پنهنجي پاران
مون کي بيحد خوشي ٿي رهي آهي ته سنڌي ادبي بورڊ
پاران، گِبن جي مشهور معروف ڪتاب:
THE DECLINE AND FALL OF THE ROMAN EMPIRE
(روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو)
جي ترجمي جي پهرئين جُلد ڇپجڻ کان پوءِ هاڻي ان جي
ٻي ڀاڱي کي پيش ڪيو ويو آهي، جنهن جي سنڌي ترجمي
ڪرڻ جو اعزاز سنڌ جي سهڻي ۽ لاجواب شاعر ۽ اديب
جناب
عنايت بلوچ حاصل ڪيو آهي. هڪ اهڙو ڪتاب جيڪو اڄ
کان 240-230 سال اڳ ڇپيو هو، جنهن جي ٻولي به خاصي
پيچيده ۽ ڏکي آهي پر عنايت بلوچ
صاحب
کي جَس هجي جو هن صاحب ان کي اهڙي ته روانيءَ سان
پيش ڪيو آهي جو هي ڪتاب، ترجمو گهٽ پر ڄڻ سندس ئي
تحرير پيو لڳي. اهڙي ڪامياب ۽ معياري ترجمي ڪرڻ تي
آءٌ عنايت صاحب کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو
۽ گڏوگڏ مسٽر الهڏتو وگهيو سيڪريٽري سنڌي ادبي
بورڊ کي پڻ مبارڪ باد ڏيان ٿو جو ڪتابن جي ڇپائي ۾
وڌ کان وڌ دلچسپي وٺي سٺا ۽ معياري ڪتاب شايع
ڪرائي رهيو آهي.
سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن شپ دؤران، هر ميٽنگ ۾
مون ترجمن جي اهميت تي زور پئي ڏنو آهي ڇو ته
ترجمن ذريعي ئي بين الاقوامي ادب، تاريخ ۽ ٻين
صنفن کي نه رڳو پنهنجي ٻوليءَ ۾ روشناس
ڪرائي سگهجي
ٿو پر پنهنجي ٻوليءَ جي دامن کي پڻ وسيع ڪري سگهجي
ٿو.
مون کي اُميد آهي ته اسان جا ٻيا اديب به پرڏيهي
ادب، شاعري، فِڪشن توڙي تاريخي ڪتابن جي سنڌي
ترجمي ڪرڻ ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا. بورڊ جي
چيئرمن جي حيثيت ۾ آءٌ پنهنجي طرفان کين يقين ٿو
ڏياريان ته هر معياري ترجمي کي بورڊ طرفان شايع
ڪيو ويندو.
تاريخ: 2012-09-25 |
مخدوم جميل الزمان
چيئرمن |
روم جي شهنشاهت
جو زوال ۽ خاتمو
(ڀاڱو ٻيو)
باب اٺاويهون
ڪفر جي مڪمل تباهي، عيسائين ۾ بزرگن ۽ برڪت ڀرين
شين جي پوڄا جو رواج:
ٿوڊوسيَس جي دؤر ۾ لامذهبيت يا ڪفر جي تباهي شايد
مشهور ۽ قديمي وهمن وسوسن جي مڪمل برباديءَ جو
اڪيلو مثال آهي ۽ ان کي ئي انساني ذهن جي تاريخ جو
هڪ انوکو واقعو تسليم ڪجي ته غلط نه ٿيندو.
عيسائين ۽ خاص طرح تي مذهب سان لاڳاپيل ماڻهن
بيصبريءَ مان ڪانسٽئنٽائن طرفان هر ڳالهه جي حل
ڪرڻ ۾ ڄاڻي واڻي دير ڪرڻ جي حمايت ڪئي هئي ته ساڳي
وقت وڏي وئلينٽينين جي ساڳي سطح جي صبر کي داد ڏنو
هو؛ اُنهن جي سوڀ کي تيستائين مڪمل يا محفوظ نه
پئي سمجهيو ويو جيستائين سندن مخالفن ۽ دشمنن کي
زنده رهڻ جي اجازت مليل هئي. ائمبروز ۽ سندس
برادري وارن جي اثر ۽ ٿوڊوسيَس جي نيڪين کي گرئشين
جي جوانن ۾ منتقل ڪيو ويو ته جيئن اذيتن جي اصولن
کي، شاهي خاندان جي نوَن مذهب اختيار ڪندڙن جي
سينن ۾ محفوظ ڪيو وڃي. مذهبي قانون جي سلسلي ۾ به
شاندار اصول قائم ڪيا ويا جتان هنن شهنشاهت جي
رعيت جي اُنهن ماڻهن خلاف هڪ سڌو سنئون ۽ سخت قدم
کڻڻ جو فيصلو ڪيو جن اڃا تائين پنهنجن ابن ڏاڏن جي
رسمن رواجن کي اختيار ڪري رکيو هو؛ ۽ اهو به ته
مئجسٽريٽ کي به ڪنهن حد تائين ڏوهن ۾ شريڪ سمجهجي
ڇو ته هو ڏوهن کي ختم ڪرڻ يا ڏوهارين کي سزا ڏيارڻ
۾ غفلت ٿو ڪري ۽ ٻيو ته مصنوعي خدائن يا ديوتائن ۽
بدروحن جي بت پرستيءَ واري عبادت، ازلي ۽ ابدي
خالق جي مٿاهين ۽ اعليٰ عظمت جي خلاف هڪ نفرت لائق
ڏوهه هو. حضرت موسيٰؑ جا قانون ۽ يهودين جي
تاريخ(1) جا مثال مذهبي ماڻهن اُٻهرائيءَ يا شايد
غلطيءَ مان عيسائيت(2) جي محبت واري ۽ آفاقي مذهب
سان وابسته ڪيا هئا. شهنشاهن جي جذبن کي، سندن
پنهنجي وقار ۽ عظيم تر معبود جي شان کي بحال ڪرڻ
لاءِ جاڳايو ويو هو، ۽ روم جي مندرن کي،
ڪانسٽئنٽائن جي مذهبي تبديليءَ کان سٺ سال پوءِ
برباد ڪيو ويو هو.
نـُوما جي دؤر کان وٺي گرئشين* جي حڪومت تائين،
روم وارن، پادرين جي سرشتي(3) جو هڪ باقاعدگيءَ
وارو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو هو.(*) سڀني ڳالهين ۽
ماڻهن تي، جنکي ديوتائن جي خدمت لاءِ پاڪ ڪيو ويو
هو، پندرهن مکيه پادري پنهنجو اعليٰ انتظام پاڻ
هلائيندا هئا، ۽ ڪيترائي سوال، جيڪي لڳاتار ۽جدا
جدا طريقن يا روايتي طرح سان پڇيا ويندا هئا ته
اُنهن کي مقرر ٿيل ججن جي مشاورتي ڪائونسل ڏانهن
فيصلن واسطي موڪليو ويندو هو. پندرهن سنجيدگي پسند
۽ علم وارن پيشن گوئي ڪندڙن، بهشتن جي رُخن تي غور
ٿي ڪيو ۽ سپوتن جي ڪمن کي، پکين جي اڏام کي نظر ۾
رکندي، اڳتي وڌائڻ لاءِ چيو ٿي ويو. پندرهن رکوالا
اهڙا مقرر ڪيا ويا هئا جيڪي پيشنگوئي ڪندڙ عورتن
بابت ڪتاب* ڏسندا هيا، جن مطابق مستقبل جي تاريخ
تي ڪڏهن ڪڏهن غور ڪيو ويندو هو ته وري ساڳيءَ طرح
حادثاتي ڳالهين ۽ واقعن بابت پڻ مشورا ڪيا ويندا
هئا. ڇہ ڪنواريون ڇوڪريون جن پنهنجو ڪنوارپڻو مقدس
باهه جي رکوالي ۽ روم جي اڻڄاتل مدي جي واعدي سان
ارپي ڇڏيو هو، جنهن منظر کي ڪوبه خاڪي بندو سزا
کان بچڻ بغير ڏسڻ جي جرئت نه ڪري سگهندو.(4) ستَ
دعوتن کارائڻ جا ماهر ديوتائن جي ٽيبل کي
سينگاريندا ۽ سنواريندا هيا، جلوس جي اڳواڻي ڪندا
هيا ۽ ساليانن ميڙن ۽ موقعن جي نگراني ڪرڻ ۾ مشغول
رهندا هيا. جوپيٽر، مارس ۽ ڪئرينـس ديوتائن لاءِ
ٽي خاص خدمتگار رکيل هيا جن جو رتبو وزيرن جي
برابر هو ڇو ته ذڪر ڪيل وڌ ۾ وڌ طاقتور ديوتا هيا
جيڪي روم ۽ پوري ڪائنات جي قسمتن ۽ مستقبل تي ڪڙي
نظر رکندا هئا. قربانين جو بادشاهه مذهبي معاملن ۾
نـُوما توڙي سندس جانشينن جي نمائندگي ڪندو هو ۽
جيڪي به هن سلسلي ۾ ڪم ٿيندا هيا ته اُنهن کي
بادشاهي هٿن سان ڪيو ويندو هو. پادرين جي برادريءَ
جا ماڻهو ۽ خدمتگار(†)
مختلف جشنن جي موقعن تي اهڙيون عجيب و غريب رسمون
ملهائيندا هيا جن کي ڏسي هر ماڻهوءَ کان نفرت ۽
حقارت واري کِلَ نڪري ويندي هئي ۽ اُهي وري لافاني
ديوتائن اڳيان سندن شفقتن ۽ مهربانين عطا ڪرڻ لاءِ
پاڻ کي پيش ڪندا هئا. روم جي پادرين کي جمهوريه ۾
جيڪي اختيار اڳ ۾ مليل هوندا هيا. اُهي موروثي
بادشاهت جي قائم ٿيڻ سان آهستي آهستي ختم ٿيندا
ويا ڇوته هاڻي شهنشاهت جي گاديءَ جو هنڌ به بدلجي
چڪو هو. پر سندن مقدس ڪردار جي مان مرتبي کي، ملڪ
جي قانون توڙي رسمن روايتن ذريعي برقرار رکيو ويو
هو ۽ کين اڃا تائين به خاص طرح مکيه پادرين کي
ڪليسائي حقن ۽ شهري انتظام جي دائرن ۾ پورا پورا
اختيار مليل هيا جن کي هو گاديءَ جي هنڌ ۽ ڪڏهن
ڪڏهن صوبن ۾ پڻ استعمال ڪندا هيا. سندن شاهي لباسن
وارا جُبا، گاڏيون ۽ سندن لذيذ کاڌا پيتا، ماڻهن
جي ڪشش ۽ تعريف جو محور هيا، ۽ کين وقف ڪيل زمينن
۽ عوامي ناڻي منجهان ايتري گهڻي رقم ملندي هئي جو
سندن پادريت جي شاهاڻي شان شوڪت ۽ دٻدٻي کي قائم
رکڻ ٽوڙي شهنشاهت جي مذهبي عبادتن کي سرانجام ڪرڻ
لاءِ ڪافي کان به وڌيڪ هوندي هئي. جيئن ته
قربانگاهن جون خدمتون فوجين لاءِ غير مطابقت رکندڙ
نه هيون ته رومي، سفارتي ۽ ججن جي نوڪرين ڏيڻ کان
پوءِ، پادرين يا پيشنگويون ڪندڙن جون خدمتون ڏيڻ
لاءِ آتا هوندا هيا، سِسرو(5) ۽ پامپي جون جڳهون.
چوٿين صدي عيسويءَ ۾ سينيٽ جي تمام معزز ميمبرن
اچي والاريون ۽ سندن اوچائيءَ واري ڄَمَ، پادريت
واري ڪردار سان گڏ سندن شان شوڪت کي اڃا اُتاهون
ڪري ڇڏيو هو. پندرَهن پادرين، جن گڏجي بشپن جي
ڪاليج کي ٺاهيو هو، کي هڪ نمايان مرتبو حاصل هيو
ڇو ته اُهي حاڪمن جا ساٿي هوندا هيا ۽ عيسائي
شهنشاهن وڏي نيازمنديءَ منجهان سندن جُبن ۽ ٻين
امتيازي نشانن، جيڪي وڏي پادري کي ڏنا ويا هيا، جو
قدر ڪندي سندن احترام ڪندا هيا. پر جڏهن گرئشين
تخت تي ويٺو جيڪو اصولن جو وڌيڪ پابند ۽ روشن خيال
شخص هو، هن فورن اهڙين سڀني لاديني نشانين کي رد
ڪيو(6) جن جو تعلق ملڪ يا ڪليسا سان قائم ڪيو ويو
هو، پادرين توڙي ڪنوارين ڇوڪرين کي جيڪا رقم ملندي
هئي، بند ڪئي وئي ۽ سندن واڌارا اعزاز ۽ خاص
رعايتون به ختم ڪيون ويون ۽ روم جي وهمن وسوسن جي
پوري نظام کي درهم برهم ڪيو ويو، جڏهن ته خيالن،
راين ۽ اختيار ڪيل عادتن جي ان نظام کي گذريل
يارهن سو سالن جي حمايت حاصل هئي. ڪفريا لامذهبيت
اڃا تائين سينيٽ جو آئيني مذهب هو. هال يا مندر
جنهن ۾ هو گڏ ٿيندا هيا، ان کي فتح(7) جي قربان
گاهه جي مجسمي سان سينگاريو ويو هو، هڪ باوقار
عورت کي ڀڙڪيدار لباس ۾ گولي تي ويٺل ڏيکاريو ويو
هو، کيس پکيءَ جيان پَرَ پاتل هيا ۽ سندس ٻاهر
ڦهلايل هٿن(8) تي سدا بهار ڪافوري گلن جو تاج رکيل
هو. سينيٽرن کي ديويءَ جي قربانگاهه وٽ قسم کڻايو
ويو ته جيئن شهنشاهه ۽ شهنشاهت جي قانون جي
پوئواري ڪئي وڃي ۽ هن موقعي تي شراب هاري ۽ لوبان
ٻاري رسم ادا ڪئي وئي جيڪا عوامي ڪمن جي لهه وچڙ
کان اڳ ضروري هوندي آهي.(9) قديم مناري کي هٽائڻ
هڪ اهڙو زخم هو جيڪو ڪانسٽئنٽيَس، روم وارن جي
وهمن وسوسن کي تحفي ۾ آڇيو هو. فتح جي قربان گاهه
کي جوليَن ٻيهر ساڳي صورت ۾ واپس آندو هو، جنهن کي
وئلينٽينين برداشت ڪيو هو پر هڪ دفعو وري گرئشين
جي جوش(10) ۽ ڪاوڙ جي ڪري سينيٽ ان تي پابندي مڙهي
ڇڏي. ان جي باوجود به شهنشاهه، ديوتائن جي مجسمن
کي سلامت رهڻ ڏنو جتي ماڻهو پنهنجي عقيدت ۽ احترام
جي جذبن جو اظهار وڃي ڪندا هيا، چار سوء چوويهه
مندر ۽ گرجائون اڃا به ماڻهن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ
موجود هيون ۽ روم جي جڳهه تي عيسائين جي نفاست جي
جذبن کي، بت پرستيءَ جي قربانين جي دونهين ۽ بوندن
سان مجروح ڪيو ٿي ويو.(11)
پر عيسائي، روم جي سينيٽ ۾(12) اقليت ۾ هيا ۽
لادينيت جي اڪثريت جي غير مذهبي ڪمن ۾ اُهي پنهنجن
اعتراضن جو قانوني آواز اٿاريندا هيا پر فقط تڏهن
جڏهن هو سينيٽ جي اجلاسن مان غير حاضر هوندا هيا.
تنهنڪري سندن احتجاج ۽ اعتراض غير موثر ٿي ويندا
هيا. ان اسيمبليءَ ۾، آزاديءَ جي اُجهامندڙ چڻنگ،
ڪجهه وقت لاءِ جنون جي ڦُوڪ ڏيڻ سان ٻيهر ٻري پئي
هئي. چار معزز نمائندا لڳاتار شاهي محلات لاءِ
چونڊيا ويا هيا(13) ته جيئن پادرين توڙي سينيٽ
بابت شڪايتون ۽ ڏک سور اُتي پهچايا وڃن ۽ ساڳئي
وقت فتح جي قربانگاهه کي پنهنجي حيثيت ۾ واپس آڻڻ
لاءِ گذارشون به ڪيون وڃن. هن اهم ڪم جي نمائندگي
ڪرڻ جو ڪم فصاحت بلاغت جي ماهر سماچَس(14) کي
سونپيو ويو جيڪو هڪ دولتمند ۽ پروقار سينيٽر هيو
جنهن پادري ۽ پيشنگوئي ڪندڙ جي ڪمن کي ملائي انکي
آفريڪا جي مئجسٽريٽ ۽ شهر جي مُنهندار جي شهري
مرتبن مطابق ڪري ڇڏيو هو. سماچَس جي دل ۾ ڪفر جي
زوال جي مقصد لاءِ گرم ۽ نيڪ جذبا موجود هيا ۽
سندس مذهبي مخالف، سندس اعليٰ ذهني صلاحيتن جي
ضايع ٿيڻ ۽ سندس اخلاقي ڪردار جي بي اثر هئڻ تي
افسوس جو اظهار ڪري رهيا هيا.(15) تقرير جو ماهر،
جنهن جي اپيل شهنشاهه وئلينٽينين وٽ اڃا تائين
سلامت آهي، پنهنجي مشڪل ڪم کان آگاهه هو ۽ ان عهدي
جي خطرن کان به باخبر هو جنهن تي هو فائز هيو. هو
احتياط ڪندي هر ان موضوع تي ڪجهه چوڻ کان نٽائي ٿو
جيڪو سندس حاڪم جي مذهب متعلق هجي، ۽ نماڻائيءَ
مان ظاهر ٿو ڪري ته عبادتون ۽ آزيون نيزاريون فقط
سندس هٿيار هيا، ۽ وڏي هوشياريءَ سان پنهنجا دليل
فلسفي جي بجاءِ تقرير بازيءَ جي سِکيا مان کڻي ٿو.
سماچَس، فتح جي ديويءَ جي نمايان وصفن کي ظاهر
ڪندي، نوجوان شهنشاهه جي تصوير ۽ خيالن کي آهستي
آهستي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، هو اشارن ۾ کيس
ٻڌائي ٿو ته اُنهيءَ رقم کي، جيڪا ديوتائن جي خدمت
لاءِ وقف ڪئي وئي هئي، بند يا ضبط ڪرڻ سندس اعليٰ
تعريف جوڳي ڪردار جي شايان- شان هرگز نه هيو، ۽ هو
دليل ٿو ڏئي ته روم جون هن وقت تائين ڏنل قربانيون
رائگان ٿي وينديون ۽ اُنهن جي سڄي اهميت ختم ٿي
ويندي جيڪڏهن اُنهن کي جمهوريه جي خرچ تي ملهايو
نه ٿو وڃي ۽ ان جي نالي ۾ خرچ نٿو ڪيو وڃي. مذهب ۾
شڪ ۽ گمان جي صورت ۾ وهمن وسوسن جو پڻ دفاع ڪيو
ويندو آهي. ڪائنات جو زبردست ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ
راز به انسان جي اندر ۾ جهاتي پائڻ کان پاسو ٿو
ڪري. جتي دليل، گهُربل هدايتون ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪري
ته اُتي رسمن رواجن کي رهبري ڪرڻ جي اجازت ڏجي؛ ۽
ايئن ٿو لڳي ته هر قوم دورانديشي ۽ دانائيءَ جي
نعمتن کي نظرانداز نه ڪندي پنهنجن روايتن ۽ نظرين
جي روشنيءَ ۾ سرخرو ۽ سرفراز پئي رهي آهي ۽ هن
ڪامياب سلسلي کي عُمرين ۽ جُڳن جي سَند حاصل رهي
آهي. جيڪڏهن اُنهن دؤرن ۾ قومن جي عظمت ۽ خوشحالي
يقيني هئي، ۽ جيڪڏهن مذهبي ماڻهن يا ديندارن کي اڳ
به اُهي نعمتون ميسر هيون جيڪي هو ديوتائن جي
قربانگاهه تي هاڻي وڃي طلب ڪن ٿا يا اُنهن کي حاصل
ڪرڻ لاءِ ٻاڏائن ٿا ته، ان صورتحال ۾ عقلمنديءَ جي
تقاضا اها هجڻ گهرجي ته ساڳين صحتمند لاڙن کي ٻيهر
پنهنجو ڪجي ۽ اُنهن فائديمند روايتن کي معاشري ۾
وري واپس آڻجي، بجاءِ ان جي جو اڻڄاتل رستن جي
خدشن ۽ خطرن جي واٽ وٺي مصيبتن کي دعوت ڏجي ۽ اها
اٻهرائيءَ اسان جي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿئي. قديمي
روايتن جي ڪاميابيءَ کي نوما جي مذهب توڙي روم ۾
پڻ آزمايو ويو، هڪ بهشتي ذهن، جنهن شهر جي مقدر جي
نگهباني ٿي ڪئي، کي فصاحت ۽ بلاغت جي ماهر ماڻهن ۾
واقف ڪرايو ته جيئن پنهنجو معاملو شهنشاهن جي
اجلاس اڳيان پيش ڪري سگهي. ’جيئندا قبله! هڪ معزز
عورت پڪاريو،‘ ’پنهنجي ملڪ جا پيئَرئو! منهنجي عمر
تي رحم ۽ ان جي عزت ڪريو جيڪا هن وقت تائين نيڪيءَ
جي لڳاتار دؤر مان گذري آهي. جيئن ته مون کي ڪوبه
پڇتاءُ ڪونهي. تنهنڪري مون کي اجازت ڏيو ته آءٌ
پنهنجن قديمي رسمن رواجن کي جاري رکيون اچان. جيئن
ته آءٌ آزاد حيثيت ۾ ڄائي هيس ته مون کي پنهنجن
گهريلو رسمن ۽ ادارن کي قائم رکڻ جي اجازت هجڻ
گهرجي. هن مذهب منهنجن ئي قانونن هيٺ دنيا کي ننڍو
ڪري ڇڏيو آهي. هنن رسمن هئنيبل کي شهر مان ڌِڪي
ٻاهر ڪڍيو آهي ۽ گالن کي ڪئپيٽول منجهان بيدخل ڪيو
آهي. ڇا آءٌ پنهنجن سفيد وارن ۾ هن قسم جي ناقابل-
برداشت بيعزتي لاءِ زنده آهيان؟ آءٌ ان نئين سرشتي
کان صفا اڻ واقف آهيان، جنهن کي اختيار ڪرڻ لاءِ
مون کي چيو ويندو، پر مون کي اها پڪ آهي ته منهنجي
پوڙهائپ ۾ مون کي تبديل ڪرڻ وارو ڪم بيحد غير
احسانمنديءَ وارو ۽ مذمت جوڳو هوندو.‘(16) ماڻهن
جي خدشن اُهي ڳالهيون ظاهر ڪري ڇڏيون جيڪي تقرير
جي ماهر ماڻهن کان لڪايون هيون، ۽ جن مصيبتن زوال
پذير شهنشاهت کي اڃا وڌيڪ للڪاريندڙ اذيتون ٿي
پهچايون، ڪافرن طرفان ان جو سڄو الزام عيسائيت جي
نئين مذهب ۽ ان جي پوئلڳ ڪانسٽئنٽائن تي مڙهيو
ويو.
پر سماچَس جي اُميدن کي، مِلن جي مکيه بشپ جي
هوشياريءَ واري سخت مخالفت سبب ڪافي جهٽڪو لڳو
جنهن روم جي وڪيل جي گمراهه ڪندڙ فصاحت بلاغت خلاف
شهنشاهن جا ڪَن ڀريا. هن اختلافي مرحلي تي،
ائمبروز وڏي مهرباني ڪندي ۽ هڪ فيلسوف جي زبان
ڳالهائيندي، نفرت منجهان سوال پڇي ٿو ته اهو ضروري
ڇو ٿو سمجهيو وڃي ته هڪ خيالي ۽ گمنام طاقت کي
اُنهن سوڀن جو ڪارڻ سمجهيو وڃي جيڪي فقط فوجن جي
نظم ۽ ضبط ۽ سندن ئي بهادريءَ سبب روم کي حاصل
ٿيون هيون؟ هو جائز طور تي قدامت پرستيءَ کي عزت
جي نگاهه سان ڏسڻ تي ٺٺوليون ٿو ڪري ڇو ته ان
روَيي سان جيڪي واڌارا ۽ تبديليون فن جي دنيا ۾
آيون هيون، اُنهن کي ترڪ ڪرڻو پوندو ۽ انسانذات
وري بربريت ۽ وحشي پڻي جي اصلي روپ ۾ واپس ٿي
ويندي. اتان وري پاڻ کي سنڀاليندي ۽ مذهبي ۽
سنجيدگيءَ وارو لهجو اختيار ڪندي هو اعلان ٿو ڪري
ته عيسائيت ئي فقط سچ ۽ ڇوٽڪاري جي ضامن آهي ۽
گهڻن خدائن کي مڃڻ جو هر طريقو، پنهنجن گمراهه
عقيدتمندن کي غلطين ۽ گناهن جي رستي ڏانهن وٺي ٿو
وڃي جيڪو سڌو سنئون دائمي تباهي ۽ روحاني موت جي
غار ۾ ٿو وڃي ڪيرائي.(17) جڏهن هڪ من پسند پادريءَ
طرفان اهڙي قسم جا دليل ڏنا ويا ته اُنهن ۾ ڪافي
طاقت هئي ته فتح جي قربانگاهه جي بحاليءَ کي
روڪرائي سگهن. پر جڏهن ساڳيا ئي دليل هڪ فاتح جي
واتان نڪتا ته اُنهن جو اڃا به وڌيڪ زوردار اثر
ٿيو ۽ قديمي خدائن کي ٿوڊوسيَس جي گاڏيءَ ۾ وجهي
فتح واري انداز ۾ گهِليو ويو.(18) سينيٽ جي هڪ وڏي
اجلاس ۾، جمهوريه جي دستور ۽طور طريقن موجب
شهنشاهه هڪ اهم سوال پڇيو: ’اوهان ٻڌايو ته جوپيٽر
يا حضرت عيسيٰؑ جي عبادت منجهان روم جو مذهب ڪهڙو
هجڻ گهرجي؟‘ انهن ٻنهي مان چونڊ اوهان کي ڪرڻي
آهي. هن ماڻهن کي وؤٽ ڏيڻ جو حق ته ڏنو پر سندس
موجودگيءَ سبب ماڻهن ۾ جيڪو اُميدن ۽ خوف جو گڏيل
ڏهڪاءُ دلين تي ڇانيل هيو، ان آزاديءَ جي ماحول کي
بريءَ طرح متاثر ڪيو، ٻيو ته جيڪو سماچس کي، هڪ
طرفي فيصلي ذريعي شهر بدر ڪيو ويو هو ته ان پوري
پس منظر ۾ شهنشاهه جي خواهشن جي مخالفت ڪرڻ ماڻهن
کي هڪ خطرناڪ قدم ٿي نظر آيو، اهڙيءَ طرح سينيٽ
اندر هلڪا اختلاف ته اُڀريا پر پوءِ وڏي اڪثريت جي
راءِ موجب جوپيٽر کي ننديو ۽ ذليل ڪيو ويو، ۽ اها
ڳالهه حيرت جوڳي آهي ته سينيٽ جي ڪنهن به ميمبر کي
پنهنجي تقرير يا وؤٽ ذريعي اها جرئت ڪانه ٿي ته
جرئتمنديءَ مان اُٿي بيهي چوي ته هو اڃا به عقيدي
موجب ان ديوتا سان لاڳاپيل هيا جنهن کي هاڻي هاڻي
ننديو ويو هو.(19) سينيٽ جي اُٻهرائيءَ واري مذهبي
تبديلي يا ته مافوق الفطرت عمل جو نتيجو هئي يا
وري ان کي هڪ ذلت واري ڪِريل حرڪت سان تعبير ڪري
سگهجي ٿو، ڇو ته جن پنهنجي مرضيءَ جي خلاف نئون
مذهب قبول ڪيو هو اُنهن هر موقعي تي فريب ۽
دوکيبازي ڪئي هئي، توڙي جو اُنهن مخفي طرح سان
چاهيو ٿي ته هو بنادير جي پنهنجي ٻهروپيائيءَ وارو
لباس لاهي اڇلائي ڇڏن. پر پوءِ، حالت پٽاندر، اُهي
آهستي آهستي نئين مذهب کي اختيار ڪندا رهيا، ڇو ته
قديمي مذهبيت مان هاڻي هو نااُميد ٿي ويا هيا؛ هنن
شهنشاهه جي اختيارن کي تسليم ڪيو، وقت جي وهڪري ۽
حالتن مطابق پاڻ کي تبديل ڪيائون، ۽ پنهنجين زالن
۽ ٻارن جي منٿن کي به کين مڃڻو پيو(20) جن جي جذبن
۽ خيالن کي روم جي مذهبي ماڻهن ۽ اوڀر جي ٻاوَن
طرفان متاثر ڪري ۽ سندن ذهنن کي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو
هو. انيسيَن جي خاندان جي بهترين مثال کي ٻين
معززن به اختيار ڪيو جيئن باسي، پاليني، گراچي ۽
ٻين دنيا جي اهم ماڻهن عيسائيت جي مذهب کي اختيار
ڪيو ۽ ڪاٽوز جي باوقار اسيمبلي (جيئن پروڊينشيس
اُنهنکي مٿانهن لفظن ۾ ڪوٺي ٿو) جا ماڻهو بيصبريءَ
مان پنهنجا پادريت وارا جُبا لاهي اڇلائڻ لاءِ آتا
ويٺا هيا ته جيئن پراڻي نانگ واري کل لاهي عيسائيت
جو بظاهر معصوميت وارو لباس پاڻ کي پهرائي ڇڏجي ۽
مئجسٽريٽن جي لٺين ۽ ڏنڊن جي طاقت کي شهيدن جي
مقبرن جي اڳيان وڃي بيڪار بڻائجي.(21) اُهي شهري
جيڪي پاڻ هُرتو پنهنجن پيرن تي بيٺل هيا ۽ ٻيو
عوام هو جن جو گذر گذران ماڻهن جي مالي مدد ذريعي
ٿيندو هو، سڀني لئٽران ۽ وئٽيڪن جي ڪليسائن کي وڃي
وَسايو جن ۾ نئين مذهب ۾ شامل ٿيندڙ مذهبي جوشيلا
گهڻي تعداد ۾ هيا. سينيٽ جي حڪمن مطابق بُتن جي
پوڄا ڪرڻ کي بند ڪرايو ويو، اهڙن حڪمن کي روم جي
عوام(22) جي پڻ ڀرپور حمايت حاصل هئي؛ هاڻي
ڪئپيٽول جي اڳين رونق مرجهايل نظر ٿي آئي ۽ جيڪڏهن
ڪٿي ڪي هيڪڙ ٻيڪڙ مندر نظر آيا به ٿي ته اُهي هاڻي
تباهي، نفرت ۽ ويڳاڻائپ جو نمونو بڻجي چڪا
هيا.(23) روم هاڻي انجيل جي نظريي هيٺ اچي چڪو هو
۽ جن صوبن کي شڪست آيل هئي، اُنهن جي دلين ۾ به
روم جي نالي ۽ سندس اختيارن لاءِ احترام هو.
شهنشاهن جي پنهنجي اولاد لاءِ نيڪيءَ جي جذبن، کين
’بقادار شهر‘ جي بهبود ۽ بهتريءَ لاءِ، احتياط ۽
نرم مزاجيءَ سان ڪجهه ڪرڻ جو سوچيو. آمر نما
حاڪمن، ويچارن سادڙن ڳوٺاڻن جي جذبن جو ڪو گهڻو
خيال نه رکيو هو. مزدوريءَ جو چڱو ڪم، جيڪو
ڪانسٽئنٽيَس(24) جي موت کان وٺي ويهن سالن تائين
بند رهيو هو، ٻيهر شروع ڪيو ويو جنهن کي ٿوڊوسيَس
جي خلوص واري جذبي سان جلد مڪمل ڪيو ويو. هڪ طرف
جنگجو شهنشاهه، شان شوڪت واسطي نه پر جهمهوريه کي
بچائڻ لاءِ گاٿن سان محاذ آرائيءَ ۾ مصروف هو ته
ٻي طرف هن پنهنجي رعيت جي ڪيترن ماڻهن کي ڪجهه
اهڙن عملن ذريعي ناراض ڪري ڇڏيو جيڪي کين حفاظت جي
ضمانت ته ڏئي پئي سگهيا پر انساني دورانديشيءَ جي
نظر ۾ اُهي ڪُمَهلا ۽ اُٻهرائيءَ وارا قدم هيا.
لادينن خلاف سندس پهرين ڪاميابيءَ، نيڪ شهنشاهه کي
موت جي فتوائن بابت پنهنجي حڪمن کي جاري ڪرڻ ۽
اُنهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ آماده ڪيو، ساڳيا قانون
جيڪي اوڀر وارن صوبن ۾ شايع ڪيا ويا هيا،
مئڪسيمَس* جي شڪست کان پوءِ اولهه جي شهنشاهت تي
به لاڳو ڪيا ويا، ۽ مذهبي خيالن واري ٿوڊوسيَس
جيڪا به سوڀ ماڻي ٿي، ان ڄڻ عيسائيت ۽ ان جي عقيدي
کي وڌيڪ تقويت ٿي بخشي ۽ شيدائين کي وڌيڪ سرخرو ۽
سرفراز ٿي ڪيو.(25) هن وهمن وسوسن جي دل تي ان وقت
زبردست وار ڪيو جڏهن هن قربانگاهن تي قربانين ڏيڻ
جي رسم تي سخت پابندي لڳائي ڇڏي ۽ ان کي وڏي ڏوهه
۽ بدناميءَ جو ڪم سڏيو ۽ سندس حڪمن جي سخت شرطن
موجب جانورن جي آنڊن گونڊن کي(26) ٻاهر ڪڍي غور
سان جاچڻ جي لامذهبي تجسُس ۽ ڪوششن کي به ننديو
ويو هو ڇاڪاڻ ته سندن ٻيا به ڪيترائي عمل جيئَن
پاڻ کي ساڙڻ جو جيڪو عام رواج هو ته اُنهن سڀني
ڪمن تي پابندي لڳائي وئي جيڪي لامذهب فرقي جي مذهب
جو حصو بڻجي ويا هيا. جيئن ته مندر فقط ان ڪري
ٺاهيا ويا هيا ته اُتي قربانيون ڏجن ته اها هاڻي
هڪ مهربان شهنشاهه جي ذميواري هئي ته پنهنجي رعيت
جي ماڻهن کي اُنهن غير فطري ۽خطرناڪ ڪمن کان روڪي
جن ذريعي سندس اُنهن قانونن جي ڀڃڪڙي جو امڪان هو
جيڪي هن ملڪ جي قانون موجب ٺاهيا ۽ سختيءَ سان
نافذ ڪيا هيا. هڪ خاص ڪميشن جوڙي وئي جنهن ۾ اوڀر
جي شاهي مُنهندار سنيجيَس ۽ ٻن عملدارن جوويَس ۽
گاڊينٽيَس، جيڪي اولهه ۾ وڏن رتبن وارا آفيسر هيا،
کي شامل ڪيو ويو ۽ کين حڪم ڏنو ويو ته مندرن کي
فورن بند ڪرايو وڃي، بُت پرستيءَ جي سڀني طور
طريقن کي ضبط يا وري پوريءَ طرح تباهه ڪيو وڃي،
پادرين کي ڏنل خاص رعايتن کي ختم ڪيو وڃي ۽ اهڙن
سڀني ملڪيتن کي ضبط ڪيو وڃي جيڪي شهنشاهه طرفان
ڪليسا يا فوج جي فائدن لاءِ کين ارپيون ويون
هيون.(27) هتي سُڃ ۽ ويرانيءَ جي ويرَ کي رڪجڻ
گهربو هو ۽ اُهي کليل ۽ عاليشان عمارتون جيڪي بت
پرستيءَ لاءِ هرگز استعمال نه ٿينديون هيون، اُنهن
کي شايد انڌي جنونيت جي تباهيءَ واري عمل کان
بچائي سگهجي ها. هنن منجهان ڪيترائي مندر اهڙا به
هيا جيڪي يوناني تعمير جي فن جا نادر نمونا ۽
خوبصورتي ۽ شان شوڪت جا عظيم منارا هيا ۽ شهنشاهه
خود چاهيو ٿي ته سندس ئي شهنشاهت جي عظمت جي
يادگارن کي نه بگاڙيو وڃي ۽ جيڪي ڪجهه سندس ورثو
هيو ان جي حيثيت ۽ قدردانيءَ کي گهٽ نه ڪيو وڃي.
هنن شاندار عمارتن کي شايد انڪري نقصان پهچايو ٿي
ويو ته جيئن اُهي تباهين جا منظر حضرت عيسيٰؑ جي
فتح جا دائمي يادگار رهجي وڃن. فن جي زوال پذير
وقتن ۾، انهن کي قلعن ۽ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جي مکيه
هنڌن طور به استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ شايد، جڏهن
مندرن جي ديوارن کي مقدس رسمن ذريعي پوريءَ طرح
پاڪ ڪيو ويندو تڏهن ان حقيقي معبود جي عبادت ذريعي
قديمي بت پرستيءَ جي گناهن جو ڪفارو به ادا ٿي
سگهندو. پر جيستائين اُنهن جو وجود باقي هيو ته
لامذهبن جي اندر ۾ هڪ لڪل اُميد جو امڪان ضرور
موجود هو ته ممڪن آهي ته سندن ڀاڳ ۾ اهڙو انقلاب
اچي جنهن ۾ جولين جهڙو ڪو ٻيو مرد مجاهد نڪري
نروار ٿئي جيڪو ديوتائن جي قربانگاهن کي وري واپس
آڻي؛ ۽ جنهن درد ۽آس منجهان هنن پنهنجون منٿون ۽
گذارشون تخت ۽ تاج(28) جي مالڪن ڏانهن اُماڻيون
ٿي، ان جي شدت، ويتر عيسائي اڳواڻن کي بت پرستي ۽
وهمن وسوسن جي بنيادن کي ئي، بغير ڪنهن رحم يا
انساني جذبي جي، بنادير مٽائڻ ۽ ميسارڻ لاءِ آماده
ٿي ڪيو. شهنشاهن جي ٺاهيل قانونن ۾ سختيءَ سان گڏ
نرميءَ جا عنصر پڻ موجود هوندا آهن.(39) پر سندن
ڍرائيءَ واريون اينگهه ڪندڙ ڪوششون، جنون ۽ ڦُرمار
جي وهڪري کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿين ٿيون، جيڪي هن سلسلي
۾ ڪليسا جي روحاني اڳواڻن طرفان جارحيت واري انداز
۾ ڪيون ٿي ويون. گال ۾ ٽورس جو بشپ،(30) نيڪ مارٽن
پنهنجي وفادار ٻاوَن جو وفد وٺي، پنهنجي انتظامي
ضلعي جي بتن، مندرن ۽ پاڪ ڪيل وڻن کي تباهه ڪرڻ جي
ارادي سان نڪتو، ۽ هن ڏکئي ڪم کي پوري ڪرڻ لاءِ
پڙهندڙ پاڻهي فيصلو ڪندو ته مارٽن وٽ ڪا روحاني
طاقت هئي يا نفساني خواهشون سندس رهبري ڪري رهيون
هيون. شام ۾، هڪ روحاني شهرت جو مالڪ
مارسيلَس(31)، هڪ اهڙو پادري جيڪو حوارين جهڙن
جذبن سان سرشار هو، جيئن کيس ٿوڊوريٽ ڪوٺي ٿو، ان
عزم ڪيو ته هُو اپاميا جي ضلعي جي سڀني شاندار
مندرن کي ڊاهي زمين سان ملائي ڇڏيندو. پر سندس
حملي جو، اوتري ئي دماغي صلاحيت ۽ ڀرپور طاقت سان
مقابلو ڪيو ويو جيترين صلاحيتن سان جوپيٽر جي مندر
کي ٺاهيو ويو هو. عمارت چئني طرفن کان شهرت جي
بلندين تي بيٺل هئي، ڇت جي بلندي پندرهَن ٿنڀن جي
مدد سان بيهاري وئي هئي جيڪي سورهَن فوٽن جي دائري
۾ ڦهليل هيا ۽ وڏا وڏا پٿر جن مان اُهي ٿنڀا ٺاهيا
ويا هيا، پاڻ ۾ سيمٽ، شيهي ۽ لوهه سان ڳنڍي مضبوط
ڪيا ويا هئا. وڏن مضبوط ۽ تِکن اوزارن کي آزمايو
ويو هو پر انهن جو ڪوبه اثر نه ٿيو هو. تنهنڪري
اهو ضروري سمجهيو ويو ته ٿنڀن جي بنيادن کي ڪمزور
ڪيو وڃي جيڪي نيٺ هيٺ ڪري پيا ڇاڪاڻ ته ٿنڀن کي
ڏنل ڪاٺ جو ٿوڻيون يا ٽيڪون باهه ۾ سڙي خاڪ ٿي
ويون ۽ هن مهم ۾ آيل تڪليفن کي ڪاري شيطان جي
شرارت سان تعبير ڪيو ويو جنهن ڪم ۾ رنڊڪ ته وڌي
هئي، پر عيسائي انجنيرن جي هن ڪارنامي کي شڪست ڏيڻ
۾ ناڪام ويو هو. فتح جي احساس ۾ سندس همت وڌي وئي
هئي ۽ هاڻي مرسيلَس پاڻ، انڌاري جي قوتن خلاف
هٿيار کنيا ۽ سپاهين ۽ ڪُشتي بازن جي هڪ وڏي فوج
عيسائي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي، جن اپاميا جي ضلعي جي
ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ لڳاتار حملا ڪرڻ شروع ڪيا. جڏهن
به ڪا رڪاوٽ يا ڪنهن خطري جو امڪان نظر ايندو هو
ته مذهب جو اڳواڻ جيڪو منڊو به هيو ۽ هن عيب سبب
نه ته هو وڙهي سگهندو هو نه وري ميدان ڇڏي ڀڄي ٿي
سگهيو، پاڻ تيرن جي مار کان پري ڪنهن ڪُنڊ ۾ ويهي
رهندو هو. پر اهائي دورانديشي سندس موت جو سبب پڻ
بنجي وئي، ۽ مٿس اوچتو حملو ڪري ڪاوڙ ۾ مڇريل
ڳوٺاڻن کيس قتل ڪري ڇڏيو ۽ صوبي جي مشاورتي
ڪائونسل بغير ڪنهن هٻڪ جي اعلان ڪيو ته مرسيلَس
الله پاڪ جي نالي ۾ پنهنجي سِر جي قرباني ڏني هئي.
هن مقصد جي حمايت ۾ بيابان منجهان تڙتڪڙ ۾ ٻاوا
ڀڄندا ويا ۽ پنهنجن جذبن ۽ اورچائيءَ جي مظاهري
سان پنهنجي حيثيت مڃرايائون. سندن خلاف لامذهب
ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ دشمني ناجائز نه هئي ۽ ڪجهه ماڻهن
خلاف ته ان ڪري به کين نفرت هئي جو هو لالچي ۽
شرابي هيا؛ لالچ به اها جنهن ۾ هو ڦرلُٽ کي
پارسائيءَ جو نالو ڏئي پاڻ کي خوش ڪندا هيا ۽
شرابي ان ڪري ته هو ٻين جي ڏوڪڙن تي اهو نشو
واپرائيندا هيا. ۽ ماڻهو سندن ڦاٽل ۽ چَتيون لڳل
ڪپڙن جي تعريف ڪندا هيا، زور سان ڳائيندا هيا ۽
پنهنجي چهري کي مصنوعي پِيلاڻ تي مائل رکندا
هيا.(32) ڪجهه مندرن کي، خوف، رشوت، نفاست ۽ شهري
توڙي ڪليسائي گورنرن جي دورانديشيءَ جي ڪري سلامت
رکيو ويو هو. ڪارٿيج ۾ بهشتي وينس (زهره) جو مندر،
جنهن جي مقدس حد ٻن ميلن جي دائري تائين ڦهليل
هئي، کي دورانديشيءَ مان عيسائي ڪليسا ۾ تبديل ڪيو
ويو(33) ۽ ساڳئي مثال کي روم(34) جي عظيم الشان
سڀني ديوتائن جي گڏيل مندر پئنٿيَن ۾ دهرايو ويو
جيڪو هن وقت تائين مقدس ۽ پنهنجي اصلي حيثيت ۾
برقرار رکيو ويو هو. پر رومي دنيا جي هر صوبي ۾،
جنونين جي هڪ وڏي فوج، پر اُمن رهواسين تي، بغير
ڪنهن اجازت ۽ اختيارن جي، حملن ڪرڻ ۾ مصروف هئي ۽
قديمي تعمير جي عظيم عمارتن جي ڊاهه ڊوهه ۽ تباهي
اڃا تائين بربرن جي طرفان برباديءَ جي آثارن طور
موجود آهي جن وٽ وقت جي تاريخي نشانن کي ڊاهڻ جي
خواهش موجود هئي ته جيئن جلد کان جلد پنهنجن ڪُڌن
ڪمن کي عملي جامو پارائي سگهن. |