سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:17

جيئن ئي بربرن پنهنجي طاقتور حمايت ڪرڻ ڇڏي ڏني ته آرين جي لادينيت، نفرتن ۽ ويساري جي وهڪري ۾ لُڙهي وئي. پر يونانين پنهنجي مد براڻي ۽ تقرير بازي واري پنهنجي سڃاڻپ کي برقرار رکيو ۽ هڪ اهڙو اصول يا ضابطو جيڪو وقتائتو نه هيو، ان کي ٻيهر جيارڻ سان نوان سوال اٿيا ۽ نوان فتنا پيدا ٿيا ۽ اهو سدائين اميرن، ويراڳين ۽ پادرين جي وَس ۾ هوندو هو ته جڏهن وڻندو هين تڏهن ڪليسا توڙي پوري شهنشاهت جي امن امان کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندا هيا. شهنشاهت جو تاريخدان شايد اُنهن جهڳڙن ۽ فسادن جي قصن کي نظر انداز ڪري ڇڏي جن جو تعلق فلسفي جي اسڪولن يا پئنچائتن سان هيو. مئنيڪيَنس، جن جي ڪوشش هئي ته ڪنهن طرح سان حضرت عيسيٰؑ ۽ زرتشت جي مذهبن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻجي، چپ چاپ ۾ صوبن جي اندروني علائقن ۾ پکڙجي ويا هيا پر هي ٻاهريان ڪٽر مذهبي ماڻهو دليل بازن جي لاءِ آزار ۽ بي عزتي جو باعث بڻيل هيا ۽ شاهي قانون وري اهڙا هيا جن تي عمل ڪرڻ سان ماڻهن ۾ نفرت وڌي ويندي هئي. پليجيَنس جي دليلن واري فلسفي جي، برطانيه کان وٺي روم، آفريڪا ۽ فلسطين تائين مشهوري ڪئي وئي پر اُهي اثر انداز نه ٿي سگهيا ۽ وهمن وسوسن جي گمناميءَ ۾ غرق ٿي ويا. پر مشرق وري نستوريَن ۽ يوريچيَن تضادن جي ور چڙهي ويو هيو جن وري ٻيهر انساني روپ وٺڻ جي رازن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ۽ سندن ڪوششن عيسائيت کي پنهنجي ئي گهر ۾ تباهه ٿيڻ جو پورو بندوبست ڪري ڇڏيو هو. هي تضادَ پهريون ڀيرو ننڍي ٿوڊوسيَس جي دؤر ۾ اُڀريا هيا پر اُنهن جا نتيجا اهڙا نڪتا جيڪي شايد ڪتاب جي هن جلد کان وڌي گهڻو اڳتي هليا وڃن. مابعدالطبيعات يا ڳوڙهي فلسفي جا بحث مباحثا، ڪليسائي چٽاڀيٽي ۽ تضاد ۽ بازنطيني شهنشاهت جي زوال تي سندن اثر شايد تاريخ کي مرتب ڪرڻ لاءِ دلچسپ مواد مهيا ڪن ۽ اهو سلسلو ايفيَس ۽ ڪالسيڊن جي عمومي ڪائونسلن کان وٺي ﷴ ﷺ جي شيداين طرفان اوڀر جي فتحن تائين هليو ٿو وڃي.

باب ستٽيهون

 

(حاشين بابت وضاحتون)

(1)                               ويراڳين جي اداري جي شروعات جو ذڪر وڏي محنت سان ٿوماسن (انگريزن جو نظم ۽ ضبط i,1419-1426) ۽ هيلاٽ (ويراڳين جي تاريخ جو سلسلو (i,1-66 ۾ ڪيو آهي. هي ٻئي مصنف وڏا عالم ۽ ايماندار آهن. ۽ اُنهن جو پاڻ ۾ نظرياتي اختلاف هن موضوع کي اڃا وڌيڪ واضح ٿو ڪري. تنهن هوندي به ڪو پروٽيسٽنٽ مصنف وڌيڪ احتياط ڪندي پادري مصنفن تي اعتبار نٿو ڪري، تنهن ڪري بِنگهم جو ستون ڪتاب ’عيسائن جي قديم تاريخ‘ جو مطالعو ضرور ڪيو وڃي.

(*)     (معمولي).

(2)                             ڏسو يوسيبيَس کي ’انجيل جي وضاحت‘ ۾ (i,20-21 جنهن کي گريس رابنسن اسٽفاني، پئرس ۾ 1545ع ۾ ايڊٽ ڪيو). پنهنجي ڪليسائي تاريخ ۾ جيڪا يوسيبيَس جي ڪتاب ’انجيل جي وضاحت‘ کان ٻارهن سال پوءِ ڇپي هئي، ان ۾ ٿيراپيٽي جي عيسائيت جي موقف جي تائيد ڪئي وئي آهي، پر هو ان ڳالهه کان بيخبر رهيو آهي ته اهڙو ئي هڪ ادارو مصر ۾ وري شروع ڪيو ويو هو.

(3)                             ڪئسين (xviii,5) سينوبائيٽس (ويراڳين جو اُهو طبقو جيڪو ماڻهن سان ملڻ جلڻ کي عيب نٿو سمجهي) جي اداري جي اصل بابت لکڻ جي دعويٰ ٿو ڪري. هي ادارو هڪ دفعو تباهيءَ طرف وڃي وري جيئَرو ٿي پيو ۽ کيس جيارڻ جو ڪارنامو ائنٽني ڪيو ۽ ان جي پوئلڳن اڃا ان کي اڳتي وڌايو.

()      ائنڪورائيٽس (ويراڳين جو اهو ٽولو جيڪو عام ماڻهن سان نه رڳو ملڻ جلڻ کي پسند نٿو ڪري پر اُنهن کان ڪوهين دؤر ويرانن ۾ وڃي ٿو رهي ته جيئن دنيادار ماڻهن جو پاڇو به مٿن نه پوي).

(4)                             ’خدائي فلسفو اسان جي وڏي ۾ وڏي ملڪيت آهي جيڪو انسان ذات کي عطا ٿيو آهي‘. هي لفظ سوزومين جا آهن جيڪو وڏي تفصيل ۽ خوشدليءَ سان ويراڳين يا سنياسين جي فلسفي تي روشني وجهي ٿو. (i,12-14) (ڏسو سوئسر، ڪليسائي تاريخ- (ii,1441 ڪجهه جديد ليکڪن جيئن لِپسيَس (iv,448 اسٽائڪن جو فلسفو ii,13) ۽ لاموٿيلا ويئَر (ٽام- ix، ڊي- لاورٽو ڊيس پينس، صفحا 228-262) انهن ليکڪن ويراڳين ۽ تياڳين جي جدا جدا ٽولن جو ذڪر ڪيو آهي.

(5)                              ڪارميلائيٽس جو حسب نسب حضرت الياسؑ پيغمبر سان ٿو وڃي ملي (ڏسو بيزيئرس جو اهم تحريري ڪم جيڪو 1682ع ۾ ڇپيو) روم ۽ اسپين ۾ ملحدن خلاف پڇا ڳاڇا ۾ فلانڊرس جي جيسُئسٽس خلاف لاديني تنقيد کي خاموش ڪرايو ويو هو (هيلاٽ- ويراڳين جي تاريخ، i,282-300) حضرت الياسؑ جو مسجمو ’ڪئميلائيٽ جي عنوان سان سينٽ پيٽر جي ڪليسا ۾ نمايان ڪري بيهاريو ويو آهي. (سامونڊي سفر، لباٽ- iii,87).

(6)                             پلني، فطري تاريخ (v,15) هو اُنهن کي ڍنڍ جي زهريلي اثر کان اڳتي وٺي وڃي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو ته اِنگادي ۽ مسادا ويجهي ۾ ويجها شهر هيا. سينٽ ساهَس جي جهوپڙي ۽ سندس خانقاهه هن هنڌ کان گهڻو پري نه هيون. (ڏسو ريلنڊ، فلسطين جي تاريخ، i,295,ii,763,874,880,890).

(7)                             ڏسو اٿنئسيَس (ii,450-505 ۽ پئٽرم 1628 صفحا 26-74 جن ۾ روسويڊ طرفان ڪجھ واڌارا ڪيا ويا آهن) پهرئين جو تعلق يونان ۽ پويون تمام قديمي لاطيني نسخو آهي جنهن کي اِوئگريَس لکيو جيڪو سينٽ جيروم جو دوست هيو.

(8)                             ’هن لکڻ پڙهڻ کي سکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو‘. (اَٿنئسيَس ٽام ii، سينٽ انٽونيو ۾ ص 452) ۽ ان ڳالهه جي ڪيترن ئي قديمين توڙي جديدين تصديق ڪئي آهي ته هو پورو پورو جاهل هيو. پر ٽليمانٽ (ڪليسائي يادگيريون vii,666) ڪجھ دليلن سان اسان کي ٻڌائي ٿو ته هو ڪاپٽڪ ٻوليءَ ۾ پڙهي لکي سگهندو هو جيڪا هن جي مادري زبان هئي، پر اها پڪ آهي ته کيس يوناني زبان ڪانه ايندي هئي. فيلسوف سنيسيَس (ص 51) اها ڳالهه تسليم ٿو ڪري ته ائنٽني ذهني طرح ايترو تيز هو جو کيس لکڻ پڙهڻ جي ڪا ضرورت ئي ڪانه هئي.

(9)                             ’هن وٽ ٽي سؤ اروري زمين هئي. (وٽ پئٿرم i,36) جيڪڏهن ارورا هڪ سؤ مصري چؤڪور ڪيوبٽس جي برابر هجي (روسويڊ وٽ پئٽرم صفحا (1014-1015) ۽ مصر جي هر دؤر جو ڪيوبٽ ٻاويهن انگريزي انچن جي برابر هجي (گريوز i,233) ته پوءِ ان حساب سان ارورا انگريزي ايڪڙ جي ٽئين حصي جي برابر وڃي ٿيندو.

(10)                      جيروم، خانقاهه جو چڱيءَ طرح تذڪرو ڪيو آهي. وٽ هلئرين ۾ i,248-249 ۽ پي سڪارڊ (پرچارڪن جي تذڪري ۾، v-122-200). پر سندن احوال هڪ ٻئي سان ڀيچي ئي نٿو، پيءُ پنهنجون تصوراتي تصويرون پنهنجي اندر ۾ ٺاهيون ۽ جيئسٽ پنهنجي تجربي سان اڳتي وڌيو.

(11)                        جيروم 1,146 (22) (لاسيئڪ جي تاريخ باب 3، وِٽ پئٽرم ۾ ص 712) پي اسڪارڊ اتي ويو جتي هن بيابان جو تذڪرو ڪيو آهي. جتي چار خانقاهون ۽ ويهه يا ٽيهه ويراڳي موجود هيا. (ڏسو ڊي ائنوِل (مصر جي تذڪري ۾ ص 74).

(12)                      تابين، نيل نديءَ جي ٽئنٽريا جي ضلعي ۾ هڪ ننڍو ٻيٽ آهي جيڪو جديد شهر گِرج ۽ قديم ثيبس جي ويرانن جي وچ تي آهي. (ڊي، ائنوِل، ص 194) ايم، ڊي ٽليمانٽ کي شڪ ٿو پوي ته اها جڳهه ٻيٽ هيو يا نه، پر مون سندس ئي بيان ۽ ٻڌايل حقيقت مان اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته اوائلي نالو بعد ۾ هڪ وڏي خانقاهه تي رکيو ويو هو. (ڪليسائي يادگيريون، vii,678,688).

(13)                      ڏسو اصول ۽ ضابطا، (جن کي لوڪاس هولسٿينيَس روم ۾ ڇپرايو هو. (1661) جيڪو جيروم جي لاطيني ڪتاب ’پيچوميس جي حڪومت‘ جي مهاڳ ۾ لکيو ويو هو. (i,61).

(14)                      روفن، باب 5 (وٽ، پئٽرم ۾، ص 459) هو اُنهن کي ياد ڪري ٻارهن ڪليسائن جو ذڪر ٿو ڪري. اسٽرابو (xvii,1166) ۽ اميئينـَس (xxii,16) آڪسرنچَس جي ماڻهن جو احترام سان ذڪر ڪيو آهي. جنهن جا رهواسي هڪ شاندار مندر ۾ هڪ ننڍي مڇيءَ کي پوڄيندا هيا.

(15)                       روفن، باب 7 (وٽ، پئٽرم ۾، ص 461. هو بهتر تبديليءَ تي پنهنجي طرفان ماڻهن کي مبارڪون ٿو ڏئي).

(16)                      جيروم، روم ۽ اٽلي جي خانقاهي زندگيءَ جو بلڪل مختصر احوال ڏنو آهي. (i,119-20,199).

(17)                      ڏسو هلئريَن جي زندگي جنهن کي سينٽ جيروم بيان ڪيو آهي. (i,241,252) پال، هلئريَن ۽ مئلچَس جا قصا جيڪي ساڳئي مصنف بيان ڪيا آهن پر اُنهن ۾ جيڪو نقص آهي ته اهڙن سهڻين ڪهاڻين ۾ سچ ۽ عام فهم وارين ڳالهين جي کوٽ آهي.

(18)                      سندس ڀاڄ سزئريا مان نه پر اِرسِ ندي جي ڪنارن تي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ٿي هئي. سندس خانقاهي زندگي جا ڏهه يا ٻارهن سال اجائي خيالن ۾ ضايع ٿي ويا هيا. ڪجھ نقادن سندس درويشي اصولن جي يقيني هئڻ تي شڪ جو اظهار ڪيو آهي، پر ٻاهريون شاهديون وڌيڪ وزندار آهن ۽ اُنهن کي اهو ثابت ڪرڻو آهي ته اهو ڪم ڪنهن سچي ماڻهوءَ يا وري ڪنهن نقلي ماڻهوءَ جو آهي. ڏسو ٽليمانٽ (ڪليسائي يادگيريون، ix ص، 633-644) هيلاٽ (خانقاهي تاريخ جو سرشتو، i,175-181).

(19)                      ڏسو سندس زندگيءَ کي ۽ سلپيشيَس سيورَس جي جملن تي به غور ڪريو جيڪو چوي ٿو (گفتگو، i,16) ته روم جا ڪتاب فروش، سندس مشهور ڪتاب وڪرو ڪري ڏاڍا خوش رهندا هيا.

(20)                    جڏهن هلئريَن پئريٽونيم کان ڪيپ پئچنَس طرف سامونڊي سفر ڪيو ته هن پنهنجي مسافريءَ جو ڪرايو پاڪ ڪتابن جي صورت ۾ ڏيڻ چاهيو. گال جو هڪ ويراڳي پوسٿومين جيڪو مصر ويو هو، ان ڏٺو ته هڪ سامونڊي جهاز اليگزئنڊريا کان مرساءِ روانو ٿيڻ وارو هو ۽ ان ٽيهن ڏينهن ۾ پنهنجو سفر پورو ڪيو. (سلپيشيَس سيورَس گفتگو، i,1) اٿنئسيَس، جنهن سينٽ ائنٽني جي زندگيءَ بابت ٻاهريَن ويراڳين کي ڪجھ ٻڌايو هو، ان تڪڙ ۾ ڪي خوبصورت جملا لکي ورتا ته جيئن جهازن جي رواني ٿيڻ وقت هو به جلد تيار ٿي سگهن. (ii,451).

(21)                      ڏسو جيروم (i,126) مشرق جو انجيل (vi,92,857,919) ۽ گيڊس (اٿوپيا جي ڪليسائي تاريخ، صفحا 29-31) حبش جا ويراڳي قديم ادارن کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا.

(22)                    ڪيمڊين جو برٽئنيا (i,666-667).

(23)                    علم يا ڄاڻ ذريعي جيترو ۽ جيڪو ڪجھ به اونداهي دؤر مان حاصل ڪري سگهجي ٿو سو وڏي پادري اُشر ڪڍي ورتو. (برطانيه جون قديم ڪليسائون، xvi,425-503).

(24)                    آيونا، جيڪو ننڍو پر ويران هنڌ ناهي جنهن جو ٻيو نالو ڪولمبڪل آهي ڊيگهه ۾ ٻه ميل ۽ ويڪر ۾ هڪ ميل آهي، سو هنڪري مشهور آهي: (1) سينٽ ڪولمبيا جي خانقاهه جنهن جو بنياد 566 عيسوي ۾ وڌو ويو هو ۽ جنهن جي سرواڻ ڪئليڊونيا جي پادرين خلاف سخت قدم کنيا هيا. (2) معياري لائبرري جنهن مان اها اُميد پيدا ٿي هئي ته شايد لِوي جا سڀئي ڪتاب اُتي موجود هجن. (3) سٺ بادشاهن جا مقبرا جن ۾ اسڪاٽلئنڊ، آئرلئنڊ، ۽ ناروي جا بادشاهه دفن آهن ۽ جن جي پنهنجي خواهش هئي ته اُهي هن پاڪ زمين ۾ ابدي آرام ڪن. (ڏسو اُشر کي، صفحا 311,360-370) ۽ بڪانن جو به مطالعو ڪجي (جنهن ڪتاب اسڪاٽ ڇپرايو جنهن کي رُڊيمئن ايڊٽ ڪيو).

(25)                     ڪرسوسٽم (دعا ۽ رحمتن واري ايڊيشن ۾) خانقاهي زندگي جي تعريف ۽ ان جي حمايت ۾ پنهنجا ٽي ڪتاب ارپي ڇڏيا آهن. هو حضرت نوحؑ جي ٻيڙي جو مثال ٿو ڏئي ۽ سندس عقيدو آهي ته طوفان وڪوڙيل ان ٻيڙيءَ ۾ ويراڳين کان سواءِ ٻيو ڪو به نه بچندو. (i,55-56). پنهنجي تحرير ۾ هر جڳهه تي هو رحم دل نظر ٿو اچي. (iii,83-84) ۽ مختلف شاندار نشانين جو ذڪر ٿو ڪري جيئن سج، چنڊ، ۽ تارا. بادشاهه ۽ ويراڳي جي پاڻ ۾ دلچسپ ڀيٽ ڪندي (iii,116-121) هو اندازو ٿو لڳائي (جيڪو شايد مناسب نٿو لڳي) ته بادشاهه کي ڪو انعام ته مشڪل ملي پر جڏهن کيس سزا ملندي ته اُها تمام سخت هوندي.

(26)                    ٿوماسن (انگريزن جو نظم ۽ ضبط، i,426-469) ۽ مئبيلان (مرڻ کان پوءِ شايع ڪيل تحرير، ii,115-158) تياڳي، ڪليسائي وڏن رتبن وارا ليکيا ويندا هيا.

(27)                    مڊلٽن (i,110) ڪرسوسٽم جي تحريرن توڙي سندس روَيي جي مذمت ٿو ڪري جيڪو هونئن خانقاهي زندگي جو وڏي ۾ وڏو وڪيل ۽ تقرير جو ماهر رهيو آهي.

(28)                    جيروم جي اهم تحريرن ۾ ڪن خاص عورتن جو به ذڪر ڪيل آهي ۽ خاص طرح هن پالا جي لاءِ هڪ ڪتبي تي وڏو مضمون لکيو هو ((108) (i, 169-192 ان کي واضح ۽ وڏين مدح سراين ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سندس تعارفي بيان کِلڻ جهڙو ۽ وڌاءَ تي مبني آهي. جيڪڏهن منهنجي جسم جا سڀئي حصا زبانن ۾ بدلجي وڃن ۽ منهنجن سڀني عضون مان انساني آوازَ اچڻ شروع ٿي وڃن ته پوءِ ڀي شايد آءٌ ان قابل نه هوندس ته سندس تعريف جو حق ادا ڪري سگهان.‘

(29)                    جيروم (i, 140 ۽ يوسٽوچيم) روفينس (هيرونيَم ۾ (iv, 223 جنهن تي بيجا تنقيد نه ڪئي وئي هئي. پنهنجي دشمن کان پڇي ٿو ته: ’ڪهڙي لاديني شاعر کان هن اهڙو ناپاڪ ۽ فضول اظهار جو طريقو چوري ڪيو هو؟‘

(30)                    ٿوماسن (انگريزن جو نظم ۽ ضبط، (iii, 1094 جنهن مصر جي ماڻهو آرسينسِس تي الزام مڙهيو هو، ان مڃيو هو ته هن ڌنار جي مقابلي ۾ هڪ ويراڳي جي حيثيت ۾ وڌيڪ سُکي ۽ خوشگوار زندگي گذاري هئي. ڏسو ٽيلمانٽ (ڪلسائي يادگيريون (xiv, 679.

(31)                      ڊومينيڪا جي هڪ ويراڳي (لباٽ جو سامونڊي سفر، (i, 10 جيڪو ڪاڊز ۾ رهندو هو، پنهنجن برادري وارن ۾ ڳالهيون ڪندي کيس معلوم ٿيو ته سندس ننڊ آرام ۾ ڪڏهن به خلل نه آيو هو توڙي جو رات جو هن عبادتون ڪيون هيون ته ان ڳالهه جو کيس سخت افسوس ٿيو.

(32)                    لوڪس هولسٽينيَس جو اصولن ۽ متن بابت لکيل هڪ مهاڳ ڏسو. شهنشاهن جي اها ڪوشش هوندي هئي ته ذاتي توڙي حڪومتي ڊيوٽين ڏي پوريءَ طرح توجهه ڏين پر جيڪي ڪمزور ماڻهو هيا اُهي آسانيءَ سان وهمن وسوسن جي لهرن منجهه لڙهي ويندا هيا، هن سلسلي ۾ جسٽينين ويراڳين جي اُميدن کان به اڳتي وڌي ويو. (ٿوماسن، (i, 1782-1799 ۽ بنگهم (vii, 3, 253.

(33)                    خانقاهي ادارن، خاص طرح اُهي جن جو 400ع ۾ مصر سان تعلق هيو، جو ذڪر چئن مدبر ۽ مذهبي سياحن وڏي چاهه سان ڪيو آهي. روفينَس (وٽ- پئٽرم (ii, iii, 424, 536 پوسٿومين (سلپيشيَس سيورَس، گفتگو-(I پئليڊيَس (تاريخ، لازيئق، وٽ، پئٽروم ۾، صفحا 709-863 ۽ ڪئسيَن (ڏسو ٽام ۾ (vii ادارن بابت هن جا پهريان چار ڪتاب ۽ اجلاس گهڻو ڪجهه ٻڌائن ٿا.

(34)                    مئلچَس جو مثال (جيروم، (i, 256 ۽ ڪئسين توڙي سندس دوست جي ڊيزائن (xxiv-1) سندن آزاديءَ جون اهڙيون شاهديون آهن جن کي رد نٿو ڪري سگهجي. جنهن کي ايراسمَس پڻ جيروم جي زندگيءَ ۾ بيان ڪيو آهي ڏسو ڪالڊرن کي (عيسائي رسمن جي تاريخ ۾، (vi, 279-300.

(35)                     جسٽينين جي قانونن کي ڏسو نوويل- cxxiii نمبر 42 ۽ ساڳي وقت نيڪ لوئس جو مطالعو به ڪيو وڃي، (فرانس جي تاريخ ۾، (vi, 427 ته ساڳئي وقت فرانس جي پنهنجي قانون مطابق به ان کي ڏسجي. (ڊينيسارٽ- iv, 855 وغيره)

(36)                    قديمي متا ۽ اصول جن کي پارسا ائنيئينيمس گڏ ڪيو هو ۽ جنهن کي نائين صدي عيسوي جي شروعات ۾ سناسين يا ويراڳين جو سُڌارڪ چيو ويندو هو، سندس تحريرن کي سترهين صدي عيسوي ۾ ليوڪس هولٽينيَس ڇپرايو هو، ان ۾ مردن ۽ عورتن لاءِ ٽيهارو کن مختلف اصول ۽ قاعدا بيان ڪيل آهن. هنن منجهان، ستَ مصر ۾، هڪ مشرق هڪ ڪپاڊوشيا، هڪ اٽلي، هڪ آفريڪا، چار اسپين، اٺَ گال، يا فرانس ۽ هڪ انگلنڊ ۾ شايع ٿيو هو.

(37)                    ڪولمبئنَس جي اصول، جيڪو اولهه ۾ ڪافي مشهور هو، مطابق ننڍن ڏوهن تي مجرم کي هڪ سؤ ڦٽڪا هنيا ويندا هيا (متا ۽ اصول، (ii, 174 چارليمئگني کان اڳ ويراڳين جا سرواڻ پنهنجن سنياسين کي زخمي ڪري سندن شڪل بگاڙي ڇڏيندا هيا يا وري سندن اکيون ڪڍي ڇڏيندا هيا ۽ هيءَ سزا هڪ اونهي غار جهڙي تهه خاني واري عقوبت کان گهٽ ظالماڻي هوندي هئي. مئبيلن جو هڪ تعريف جوڳو مڪالمو ڏسو (پوسٿوميَس (ii, 321-336 جيڪو هن موقعي تي انسانيت جي جذبن کان گهڻو متاثر ٿئي ٿو. اهڙي ڪوشش ڪرڻ لاءِ، مان کيس وينڊوم جي پاڪ ڳوڙهن ڳاڙڻ لاءِ، معاف ڪري سگهان ٿو. (صفحا 399-361).

(38)                    سلپيشيَس سيورَس، گفگتو i, 12-13, 532) وغيره) ڪئسيَن ادارو (iv, 26-27) ’پهريون ۽ خاص اخلاق فرمانبرداريءَ جو آهي.‘ بزرگن جي قولن ۾ (وِٽ، پئٽرم، (v, 617 چوڏهون مڪالمو فرمانبرداريءَ بابت آهي ۽ جيسئِسٽ روسويد جنهن پنهنجي ڪتاب جو هڪ وڏو جلد فقط سنياسين لاءِ ڇپرايو هو، ان ڪوشش ڪري هيڏي هوڏي ٽڙيل پکڙيل مواد جمع ڪري هڪ وڏي فهرست شايع ڪرائي هئي.

(39)                    ڊاڪٽر جارٽن (ڪليسائي تاريخ تي تبصرو، (iv, 161 ڪپاڊوشيا جي ويراڳين جي فضول ۽ بدناميءَ واري طاقت کي محسوس ڪيو جنهن جو مظاهرو ڪرسوسٽم جي ملڪ نيڪالي وقت ڪيو ويندو هو.

(40)                    ڪئسيَن سادگي پرڪشادگيءَ سان مصر جي خانقاهي عادتن کي بيان ڪيو آهي. (ادارو، ڪتاب- i) جنهن سان سوزومين هڪ تمثيلي يا استعاراتي معنيٰ پنهنجي طرفان منسوب ڪئي آهي.

(41)                      پارسائيءَ جو قانون نمبر 55 (متا ۽ اصول، (ii, 51

(42)                    فيرولَس جو اصول ڏسو جيڪو اُفيز جو پادري هو. (متن ۽ اصولن جو نمبر 31، 136 (ii, ۽ اِسيڊور سيوائل جي پادري جا اصول (متا ۽ اصول، نمبر 13، 214 (ii,.

(43)                    هٿن ۽ پيرن لاءِ ڪجهه رعايت حاصل ڪئي وئي هئي، ’پر ڪوبه پاڻ کي مرهم تيسين نٿو لڳائي جيستائين سندس جسم بلڪل ڪمزور ٿي وڃي يا وري پنهنجي اگهاڙي جسم کي تيستائين ڪوبه نٿو ڌوئي جيستائين مٿس جسماني سُستي غالب نه اچي وڃي. (پيچوميَس جا اصول، (xcii, i, 78

(44)                    سينٽ جيروم سخت پر ڪجهه نادانيءَ جهڙن لفظن ۾ روزي رکڻ يا مانيءَ کان پرهيز ڪرڻ جي اهميت تي روشني وجهي ٿو. سندس لفظ: ”الله تعاليٰ جيڪو سڄي ڪائنات جو خالق ۽ جڳ جهان جو مالڪ آهي، ان کي اسان جي سکڻي پيٽ رهڻ يا بُک ڪاٽڻ جي ڪا پرواهه ڪانه آهي، پر روزو اسان جي لاءِ انڪري بيحد ضروري آهي ته اسان ٻي ڪنهن به طريقي سان پنهنجي شرمساريءَ کي لڪائي نٿا سگهون.“ (ايسٽوچيَم (i, 137 ڪئسين جا مسودا وغيره.

(45)                     ’يونانين ۾ ڍؤ ڪري کائڻ کي هٻڇ ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو جڏهن ته گالن ۾ گهڻو کائڻ سندن فطرت ۾ شامل آهي.‘ (گفتگو، (i, 4, 521 ڪئسين تسليم نٿو ڪري ته گال ۾ مانيءَ کان پرهيز ڪرڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته آبهوا به اهڙي آهي ٻيو وري اسان ۾ ڪجهه ڪمزوريون به آهن. (ادارو- (iv, 11 مغربي اصولن موجب ۽ خاص طرح ڪولمبئنَس ته نهايت ئي سادگي پسند آهي ڇو ته سندس تعليم ئي آئرلئنڊ جي مفلسيءَ جي دؤر ۾ ٿي هئي، تنهنڪري هو سخت ۽ ايتروئي غير لچڪ آهي جيترا مصر جا ماڻهو فطري طور کائڻ پيئڻ ۾ اعتدال پسند آهن، سيوائل جي اسيڊور جو اصول اعتدال وارو آهي تنهنڪري هو گوشت واپرائڻ جي تلقين فقط موڪل وارن ڏينهن تي ڪري ٿو.

(46)                    ’اُهي جيڪي فقط پاڻي پيئَن ٿا، ۽ نشاستي واري کاڌي کان محروم رهن ٿا ته اُنهن کي گهُرجي ته اُهي گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ پائونڊ ماني يا بريڊ هر روز کائن.‘ (جيلن جي حالت، ص 40 جنهن کي هوورڊ لکيو ۽ 1777ع ۾ ڇپيو.

(47)                    ڏسو ڪئسين جو مسودو (ii, 19-21) فقط ننڍا مانيءَ جا ٽُڪر يا ڇَهن آئونسن جي تور جيترا بسڪوٽ کائڻ جي اجازت هوندي هئي. (روزويد، ص 1045) پيچوميَس بهرحال تياڳين کي کاڌي کائڻ جي ڪجهه وڌيڪ رعايت ڏني وئي هئي پر پوءِ سندن ڪم ڪرڻ جو وقت، مانيءَ جو حساب مطابق وڌايو ويو هو. (پلاڊ، لاسيئڪ جي تاريخ ۾، باب 39-38، وٽ پئٽرم، 737-736 (viii,.

(48)                    ان موقعي تي ڏسو سيرينَس، جيڪو مصر جي خانقاهن جو سرواڻ هو، جنهن ڪئسيَن کي پنهنجي دعوت ۾ گهرايو هو. (مسودن جي ڀيٽ- 1 (viii,.

(49)                    ڏسو سينٽ بينڊڪٽ جي قانون کي (نمبر 40-39). (متا ۽ اصول، 42-41 (ii, ’توڙي جو اسان پڙهيو آهي ته شراب ويراڳين جي کاڌي پيتي ۾ شامل هو، پر تنهن هوندي به کين ان جي لاءِ مجبور نه ڪري سگهبو هو.‘ هو کين رومي هيمينا جيتري اجازت ڏئي ٿو جنهن جي تصديق آرٿيناٽ جي ڏنل چارٽ مان ڪري سگهجي ٿي. (جان آرٿيناٽ 1435-1667 جيڪو رياضي دان ۽ وڏو حڪيم به هيو جنهن سِڪن جو چارٽ شايع ڪرايو هو، ماپ ۽ تور، 1727ع).

(50)                     اهڙو اظهار جيئن منهنجو ڪتاب، منهنجو برقعو، منهنجو جوتو (ڪئسيَن، ادارو، 13 (iv وغيره مغربي ويراڳين ۾ گهٽ سختيءَ سان منع ٿيل نه هوندو هو. (متا ۽ اصول، (ii, 174, 235, 288 ۽ ڪولمبئنَس جي قاعدي موجب ان قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي کين ڇَهن ڦٽڪن جي سزا ملندي هئي. قديمي خانقاهن جو مصنف جيڪو هاڻوڪن ويراڳين جي بيوقوفيءَ جي نفاست تي طنز مان کلي ٿو، ان حقيقت کان شايد اڻ واقف آهي ته قديمين جا طور طريقا به اوترائي حماقتن وارا هوندا هيا.

(51)                       ڪليسائي سائنس جا ٻه وڏا معتبر ماڻهو، هڪڙو ٿوماسن (انگريزن جو نظم ۽ ضبط، (iii, 1090-1139 ۽ ٻيو مئبيلن (قديم ويراڳي، (i, 116-155 سنياسين جي هٿَ جي پورهئي جو جائزو ورتو آهي. ٿوماسن ان کي هڪ خاصيت يا اهليت ٿو ڪوٺي ۽ مئبيلن ان کي ڊيوٽي جو نالو ٿو ڏئي.

(52)                     مئبيلن (قديمي ويراڳي، 55-47 (i, وڏيون دلچسپ حقيقتون پاڻ وٽ جمع ڪيون آهن، جن موجب اوڀر توڙي اولهه ۾ ادبي ڪمن ۽ اُنهن تي ٿيل محنتن کي بيان ڪيو ويو آهي، ڪتابن کي مصر جي قديم خانقاهن ۾ نقل ڪيو ويندو هو. (ڪئسين، ادارو، (iv, 12 ته ساڳي وقت اهو ڪم سينٽ مارٽن جا پوئلڳ پڻ ڪندا هيا. (سلپيشيَس سيورَس، وِٽ مارٽن ۾، (7,473 ڪئسيوڊورَس تياڳين جي مطالعي لاءِ سٺو موقعو فراهم ڪيو آهي ۽ اسان بدناميءَ جي ڪابه پرواهه نه ڪنداسين، جيڪڏهن سندن قلم هيڏي هوڏي يعني ڪرسوسٽم ۽ آگسٽائين کان هومر ۽ ورجل تائين پئي رُليو هوندو.

(53)                     ٿوماسن (انگريزن جو نظم ۽ ضبط (iii, 18, 145-46, 171-79) شهري ۽ عام قانون جي انقلاب جو جائزو ورتو آهي. جديد فرانس ان موت جي تصديق ڪئي آهي جيڪو سنياسين پنهنجي پاڻ تي لاڳو ڪيو هو، تنهنڪري انصاف موجب کين وراثت جي حق کان محروم ڪيو ويو هو.

(54)                     ڏسو جيروم کي (i, 176, 183) ويراڳي پامبو، ميلانيا کي زبردست جواب ڏنو هو جنهن پنهنجي تحفي جي قيمت جو ڪاٿو ڪرڻ ٿي چاهيو. ’تون اهو تحفو مون کي ڏيڻ ٿو چاهين يا خدا تعاليٰ کي؟ جيڪڏهن خدا پاڪ کي ته پوءِ ٻُڌ ته جيڪا هستي جبلن ۽ پهاڙن کي لوڏي سگهي ٿي ته ان کي ان ٻڌائڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي ته تحفي جي قيمت ڪيتري آهي. (لاسئنڪ جي تاريخ، وِٽ پئٽرم جو باب، 10، (viii, 715

(55)                      ذوسيمَس (v, 325) ان هوندي به اوڀر جي تياڳين جي دولت بينيڊڪٽائين جي شاهي شان کان به وڌيڪ هئي.

(*)     (اُنهن پاڻ کي ظاهرڪيو).

(56)                     ٽُرلو ۽ بيورج ۾ منعقد ٿيل ڇهين جنرل ڪائونسل هڪ قانون پاس ڪيو (نمبر (i, 213, xivii جنهن موجب مردن ۽ عورتن کي ڪنهن به خانقاهه ۾ گڏ رهڻ کان سختيءَ سان منع ڪئي وئي يعني مرد عورتن جي ۽ عورتن مردن جي خانقاهه ۾ رات نٿيون گذاري سگهن. ٻي جنرل ڪائونسل (ٻي نائسين قانون موجب، (اصول نمبر xx) جيڪا بيورج ۾ ٿي (i, 325) ۾ اهو طئي ٿيو ته آئينده لاءِ خانقاهن ٺاهڻ ۽ خاص طرح گڏيل (يعني مردن ۽ عورتن لاءِ) منع ڪئي وئي، پر بالسمن ٻڌائي ٿو ته اها پابندي ايتري اثرائتي ڪانه ٿي. مذهبي ماڻهن ۽ ويراڳين جي واڌارين خوشين ملهائڻ بابت ٿوماسن کي ڏسو. (iii, 1334-1368).

(57)                     مون ڪٿي هڪ رحمتي سرواڻ بابت يا ٻڌو آهي يا وري ڪٿي سندس کليل قبوليت يا اعتراف بابت هينئن پڙهيو آهي: ’مفلسي بابت منهنجي عقيدي مون کي هر سال سوين هزارين تاج پارائي ڇڏيا آهن ۽ فرمانبرداري بابت ڪيل عهد مون کي ڪجھ به نه هئڻ جي ٽـُبڪي کان بادشاهه جي منزل تي پهچائي ڇڏيو‘. باقي سندس پاڪباز يا ستي جتي رهڻ بابت مون کان وسري ويو آهي ته سندس اهو پاسو ڪيئن هيو.

(58)                     پاير هڪ مصري ويراڳي پنهنجي ڀيڻ کي پاڻ سان ملڻ جي اجازت ڏني، پر جڏهن هوءَ وٽس آئي ته هن اکيون کڻي بند ڪيون ۽ تيستائين سندس اکيون بند رهيون جيستائين هوءَ پنهنجي ڀاءُ وٽ ويٺل هئي. (وٽ، پئٽرم، iii,504) اهڙا ٻيا به ڪيترائي مثال موجود آهن.

(*)     (هڪ ڪٽنب).

(59)                     پيچوميَس جي قانون جا نقطا: يعني ستون، اٺون، اڻٽيهون ٽيهون، چوٽيهون، ستونجاهون، سٺيون، ڇهاسيئون ۽ پنجانويئون- سڀيئي نقطا خاموش رهڻ ۽ پاڻ مارڻ بابت تمام سخت ۽ برداشت کان ٻاهر قانونن کي مڙهين ٿا.

(60)                    سنياسين طرفان ڏينهن توڙي رات جي عبادتن کي ڪئسيَن پنهنجي ٽئين ۽ چوٿين ڪتاب ۾ کولي بيان ڪيو آهي ۽ هو ان عبادت کي پسند ٿو ڪري جيڪا هڪ فرشتي تابين جي خانقاهن کي سيکاري هئي.

(61)                      ڪئسيَن پنهنجي ذاتي تجربي مان، ان دماغ کي بيان ٿو ڪري جيڪو جسماني توڙي ذهني صلاحيتن کان بنهه خالي آهي ۽ ٻڌائي ٿو ته ويچارا ويراڳي اهڙو ئي ذهن رکن ٿا، ان وقت ڪئسيَن ٿڌو ساهه ڀريو ۽ پاڻ کي صفا اڪيلو محسوس ڪيائين.

(62)                    اسٽئجيريَس جون لالچون توڙي سندس اذيتون هڪ نوجوان پنهنجي دوست سينٽ ڪرسوسٽم کي ٻڌائي ڇڏيون هيون. ڏسو مڊلٽن جون تحريرون (i,107-110) اهڙي قسم جا عذاب ذري گهٽ هر بزرگ کي سهڻا پون ٿا ۽ هن سلسلي ۾ مشهور اِنگيو يا اِگنئٽيَس جيڪو جيُئٽس جو باني هو (وٽ، اينگو، i,29-38) جو مثال ڪافي آهي.

(63)                    فلري (ڪليسائي تاريخ، (vii,46) مون ڪٿي پڙهيو آهي. شايد وٽ پئٽرم ۾ پر مون کي ان هنڌ جي يادگيري نه آهي ته ڪيترائي ويراڳي، جن پنهنجون خواهشون پنهنجي سرواڻ اڳيان ڪن مجبورين سبب بيان نه ڪري سگهيون ته اُهي خودڪشي ڪرڻ لاءِ آماده ٿي ويا.

(64)                    ڪئسيَن جي ستين ۽ اٺين مسودي کي ڏسو جيڪو وڏي غور سان ان ڳالهه جو جائزو ٿو وٺي ته ائنٽني جي وقت کان وٺي شيطان ۽ جن ڀوت ڇو پنهنجن سؤنپيل ڪمن ۾ پٺتي هٽي ويا آهن. روزويد جي فهرست جيڪا هن وٽ پئٽرم ۾ ڏني آهي ته ان مطابق ڪيترائي دوزخي منظر سامهون اچي وڃن ٿا. جن ۽ شيطان اڪثر ڪري عورت جي روپ ۾ وڌيڪ خطرناڪ لڳندا آهن.

(65)                     اُهي ويراڳي جيڪي ماڻهن سان ملڻ يا لهه وچڙ ۾ اچڻ ۾ عار نٿا سمجهن ۽ ٻيا اُهي جيڪي گوشه نشين ۽ ڪُنڊائتا پيا زندگي گذارن. هي فرق خاص طرح مصر ۾ وڌيڪ نمايان آهي. ڏسو جيروم (i,45) ۽ سلپيشيَس سيورَس جي پهرين گفتگو، روفينَس (باب، 22، وٽ پئٽرم ۾ (ii,478) ۽ سڀني کان وڌيڪ ڪئسيَن جي مسودي جي سترهين ۽ ارڙهين منظر نگاري کي ڏسو. اهڙا ليکڪ جيڪي عام ۽ اڪيلائپ واري زندگيءَ جي هڪ ٻئي سان ڀيٽ ڪن ٿا، اُهي پوئين طريقي جي خرابين ۽ خطرن کي وڌيڪ نمايان ڪري پيش ڪن ٿا.

(66)                    سوئسر (ڪليسائي ڪتاب- ii,205-218) ٿوماسن (انگريزن جو نظم ۽ ضبط، i,1501-1502) هنن ننڍين خانقاهن جا تفصيل پيش ٿو ڪري. جڏهن جيراسيمَس پنهنجي خانقاهه جو بنياد اُردن جي اڪيلاين ۾ رکيو ته ان سان گڏوگڏ ستر کن سنياسين جا جهوپا به اُتي ئي جُڙي ويا.

(67)                    ٿوڊوريٽ هڪ وڏي جلد ۾ (فلوٿيَس، وٽ پئٽرم ۾، ix,793-863) اُنهن ويراڳين جي زندگين ۽ سندن معجزن بابت مواد جمع ڪيو آهي جيڪي دنيا کان ڪٽيل رهن ٿا ۽ ماڻهن سان هرگز نٿا ملن. اِوئگريَس (i,12) فلسطين جي سنياسين ۽ گوشه نشينن کي داد ڏيندي اُنهن کي ساراهيو آهي.

(68)                    سوزومين، vi,33 عظيم سينٽ ايفريم ڍورن وانگر چوندڙ ويراڳين بابت هڪ مدح سرائي لکي آهي. (ٽليمانٽ، ڪليسائي يادگيريون، viii,292).

(69)                    پي، اسڪارڊ (پرچارڪن جو احوال (ii,217-233) هيٺين ثبيائث جي غارن کي چڱيءَ طرح ڏٺو وائٺو، کيس حيرت به ٿي ۽ سندس عقيدت به وڌي، نقش شامي طرز جا آهن جيڪي گهڻو ڪري حبش جي عيسائين طرفان استعمال ڪيا ويا هيا.

(70)                    ٿوڊوريٽ کي ڏسو (وٽ، پئٽرم ۾، ix,848-854) ائنٽني (وٽ، پئٽرم ۾، i,170-177) ڪوسموس (آسيمان ۾، مشرقي انجيل، i,293-253) اِوئگريَس (i,13-14) ۽ ٽليمانٽ، (ڪليسائي يادگيريون xv,347-392).

(71)                      ٻه ڪيوبٽس (ڊيگهه ماپڻ جو قديم طريقو) جو ٻاهريون حصو يا وري ٽي فوٽ جن کي اِوئگريَس ٿنڀن جي ماپڻ لاءِ مقرر ڪيو هو، عقل، حقيقتن ۽ تعمير جي فن جي اصولن جي خلاف آهي. جن ماڻهن ان کي هيٺان ڏٺو، اُهي آسانيءَ سان ڌوڪو کائي سگهن ٿا.

(72)                    آءٌ هڪ قديمي بدناميءَ واري ڳالهه کي اوهان کان لڪائي نٿو سگهان جيڪا السر جي بيماريءَ متعلق آهي. معلوم ٿيو ته شيطان، جيڪو هڪ فرشتي جي روپ ۾ ظاهر ٿيو دعوت ڏنائينس ته حضرت الياسؑ وانگر خطرناڪ گاڏيءَ تي سوار ٿئي. بزرگ تڪڙ ۾ پنهنجو پير مٿي ڪيو ۽ شيطان سندس غرور کي سزا ڏيڻ خاطر پنهنجي حرفت بازي کي عمل ۾ آڻي شرارت ڪري ڇڏي.

(73)                    مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آءٌ وِٽ پئٽرم ۾ بيان ڪيل معجزن جو ذڪر ڪٿان کان شروع ڪريان، اهو ان ڪري ته ڳاڻاٽو ڪبو ته تعداد ممڪن آهي ته هزار صفحن کان به وڌي وڃي. بهرحال پوءِ به هڪ شاندار مثال سلپيشيَس سيورَس جي گفتگو ۾ موجود آهي ۽ ٻيو سينٽ مارٽن جي زندگيءَ جا مثال آهن، هو مصر جي سنياسين جي عزت ڪري ٿو، ان جي باوجود هو سندن بي عزتي به ڪري ٿو ته اُنهن ڪنهن به مئل ماڻهوءَ کي جياريو نه هيو جڏهن ته ٽورس جي پادري ٽن مُردن کي ٻيهر جيئاري ڏيکاريو هو.

(*)     (هڪ طرفو).

(*)     (شهنشاهه، 260-268 عيسوي).

(74)                    اُلفيلس توڙي گاٿن جي مذهب مٽائڻ جي موضوع تي ڏسو سوزومين کي (iv,17) سقراط (iv,33)، ٿوڊوريٽ (iv,37) فلوسٽورجيَس (ii,5) فلوسٽورجيَس جي لادينيت کيس بهتر اطلاعن ڏيڻ جو موقعو ڏنو.

(75)                     چئن مقدس ڪتابن تي مشتمل هڪ ڦاٽل ڪاپي کي، جيڪا گاٿن جي زبان ۾ هئي، 1665ع ۾ ڇپرايو ويو، ۽ ان کي ٽيوٽونڪ زبان جي قديم ترين ڪاپي تسليم ڪيو وڃي ٿو. توڙي جو ويٽسٽين ڪوششون ڪري اجايا اندازا لڳايا ته جيئن اُلفيلس جي محنت تي پاڻي ڦيري ڇڏي. چئن مان ٻه واڌارا خط W ۽ TH جا اُچار ڪڍن ٿا. ڏسو سائمن کي (انجيل جي تنقيدي تاريخ، ii,219-223، مِل پروليجم، ص 151 جنهن کي ڪرٽو ايڊٽ ڪيو.

(*)     فرٽيجرن ۽ اٿنارڪ، شهنشاهه وئلينس جي وقت ۾ گاٿن جا سردار هيا. (364-378 عيسوي).

(76)                    فلوسٽورجيَس غلطيءَ وچان، تحرير جو هي ٽڪرو شهنشاهه ڪانسٽئنٽائن جي حڪومت جي دؤر هيٺ ٿو آڻي، پر آءٌ ذري گهٽ يقين سان چوان ٿو ته اهو دؤر وڏي لڏپلاڻ کان اڳ وارو هو.

(77)                    اسان جارنئنڊيس جا احسان مند آهيون (ڊي، ريب گيٽيسز، 51,688) جنهن ڪجھ هيٺئين طبقي جي گاٿن جي مختصر پر زندهه دليءَ واري تصوير ٺاهي آهي. ’هيٺئين طبقي جا گاٿ وڏي ذات ۾ شامل هيا جن سان سندن پادري ۽ سڀني کان وڏو پادري اُلفيلا (اُلفيلازخود) گڏ هيا‘. آخري لفظ جيڪي لفاظي جي زمري ۾ نٿا اچن، اُنهن جو مطلب دنياوي حڪومت جو آهي.

(78)                    ’اهو معاملو گاٿن ۽ وئنڊلن سان هرگز ڪونهي، توڙي جو سندن سکيا ۽ تعليم شايد خراب ۽ نالائق استادن وٽ ٿي هجي، تنهن هوندي به سندن عقيدو رومين جي مقابلي ۾ وڌيڪ سٺو ۽ نِج آهي‘. (سئلويَن، ڊِي، vii,243).

(†)     وِنيفرٿ، کيس سينٽ بونيفيس پڻ سڏيندا هيا ۽ سندس دؤر اٺين صدي عيسوي وارو هو.

(79)                    موشيم، اُتر ۾ عيسائيت جي واڌاري بابت اسان کي ڪجھ ٻڌايو آهي ۽ اهو دؤر چوٿين کان چوڏهين صدي عيسوي وارو آهي. هي موضوع ڪليسائي توڙي فلسفي جي تاريخ لاءِ نهايت ئي اهم آهي.

(80)                    اهڙي عظيم مقصد لاءِ سقراط (vii,30) برگنڊي وارن جي گفتگو جو حوالو ڏنو هو جن جي عيسائيت واري نيڪيءَ کي اوروسيَس به ساراهيو آهي. (vii,19).

(81)                      ڊينيئل جو مدبراڻو ۽ اصلي مضمون پڙهو جيڪو ونچيسٽر جو پهريون پادري هيو (بيڊلم، ڪليسائي تاريخ، v,18,203) جنهن کي سمٿ ايڊٽ ڪيو) ٻيو سينٽ بونيفيس هيو جيڪو هيس ۽ سُرنگا جي جهنگلين کي انجيل پڙهائيندو هيو. (بونيفيس جا مضمون، انجيل پئٽرم، xiii,93).

(82)                    چارليمئگني جي ترار سندس دليلن جون وزن وڌرايو، پر جڏهن ڊينيل هي مضمون لکيو (723ع) ته مسلمانن، جيڪي هندستان کان اسپين تائين حڪومت ڪندا هيا، عيسائين خلاف ضرور ڪي مانائتا دليل ڏنا هوندا.

(83)                    اُلفيلس ۽ گاٿن جو مذهبي لاڙو وچٿرو پر ڪجھ آرين عقيدي ڏانهن جهُڪيل هيو ڇو ته هو ائين هرگز نه چون ها ته پُٽ (يعني حضرت عيسيٰؑ) خلقيل هو، توڙي جو سندن لاڳاپو اُنهن ماڻهن سان ضرور هيو جيڪي ان لادينيت وارو عقيدو رکندا هيا. سندن حوارين انهن تضادن بابت پنهنجو نظريو ٻڌائيندي ان ڳالهه کي ڪا اهميت ڪانه ڏني هئي ۽ سندس خيال هو ته مذهب جي ٺيڪيدارن هروڀرو ان معاملي کي وڌائي ڇڏيو هو. (ٿوڊوريٽ iv,37).

(84)                    گاٿن جي آرين عقيدي سان لاڳاپو رکڻ جو الزام شهنشاهه وئلينس تي آهي. ’خدا پاڪ جي سچائيءَ واري فيصلي موجب هن کي اُنهن ماڻهن جيئري هوندي ساڙي ڇڏيو هو، جيڪي سندس لادينيت سان لاڳاپيل رهڻ سبب، پنهنجي مرڻ کان پوءِ پاڻ به باهه جي شعلن ۾ سڙندا ۽ پڄرندا رهندا‘. اوروسيَس، (vii,33,554) هن تيز جملي جي ٽيلمانٽ طرفان تصديق ڪئي وئي آهي. (ڪليسائي يادگيريون، vi,604-610) جيڪو سنجيدگي سان چوي ٿو ته: ’هڪڙي ماڻهو، فقط هڪڙي ماڻهو اتر جي بيشمار ماڻهن کي دوزخ ڏانهن اُماڻي ڇڏيو‘. سئلويَن، (ڊِي، v,150-151) افسوس جو اظهار ڪندي سندن غير ارادي غلطين کي معاف ڪري ٿو ڇڏي.

(85)                     اوروسيَس يقين سان چوي ٿو (سال، 416ع 7,41,580-) ته حضرت عيسيٰؑ  جون ڪليسائون (خاص طرح ڪئٿولڪ) هُنن، (HUNS) سُووي، وئنڊلن ۽ برگنڊيَنس سان ڀريل هونديون هيون.

(86)                    فِرسنس جي بادشاهه رئڊلاڊ کي هڪ پرچارڪ جي هن اُٻهري اظهار سبب ايترو ته بدنام ڪيو ويو جو هن ويچاري گهٻراهٽ ۾ پنهنجو پير ان وقت پٺتي هٽائي ڇڏيو جڏهن هو پاڪ غسل واري جڳهه وٽ پهچي چڪو هو. (ڏسو فلري ڪليسائي تاريخ ۾، ix,167).

(87)                    ڪلرمانٽ جي پادري سڊونيَس جا مضمون جيڪو وزيگاٿن جي حڪومت ۾ ۽ وئينا جو پادري ائويسٽس جيڪو برگنڊي جي حڪومت هيٺ ڪم ڪندو هو، مبهم ۽ غير واضح لفظن ۾ ڪئٿولڪن جي عام حالتن جي باري ۾ اسان کي ٻڌائن ٿا، ڪلووِس ۽ ٿوڊورڪ جي تاريخ منجهان شايد اسان کي ڪن خاص حقيقتن جي خبر پئجي سگهندي.

(*)     (نيبوچادنزار جي فوجن جو سربراهه جيڪو اسيريا جو بادشاهه هيو).

(88)                    جينسيرڪ سختيءَ سان هڪ جهڙائيءَ جو اعتراف ڪيو جنهن سان هن نادانيءَ وارن گمانن تي ماڻهن کي سزا ڏني.

(89)                    سڊونيَس جون ان دؤر واريون اهڙيون ئي شڪايتون آهن جيڪو ڪلرمانٽ جو پادري هيو. (vii,6,182 وغيره جنهن کي سرمانڊ ايڊٽ ڪيو. ٽورس جو گريگري، جيڪو هن مضمون جو حوالو ڏئي ٿو (ii, 174,ii,25) ۾ هڪ اهڙي ڳالهه چورائي ٿو جنهن جي ڪا به ضرورت ڪانه هئي، يعني اڪئنٽين ۾ نوَ آساميون پيل هيون جيڪي عيسائين جي شهيد ٿيڻ سبب خالي ٿيون هيون.

(90)                    وئنڊل اذيتن جا اصلي يادگار، وڪٽروِٽينسِس جي تاريخ جي پنجن ڪتابن ۾ محفوظ آهن (وئنڊلن طرفان اذيتون) هي هڪ پادري هو جنهن کي هنيرڪ ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي ۽ اهو دؤر سينٽ فلجينٽيَس جو هو جيڪو ٿراسيمنڊ کي اذيتون ڏيڻ جي ڪري مشهور ٿيو هو. (مئڪس پئٽرم (ix,4-16) ۽ وئنڊلن جي جنگ جي پهرئين ڪتاب ۾ ان جو تذڪرو آهي جيڪو غير جانبدار ليکڪ پروڪوپيَس لکيو هو. (7-8,196-199)، رئنارٽ، جيڪو وڪٽر جو آخري ايڊيٽر هيو، سڄي موضوع تي وڏي وضاحت سان لکيو آهي. جنهن ۾ سندس لکڻ جو انداز عالماڻو آهي ۽ پنهنجي مضمون کي هن وڏين وضاحتن ۽ مثالن سان کولي بيان ڪيو آهي.

(91)                      وڪٽر، (iv,2,65) هنيرڪ هوموسين جي اعزاز کان ڪئٿولڪن کي محروم ٿو ڪري. (آريَنس، ڏسو باب، 21) هو پنهنجن ماڻهن کي خدا تعاليٰ جا سچا عبادت گذار ٿو ڪوٺي ڇو ته سندس دعويٰ هئي ته سندس ماڻهن جي عقيدي جي سچائيءَ جي شاهدي هڪ هزار کان وڌيڪ پادرين ڏني هئي جيڪا رِمني ۽ سيلوشيا جي پئنچائتن ۾ موجود هئي.

(92)                    وڪٽر، (ii,1,21-22) ’اُهو هنن لاءِ وڌيڪ تعريف لائق هيو‘. اُهي مسودا جن ۾ هي لفظ موجود ڪونهي ته تحرير جو اُهو ٽڪرو پڙهي ۽ سمجهي نه سگهبو. (ڏسو رئنارٽ، ص 164).

(93)                    وڪٽر، (ii,2,22-23) ڪارٿيج جي مذهبي پيشوائن هنن حالتن کي خطرناڪ ڪوٺيو هيو ۽ سچ ته اهو آهي ته اُنهن جو نالو ان ڪري ڏنو ويو هو ته جيئن ان ڄار ۾ ڪئٿولڪ پادرين کي ڦاسائي سوگهو ڪري ڇڏن.

(94)                    هن اهم ڪانفرنس جي ڪاروائيءَ کي ڏسو ۽ وڪٽر ۾ پادرين جي هلت چلت ۽ طور طريقن کي به جاچيو. وڪٽر (ii,13,18,35-42) ۽ سڄو ڇوٿون ڪتاب پڻ مطالعي هيٺ آڻيو، صفحا 63-171، ٽيون ڪتاب صفحا 42-62 سندن معافي نامن سان ڀريو پيو آهي ته ساڳئي وقت هنن پنهنجي عقيدي جو اعتراف به ان ڪتاب ۾ ڪيو آهي.

(95)                     وڪٽر ۾ آفريڪا جي پادرين جي لسٽ جو مطالعو ڪيو. صفحا 117-140 ۾ رئنارٽ جا حاشيا پڻ ڏسو صفحا 215-397 اُنهن ۾ ڊونئٽَس جا نالو مذهب ۾ ڦوٽ وجهندڙ جي زمري ۾ هر هر ورتو ويو آهي ۽ حيرت ان ڳالهه تي آهي ته اهڙن ئي ماڻهن کي پارسا ۽ پاڪبازن جا لقب ڏنا ويا آهن جيئن ڊيڊئٽَس وغيره ۽ اُهي هنن لقبن سان سڃاتا وڃن ٿا: ’خدا طرفان عطا ٿيل، الله جا شڪرانا، جيئن الله جي مرضي‘ وغيره.

(96)                    فلجينٽ، (وِٽ، باب 16-29) ٿراسيمنڊ ڊرامو رچائي پنهنجي لاءِ اعتدال پسند ۽ عالم هئڻ جي دعويٰ ڪئي هئي ۽ فلجينيٽَس، ٽي اختلافي ڪتاب آريَن آمر ڏي منسوب ڪيا هيا جنهن کي هن هڪ ’وڏو پارسا بادشاهه‘ سڏيو آهي (مئڪسم، پئٽرم، ix,41) فلجينٽيَس جي زندگي ۾ فقط سٺ پادرين کي ملڪ نيڪالي ڏني وئي هئي جن جي انگ کي وڪٽر ٽئنينسِس ۽ اسيڊور طرفان هڪ سؤ ويهن تائين پهچايو ويو آهي پر ٻه سؤ ويهن جي تعداد کي هسٽوريا مسيلا طرفان ڄاڻايو ويو آهي جنهن جي تصديق ان وقت جي هڪ رسالي ۾ پڻ ڪئي وئي هئي. (ڏسو رئنارٽ، صفحا 570-571).

(97)                    ڏسو هڪ اسٽائڪ بابت هڪ ڦِڪو ۽ ٻاڙو ٽوٽڪو جيڪو اووِڊ جي مقابلي ۾ ملڪ بدري کي همت ۽ جوان مرديءَ سان برداشت نه ڪري سگهيو. اهو سچ آهي ته ڪورسيڪا ۾ اَن، شراب يا تيل پيدا نه ٿيندو هو پر ساڳئي وقت اُتي گاهه، پاڻي ۽ باهه ججهي انداز ۾ هيا. (سينيڪا کي نيرو ملڪ بدر ڪيو هو) اووِڊ، آگسٽَس طرفان پيش ڪيو ويو.

(98)                    ’جيڪڏهن اُهي خراب آبهوا جي ڪري مري ويا هيا ته به ڄڻ نقصان گهٽ ٿيو هو‘. ٽئيسٽَس، (واقعا، ii,85) هن درخواست ۾ ٿراسيمنڊ ڪجھ نقادن کي تبصري ڪرڻ جي دعوت ڏئي ها جيستائين نقصان فائدي ۾ تبديل ٿئي ها.

(99)                    عام اذيتن جي شروعات ڏسو جيڪا وڪٽر بيان ڪئي آهي. (ii,3-4,7) ۽ هنيرڪ جي ٻن فرمانن جو به جائزو وٺو. (ii,35,iv,64).

(*)     (محلات جا ماڻهو).

(100)             ڏسو پروڪوپيَس (ڊي، بيل وئنڊل، i,3,197-198) آفريڪا جي هڪ مسلمان بادشاهه وئنڊلن جي بي ادبي ۽ گستاخي جي نشانن کي ختم ڪري الله تعاليٰ کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

(101)               اهو قصو وڪٽر ۾ ڏسو (ii,8-12,30-34) وڪٽر هنن اعتراف ڪندڙن جي تڪليف جو ذڪر هڪ اکين ڏٺي شاهد جي حيثيت ۾ ڪري ٿو.

(102)             وڪٽر جي پنجين ڪتاب جو مطالعو ڪيو، سندس جوشيلين شڪايتن جي پروڪوپيَس جي مدبراڻي شاهديءَ ذريعي تصديق ٿي وڃي ٿي ته ساڳئي وقت شهنشاهه جسٽينيَن جي کليل اظهار به ان تصديق کي وڌيڪ تقويت ڏني آهي. (اصول ۽ متا، i,xxvii).

(103)             وڪٽر، (ii,18,41).

(104)             وڪٽر، (v,4,74-75) سندس اصل نالو وڪٽورئينَس هيو ۽ هو اڊروميٽم جو هڪ دولتمند شهري هيو جنهن تي بادشاهه پورو اعتماد ڪندو هو ۽ جنهن جي مهربانين سان هن آفريڪا جي مئجسٽريٽ جو لقب حاصل ڪري ورتو هو.

(105)              هڪ مضبوط مزاحمت ۽ نواب سيباستيَن جي چالاڪي واري جواب کان پوءِ، هن يعني جينسيرڪ ٻيو دليل پيش ڪيو ۽ هڪ بهادر ماڻهوءَ کي موت جي ننڊ ۾ سمهاري ڇڏيو.

(106)             وڪٽر، (v,12-13) ٽليمانٽ، (ڪليسائي يادگيريون، vi,609).

(107)             ڪارٿيج جي پادري کي تڏهن پرائيميٽ سڏيندا هيا پر جيڪي مکيه قبيلا ۽ قومون هيون، اُنهن ڪليسائي مُنهندارن کي سردار يا نواب جو لقب ڏنو هيو. هن سلسلي ۾ وڌيڪ ڏسو ٿوماسن کي، (انگريزي نظم ۽ ضبط ۾ i,155,158).

(108)             سريلا جي سردار سڀني ماڻهن جي آڏو کولي ٻڌايو هو ته کيس لاطيني زبان جي ڄاڻ ڪانه هئي، تنهن ڪري هو ان لائق هرگز ڪونه هيو ته ان زبان ۾ مذهب جو پرچار ڪري يا ڪنهن سان اختلاف ڪري. سندس وئنڊل مذهبي پيشوا ته لاطيني زبان صفا ڪو نه ڄاڻندا هيا، جيڪڏهن ان زبان بابت جن ماڻهن تي ٿورو گهڻو اعتماد ڪري پيو سگهجي ته اُهي فقط آفريڪا جا ماڻهو هيا جن اها زبان سکي ورتي هئي.

(*)     (بيوهه).

(109)             وڪٽر، (ii,1-2,22).

(110)               وڪٽر، (v,3,77) هو خود سفير جي خدمت ۾ عرض پيش ٿو ڪري جنهن جو نالو يورئنيَس هيو.

(111)                 وڪٽر، (iv,4,70) هو صاف ٻڌائي ٿو ته هنن انجيل مان جيڪو حوالو پيش ڪيو هو ته: (توهان قسم نه کڻندؤ) ان جو مقصد فقط هڪ غلط قَسم کڻڻ کان لنوائڻو هو. ڇائيتاليهه پادري جن انڪار ڪيو ته اُنهن کي ڪارسيڪا ملڪ بدر ڪيو ويو، ٽي سؤ ٻن پادرين جن قسم کنيو هو اُنهن کي آفريڪا جي مختلف صوبن ۾ موڪليو ويو هو.

(112)               فلجينٽيَس، جيڪو رسپي ۾ بائزيسين صوبي جو پادري هيو ان جو تعلق سينيٽرن جي خاندان سان هيو ۽ سندس تعليم تمام مٿاهين هئي. لاطيني پڙهڻ کان اڳ ۾ ئي هو هومر ۽ مينڊر منجهان حوالا ڏيندو هو ڇو جو لاطيني سندس مقامي زبان هئي. (وٽ، فلجينٽ، باب 1) ڪيترائي آفريڪي پادري يوناني زبان سمجهندا هيا ۽ بيشمار يوناني مذهبي پيشوائن جا ڪتاب لاطيني ۾ ترجمو ڪيا ويا هيا.

(113)               وِجيليَس ٿئپَس جي گفتگو جي ٻن مهاڳن جي ڀيٽ ڪري ڏسو. هو پنهنجي پڙهندڙ کي معصوم طريقي جي ڪهاڻين سان پيو وندرائيندو هيو، پر سندس موضوع نهايت ئي سنجيدا هوندا هيا پر بدقسمتيءَ سان آفريڪا جا ماڻهو گهڻي قدر اڻ ڄاڻ ۽ جاهل هيا.

(114)               پي- ڪئينل هن موضوع کي ڇيڙيو جنهن کي پسند ڪيو ويو. پر هيٺيان ٽي سَچ، جيڪي شايد ڪيترا به حيرت انگيز لڳن، پر اُنهن جي مڃتا هاڻي عالمي سطح تي ٿي چڪي آهي (گراڊووسيَس، vi,516-522) ٽيلمانٽ (ڪليسائي يادگيريون viii,667-671) 1. سينٽ اٿنئسيَس ان مذهب جو پايو وجهندڙ ۽ مصنف هرگز ڪونهي جنهن کي اسان جي ڪليسائن ۾ پڙهايو ٿو وڃي. 2. اهو مذهب سندس موت کان پوءِ هڪ صدي تائين به وجود ۾ ڪونه آيو هو. 3. اهو ڪتاب شروع ۾ لاطيني زبان ۾ لکيو ويو هو، ان کان پوءِ ان کي اولهه جي صوبن ۾ ڦهلايو ويو هو. قسطنطنيه جي بزرگ ۽ سردار گنئڊيَس هن عجيب تحرير تي ايتري ته حيرت جو اظهار ڪيو جو هن صاف لفظن ۾ وڏي واڪي چئي ڏنو ته اهڙي تحرير ڪو نشي ۾ مست ٿيل ماڻهو ئي لکي سگهي ٿو. پيٽاويَس (مذهبي رجحان، ii,vii,8,687).

(115)                جان، (i,7) ڏسو سائمن کي، (انجيل جو تنقيدي ضميمو، i,xviii,208-218 ۽ ii,ix,99-121) ۽ ڊاڪٽر مِل طرفان وڌيڪ وضاحتون ۽ ويٽسٽين پڻ يوناني انجيل جي اشاعتن ۾ وڌيڪ وضاحت ڪئي آهي. 1689ع ۾ سائمن ڪوشش ڪئي ته هو آزاد هجي، 1707ع ۾ پروٽيسٽنٽ مِل وري غلام ٿيڻ چاهيو هو؛ 1751ع ۾ آرمينيا جي ويٽسٽين پنهنجي وقت جي آزادي ۽ مذهب جو ڀرپور فائدو ورتو.

(116)               سڀني Mss منجهان جيڪي اڃا تائين موجود آهن ۽ تعداد ۾ اسي کن آهن ۽ ڪجھ ته 1200 سال پراڻا آهن. وئٽيڪن توڙي رابرٽ اسٽفينس جا رڪارڊ هاڻي نه پيا ڏسجن ۽ ٻه Mss جن جو تعلق ڊبلن ۽ برلن سان آهي اهي اهڙا نه آهن جيڪي ڪنهن ڳاڻاٽي ۾ آڻجن. (ڏسو ايملن جون تحريرون، ii,227-255,269-299) ۽ ايم، ڊي مِسي جا چار ڪمال جا خط (viii,ix) به پڙهڻ وٽان آهن.

(117)               شايد چئن پادرين، جن مذهب بابت ڪتاب لکيا ۽ ڇپرايا پنهنجي برادري جي ماڻهن لاءِ وڏو ڪم ڪيو. هو هن تحرير کي روشنيءَ کان به وڌيڪ صاف ۽ چِٽو سمجهن ٿا. (وڪٽر وٽينسِس، اذيتن ۾) وئنڊل، (iii,11,54) انهن تحريرن منجهان پوءِ حوالا پيش ڪيا ويا جن کي آفريڪي بحث مباحثن جي پس منظر ۾ وجيليَس ۽ فلجينٽيَس طرفان ماڻهن کي ٻڌايو ويو هيو.

(118)               يارهين ۽ ٻارهين صدي عيسوي ۾ انجيلن جي درستي ڪئنٽربري جو مکيه پادري لئنفوئنڪ ڪندو هو، ان کان سواءِ چيف پادري ۽ رومي ڪليسا جي لائبرري جو انچارج نڪولس پڻ دوستي جي ڪم ۾ شامل هوندو هو. (ويٽسٽيَن، صفحا 84-85) اهڙين محنت وارين درستين جي باوجود، لاطيني مسودن ۾ اڃا ڪيترا رهيل به آهن ته تشريح طلب پڻ آهن. تحرير پراڻي به هجي ۽ صحيح به هجي ته اهڙو ميلاپ، اصل مسودن کان سواءِ، ڪٿي مشڪل سان نظر ايندو.

(119)               هڪڙو طريقو جنهن کي جرمنيءَ وارن ايجاد ڪيو هو ان کي اٽلي ۾ پڻ روم ۽ يونان جي لادين ليکڪن تي آزمايو ويو هيو. انجيل جو اصل يوناني نسخو به ان دؤر ۾ شايع ڪيو ويو هيو، (1514,1516,1520ع) جنهن ۾ ايراسمَس ۽ زمينس پادرين جو پڻ وڏو حصو هو. انجيل جو اسپيني زبان جو نسخو 1515-1522 ڌاران ڇپيو هو جنهن تي ان زماني ۾ 50،000 ڊيوڪٽس خرچ آيو هو. ڏسو مئٽيئَر (واقعا، ii,2-8,125-133).

(120)             ايراسمَس جي دورانديشيءَ سان يوناني انجيلن جي سلسلي ۾ ٽي معتبر شاهديون ملي چڪيون آهن، ۽ ڪملوٽينسيَن جي ايڊيٽرن جو ڪٽرپڻو يا وري رابرٽ اسٽيفنس جي غلطين ان سڄي معاملي کي ڄڻ غلط يا ڪوڙو بنائي ڇڏيو آهي، هن سلسلي ۾ ٿيوڊر بيضا جي غلط فهمي به عجيب ٿي لڳي.

(121)               پلني، (فطري تاريخ، v,1) (ويسلنگ، ص 15) سلئويَس جي قديم جاگرافي، (ii,ii,127) ٽِپاسا (جنهن کي ان هنڌ سان نه ملايو وڃي جيڪو نيو ميڊيا ۾ آهي) پر اهو شهر چڱو خاصو وسندڙ شهر هو ڇاڪاڻ ته شهنشاه وسپاسيان ان شهر کي هڪ وڏو اعزاز عطا ڪيو هو.

(122)             آپٽئٽَس مِلويٽئَنس، ڊونئٽسٽ، (ii,38).

(123)             وڪٽر وٽينسِس، (v,6,76) رئنارٽ، صفحا (483-487).

(124)             پئٽرم، (viii,664-665) هُو عيسائي هو جنهن اها گفتگو لکي هئي جنهن جو عنوان ’ٿيوفريسٽَس‘ هيو. ان گفتگو جو تعلق روح جي لازوال هئڻ ۽ جسم جي ٻيهر زندهه ٿي ساڳئي روپ ۾ واپس ورڻ بابت هيو، ان کان سواءِ هن پنجويهه ٻيا اهم مضمون پڻ لکيا جيڪي اڃا به سلامت آهن. ڪيوَ کي ڏسو (ادب جي تاريخ ۾، ص 297) ۽ فئبريشيَس (I,422).

(125)              جسٽينيَن (متا ۽ اصول، i,xxvii) مارسيلينَس (واقعا، ص 45) گريگري مئگنَس (گفتگو، iii,32) هنن شاهدن منجهان ڪنهن به اعتراف ڪندڙن جو تعداد نه ٻڌايو آهي جيڪو پراڻين شاهدين موجب سٺ جي لڳ ڀڳ هيو. (درويشن جي ڊائري، ۽ رئنارٽ، ص 486) ٻن ماڻهن جو ڳالهائڻ، زنا ڪرڻ سبب بند ٿيو هو، پر معجزي جي اهميت ان ڪري ۽ خاص طرح ان ڇوڪَر جي مثال ۾ وڌي وئي آهي جنهن پنهنجي زبان ڪٽجڻ کان اڳ ڪڏهن به ڳالهايو نه هيو.

(126)             ٻن تاريخدانن کي ڏسو جن جو تعلق اسپين ۽ مئريانا سان هيو. (اسپين جي تاريخ i,v,12-15,182-194) ۽ فريراز (فرانسيسي ترجمو، ii,206-247) مئريانا کي ياد ئي ڪو نه هو ته هو جئسُٽس هيو، پر هن پاڻ کي روم جي شهرت يافته ماڻهن جي انداز ۾ رکيو هو. فريراز، جنهن وڏي محنت سان تفصيل جمع ڪيا هيا، پنهنجي ڪم جو ٻيهر جائزو ورتو هو.

(127)             گوئسونٿا هڪ ٻئي پٺيان وزيگاٿن جي ٻن بادشاهن سان شادي رچائي هئي: اٿناگلڊ جنهن مان کيس ڌي ڄائي هئي جيڪا اِنگُنڊِس جي ماءُ هئي ۽ لوويگلڊ جنهن جا ٻه پُٽ هرمينيگلڊ ۽ رڪيئَرڊ، اڳين شاديءَ مان کيس ڄاوا هيا.

(128)             گريگ ٽُورن، v,39,ii,255) تاريخ جي هِن حصي لاءِ گريگري اسان جو اصل تاريخدان آهي.

(129)             ڪئٿولڪن، جن لادينين طرفان پاڪ غسل ڏيڻ کي قبول ڪيو هو، ان رسم کي ٻيهر ادا ڪيو ته جيئن غسل قبول ٿي وڃي. هن واقعي سان صوفياڻي رنگ کي به شامل ڪيو ويو. (ڏسو ڪارڊن، پاڪ غسل ۽ ڪليسائي رسمن جي تاريخ، i,405-552).

(130)             جوليا ڪانسٽئنٽيا، بيٽس جي اتر کان سيوائيل جي مخالف هئي، (پلني، فطري تاريخ، iii,3) جيڪا ٽورس جي گريگري جو مستند حوالو هئي، (فرانس جي تاريخ، vi,43,288) ۽ ان کي لوسيٽئنيا کان به وڌيڪ داد ڏيڻو ٿو پوي ۽ جنهن پورچوگال جي وهمن وسوسن ۾ اعتبار ڪندڙ شخص جي به پٺڀرائي ڪئي هئي.

(131)               هي معجزو وڏي هوشياريءَ سان ادا ڪيو ويو هيو. هڪ آريَن بادشاهه دروازن کي بند ڪري ڇڏيو هو، ۽ هن ڪليسا جي هر طرف کان هڪ وڏي کاهي کوٽي ڇڏي هئي، پر هو ان قابل نه رهيو هو ته ايسٽر جي موقعي تي پاڪ غسل جي پاڻيءَ کي روڪي سگهي.

(132)             فريراز، (ii,168-175 ۽ 550ع) اُنهن تڪليفن جو بيان ڪيو آهي جن موجب سووِي قبيلي جي ماڻهن نئون مذهب اختيار ڪيو هو. هن بيان ۾ ان وقت ۽ حالتن جو به تفصيلي ذڪر ڪيل آهي. هنن کي لوويگلڊ پاڻ ۾ متحد ڪيو هو جيڪي اسپين جي گاٿن جي بادشاهت سان وڃي مليا هيا.

(133)             نائسين عقيدي جو واڌارو، جيڪو قسطنطنيه جي مذهب سان ملندڙ جلندڙ هيو، درصل ان وقت ٿيو هو جڏهن ٽوليڊو ۾ اٺين ڪائونسل جو اجلاس 653ع ۾ ٿيو هو، پر اُن ۾ ان وقت جي مشهور ۽ مقبول عقيدي جي جهلڪ نظر ٿي آئي. (گرارڊ وسيَس، xi,527).

(134)             ڏسو گريگري کي، (vii- مضمون، 126 بئرونيم. (ڪليسائي واقعا، 599 عيسوي، نمبر، 25-6,ix,122).

(*)     (گريگري، سينٽ آگسٽائين کي 597ع ۾ ڪينٽ موڪليو هو).

(135)              پال وارنيفرڊ (لئنگوبارڊ، iv,44,853، جنهن کي گروٽوويَس ايڊٽ ڪيو هو) تسليم ٿو ڪري ته آرين مذهب اڃا تائين روٿارس جي حڪومت هيٺ هلندو ٿي رهيو. (636-652) پارسا شيطان اُن خاص دؤر جو ذڪر نٿو ڪري جنهن ۾ ستين صدي کان اڳ ۾ ئي ماڻهن قومي سطح تي پنهنجو اڳيون عقيدو مٽائي نئون مذهب اختيار ڪيو هو.

(136)             ’توڙي جو هن کين سندس مذهب اختيار ڪرڻ تي خوشي ۽ اُنهن لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو، ان جي باوجود بادشاهه به کيس عيسائيت اختيار لاءِ هرگز مجبور نه ڪيو هو… ڇاڪاڻ ته هن اُنهن عالمن، جيڪي سندس نجات جو ڪارڻ هيا، کان سکيو هو ته حضرت عيسيٰؑ جي خدمت پنهنجي رضا خوشي ۽ مرضيءَ سان ڪري سگهجي ٿي ۽ نه زور يا مجبوريءَ کان‘. (ڪليسائي تاريخ، i,26,62، جنهن کي اسمٿ ايڊٽ ڪيو).

(137)             فرانس جي مؤرخ کي پڙهو، (iv,114) ٻيو ولڪنس کي به ڏسو (صفحا، 11,31) ’جيڪڏهن ڪو به ماڻهو الله پاڪ جي نالي کان سواءِ ڪا قرباني ٻي جي نالي تي ڪري ٿو، ته ان کي ڀلي قتل ڪري ڇڏيو‘.

(138)             يهودي غلط بياني ڪندي ٻڌائن ٿا ته کين حضرت سليمانؑ جي جهازن ۽ نيبوچادنزار جي فوجن اسپين ۾ پهچايو هو ۽ هيڊرئن يهود جي چاليهه هزار ۽ بينجمن جي ڏهه هزار ڪٽنبن کي اسپين پهچايو هو. (بسنيج، يهودين جي تاريخ، vii,9,240-256).

(139)             جڏهن اسيڊور سيوائيل جو چيف پادري هو، ته ان سِسبت جي جوش جذبي کي داد ۽ کيس مبارڪون ڏنيون هيون. (گاٿن جا واقعا، ص 728) بئرونيَس (614ع، نمبر 41) ائموئن جي شاهديءَ تي ڀاڙي ٿو. (iv,22) پر اها شاهدي ڪمزور آهي ۽ مون اڃا تائين ان قول جي تصديق نه ڪئي آهي. (فرانس جي تاريخ، (iii,127).

(140)             بسنيج (viii,13,388-400) يهودين جي حالتن جو صحيح جائزو ٿو وٺي، پر هن ڪجھ مواد شايد اسپين جي ڪائونسلن منجهان ان ۾ جوڙيو هجي ۽ ڪجھ وزيگاٿن جي قانون مان شامل ڪيو هجي ۽ ممڪن آهي ته اهو مواد سندس موضوع سان مطابقت رکندڙ هجي، پر اهي اندازا منهنجي مزاج ۽ تحقيق مطابق هرگز ڪونهن.

 

باب اٺٽيهون

 

(خلاصو)

حڪومت ۽ سندس مذهبي تبديلي- اليماني، برگنڊيَنس ۽ وزيگاٿن خلاف سندس سوڀون- گال ۾ فرانس وارن جي موروثي بادشاهت- بربرن جا قاعدا ۽ قانون- رومين جي حالت- اسپين جا وزيگاٿ- سئڪسَنس طرفان برطانيه جي فتح- اولهه ۾ رومي شهنشاهت جي خاتمي بابت ماڻهن ۾ چؤٻول.

گِبن ، پنجين صدي عيسوي جي آخر ۾ ڪلووِس جي سربراهيءَ ۾ فرئنڪن جي بادشاهت جي قائم ٿيڻ جو ذڪر ڪري ٿو. ڪلووِس رومي جنرل ايجيڊيَس جي پُٽ سرئجيَس کي شڪست ڏئي ٿو جنهن کي ڇٽيهين باب ۾ پڻ بيان ڪيو ويو آهي، ان کان پوءِ هو المياني وارن کي به شڪست ڏئي پنهنجي تابع ٿو ڪري جن رائين ندي جي ٻنهي ڪنارن تي قبضو ڪري ورتو هو. 496ع ۾ هو عيسائي ٿي ويو ۽ هڪ ڪئٿولڪ بادشاهه طور هن حڪمراني ڪئي. اُترئين گال ۾ آرموريڪا وارن سندس بادشاهت سان اتحاد ڪيو، ڇاڪاڻ ته روم جي نظم ۽ ضبط جو تجربو ۽ پيادل توڙي گهوڙيسوار فوج جا دستا پڻ وٽن موجود هيا. ڪلووِس 500 عيسوي ۾ ِڊجون جي ويجهو برگنڊي وارن کي شڪست ڏئي پنهنجن اختيارن جي دائري کي وڌائي ڇڏيو ۽ پُئائٽيئرس جي ويجهو وزيگاٿن کي پڻ مات ڏئي اڪئنٽايئن کي به پنهنجي بادشاهت ۾ ملائي ڇڏيائين. سندس حڪومت کان اڳ ۾ قانون ۽ اصول مختلف قبيلن سان لاڳو هوندا هيا ۽ گِبن هن سلسلي ۾ قتل ڪرڻ تي ڏنڊ، ڪيسن جي نوعيت ۽ اُنهن زمينن جي ورهاست جي باري ۾ ڀيٽ ٿو ڪري جيڪي زمينون ملڪن کي فتح ڪرڻ کان پوءِ سندن قبضي ۾ آيون هيون. ڪيترن ماڻهن کي، جن پنهنجون زمينون وڃايون هيون، سخت مفلسيءَ جا ڏينهن ڏسڻا پيا ۽ ڪلووِس جي پُٽن ۾ نااتفاقي سبب شهري بيچينيءَ ڪافي حد تائين وڌي وئي. اسپين ۾ وزيگاٿن جي حڪومت هيٺ پادرين، ٽوليڊو جي ڪائونسلن ذريعي امن امان جي فضا کي قائم ڪيو. ان عرصي ۾ رومي برطانيه، سئڪسَنس ائنگلس ۽ جُوٽس جي هٿ چڙهي ويو توڙي جو نامياري آرٿر طرفان سخت مهاڏو پڻ اٽڪايو ويو. گِبن هن ڪتاب جي اصل اشاعت جو ٽيون جلد مڪمل ڪندي، اولهه ۾ شهنشاهت جي ختم ٿيڻ جي سببن بابت تفصيلي بحث ڪيو آهي. رومي شهنشاهت ورهائجي وئي هئي پر قسطنطنيہ جي وجود ۾ اچڻ جي ڪري ان کي اوڀر ۾ ڪنهن حد تائين محفوظ بڻايو ويو هو. عيسائيت، روم جي فوجي بهادريءَ جي روح کي ڪمزور ڪرڻ جو باعث بڻي هئي پر ساڳئي وقت بربرن جي کَهُري مزاج کي نرم ڪرڻ ۾ به سندس ڪردار اثرائتو رهيو هو. گبن آخر ۾ اندازو ٿو لڳائي ته سندس وقت ۾ ٻيهر ڪنهن به وڏي تهذيب ۽ تمدن جي اهڙيءَ طرح غائب ٿي وڃڻ جو امڪان ڪونه هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org