روم جي آسائش ۽ عياشيءَ سبب وئلينٽينين اُتي اڪثر
پيو ايندو ويندو هو ۽ هن لاءِ سندس حڪومت جي سڀني
شهرن کان نفرت به روم ۾ وڌيڪ چوٽ چڙهيل هئي. آهستي
آهستي سينيٽ ۾ جمهوريت جي روح کي ٻيهر زنده ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي وئي ڇاڪاڻ ته سندن اختيار توڙي همت
افزائيءَ جي هڪ ڪمزور حڪومت کي سخت ضرورت هئي.
موروثي شهنشاهه جي غرور واري ورتاءَ رعيت جي ماڻهن
کي دل ئي دل ۾ رنجيدو ڪري ڇڏيو هو ۽ وئلينٽينين
جون عياشيون، خانداني ماڻهن جي ڪُٽنبن جي برداشت
کان ٻاهر هيون. شهزادي يوڊوڪسيا جو ڄمڻ به اهڙوئي
هو جهڙو خود شهنشاهه جو، سندس ڪشش ڪندڙ شڪل توڙي
سندس نازڪپڻي لاءِ سچي پيار جي ضرورت هئي پر اهڙي
رشتي کي سندس عجيب مزاج مڙس اجائي ۽ غير قانوني
عاشقي ۽ پيار ۾ ضايع ڪري ڇڏيو هو. پيٽرونيَس
مئڪسيمَس جيڪو ائينسيَن جي خاندان جو هڪ دولتمند
شخص هو ۽ جيڪو ٻه دفعا سفارتي عهدن تي پڻ رهيو هو،
پنهنجي خوبصورت ۽ نيڪ زال سان بيحد پيار ڪندو هو
پر سندس ضدي ۽ اٽل طبيعت وئلينٽينين جي خواهشن کي
ڄڻ چيڙائي ڇڏيو ۽ هن به اٽل ارادو ڪيو ته هو ڪنهن
سازش يا حرفت بازي يا وري طاقت جي زور تي پنهنجي
خواهش ضرور پوري ڪندو. شاهي محل ۾ جُوا کيڏڻ هڪ
دلچسپ مشغلو هوندو هو ۽ شهنشاهه جنهن اتفاقي طور
يا وري ڄاڻي واڻي، مئڪسيمَس کان گهڻا پئسا کٽي ويو
هو، هُن سندس مُنڊي قرض طور پاڻ وٽ رکي ڇڏي ۽ ان
کي هڪ پيغام ڏيندڙ هٿان پنهنجي زال ڏي موڪلي ڏنو،
۽ کيس پنهنجي نالي ۾ حڪم ڏياري موڪليو ته هوءَ
هڪدم شهزادي يوڊوڪسيا وٽ پهچي وڃي. مئڪسيمَس جي
معصوم ۽ ڪنهن تي شڪ نه ڪندڙ زال کي سندس کٽ تي کڻي
شاهي محل ۾ پهچايو ويو، سندس عاشق جي خدمتگارن کيس
ان ڪمري ۽ بستري تي وڃي سمهاريو جيڪو محلات جي
اڪيلي ۽ خاموش ڪُنڊ ۾ هيو ۽ وئلينٽينين بغير ڪنهن
شرمساري يا پڇتاءَ جي مئڪسيمَس جي زال سان زيادتي
ڪري ان کي بيعزتو ڪري ڇڏيو. جڏهن هو واپس گهر موٽي
وئي ته سندس مُنهن تي ڳوڙهن جون قطارون هيون ۽
هوءَ وڏي اذيت ۾ مبتلا ٿي وئي هئي، ۽ هن پنهنجي
مڙس تي وڏي لعنت ملامت ڪئي جنهن کي هن شهنشاهه جو
ساٿاري ۽ پنهنجي شرمساري جو ڏوهاري سمجهيو.
مئڪسيمس خود بيحد شرمسار هو ۽ هُن بدلي وٺڻ جو عزم
ڪري ورتو، پر هن انتقام جي لباس ۾ سندس هڪ خواهش
به لِڪل هئي ۽ اُها هيءَ ته هو روم جي سينيٽ جي
عام ووٽن ذريعي هڪ اهڙي شهنشاهه جي تخت تي ويهي
سگهيو ٿي جنهن کان ماڻهو بيزار ۽ سخت نفرت ڪندا
هيا. وئلينٽينين، جيڪو ايئن سمجهندو هو ته هر
ماڻهوءَ جي سيني ۾، هُن وانگر، دل نه ٿي ڌڙڪي يا
ان ۾ يا دوستي ۽ احسانمنديءَ جا جذبا نه آهن،
ناداني ڪندي پنهنجن چوڪيدارن ۽ محافظن ۾ ڪيترا
مقامي ماڻهو به ڀرتي ڪيا هيا جيڪي ايٽيَس جا
نوازيل ۽ سندس وفادار هيا. بربر قوم جي ٻن محافظن
تي هڪ عزت ڀريو ڪارنامو سرانجام ڪرڻ جو بار رکيو
ويو ته هو سندن محسن ۽ اميرزادي ايٽيس جي قاتل کي
ماري ان جو بدلو وٺن. بس هوڏانهن اکر اُڪلڻ جي دير
هئي ۽ محافظ ته ڄڻ اڳي ئي تيار ويٺا هيا. جڏهن ته
وئلينٽينين جنگي ديوتا جي اردگرد وِندر وِرونهن ۾
مشغول هو، اُهي ٻئي بربر هٿيارن سان وڃي مٿس
ڪڙڪيا، کدڙي هيراڪليَس کي ڌِڪي ٻاهر ڪيو ويو، ۽
شهنشاهه کي دل جي مٿان زخمن تي زخم رسائيندا ويا ۽
شهنشاهه جي چوڪيدارن يا ٻين خدمتگارن جي وڏي هجوم
منجهان ڪوبه کيس بچائڻ لاءِ اڳتي نه وڌيو، بلڪ
ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته هن ظالم ۽ آمر شهنشاهه
جي اهڙي موت تي ڄڻ سڀيئي خوش ٿي رهيا هيا.
وئلينٽينين- ٽئين(74) جو انت اهڙيءَ طرح آيو جيڪو
ٿوڊوسيَس جي خاندان جو آخري رومي شهنشاهه هيو. هن
پنهنجي سوٽ* ۽ ٻن چاچن* جي موروثي ڪمزورين جي ته
پوريءَ طرح پوئوراي ڪئي، پر اُنهن جي چڱاين،
نيڪين، سچاين ۽ معصوميت جي ويجهو به نه ويو جن
ذريعي انسان جي ڪردار ۽ روح کي تازگي ملي ٿي.
وئلينٽينين معاف ڪرڻ جهڙو هرگز نه هيو ڇو ته منجهس
امنگون ته هيون پر سندس اخلاق عادتون بگڙيل هيون،
سندس مذهب تي به ماڻهن کي شڪ شبهه هيا توڙي جو هو
مرتد ڪڏهن به نه ٿيو هيو پر هن نيڪ عيسائين کي
مذهب جي نالي ۾ بدنام ڪيو هو ۽ جادوگري ۽ اڳڪٿين
جهڙن ڪُڌن ۽ غير مذهبي ڪمن ۾ پڻ گهڻو اڳتي وڌي ويو
هو.
گهڻو وقت اڳي سِسرو ۽ وئرو جي زماني ۾ روم جي
اڳڪٿي جي علمي ماهرن جو اهو خيال هو ته رومُولَس
جيڪي ٻارهن ڳِجهون ڏٺيون هيون اُهي دراصل ٻارهن
صديون هيون جيڪي هن جي شهر جي موتمار دؤر سان
لاڳاپيل هيون.(75) ماڻهو جڏهن سکيا ستابا ۽ صحتمند
هيا ته اُنهن هن پيشنگوئيءَ کي اهميت ڪانه ڏني پر
جڏهن ٻارهين صدي جيڪا ماڻهن جي بدبختين ۽ ڏکن
ڏولاوَن ۾ گذري هئي(76) انهيءَ عام ماڻهن ۾ غَم ۽
بيچيني جي ڪيفيت پيدا ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ نسل جا
ماڻهو به ڀلي اها ڳالهه حيرت ۽ تعجب مان ياد ڪري
ڇڏين ته هڪ اتفاقي يا افسانوي واقعي کي به ڪيئَن
نه اولهه جي شهنشاهت جي زوال سان ملايو ويو هو. پر
ان جي زوال جو اعلان ڳِجهُن جي اُڏام جي بجاءِ هڪ
صاف ۽ سڌي وهم وسوسي ذريعي ڪيو ويو هو، ۽ روم جي
حڪومت هاڻي دشمنن خلاف گهٽ خطرناڪ پر پنهنجي رعيت
جي ماڻهن لاءِ وڌيڪ نفرت جوڳي ۽ آزاريندڙ ٿيندي
وئي.(77) ماڻهو اڳي ئي تڪليفن ۾ هُيا ويتر ٽئڪسن
جو بار مٿن رکيو ويو، اقتصادي حالتون ابتريءَ طرف
وڌنديون رهيون جن تي ڪوبه توجهه نه ڏنو ويو، ۽
شاهوڪار ۽ دولتمند ماڻهن ناانصافيءَ جي رويَن سان
غريبن ۽ مسڪينن کي ويتر مجبور ۽ لاچار بنائي ڇڏيو
هو جن سان هو ڌوڪو ڪري کين ڪُوڙا آسرا ڏئي پنهنجي
طلب لاءِ استعمال ڪندا هيا ته اڳتي هلي سندن دُک
درد دور ٿي ويندا. رعيت کان مختلف معاملن تي سخت
پڇاڳاڇا ٿيندي هئي جنهن جي نتيجي ۾ کين اذيتون
ڏنيون وينديون هيون ۽ سندن مال ملڪيت کي ضبط ڪيو
ويندو هو؛ نيٺ عام ماڻهو مجبور ٿي پنهنجا ٿاڪَ
ٿاڻا ڇڏيندا رهيا ۽ پنهنجن جي اهڙي ظلم جي حڪومت
جي مقابلي ۾ هنن بربرن جي ڏاڍَ ڏمر کي وڌيڪ اهميت
ڏني تنهنڪري اُهي جهنگلن ۽ جبلن ۾ هليا ويا جتي
اُنهن بربرن جي گهٽ درجي وارن خسيس نوڪرن جي حيثيت
۾ پنهنجا ڏکيا ڏينهن گذارڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني.
هاڻي پاڻ کي ’روم جي شهري‘ سڏرائڻ تي کين نه رڳو
شرم بلڪ بُڇان ۽ نفرت ايندي هئي، جڏهن ته اڳ سڄي
انسانذات روم جي نالي کي فخر ۽ وڏائيءَ جو اهڃاڻ
سمجهندي هئي. گال جا ڪيترائي صوبا ۽ اسپين جا گهڻا
حصا، بگائڊي جي اتحاد ذريعي ننڍا ننڍا آزاد ملڪ
بڻجي وکري ۽ بيگانگيءَ جي ور چڙهي ويا ۽ شاهي
وزيرن فوج ۾ زوريءَ ڀرتي ڪرڻ ۽ هٿيار کڻڻ جا ناڪام
۽ اجايا قانون ٺاهيا جن جي خلاف رعيت جا ماڻهو
بغاوت برپا ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا.(78) ماڻهن جي
بغاوت ۽ انتظامي خرابيءَ جي صورتحال هاڻي اها هئي
ته جيڪڏهن بربرن جي سڀني فاتحن ۽ حاڪمن کي ساڳئي
وقت ۾ ختم ڪري ۽ سندن ’هئڻ ۽ هستي‘ کي به مٽايو
وڃي ها تڏهن به اولهه جي شهنشاهت کي مڪمل تباهيءَ
کان ڪوبه بچائي نه سگهي ها؛ ۽ جيڪڏهن روم اڃا
تائين زندهه هيو ته سندس زندگي اهڙي هئي جنهن ۾
آزادي، اخلاق، ڪردار ۽ وقار جو نالو نشان ئي ڪونه
هو.
باب پنجٽيهون
(حاشين بابت وضاحتون)
(1)
ڏسو پرسڪَس. صفحا 72، 39.
(2)
سڪندريه يا پاسچل جا تاريخوار واقعا جن ۾ ٿوڊوسيَس
جي زندگي ۾ ڏنل هڪ غرور وارو پيغام شامل آهي، ان ۾
شايد تاريخ جي اڳڪٿي ڪئي وئي هجي پر موڳو تاريخدان
ان قابل هيوئي ڪونه ته اٽيلا جي اصلي ۽ هوبهو روپ
کي بيان ڪري سگهي.
(3)
فرانس جي حاڪمن جي تنقيدي تاريخ جو ٻيو ڪتاب
(424-189،
i)
گال جي ان وقت جي حالت بابت ڪافي ڪجهه ٻڌائي ٿو
جڏهن اٽيلا ان تي حملو ڪيو هو، پر ذهين مصنف توڙي
ابي ڊُوبوز پڻ حڪومتي سرشتي بابت فقط اندازا لڳائن
ٿا.
(4)
وڪٽروٽينسِس (پرسيڪيوٽ وئنڊل، 8،6،1 جنهن کي
رئنارٽ ايڊٽ ڪيو) هن جي لاءِ هيئن ٿو چوي: ”صلاح
ڏيڻ ۾ چالاڪ هوشيار ۽ جنگ ۾ سَگهارو“ پر جڏهن
بدقسمتي کيس وڪوڙي ويئي ته هن جي بهادريءَ کي
اُٻهرائي ڪوٺي ان جي مذمت ڪئي وئي ۽ سيباستيَن کي
وري ’بيپرواهه يا لا ابالي‘ جو لقب مليو. (سِڊان.
اپولينئِرس ڪارمين 181،ix)
سندس مُهم
جويون جيڪي هن قسطنطنيہ سِسلي، اٽلي، گال، اسپين ۽
آفريڪا ۾ ڪيون، اُهي مرسيلينَس ۽ اِڊئٽيَس جي
تاريخوار واقعن ۾ اَڻ چٽي نموني بيان ڪيل آهن. هو
تڪليف جي حالت ۾ پنهنجن ڪيترن ئي ساٿين سان گڏ
هوندو هو ڇو ته منجهس اڃا به سگهه هئي ته هو
هيليپانٽ، پروپونٽِس ۽ بارسيلونا جي علائقن کي هٿ
ڪري ٿي سگهيو.
(5)
(هُو ڄڻ ڄائوئي رومي جمهوريه جي ڀلائيءَ لاءِ هو
جنهن مغرور سُووِي قبيلي ۽ فرئنڪ بربرن کي مجبور
ڪيو هو ته پنهنجي رَت جي قرباني ڏئي به جمهوريه جي
لاءِ وڏي پئماني تي خدمتون ڪن.) جارنينڊيس- ڊي-
روبُس گيٽيسِز. 660، 34.
(6)
هيءَ تصوير رنئٽَس پروفيوچرَس فرجيريڊس جي چِٽيل
آهي جيڪو انهن جو همعصر تاريخدان هو پر کيس فقط
چند اقتباسن ذريعي سڃاتو وڃي ٿو جن کي ٽـُورس جي
گريگري پاڻ وٽ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. (163،
ii،
8،
ii)
رنئٽَس تي اهو لازم هو ته ايٽيَس جي ڪردار کي ڪجهه
وڌائي ۽ وڏو ڪري پيش ڪري ها، پر جيڪڏهن هو پنهنجي
بيمار تي زور نه ڀري ها جنهن کي هن بخشي ڇڏيو هو
ته پوءِ پنهنجي بيان ۾ هو وڌيڪ هوشياري ڏيکاري ها.
(*) (رگيلاز- ڏسو باب 34)
(7)
سفارتخاني ۾ مُنهندار رومُولَس، پروموٽَس، ناريڪم
جو صدر ۽ فوج جو حاڪم رومنَس موجود هيا. اُنهن سان
گڏ ٽئٽلَس به گڏ هو جيڪو ساڳئي صوبي جي شهر
پيٽوويو جو شهري هو ۽ اوريسٽِس جو پيءُ هو، جنهن
منهندار رومولس جي ڌيءُ سان شادي ڪئي هئي. (ڏسو
پرسڪَس- صفحا- 65، 57) ۽ ڪئسيوڊورس، (4،
i)
وري ٻي سفارتخاني جو ڏَس ٿو ڏئي جيڪو هن جي پيءُ
جي لاڳاپن سان قائم ٿيو هيو جنهن ۾ ايٽيَس جو پٽ
ڪارپيليو به شامل هو، ۽ جيئن ته هاڻي اٽيلا موجود
ڪونه هو ته هُو هن جي غير موجودگيءَ ۾ پنهنجي
بهادريءَ بابت ڊاڙون هڻي ٿي سگهيو.
(8)
’وئلينس جي برباد ٻهراڙي جي علائقي کي الاني جي
حصي ۾ ڏنو وي هو.‘ پراسپر ٽرانسِس، واقعا جيڪي
فرانس جي تاريخ ۾ لکيل آهن (639،
i)
پراسپر وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته اُتر- اولهه گال جي الاني
قبيلي جي ماڻهن کي زمينون پڻ ڏنيون ويون هيون.
ڊُوبوز جيڪي درستيون ڪيون آهن (300،
i)
اُنهن کي بيان ڪرڻ کان سواءِ، ٻن ڪالونين يا الاني
جي فوجي چوڪي جي موجودگي سندس دليلن جي تصديق ۽
سندس اعتراضن کي دؤر ڪندي.
(9)
ڏسو پراسپر ٽيرونس- ص- 639، سڊونيَس (مدح سرائي
ائدِٽ- 246) آورن جي نالي ۾ شڪايت ٿو ڪري جيڪو
سندس اباڻو ملڪ هو. ’برٽني منجهان تيزيءَ مان
گذرندي مغرور لٽوريَس سيٿيا جي گهوڙيسوارن کي گاٿن
خلاف هدايتون ڏنيون. آورن جي سڄي علائقي ۾ هنن کي
جيڪا شئي نظر آئي ان کي برباد ڪيو ويو، هو هر طرف
وحشين وانگر ڀڄندا ڊُڪندا رهيا، حملا ڪندا، باهيون
لڳائيندا ماڻهن کي قتل ڪندا ۽ ڦُرلٽ ڪندا رهيا ۽
هي سڀڪجهه امن جي نالي ۾ ڪيو پئي ويو.‘ هڪ ٻي شاعر
پيريگورڊ جي پالينَس، مٿين شڪايت جي تصديق ڪئي
آهي:
’ان اتحادي يا دوست کي برداشت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي
جيڪو دشمن کان به وڌيڪ سخت هجي.‘ ڏسو ڊوبوز (330،i).
(10)
ٿوڊورڪ-
II،
ٿوڊورڪ
I
جو پٽ. اويٽَس کي پنهنجي عزم جي باري ۾ ٻڌائي ٿو
ته هو پنهنجي ڏاڏي جي ڪيل غلطين جو ڪفارو ادا ڪندو
(سڊان، مدح سرائي، اويٽَس 505)
’اسان جي ڏاڏي جو هڪڙوئي گناهه آهي اُهوئي مٿس
ڪارو داغ آهي- روم جي فتح.‘
هن نموني جو ڪردار، جيڪو فقط عظيم اَلارِڪ کي
سونهين ٿو، ساڳئي وقت گاٿن جي بادشاهن جي نسل بابت
به ڪافي ڪجهه ٻڌائي ٿو جنهن لاءِ هن وقت تائين
ماڻهن کي ايتري ڄاڻ نه رهي آهي.
(11)
سَپائڊِي جو نالو، جيڪو سئواءِ جو اصل آهي، سڀ کان
پهريون اميئينَس مارسيلينَس ورتو هو ۽ ٻه فوجي هنڌ
نوٽيٽيا به بيان ڪيا آهن جيڪي ان صوبي جي حدن اندر
آهن. ڊافين ۾ گرينوبل وٽ سپاهين جي هڪ جٿي کي مقرر
ڪيو ويو اهي ۽ ايبريڊونم يا آئرورڊن جهازن جي هڪ
آرماڙ جي حفاظت ڪئي هئي، جنهن وري نوف چئٽل جي ڍنڍ
تي پڻ پهرو ٿي ڏنو. (ڏسو وئليسيَس، نوٽيٽيا،
گئلئريَم- ص- 503)، (ڊي- ائندِل- قديم گال- صفحا-
579، 284).
(12)
سئلويَن، ڌڻي تعاليٰ يا حقيقي معبود جي اخلاقي
حڪمت کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هڪ اهڙو ڪم جنهن
کي اندازن ذريعي آسانيءَ سان سمجهائي سگهجي ٿو
يعني جيڪي مصيبتون گندن ۽ ذليل ماڻهن تي اچن ٿيون
ته اُهي ڄڻ هُن جا فيصلا آهن ۽ جيڪي مصيبتون چڱن ۽
نيڪ ماڻهن تي اچن ٿيون، اُهي ڄڻ هُن طرفان
آزمائشون آهن.
(13)
مدح سرائي- آئويٽس- 300 وغيره. سڊونيَس پوءِ مدح
سرائي ڪندڙ جي طريقي جيان اڳتي وڌي ٿو ۽ جيڪي به
چڱايون ايٽيَس جون هيون اُنهن کي پنهنجي وزير
ائويٽَس ڏانهن منتقل ڪري ٿو ڇڏي.
(14)
ٿوڊورڪ-
II،
ائويٽَس جي نالي ۾ پنهنجي استاد جي ڪردار کي
ساراهي ٿو. (سڊان- مدح سرائي- ائويٽَس 495 وغيره)
(15)
ٿوڊورڪ-
I،
جي حڪومت بابت اسان کي جن معلومات ڏني آهي اُنهن
مان جارنينڊيس (ڊي رُوبُس گيٽسِس باب- 36-34) ۽
اڊئٽيَس جا تاريخوار واقعا شامل آهن ۽ انهن سان
گڏوگڏ ٻه پراسپر به آهن جن جو ذڪر ’فرانس جا
تاريخدان‘ ۾ آيل آهي (640-612،
I)
هنن ۾ اسان سئلويَن جو اضافو ڪري سگهون ٿا (36،
vii)
۽ ائويٽَس جي مدح سرائي، جيڪا سڊونيَس لکي آهي، به
شامل ڪري سگهجي ٿي.
(16)
’اُنهن وڏا وار رکندڙ بادشاهن کي مٿن مقرر ڪيو،
جيڪي پهريون کان ئي نازل ٿيل هيا ڄڻ ته اُهي
پنهنجن ڪٽنبن ۾ وڌيڪ معتبر هيا.‘ (گريگري، ٽورن-
فرانس جي تاريخ جو ٻيو جُلد- 166، 9،
ii)
گريگري خود ته ميرووِنجيَن جو نالو نٿو ٻڌائي جنهن
کي شايد ستين صدي جي شروعات ۾ ڪٿي ڳولي سگهجي ٿو
جيڪو شاهي خاندان لاءِ نمايان لقب هو ته فرانس جي
حاڪمن لاءِ پڻ موزون هو. هڪ جاکوڙي نقاد ميرو
وِنجيَنس جي نالي کي ماروبوڊيوس (مرڪماني قبيلي جو
سردار، جيڪو وري سُووِي قبيلي سان آگسٽَس جي دؤر ۾
لاڳاپيل هو) مان وڃي ڪڍيو آهي ۽ هن صاف طرح سان
ثابت ڪيو آهي ته جنهن شهنشاهه پنهنجو نالو ڪنهن
پهرين قوم کي ڏنو هو اُها چائلڊيرڪ جي پيءُ (ڪلووس
جو پيءُ ۽ فرئنڪن جو بادشاهه- 511-481) کان تمام
گهڻي قديم هئي. (ڏسو نقش و نگار جي اڪئڊمي
587-557،
xxx،
90-52،
xx)
(17)
جرمني وارن جي هن رواج کي، جنهن جي سلسلي کي
ٽئيٽَس کان ٽورس جي گريگري تائين ڳنڍي سگهجي ٿو،
آخرڪار قسطنطنيہ جي شهنشاهن پڻ اختيار ڪيو. ڏهين
صدي جي هڪ عورت کان مانٽفاڪن ساڳي تقريب جو هڪ
نقشو چِٽيو آهي جنهن کي ان دؤر جي جهالت دائود
(ڊئوِڊ) بادشاهه ڏانهن منسوب ڪيو آهي. (ڏسو فرانس
جي حاڪمن جا يادگار ٽام-I
۽ شروعاتي ڳالهيون)
(18)
فرانس جي تاريخ جي ٽئين جلد جو مقدمو ڏسو ۽ ابي
لابوف کي پڻ ڏسجي ( مضمون- 79-47،
iii)
ميرو وِنجيَنس جي هن خاص اسلوب کي مقامي توڙي
ٻاهرين ماڻهن به بيان ڪيو آهي. ساڳي وقت پرسڪس
(608،i)
اگاٿياز (49،
ii)
۽ ٽورس جي گريگري 316، 278، 196، 10،
viii،
24،
vii،
18،
ii)
پڻ ان کي بيان ڪيو آهي.
(19)
قديمي فرئنڪن جي اصل تصوير، شبيهه، سندن لباس
هٿيار ۽ طبيعت کي ڏسو ۽ جاچيو (سڊونيس اپولينئرس-
مدح سرائي، ميجورين، 254-238) ۽ هر تصوير توڙي جو
نفاست سان نه ٺاهي وئي آهي پوءِ به ان جي اصل ۽ نج
قدرداني ڪئي وئي آهي. بزرگ ڊئنيئَل (فرانس جي
ماڻهن جي تاريخ، 7-2،
i)
هن بيان جي وضاحت ڪئي آهي.
(20)
تنقيدي تاريخ ۾ ڊُوبوز 272-271،
i)
ڪجهه جاگرافي جي ماهرن ڊسپرگم کي جرمني جي رائين
نديءَ طرف ڏيکاريو آهي. هن سلسلي ۾ بينيڊ ڪٽائين
ايڊيٽرن جي فرانس جي تاريخدانن ڏانهن ٿيل خط و
ڪتابت کي ڏسو.
(*) صوبو.
(21)
ڪاربونئريَن جو جهنگ آرڊينيز جو اُهو وڏو ٻيلو آهي
جيڪو ايسڪاٽ ۽ شيلڊ جي وچ تي آهي. ويليسيَس
نوٽيٽيا، ص- 126.
(22)
ٽورن جوگريگري (167-166،
ii،
9،
ii)
فريجر، ايپيٽوم (395، 9) گيسٽافر (فرئنڪر 5، 544،
ii
۾) ۽سينٽ ريمگ، (همڪمار 373،
iii
۾)
(23)
صحيح هنڌ هڪ شهر يا ڳوٺ هو جنهنکي وائڪس هيلينا
چوندا هيا ۽ ٻنهي يعني نالي ۽ هنڌ کي جديد جاگرافي
جي ماهرن لينس وٽ ڳولي هٿ ڪيو هو. ويليسيَس
نوٽئٽيا، گئليريَم (ص- 246) لانگرو (فرانس جي بيان
۾ 88،
ii).
(24)
هن عمل جي هڪ فضول تذڪري کي ڏسو سڊونيَس ۾ (وڏي
مدح سرائي 230-212) فرانس جي نقادن، جيڪي گال ۾
پنهنجي بادشاهت قائم ڪرڻ لاءِ آتا هيا، سڊونيَس جي
خاموشيءَ سبب، پنهنجي لاءِ مضبوط دليل جمع ڪيا آهن
يعني ڪير به ان ڳالهه ڏانهن اشارو نٿو ڪري ته شڪست
کاڌل فرئنڪ مجبور ٿي ٻيهر رائين ندي کي اُڪاريو
هو. (ڊُوبوز- 322،
i)
(25)
سئلوَين (ڊي- گبرنيٽ ڊي، بوڪ-
vi)
هڪ اجائي ۽ بحٿ واري انداز ۾ هنن ٽن شهرن جي
بدقسمتيءَ بابت لکيو آهي جن جي پَڪ هڪ عالم
مئسڪائو اسان کي ڏياري آهي. (قديم جرمني جي ماڻهن
جي تاريخ 21،
ix)
(26)
پرسڪس، مقابلي جي بيان ڪرڻ ۾ ٻن ڀائرن جو نالو نه
کنيو آهي، جن مان ٻي نمبر ڀاءُ کي هن روم ۾ ڏٺو
هو، هو نوجوان هو ۽کيس ڏاڙهي ڪانه هئي ۽ وڏا وار
هُئس (فرانس جا تاريخدان 608- 607،
i)
بينيڊڪٽائين ايڊيٽر ان خيال جا آهن ته اُهي ڪنهن
اڻڄاتل فرئنڪ بادشاهه جا پٽ آهن جن جي حڪومت نيڪر
نديءَ جي ڪنارن تي هئي پر ايم- ڊي فانسيمين جي
دليلن (يادگيريون 464،
viii)
مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته ڪلوڊيَن جي تخت جي
جانشينيءَ تي سندس ٻن پٽن سخت اعتراض ڪيو هو، ننڍو
پٽ ميروويَس هو جيڪو چائلڊيرڪ جو پيءُ هو.
(27)
ميرو وِنجيَنس جي قوم ۾ تخت موروثي آهي پر مئل
بادشاهه جا سڀئي پٽ پنهنجي پيءُ جي مال، خزانن،
ملڪيت ۽ سرحدن ۾ هڪ جيترا حصيدار هوندا آهن. ڏسو
ايم- ڊي- فونسمين جو هڪ مشهور مقالو اڪئڊمي جي
يادگيرين جي ڇهين ۽ اٺين جُلد ۾.
(28)
هڪ تمغو اڃا تائين موجود آهي جنهن مان آنريا جو
وڻندڙ ۽ خوبصورت چهرو نمايان آهي ۽ جنهن تي آگسٽا
جو لقب اُڪريل آهي ۽ تمغي جي پٺئين پاسي تي هڪ
يادگار لفظ ’ملڪ بچائيندڙ‘ اُڪريل آهي ۽ ان سان گڏ
حضرت عيسيٰؑ جي نشاني پڻ آهي. (ڏسو ڊوڪينج،
بازنطين صفحا 73، 67).
(29)
ڏسو پرسڪَس صفحا- 40-39. اهو چوَڻ مناسب ٿو معلوم
ٿئي ته جيڪڏهن عورتن کي تخت جو جانشين بڻايو وڃي
ته وئلينٽينين خود، جنهن ننڍي ٿوڊوسيَس جي ڌي ۽
وارث سان شادي ڪئي هئي، ته اُها پڻ اوڀر جي
شهنشاهت تي پنهنجو حق ڄمائي ها.
(30)
آنريا جي مهم جوئيءَ کي جارنينڊيس طرفان پوريءَ
طرح بيان نه ڪيو ويو آهي. (ڊي سڪسيوف- باب- 97 ۽
ڊي ديب گيٽيسز، 674، 42 ۽ پراسپر جي واقعن ۽
مارسيلينَس جي بيان ۾ تذڪرو موجود آهي) پر اُهي هڪ
ٻئي سان تيستائين مطابقت نه رکندا، جيستائين اسان
وقت ۽ هنڌ کي آنريا جي يوجينيَس سان سندس سازش ۽
اٽيلا کي سندس طرفان دعوت ڏيڻ جي وقت ۽ هنڌ جي
وقفي کي جدا نه ڪريون.
(31)
سڊان، اپولينئرس
viii،
تحريريون، 246، 15.
(32)
مدح سرائي، ائويٽَس، 319 وغيره.
(33)
هن جنگ بابت انتهائي مستند ۽ صحيح حقيقتن بابت
پورو احوال جارنينڊيس ڏنو آهي (ڊي ريب گيٽيسز
672-662، 41-36) پر هن ڪڏهن ان کي گهٽ ڪري پيش ڪيو
اهي ۽ ڪٿي وري هن ڪئسيوڊورس جي وڏي تاريخ کي ويهي
نقل ڪيو آهي. جارنينڊيس بابت هڪ پهاڪي کي دهرائڻ
ممڪن آهي ته مناسب نه لڳي پر ان کي ٽُورس جي
گريگري (5-7-، 2) وڌيڪ بهتر بنايو آهي ۽ ان جي
وضاحت پڻ ڪئي اهي؛ ته ساڳي وقت اڊئٽيَس ۽ اِسيڊور
جي واقعن توڻي ٻن پراسپرس ۾ پڻ وضاحت ڪئي وئي آهي.
سڀني قديمي شاهدين کي هڪ جڳهه تي جمع ڪري ڪتاب
’فرانس جا تاريخدان‘ ۾ شايع ڪيو ويو آهي، پر
پڙهندڙ کي خبردار ڪيو ٿو وڃي ته اڊئٽيَس جي لکيل
واقعن کي خيال سان پڙهي (هي اقتباس فريڊيجئريَس جي
ٽڪرن سان مليل آهن. 462،
ii)
جن مان اهو امڪان پيدا ٿيو ٿئي ته پادري گئليسَين
جي اصل متن جي ممڪن آهي ته ترديد ٿئي.
(34)
قديمي مثالي ماڻهو يقيني طور تي عزت ۽ احترام جا
مستحق آهن ڇو ته اُهي مجبور ٿي پنهنجن قصن ڪهاڻين
کي سندن پنهنجن وقتن جي اصلي تاريخ سان ملائن ٿا.
(ڏسو سينٽ لُوپُس ۽ سينٽ انيئينَس، ميٽز جي پادري
۽ سينٽ جينيويو وغيره جون زندگيون ’فرانس جا
تاريخدان‘ ڪتاب ۾ 369،
iii،
649، 45-644،
i)
ڏسي سگهجن ٿيون.
(35)
اميرڊي بئاٽ جي شڪَ واري بي اعتمادي کي (انسانن جي
تاريخ 40-539،
vii)
دليلن يا تنقيد جي اصولن سان سهمت نٿو ڪري سگهجي.
ڇا ٽورس جو گريگري، ميٽز جي تباهيءَ بابت احوال
ٻڌائڻ ۾ پورو نه ٿو لهي؟ فقط وچ ۾ 100 سالن جي
وقفي پوَڻ سان ڇاهو غافل ٿي ويو يا ماڻهو شهر جي
قسمت کان بيخبر بڻجي ويا جيڪو وڏن حاڪمن توڙي
آسٽريليا ۽ ايشيا جي شهنشاهن جي اصلي رهائشگاهه
رهيو هو؟ عالم اميرزادو، جنهن اٽيلا ۽ بربرن کان
معافي وٺرائي هئي، ڪوڙي اڊئٽيَس کي منت ٿو ڪري ته:
’مهرباني ڪري جرمني ۽ گال جي شهرن جو بچاءُ ڪجو‘،
۽ هو اها ڳالهه وساري ٿو ڇڏي ته سچار اڊئٽيَس اڳ
صاف چئي ڏنو هو ته ’ڪيترن ئي شهرن تي اڳ ئي قبضو
ٿي چڪو هو جنهن ۾ ميٽز به شامل هو.‘
(36)
مدح سرائي- ائويٽَس، 328 وغيره.
(37)
اٽيلا، ايٽيَس ۽ وزيگاٿن جي پاليسين جي باري ۾
ائويٽَس جي مدح سرائي ۾ تفصيل اڻپورا آهن ته ساڳي
وقت جارنينڊيس جي ڇٽيهين باب ۾ پڻ صحيح ڄاڻ نه ڏني
وئي آهي. شاعر توڙي تاريخدان ٻئي هڪ طرفا نظر اچن
ٿا جن جي اندر ۾ ذاتي يا قومي تعصب سمايل ٿو لڳي.
شاعر ائويٽس جي اهليت ۽ قدر کي وڌائي ٿو ڇڏي جيئن
ته هو چوي ٿو: ’ائويٽس، سڄي دنيا جو محافظ‘.
تاريخدان بيصبريءَ مان گاٿن کي وڌيڪ موزون ۽
شاندار ڪري پيش ٿو ڪري. تنهن هوندي به سندن
سمجهوتو، جڏهن ان جي ترجماني ڪجي ٿي ته، اُهو سندن
سچائيءَ جو چِٽو ثبوت آهي.
(*) مختلف، جدا جدا.
(38)
جارنينڊيس، ايٽيَس جي فوج جو جائزو ٿو وٺي (644،
36) جنهن کي گروٽونيَس ايڊٽ ڪيو. (23،
ii،
فرانس جا تاريخدان جن سان گڏ بينيڊ ڪٽائن ايڊيٽر
جا حاشيا به شامل آهن. لئيٽي بربرن جي گڏيل سڏيل
قوم هئي، جيڪا گال ۾ پيدا ٿي ۽ اُتي ئي وڏي ٿي، ۽
رِپاري (جنهن کي سنڌيءَ ۾ ريپاڙي چئجي ته مناسب
ٿيندو- سنڌيڪار) پنهنجو نالو ٽن ندين کان ورتو هو؛
رائين، ميوز ۽ موسيل. آرموريڪا جي ماڻهن وٽ آزاد
شهر هيا جيڪي سين ۽ لئائر جي وچ ۾ هيا. سئڪسَنس جي
هڪ ڪالوني بيوڪس جي ضلعي ۾ آباد هئي، برگنڊي جا
ماڻهو سئواءِ ۾ آباد ٿيل هيا ۽ بريونس وڏا
جهيڙيڪار ماڻهو هيا جيڪي رهيشيا جي قبيلي سان تعلق
رکندا هيا ۽ ڪانسٽنس ڍنڍ جي اوڀر ۾ رهندا هيا.
(39)
’ارليَنس جو شهر آباد ڪيو ويو، پوءِ ان جو گهيرو
ڪيو ويو ۽ ان جي اڳئين اوج کي ختم ڪيو ويو پر اڃا
ان کي لُٽيو ڦريو نه ويو هو.‘ (ڪتاب
v،
سڊان، اپولينئريَس
viii،
تحريريون، 246، 15( آرليَنس شهر جو بچي وڃڻ معجزي
کان گهٽ نه آهي ۽ ان جي محفوظ رهڻ جي خبر هڪ نيڪ
پادري اڳواٽ ٻڌائي ڇڏي هئي.
(*) تڪڙو، اُٻهرو.
(40)
عام ڇاپا
X@M
(90000) ڳڻجڻ ۾ اچن ٿا پر هٿ سان لکيل نسخن جي
تصديق ٿيل آهي (۽ ڪابه تصديق مستند ئي سمجهڻ
گهرجي) جنهن ۾
XVM
(15000) جو تعداد به جوڙي سگهجي ٿو.
(41)
چالنس يا ڊيورو- ڪئٽلانم جنهن کي پوءِ ڪئٽلاني چيو
ويو اُهو اڳ رهِيمس جو حصو هو جتان اُهو فقط
ستاويهن ميلن جي مفاصلي تي آهي. ڏسو وئليسيَس،
نوٽئٽيا ۽ گئليريَم- ص 136، ڊي ائنوِل (قديم گال-
صفحا 279، 212)
(*) هڪ کليل ۽ وسيع ميدان جيڪو فوجي ڪارواين ۽
مهم جُوين جو هڪ مرڪز رهيو هو.
(42)
ڪمپانيا جو نالو وري شئمپين کي گهڻو ڪري ٽورس جي
گريگري بيان پئي ڪيو آهي ۽ اُهو وڏو صوبو جنهن جو
گاديءَ جو هنڌ رِهيمس هيو، پنهنجي حاڪم جي حڪمن کي
مڃيندو هو. (وئليسيَس، نوٽئٽيا- صفحا 123-120)
(43)
آءُ داناءُ آهيان جو فوجي تقريرون تاريخدانن کان
ويٺو لکرايان، تنهن هوندي به جهونا آسٽرو گاٿ جن
اٽيلا جي حڪم هيـٺ ڪم ڪيو هو، اُهي شايد سندس
گفتگو جو احوال ڪئسيوڊورس کي ٻڌائن، جنهن مان ائين
لڳندو ته سندس خيال، ۽ بيان ڪرڻ جي انداز جو تعلق
به هوبهو سيٿيا جي نسل وارو آهي ۽ مون کي شڪ آهي
ته ڇا ڪو ڇهين صديءَ جو اٽلي جو ماڻهو ’جنگ جي
خوشين‘ بابت ڪڏهن سوچي به سگهي ها!
(*) (کيل ختم ٿيو.)
(*) (پروشيا جو عظيم فريڊرڪ).
(44)
جارنينڊيس يا ڪئسيوڊورَس جا تاثرات تمام تيز ۽
مضبوط آهن. ڊُوبوز (تنقيد جي تاريخ، 393-392،
i)
جارنينڊيس جي تعداد کي 162000 ۽ اِدئٽيَس ۽
آئيسڊور جي تعداد کي 300000 تائين کڻي ٿو وڃي ۽
اندازو ٿو لڳائي ته تعداد يقينن گهڻو هوندو جنهن ۾
جنگ ۾ تباهه ٿيل، بيمارين ۾ مُئل يا هٿيارن کان
خالي ماڻهن جي قتل جو انگ به شامل ڪرڻو پوندو.
(*) (وَٽيل يا سِبيل).
(*) (کيس اُڪارڻ لاءِ آندو ويو).
(45)
اميرزادو ڊي بئاٽ. (ماڻهن جي تاريخ 573-554،
vii)
اڃا تائين ڪُوڙين ڳالهين تي يقين ڪري رهيو هو ۽
سَچين کي رد ڪري رهيو هو. اِڊئٽيَس، اٽيلا جي شڪست
کي ٻن وڏين جنگين ۾ ورهايو آهي: پهرين جيڪا
آرليَنس جي ويجهو وڙهي وئي ۽ پوئين شئمپين ۾.
پهرين جنگ ۾ ٿوڊورڪ کي قتل ڪيو ويو ۽ ٻي ۾ ان جو
بدلو ورتو ويو.
(*) (فضول، لاپرواهه)
(46)
جارنئنڊيس (ڊي. روبُس گيٽيسز- 671، 41). ايٽيَس جي
پاليسي توڙي ٽورسمانڊ جو روَيو، ٻئي عين فطري آهن
۽ اميرزادي، ٽورس جي گريگري موجب، (163، 7،
ii)
فرئنڪن جي شهزادي کي رد ڪري ڇڏيو ڇو ته کيس به
ساڳيا خدشا ٻڌايائين. اِڊئٽيَس جيڪو سدائين ڪوڙ
ڳالهائيندو هو، فريبڪاري ڪندي غلط بياني ڪيائين ته
ايٽيَس رات جي انڌاري ۾ هُنن (Huns)
۽ وزيگاٿن جي بادشاهن وٽ ويو هو ۽ هر بادشاهه کان
هُن سونَ جا ڏهه هزار ٽڪرا فقط ان ڪري ورتا هيا ته
جيئن انهن جي ڀڄڻ ۾ هو آسانيون پيدا ڪري ڇڏي.
(47)
هي ظلم جن تي ٿوڊورڪ (ڪلووِس جو پٽ) بيحد افسوس ٿو
ڪري (گريگري ٽورس- 190،10،
iii)
اٽيلا جي حملي جي حالتن ۾ وقت جي لاءِ سازگار هيا.
سُرنجيا ۾ سندس گهر جو هجڻ هرڪو تسليم ڪندو هو ۽
اندازو اهو آهي ته هو سڀني سان اُتي مليو هو ۽
ترسيو به اُتي ئي هيو ڏسو مئسڪائو کي (30،
ix)
جيڪو قديم سُرنجيا بابت پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ صحيح
ٿو معلوم ٿئي ۽ ان جو نالو به گاٿن جي هڪ قبيلي
سُروِنجي سان وڃي ٿو ملائي.
(*) (انجنيَر)
(48)
جارنئنڊيس (673، 42) تيرهين صدي عيسوي ۾ مغلن، چين
جي شهرن تي وڏين انجڻن سان حملا ڪيا جن کي مسلمانن
يا وري عيسائين ٺاهيو هيو جيڪي سندن خدمتون ڏيندا
هيا. هنن انجڻين ۾ 150 کان 300 پائونڊن جا پٿر
وجهي مارُ ڪيوويندو هو. پنهنجي ملڪ جو بچاءُ ڪندي،
چين وارن ڌماڪيدار پائوڊر استعمال ڪيو، ۽ بَم پڻ
ٺاهيا ۽ استعمال ڪيا جيڪي گهٽ ۾ گهٽ هڪ سو سال اڳ
اُتي ٺهيا جڏهن يورپ ۾ ان جو خيال خواب ئي ڪونه
هو، تنهن هوندي به اهي باهه لڳائڻ وارا هٿيار به
ان بزدل قوم کي بچائڻ لاءِ ڪافي نه هيا. (ڏسو گابل
کي، مغلن جي تاريخ ۾- صفحا 157، 155، 71-70 وغيره)
(*) (مئڪسيمن 238 صدي عيسوي ۾ باب 7)
(49)
جارنئنڊيس ۽ پروڪوپيَس ساڳي ڪهاڻي ٻڌائي آهي. (ڊي-
بيل، وئنڊل، 188-187، 4،
i)
۽ اهو به آسان نه آهي ته هڪڙي ڳالهه مستند ۽ اصلي
آهي. پر يوناني مورخ يقينن غلطي تي آهي ۽ جنهن جي
غلطي معاف ڪرڻ جوڳي به نه آهي ته هن عقيليا جي
گهيري کي ايٽيَس جي موت کان پوءِ ڏيکاريو آهي.
(50)
هڪ سؤ سالن جي وقفي کان پوءِ جارنئنڊيس ٻڌائي ٿو
ته عقيليا مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪو هو. (ڏسو-
جارنئنڊيس- ڊي- رُوبُس- گيٽيسز- 673، 42) (پال،
ڊائڪن 785، 14،
ii
لُوٽ پرئنڊ، تاريخ 2،
iii)
عقيليا جو نالو ڪڏهن ڪڏهن فورم جُولي لاءِ به
استعمال ٿيندو هو جيڪو وينس صوبي جو هاڻوڪو گاديءَ
جو هنڌ آهي.
(نوٽ: گبن جو هي ڪتاب اٽڪل 240 سال اڳ ڇپيو هو.
تنهنڪري حاشيي نمبر 50 ۾ ’هاڻوڪي‘ گاديءَ جي هنڌ
کي ان وقت جو گاديءَ جو هنڌ سمجهيو وڃي، يعني لڳ
ڀڳ 1780ع جي زماني جو- سنڌيڪار)
(51)
اٽيلا جي هڪ مشهور جنگ جو ذڪر ڪندي (جنهن جي گهٽ
ماڻهن کي خبر آهي) مون پنهنجي رهبري لاءِ اٽلي جي
ٻن ماڻهن کان مدد ورتي آهي جن هن موضوع کي پنهنجي
لاءِ فائدي وارو سمجهيو هو. (سگونيَس- ڪتاب،
xiii،
502-495،
i)
مراتوري (اٽلي جا تاريخوار واقعا 236-229،
iv،
8vo
ايڊيشن.
(52)
هي ٽوٽڪو يا لطيفو ٻن مختلف شين منجهه آيل آهي. ۽
سئيداس جي جدا جدا ترتيبن ۾ بيان ٿيل آهي. (هيءَ
هڪ لُغت آهي جيڪا ڏهين صدي عيسوي ۾ ڇپي هئي).
(53)
(هِن تصوير تي، جيڪا هڪ مصور ٺاهي هئي، شينهن
وراڻيو: ’جيڪڏهن شينهن تصويرون ٺاهي سگهن ها ۽
پينٽنگ ڪري وڃن ها ته پوءِ انسان جو درجو ته نهايت
ئي هيٺ هليو وڃي ها.‘)
(54)
ننڊو راهب پال ارڙهين صدي جي آخر ۾ اٽلي جي صوبن
بابت اسان کي ٻڌائي ٿو. (ڊي- گيٽيسز، لئنگا بارڊ-
784، 14،
ii)
چارليمئگني جي دؤر تائين، صوبي جي تاريخ، ويرونا
اِلسٽرئٽا (صفحا 388-1) جي حصي جو پهريون ۽ بيحد
دلچسپ باب ٺاهي ٿي جنهن ۾ مارڪس سيپيو مافي به هڪ
وڏو ذهين انسان نظر آيو آهي جيڪو اهم بحث مباحثن ۾
پڻ حصو وٺندو رهيو آهي.
(55)
لڏ پلاڻ کي ڪنهن به همعصر جي شاهديءَ ذريعي ثابت
نه ڪيو ويو آهي پر اها حقيقت، ٿيل واقعي ذريعي
ثابت ٿي آهي ۽ اُهي حالتون ممڪن آهي ته ماڻهن جي
روايتن ۾ سلامت هجن. عقيليا جا شهري گرئڊس جي ٻيٽ
تي وڃي رهيا، ان کان سواءِ پادُئا، رائوَس، آلٽَس
يا ريالٽو ۾ به ڪجهه لڏ پلاڻ ٿي جتي پوءِ وينِس جي
شهر کي اڏيو ويو هو.
(56)
وينيشيا جي ٻيٽن جي جاگرافيائي نقش نگاري ۽ قدامت
جنهن ۾ گرئڊَس کان ڪلوڊيا جا ٻيٽ اچي وڃن ٿا،
اُنهن جو مڪمل بيان اٽلي جي تاريخوار واقعن ۾ بيان
ٿيل آهي. (ائويٽس صفحا 155-151)
(57)
ڪئسيوڊورس، مختلف تحريرون- (24،
xii)،
مافي (ويرونا السٽرئٽا 254-240،
i)
هن اهم خط جو ترجمو به ڪيو آهي ته هڪ قدامت جي
ماهر طور ان کي چڱيءَ طرح سمجهايو به آهي ته ساڳئي
وقت هن رعيت جي هڪ وفادار شخص جو ناتو پڻ نڀايو
آهي ڇاڪاڻ ته هن وينِس کي روم جي جمهوريه جو اڪيلو
۽ جائر اولاد سمجهيو هو. هن تحرير جي تاريخ به
مقرر ڪري ڇڏي هئي ته ساڳئي وقت ڪئسيوڊورس جي آفيس
جو تعين 523 عيسوي صدي ڪري ڇڏيو هو ۽ مارقئي جي
تحرير وڌيڪ مستند آهي ڇاڪاڻ ته هن پنهنجين تحريرن
جا مُسودا پاڻ لکيا ۽ ترتيب ڏنا هيا ۽ پنهنجا
مقالا ۽ مضمون پنهنجي ئي ذاتي نالي ۾ ڇپرايا هيا.
(ڏسو- او سروازوني جا خط 339-290،
ii)
(58)
ڏسو، وينِس جي حڪومت جي تاريخ جو ٻيو جُلد جيڪو
خود هڪ ڪتاب ’اسقيئٽينو‘ جو ترجمو آهي. هن ڪتاب کي
ان جي خوبين کان به گهڻو مٿاهون ڪري پيش ڪيو ويو
آهي، جڏهن ته ان جي هر سِٽ حرفت بازي کوٽ ۽
ڪُپتيائيءَ سان ڀريل آهي پر مکيه شاهدي جيڪا ’اصلي
۽ نقلي‘ گڏوگڏ آهي ۽ ٻنهي رُخن کي هڪ جڳهه تي رکيو
ويو آهي ته جيئن پڙهندڙ سچي ۽ ڪوڙي شاهديءَ ۾ فرق
يا تضاد پاڻ محسوس ڪري سگهي.
(59)
سرمانڊ ( نوٽئٽيا، سڊان، اپولينئريس ص- 19) پراسپر
جي واقعن منجهان هڪ دلچسپ تحرير جو ٽڪرو شايع ڪيو
آهي. ’اٽيلا پنهنجي فوج ۾ سڌارا آڻڻ ۽ گال ۾ کين
مارائڻ کان پوءِ ڪوشش ڪئي ته پنونيا جي رستي کان
هو اٽلي ۾ داخل ٿئي، پر اسان جي اڳواڻ ايٽيَس
پوئين جنگ جي تجربي مان به ڪو سبق نه سکيو هو ۽
پنهنجي فوج لاءِ کاڌي خوراڪ جو ڪو بندوبست نه ڪيو
هو. هو ايٽيَس کي ملامت ٿو ڪري ته هن ائلپس جي
حفاظت جو ڪو انتظام نه ڪيو هو ۽ شايد اٽلي کي به
ڇڏي وڃڻ جو سندس ارادو هو‘. پر هن اٻهرائپ واري
لعنت ملامت کي اِڊئٽيَس ۽ اِسيڊور جي مضبوط شاهدين
ذيعي رد ڪيو ويو آهي يا ان جو ازالو ڪيو ويو آهي.
(60)
ائويئَنس ۽ سندس مخالف بئيليَس جا خاڪا ڏسو جن کي
سڊونيَس جي تحريرن ۾ لِيڪيو ويو آهي ۽ اُنهن ٻنهي
۾ جيڪو تضاد هو ان جي ترجماني به ڪئي وئي آهي.
(22، 9،
i)
هن، سينيٽ جي هنن ٻن معتبرن جي ڪردار کي چڱيءَ طرح
پڙهيو ۽ پروڙيو هو، پر هو بئسيليَس سان وڌيڪ متفق
ٿيو جيڪو سندس مضبوط ۽ غير لچڪدار دوست هيو.
(61)
ليئو جي ڪردار ۽ سندس اصولن کي هڪ سو ايڪيتاليهن
اصلي تحريرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو جنهن مان سندس ڊگهي
ڪليسائي تاريخ ۽ عقيدي جي خبر پوي ٿي ته ساڳئي وقت
سندس پادري هئڻ جي حيثيت جو به اندازو ٿئي ٿو جيڪو
عهدو هن 440 کان 461 صدي عيسوي تائين پاڻ وٽ رکيو
هو. (ڏسو ڊيوپن- ڪليسائي واقعا 165-120،
ii،
iii).
(*) (گارڊا ڍنڍ)
(62)
هي سٽون جنکي گِبن جملن جي شڪل ڏني آهي اُهي ورجل
جي ڪتاب جارجڪس -
III
مان آهن. (59-58، 11، 15-14). (افسوس ته اِهي سٽون
لاطيني يا يوناني زبان ۾ آهن، جن جو انگريزي ترجمو
ڏنل نه آهي، تنهنڪري سنڌي ترجمي کان به معذرت قبول
ڪندا- سنڌيڪار)
(63)
مارقئسَس مافي (ويرونا (السٽرئٽا- 6،
ii،
ii،
221، 129، 95،
i)
هِن دلچسپ جاگرافيائي نقش نگاري کي وڏي شوق ۽ علم
جي ذريعي نمايان ڪيو آهي. هو اٽيلا ۽ سينٽ ليئو جي
انٽرويو کي آريوليڪا يا آرڊيليڪا ۽هاڻي پيچيرا جي
ويجهو ڍنڍ ۽ نديءَ جي ميلاپ وٽ ٿو رکي، ڪئٽلَس جي
آستان جي تصديق ٿو ڪري ۽ خوش ٿو ٿئي ته اُهو سرمئو
جي سرهائي ڏيندڙ علائقي ۾ موجود هو، ۽ورجل جي
ائنڊيز کي بينڊس جي ڳوٺ ۾ ڳولي ٿو لهي، جيڪو اهڙي
جڳهه تي موجود هو جتي ويرونيس جون ٽڪريون- چوٽيءَ
کان لهنديون ۽ ننڍيون ٿينديون ۽ لاهيءَ جيان
تِرڇائيءَ ۾ نظر اينديون منٽئا جي ميدان سان وڃي
ٿيون ملن ۽ هڪ خوبصورت نظارو جنم وٺي ٿو.
(64)
’جيڪڏهن اُهي طاقت سان ۽ اوچتو روم تي حملو ڪن ها
ته هنن لاءِ خطرو وڌي وڃي ها، پر وينِس ۾، جيڪو
اٽلي جو سهڻو ۽ آسان علائقو هو، سندن طاقت کي،
مقامي آبهوا ۽ سٺي هنڌ هئڻ سبب، بي اثر ڪيو ويو.
ان کي ماني کائڻ، پڪل گوشت واپرائڻ ۽ ذائقيدار
شراب جي استعمال سان وڌيڪ ڪمزور ڪيو ويو.‘ فلورس
جي تحرير جو هي ٽڪرو (3،
iii)
سِمبري جي مقابلي ۾ هُنن (Huns)
جي لاءِ وڌيڪ موزون آهي ۽ اهي لفظ شايد ان آسماني
وَبا لاءِ هڪ تبصري جي حيثيت رکن جنهن سان
اِڊئٽيَس ۽ آسيڊور، اٽيلا جي فوجن کي تڪليف پهچائي
هئي.
(65)
تاريخدان پرسڪَس يقيني طور تي، اٽيلا جي فوج تي
پيل اثر جو ذڪر ڪيو هوندو. (جارنئنڊيس 673، 42).
(66)
رئيفل جي تصوير وئٽيڪن ۾ آهي، باسو يا آلٽو سينٽ
پيٽر جي قربانگاهه بابت الغرادي جي تخليق آهي.
(ڏسو ڊوبوز- الغرادي جي فن تي هڪ نظر 520- 519،
i)
بئرونيَس (ڪليسائي واقعا 452 عيسوي نمبر 58-57)
بهادريءَ سان غيبي شئي جي سچائيءَ کي بيان ڪري ٿو
پر ڪيترن عيسائي حوارين ۽ نيڪ ڪئٿولڪن ان کي رد
ڪري ڇڏيو آهي.
(67)
جارنينڊيس ٻڌائي ٿو ته: ’اٽيلا جي پٽن جو ڳاڻاٽو
ڪرڻ مشڪل آهي ڇو ته بيشمار عورتن سان سندس جنسي
لاڳاپن جي ڪري اُنهن جي هڪ پوري فوج هئي.‘ تاتارين
۾ هر عمر جي ماڻهن ۾ گهڻين شادين جي رواج کي
پوريءَ طرح ثابت ڪيو ويو آهي. ٻين عام عورتن سان
هم بستري ڪرڻ جو تعلق فقط اُنهن جي سونهن ۽ ڪشش
سان وابسته هوندو هو، ۽ جيڪي عورتون پنهنجي ڦُوهه
جوانيءَ کان ڪجهه ٿورڙو ئي مُڙي وينديون هيون ته
پوءِ اُهي ئي بغير ڪنهن رنج رُسامي جو ان الهڙ
ڇوڪريءَ جي بستري کي وڃي ٺاهينديون هيون جن سان
اٽيلا وڃي سمهندو هو. پر شاهي خاندانن ۾، خانن جون
ڌيئرون پنهنجن پٽن کي اڳواٽ پنهنجي موروثي حق وٺڻ
جو چِتاءُ ڏئي ڇڏينديون هيون. (ڏسو نسلن جي تاريخ
صفحا 408-406)
(68)
هن ڏوهه جي خبر قسطنطنيہ تائين پهچي وئي، جتي ان
مختلف روپ وڃي ورتو ۽ مارسيلينَس جي راءِ آهي ته
يورپ جي آمر کي عورت جي هٿَ ۽ چاقوءَ سان رات جي
وڳڙي ۾ ماريو ويو هو. ڪارنيل، جنهن هن حادثي جو
سچا تفصيل پاڻ وٽ جمع ڪيا آهن، رت جي زور سان وهڻ
جو چاليهن وڏين سِٽن ۾ ذڪر ڪيو آهي ۽ اٽيلا کِل
ڏياريندڙ ڪاوڙ مان هينئن ٿو چوي: ’جيستائين رت جو
وهڻ بند نٿو ٿئي ته ڪنهن نه ڪنهن کي ان جي قيمت
ادا ڪرڻي پوندي.‘
(69)
عجيب ۽ انوکيون حالتون، جن ۾ اٽيلا جو موت ۽ پوءِ
ڪفن دفن ٿيو، اُنهن کي جارنينڊيس پوريءَ طرح بيان
ڪيو آهي. (685-683، 49) ۽ شايد هن به اهو احوال
پرسڪس کان وٺي ترجمو ڪيو هوندو.
(70)
ڏسو جارنينڊيس (688-685، 50). قومي هٿيارن ۾ جيڪو
هن فرق ڪيو آهي سو عجيب ۽ دلچسپ آهي. مون کي نيتاد
نديءَ جي باري ۾ وڌيڪ نه ٻڌايو ويو آهي.
(*) (گهوڙن جي ڊوڙ جو ميدان)
(*) (اڳتي ڌِڪو ڏنائين)
(71)
ٻن جديد تاريخدانن، اٽيلا جي تباهي ۽ سندس شهنشاهت
جي ورهائجي وڃڻ تي، گهڻي روشني وڌي آهي. ايم- ڊي
بئاٽ وڏي باريڪ بيني ۽ محنت سان (94-68، 31-3،
viii)
۽ ايم- ڊي، گائنس، چيني زبان جي زبردست مهارت ۽
اُنهن جي ليکڪن جي ڄاڻ ذريعي اسان کي مڪمل معلومات
ڏني آهي جنهن جي نئين نسل کي گهڻي ضرورت آهي.
(72)
پلاسيڊيا، 27 نومبر- 450 عيسوي ۾ روم ۾ مري وئي.
کيس روينا ۾ دفن ڪيو ويو جتي سندس ميت کي صندل جي
ڪاٺ جي ڪرسي تي ويهاري سندس قبر ٺاهي وئي هئي ته
جيئن اُها قبر زمانن تائين محفوظ رهي، شهزاديءَ کي
مذهبي ماڻهن توڙي سينٽ پيٽر ڪرسولوگس طرفان داد
ڏنو ويو ۽ کيس يقين ڏياريو ويو هو ته تثليث (ٽن جي
هڪ هجڻ) ۾ جيڪو سندس جذبو رهيو هو ان جي تلافي
ٻارن جي تثليث ذريعي ڪئي وئي هئي. (ڏسو ٽليمانٽ-
شهنشاهن جي تاريخ 240،
vi)
(73)
’وئلينٽينين، جيڪو عورتن وانگر ۽ هڪ نالائق انسان
هو، ايٽيَس کي قتل ڪري ڇڏيائين.‘ هي لفظ سڊونيَس
جا آهن (مدح سرائي، ائويٽس، 359) شاعر کي دنيا جي
ڄاڻ هئي تنهنڪري هو ڪنهن به صورت ۾ وزير جي بيجا
خوشامد ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هو. جنهن ائويٽس ۽
ميجوريَن کي بيعزت ڪيو هو جيڪي سندس شاعريءَ جا
مکيه ڪردار رهيا هيا.
(74)
جيتريقدر ايٽيَس ۽ وئلينٽينين جي موت جي سببن جو
تعلق آهي ته اسان کي ان بابت ڪا ڄاڻ ڪانهي ۽
جيڪڏهن آهي ته اُها اڻپوري آهي. پروڪوپيَس (ڊي
بيل، وئنڊل 188-186، 4،
i)
هڪ زبردست ليکڪ آهي جيڪو ڪهاڻين ۽ افسانن جو به
ماهر آهي ۽ اُنهن يادگيرين تي به لکندو آهي جيڪي
هن کان اڳ ٿي گذريون هونديون آهن. تنهنڪري هن جي
بيان کي ڏسڻ، پرکڻ ۽ درست ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾
سندس تحريرن کي گهٽ ۾ گهٽ پنجن يا ڇَهن تاريخوار
واقعن سان ڀيٽائڻو پوندو ۽ جيڪي پڻ نه روم ۽ نه
وري اٽلي ۾ ڇپيا هيا ۽جن مان ڀڳل ٽٽل لفظن ۾
حقيقتن جي ته نه، باقي افواهن بابت معلومات ملي
سگهي ٿي، ۽ افواهه به اُهي جيڪي گال، اسپين،
آفريڪا، قسطنطنيہ ۽ سڪندريه ۾ پکيڙيا ويا هيا.
(75)
ويٽيَس جي هن تجزيي کي، جيڪو اڳڪٿي جو ماهر هو،
وئرو، انکي قدامت جي سورهين ڪتاب ۾ بيان ڪيو آهي.
(سينسوريَمس، ڊي، نتالي، 91-90، 17 هئورڪئمپ ايڊٽ
ڪيو هو.
(76)
وئرو مطابق ٻارهين صدي 447 عيسوي ۾ ئي ختم ٿي
ويندي پر روم جي اصل دؤر بابت جيڪا غير يقيني واري
صورتحال آهي ان ۾ ڪجهه اڳواٽ اڳڪٿي يا اُميد ڪرڻ ۾
دير به ٿي سگهي ٿي. ان دؤر جي شعارن کي ڪلاڊيَن
(ڊي بيل گيٽڪو، 265) ۽ سڊونيَس (مدح سرائي،
ائويٽس، 357) کي اسان پنهنجن معاملن بابت پنهنجو
جائز شاهد سمجهي سگهون ٿا. ’هاڻي هو سالن کي ويٺا
ٿا ڳڻين، ۽ ڳِجُهن جي اُڏام ڏانهن پيا ڏسن جن تي
اُنهن صدين کي نقش ڪري ڇڏيو آهي ته صديون به شايد
ڳِجهُن جي اُڏام وانگر گذرنديون............. هاڻي
روم جي مقدر ۾ شايد ائين ئي لکيل آهي ته ڳِجهُن جي
ٻارهَن اُڏامن کي ڏسڻو آهي! هاءِ اي روم تنهنجو
مقدر! تنهنجي قسمت!! تنهنجي قسمت ۾ شايد تڪليفون ۽
عذاب لکيل آهن. (ڏسو ڊوبوز، تنقيدي تاريخ 346-340،
i)
(77)
سئلويَن جو پنجون ڪتاب رڳو افسوسناڪ روڄ راڙي سان
ڀريل آهي ته ساڳي وقت ان ۾ ڪاوڙ واريون گاريون به
آهن. سندس بيهودگي واري آزادي، جنهن سان هن کي
جيڪو به سمجهه ۾ آيو ته لکي ڇڏيو اٿس، مان ثابت ٿو
ٿئي ته روم جي ان وقت جي حڪومت ڪمزور هئڻ سان گڏ
سخت بگڙيل پڻ هئي. سندس ڪتاب آفريڪا جي نقصان (439
عيسوي) کان پوءِ ۽ اٽيلا جي جنگ (451 عيسوي) کان
اڳ ڇپيو هو.
اسپين جا بگائُڊي، جن روم جي فوجين سان ڇتي جنگ
وڙهي هئي، پنهنجي بهادريءَ ۾ گهڻا مشهور هيا ۽
اُنهن جو تذڪرو اِڊئٽيَس جي تاريخوار واقعن ۾ گهڻا
دفعا دهرايو ويو آهي. سئلويَن سندن تڪليفن ۽ بغاوت
جي جهنڊي بُلند ڪرڻ جو ذڪر ڀرپور نموني سان ڪيو
آهي. |