو اڳڀرو
آهي ۽ سندس مخالفن جي عزم کان به هن جو عملي
مظاهرو گهڻو اڳتي آهي. ڀلي اوهان سلامتيءَ سان
موٽي وڃو پر اوهان مان جيڪو به آئنده لاءِ ساڳئي
قسم جو پيغام آڻيندو ته جيئَري ئي سندس جسم تان هن
جي کَلَ لاٿي ويندي‘. هن اعلان کان پوءِ
ڪانسٽئٽائن، يونانين ۾ جذبي توڙي رتبي ۾ پهريون
شخص هو جنهن سلطان خلاف پنهنجي ترار کي مياڻ مان
ڪڍڻ ۽ باسفورس جي ڪنارن تي ترڪن جي وڌندڙ آبادي کي
روڪڻ جو ڀرپور عزم ڪيو. پر سندس ساٿي سندس جوش
جذبن کي ٿڌو ڪيو جيڪو شهري ۽ ڪليسائي معاملن جو
وزير پڻ هيو، هن کيس صبر ڪرڻ ۽ اڃا وڌيڪ تڪليفون
سَهڻ(†)
جي صلاح ڏني جنهن ذريعي ترڪ سلطان تي هڪ اڳرائي
ڪندڙ ظالم جو ٺپو لڳي ويندو ۽ اهڙيءَ طرح کين
(يونانين کي) مناسب وقت جو انتظار ڪري پنهنجي
سلامتيءَ کي به يقيني بنائڻو پوندو. ائين ڪرڻ سان
ممڪن هو ته ترڪ قلعي اڏڻ جي تجويز کي خود ئي ترڪ
ڪري ان کي پاڻ ئي تباهه ڪري ڇڏين ڇاڪاڻ ته ايڏي
وڏي آدمشماري واري شهر ۾، جتي مخالف پاڙيسري به
موجود هجن، ان قلعي کي قائم رکڻ ترڪن جي به وَس ۾
نه هوندو. اُميد ۽ خوف ۾- ڏاهن طرفان خوف ۽ سادڙن
۽ ڀورڙن طرفان اُميدن قائم رکڻ ۾ سيارو گذري ويو،
هر ماڻهوءَ پنهنجي ڌنڌي ڌاڙي ۽ ڪاروبار کي ڪنهن
مناسب موقعي ۽ وقت لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو، يونانين،
ايندڙ خطري کان پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون
جيستائين بهار جي مُند به اچي وئي ۽ سلطان کين
تباهه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
|