جيڪو به تماشائي يا مشاهدو ڪندڙ قديم روم جي
تباهيءَ تي هڪ سرسري نظر وجهندو ته افسوس ۽ ڏک جا
ڳوڙها ضرور ڳاڙيندو ۽ اُهو گاٿن ۽ وئنڊلن جي دؤرن
کي ان جو ڪارڻ سمجهندو پر جيڪا شرارت اُنهن کان
سرزد ٿي هئي، ان جي وٽن نه ته فرصت هئي، نه کين
طاقت هئي ۽ نه وري سندن ارادو يا نيت ئي هئي ته
اُها تباهي آندي وڃي. جنگ جو طوفان ته وڏن وڏن
منارن کي به ڪيرائي زمين تي اُڇلي ڇڏيندو آهي پر
جهڙيءَ طرح ڏهن صدين جي عرصي ۾ روم جي هيڏن سارن
تهذيبي ۽ تعميراتي منارن کي آهستي ۽ چپ چاپ ۾ ڊاهي
تباهه ڪيو ويو اُهو ڏکوئيندڙ آهي پر شهنشاهه
ميجورئن وڏي همت، مردانگي ۽ بردباريءَ سان اهڙن
برباديءَ جي وهڪرن کي روڪي ڇڏيو ۽ پنهنجي ڪارنامن
۽ ڪردار ذريعي اهڙن موقعي پرستن جي منفي روَين کي
سخت ڌڪ رسايو. شهر جي زبون حالت عوامي توڙي حڪومتي
ڪمن جي رفتار کي سست ڪري ڇڏيو هو. سرڪس ۽ نمائش
گاهن ۾ زندگي جا ڪجھ آثار باقي هيا پر اُهي به
عوامي امنگن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪافي نه هيا؛ مندرن
۾، جيڪي اڃا تائين عيسائين جي ڪاوڙ کان محفوظ رهيا
هيا، نه ديوتا موجود هيا نه وري اُتي ڪي انسان وسي
رهيا هيا، رومي ماڻهن جي کِل خوشي وارا هجوم گهٽجي
چڪا هيا جيڪي سندن وسيع غسل خانن ۽ ڇٻراٺن تائين
محدود ٿي ويا هيا ۽ وڏيون لائبرريون توڙي انصاف جا
هال، ڪاهل ۽ نِڪمي نسل لاءِ بيسود بڻجي ويا هيا جن
جي عيش آرام ۾ ڪنهن ڪتاب پڙهڻ جي سلسلي ۾ شايد ئي
ڪو خلل پيو هجي. مئجسٽريٽن، سفارتڪارن يا شهنشاهن
جي عظمت جي منارن جي اڳوڻي عزت نه رهي هئي ۽ نه
وري اُنهن کي قديمي شان شوڪت يا لازواليت حاصل رهي
هئي، اُنهن جي اهميت فقط اهڙي کاڻ جي وڃي رهي هئي
جتان پٿر يا عمارتي مواد سستو ۽ سولو ملي سگهي.
روم جي بي حِس مئجسٽريٽن وٽ لڳاتار شڪايتون ۽
ماڻهن جون اپيلون پيون موصول ٿينديون هيون ته
ضروري ڪمن لاءِ به پٿرن يا سِرُن جو گهربل ذخيرو
موجود ڪونه هو ڇاڪاڻ ته ماڻهن پنهنجي ذاتي فائدن
لاءِ وڏيون عمارتون توڙي تعميرات جي اوچن منارن کي
ڊاهي پنهنجا گهر ٺاهيا هيا. جڏهن کانئن ڪو پڇا
ڳاڇا ڪندو هو ته مرمت ڪرڻ جا يا وري ٻيا ڪي ڪوڙا
بهانا ٺاهي قومي برباديءَ ۾ مصروف رهندا هيا، ۽
روم جي بگڙيل نسل کي نه ته ڪو احساس هو ۽ نه وٽن
ڪو شرم يا پڇتاءُ هو ته ڪيئن نه هنن پنهنجن ابن
ڏاڏن جي محنت توڙي عظمت کي پنهنجي نالائقيءَ جي
ڪري ختم ڪري ڇڏيو هو. ميجورئن، جنهن ڪيترائي ڀيرا
شهر جي برباديءَ تي ڏک مان ٿڌا ساهه کنيا هيا، ۽
برباديءَ جي وڌيڪ امڪانن کي ختم ڪرڻ جا سخت قدم
کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا هيا(43)، اهو معاملو پنهنجي ولي
عهد ۽ سينيٽ تي ڇڏي ڏنو ته جيڪي انتهائي بربادي
آڻيندڙ واقعا هيا اُنهن کي هڪدم روڪڻ لاءِ اُپاءُ
وٺن ۽ هن سلسلي ۾ سون جي پنجاهه پائونڊن جو ڏنڊ
(جيڪو ٻن هزارن پائونڊ اسٽرلنگ جي برابر هو) هر ان
مئجسٽريٽ تي مڙهڻ جو فيصلو ڪيو ويو جيڪو ڪنهن به
قديمي ۽ شاندار عمارت کي ڊاهڻ جو اجازت نامو جاري
ڪندو ۽ اهڙن مئجسٽريٽن جي ماتحت آفيسرن کي به سخت
سزائون ڏيڻ جو حڪم نامو جاري ڪيو ويو جيڪي
برباديءَ جي اهڙن ڪُڌن ڪمن کي عملي جامو
پارائيندا، کين ڪوڙا يا ڦٽڪا هنيا ويندا ۽ سندن
ٻئي هٿ ڪاٽيا ويندا. آخر ۾ بيان ڪيل سزا ۾ قانون
سازي جي اداري ممڪن آهي ته ان ڏوهه جي حد صحيح طرح
سان مقرر نه ڪئي هجي، يا ممڪن آهي ان کان هن سلسلي
۾ ڪا ڪوتاهي ٿي هجي، پر ان فيصلي يا جذبي جو ڪارڻ
فقط هڪ اصول هيو ۽ ميجورئن اُنهن زمانن جي منارن
يا محلاتن کي برباديءَ کان بچائڻ لاءِ پريشان هو
جنهن ۾ رهڻ جي سندس خواهش هئي ۽ جن ۾ رهائش اختيار
ڪرڻ جو کيس پورو حق به هيو. شهنشاهه کي هڪ خيال
آيو ته هو پنهنجي رعيت جي ماڻهن جو تعداد وڌائي ۽
اهو به سندس عقيدو هو ته هو شاديءَ جي پلنگ جي نِج
پڻي جي پوريءَ طرح حفاظت ڪري، پر هن سلسلي ۾ جيڪي
قدم هُن کنيا اُهي ڪجھ مشڪوڪ ۽ اعتراض جوڳا هيا.
پاڪدامن ڇوڪرين کي، جن پنهنجو ڪنوارپڻو حضرت
عيسيٰؑ کي ارپي ڇڏيو هو، پنهنجو مُنهن لڪائڻ کان
تيستائين منع ڪئي وئي جيستائين هو چاليهن سالن جي
عمر کي پهچن، ساڳي ڄمار جي بيواهُن کي مجبور ڪيو
ويو ته اُهي بيوهه ٿيڻ کان پوءِ پنجن سالن اندر ٻي
شادي ڪن ۽ پنهنجي دولت ۽ ملڪيت جو اڌ حصو يا ته
پنهنجي ڪنهن ويجهي عزيز يا وري ملڪ جي حوالي ڪري
ڇڏين، غير برابري وارين شادين(*) جي مذمت ڪندي
اُنهن کي ختم ڪيو ويو. مال ملڪيت جي ضبطگي يا وري
ملڪ بدري کي زنا جي مقابلي ۾ ان حد تائين گهٽ ۽
خسيس سزا سمجهيو ويو جو جيڪڏهن ڏوهه ڪندڙ اٽلي ۾
موٽي وڃي ته ميجورئن جي خاص حڪمن هيٺ ڀلي سندس سر
قلم ڪيو وڃي(44).
هڪ طرف ميجورئن رومين جي خوشحالي ۽ نِج مانائتن
روَين جي بحالي جي ڪوششن ۾ پوري خلوص سان مصروف هو
ته ٻي طرف کيس جينسيرڪ سان جنگ جوٽڻي پئجي وئي
جيڪو پنهنجي ڪردار ۽ زميني حالتن موجب سندس طاقتور
دشمن هو. وئنڊلن ۽ اتر آفريڪا جي مسلمانن جو بحري
ٻيڙو لِيرِس يا گئريگليانو ندي جي مُهڙ وٽ وڃي لٿو
پر شاهي فوجن بربرن جي بدنظمي جو شڪار ٿيل فوجن تي
حملو ڪري کين حيران ڪري ڇڏيو جن لاءِ ڪمپانيا جي
لُٽ ڦر جو مال رُڪاٽ بڻجي ويو هو، اُنهن منجهان
گهڻن کي قتل ڪيو ويو ۽ ٻين کي پوئتي ڌڪي سندن جنگي
ٻيڙن تائين پهچايو ويو ۽ سندن اڳواڻ، جيڪو بادشاهه
جو ناٺي هو کي قتل ٿيل ماڻهن جي لاشن ۾ سڃاتو
ويو(45). اهڙي ڦڙتي ۽ سرحدن جي نگهباني مان اِها
اُميد ضرور پيدا ٿي هئي ته هاڻي حڪومت مستحڪم
ٿيندي پر حقيقت اها هئي ته ڪيڏي به سخت نظرداري ۽
نگهباني توڙي بيشمار فوجن جي موجودگي به اٽلي جي
ڊگهي ۽ وسيع بحري ڪناري کي بحري جنگ جي برباديءَ
کان بچائڻ لاءِ ناڪافي هئي. هاڻي ميجورئن روم جي
ماڻهن جي اُميدن ۽ آسرن جو مرڪز ۽ اُنهن لاءِ هڪ
مضبوط سهارو هو. روم وارن کي يقين هو ته فقط اُهو
ئي آفريڪا کي ٻيهر روم جي طابع ڪندو ۽ هن جيڪا
وئنڊلن جي نئين آبادي تي حملي ڪرڻ جي رِٿَ تيار
ڪئي هئي، اُها سندس بهادري ۽ مستقل مزاجي واري
پاليسي جو نتيجو هئي. جيڪڏهن هي بهادر شهنشاهه
پنهنجي بهادري وارو بي مثال جذبو اٽلي جي نوجوانن
۾ اوتي ڇڏي ها، جيڪڏهن هو پنهنجي جنگي ديوتا جي
ڌرتيءَ تي بهادريءَ جي مشقن کي ٻيهر وڃي جياري ها
۽ جن ۾ سندس ٻيو ڪو به مَٽ يا ثاني ڪونه هو ته هو
شايد هڪ وڏي فوج جي اڳواڻي ڪندي جينسيرڪ سان
مقابلو وڃي ڪري ها. قومي تقاضائن جو اهو جذبو شايد
ايندڙ نسل ۾ مَن پيدا ٿي پوي پر اها اُنهن شهنشاهن
جي وڏي بدقسمتي چئبي ته کين اهڙي بادشاهت ورثي ۾
ملي ٿي جيڪا زوال طرف وڃي رهي هوندي آهي پر اُهي
بادشاهه ان جي زوال کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا آهن،
پوءِ اهڙين ڪوششن ۾ يا ته جلد فائدي حاصل ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندا آهن يا وري ڪنهن اوچتي خطري کي ٽارڻ جي
سلسلي ۾ کين وڏن ۽ هاڃيڪار نقصانن کي مُنهن ڏيڻو
پئجي ويندو آهي. ميجورئن به پنهنجن اڳين ڪمزور
جانشينن جيان هڪ موقعي پرستي ۽ ذلت وارو ڪم ڪيو ۽
هُن بربرن جي فوجي جٿن کي هٽائي پنهنجي رعيت جي
اهڙن اَناڙي ماڻهن کي انهن جي جڳهه تي مقرر ڪيو
جيڪي فوجي توڙي جنگي تيارين کان بلڪل بي خبر هيا.
پر سندس ڪمال جي ذهانت فقط تڏهن ظاهر ٿيندي هئي
جڏهن ڪو جوش جذبي يا هوشياري سان تيز قدم کڻڻ جو
مرحلو ايندو هو جنهن ۾ هو اهڙي کيڏ کيڏندو هو جو
کيڏڻ وارو خود ئي سندس ذهانت جو شڪار ٿي ويندو هو.
سندس اتحادين کان سواءِ، جيڪي اڳي ئي شهنشاهت جي
خدمت ۾ مصروف هيا، سندس ذهني ڪشادگي ۽ بهادريءَ جي
شهرت دنيوب جي قومن کي هن ڏانهن متوجهه ڪيو،
بورسٿيَنس(*) ۽ شايد تنائي(†)
پڻ ڏانهَس ڇِڪجي آيا. اٽيلا جي رعيت جا هزارين
ماڻهو، گيپيڊي، آسٽروگاٿَ، رُگيَنس، برگنڊي جا
ويڙهاڪ، سُووي ۽ الاني جا جوشيلا جوان لِگوريا جي
ميدان تي گڏ ٿيا ۽ سندن طاقتور قوت جا مظاهرو تڏهن
نظر آيو جڏهن مخالف ڌرين هڪ ٻئي سان دشمني واري
ڇيڙ ڇاڙ شروع ڪئي(46). هنن سخت سياري ۾ ائلپس جي
جبلن کي اُڪاريو. شهنشاهه ميجورئن پيرين پيادو
هلندي لشڪر جي اڳواڻي ڪئي ۽ کيس شيلڊون ۽ بچاءُ
بند ٻڌل هيا ۽ هو پنهنجي لٺ سان برف جي تَهن جي
ماپ وٺندو اڳتي وڌي رهيو هو ۽ سيٿيا جي پنهنجن
ساٿين کي همٿائي رهيو هو جيڪي سخت سردي جي شڪايت
ڪري رهيا هيا ۽ کين تسلي ڏئي رهيو هو ته هو جلد
آفريڪا پهچي ويندا جتي جي گرميءَ ۾ هو مطمئن ٿي
ويندا. ليونس جي شهرين پنهنجي دلين ۾ پڪو پَهُه
پچائي ڇڏيو هو ته هو سندن آمد تي پنهنجا گيٽ يا
وڏا دروازا بند ڪري ڇڏيندا پر پوءِ کين شهنشاهه
ميجورئن کي منٿون ڪرڻيون پيون ۽ اُهي سندس رحم
لاءِ ٻاڏائي رهيا هيا. هن جنگي ميدان تي ٿوڊورڪ کي
شڪست ڏني، ۽ هڪ بادشاهه سان دوستيءَ جو ناتو
رکيائين هڪ اهڙو بادشاهه جيڪو هروڀرو اهڙو به نه
هو جو پاڻ کي هٿيارن رکڻ جي لائق نه بڻائي سگهيو
هجي. گال ۽ اسپين جا ڪيترائي وڏا حصا وري روم جي
جمهوريه سان ملي ويا ۽ هي ڪاميابي توڙي جو فائدي
واري پر ساڳئي وقت جوکائتي به هئي پر اها ميجورئن
جي ذاتي اثر رسوخ ۽ سندس طاقت ذريعي حاصل ٿي
هئي(47)؛ ۽ بگائوڊي، جيڪو هڪ آزاد خطو هو ۽ جنهن
اڳين حڪمرانن سان مقابلو ڪيو هو يا وري اُنهن جا
ظلم سَٺا هيا، ميجورئن جي ڪردار کان متاثر ٿي ساڻس
ملي ويو هو. سندس ڪئمپ بربر اتحادين سان ڀريل
هوندي هئي ۽ سندس تخت ۽ تاج سان ماڻهن جي بيحد
محبت هئي، پر ان جي باوجود شهنشاهه جي دورانديش
دماغ پروڙي ورتو هو ته مضبوط بحري جنگي طاقت کان
سواءِ آفريڪا جي سوڀَ ذري گهٽ ناممڪن هئي. پِيونڪ
جي پهرين جنگ ۾ روم جي جمهوريه ايتري ته محنت ڪئي
هئي جو پهرئين وار ڪرڻ کان پوءِ سٺ ڏينهن جي اندر
هڪ سؤ سٺ ننڍن جهازن جي آرماڙ وڏي فخر سان سمنڊ ۾
وڃي لنگر انداز ٿي هئي(48). ڪافي ناسازگار حالتن
جي باوجود ميجورئن پنهنجن قديمي ابن ڏاڏن جي جوش
جذبي ۽ بهادريءَ سان وڃي ڪُلهو ملايو هو. اپينائن
جا ٻيلا وڍي ناس ڪيا ويا، روينا ۽ مسينيَم جي
هٿيارن ٺاهڻ جي ڪارخانن ۽ بارود خانن کي بحال ڪيو
ويو، اٽلي ۽ گال هاڻي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جي سلسلي
۾ هڪ ٻئي سان مقابلو ڪرڻ لڳا ۽ شاهي بحري ٻيڙو،
جيڪو ٽن سوَن وڏن جهازن تي مشتمل هو ۽ جنهن ۾ ننڍن
جهازن کي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه منتقل ڪرڻ جو پورو
بندوبست ڪيل هو، آسانيءَ سان ۽ بغير ڪنهن خطري جي
اسپين جي ڪارٿاگينا بحري بندر تي بيهاريو ويو(49).
جيئن ئي بهادري جي انداز سان ميجورئن ظاهر ٿيو ته
سندس فوجين ۾ جوش ۽ جرئت جو روح ڦوڪجي ويو ۽ کين
پنهنجي سوڀَ جو يقين ٿي ويو ۽ جيڪڏهن تاريخدان
پروڪوپيَس جي لفظن تي اسين اعتبار ڪريون ته واقعي
ائين ٿو محسوس ٿئي ته سندس همت ۽ بهادري سندس
دورانديشيءَ جي حدن کي به اورانگهي ويندي هئي. هن
وئنڊلن سان به وڏي بهادري ۽ هوشياري وارو ڪارنامو
سرانجام ڏنو هو ۽ پنهنجن وارن جو رنگ مٽائي مٿانئن
وڃي ڪڙڪيو هو ته ساڳي وقت ڪارٿيج ۾ به پنهنجي ئي
ملڪ جي هڪ سفير جي روپ ۾ هليو ويو هو ۽ جينسيرڪ کي
به هن حيران ڪري ڇڏيو هو جنهن اڳ ائين سمجهيو هو
ته هن روم جي شهنشاهه کي شڪست ڏني هئي پر پوءِ
ميجورئن جي روپ ۽ ويس مٽائڻ جي همت ۽ هوشياري سبب
حقيقت ان جي ابتڙ هئي. هي قصو ممڪن آهي هڪ افسانو
لڳي ۽ ماڻهو ان کي شايد رد به ڪري ڇڏين، پر اها به
حقيقت آهي ته جيڪڏهن ميجورئن جهڙو سورهيه سپوت نه
هجي ها ۽ اهڙا اعتبار ۾ نه ايندڙ ڪارناما نه ڪري
ها ته پوءِ اِهي افسانا به گهڙجي نه سگهجن ها(50).
جينسيرڪ توڙي جو پنهنجي مخالف سان مليو به نه هيو
پر تڏهن به هن جي نيت ۽ ارادن کان پوريءَ طرح واقف
هو. هن ڌوڪيبازي ۽ معاملن کي اينگهائڻ جا حربا
استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا هيا پر اهڙين اٽڪلن ۾
کيس ڪاميابي حاصل نه ٿي هئي. صلح قائم ڪرڻ لاءِ
سندس درخواستون روز بروز التجا ۽ عاجزيءَ واريون
ٿينديون ٿي ويون جن ۾ شايد خلوص به هيو پر پنهنجي
ارادي ۾ اَٽل ميجورئن هڪ قديم چَوڻي تي عمل ڪري
رهيو هو ته روم تيستائين سلامت نه هو جيستائين
ڪارٿيج جو وجود هڪ دشمن جي روپ ۾ موجود هو. وئنڊلن
جي بادشاهه کي پنهنجي رعيت جي ماڻهن جي بهادريءَ
تي پورو ڀروسو نه هو جن کي ڏکڻين علائقن جي عياشين
ڪمزور ڪري ڇڏيو هو(51)، ان کان سواءِ کيس اُنهن
ماڻهن جي سچائي ۽ وفاداريءَ تي به شڪ هيو جن کي
شڪستون ڏئي فتح ڪيو ويو هو ۽ اُهي پڻ کانئُس نفرت
ڪندا هيا ۽ کيس آرين آمر سڏيندا هيا ۽ هن جيڪو تنگ
يا مجبور ٿي ماريٽئنيا کي هڪ بيابان يا رڻ پٽ
بنائڻ چاهيو هو(52)، ته روم جي شهنشاهه کي سندس
اهڙين سازشن جي ڪابه پرواهه ڪانه هئي ڇو ته هو
ايترو طاقتور ضرور هو جو جيڪڏهن چاهي ها ته
پنهنجين فوجن کي آفريڪا جي ڪنهن به ڪناري تي آرام
سان آڻي اُتي اُنهن جون ڪئمپون قائم ڪري ڇڏي ها.
پر جينسيرڪ، پنهنجي رعيت جي طاقتور ماڻهن جي غداري
جي ڪري تباهه ٿيڻ کان بچي ويو جيڪي پنهنجي مالڪ جي
ڪاميابين سبب ساڻس حسد ۽ ساڙ ڪرڻ لڳا هيا. اُنهن
ماڻهن جي ڳُجهن اطلاعن ڏيڻ تي هن ڪارٿاگينا وٽ
جهازن جي هڪ آرماڙ تي حملو ڪري ڏنو جنهن اڃا
پنهنجي حفاظت جو ڪو بندوبست ئي نه ڪيو هو، نتيجي ۾
ڪيترن جهازن کي ٻوڙيو ۽ ساڙيو ويو، ٻين جهازن تي
قبضو ڪيو ويو ۽ اهڙيءَ طرح ٽن سالن جي تيارين ۽
محنتن کي هڪ ڏينهن ۾ ئي برباد ڪيو ويو(53). هن
واقعي کان پوءِ ٻنهي مخالفن جي روَين کين پنهنجي
پنهنجي مقدر کان مٿاهون ڪري بيهاريو. وئنڊلن جي
بادشاهه، هن عارضي سوڀَ ماڻڻ کان پوءِ، اجائي ڦونڊ
يا آڪڙ کان پاسو ڪيو ۽ پنهنجي مخالف کي هڪدم وري
صلح قائم ڪرڻ جي آڇ ڪيائين. اولهه جو شهنشاهه،
جيڪو هونئن منصوبن ٺاهڻ ۽ ناڪامين کي آسانيءَ سان
هضم ڪرڻ جو ماهر هو، صلح کي قائم ڪرڻ يا وري عارضي
طور تي جنگ بندي قائم ڪرڻ تي راضي ٿي ويو ۽ پنهنجي
طرفان يقين ڏياريائين ته جيستائين هو پنهنجي
سامونڊي جنگي ٻيڙي کي اصلي حالت ۾ واپس ورائي
تيستائين هو ڪنهن سان به جنگ نه ڪندو سواءِ ان جي
جو چِڙ ۽ ڪاوڙ وارا قدم کڻي کيس مجبور ڪيو وڃي ته
هو ٻي جنگ ڇيڙي ڇڏي. ميجورئن واپس اٽلي موٽي ويو
ته جيئن ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهبود جي ڪمن کي اڳتي
وڌائي سگهي، ۽ جيئن ته هن کي پنهنجي سچائي ۽ خلوص
تي يقين هو ته هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته هن جي
پرپُٺ هن جي خلاف هڪ گهري سازش رِٿي وئي هئي جنهن
سندس تخت توڙي حياتيءَ کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو هو.
ڪارٿاگينا ۾ جيڪو واقعو ٿيو هو ان شهنشاهه جي وقار
کي داغدار بڻائي ڇڏيو هو. هڪ اهڙو شان ۽ وقار جنهن
جي چمڪ ۽ شهرت بيشمار ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو هو
۽ ڪيترائي شهري توڙي فوجي آفيسر تعصب ڪندي هن سماج
سڌارڪ جي خلاف ٿي ويا هيا، ڇاڪاڻ ته اُنهن ماڻهن
سماجي براين مان ڪونه ڪو فائدو حاصل ٿي ڪيو جن کي
ميجورئن ڪُچلڻ ٿي چاهيو ۽ بزرگ رِسيمر بربرن جي
جذبن ۽ ڪاوڙ کي شهنشاهه خلاف ڀڙڪائڻ جي پوري ڪوشش
ٿي ڪئي جنهن کي هو چاهيندو به هيو ته ساڳئي وقت
کانئس نفرت به ڪندو هو. ميجورئن جو اعليٰ انساني
ڪردار به کيس غداري وارين سازشن کان کيس بچائي نه
سگهيو جيڪي ائلپس جي پاڇن ۾ ٽارٽونا جي هنڌ تي
سندس خلاف ٿي رهيون هيون. ان حد تائين کيس مجبور
ڪيو ويو جو هن کي تخت تان هٿ کڻڻو پيو ۽ شهنشاهت
ڇڏڻ جي پنجن ڏينهن کان پوءِ خبر پئي ته هن کي دستن
جي سخت تڪليف ٿي پئي ۽ انهي بيماري ۾ ئي هو مري
ويو(54)؛ جنهن جڳهه تي کيس دفنايو ويو اُتي سندس
ياد ۾ هڪ معمولي مقبرو ٺاهيو ويو جنهن کي ايندڙ
نسل پنهنجو محسن سمجهي ان کي پاڪ جاءِ سڏيو ۽ ان
جو احترام ڪرڻ لڳا(55). ميجورئن جو ذاتي ڪردار
ايترو ته سٺو هو جو هر انسان ساڻس پيار ۽ هن جي
عزت ڪندو هو. هو رڳو ڪوڙن الزامن ۽ بُهتانن تي سخت
ناراض ٿيندو هو جيڪي حاسدن طرفان مٿس مڙهيا ويندا
هيا، پر ان جي باوجود هو ڪشادي ذهن جو مالڪ هو،
چرچن ۽ ڀوڳن تي هو خوش ٿيندو هو ۽ جڏهن واندڪائيءَ
جون گهڙيون کيس ميسر ٿينديون هيون ته پنهنجن ذاتي
دوستن سان ويهي ڪچهريون پڻ ڪندو هو، جن سان آزاد
ماحول ۾ رهاڻ ڪندو هو پر اهڙيءَ طرح جو سندس شان ۽
رتبي کان ڪِريل ڳالهه نه هجي جيڪا شاهي منصب ۽
رواداري جي خلاف هجي(56).
پنهنجي ذاتي خواهش کي پورو ڪرڻ ۽ هڪ دوست کي وڃائڻ
تي رسيمر کي افسوس ضرور هو پر ٻيهر سوچڻ تي هن
فيصلو ڪيو ته اڳتي هو ڪنهن به اعليٰ ڪردار واري
ماڻهوءَ کي هروڀرو ايتري اهميت نه ڏيندو. سندس
چوَڻ تي روم جي چاپلوس سنيٽ لبيَس سيورَس کي
شهنشاهه بنائي ڇڏيو جيڪو اولهه جي شهنشاهت جي
گاديءَ تي ويٺو پر سندس حيثيت اها هئي جو ڪو به
کيس ڄاڻندو سڃاڻندو ئي ڪونه هو. تاريخ ۾ شايد ئي
ڪڏهن ائين ٿيو هجي ته اهڙو شهنشاهه جنهن جي ڄم،
ڪردار مٿاهين مرتبي تي پهچڻ جي به خبر نه هجي ۽
سندس موت به اڻ ڄاتل يا اڻ سڃاتل رهجي وڃي. جيئن
ئي سندس محسن کي سندس زندگي بيسود ۽ اڪارتي نظر
آئي(57) ۽ هن پنهنجو توجهه مٿانئس هٽائي ڇڏيو ته
هو هڪدم مري ويو ۽ اها ڪوشش ڄڻ اجائي هوندي ته
سندس ڇَهن سالن جي فضول شهنشاهت جا داستان ويهي
لکجن(*) يعني ان عرصي بابت جيڪو ميجورئن جي موت ۽
ائنٿيميَس جي اقتدار حاصل ڪرڻ جي وچ ۾ گذريو هو.
ان عرصي ۾ حڪومت جو مالڪ ۽ مختيار فقط رسيمر ئي
هيو ۽ توڙي جو وڻندڙ روَيي رکندر بربر بادشاهت جو
لقب ته اختيار نه ڪيو هو پر تنهن هوندي به هن پاڻ
وٽ گهڻي دولت جمع ڪئي هئي، پنهنجي جدا فوج
ٺاهيائين، مُلڪن سان مختلف معاهدا ڪيائين، ۽ اٽلي
تي اوتري ئي طاقت ۽ آمراڻن اختيارن سان حڪومت
ڪيائين جيترن اختيارن سان بعد ۾ اوڊئسر ۽ ٿوڊورڪ
حڪومتيون هلايون. پر سندس حڪومت ائلپس جي حدن
تائين هئي ۽ ٻن رومي جنرلن مارسيلينَس ۽ ايجيڊيَس
روم جي جمهوريه جي ته پوري تابعداري ٿي ڪئي پر
رسيمر جي اجائي آڪڙ کي نفرت منجهان رد ڪيائين جنهن
پاڻ کي پاڻهئي شهنشاهه بڻائي ڇڏيو هو. مارسيلينَس
اڃا تائين پنهنجي پراڻي مذهب تي قائم هو ۽ لامذهب،
جيڪي پنهنجي عقيدي جا پڪا هيا، ڪليسا ۽ ملڪ جي
قانونن تي ڀروسو ڪرڻ لڳا، جيڪو اڳڪٿي ۽ پيشنگويون
ڪرڻ جو ماهر سمجهيو ويندو هو، پر هن جون وڌيڪ اهم
لياقتون علم، اخلاق ڪردار ۽ بهادري(58) هونديون
هيون؛ لاطيني ادب جي مطالعي سندس اندر کي اُجاري
ڇڏيو هو، ۽ سندس فوجي مهارت کيس عظيم ايٽيَس جي
ويجهو آڻي ڇڏيو هو ۽ جنهن جي تباهيءَ ۾ سندس وڏو
هٿ هيو. مارسيلينَس وقت تي کِسڪي ويو ۽
وئلينٽينيَن جي غضبناڪ حملي کان بچي ويو پر
بهادريءَ سان اولهه جي شهنشاهت ۾ پنهنجي جڳهه
والارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪيائين. اڳ هن ميجورئن جي
حڪمن جي مجبوريءَ مان تعميل ڪئي هئي تنهن ڪري هن
کي تسلي جي حڪومت طرفان نوازيو ويو هو ۽ کيس فوج
جي ڪمان پڻ ڏني وئي هئي ته هو وئنڊلن تي يا ته
حملو ڪري يا وري سندن حملي کي روڪي، پر شهنشاهه جي
موت کان پوءِ ڪرايي تي وڙهندڙ بربرن بغاوت ڪئي
ڇاڪاڻ ته اُنهن کي هُشي ڏيڻ وارو حرفتي رسيمر هيو.
پنهنجن چند وفادار ساٿين جي مدد سان بهادر
مرسيلينَس ڊالمئٽيا جي صوبي تي قبضو ڪري ورتو ۽
اولهه جي مُنهندار يا سردار جو لقب ماڻيائين،
پنهنجي ماٺيڻي ۽ انصاف پسند طبيعت جي ڪري سندس
رعيت جا ماڻهو کيس پيار ۽ احترام جي نظر سان ڏسڻ
لڳا، هڪ سامونڊي آرماڙ تيار ڪيائين جنهن ذريعي کيس
ائڊرئٽڪ جي سرحدن تائين سندس حڪومت جو دائرو وڌي
ويو ۽ هاڻي اٽلي ۽ آفريڪا جا ڪنارا به اِن اُلارَ
هيٺ اچي ويا ته مٿن به مبادا عنقريب قبضو ٿي
وڃي(59). ايجيڊيَس، جيڪو گال جو ماسٽر جنرل هو ۽
جنهن جي اها ڪوشش هئي ته ڪنهن طرح سان بهادريءَ جي
ڪمن ۾ قديم روم جي عظيم سپوتن(60 ۾ سندس نالو
ڳڻايو وڃي، اعلان ڪيو ته هو پنهنجي محبوب مالڪ جي
قاتلن خلاف پنهنجي دائمي ڪاوڙ ۽ ناراضگي کي جاري
رکندو ۽ ان جو بدلو پڻ وٺندو. هڪ بهادر ۽ وڏي انگَ
جي فوج سندس جهنڊي هيٺ جمع ٿي وئي، ۽ توڙي جو
رسيمر ۽ وزيگاٿَن سندن رستي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته
جيئن اُهي روم جي گيٽن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب نه
ٿين، پر پوءِ به هن ائلپس جي سرحدن کان به اڳتي
تائين پنهنجي بهادري ۽ هاڪَ جو ڌاڪو ڄمايو ۽ هاڻي
ايجيڊيَس، امن توڙي جنگ جي ميدانن جي هاڪاري نالي
طور هر طرف گونجڻ لڳو. فرئنڪن، جن چائلڊيرڪ جي
نوجواني جي حماقتن جي سزا کيس ملڪ بدري جي صورت ۾
ڏني هئي، رومي جنرل کي پنهنجو بادشاهه تسليم
ڪيائون، جنهن سبب آسَ اُميد جي مقابلي ۾ سندس سکڻي
آڪڙ جي جذبي کي وڌيڪ اطمينان مليو ۽ چئن سالن کان
پوءِ قوم ميروونجين جي خاندان کي تڪليفون ڏيڻ تي
ڏاڍو پڇتايو، تنهن ڪري هن جائز شهنشاهه کي پنهنجو
حق واپس ڏئي ڇڏيو. سندس موت سان ايجيڊيَس جو
اقتدار به پڄاڻي تي پهتو ۽ کيس زهر ڏئي يا تشدد
ذريعي مارڻ جا شڪ، جن کي رسيمر جي مشڪوڪ ڪردار جنم
ڏنو هو، گال جي ماڻهن جي جذباتي سادگي جي ڪري وڌيڪ
پختا ٿيندا ويا(61).
اٽلي جي بادشاهت، جيڪا اولهه جي شهنشاهت طرف آهستي
آهستي ننڍي ٿيندي وئي هئي، رسيمر جي حڪمراني هيٺ
وڏن عذابن ۾ مبتلا ٿي چڪي هئي ڇاڪاڻ ته اُتي
وئنڊلن ڦُرمار جو راڄ ڄمائي ڇڏيو هو ۽ هر هنڌ
تاراج ٿي چڪو هو(62). هر سال بهار جي موسم ۾ اُهي
ڪارٿيج جي بندر وٽ وڏي سامونڊي فوج کي تيار رکندا
هيا ۽ جينسيرڪ توڙي جو هاڻي پوڙهو ٿي چڪو هو، پر
اڃا تائين جنگي مهمن جي اڳواڻي پنهنجي سِر پاڻ ڪري
رهيو هو. سندس ارادا لڪل هيا جن کي هن ڪنهن اڳيان
ظاهر نٿي ڪيو ۽ خبر تڏهن پئي جڏهن جهازران (ناکئي)
کانئس پڇيو ته ’هُو جهاز کي ڪهڙيءَ طرح هلائي‘ ته
بربر وڏي بي پرواهيءَ مان هن طرح جواب ڏنو:
’پنهنجن ارادن کي هاڻي هوائن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي
ڏي، اُهي پاڻهي اسان کي مجرمن جي ان ڪناري تائين
پهچائي ڇڏينديون جن جي رهواسين خدائي انصاف کي
للڪاريو هو‘. پر جيڪڏهن جينسيرڪ ڪجھ واضح حڪم ڏيڻ
چاهيا ته هنجي نظر ۾ جيڪي سڀ کان وڏا دولتمند هيا
اُهي ئي ڄڻ وڏا ڏوهاري به هيا. وئنڊل ڪيترائي ڀيرا
اسپين، لگوريا، ٽسڪني، ڪمپانيا، لوڪئنا، برٽيم،
اپوليا، ڪئلابريا، وينيشيا، ڊالمئٽيا،ايپيرَس،
يونان ۽ سسلي جي ڪنارن کي گهمي ڦري آيا هيا، هاڻي
سندن خواهش هئي ته هو سارڊينيا جي ٻيٽ تي به
پنهنجو قبضو ڄمائن، هڪ اهڙو علائقو جيڪو بحيرهء-
روم يا (روسي سمنڊ) جي بلڪل وچ ۾ هو. سندن فوجين
هر طرف خوف، هراس ۽ برباديءَ جو ماحول پکيڙي ڇڏيو
۽ اهو سلسلو هرڪيولس جي ٿنڀن(*) کان وٺي نيل جي
مُهڙ تائين ڦهليل هيو. جيئن ته هو شان شوڪت کي
قائم ڪرڻ جي بجاءِ هر طرف بربادي ڪرڻ لاءِ وڌيڪ
آتا هيا تنهن ڪري هنن شهرن تي حملا نٿي ڪيا جيڪي
قلعن ذريعي محفوظ هيا ۽ نه وري کليل ميدانن تي
ويڙهه ٿي ڪيائون. پر هر ڳالهه ۾ سندن تيز رفتاري
کين ان لائق ضرور بنايو هو ته هنن هڪ ۽ ساڳئي وقت
ڏورانهن علائقن يا ماڻهن تي حملو ٿي ڪيو ته جيئن
هر طرف ڏهڪاءُ ڦهلائي سگهجي ۽ جيئن ته وٽن گهڻي
تعداد ۾ گهوڙا پڻ موجود هيا ته جيئن ئي هنن ڪنهن
علائقي ۾ خيما کوڙيا مَس ٿي ته ان خطي کي پريشاني
۽ ناڪاميءَ کان سواءِ ڪجھ به هڙ حاصل نٿي ٿيو،
ڇاڪاڻ ته وٽن فقط پيادل فوج هئي جيڪا پڻ گهٽ تعداد
۾ هئي. تنهن هوندي به پنهنجي بادشاهه جي مثال جي
باوجود، مقامي وئنڊلن توڙي الاني آهستي آهستي هن
خطرناڪ جنگ ۾ پٺتي هٽندا ويا ۽ نتيجو اهو نڪتو جو
اُهو نسل، جنهن کي ڪڏهن پهريَن فاتحن ۾ شمار ڪيو
ويو هو، ذري گهٽ تباهه يا ختم ٿي ويو ۽ سندن اولاد
جيڪي آفريڪا ۾ ڄاوا ۽ نپنا هيا اُهي مؤجن ۽ مزن ۾
هيا، وٽن غسل خانن ۽ کليل باغيچن جهڙيون عياشيون
موجود هيون جيڪي اُنهن کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي
بهادري جي ڪارنامن جي نتيجي ۾ مليون هيون. بيشمار
اتر آفريڪا جا مسلمان ۽ رومي لشڪر کين مهيا ڪري
ڏنا ويا، ان کان سواءِ ڪيترائي قيدي ۽ رهزن ۽ اُهي
ڇُڙواڳ ماڻهو پڻ وٽن اچي ويا جن ملڪي قانون جون
ڀڃڪڙيون ڪيون هيون ۽ اُهي ئي رهزني جهڙن غير
قانوني ڪمن ڪرڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ جوشيلا ۽ اڳڀرا
هيا جن جي ڪري جينسيرڪ جون سوڀون ڄڻ خاڪ ۾ ملي
ويون هيون. پنهنجن بدقسمت قيدين جي سلسلي ۾ هو
ڪڏهن لالچ جي ور چڙهي ويندو هو ته ڪڏهن وري مٿن
ظلم ڪندو هو ۽ هڪ دفعي زانٽ يا زيسنٿَس جي پنج سؤ
خانداني ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيائين ۽ سندن چچريل
۽ چيڀاٽيل جسمن کي آيونيَن سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيائين.
هن ڀيانڪ ظلم جي ڪري عام ماڻهن طرفان مٿس وڏي ڦِٽ
لعنت جو وسڪارو مچي ويو جيڪو بعد ۾ پيدا ٿيندڙ
ڪيترن نسلن تائين جاري رهيو.
اهڙن ڏوهن کي ڪنهن به طرح سان معاف نٿو ڪري سگهجي،
پر اُها جنگ، جيڪا وئنڊلن جي بادشاهه روم جي
شهنشاهت خلاف جاري رکي، ته ان جي لاءِ ڪافي جائز
سبب ۽ مقصد موجود هيا. وئلينٽينين جي بيوهه
يوڊوڪسيا، جنهن کي هن روم کان ڪارٿيج تائين قيدي
بنائي ڇڏيو هو، فقط هڪڙي ئي هئي جيڪا ٿوڊوسيَس جي
خاندان جي اڪيلي وارث هئي، سندس وڏي ڌيءُ يوڊوسيا
مجبوريءَ مان هَنرڪ سان شادي ڪئي هئي، سندس وڏو پٽ
جيڪو هڪ سخت پيءُ به هيو، ان پنهنجي جائز قانوني
حق جو مطالبو ڪيو جنهن کي آسانيءَ سان رد به نه
پيو ڪري سگهجي، ۽ شاهي ملڪيت مان پنهنجي حصي وٺڻ
جو مطالبو ڪيو. اوڀر جي شهنشاهه نهايت ئي مناسب
معاوضي ڏيڻ جي کيس آڇ ڪئي ته جيئن امن امان ۽ صلح
جي فضا کي خريد ڪري سگهجي. يوڊوڪسيا ۽ سندس ننڍي
ڌيءُ پلاسيڊيا جي مان مرتبي کي بحال ڪيو ويو ۽
وئنڊلن جي ڪاوڙ جو رُخ هاڻي اولهه جي شهنشاهت
ڏانهن مُڙي ويو. اٽلي جي حاڪمن، جن وٽ سامونڊي فوج
فقط نالي ماتر وڃي بچي هئي ۽ اُها ئي اهڙي طاقت
هئي جيڪا سندن سرحدي ڪنارن جي حفاظت جي ضمانت ڏئي
ٿي سگهي، اوڀر جي ٻين خوش نصيب قومن کي مِنتون ڪرڻ
شروع ڪيون ته اُهي سندن مدد ڪن، جن اڳ جنگ توڙي
امن جي زماني ۾ روم جي برتري کي دل سان تسليم ڪيو
هو. پر ٻن شهنشاهتن جو جيڪو دائمي ورهاڱو ٿي چڪو
هو ان سندن دلچسپين توڙي فوجي ۽ قومي لاڙن ۽
اهميتن ۾ واضح فرق آڻي ڇڏيو هو ۽ جيڪو تازو معاهدو
سندن وچ ۾ ٿيو هو، اُهو به خلوص کان خالي هيو، ۽
اولهه جي رومين کي صاف لفظن ۾ ٻڌايو ويو ته جهاز ۽
جنگي سامان کين نه ڏنو ويندو، البت اُهي ساڻن وڌيڪ
ڳالهه ٻولهه ڪري ٿي سگهيا جنهن ۾ به نيڪ نيتي جي
ڪا گرمي ڪانه هئي پر فقط وقت ٽارڻ لاءِ کين رسمي
آڇ ڪئي وئي هئي. ضدي ۽ هوڏِي رسيمر جنهن
جرئتمنديءَ سان پنهنجين ڏکين حالتن سان مقابلو ٿي
ڪيو، نيٺ آڻ مڃيندي، رعيت جي هڪ فرد جي حيثيت ۾ هن
قسطنطنيہ جي شهنشاهت کي خطاب ڪيو ۽ اٽلي به هاڻي
جُهڪي پيو ڇاڪاڻ ته پنهنجي حفاظت ۽ اَمن جي عيوض
کين اوڀر جي شهنشاهه کي پنهنجو حاڪم ۽ مالڪ تسليم
ڪرڻو پيو(63). هِن باب توڙي هن جُلد(*) جو اهو
مقصد هرگز ناهي ته بازنطيني تاريخ جي ذڪر کي
ورجايو وڃي پر شهنشاهه ليؤ جي حڪومت ۽ سندس ڪردار
جي مختصر ذڪر ڪرڻ سان اسان کي گهٽ ۾ گهٽ اُنهن
ڪوششن جي باري ۾ آگاهي ملندي جيڪي اولهه جي
شهنشاهت کي زوال کان بچائڻ جي سلسلي ۾ ڪيون ويون
هيون(64).
ننڍي ٿوڊوسيَس جي موت کان وٺي، قسطنطنيہ جي مقامي
امن ۾ ڪنهن جنگ يا ڪنهن ٻي تفرقي بازي جو ڪو به
خلل ڪونه پيو هو. پُلچيريا پاڻ کي توڙي اوڀر جي
حاڪميت کي مرسيَن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو جيڪو هڪ
نيڪ سيرت انسان هو. هن سندس رتبي کي اوهڙو ئي مان
ڏنو جيڪو پلچيريا لهڻو هو ۽ سندس پاڪدامني کي به
حفاظت ۾ رکيو هئائين، ۽ سندس موت کان پوءِ هن
پنهنجن ماڻهن کي عبادت جو هڪ تحفو سؤنپيو جيڪو هڪ
شاهي بزرگ جي ياد کي ارپيو ويو هو(65). پنهنجي
حڪومت جي ترقي کي نظر ۾ رکندي، مرسيَن روم جي
تڪليفن ۽ ڏولاوَن تي گهڻو غور نه ڪيو ۽ هڪ شهنشاهه
طرفان وئنڊلن خلاف جنگ ڪرڻ کان جرئتمندي سان انڪار
ڪرڻ جي ڳـُجهي واعدي کي پورو ڪرڻ سان منسوب ڪيو
ويو جيڪو ان وقت کانئس ورتو ويو هو جڏهن هو
جينسيرڪ جو قيدي بڻجي ويو هو(66). ستن سالن جي
حڪومت ڪرڻ کان پوءِ مرسيَن جو موت، اوڀر جي
شهنشاهت کي شايد اليڪشن ڪرائڻ جي خطري ۾ وجهي ڇڏي
ها. پر هڪ خاندان جي مٿاهين حيثيت اليڪشن ۾ اُن
اُميدوار جي سوڀ کي يقيني بنائي ڇڏيو هو جن کي
سندن حمايت حاصل هئي. بزرگ اَسپر شايد شاهي تاج
پنهنجي سِر تي پاڻ رکي ڇڏي ها جيڪڏهن سندس عقيدا
نائسين عقيدي سان مطابقت رکندڙ هجن ها(67). ٽن
نسلن تائين اوڀر جي فوجن جي ڪمان سندس پيءُ، هن
پاڻ ۽ سندس پٽ اردابوريَس ٿي سنڀالي؛ سندس بربر
محافظن هڪ فوجي جٿو ٺاهي ورتو هو جنهن کان محلات
توڙي گاديءَ جو هنڌ، ٻئي خوفزده رهندا هيا، ۽ وڏي
سخاوت مان خزانن جا مُنهن کولڻ تي اَسپر اوترو ئي
مشهور ٿي ويو هو جيترو هو طاقتور هيو. هن ٿريس جي
هڪ گمنام ماڻهوءَ، جيڪو هڪ فوجي مئجسٽريٽ ۽
بادشاهه جو مکيه منهندار هو، جو نالو شهنشاهت لاءِ
تجويز ڪيو. سندس نالي کي سينيٽ اتفاق راءِ سان
منظور ڪري ورتو ۽ اسپر جي نوڪر کي شهر جي بزرگ ۽
پادريءَ هٿان تاج پارايو ويو ۽ کيس اجازت ڏني وئي
ته هو هڪ تقريب ۾ ڀلي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري
جنهن ۾ هن چيو ته سندس تاج کي خدا تعاليٰ جي حمايت
حاصل هئي(68). هي پهريون شهنشاهه هو جنهن جو انوکو
نالو ليئو هو ۽ سندس ڀاڳ اهڙا ڀلا ٿيا جو سندس
نالي پٺيان ’عظيم‘ جو لقب به لڳايو ويو ۽ اهڙا
شهنشاهه يونانين جي نظر ۾ تمام ٿورا رهيا آهن جيڪي
پنهنجي بهادري يا وڏائيءَ جو معيار نهايت ئي نماڻو
۽ عاجزيءَ وارو رکندا آيا آهن. پر تنهن هوندي به
جنهن بردباريءَ ۽ مستقل مزاجيءَ سان هن پنهنجي
اڳئين محسن جي زيادتين ۽ ڏاڍاين کي سَٺو پئي ان
مان ائين ٿي محسوس ٿيو ته هوپنهنجي ڊيوٽي ۽
ذميواريءَ کان چڱيءَ طرح آگاهه هو ۽ پنهنجي حق جي
حفاظت ڪرڻ به ڄاڻندو هو. اهو ڏسي اَسپر کي حيرت ٿي
ته هن جي چوڻ تي قسطنطنيہ ۾ هڪ مُنهندار به مقرر
نٿي ٿي سگهيو، هُن پنهنجي حاڪم کي واعدي خلافي جو
مهڻو ڏنو ۽ غرور مان پنهنجي تاج کي لوڏيندي
چيائين: ”اهو طريقو صحيح ناهي ته جنهن شخص کي شاهي
تاج ۽ ڪپڙا پارايا وڃن ته اُهو ڪوڙ ڳالهائي“. ليئو
وراڻيو: ”پر اهو به صحيح ناهي ته رعيت جي ڪنهن
ماڻهوءَ جي چوڻ تي شهنشاهه پنهنجي فيصلي کي تبديل
ڪرڻ تي مجبور ٿي پوي ۽ عوام جي آرزوئن ۽ اُميدن کي
به پُٺتي ڌڪي ڇڏي(69)“. سخت جملن جي ڏي وٺ کان
پوءِ هاڻي اهو ناممڪن ٿي نظر آيو ته شهنشاهه ۽
اميرزادي جي وچ ۾ ڪو ٺاهه ٿئي، يا وري ڪو سمجهوتو
ٿئي به سهي ته پڪ سان اُهو عارضي هوندو.
اِسوريَنس(70) جي هڪ فوج کي خاموشيءَ سان قسطنطنيہ
۾ داخل ڪيو ويو ۽ ليئو جي فوجين اسپر جي اختيارن
کي دٻائيندي سندس خاندان جي مان مرتبي کي هيٺ
ڪيرائڻ چاهيو، پر پوءِ شهنشاهه جي نرم طبيعت ۽
وڻندڙ ڪردار جي ڪري سندس فوجين کي ڪنهن به اُٻهري
۽ سخت قدم کڻڻ کان روڪيو ويو جيڪو ٻنهي ڌرين لاءِ
توڙي سندن دشمنن لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿئي ها. هن
اندروني انقلاب جي ڪري، اَمن يا جنگ لاءِ کنيل قدم
سخت متاثر ٿيا. جيستائين اسپر تخت ۽ تاج کي بي عزت
ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل هيو ۽ مذهب ۽ ذاتي مفاد جي
ڳُجهن رشتن سبب هو جينسيرڪ سان پنهنجون وفاداريون
قائم رکيون ٿي آيو. جڏهن ليئو غلامي واري ماحول ۽
ذهنيت کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته هن هاڻي اٽلي
وارن جي شڪايتن ٻڌڻ تي توجهه ڏنو ۽ پڪو عزم ڪيائين
ته هو ظالم وئنڊلن جي ظلمن ۽ زيادتين کي ختم ڪندو
۽ پنهنجي پراڻي ساٿي ائنٿيميَس سان اتحاد ڪيائين
جنهن کي بنا دير اولهه جي شهنشاهت جو تخت حوالي
ڪري کيس تاج پارائي ڇڏيائين.
ائنٿيميَس جي ڪردار ۽ سُٺاين کي بيان ڪرڻ ۾ شايد
مبالغي کان ڪم ورتو ويو آهي. شاهي مرتبي ماڻڻ کان
وٺي، جيڪو هن غاصب پروڪوپيَس کان حاصل ڪيو هو، ان
سلسلي شهنشاهن جي هڪ وڏي تعداد کي جنم ڏئي ڇڏيو
هو(71). پر سندس والدين جي لياقتن، سندن رتبن ۽
سندن مال دولت ائنٿيميَس کي اوڀر جي رعيت جي ماڻهن
۾ هڪ مانائتو درجو عطا ڪري ڇڏيو هو. سندس پيءُ
پروڪوپيَس، فارس جي سفارتخاني ۾ خدمتون انجام ڏيڻ
کان پوءِ نواب يا اميرزادي جو رتبو ماڻيو ۽
ائنٿيميَس جو نالو سندس ڏاڏي تان کنيو ويو هو جيڪو
هڪ مان وارو مهندار رهيو هو ۽ جنهن وڏي دانائي ۽
ذهانت سان ٿوڊوسيَس جي حڪومت کي ان وقت بچايو هو
جڏهن هو اڃا ٻارڙو هو. منهندار جي پوٽي کي رعيت جي
عام ماڻهن کان مٿاهون ڪري نپايو ويو هو ۽ سندس
شادي يوفريميا سان ڪئي وئي هئي جيڪا شهنشاهه
مرسيَن جي ڌيءُ هئي. هن قسم جي شاندار رشتي، جنهن
شايد لياقت يا اهليت جي اهميت کي به پٺتي ڪري ڇڏيو
هو، ائنٿيميس جي لڳاتار ترقين کي زور وٺرائي ڇڏيو
هو. هو منهندار ٿيو، ان کان پوءِ ماسٽر جنرل، پوءِ
مئجسٽريٽ ۽ آخرڪار نواب زادي جي وڏي مان واري عهدي
تي وڃي پهتو ۽ سندس لياقت يا وري بخت کيس هڪ وڏي
سوڀَ جو اعزاز بخشيو جيڪا هن دنيوب جي ڪناري تي
هُنن
(HUNS)
خلاف ماڻي. مرسيَن جي ناٺيءَ کي وڏي اُميد هئي ته
هو سندس جانشين ٿيندو پر ائنٿيميَس سندس نااُميدي
کي همت ۽ صبر سان هٿي ڏني ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ان منصب
جو اُميدوار بڻجي ويو جنهن جي حمايت عوام طرفان
ڀرپور طريقي سان ڪئي وئي، جن جي نظر ۾ فقط
ائنٿيميَس ئي اهڙو هو جنهن کي حاڪم ٿيڻ جو پورو
پورو حق هو ۽ آخرڪار هو تخت ۽ تاج جو مالڪ بڻجي
ويو.(72) اولهه جي شهنشاهه قسطنطنيہ کان پنهنجو
شاهي سفر شروع ڪيو، جنهن ۾ وڏن رتبن جا سردار ۽
مُنهندار گڏ هيا ۽ ان سفر ۾ محافظن جو تعداد هڪ
مڪمل فوج جي برابر هو؛ هو وڏي شان ۽ شوڪت سان روم
۾ داخل ٿيو ۽ ليئو جي چُونڊ (جيڪا ائنٿيميَس کي
اولهه جي شهنشاهه بنائڻ جي باري ۾ هئي) کي سينيٽ،
رعيت جي ماڻهن ۽ اٽلي جي بربر اتحادين طرفان گڏيل
حمايت جي پٺڀرائي حاصل ٿي وئي(73). ائنٿيميَس جي
تاج پوشيءَ کان پوءِ سندس ڌيءُ ۽ رسيمر جي شاديءَ
جي رسم جون خوشيون ملهايون ويون، ۽ هن کي بيحد ڀاڳ
ڀريو موقعو ڪوٺيو ويو جنهن ۾ ملڪي سطح تي ٻن ڌرين
جي مِٽي مائٽي ذريعي پڪو اتحاد ٿي ويو. ٻن
شهنشاهتن جي دولت جو وڏي ڦونڊ مان نماءُ ڪيو ويو ۽
ڪيترن سينيٽرن پنهنجي بربادي پاڻ آندي ڇاڪاڻ ته
هنن پنهنجي غربت کي لڪائڻ لاءِ هن موقعي تي وڏي
فضول خرچي ڪئي. هن موقعي تي ساري ڪاروبار ۽ دنوي
وهنوار کي بند ڪيو ويو، انصاف جون ڪورٽون بند
رهيون، روم جون گهٽيون، ٿيٽر، عام ۽ خاص ماڻهن جون
تفريحي جايون توڙي پبلڪ پارڪ وغيره شاديءَ جي نغمن
۽ گيتن سان گونجي رهيا هيا ۽ شاهي ڪنوار، جنهن کي
ريشمي ڪپڙا پاتل هيا ۽ سندس سِر تي شاهي تاج رکيل
هو، کي رسيمر جي محلات ۾ وڏي ڌام ڌوم سان نيو ويو،
جنهن پنهنجي فوجي ڊريس لاهي سفارتي يا مئجسٽريٽن
وارا ڪپڙا پاتا هيا ته جيئن هو سينيٽر جي روپ ۾
نظر اچي. هن يادگار موقعي تي سڊونيَس، جنهن جي
آرزو اڳ پوري نه ٿي هئي، آورن جي تقرير جي ماهر
طور ٻيهر اسٽيج تي آيو، جتي مختلف صوبن کان وڏن
عهدن وارا مهمان اچي گڏ ٿيا هيا ۽ شاهي تاج کي
سلام پيش ڪندا ۽ مبارڪون ڏيندا رهيا(74). جنوري جو
مهينو هاڻي ويجهو هو ۽ خوشامدي شاعر، (يعني
سڊونيَس) جنهن جي ائويٽَس سان عقيدت ۽ ميجورئن سان
محبت هئي، تي دوستن زور ڀريو ته هن خوشيءَ جي
موقعي تي پنهنجي شاهڪار شاعري اهڙي طرح پيش ڪري جو
شهنشاهه ائنٿيميَس جون خوبيون، سندس خوشيون، ۽
سندس ٻيهر مئجسٽريٽ ٿيڻ ۽ مستقبل ۾ ملندڙ سندس
اعزازن ۽ ڪاميابين جو ذڪر به جيئن ساڳي نظم ۾
سمائجي وڃي. سڊونيَس پنهنجي ڪاميابيءَ جو اڳواٽ
اعلان ڪري مدح سرائي شروع ڪئي جيڪا اڃا تائين
تاريخ جي صفحن ۾ موجود آهي ۽ توڙي جو ان ۾ ڪجھ
ڪوتاهيون به هيون. پر هن خوشامدي شاعر کي وڏن
انعامن اڪرامن سان نوازيو ويو جنهن ۾ روم جي
ڪمشنري به سندس حوالي ڪئي وئي ۽ هي اهڙو اعزاز هو
جنهن سڄي شهنشاهت ۾ سندس نالو اهم ترين شخصيتن ۾
شامل ڪرائي ڇڏيو، پر پوءِ هن پنهنجي لاءِ اڃا ويڪ
مانائتو اعزاز چونڊيو ته آئنده لاءِ يا ته کيس
پادري يا وري درويش ڪوٺيو وڃي(75).
يونانين، مطلب پرستي جي لحاظ سان شهنشاهه جي خدا
پرستي، نيڪي ۽ سندس ڪئٿولڪ عقيدي جي تعريف ڪئي آهي
جيڪو اولهه جي حصي ۾ آيو هو، هنن اهو به نه وساريو
هو ته جڏهن هن قسطنطنيہ کي ڇڏيو هو ته هن پنهنجي
محل کي عوام لاءِ هڪ مقدس غسل خاني ۾ تبديل ڪيو هو
۽ ساڳيءَ طرح هڪ ڪليسا ۽ هڪ اسپتال کي وڏي عمر جي
ماڻهن جي بهبود ۽ بهتريءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو
هيائين(76). ان جو باوجود سندس ڪي مشڪوڪ ڪم اهڙا
ضرور آهن جن ائنٿيميَس جي مذهبي شهرت کي داغدار
بنايو آهي. فلوٿيَس جي گفتگو مان، جيڪو مئسيڊونيا
جو ڪٽر مذهبي هو، ائين ٿي لڳو ته شهنشاهه ۾ مذهبي
برداشت ڪافي حد تائين سمايل هئي، ۽ روم جا مرتد
بنا خوف جي هڪ جڳهه تي جمع ٿي وڃن ها، جيڪڏهن
جرئتمندي ۽ سخت غصي واري نفرت، جنهن جو اظهار
پادري هلئري سينٽ پيٽر جي ڪليسا ۾ ڪيو هو، کيس ان
خوشيءَ کي ختم ڪرڻ تي مجبور نه ڪري ها جيڪا عوام ۾
انتهائي غير مقبول ٿي چڪي هئي(77). لامذهبن جو
ٽولو جيڪو هاڻي ڪمزور باقيات ۾ شامل ٿي چڪو هو،
ائنٿيميَس جي هڪ طرفي رَويي سندس لاپرواهي مان به
ڪجهه اجايون اُميدون وابسته ڪري ڇڏيون هيون، ۽
سندس جيڪا دوستي فيلسوف سيورَس سان هئي ۽ جنهن کي
هن سفارتي عهدي تي ترقي ڏني هئي، ان دوستيءَ جو
سبب ٻنهي جي وچ ۾ هڪ ڳجهي معاهدي کي ڄاڻايو ويو
آهي جنهن موجب اُهي ديوتائن جي قديمي عبادت کي ملڪ
۾ ٻيهر رائج ڪندا(78). بُتن يا عبادت جي مجسمن تي
مٽي ۽ ڌوڙ جا تَههَ چڙهي ويا هيا ۽ اُهو مذهبي
نظريو، جيڪو ڪڏهن قومن جو عظيم ورثو سمجهيو ويندو
هو، هاڻي ان تي عالمي سطح تي ڪنهن به اعتبار يا
اعتماد نٿي ڪيو ۽ ان کي هاڻي عيسائي شاعرن جي چوڻ
موجب شڪ ۽ گمان بنا اختيار ڪرڻ يا نه ڪرڻ ساڳي
ڳالهه هئي(79). پر تڏهن به وهمن وسوسن جي پاڇن يا
آثارن کي مڪمل طور تي اڃا ختم نه ڪيو ويو هو ۽
لوپرڪئليا جو جشن، جنهن جي شروعات روم جي بنيادن
پوڻ کان به اڳ جي هئي، اڃا تائين ائنٿيميَس جي
حڪومت ۾ ملهايو ويندو هو. جنهن طريقي جون سادگي ۽
جهنگلي رسمون ملهايون وينديون هيون اُنهن مان ائين
ٿو لڳي ته اُهي اوائلي وقتن جون هيون جڏهن اڃا فن
۽ زراعت جا ڪاروبار ايجاد نه ٿيا هيا. سندن جهنگلي
ديوتا جن کي ريڍارن ۽ ڌنارن جي ڏک سُک جو ساٿي
سمجهيو ويندو هو. جيئن پان، فانَس ۽ ساطير اهڙا
ديوتا هيا جن کي ڪو به ڌنار تخليق ڪري پئي سگهيو
ڇو ته اُهي ديوتا شرارتي، رُسڻا ۽ شهواني شغلن ۾
مصروف رهندا هيا جن جا اختيار محدود ۽ سندن ڪاوڙ
مان ڪنهن کي ڪو به نقصان نه ٿيندو هو. هو قرباني ۾
ٻڪر يا ٻڪري پيش ڪندا هيا جيڪا سندن ئي ڪردار سان
مطابقت رکندي هئي؛ ٻاڪري گوشت کي هو بيد جي ڪاٺين
۾ ٽُنبي ڪباب ٺاهيندا هيا ۽ نوجوان اُگهاڙا ٿي
اهڙي موقعي تي خوشيون ڪندا هيا ۽ نچندا ٽپندا هيا،
سندن هٿن ۾ چمڙي جا پٽا هوندا هيا ۽ سندن عقيدو
هوندو هيو ته چمڙي جي پٽي سان هو جنهن به عورت کي
هٿ لائيندا ته ان کي اولاد ضرور پيدا ٿيندو(80).
پان جو قربان گاهه آرڪئڊين(*) جي اِوئنڊر تعمير
ڪرايو هو، جيڪو پئليٽائن ٽڪريءَ جي طرف هڪ اونداهي
هنڌ تي هو جتي هڪ دائمي چشمو هو جيڪو پاڻي مهيا
ڪندو رهندو هو ۽ ان مٿان وڻن جو جهڳٽو لڙڪيل رهندو
هو. هڪ روايت مشهور هئي ته هن جڳهه تي رومولَس ۽
ريمَس کي بگهڙياڻي کير پياري نپايو هو ان ڪري هيءَ
جڳهه رومين جي نظر ۾ هڪ مقدس درجو رکندڙ هئي، ۽ هي
جهنگلي هنڌ آهستي آهستي عاليشان عمارتن ۾ تبديل
ٿيندو ويو(81). هن شاهي شهر جي تبديليءَ کان پوءِ،
عيسائين لوپرڪئليا جي سالياني جشن کي، جيڪو هر سال
فيبروري جي مهيني ۾ ٿيندو هو، جاري رکيو، هن جشن
سان هڪ ڳجهو ۽ پراسرار اثر مشهور ٿي ويو هو جنهن
جو تعلق جانورن توڙي ڀاڄين جي دنيا سان وابسته
هيو. روم جا پادري هن غير مذهبي ۽ غير اخلاقي رسم
جي فوري خاتمي جي حق ۾ هيا پر سندن جوش جذبي جي
شهري مئجسٽريٽ سخت مخالفت ڪئي، ۽ هيءَ فضول رسم
پنجين صدي عيسوي جي آخر تائين جاري رهي نيٺ پادري
گلئسيَس جنهن گاديءَ جي هنڌ کي بت پرستيءَ جي داغن
کان بلڪل پاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن کان سينيٽ توڙي رعيت
جي ماڻهن معافيون ورتيون ۽ کيس منتون ڪيون(82).
پنهنجن سڀني اعلانن ۾ شهنشاهه ليئو پنهنجن اختيارن
جو استعمال ڪندي، پنهنجي پُٽ ائنٿيميَس لاءِ
پنهنجي پيار، محبت ۽ پدري شفقت جو اظهار ڪري ٿو
جنهن سان گڏجي هن ڪائنات جي انتظام سنڀالڻ جي
دعويٰ ڪئي هئي(83). جيڪي زميني حالتون هيون ۽ جيڪو
ليئو جو طور طريقو رهيو هو، ته هن دانشمنديءَ کان
ڪم وٺندي پاڻ کي آفريڪا جي جنگ جي خطرن ۽ سفر جي
تڪليفن ۾ وجهڻ نٿي چاهيو. پر اوڀر جي شهنشاهت
پنهنجو پورو زور لڳايو ته جيئن هو اٽلي ۽ بحيرهء
روم کي وئنڊلن جي زيادتين کان آجو ڪري سگهن ۽
جينسيرڪ، جنهن زمين تي توڙي سامونڊي رستن تي هر
طرف ماڻهن کي تڪليفن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو، هاڻي
پاڻ هر طرف کان سخت حملي جي خطرن ۾ وڪوڙجي ويو هو.
هن مهم جو آغاز مُنهندار هيراڪليَس (حرقل) وڏي
بهادري ۽ ڪاميابيءَ سان ڪيو(84). مصر، ثبائس ۽
لبيا جون فوجون سندس ڪمان ۾ رهيون ۽ عربن، گهوڙن ۽
اُٺن جي هڪ وڏي لشڪر سان رڻ پٽ جي رستن کي کولي
آسانيون پيدا ڪري ڇڏيون. حرقل ٽِرپولي جي ڪناري تي
وڃي خيما کوڙيا، ان صوبي جي شهرن کي پنهنجي اوچتي
آمد سان حيران ڪري ڇڏيائين ۽ اُنهن کي هڪدم پنهنجي
حڪمن هيٺ آندائين، ۽ هڪ مشڪل سفر جي تيارين ۾
مصروف ٿي ويو، جيڪو هن کان اڳ ڪاٽو(*) به اختيار
ڪيو هو(85)، ته جيئن ڪارٿيج جي ديوارن هيٺ هو شاهي
فوج سان وڃي ملي. شهرن جي قبضي جي خبر جينسيرڪ کي
پئجي وئي ۽ هن نقصان ٿيڻ تي هو عجيب ۽ ذلت وارن
شرطن تي به صلح قائم ڪرڻ تي راضي ٿي ويو، پر کيس
ان ڳالهه تي وڌيڪ حيرت ٿي ته مارسيلينَس ڪيئن ۽
ڪهڙيءَ طرح ٻن شهنشاهتن سان صلح ڪري ساڻن راضي ٿي
ويو هو. هي اميرزادو جيڪو خودمختيار هو پر کيس ان
ڳالهه تي آماده ڪيو ويو هو ته هو ائنٿيميَس جي
جائز حيثيت ۽ لقبن کي تسليم ڪري، جنهن سان گڏجي هو
روم به ويو هو. ڊالمئٽيا جو بحري جنگي ٻيڙو اٽلي
جي ڪنارن تي لنگرانداز ٿيو ۽ مارسيلينس جي ڦڙتي
واري بهادريءَ وئنڊلن کي سارڊينيا جي ٻيٽ کي ڇڏڻ
لاءِ مجبور ڪيو ۽ اولهه جي شهنشاهت جي ڪاهلي وارين
ڪوششن جي ڪري اوڀر جي رومين کي ڀرپور تيارين ڪرڻ
جو موقعو ڏئي ڇڏيو. سامونڊي اسلحي ۽ جنگي جهازن،
جن کي ليئو، وئنڊلن کي فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو هو،
انهن تي ايندڙ خرچن جو اندازو لڳايو ويو ۽ هڪ
سنجيدي ۽ باقاعدگي جي خرچن جي تخميني ڪرڻ سان ئي
هڪ زوال طرف ويندڙ شهنشاهت جو اندازو آسانيءَ سان
لڳائي سگهجي ٿو. شهنشاهه جي ذاتي ملڪيت جيڪا کيس
ورثي ۾ ملي هئي ان جو تفصيل هن ريت آهي: ستيتاليهه
هزار پائونڊ سون، ۽ ست لک پائونڊ چانديءَ جي دولت
ته شاهي مُنهندارن خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏي هئي. پر
شهرن جي حالت مفلسي ۽ تنگ دستي واري هئي ۽ وري
اٽلو اهڙن مفلس ماڻهن تي ڏنڊ به مڙهيا ويندا هيا
ته ٿوري گهڻي ڳالهه تي سندن ملڪيتون به ضبط ڪيون
وينديون هيون، جنهن مان صاف ظاهر آهي ته انتظاميه
۾ رحم ۽ انصاف جي رتي به ڪانه هئي. آفريڪا جي مهم
تي ڪيل خرچ جو اندازو، پوءِ کڻي اُهو خرچ ڪهڙي طرح
به ڪيو ويو هجي، هڪ لک ستٽيهه هزار پائونڊ سون جي
برابر هو يعني ٻاونجاهه لک پائونڊ اسٽرلنگ جيترو
خرچ ٿيو هو ۽ هي اُهو وقت هو جڏهن ناڻي جو ملهه،
اَنَ جي مقابلي ۾، هن دور کان به وڌيڪ مهانگو
هو(86). جنگي جهازن جي ٻيڙي ۾، جيڪو قسطنطنيہ کان
ڪارٿيج پهتو، يارهن سؤ تيرهن جهاز شامل هيا ۽
سپاهين ۽ جهازرانن جو تعداد هڪ لک کان وڌيڪ هو.
بئسيلِسڪَس، جيڪو راڻي ويرينا(†)
جو ڀاءُ هو، کي هن مهم جي اهم ڪمان سؤنپي وئي هئي.
سندس ڀيڻ، جيڪا ليئو جي زال هئي سيٿيا جي اڳين مهم
جي باري ۾ مبالغي کان ڪم ورتو هو. پر سندس غلطي جي
ظاهر ٿيڻ يا سندس نااهليءَ کي چپ چاپ ۾ آفريڪا جي
جنگ لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو ۽ سندس دوستن ساڻس عهد
ڪيو ته هُو سندس فوجي نيڪ ناميءَ کي فقط هڪ شرط تي
بچائيندا ته اُهي انڪشاف ڪندا ته هن اَسپر سان
سازش ۾ شريڪ ٿي جينسيرڪ کي بچايو هو ۽ اولهه جي
شهنشاهت جي آخري اُميد جي ڪِرڻن کي به هن سازش
ذريعي وِسائي ڇڏيو هو.
تجربي مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي ته ڪنهن به حملي
ڪندڙ جي ڪاميابيءَ جو دارومدار ان جي طاقت ۽ جنگ ۾
تيزي واري حڪمت عمليءَ تي هوندو آهي. پهرئين اثر
جي قوت ۽ تيزي ۾ ذرو به دير ٿي وڃي ته پوءِ اثر
زائل ٿيڻ لڳي ٿو، ان کان سواءِ فوجين جي صحت ۽
سندن جذبا به پرانهَن پنڌن ۽ ناموافق آبهوا ۾
ڪاهليءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا. سامونڊي ۽ فوجي قوت
هونئن ته وڏي طاقت جو سرچشمو هوندي آهي پر افسوس
اهو آهي ته هيڏي ساري طاقت به تڏهن ضايع ٿي وڃي ٿي
جڏهن جنگ ۾ عملي مظاهري ڪرڻ ۾ دير ڪجي ٿي يا دشمن
سان ڳالهين ۾ ويهي وقت وڃائجي ٿو. اهڙي صورتحال ۾
دشمن محتاط به ٿي وڃي ٿو، پر جي کيس موقعو ملي ٿو
ته دشمنيءَ جو ڌَڪ به هڻي ٿو. بئسيلسڪس جي طاقتور
سامونڊي فوج جو ٻيڙو ڪاميابيءَ سان ٿريس جي
باسفورس کان آفريڪا جي ڪناري ڏانهن روانو ٿيو. هن
پنهنجين فوجين کي بونا جي هنڌ تي لاٿو جيڪو ڪارٿيج
کان چاليهن ميلن جي مفاصلي تي هو(87). حرقل جي فوج
۽ مارسيلينَس جو سامونڊي ٻيڙو يا ته شاهي ايلچيءَ
۽ وئنڊلن سان ملي ويو يا وري اُنهن جي حمايت ڪري
ڇڏيائون، جن سندس خشڪي توڙي بحري سفر جي مخالفت
ڪئي هئي، پر نيٺ لڳاتار کين شڪستون ڏنائون(88).
جيڪڏهن بئسيلسڪس پيدا ٿيل افراتفري مان فائدو وٺي
ها ۽ بهادريءَ مان گاديءَ جي هنڌ ڏانهن هليو وڇي
ها ته ڪارٿيج پاڻهي سندس آڏو پيش پوي ها ۽ وئندلن
جي بادشاهت جو ڏيئو اُجهامي وڃي ها. جينسيرڪ ان
خطري کي ڏسي رهيو هو پر همت جو دامن نه ڇڏيو
هيائين، ۽ پنهنجي همت ۽ هوشياريءَ سان ان خطري کي
ٽارڻ جي ڪوشش ٿي ڪيائين. هن وڏي ادب واري زبان ۾
احتجاج ڪندي چيو ته هو پاڻ کي پيش ڪرڻ لاءِ توڙي
پنهنجي حڪومت جون واڳون شهنشاهه جي حوالي ڪرڻ لاءِ
تيار هو پر هن سلسلي ۾ هن فقط پنجن ڏينهن جي مهلت
گهرڻ جي درخواست ڪئي ته جيئن هو پيش پوڻ لاءِ
ضروري تياري ڪري وٺي ۽ اها ڳالهه سڀ ڪنهن تسليم ٿي
ڪئي ته هن جي ذهني ڪشادگي ۽ ڳالهيون ٻولهيون
ڪامياب ٿي ويون. سندس دشمن جيڪي رعايتون حاصل ڪيون
هيون اُنهن کي ضِد مان رد ڪرڻ بجاءِ، بي وقوف يا
وري ڀورڙي شخص بئسيلسڪس، عهدنامي جي هاڃيڪار شرطن
سان پوريءَ طرح متفق ٿيو ۽ هن غير دورانديش
ماڻهوءَ اها دعويٰ ٿي ڪئي ته هو آفريڪا جو اڪيلو
فاتح هو. وچ ۾ جيڪو مختصر وقفو آيو اُهو جينسيرڪ
لاءِ فائدي مند ثابت ٿيو. هن وڏن جنگي جهازن کي
اتر آفريڪا جي مسلمان ويڙهاڪن ۽ وئنڊلن جي بهادر
فوجين سان ڀريو ۽ اُنهن ننڍا ننڍا جهاز وڏن جهازن
سان ٻڌي ڇڏيا جن ۾ باهه لڳائيندڙ بارود ڀريو ويو
هو. رات جي انڌاري ۾، هنن تباهي آڻيندڙ جهازن کي
رومين جي جنگي جهازن ڏانهن ڌِڪيو ويو جن کي هن
اوچتي حملي جي جَن ڪَن ئي ڪانه هئي ۽ اُنهن جي
حفاظت جو به ڪو بندوبست ٿيل ڪونه هو ۽ هن خطري جي
وقت ۾ جيڪي به سُتل هيا سڀئي جاڳي اُٿيا. اُهي
فوجي جيڪي دشمن جي جهازن جي ويجها هيا اُنهن هر
طرف باهه لڳائي ڇڏي، جيڪا تمام جلد ڦهلجي وئي ۽ ان
جو زور ايترو هو جو روڪڻ سان به رڪجي نه سگهي ها،
هوا به زوردار هئي جنهن شعلن کي اُڏاري پري تائين
ٿي پهچايو، هوڏانهن فوجين ۽ جهازرانن جون رڙيون ۽
واڪا وڌي ويا جيڪي باهه ۾ وڪوڙجي چڪا هيا ۽ هاڻي
سندن حالت اها هئي جو نه ته حڪم جاري ڪري ٿي سگهيا
۽ نه ڪنهن جو حڪم مڃي ٿي سگهيا ۽ خطرو وڌندو ٿي
رهيو ۽ تباهي ايندي ٿي رهي. هاڻي سندن ڪوشش اها
هئي ته پاڻ کي باهه جي شعلن کان بچائن ۽ ٿي سگهي
ته پنهنجن اُنهن جنگي جهازن کي بچائڻ جي ڪوشش به
ڪن جن جي بچي وڃڻ جو ڪجھ امڪان باقي هو، پر
جينسيرڪ جي جهازن وڏي نظم ۽ ضبط سان ۽ لڳاتار مٿن
حملا ڪيا ۽ ڪيترائي رومي جيڪي باهه جي شعلن جو
بَکُ ٿيڻ کان بچي ويا هيا، اُهي ويڙهه ۾ تباهه ٿي
ويا يا وري فاتح وئنڊلن جا قيدي بنجي ويا. تباهه
ڪندڙ هِن رات جي واقعن مان بهادريءَ جو هڪ واقعو
جان جو آهي جيڪو بئسيلسڪس جي اهم وڏن آفيسرن
منجهان هڪ هيو، ۽ جنهن جو نالو تاريخ جي ورقن ۾
ميسارجڻ کان شايد بچي وڃي. جڏهن هڪ جهاز، جنهن کي
هن بهادريءَ مان بچايو هو، ۽ جيڪو ذري گهٽ سڙي چڪو
هو، هن پاڻ کي زرهه سوڌو سمنڊ ۾ کڻي اُڇلايو، ۽
گينسو جي رحمدليءَ جي جذبي کي نفرت مان ٺڪرائي
ڇڏيائين، جيڪو جينسيرڪ جو پٽ هو، جنهن هن کي منت
ٿي ڪئي ته عزت سان پنهنجي جان بچائي پر هن پاڻ کي
سامونڊي لهرن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ٻُڏي مري ويو ۽
آخري وقت تائين وڏي واڪي چَوندو ويو ته هو پاڻ کي
زندهه رکي ناپاڪ ڪُتن جي حوالي ڪرڻ کان عزت واري
موت کي وڌيڪ ترجيح ڏيندو. جڏهن ته بئسيلِسڪَس جنهن
جو جذبو جان جي برعڪس هو، ۽ جنهن جو جنگي
هيڊڪوارٽر به خطري واري هنڌ کان ڪافي پري هو، جنگ
جي شروعات ۾ ئي هو ڀاڄ ڪري قسطنطنيہ پهتو ۽ اڌ جي
تعداد کان به وڌيڪ فوجي مارائي ۽ پنهنجا جنگي جهاز
تباهه ڪرائي هتي پهتو ۽ شرم کان پنهنجو ڪنڌ هيٺ
ڪري وڃي سينٽ سوفيا جي مقدس جڳهه ۾ پاڻ کي
لڪايائين. نيٺ نوبت ايستائين وڃي پهتي جو سندس ڀيڻ
شهنشاهه اڳيان آزيون ۽ منتون ڪري کيس معافي وٺرائي
ڏني. هرڪيوليَس هڪ رڻ پٽ ذريعي پٺتي موٽيو ۽
مارسيلينَس سِسلي موٽي ويو جتي کيس قتل ڪيو ويو ۽
بعد ۾ مشهور اهڙو ٿيو ته شايد کيس رسيمر قتل ڪرايو
هو ۽ قاتل سندس هڪ فوجي ڪپتان هو ۽ وئندلن جي
بادشاهه تعجب ۽ اطمينان جو اظهار ڪيو ته رومين خود
ئي سندس وڏي ۾ وڏي دشمن کي هن دنيا مان هميشه لاءِ
رخصت ڪري ڇڏيو هو(89). هن وڏي مهم جي ناڪاميءَ کان
پوءِ، جينسيرڪ ٻيهر سامونڊي آمر بڻجي ويو، اٽلي،
يونان ۽ ايشيا جا سامونڊي ڪنارا وري سندس لالچ ۽
انتقام جي ور چڙهي ويا هيا؛ ٽِرپولي ۽ سارڊينيا به
سندس تابعداريءَ هيٺ هليا ويا، هن سِسلي کي به
پنهنجي صوبن اندر ختم ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي موت کان
اڳ ۾، جيڪو سندس ڦُوهه جواني ۽ شان شوڪت جي ماحول
۾ ٿيو، هن اولهه جي شهنشاهت جو خاتمو پنهنجي اکين
سان پاڻ ڏٺو(90).
پنهنجي ڊگهي ۽ جاندار حڪومت جي دور ۾ آفريڪا جي
حاڪم وڏي محنت ڪري يورپ جي بربرن سان دوستي جو
رشتو قائم ڪري ڇڏيو هو ڇاڪاڻ ته سندس ارادو اهو هو
ته ضرورت پوڻ تي سندن فوجن کي مبادا هو ٻن
شهنشاهتن خلاف استعمال ڪري. اٽيلا جي موت کان پوءِ
هن پنهنجو فوجي اتحاد، گال جي وزيگاٿن ۽ وڏي
ٿوڊورڪ جي پُٽن سان نئين سر ڪري ڇڏيو، جن لڳاتار
هن جنگجو قوم تي حڪومت ٿي ڪئي، پر کين قائل ڪيو
ويو ته هاڻي هو جينسيرڪ جي اُنهن ظلمن کي فراموش
ڪري ڇڏين جيڪي هن سندن ڀيڻ تي ڪيا هيا(91).
شهنشاهه ميجورئن جي موت ٿوڊورڪ ٻئي کي خوفن خطرن
مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو پر شايد کيس عزت ۽ وقار کان به
پري ڪري ڇڏيو؛ هن رومين سان ٿيل تازي معاهدي جي
خلاف ورزي ڪئي ۽ ناربون جو هڪ وڏو علائقو، جنهن کي
هن پنهنجي حڪومت جي حدن ۾ ملائي ڇڏيو هو، ان کي
سندس دوکيبازيءَ جو انعام ڪوٺيو ويو. رسيمر جي خود
مطلبي واري پاليسي کيس ٻين سان کنؤس ۽ کيڙاند ڪرڻ
جا حربا سيکاريا ۽ هن اُنهن صوبن تي حملا ڪيا جيڪي
سندس مخالف ايجيڊيَس جي حڪومتي حدن اندر هيا، پر
سندس جيڪو اميرزادو هوه ان آرلس جي حفاظت ۽
آرليَنس جي فتح ڪري گال کي سندس حملن کان محفوظ
ڪري ڇڏيو هو ۽ سندس زندگي ۾ ئي هن وزيگاٿن کي
اڳرائي ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو هو. سندن ارمان ۽ جذبا
ٻيهر جاڳي پيا هيا ۽ هاڻي اسپين توڙي گال ۾ هن روم
جي شهنشاهت جي خاتمي جو منصوبو مڪمل ڪري ڇڏيو هو ۽
هي ڪم يورِڪ جي حڪومت ۾ ٿيو هو جنهن جو ٻيو
ڪارنامو اهو هو ته هن پنهنجي ڀاءُ ٿوڊورڪ کي قتل
ڪرائي ڇڏيو هو. سندس عادتون وحشياڻيون هونديون
هيون پر سندس ذهانت جنگ توڙي امن ۾ هڪ جيتري ڪم
ڪندي هئي. هو هڪ وڏي فوج جي اڳواڻي ڪندي پائرينيز
کي اُڪري چڪو هو، رستي تي ساراگوسا ۽ پامپيلونا جي
شهرن کي پنهنجي تابع ڪيائين ۽ هڪ جنگ ۾ ٽاراگونا
صوبي جي اميرزادن کي شڪست ڏنائين، ۽ پنهنجن فاتح
فوجن کي لوسيٽئنيا جي وچ شهر تائين وٺي ويو ۽
سووِي وارن کي اجازت ڏنائين ته هو ڀلي گئليشيا جي
بادشاهت پنهنجي قبضي ۾ رکن ۽ ان کي اڳتي هلي اسپين
۾ قائم ٿيل گاٿن جي حڪومت جو حصو بنائي ڇڏن(92).
يورڪ جون ڪوششون گهٽ جرئت واريون نه هيون ۽ نه وري
اُهي گال ۾ ڪامياب نه هيون، ۽ سڄي ملڪ ۾ جيڪو
پائرينيز کان رهون لائر، بيري ۽ آورن تائين پکڙيل
هو ۽ اهي ئي بيان ڪيل شهر يا ضلعا هيا جن کيس
پنهنجو مالڪ يا بادشاهه تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو
هو(93). پنهنجي اهم شهر ڪلرمانٽ جي حفاظت ڪندي،
آورن جي شهرين وڏي عزم ۽ حوصلي سان جنگ، وبا، ۽
ڏُڪر جون مصيبتون برداشت ڪيون ۽ وزيگاهن، شهر جو
گهيرو ختم ڪندي، هن اهم سوڀ جون اُميدون ئي ختم
ڪري ڇڏيون. صوبي جي نوجوانن ۾ وري حوصلي ۽ همت جو
نئون روح ڦوڪجي ويو جڏهن هنن شهنشاهه ائويٽَس(94)
جي پٽ ايڪڊيسيَس جي بهادري جا اعتبار ۾ نه ايندڙ
ڪارناما ڏٺا جنهن فقط ارڙهن گهوڙي سوار سپاهين جي
مدد سان وڏي دليريءَ سان گاٿن جي فوج تي حملو ڪيو
۽ تيزيءَ مان سوڀ حاصل ڪري آرام سان پنهنجي شهر
ڪلرمانٽ ڏي موٽي ويو. هو سخي به اوترو ئي هو جيترو
هو بهادر هو: سخت اڻاٺ ۽ مفلسي جي دؤر ۾ هو چئن
هزارن غريبن ۽ مسڪينن کي پنهنجي خرچ تي پاليندو هو
۽ سندس ذاتي اثر رسوخ جي ڪري برگنڊي وارن جي هڪ
فوج تيار ٿي جنهن آورن شهر وارن جي ڀرپور مدد ڪئي.
سندس ئي اعليٰ اخلاق ۽ ڪردار منجهان، گال جي
وفادار ماڻهن سُک سلامتيءَ جو ساهه کنيو ۽ آزاديءَ
سان رهڻ جا خواب ڏٺا؛ پر فقط سندس ڪردار سندن ملڪ
کي تباهي ۽ برباديءَ کان بچائي نٿي سگهيو ڇاڪاڻ ته
اُهي سندس مثال ۽ اختيارن کي اڃا وڌيڪ سِکڻ جا
منتظر هيا ته اُهي جلاوطني اختيار ڪن يا دائمي
غلاميءَ ۾ رهن(95). عوام جو اعتماد ختم ٿي چڪو هو،
۽ ملڪ جا وسيلا ختم ٿي چڪا هيا، ۽ گال جا
ماڻهوجائز طرح سان اهو سوچڻ ۾ حق بجانب هيا ته
ائنٿيميَس، جنهن اٽلي ۾ حڪومت ڪئي هئي، هڪ نااهل
انسان هو جيڪو پنهنجي رعيت جي ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ
۾ ناڪام ويو هو ۽ خاص طرح ائلپس کان اڳتي ته اُهي
بلڪل نِڌڻڪا ٿي ويا هيا. ڪمزور شهنشاهه پنهنجي
حفاظت لاءِ برطانيه کان ٻارهن هزار مددگار فوجي
جَٿا گهرائي ورتا. هڪ ٻيٽ جي خودمختيار بادشاهه،
ريوٿئمَس کي قائل ڪيو ويو ته هو پنهنجون فوجون گال
جي خطي ۾ پهچائي؛ هن جا ٻيڙا لئائر اُڪريا، ۽ هن
پنهنجو هيڊڪوارٽر بيري ۾ قائم ڪيو جتي ماڻهن اهڙن
اتحادين جي شڪايت ڪئي جيڪي ٻين کي ڏکوئيندڙ هيا،
پر نيٺ اُهي يا ته تباهه ٿي ويا يا وري وزيگاٿن جي
فوجن جي خوف کان ٽڙي پکڙي ڇڙوڇڙ ٿي ويا(96).
حاڪميت جي حدن جا آخري ڪم جيڪي گال جي رعيت لاءِ
روم جي سينيٽ ڪيا، اُنهن مان هڪڙو آروينڊَس جو ڪيس
۽ سندس مذمت هئي جيڪو شاهي محل جو منهندار هو.
سڊونيَس خوش هو ته هُو ان دور ۾ رهيو هو جنهن ۾ هو
شايد ملڪ جي ڏوهيءَ تي ڪجھ رحم کائي سگهي ۽ ان جي
مدد ڪري سگهي، ۽ وڏي نرمي ۽ آزاديءَ سان پنهنجي
غير دورانديش ۽ بدقسمت دوست جو ذڪر به ڪري ٿو(97).
جن خطرن مان هو سلامتيءَ سان حفاظت ۾ رهيو هو،
آروينڊَس عقل جي بجاءِ اعتماد تي زور ڏنو ۽ سندس
گستاخي يا بي ادبي واري روَيي جا ايترا ته مختلف
روپ هيا جو سندس زوال کان وڌيڪ ماڻهن کي ان ڳالهه
تي حيرت هئي ته اهڙو ڦِرڻو گهرڻو ماڻهو هن دؤر ۾
هلي چلي ڪيئن ٿو ۽ دنيا سان موافقت يا مطابقت ڪيئن
ٿو رکي سگهي. ٻي ڀيري جي ڪمشنري جيڪا پنجن سالن ۾
کيس ٻيهر ملي هئي، سندس اڳئين انتظام جي چڱاين ۽
شهرت کي بلڪل ختم ڪري ڇڏيو هو، خوشامد جي روَين
سندس هلڪڙي طبيعت ۾ بگاڙ پيدا ڪري ڇڏيو هو ۽ سندس
مخالفت ويتر هنجي ڪاوڙ کي چوٽ چاڙهي ڇڏيو هو، هو
پنهنجن قرضدارن کي صوبي جي آمدني مان قرض ادا ڪندو
هو، سندس وهمي ۽ غير مستقل مزاجي واري هٺيلي مزاج
گال جي معتبر ۽ معزز ماڻهن کي چيڙائي ڇڏيو هو ۽
اهڙن افعالن سبب سندس خلاف عوام جي نفرت جو پيالو
هاڻي ڀرجي تار ٿي چڪو هو. بي عزتي جو انعام جيڪو
کيس مليو هو ان موجب کيس سينيٽ اڳيان پيش ٿيڻو پيو
ته پنهنجي اهڙي ڪريل ڪردار جي وضاحت ڪري. هن موافق
هوا جي زور تي ٽسڪني وارو سمنڊ پار ڪيو جنهن کي هن
پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ سٺو سنؤڻ ڪوٺيو. ڪمشنري
جي عهدي لاءِ، بهرحال اڃا ماڻهن ۾ عزت جو جذبو
موجود هوندو هو، ۽ روم پهچڻ وقت آروئنڊس کي قيد
ڪرڻ بدران فلئويَس ائسيلس طرفان مهمان نوازيءَ جو
شرف ملڻو هو، جيڪو مقدس ۽ بخش ٿيل ملڪيتن جو
منهندار هو ۽ گاديءَ جي هنڌ ۾ رهندو هو(98). جن
ماڻهن جا مٿس الزام هيا، اُنهن سندس پيڇو ڪيو جيڪي
گال جا چار ڊپٽي هيا جيڪي خانداني ۽ عزت وارا
ماڻهو هيا ته ساڳي وقت تقرير جا به وڏا ماهر هيا.
وڏي صوبي جي شان مان جو قسم کڻندي ۽ روم جي قاعدي
قانون مطابق، هنن شهري توڙي ڏوهن جي قانون موجب
ڪيسَ داخل ڪيا ۽ التجا ڪيائون ته انصاف اهڙي طرح
ڪيو وڃي جيئن ذاتي طرح ماڻهن جي ٿيل نقصانن جو
ازالو به ٿئي ۽ ڏوهيءَ کي سزا اهڙي ملي جيڪا ملڪي
انصاف کي مطمئن ڪري سگهي. بگاڙ ۽ زيادتين جا مٿس
کوڙ سارا ۽ ڳرا الزام هيا پر هنن ڳجهيءَ طرح ان خط
تي ڀاڙيو جيڪو هنن پڪڙيو هو ۽ جنهن کي هو سيڪريٽري
جي شاهدي ذريعي ثابت ڪري ٿي سگهيا ته اهو خط
آروئنڊَس خود لکرايو هو. هن خط جي لکندڙ گاٿن جي
بادشاهه کي يونان جي شهنشاهه سان صلح جي معاهدي
ڪرڻ کان منع ڪئي هئي، پر هن برطانيه وارن کي ترغيب
ڏني هئي ته اُهي لُئائر تي حملو ڪن، ان کان سواءِ
هن گال کي ورهائڻ جي سازش ڪئي هئي ته ان کي ٻه حصا
ڪري برگنڊي ۽ وزيگاٿن ۾ ورهايو وڃي(99). اهڙا
زهريلا منصوبا، جيڪي اجائي آڪڙ ۽ ناسمجهي ڪري
گهڙيا ويا هجن ۽ جن جي شدت کي فقط هڪ سٺو دوست ئي
گهٽ ڪري سگهي ٿو، يقيني طور تي نه رڳو شڪ ۽ گمان
پيدا ڪن ٿا پر اُنهن مجهان غداريءَ جا گهڻا امڪان
پيدا ٿين ٿا، تنهن ڪري ڊپٽين هاڻي پڪو عزم ڪيو هو
ته هو پنهنجن خطرناڪ هٿيارن کي تيستائين ظاهر نه
ڪندا جيستائين لڙائي جو فيصلي وارو مرحلو اچي وڃي.
پر سندن نيتن جي پرک سڊونيَس جي جوش جذبي ذريعي ٿي
چڪي هئي. هن هڪدم ان ڏوهيءَ کي سندس خطري کان
آگاهه ڪيو جنهن تي شڪ ڪونه هو، ڪاوڙ جي اظهار ڪرڻ
بغير آروئنڊس جي ضدي طبيعت تي خلوص مان افسوس ڪرڻ
لڳو جنهن پنهنجي دوستن جي نيڪ نيتي واري مشوري کي
نه رڳو رد ڪري ڇڏيو هو پر ان تي ناراضگيءَ جو
اظهار پڻ ڪيو هو. صحيح ۽ اصل صورتحال کان بي خبر
رهندي آروئنڊس سفيد لباس ۾ جوپيٽر ديوتا جي مندر
ڪئپيٽول اڳيان ظاهر ٿيو، هر طرف کان سندس مرحبا ٿي
۽ ماڻهن سندس خدمت ڪرڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن قبول
ڪئي، واپارين جي دڪانن جو چڱيءَ طرح معائنو
ڪيائين، هيرا جواهر پڻ ڏٺائين، پر اهڙيءَ طرح جيئن
ڪو تماشبين يا وري خريدار هجي، سينيٽ ۽ شهنشاهه
جون شڪايتون ڪيائين ۽ اهو به چيائين ته انصاف
ماڻهن کي ڏاڍو دير سان پلئه پوي ٿو. سندس سڀئي
شڪايتون فورن دور ڪيون ويون. ٻي ڏينهن تي صبح جو
سوير سندس ڪيس جي ٻڌڻي رکيل هئي ۽ آروئنڊس مٿس
الزام مڙهيندڙن سميت حاضر ٿيو ۽ سندس سامهون سينيٽ
جي وڏي اسيمبلي موجود هئي. هنن ڊرامائي انداز
اختيار ڪري پنهنجا چهرا مغموم ڪري ڇڏيا هيا جنهن
سبب ججن کي في الحال ته مٿن رحم اچي ويو پر ساڳئي
وقت سندن شاندار ڪپڙا ۽ ڦُونڊ ڏسي کين چِڙ به اچي
رهي هئي ۽ جڏهن مهندار آروئندس، گال جي ڊپٽين سميت
سينيٽرن جي بئنچن تي وڃي ويٺا تڏهن به شرافت ۽
غرور جو تضاد سندن ڪردار ۾ صاف نظر اچي رهيو هو.
هڪ يادگار فيصلي ۾، جيڪو جمهوريه جي قديم زمانن جي
ياد تازي ڪري رهيو هو، گال جي ماڻهن وڏي زور ۽
آزاديءَ سان صوبي جي عوام جي تڪليفن کي بيان ڪيو ۽
جيئن ئي هال ۾ ويٺل ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ ناراضگي چوٽ
چڙهي وئي، ته هنن ان خط ۾ پڙهيو جيڪو فتني ۽ فساد
جي پاڙ هيو. آروئنڊس جي ضِد جو بنياد فقط هيءَ
ڳالهه هئي ته سندس خيال ۾ هڪ رعيت جي ماڻهوءَ تي
غداريءَ جو الزام تيستائين نٿو مڙهي سگهجي،
جيستائين هن تي اهو ثابت ٿي وڃي ته هن بادشاهه
بنجڻ لاءِ سازش ڪئي هئي. جيئن ئي خط پڙهيو ٿي ويو
ته هن وڏي آواز سان بار بار ان ڳالهه جو اعتراف ٿي
ڪيو ته خط ۾ جيڪو ڪجھ لکيل هو سو سڀ سچ هيو ۽ کيس
ان وقت حيرت به اوتري ئي ٿي جيتري مايوسي کيس ٿي
رهي هئي ته جڏهن سينيٽ جي گڏيل فيصلي موجب کيس
تمام وڏي ڏوهه جو ڏوهاري ظاهر ڪيو ويو. سندن فيصلي
موجب کانئُس مُنهندار جو عهدو واپس وٺي کيس بي
عزتو ڪيو ويو ۽ کيس ڪڙمين ڪاسبين جي سطح تي آندو
ويو ۽ کيس گهليندا جيل جي دروازي تائين وٺي ويا.
اٽڪل پندرهن ڏينهن جي وقفي کان پوءِ سينيٽ جو
اجلاس ٻيهر سڏايو ويو ته جيئن آروئنڊس کي موت جي
سزا جو فيصلو ٻڌايو وڃي، پر ايسڪيولئپيَس* جي ٻيٽ
تي جتي کيس رکيو ويو هو ۽ کيس جيڪا ٽيهن ڏينهن جي
مهلت ڏني وئي هئي جيڪا قديمي قانون موجب انتها
درجي جي مجرمن ۽ بدڪارن کي به ڏني ويندي هئي(100)،
ان موقعي تي سندس دوستن سندس حمايت ۾ ڪوششون ڪيون،
شهنشاهه ائنٿيميَس به ڪجھ ڍرو ٿيو، ۽ گال جو
منهندار آروئنڊس جي سخت سزا کي نرم ڪرائڻ ۾ ڪامياب
ٿيو ۽ هاڻي کيس ملڪ بدري ۽ ملڪيت جي ضبطگي جي سزا
ڏني وئي. آروئنڊس جي غلطين جي نوعيت اهڙي هئي جو
هو شايد رحمدليءَ جو حقدار به هيو پر سيروئنٽَس
روم جي جمهوريه جي انصاف تي سخت الزام مڙهيا ۽
نوبت اتي وڃي پهتي جو آورن جي عوام سندس خلاف
شڪايتون درج ڪرايون جن تي کيس موت جي سزا ڏني وئي.
پنهنجي دؤر جي سازشي(*) ۽ گندي انسان(†)
وزيگاٿن سان ساز باز ڪئي ته ان صوبي سان ڌوڪو ڪجي
جنهن کي هن عذابن ۾ مبتلا ڪيو هو، صوبي جي صنعت کي
نيُن ٽئڪسن ۽ ترڪ ڪيل ڏوهن ۾ مبتلا ڪيو ويو ۽ سندس
بدڪارين جي ڪري ماڻهو ساڻس سخت نفرت ڪرڻ لڳن ها
جيڪڏهن اُهي خود خوف ۽ نفرت جو ڪاروبار پاڻ جاري
نه رکن ها(101).
اهڙا ڏوهاري هروڀرو انصاف جي محاسبي کان آزاد نه
هيا، پر رسيمر جو جيڪو به قصور هيو ان جي باوجود
به اهو بربر ايترو ته طاقتور هو جو هن ڄڻ اها
مهرباني شهنشاهه تي ڪئي هئي جو هن سان دوستي ۽
اتحاد ڪيو هئائين. شهنشاهه ائنٿيميَس پنهنجي رعيت
کي پُرامن ۽ خوشحال حڪومت جو واعدو ڪيو هو پر
اولهه جي حڪومت هاڻي هر طرف کان بدبختي ۽ بدامني
جو شڪار ٿي وئي هئي. رسيمر جيڪو يا ته شڪن گمانن
جو شڪار هو تنهن ڪري سندس بي صبري وڌيل هئي، هن
روم کي ڇڏيو ۽ مِلن ۾ پنهنجي رهائش گاهه اختيار
ڪيائين ڇاڪاڻ ته مِلن مرڪزي جڳهه تي هيو جتي ويهي
دشمن سان جنگ ڪرڻ به سؤلي هئي ته دشمن کي شڪست ڏيڻ
۾ به دشواري نه ٿيندي هئي؛ اهو انڪري جو وڏيون
جنگجو قومون ائلپس ۽ دنيوب جي وچ تي رهنديون
هيون(102) جن کي جنگ ۾ پاڻ سان ملائڻ يا کانئن مدد
وٺڻ آسان هوندو هو. وقت گذرڻ سان اٽلي به ٻن آزاد
۽ هڪ ٻئي جي دشمن بادشاهتن ۾ ورهائجي ويو ۽
لِگوريا جا امير، جيڪي جنگ جي نالي ٻُڌڻ سان ئي
ڏڪي ويندا هيا، بزرگ شخص جي پيرن تي ڪري پيا ۽ کيس
منتون ڪيائون ته سندن بدقسمت ملڪ کي جنگ جي تباهين
کان بچائي. ’آءٌ پنهنجي طرفان‘، اڃا به
گلاشيَن(103) سان دوستيءَ جو هٿ وڌائڻ لاءِ تيار
آهيان پر هن جي ڪاوڙ کي ٿڌي ڪرڻ جي ذميواري ڪير
کڻندو يا ان غرور ۾ نرمائي ڪير پيدا ڪندو جيڪو
اسان جهڙن ماڻهن کي مٿي کان هيٺ آڻڻ ۾ رڪاوٽ بڻيل
هوندو آهي؟‘ هنن کيس ٻڌايو ته پاويا جي پادري
ايپيفئنيَس(104) نانگ جي ڏاهپ کي ڳيري جي معصوميت
سان ملائي هِڪ ڪري ڇڏيو هو ۽ ان ڪارنامي کان پوءِ
کيس اعتماد هو ته اهڙي سفير جي تقرير هر مخالفت ۾
ڪاميابي جي ڪُنجي هوندي پوءِ اُتي توڙي جذبن جي
جلوه گري هجي يا ذاتي مفادن جو ٽڪراءُ هجي. سندن
سفارش کي مڃيو ويو ۽ اپييفئنيَس، دوستن جي ٽياڪڙي
کي مڃيندي، بنا دير روم هليو ويو جتي سندس شايانِ
شان استقبال ڪيو ويو. امن قائم ڪرڻ لاءِ هڪ پادري
جي تقرير کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو پر ڳالهه
اها آهي ته حالتون توڙي خراب هجن يا سُٺيون پر
جنهن تڪليف يا زخم رسايا هجن ان کي معاف ڪرڻ رحم،
معتبري يا وري دورانديشي جي نشاني آهي، ۽ هن
شهنشاهه کي سخت لفظن ۾ تنبيهه ڪئي ته هڪ خطرناڪ
بربر سان مقابلي ڪرڻ کان پاسو ڪري ڇو ته اهڙو قدم
شهنشاهه لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو ۽ خود سندس حڪومت
جي به تباهي جو باعث بڻبو. ائنٿيميَس، پادريءَ جي
گفتن کي غور سان ٻڌو، ان جي سچائيءَ کان به انڪار
نه ڪيو پر هن رسيمر جي ڪردار تي نهايت ئي ڏک ۽
ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ سندس جذباتي طبيعت سندس
ڳالهائڻ ۾ فصاحت ۽ رواني پيدا ڪري ڇڏي، هن چيو:
”هن احسان فراموش ماڻهوءَ لاءِ اسان ڇا ڇا نه ڪيو
آهي؟ هن جي چِڙ ڏياريندڙ روَين کي اسان ڪيترو نه
برداشت ڪيو آهي؟ پنهنجي تخت ۽ تاج جي شان جي
پرواهه نه ڪندي مون پنهنجي ڌيءُ هڪ گاٿَ کي پرڻائي
ڏني؛ مون هن جمهوريه جي امن ۽ بقا لاءِ پنهنجي رت
جي رشتن کي به قربان ڪري ڇڏيو. اسان جي سخا ۽
فياضي رسيمر کي مجبور ڪري ها ته هو اسان جي ويجهو
اچي ها پر لڳي ائين ٿو ته هو پنهنجي محسن تي ويتر
ناراض آهي. هِن شهنشاهت جي خلاف هُن ماڻهن کي
جنگين تي پئي اُڪسايو آهي ۽ الائي ڪيترا نه ڀيرا
هن دشمن قومن جي اسان جي خلاف مدد پئي ڪئي آهي؟ ڇا
آءٌ اهڙي ۽ ايتري قدر مخالف رويي جي باوجود به
سندس ڌوڪيبازي واري دوستيءَ طرف پنهنجو هٿ وڌايان؟
ڇا آءٌ اڃا به اُميد ڪريان ته هو ڪنهن به سمجهوتي
واري معاهدي جي پاسداري ڪندو‘. جنهن اڳ ئي هڪ پٽ
جي حيثيت ۾ به پنهنجن واعدن ۽ معاهدن کي سدائين
پئي ٽوڙيو آهي؟“ پر جيئن ئي ائنٿيميَس پنهنجي اندر
جي ڪاوڙ واري اوٻر کي ٻاڦ جيان ٻاهر ڪڍيو ته فورن
ٿڌو ٿي ويو ۽ ايپيفئنيَس جي مشورن کي هڪدم کڻي
مڃيائين ۽ پادري پنهنجي ماڳ تي مطمئن ٿي موٽيو ته
هن هڪ خوشگوار ماحول پيدا ڪري ڇڏيو هو(105) ۽ هاڻي
کيس يقين هو ته اٽلي ۾ امن امان قائم ٿيندو پر ٻي
طرف کان خلوص ۽ امن لاءِ لڳاتار ڪوششن جي سلسلي ۾
اڃا کيس شڪ ضرور هيا. شهنشاهه جي طبيعت جي نرمي
سندس ڪمزوريءَ مان کين ملي هئي ۽ رسيمر تيستائين
پنهنجا منصوبا پٺتي ڪري ڇڏيا جيستائين هن ڳجهيءَ
طرح پنهنجون انجڻيون تيار نه ڪيون هيون جن ذريعي
هن ائنٿيميَس جي تخت کي اونڌي ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي
ڇڏيو هيو. هن امن ۽ رواداريءَ جو لباس پاڻ تان
لاهي ڇڏيو هو. رسيمر جي فوج ۾ بيشمار برگنڊي ۽
سووِي جا ماڻهو ڀرتي ٿي ويا، هن يونان جي شهنشاهه
سان سڀيئي ناتا رشتا ٽوڙي ڇڏيا، مِلن کان فوجي
لشڪر روانو ٿي روم جي گيٽن تائين پهتو، ۽ ائينو
ندي جي ڪنارن تي پنهنجي ڪئمپ قائم ڪندي، هن
شهنشاهت جي اُميدوار اوليبريَس جو انتظار ويهي
ڪيو.
سينيٽر اوليبريَس جو تعلق ائنيسيَن جي خاندان سان
هيو ۽ هو پاڻ کي اولهه جي شهنشاهت جو جائز حقدار
سمجهندو هو. هن وئلينٽينين جي ننڍي ۾ ننڍي ڌيءُ
پلاسيڊيا سان تڏهن شادي ڪئي هئي جڏهن جينسيرڪ کيس
آزاد ڪيو هو جڏهن ته سندس ڀيڻ يوڊوڪسيا اڃا تائين
سندس پُٽ وٽ يا زال يا وري هڪ قيديءَ جي روپ ۾ بند
هئي. وئندلن جي بادشاهه ڪجھ دڙڪن داٻن ۽ ڪجھ
دوستاڻي انداز سان پنهنجي رومي اتحادي جي دعوائن
جي حمايت ٿي ڪئي ۽ جنگ جو اهم مقصد اهو ٻڌايائين
ته سينيٽ توڙي عوام شهنشاهه جي اختيارن کي مڃڻ کان
انڪار ڪيو هو ۽ اهو ئي سبب هو جو هنن هڪ ڌارئي
ماڻهوءَ کي اهڙي اهميت ڏني هئي جيڪا هن هرگز نه
لهڻي هئي(106). عوام جي دشمن سان دوستي رکڻ تي
اوليبريَس اٽلي جي شهرين ۾ غير مقبول ٿي چڪو هو،
پر جڏهن رسيمر، ائنٿيميَس جي تباهيءَ جو سوچي رهيو
هو ته هن تخت حاصل ڪرڻ لاءِ ان ماڻهوءَ جو شرط
رکيو هو جيڪو پنهنجي شهرت سان هن بغاوت کي جائز
قرار ڏئي سگهي ۽ شاهي اتحاد به حاصل ڪري سگهي.
پلاسيڊيا جي مڙس، جنهن کي سندس ٻين ابن ڏاڏن وانگر
هڪ سفارتي عهدو سؤنپيو ويو هو، کي اها اجازت ڏني
وڃي ها ته هڪ يقيني، محفوظ ۽ شاندار بخت جو مالڪ
بنجي ها ۽ سندس رهائش به شايد پُرسڪون شهر
قسطنطنيہ ۾ هجي ها ۽ هن جي ذهن کي، تڪليفن يا
اذيتن ۾ به اڃا نه وڌو ويو هو جو هو ايڏي وڏي رتبي
وارو عهدو سنڀالي نه سگهي ها پر شرط اهو هو ته
شهنشاهت جي انتظاميه کيس ان قابل سمجهي ها. بهرحال
ٿيو هينئن جو اوليبريس پنهنجن دوستن جي مجبور ڪرڻ
تي راضي ٿيو جنهن ۾ سندس زال جو وڏو ڪردار هو ۽ هو
خانه جنگي جي خطرن ۾ بنا سوچڻ سمجهڻ جي ڪُڏي ڪاهي
پيو ۽ شهنشاهه ليئو جي مخفي مدد يا سازش سان، هُن
اٽلي جو تاج پنهنجي سِرَ تي رکيو جنهن کي بربر
رسيمر جي جوکائتي حمايت پڻ حاصل هئي. جيئن ته
جينسيرڪ کي ان وقت سمنڊ جو بادشاهه يا مالڪ ڪوٺيو
ويندو هو ته اوليبريس کي روينا يا اوسٽيا جي
سامونڊي بندر تي لهڻ ۽ ديرا ڄمائڻ ۾ ڪابه رڪاوٽ
پيش نه آئي ۽ بنا دير هو رسيمر جي ڪئمپ ۾ پهچي ويو
جتي سندس استقبال اولهه جي حاڪم جي حيثيت ۾ ڪيو
ويو(107).
برزگ يا اميرزادو، جنهن اَئينو کان مِلويَن جي پُل
تائين جا علائقا پنهنجي قبضي هيٺ آڻي ڇڏيا هيا، اڳ
۾ ئي روم جي ٽن حصن جو مالڪ هو جنهن ۾ وئٽيڪن ۽
جئنيڪيولم پڻ شامل هيا جن کي ٽائبر ندي شهر کان
جدا ڪري ٿي(108)، ۽ ان ڳالهه جو اندازو شايد لڳايو
ويو هو ته قانوني اليڪشن ڪرائڻ کان ڪافي سينيٽر
ڌار ٿي ويا هيا ۽ اُنهن به ائين ٿي چاهيو جيڪا
اوليبريَس جي خواهش هئي. پر سينيٽ جي گهڻي ڀاڱي
اڪثريت توڙي عوام جي حمايت ائنٿيميَس کي حاصل هئي
۽ وڏي ڳالهه ته گاٿن جي فوج به سندس ڀرپور مدد ڪري
رهي هئي جنهن سبب هو پنهنجي حڪومت کي اڃا تائين
مستحڪم رکيو ويٺو هو پر رعيت جون تڪليفون وڌي ويون
هيون ڇاڪاڻ ته اها خانه جنگي ٽن مهينن تائين جاري
رهي هئي جنهن ڪري ملڪ ۾ ڏڪر پئجي ويو ۽ وبا به
پکڙجي وئي هئي. آخرڪار رسيمر هئڊرئن جي پل تي وڏو
حملو ڪيو پر اُتي سوڙهي لنگهَه تي گاٿن جا پهريدار
موجود هيا جن پُل جي حفاظت ٿي ڪئي پر آخرڪار سندن
اڳواڻ گليمر ويڙهه ۾ مارجي ويو. سوڀ ماڻيندڙ فوجون
هر رڪاوٽ کي ٽوڙي ۽ سخت گوڙ گهمسان ۽ تشدد جي فضا
۾ شهر جي وچ ۾ ڪاهي پيون ۽ روم، (جيڪڏهن اسان ان
وقت جي پادري جا لفظ دهرايون) جو شهر، ائنٿيميس ۽
رسيمر جي خطرناڪ خانه جنگي سبب اُلٽ پُلٽ ۽ تباهه
۽ برباد نظر اچي رهيو هو(109). بدقسمت ائنٿيميَس
کي سندس لِڪڻ واري جاءِ تان ڳولي گهٽين ۾ گهِلي ۽
سندس ناٺيءَ جي حڪم تي کيس دردناڪ طريقي سان قتل
ڪيو ويو ۽ اهڙي طرح ٽئين يا چوٿين شهنشاهه کي قتل
جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو. هڪ فساد برپا ٿي ويو جنهن
۾ فوجي به بلوو برپا ڪندڙ عوام سان ملي ويا ۽ هو
بربرن جي جهنگلي روَين کان بنهه بيزار ٿي بغاوت
ڪرڻ لڳا ۽ ڦُرلٽ جا منظر هر طرف نظر اچڻ لڳا جن کي
ضابطي ۾ آڻڻ هاڻي ناممڪن نظر اچي رهيو هو ڇاڪاڻ ته
فساد برپا ڪندڙ هجوم ۾ غلام به هيا ته ڪڙمي ڪاسبي
پڻ شامل ٿي ويا هيا جن کي شايد اها خبر به ڪانه
هئي ته ٿيو ڇا هيو، بس هو رڳو هر طرف ڦُرمار جي
راند ۾ مصروف ٿي ويا هيا ۽ شهر جو ڄڻ ته مُنهن
ڪارو ٿي ويو هيو، هر طرف بربادي ۽ تباهي نظر اچي
رهي هئي، هڪ طرف ظلم جي بازار گرم هئي ته ٻي طرف
شراب نوشي ۾ مست مگن ٿي ماڻهو رڳو بيحيائي ۽
بيهودگيءَ تي مائل ٿي نظر آيا(110). هن منحوس
موقعي کان چاليهه ڏينهن پوءِ، شان ۽ شوڪت جي بجاءِ
وڌيڪ بدبختي نازل ٿي ۽ آمر رسيمر طرفان، اٽلي ۾ هڪ
عذاب ۾ مبتلا ڪندڙ بيماري کي ڦهلايو ويو ۽ رسيمر
اقتدار کي ڇڏي ان جي واڳ پنهنجي ڀائٽيي گنڊوبالڊ
جي حوالي ڪئي جيڪو برگنڊي جو شهزادو هو، ساڳئي
سال، هن انقلاب جا سڀيئي اهم ڪردار اسٽيج تان هٽي
ويا ۽ اوليبريس جي حڪومت جو سڄو دؤر، جنهن جو موت
ڪنهن به تشدد جي ڪاروائي سان نه ٿيو هو، فقط ستن
مهينن تائين مَس هليو. هن پوئتي فقط هڪ ڌيءُ ڇڏي
جيڪا سندس زال پلاسيڊيا جو اولاد هئي جنهن جو تعلق
عظيم ٿوڊوسيَس جي خاندان سان هيو ۽ هي خاندان
اسپين مان لڏي قسطنطنيہ ۾ رهائش پذير ٿيو هو.
اهڙيءَ طرح هڪ عورت جي پيڙهي سندن اٺين نسل سان
لاڳاپيل هئي(111). |