باب اُڻيتاليهون
(خلاصو)
مشرق جا شهنشاهه- زينو ۽ اَنسٽئسيَس- هڪ آسٽروگاٿ
ٿوڊورڪ جو ڄمڻ، تعليم ۽ سندس پهريان فوجي معرڪا-
اٽلي تي حملو ۽ سندس سوڀَ- اٽلي جي گاٿ شهنشاهت-
مغرب جي حالت- فوجي ۽ شهري حڪومت- سينيٽر بيٿيَس-
آخري ڪم ۽ ٿوڊورڪ جو موت.
’زوال ۽ خاتمو‘ جا آخري ٽي جُلد 1788ع ۾ ڇپيا هيا.
گبن چوٿين جُلد جي شروعات آسٽروگاٿ ٿوڊورڪ جي
احوال سان ڪري ٿو. ٿوڊورڪ قسطنطنيہ ۾ تعليم حاصل
ڪئي ۽ 493ع ۾ پنهنجي دوست شهنشاهه انسٽئسيَس جي
مدد سان اٽلي تي حملو ڪيو. هن اُڊئسر کي شڪست ڏني
۽ اٽلي جي بادشاهه جي حيثيت سان ٽيٽيهن سالن تائين
سڪون سان حڪومت ڪندو رهيو ۽ مغربي يورپ ۾ پڻ نظم،
ضبط ۽ اعتدال سان حڪومت هلائيندو رهيو جنهن ۾ سندس
ڪٽنب جي حمايتين جو وسيع ساٿ به کيس حاصل رهيو.
توڙي جو هو پاڻ قانون جو ڄاڻُو ڪو نه هو پر تنهن
هوندي به هن روم جي قانون ۽ انتظامي اصولن مطابق
حڪومت هلائي. هو پاڻ ته روينا ۾ رهندو هو پر هن
روم جي يادگارن کي محفوظ رکيو. اٽلي جي اقتصادي
حالت به سندس دؤر ۾ بهتر ٿي ۽ سندس ئي دؤر ۾ مذهبي
رواداري ۽ سَهپَ به قابل تعريف هئي توڙي جو هو پاڻ
هڪ آريَن هيو. سندس دؤر ۾ بيٿيَس جي علم ۽ ڏاهپ جي
هر هنڌ هاڪ هئي ۽ ٿوڊورڪ جي حڪومت سياسي لحاظ سان
ڪافي مقبول ٿي وئي. پر بدقسمتيءَ سان فيلسوف
بيٿيَس تي اوڀر جي شهنشاهت ۾ گاٿن خلاف سازشن جو
اجايو ۽ بيهودو الزام لڳو. سال 524ع ۾ فيلسوف کي
موت جي سزا ڏني وئي پر تيستائين هن ’فلسفي ۾
اطمينان‘ جهڙو شاهڪار ڪتاب تخليق ڪيو. ٿوڊورڪ پاڻ
به 526ع ۾ گذاري ويو.
باب چاليهون
(خلاصو)
وڏي جسٽن جي ترقي- جسٽينيَن جي حڪومت- (1) راڻي
ٿيوڊرا- (2) سرڪَس جا ڀاڱا ۽ قسطنطنيه جي بغاوت
(3) ريشم جو ٺهڻ ۽ ان جو واپار (4) ناڻو ۽ ٽئڪسون
(5) جسٽينيَن جون عمارتون- سينٽ صوفيا جي چرچ -
اوڀر جي شهنشاهت جي مورچه بندي ۽ ان جون سرحدون
(6) اٿينس جي اسڪولن ۽ مئجسٽريٽن جي عهدن جو ختم
ٿيڻ.
گبن، جسٽينين جي مٿاهين رتبي تي پهچڻ جو ذڪر ڪري
ٿو جيڪو 527ع ۾ شهنشاهه ٿيو ۽ پنهنجي چاچي جسٽن-
I
جي تخت تي ويٺو. هن هڪ اداڪاره ٿيوڊورا سان شادي
ڪئي جنهن ساڻس تڪليفن ۾ به سهڻو ساٿ نڀايو. شهري
امن امان کي سرڪس جي نيرين ۽ سايُن راندين جي
تفرقي سبب خطرو پيدا ٿي پيو جنهن جي انتها 532ع ۾
هڪ وڏي فساد تي وڃي ٿي جيڪو ’نِڪا جي غداري‘ جي
نالي سان مشهور آهي جنهن ۾ سينٽ صوفيا جي ڪليسا به
سڙي وئي. گبن پوءِ جسٽينين جي دؤر ۾ شهنشاهت جي
اقتصادي حالت تي روشني وجهي ٿو جنهن ۾ ريشم جي
واپار ۽ ان جي 552ع ۾ قسطنطنيہ ۾ برآمد بابت اسان
کي ٻڌائي ٿو. گبن هڪ اُميد ٿو رکي ته ڪيڏو نه سٺو
ٿئي ها ۽ ملڪ کي ڪيڏو نه فائدو پهچي ها جيڪڏهن
ڇَپائيءَ جي صنعت کي چين مان برآمد ڪيو وڃي ها.
جسٽينيَن جي حڪومت ۾ خرچ، ڪمائيءَ کان وڌي ويو
تنهن ڪري ماڻهن تي ٽئڪسون مڙهيون ويون ۽ هڪ هٽيءَ
جي ڪري وڻج واپار جي صنعت کي به نقصان پهتو.
بدعنوان وزيرَ جيئن ڪپاڊوشيا جو جان ان بدحاليءَ
جا ذميوار هيا. قسطنطنيہ ۾ نيون ۽ عاليشان عمارتون
ٺهڻ لڳيون جن ۾ سينٽ صوفيا جي عظيم الشان ڪليسا کي
نئين سر تعمير ڪيو ويو هو. قسطنطنيہ شهر جي قلع
بندي کي وڌايو ويو ۽ جسٽينيَن ايشيا مائنر ۾ قلعن
کي مضبوط ڪرايو ته جيئن فارس وارن جي حملن کان
محفوظ ٿي وڃن. فلسفي جي قديم اسڪولن کي بند ڪرڻ ۽
اٿينس جي تقرير جي ماهرن جي دل شڪني ڪرڻ تي گبن،
جسٽينين کي ملامت ٿو ڪري ته ساڳئي وقت مئجسٽريٽن
جي قديمي نظام کي ختم ڪرڻ تي به مٿس طنز ٿو ڪري.
باب ايڪيتاليهون
(خلاصو)
اولهه ۾ جسٽينيَن جون سوڀون- بيليسئريَس جو ڪردار
۽ سندس پهريان فوجي معرڪا- هڪ حملي ۾ هو آفريڪا جي
وئنڊل بادشاهت کي پنهنجي تابع ٿو بنائي- فتح حاصل
ڪرڻ تي شادمانا- گاٿن جي جنگ- هو سِسلي، نئپلس ۽
روم کي واپس ٿو وٺي- گاٿن طرفان روم جو گهيرو-
شڪست کان پوءِ سندن ڀاڄ ۽ نقصان- روينا جو پيش
پوڻ- بيليسئريس جو شان مان ۽ ڌاڪو- سندس اندروني
شرمساري ۽ بدقسمتيون.
فارس وارن سان صلح ڪرڻ بعد جسٽينيَن آفريڪا جي
وئنڊلن ڏانهن متوجه ٿيو. گبن ايڪيتاليهين باب ۾،
آفريڪا ۽ اٽلي ۾ بيليسئريَس جي شاندار سوڀن جو ذڪر
ڪري ٿو. بيليسئريَس اڳ ۾ ئي فارس وارن جي خلاف
پنهنجي تجربي ۽ بهادريءَ جو ڌاڪو ڄمائي چڪو هيو.
سندس فوج کي سامونڊي ٻيڙن ذريعي سِسلي جي رستي کان
آفريڪا ۾ آندو ويو جتي 533ع ۾ سندس فوجي ڪارٿيج ۾
وڃي لٿا. هن گليمر جي هنڌ تي وئنڊلن کي شڪست ڏني،
اهڙيءَ طرح ڪارٿيج ٻيهر روم جي شهنشاهت سان ملي هڪ
ٿي ويو. بيليسئريَس کي هاڻي قسطنطنيہ ۾ پڻ شاندار
ڪاميابي حاصل ٿي، اُتر- آفريڪا جا مسلمان رومين
لاءِ خطري جو باعث هيا پر سليمان، جيڪو بيليسئريس
جو جانشين ٿيو، مسلمانن کي 539ع ۾ شڪست ڏني ۽ روم
جي سرحدن کي اڃا وڌائي ڇڏيو. جسٽينين پڻ اسپين ۾
روم جي اثر ۽ نالي کي اڳتي وڌايو ۽ وزيگاٿن سان
اتحاد ڪيو ته جيئن هو پنهنجن منصوبن ۾ ڪامياب ٿئي.
ان دؤران 526ع ۾ ٿوڊورڪ جي مرڻ کان پوءِ اٽلي ۾
گاٿن جي وچ ۾ هڪ ڇڪتاڻ جو ماحول پيدا ٿي پيو، ۽
جسٽينين کي پنهنجو سڄو توجهه نئين مسئلي کي
سلجهائڻ لاءِ ڏيڻو پيو. وري بيليسئريس جي ڪمان هيٺ
سِسلي سندس اڳيان اچي پيش پيو. روم ته 536ع ۾ جنگ
ڪرڻ کانسواءِ ئي هٿيار ڦٽا ڪيا پر گاٿن وٽيجز جي
ڪمان هيٺ فوجين کي هڪ هنڌ گڏ ڪيو ۽ بيليسئريَس کي
روم اندر هڪ سال لاءِ گهيري ۾ بند رکيو ويو.
شهنشاهه پنهنجا مددگار جٿا موڪلي ڏنا ۽ بيليسئريس
نيٺ وٽيجز کي مجبور ڪيو ته هو روينا طرف واپس موٽي
وڃي توڙي جو برگنڊي وارا ۽ فرئنڪ ٻئي ڌريون گاٿن
جي مدد ڪري رهيون هيون. جسٽينين، وٽيجز کي صلح
قائم ڪرڻ جي آڇ ڪئي پر بيليسئريس موقعي جو فائدو
وٺندي وٽيجز کي 539ع ۾ پيش پوڻ تي مجبور ڪيو. تنهن
هوندي به جسٽينيَن، قسطنطنيہ ۾ وٽيجز جو استقبال
ڪيو ۽ کيس سينيٽر بڻائي ڇڏيو. بيليسئريَس کي پڻ
فوجين توڙي عام ماڻهن پاران خوب داد ۽ آفرين مليو.
هو جسٽينين جو وفادار ساٿي رهيو، ۽ شهرت توڙي
لياقتن ۾ ٻيو ڪوبه سندس مَٽ ڪونه هو، پر بدقسمتيءَ
سان سندس زال ساڻس بيوفائي ڪئي جنهنڪري سندس طاقت
توڙي دولت جي پوزيشن ڪمزور ٿي وئي.
باب ٻائيتاليهون
(خلاصو)
بربرن جي حالت- دنيوب جي ڪنارن تي لومبارڊن جي
آبادي- قبيلا ۽ اسڪلئوونيَــنس جون حد دخليون-
ترڪن جو اصل نسل، شهنشاهت ۽ سندن سفارتخانا-
ائوَرس جي ڀاڄَ- فارس جو خسرو-I
يا نوشيروان بادشاهه- سندس حڪومت ۾ ماڻهن جي
خوشحالي ۽ رومين سان جنگيون- ڪولچيَن يا لئزڪ جي
جنگ- حبش جا ماڻهو.
اِٽلي ۾ گاٿن جي شڪست سبب اُتر جا جرمن قبيلا هر
طرف ڪاهي پيا، ان ڪري جسٽينيَن کي لومبارڊن سان
اتحاد ڪرڻو پيو ته جيئن دنيوب جي ڪنارن کان امڪاني
حملي ڪندڙن جي ڀيڙ کي روڪي سگهي. قسطنطنيہ کي
اسڪلئوونيَنس طرفان حملي جو خطرو پيدا ٿي پيو هو.
مشرق بعيد ۾ ترڪن طرفان طاقت سان اُڀرڻ ڪري بربرن
جي لڏپلاڻ البت رڪجي وئي هئي. ترڪن ۽ رومين پاڻ ۾
اتحاد ڪيو ته جيئن فارس کان خسرو جي طاقتور
بادشاهت جو مقابلو ڪري سگهن. شروع ۾ جسٽينيَن فارس
سان صلح ڪيو پر خسرو 540ع ۾ شام تي حملو ڪيو ۽
انتاڪيا کي به تباهه ڪيو. بيليسئريس کي هڪدم
موڪليو ويو ته خسرو کي فلسطين تي حملي ڪرڻ کان
روڪي. فارس جي بادشاهه اٽلوڪاري سمنڊ تي به قبضي
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪالچيَنس، ڪاڪسَس جبل وٽ سندس
رستو روڪيو. آخرڪار جسٽينيَن ۽ خسرو جي وچ ۾
پنجاهه سالن تائين صلح قائم رکڻ جو معاهدو طئي ٿي
ويو.
باب ٽيتاليهون
(خلاصو)
آفريڪا ۾ فتنو فساد- ٽوٽيلا طرفان گاٿن جي بادشاهت
جي بحالي- نقصان ۽ روم جي بحالي- نارسِس طرفان
اٽلي جي مڪمل فتح- آسٽروگاٿن جو خاتمو- فرئنڪن ۽
اليماني جي شڪست- بيليسئريَس جي آخري سوڀ، بيعزتي
۽ سندس موت- جسٽينين جو ڪردار ۽ سندس موت- پُڇڙ
تارا، زلزلا ۽ وبا.
گِبن، 43هين باب جي شروعات شهنشاهت طرفان ٽئڪسن
مڙهڻ جي پاليسي سان ٿو ڪري، جنهن سبب بيليسئريس جي
وڃڻ کان پوءِ آفريڪا ۾ فساد ۽ وڳوڙي حالتون پيدا
ٿي پيون. ڪارٿيج کي ڦري تاراج ڪيو ويو ۽ تڏهن وڃي
ڪجهه ٺاپر ٿي جڏهن بيليسئريَس ٻيهر اُتي پهتو.
ڪارٿيج ۾ هڪ صديءَ تائين شاهي حڪمن جي تابعداري
ڪئي وئي پر آفريڪا تڏهن ويران ٿي ويو جڏهن اُتر-
اولهه آفريڪا جي مسلمانن طرفان اُتي حملا شروع ٿي
ويا. ان وچ ۾ گاٿن، ٽوٽيلا جي ڪمان هيٺ اٽلي ۾
فساد برپا ڪري ڇڏيو. ٽوٽيلا ماڻهن کي حفاظت ۽
معاشي آسودگيءَ جو يقين ڏياريو جيڪو جسٽينيَن جي
ڀتا خوريءَ جي مقابلي ۾ گهڻو بهتر هو. بيليسئريَس
کي ٻيهر حالتن کي سازگار بنائڻ لاءِ موڪليو ويو،
پر هن وٽ هڪ ته ضروري شين ۽ سامان جي گهٽتائي هئي،
ٻيو وري شهنشاهه جي حڪومت لاءِ ماڻهن ۾ ڪوبه چاهه
ڪونه هو. ٽوٽيلا 546ع ۾ روم جو گهيرو ڪيو ۽ روم ۾
تڏهن ڏُڪار جي حالت هئي تنهنڪري هنن جلدي آڻ مڃي
ڇڏي. هو عمارتن ۽ شهر جي ديوارن کي ڊاهڻ ۾ دير نه
ڪري ها پر خوش قسمتيءَ سان بيليسئريَس عين موقعي
تي اُتي پهچي ويو. بيليسئريَس کي 548ع ۾ جسٽينين
واپس گهرائي ورتو پر هڪ کدڙي نارسِس جي سربراهيءَ
۾ هڪ ٻي مهم جو آغاز ڪيو ويو. 552ع ۾ لومبارڊن جي
مدد سان نارسِس گاٿن کي شڪست ڏيئي روم جو ٻيهر
ڪنٽرول سنڀالي ورتو. جنگ ۾ ڪيترائي سينيٽر مارجي
ويا هيا ۽ ائين ٿي لڳو ته روم جي سينيٽ جا ڏينهن
پورا ٿي ويا هيا. فرئنڪن ۽ اليماني جي لشڪرن اٽلي
تي حملو ڪري ڏنو پر اُنهن کي نارسِس آخرڪار 554ع ۾
شڪست ڏني. اٽلي ۾ گاٿن جي بادشاهت سٺ سالن تائين
هلي ۽ نارسِس روينا جي گورنر ۽ شهنشاهه جي نمائندي
جي حيثيت سان 568ع تائين پنهنجي منصب تي فائز
رهيو. بيليسئريَس کي هڪ دفعو وري هڪ جنگي جوڌي جي
حيثيت سان آزمائڻو پيو جو کيس 559ع ۾ بلغاريا جي
حملي کي ناڪام بنائڻو هو جنهن سبب قسطنطنيہ جي
حفاظت کي خطرو پيدا ٿي پيو هو. پر پوءِ جلد ئي
جسٽينين خلاف سازش ڪرڻ جي الزام ۾ کيس گرفتار ڪيو
ويو. بدقسمتيءَ سان سندس بيڏوهي هئڻ جي ثابتي 565ع
۾ سندس موت کان ٿورڙوئي اڳ تسليم ڪئي وئي. جسٽينين
به ساڳئي سال ۾ مري ويو. گِبن، جسٽينيَن جي خاصيتن
جو ذڪر ڪري ٿو ته عام ماڻهو به سندس دروازي تائين
پهچي ويندا هيا ۽ کانئس انصاف جو فيصلو وڃي وٺندا
هيا، هو کائڻ پيئڻ ۾ اعتدال پسند هو پر شهرت جو
سدائين طلبگار رهندو هو توڙي جو هن پاڻ ڪڏهن به
ڪنهن جنگ ۾ فوجن جي اڳواڻي نه ڪئي. گِبن اڳتي هلي
ٻڌائي ٿو ته بيليسئريَس جي وڌيڪ شهرت سبب سندس
نالو ڄڻ پٺتي رهجي ويو هو. گِبن هن باب جي پڄاڻي
بدبختيءَ جي واقعن سان ڪري ٿو جنهن ۾ پڇڙ تارن جو
ظاهر ٿيڻ، زلزلن جو اچڻ ۽ وبائي بيمارين جو پکڙجڻ
نمايان هيا جن جي ڪري جسٽينَين جي حڪومت جو پويون
دؤر تڪليفن ۽ مصيبتن جي مُنهن ۾ اچي ويو هو.
باب چوئيتاليهون
(خلاصو)
روم جي قانون بابت- بادشاهن جا قانونَ- ڊسيموِر
جون ٻارهن جدوَلون- عوام جا قانون- سينيٽ جا
فرمانَ- مئجسٽريٽن ۽ بادشاهن جا فرمانَ- شهرين جا
اختيارَ- جسٽينيَن جا قانونَ- مڪمل ضابطا، ناول
(جسٽينين جا خاص قانون) ۽ سندس ارادا- (1) ماڻهن
جا حق (2) شين جا حق (3) شخصي زخم ۽ کنيل قدم (4)
ڏوهه ۽ سزائون.
باب 44هون روم جي قانوني سرشتي جي وضاحت بابت آهي
جيڪي قانون روم جي اڳين بادشاهن کان وٺي جسٽينيَن
جي اصلاحي نظام تائين جاري رهيا. عوامي مئجسٽريٽن
روم جي هر شهري لاءِ اهڙا قانون ٺاهيا هيا جن جي
پابندي ڪرڻ اُنهن لاءِ لازمي هئي پر آگسٽَس عوامي
اسيمبلين کي ختم ڪري اُنهن جي جڳهه تي 600 سينيٽرن
جي هڪ اهڙي اسيمبلي ٺاهي جنهن کي قانونسازيءَ جا
اختيار پڻ سؤنپيا ويا. هئڊرئن جي هڪ دائمي فرمانَ،
شهري قانون جو هڪ معيار مقرر ڪري ڇڏيو هو ۽ ان کان
پوءِ شهنشاهن جي حڪمن توڙي قانونن کي ڪانسٽئنٽائن
۽ ٿوڊوسيَس طرفان باقاعدگي وارن اصولن جي سرشتي ۾
آندو ويو هو. قانونن جا اسڪول سِسرو جي ڏينهن ۾
وجود ۾ آيا هيا. جسٽينيَن هڪڙي فيلسوف جنهن جو
نالو ٽرائبونيَن هو، کي هڪ ڪم سونپيو ته قانون جون
ٻارهن جدوَلون ٺاهي جن کي پوءِ ’جسٽينيَن جا خاص
قانون‘ جو نالو ڏنو ويو، انهن قانونن جي جدوَلن کي
سڄي شهنشاهت ۾ ورهايو ويو. ٽرائبونيَن هيٺان سترهن
وڪيل مقرر ڪيا ويا هيا جن قانونن جا مڪمل ضابطا ۽
اُنهن جا ادارا ويهي ٺاهيا جن کي روم جا هلندڙ
ڦرندڙ قانون ڪوٺيو ويو جن 533ع ۾ جسٽينيَن جي
قانونن سان ملي ڪري اسڪولن توڙي ڪورٽن ۾ شهري
قانونن جي شڪل ورتي.
(جسٽينين جا قانون به فرمان هيا) قانون بابت اڳين
تحريرن کي ان حد تائين نظرانداز ڪيو ويو جو ڄڻ
انهن جو وجود ئي ڪونه هيو. گِبن، روم جي قانونن کي
چئن عنوانن هيٺ ورهائي ٿو: (1) ماڻهو جن ۾ سماجي
رتبي وارا توڙي ڪٽنب جن جو سلسلو لڳاتار ڳنڍيل
هجي، (2) شيون يا ملڪيت جتي گِبن ان ڳالهه جي
تصديق ٿو ڪري ته موڀي پُٽ جي حق جو هن قانون ۾ ڪو
ڪردار ڪونه هيو، (3) عمل يا معاهدا ۽ (4) ذاتي
ناانصافيون جن جو تعلق سڌوسنئون ڏوهن جي قانون جي
بحثن مباحثن سان هيو. اڳين قانونن موجب وڏا ڏوهه
فقط نوَ(9) هيا پر پوءِ شهرين کي ڦاسي يا موت جي
سزا کان آجو ڪيو ويو هو. غلامن لاءِ خانگي انصاف
جو ادارو موجود هيو. ڪانسٽئنٽائن جي حڪومت ۾ جڏهن
عيسائيت جو مذهب رائج ٿيو ته سزائن کي خاص طرح زنا
جهڙن ڏوهن لاءِ سخت بڻايو ويو هيو. گِبن آخر ۾
نتيجو اهو ٿو ڪڍي ته توڙي جو قانونن کي باقاعدگيءَ
سان نافذ ڪيو ويو هو پر تنهن هوندي به جسٽينين جي
رعيت جا ماڻهو گهڻن قانونن جي جَنڊَ ۾ پيسجي رهيا
هيا ۽ ان کان سواءِ شهنشاهه جي ذاتي پسند يا
ناپسند به ماڻهن جي عذابن کي وڌائي ڇڏيو هو.
باب پنجيتاليهون
(خلاصو)
ننڍي جسٽن جي حڪومت- ائوَرس جو سفارتخانو- دنيوب
جي ڪنارن تي سندن آباد ٿيڻ- لومبارڊس طرفان اٽلي
کي فتح ڪرڻ- ٽائبيريس جي حڪومت جو قائم ٿيڻ- مارِس
بابت- لومبارڊس ۽ روينا جي گورنرن هيٺ اٽلي جون
حالتون- روم جون تڪليفون ۽ سُورَ- گَريگري-I
جو ڪردار ۽ سندس مکيه پادري هئڻ جي حيثيت.
گِبن ، جسٽينيَن جي ڀائٽي جسٽن-
II
جي 565ع ۾ تخت تي ويهڻ بابت اسان کي ٻڌائي ٿو.
جسٽن-II
نارسِس جي جڳهه تي روينا جو گورنر مقرر ٿيو پر هو
ايترو ته ڪمزور هو جو اٽلي تي لومبارڊن جي حملي کي
روڪڻ ۾ ناڪام ويو جيڪو آلبائن طرفان ڪيو ويو هيو.
574ع ۾ پنهنجي بگڙندڙ صحت سبب جسٽن، پاڻ سان گڏ
ٽائبيريس کي محافظن جو ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو پر چئن
سالن کان پوءِ جسٽن گذاري ويو، ٽائبيريَس جي حڪومت
شروع ۾ ته ماڻهن تي سٺو اثر وڌو پر هن جي صحت به
خراب رهڻ لڳي. تنهنڪري هن فارس وارن جي خلاف مارِس
کي پنهنجو جانشين بڻايو جيڪو هڪ فاتح جنرل هيو.
اٽلي ۾ نئين شهنشاهه فرئنڪن جي مدد سان لومبارڊن
جي سخت مخالفت ڪئي پر اٽلي ۾ لومبارڊن جي بادشاهت
کي اَٿارس قائم ڪري ڇڏيو توڙي جو روينا جي گورنري
وڌيڪ ٻن سؤ سالن تائين قائم ٿي چڪي هئي. روم جي
حالت ابتري واري هئي ڇاڪاڻ ته ٻوڏن ۽ ڏڪر جي ڪري
ماڻهو روم ڇڏي ٻين ملڪن ڏانهن هليا ويا هيا ۽ جيئن
ته روم برباديءَ جو منظر پيش ڪري رهيو هيو ته اهڙي
جڳهه ويراڳين جي رهڻ لاءِ موزون هئي جتي هو اچي
رهيا هيا. جيئن ته روم اڃا شهنشاهت جو حصو هيو،
تنهنڪري پادري جيڪو عظيم گريگري جي نالي سان مشهور
هيو ۽ جنهن 590 کان 604ع تائين حڪومت ڪئي، روم کي
ٻيهر جيارڻ جي ڪوشـش ڪئي، هن اولهه ۾ ڪليسا جي نظم
۽ ضبط کي قائم رکيو ۽ اٽِلي جي آرين جي سربراهيءَ
۾ اسپين وارن کي به ڪئٿولڪ ڪليسا جي نظام هيٺ آندو
ويو ۽ برطانيه جي ائنگلوسئڪسنس کي پڻ پاڪ غسل ڏنو
ويو. هن ڪليسائي ملڪن جي آمدني حاصل ڪري غريبن جي
مدد ڪئي ۽ روم کي لومبارڊن هٿان تاراج ٿيڻ کان
بچائي ڇڏيو ۽ شهنشاهت کي مجموعي طرح سان وڌيڪ
برباديءَ کان ڪنهن حد تائين بچائي ورتو.
باب ڇائيتاليهون
(خلاصو)
خسرو يا نوشيروان جي مرڻ کان پوءِ فارس ۾ انقلابن
جي لهر- سندس پٽ هرمز کي جيڪو هڪ آمر هو، تخت تان
لاٿو ويو- خسرو-II
جي ڀاڄَ ۽ ٻيهر بحالي- رومين لاءِ سندس
احسانمنديءَ جا جذبا- ائوَرس جا خاقان- مارِِس جي
خلاف فوج ۾ بغاوت- سندس موت- فوڪَس جي آمريت -
فارس جي جنگ- خسرو، شام، مصر ۽ ننڍي ايشيا کي
پنهنجي فرمان هيٺ آڻي ٿو- ائوَرس ۽ فارسين طرفان
قسطنطنيه جو گهيرو- فارس وارن جا فوجي معرڪا- حرقل
(هيراڪليَس) جون سوڀون ۽ سندس اعزاز.
روم جي شهنشاهه جسٽينيَن ۽ فارس جي بادشاهه خسرو
جي وچ ۾ صلح جا معاهدا ٿيندا رهيا ۽ ٽُٽندا رهيا
تانجو سن 579ع ۾ خسرو گذاري ويو. گبن اسان کي
ٻڌائي ٿو ته ڪيئن سندس پُٽ ۽ سندس جانشين هُرمز کي
هڪ فساد ۾ تخت تان لاٿو ويو ۽ ڪيئن خسرو جي پوٽي
جنهن جو پڻ نالو ساڳيو هو، شهنشاهه مارِس وٽ وڃي
پناهه ورتي، ۽ جنهن جي مدد سان کيس ٻيهر 591ع ۾
فارس جي تخت تي ويهاريو ويو. ان دؤران دنيوب جي
ڪنارن کان شهنشاهت کي ائوَرس طرفان خطرو پيدا ٿي
پيو. مارس جي فوجن آخرڪار جهڳڙو ڪري فوڪَس کي 602ع
۾ سؤ سپاهين جو هڪ سپهه سالار مقرر ڪي ڇڏيو. هن
واڳون وٺڻ شرط ظلم ڪرڻ شروع ڪيا ۽ مارس جي ڪٽنب کي
تباهه ڪرڻ خاطر زيادتيون ڪرڻ شروع ڪيون پر پوءِ
حرقل (هيراڪليَس) کيس هٽائي 610ع ۾ پاڻ تخت تي
ويهي رهيو. هراڪليَس آفريڪا جي گورنر جو پٽ هيو.
مارس جي موت کان پوءِ، فارس جي خسرو-
II
روم جي شهنشاهت تي حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. هن
شام تي حملو ڪيو ۽ انتاڪيا تي 611ع ۾ ۽ جيروسلم تي
614ع ۾ قبضو ڪري ورتو. هن مصر تي 616ع ۾ حملو ڪيو
۽ ٽرپولي (لبيا) ۾ پهچي ويو جڏهن ته فارس جي ٻي
فوج ننڍي ايشيا ۾ ڪُوچ ڪندي ڪالسيڊن تي وڃي قبضو
ڪيو جيڪو باسفورس جي ڪناري تي قسطنطنيہ جي بلڪل
سامهون هو. هيراڪليَس(حرقل) جي حڪومت جي پهريَن
ٻارهن سالن ۾ ائين ٿي محسوس ٿيو ته روم جي شهنشاهت
بلڪل ختم ٿي ويندي. خسرو هڪ اهڙو صلح نامو موڪليو
جيڪو زوريءَ اوڳاڙي تي مبني هو جڏهن ته حرقل، فارس
وارن لاءِ ناڻي جي وصولي ۾ مصروف هوندي به جنگ ڪرڻ
جو سوچيو. چرچ به مدد ۾ پنهنجي طرفان پئسا ڏنا ۽
622ع کان ٽن سالن اندر حرقل ننڍي ايشيا ۾ پنهنجي
مهم کي جاري رکيو ۽ ان جو دائرو ڪئسپيَن سمنڊ کان
وٺي اصفحان تائين هليو ويو. موٽ ۾ خسرو، ائوَرس
سان اتحاد ڪيو جن 626ع ۾ قسطنطينہ تي حملو ڪيو پر
کين ناڪامي نصيب ٿي. حرقل هاڻي ترڪن سان اتحاد ڪيو
۽ ايندڙ سال ۾ نينوا جي هنڌ وٽ فارس جي فوج کي
تباهه ڪيو ويو. خسرو کي سندس پنهنجن ئي ماڻهن
حڪومت تان لاهي ڇڏيو ۽ سندس اقتدار مان ڌار ٿيڻ
شرط سندس سڄو ملڪ افراتفريءَ جو شڪار ٿي ويو. حرقل
سوڀارو ٿي قسطنطنيہ ڏانهن واپس موٽيو؛ ان جي
باوجود ايندڙ اٺن سالن ۾ هن جيڪي صوبا، شام ۽
فلسطين کان پنهنجي شهنشاهت ۾ ملايا هيا، اُهي سڀئي
عربن ڏانهن هليا ويا.
باب ستيتاليهون
(خلاصو)
روحاني شئي جي جسماني روپ وٺڻ جي فلسفي جي مذهبي
تاريخ- حضرت عيسيٰؑ
جي انساني ۽ خدائي فطرت- سڪندريه ۽ قسطنطنيه جي
بزرگن جي وچ ۾ دشمنيون- سينٽ سائرل ۽ نيسٽوريَس-
اِفيسَس جي ٽِين عام مجلس- يوٽئچيَس جي لادينيت-
ڪالسيڊن جي چوٿين عام مجلس- شهري ۽ ڪليسائي تفرقا-
جسٽينين جي اَسهپ يا ڪٽرپڻو- ٽي بابَ- حضرت عيسيٰؑ
بابت اختلاف- اوڀر جي فرقن جي نوعيت ۽ حالت- (1)
نستوري (2) اسرائيلي (3) مئرونائيٽس (4) آرمينيا
جا عيسائي (5) مصري عيسائي (6) حَبش جا عيسائي.
باب 47هين جي شروعات حضرت عيسيٰؑ جي ٻيهر انساني
روپ وٺي اچڻ بابت مختلف نظرين ۽ سندس فطرت جي جدا
جدا رَوين تي ويچار ڪرڻ سان ٿئي ٿي. ان کان پوءِ
گبن، پنجين صدي عيسوي جي پهرئين اَڌ ۾ سڪندريه جي
سينٽ سائرل ۽ قسطنطنيہ جي سردار نيسٽوريَس جي
مخالفت ۽ سندن اذيتن جو ذڪر ڪري ٿو. سن 431ع ۾
ايفيسَس جي ڪائونسل جو اجلاس جيڪو ٿوڊوسيَس-
II
سڏرايو هيو، سو حقيقت ۾ ماڻهن کي جسماني اذيتن ڏيڻ
لاءِ طاقت جو مظاهرو هو. حضرت عيسيٰؑ جي ٻيهر
انساني روپ ۾ ظاهر ٿيڻ بابت سينٽ سائرل جي خيالن
جي تائيد ڪئي وئي ۽ نيسٽوريس نيٺ 435ع ۾ پنهنجي
رتبي واري جڳهه کي خيرباد چيو پر اهو معاملو پوري
طريقي سان ڪالسيڊن جي ڪائونسل ۾ 451ع ۾ وڃي نبريو
جڏهن حضرت عيسيٰؑ جو، هڪ ماڻهوءَ ۾ ٻن طبيعتن يا
رَوين سان اظهار ٿيڻ، جي فلسفي کي تسليم ڪيو ويو.
اوڀر ۾ ان فلسفي جا مخالف تيز ٿي ويا ۽ هڪ مذهبي
جنگ شروع ٿي وئي جنهن باعث 514ع ۾ شهنشاهه
انسٽئيَس جي شهنشاهت جي اونڌي ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي
ويو. شهنشاهه جسٽينيَن هڪ جوشيلو ڪئٿولڪ هيو تنهن
ڪري سندس خواهش هئي ته ڀلي مذهبي اختلاف وڌن. هن
عام عيسائين کي، يعني اُهي جيڪي ڪٽر ڪئٿولڪ نه
هيا، اذيتون پهچائڻ شروع ڪري ڇڏيون پر پوءِ ٿيوڊرا
جي اثر هيٺ هن روم جي ڪليسا کي جدا ڪري ڇڏيو ۽
جيڪي عيسائي اوڀر ۾ جوشيلا نه به هيا اُنهن سان به
ٺاهه ڪري ڇڏيو. شهنشاهه هرڪيوليس جي اُڪسائڻ تي هڪ
سمجهوتي جي ڪوشش ڪئي وئي ته حضرت عيسيٰؑ بلاشڪ ٻن
طبيعتن پر هڪ خواهش سان ظاهر ٿيندو پر روم جي
ڪليسا ان فلسفي جي تائيد نه ڪئي ۽ پنهنجي حمايت
واپس وٺي ڇڏي. نيٺ ستين صدي عيسوي ۾ اهو طئي ڪيو
ويو ته ٻه خواهشون حضرت عيسيٰؑ جي عظيم شخصيت سان
بلڪل مطابقت رکن ٿيون تنهن ڪري ان فلسفي کي عمومي
طور تي قبول ڪيو ويو. اوڀر ۾ فقط شام ۽ مصر جي
ڪليسائن ۾ اختلاف رهيو جيڪي ٻين کان جدا رهيون ۽
گبن هي باب اُنهن ڪليسائن جي ذڪر تي ختم ٿو ڪري:
يعني فارس ۾ نستوري ڪليسا جن پنهنجن پرچارڪن کي
هندستان ۽ مشرق بعيد موڪليو هو؛ اسرائيلي جن جو
نالو ويراڳي يعقوب جي پٺيان رکيو ويو هيو،
مئرونائيٽس جن جو نالو مصر جي هڪ سنياسي پٺيان
رکيو ويو هو، آرمينيا وارا جن جو اعتقاد حضرت
عيسيٰؑ جي فقط هڪڙي طبيعت ۾ آهي جنهن ۾ ڪوبه بگاڙ
پيدا نه ٿيو آهي ۽ مصر ۽ حبش وارن جون ڪليسائون
جيڪي قسطنطنيہ جي مکيه ڪليسا کان صفا الڳ ۽ آزاد
هيون.
باب اٺيتاليهون
(خلاصو)
آخري ٻن جلدن لاءِ رٿا يا تجويز- حرقل (هيراڪليس)
جي وقت کان وٺي لاطيني فتح تائين قسطنطنيه جي
يوناني شهنشاهن جي تخت نشيني ۽ سندن ڪردار.
گبن هن ڪتاب جي باقي رهيل ٻن جلدن جي مواد جي
تجويز بابت ويچار ڪري ٿو ۽ پوءِ جلدئي قسطنطنيہ ۾
حرقل جي جانشينن جي حڪومتن کي هڪ نظر مان ڪڍي ٿو.
حرقل جي نسل کي 717ع ۾ شام جي شهنشاهن اڳتي وڌايو
جن کي ’بُت- شڪن‘ چيو ويندو هو ڇاڪاڻ ته اُهي
ڪليسائن ۾ مورتين يا تصويرن جي پوڄا ڪرڻ کان منع
ڪندا هيا. شهنشاهه تخت تي ويهندا ۽ هڪ ٻئي پٺيان
لهندا ۽ روانا ٿيندا رهيا تانجو اهو سلسلو
تيستائين جاري رهيو جيسين باسل-
I،
867ع ۾ تخت تي ويٺو ۽ مئسيڊونيا جي شاهي گهراڻي جو
سلسلو هتان کان شروع ٿي ويو. گبن، باسل جي مٿاهين
صلاحيت ۽ سندس لياقتن کي مڃي ٿو ته هن پنهنجين
فوجين جي پاڻ ڪمان ۽ اڳواڻي ڪئي ۽ پنهنجي ملڪ جي
اقتصادي حالت کي به سڌاريو. سندس ئي حڪومت ۾
جسٽينيَن جي قانونن جو يوناني زبان ۾ ترجمو ڪيو
ويو. مئسيڊونيا جي شهنشاهت 1057ع تائين هلي جنهن ۾
ڪو نمايان ڪارنامو نه ٿيو سواءِ ان جي ته مسلمانن،
روسين ۽ بلغاريا وارن خلاف کين ڪجھ ڪاميابيون حاصل
ٿيون. آزاديءَ جي روح جا ڪجھ آثار ان وقت نظر آيا
جڏهن اليگزيَس 1081ع ۾ تخت تي ويٺو جيڪو ڪامنيني
حڪمرانن جو پهريون شهنشاهه هيو. دنيوب جي ڪنارن
کان بربرن جي حملي جي خطرن جي باوجود ستٽيهن سالن
تائين سندس حڪومت هلندي رهي توڙي جو بربرن کان
سواءِ ترڪن، نارمن ۽ لاطيني عيسائين جي مخالفت جو
به کيس سدائين خطرو رهندو هو تڏهن به هو پنهنجن
اصولن ۽ قانونن مطابق حڪومت ڪندو رهيو. سندس پُٽ
جان-
II
جي حڪومت ۾ موت جي سزا کي ختم ڪيو ويو، عدالتن جي
شان کي گهٽايو ويو پر جيڪي صوبا سامونڊي ڪنارن تي
آباد هيا اُنهن جي حالتن ۾ ڪافي بهتري آئي. سندس
ننڍو ڀاءُ مئنوئل-
I
پنهنجي حڪومت هڪ فوجي اڳواڻ طور هلائي ۽ گبن سندس
سؤٽ ائنڊرونيڪَس جي فوجي ڪارنامن توڙي سندس پيار ۽
عشق جي قصن کي بيان ٿو ڪري. هڪ خانه جنگي، جيڪا
مئنوئل جي مرڻ کان پوءِ شروع ٿي، ائنڊرونيڪَس طاقت
جي زور تي شهنشاهه ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر 1185ع ۾
ماڻهن جي هڪ هجوم مٿس حملو ڪيو ۽ اُڦٽ ماري
ڇڏيائونس. سندس جانشينن جي اختلافن جو فائدو
وٺندي، لاطينين، 1204ع ۾ قسطنطنيہ تي قبضو ڪري
ورتو.
باب اُڻونجاهون
(خلاصو)
بُتن جو تعارف، اُنهن جي پُوڄا ۽ اُنهن کي اذيتون
پهچائڻ- اٽلي ۽ روم ۾ بغاوت- پادرين جي دنياداري
واري حڪمراني- فرئنڪن طرفان اٽلي جي فتح- بُتن کي
آباد ڪرڻ- چارليمئگني جو ڪردار ۽ سندس تاجپوشي-
اولهه ۾ روم جي شهنشاهت جي بحالي ۽ زوال پذيري-
اٽلي جي آزادي- جرمن سرشتي جو آئين.
گبن ٻڌائي ٿو ته بُتن جي عبادت ڪيئن اوڀر ۽ اولهه
جي ڪليسائن کي هڪ ٻئي کان جدا ڪري ڇڏيو هو. ڪابه
اهڙي تصديق نه ٿي هئي ته حضرت عيسيٰؑ هن دنياوي
زندگيءَ ۾ بچي ويو هو ۽ شهنشاهه ليؤ-
III
۽ سندس جانشينن اٺين صدي عيسوي ۾ هڪ فرمان جاري
ڪيو هو جنهن موجب ڪليسائن ۾ بتن جي پوڄا ڪرڻ تي
پابندي مڙهي وئي هئي. 754ع ۾ قسطنطنيہ جي پئچائت
بتن جي پوڄا جي سخت مذمت ڪئي ۽ اُنهن کي تباهه ڪرڻ
تي فساد برپا ٿي ويو. روم جي پادرين ان پاليسي جي
مخالفت ڪئي ۽ کين وڏي عوامي حمايت پڻ حاصل هئي.
حقيقت ۾ روم جا دنياوي يا اصلي حڪمران ڄڻ پادري
هيا ۽ جڏهن روم جي آزاديءَ کي لومبارڊن جي طرف کان
خطرو پيدا ٿي پيو ته هنن فرئنڪن جي بادشاهت جي
پيپن ۽ سندس پُٽ چارليمئگني کي مدد ڪرڻ لاءِ
درخواست ڪئي. روم جي تاجدار شهنشاهه طرفان 800ع ۾
لومبارڊن کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ، چارليمئگني هر
لحاظ سان گورنرن جو جانشين بڻجي ويو جيڪي اڳ اوڀر
۾ اٽلي جي شهنشاهن جا نمائندا هوندا هيا.
ڪانسٽئنٽائن طرفان اڳ ۾ پادريت جو هڪ مصنوعي ادارو
روم ۾ وجود ۾ اچي ويو هو. ان دؤران بتن جي معاملي
کي به، پادريت جي وجود ۾ اچڻ سان گڏ، حل ڪيو ويو،
توڙي جو بُت- ڀڃيندڙن ۽ بتن جي پوڄا ڪندڙن جي هڪ
ٻئي سان مخالفت ۽ جدوجهد هلندي رهي جيڪا نائين صدي
عيسوي تائين لڳاتار جاري رهي. گبن پوءِ چارليمئگني
جي حڪومت جي ڪاميابين جو جائزو ٿو وٺي ۽ سندس
شهنشاهت جي حدن کي توري تڪي ٿو جيڪي ايبرو کان
ايلب تائين پکڙيل هيون. توڙي جو شهنشاهت هاڻي
ننڍين بادشاهتن ۾ ورهائجي وئي هئي، جيئن جرمني،
فرانس ۽ اٽلي جون بادشاهتون، تنهن هوندي به ڏهين
صدي عيسوي جي پوئين اَڌ ۾ سندس بخت ۽ ڀاڳ تڏهن
واپس وريو جڏهن اوٺو-
I
شهنشاهه ٿيو ۽ جرمني توڙي اٽلي وارن به کيس
شهنشاهه ڪري تسليم ڪيو ۽ وڏي پادري سندس تاجپوشيءَ
جي رسم ادا ڪئي. اهو ورلي ٿيو هوندو ته جرمني جي
شهنشاهه ڪڏهن روم جي آزاديءَ لاءِ پنهنجي تعاون جو
هٿ وڌايو هجي ۽ ٻارهين صدي عيسوي ۾ لومبارڊن جي
شهري ڪائونسل اقتصادي طور مضبوط ٿي وئي. جيئن
ماڻهن ۽ ملڪن کي وؤٽن ۽ چونڊن جو حق مليو ته ننڍين
بادشاهتن ۾ بادشاهن توڙي پادرين جي حڪومتن جي وجود
۾ اضافي اچڻ سان شهنشاهتن جا اختيار جرمني ۾ بلڪل
گهٽجي ويا. گبن، 1356ع ۾، بوهيميا جي چارلس-
IV
جي سکڻي ڏيکاوَ جي ڀيٽ آگسٽَس پهرئين سان ٿو ڪري ۽
ٻنهي جي وچ ۾ وڏي تضاد جو ذڪر ٿو ڪري، ڇاڪاڻ ته
آگسٽس روم جي شهرين کي هڪ باوقار سڃاڻپ ڏني هئي.
باب پنجاهون
عربستان ۽ ان جي رهواسين جو احوال:
جن جو ڄمڻ- سندن ڪردار ۽ نظريو- پاڻ مڪي ۾ تبليغ
ڪن ٿا- مديني ڏي هجرت ڪن ٿا- پنهنجي مذهب کي
ڦهلائن ٿا- متضاد جذبن سان عربن جي فرمانبرداري-
سندن لاڏاڻو ۽ جانشين- حضرت عليؓ ۽ سندن اولاد جون
دعوائون ۽ سندن نصيب.
ڇهه سؤ سالن تائين قسطنطنيہ ۽ جرمني جي قيصرن
(سيزرس) جا حال احوال اوريندي آءٌ هاڻي حرقل جي
حڪومت تائين پهچي ويو آهيان، جيڪا يونان جي موروثي
بادشاهت جي اوڀر وارين سرحدن تي قائم هئي.، جڏهن
ته ملڪ فارس جي جنگين سبب ڏيوالو ٿي ۽ ختم ٿي چڪو
هو ۽ ڪليسا کي به نستورين توڙي حضرت عيسيٰؑ ۾
عقيدي رکڻ وارن جي ڪري سخت ڌَڪ رسيو هو، عربن
۽ سندس مذهب جي جوش ۽ روح ۾ ئي درحقيقت روم جي
شهنشاهت جي زوال ۽ خاتمي جا سبب لڪل آهن ۽ اسان
جون اکيون دنيا جي اهم انقلابن منجهان هن وڏي
انقلاب تي کُتل آهن جنهن دنيا جي گولي تي ماڻهن کي
حيرت ۾ وجهي ڇڏيو ۽ دنيا جي قومن کي نه رڳو بيحد
متاثر ڪيو پر سندن ڪردار تي پڻ دائمي نقش قائم ڪري
ڇڏيا(1).
هڪ اهڙو خالي پيل خِطو جيڪو ايران، شام مصر ۽ حَبش
جي وچ ۾ هيو ان کي عربي جزيرو(2) چيو ويو جيڪو
ٽِڪُنڊو ۽ ناهموار هيو. فرات نديءَ تي بيلس(3) جي
هنڌ وٽ پندرهن سؤ ميلن تي مشتمل هڪ ڊگهي پٽي آهي،
جنهن کي باب المندب وارو پاڻيءَ جو سوڙهو لنگهه
ڌار ٿو ڪري، جنهن کي لوبان جي زمين به چيو ويندو
آهي.، ان پٽيءَ جي اڌ ڊيگهه ۽ ڪجهه ويڪرائي جيڪا
اوڀر کان اولهه طرف آهي اُها بصري کان سُئيز ۽
ايراني نار کان ڳاڙهي سمنڊ تائين پکڙيل آهي(4). هن
ٽِڪنڊي خطي جا پاسا ڪافي وڌيل آهن، ۽ ڏاکڻئين طرف
هڪ هزار ميلن جي ڊگهائي هندي سمنڊ تائين وڃي ٿي،
هن جزيري جو مٿاڇرو سطح ايترو ته وڏو ۽ وسيع آهي
جو جرمني ۽ فرانس ٻنهي کي ملائجي ته به اُنهن کان
چؤڻو ٿيندو، پر هن خطي جو وڏو حصو وارياسو ۽
پٿريلو آهي، غارن ۾ رهندڙ جهنگلي ماڻهو به جڏهن
ڪنهن فطري بيهَڪ جي سونهن کي ڏسن ٿا ته ڏاڍا خوش
ٿين ٿا جتي ڊگها ۽ ڇانوَ ڪندڙ وڻ، وليون ۽ ٻوٽا
هجن ۽ جتي مسافر پنڌ ڪندي ٿڪجي پوي ٿو پر جڏهن
ساوَڪ ۽ سبزي کي ڏسي ٿو ته سندس ٿڪُ لهي ٿو وڃي ۽
پنهنجي اندر ۾ آرام ۽ اطمينان محسوس ٿو ڪري، پر
عربستان جو خشڪ ۽ ويران جزيرو جتي اَڻ کُٽ واريءَ
جي ريگستان کي غيرآباد ۽ ڪارا جبل وِچان ورهائين
ٿا ۽ ان صحرائي رِڻ پَٽ ۾ جتي ڪنهن پاڇي يا ڇانوري
جو وجود ئي ڪونهي اُتي سج ڄڻ ’نيزي پاند‘ محسوس ٿو
ٿئي ۽ گرميءَ جي شدت برداشت ڪرڻ کان ٻاهر ٿيو ٿي
وڃي. بهاري ڏيندڙ ۽ توانا ڪندڙ هوائن جي بجاءِ
ڏکڻ- اولهه کان اهڙيون ته ڏنگيندڙ هوائون گهُلن
ٿيون جيڪي پاڻيءَ جي زهريلن ڦُڙن کي به ساڻ کڻي
ٿيون اچن ۽ اُنهن جي لڳڻ سان واريءَ جون ٽڪريون
ٺهي پوَن ٿيون جن کي سمنڊ جي تيز لهرن سان ڀيٽي
سگهجي ٿو. اُتي تيز طوفانن ۽ واچوڙن جا اهڙا ته
غضبناڪ طوفان برپا ٿين ٿا جتي ماڻهن جا سڄا سارا
قافلا ۽ فوجين جا سمورا لشڪر انهن گردابن ۾ اهڙا
ته گُم ٿي ۽ پُورجي ويا جو انهن جو ڪو نالو نشان
به نه مليو. پاڻيءَ جا عام فائدا ته پري جي ڳالهه
آهي پر اُتي پاڻيءَ جي خواهش ڪرڻ ئي ڄڻ عبث آهي، ۽
ڪاٺ جي ايتري ته اڻاٺ آهي جو اُتي باهه ٻارڻ ۽ ان
کي پري پري تائين پهچائڻ لاءِ به ڪنهن جادو يا
فنڪاريءَ جي ضرورت پوندي. عربستان ۾ نديون ڪونهن.
جتي ڪا جهازراني يا زمين آباد ٿئي ۽ نه وري اُتي
ڪا پوک ٿئي، پاڻيءَ جا ڪجهه ريلا پهاڙن تان هيٺ
ڪِرن ٿا جن کي اُڃايل زمين هڪدم پي وڃي ٿي. ٻوٽا
به ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪٿي نظر اچن ٿا، جيئن گدامڙي جو وڻ
يا ٻَٻر جن جون پاڙون پهاڙن جي ڏارُن يا ڦوٽن ۾
ٿين ٿيون يا ائين کڻي چئجي ته اُنهن ٻوٽن جون
پاڙون ماڪ سان آليون ٿين ٿيون، برسات به گهٽ پوي
ٿي ۽ ان جو پاڻي حوضن ۽ تلائن ۾ گڏ ڪيو وڃي ٿو،
البت پاڻيءَ جا چشما يا کوهه هن بيابان جو ڳُجهو
خزانو ليکيا وڃن ٿا ۽ مڪي مڪرم جا حاجي، خشڪي ۽
سخت گرميءَ جي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ جڏهن اهڙن کوهن جو
کاروپاڻي پيئن ٿا ته سندن ڪاوڙ چوٽ چڙهي ٿي وڃي
ڇاڪاڻ ته اُهو پاڻي لوڻ ۽ گندرف جي کاڻين مان
گذرندو کوهن ۾ اچي ٿو.
عربستان جي آبهوا جي اصلي ۽ عمومي تصوير اها آهي،
ڪنهن به شرارت يا سرهائيءَ واري ڪم جو تجربو مقامي
ماڻهن جي خوشين ۾ اضافي جو سبب بنجي ٿو. هڪ ڇانوَ
ڏيندڙ وڻن جو جهُڳٽو، چوپائي مال جا ساوا چراگاهه،
پاڻيءَ جا چشما وغيره ڪاهل عربن لاءِ اهڙا ته
پُرڪشش هنڌ آهن جتي هو ڳوٺن جا ڳوٺ اڏي وڃي ويهن
ٿا جتي کين خود توڙي سندن چؤپائي مال کي کائڻ،
پيئڻ ۽ چرڻ جون جام سهوليتون ملن ٿيون ۽ جتي کين
ناريل توڙي ڊاک جي وڻن پوکڻ جو به موقعو ملي ٿو.
اُهي مٿانهيون زمينون جيڪي هندي سمنڊ سان وڃي ملن
ٿيون، اُتي معياري ڪاٺ توڙي پاڻي ٻئي موجود آهن ۽
هوا به معتدل ۽ وڻندڙ آهي، اُتان جا ميوا ڏاڍا
لذيذ آهن، ماڻهن توڙي چؤپائي مال جي آبادي تمام
گهڻي آهي ۽ زمينون ايتريون ته زرخيز آهن جو هاري
ناريءَ کي سندس محنت جو سٺو اُجورو ملي ٿو وڃي ۽
هِتان جي خاص سوکڙي يعني لوبان(6) ۽ ڪافيءَ جي
پيداوار زمانن کان وٺي دنيا جي واپارين کي، وڻج
واپار لاءِ نه رڳو متوجهه پئي ڪيو آهي پر هن
سرزمين تي پئي آندو آهي. جيڪڏهن هن خِطي جي ڀيٽ
عربستان جي باقي جزيري سان ڪئي وڃي ته اڪيلو ۽ ٻي
ملڪ کان ڌار هي علائقو جنت جو هڪ نمونو نظر ايندو
يا وري اهڙو هنڌ جتي حقيقت ۽ تصوراتي دنيا جو
ميلاپ موجود آهي، جيڪو عربستان جي ڏکين علائقن کان
ڪوهين پنڌ پري هڪ شاندار ۽ جلويدار مقام آهي. زمين
جي هن بهشتي ٽڪري تي شايد قدرت جي خاص مهربانين ۽
عنايتن جو وسڪارو ٿيو هو جتي هر شيءِ نازڪ ۽ نفيس
هئي ۽ هتان جي مقامي ماڻهن کي سرهائي، عياشي ۽
معصوميت واريون اهڙيون ته نعمتون عطا ٿيون هيون
جيڪي اُنهن جي مزاج سان ٺهڪندڙ هرگز ڪونه هيون، پر
تنهن هوندي به سندن زمينن سون(7) ۽ هيرا ٿي اُپايا
۽ زمينن توڙي سمنڊن منجهان اهڙيون ته خوشبودار
هوائون هلنديون هيون جو ساهه کڻڻ شرط جند جان کي
ڄڻ عطر عنبير جو واس اچي ويندو هو. وارياسي،
پٿريلي ۽ خوشحالي وارن خِطن جو فرق يونانين ۽
لاطينين کي ته چڱيءَ طرح معلوم هو پر عرب پاڻ مقدر
جي ان ورهاست کان بيخبر هيا ۽ اها هڪ عجيب ڳالهه
آهي ته هڪ ملڪ جنهن جا ماڻهو توڙي سندن زبان
سدائين ساڳي رهي هجي، پر اُنهن جي جاگرافي ۾ قديم
آثار شايد ئي ڪٿي نظر ايندا هجن، بحرين ۽ عمان جا
سامونڊي علائقا فارس وارن جا مخالف آهن. يمن جي
بادشاهت البت هن خِطي جي صورتحال جي نمائندگي ڪري
ٿي ۽ عربستان جي خوشحالي(†)
جي علائقي نجد بابت اسان کي خبر پوي ٿي آهي،
جيڪو ڳاڙهي سمنڊ جي ڪنارن سان لڳو لڳ آهي(8).
هتان جي آدمشماري جي ڳڻپ جو دارومدار ماڻهن جي
گذاري جي ذريعن تي آهي ۽ هن وڏي جزيري جا رهواسي
اُنهن هنڌن تي گهڻا ملن ٿا جيڪي وڌيڪ سرسبز ۽ آباد
آهن ۽ جتي ماڻهو محنت به ڪن ٿا، ايراني نار جي
ڪنارن، سمنڊ(‡) توڙي ڳاڙهي سمنڊ جي ڪنارن سان
گڏوگڏ مڇي کائڻ جا شوقين(9) هر وقت پنهنجي کاڌي جي
تلاش ۾ هيڏي هوڏي جا چڪر ڪاٽيندا رهن ٿا. هو اهڙي
ته اوائلي ۽ ابتري جي حالت ۾ رهن ٿا جنهن کي ڪنهن
سوسائٽي يا معاشري جو نالو هرگز نٿو ڏئي سگهجي،
ڇاڪاڻ ته هتي انسان وحشي آهن جيڪي نه فن کي ڄاڻن
ٿا ۽ نه ڪنهن قانون کي سڃاڻن ٿا، نه وٽن ڪو عقل
آهي، ۽ نه وري ڪنهن ٻوليءَ کي صحيح طرح ڳالهائي
سگهن ٿا، ۽ سندن حالت اهڙي هجي ٿي جو کين جانورن
کان جدا ڪرڻ مشڪل مسئلو ٿي وڃي ٿو. ڪيترائي نسل ۽
زمانا گذري ويا پر سندن حالت ۾ ڪو به ڦيرو يا
تبديلي نه آئي ۽ هي مجبور جهنگلي ماڻهو پنهنجن
گهُرجن ۽ ضرورتن مطابق فقط پنهنجي نسل کي وڌائيندا
رهيا پر سندن گذاري ۽ رهڻ جو هنڌ اُهيئي محدود
سامونڊي ڪنارا رهيا. بهرحال قديم دؤر ۾ عرب گهڻو
ڪري غريب ۽ بدحال هوندا هيا پر جيئن ته گهڻو وقت
اُگهاڙو ۽ شڪاري ٿي نٿو رهي سگهجي ته هنن پوءِ
مالَ جا ڌَڻ ڌاريا ۽ ڌنارڪي يا ريڍارڪي زندگي ۾
پاڻ کي محفوظ سمجهي گذران ڪرڻ لڳا. هر بيابان ۾
مال چاريندڙ قبيلا ذري گهٽ ساڳي طرز ۽ ساڳي نموني
جي زندگي گذاريندا آهن ۽ بدويُن جي هاڻوڪي زندگيءَ
تي نظر وجهڻ سان اسان کي سندن ابن ڏاڏن جي رهڻي
ڪهڻي ۽ زندگيءَ جي طور طريقن جي پروڙ پئجي وڃي
ٿي(10)، جيڪي حضرت موسيٰؑ ۽ ﷴ ﷺ جي ڏينهن ۾ تنبن ۾
رهندا هيا ۽ پنهنجن گهوڙن، اُٺن ۽ رِڍن کي پاڻيءَ
جي ساڳين چشمن ۽ ساڳين چراگاهن تي ڪاهي ويندا هئا.
جانورن تي حڪم هلائڻ سان اسان کي محنت ۽ مشقت گهٽ
ڪرڻي پوي ٿي ۽ ٻيو ته اسان جي دولت ۾ به واڌارو
ٿئي ٿو ۽ عربستان جي مالوَندن جي لاءِ ڪمائتا
جانور ئي سندن بهترين دوست هوندا هيا جن مٿان کين
پوري مالڪي يا اختيار هوندا هيا ڇو ته اُهي ئي
جانور سندن غلام به هوندا هيا(11). فطرت جي اڀياس
ڪندڙ لاءِ عربستان هڪ اهڙو خطو آهي جيڪو گهوڙن جي
نِج نسل جو اصل ملڪ آهي جتي ان جي پالنا ۽ پرورش
لاءِ آبهوا به موزون آهي جيڪا ان سخي جانور(*) جي
ڦُڙتي ۽ عادتن لاءِ بيحد سازگار آهي. اُتر افريڪي(†)،
اسپيني ۽ انگريزي گهوڙن جو اصل نسل به عربي نسل
سان ٿو وڃي ملي(12). ڇاڪاڻ ته بدوي ماڻهو وڏي فخر
وچان اها دعويٰ ڪن ٿا ته وٽن اصلي ۽ نج نسل موجود
آهي جنهن لاءِ هنن وڏي محنت ۽ حفاظت سان ان کي
قائم رکيو آهي، نر گهوڙن کي وڏي رقم وٺڻ کان پوءِ
وڪرو ڪيو ويندو آهي پر مادين کي به شايد ئي اُنهن
کان ڌار ڪيو ويو هجي(‡)،
۽ جڏهن
مسلمان شهنشاهت جو ڦهلاءُ 56-632ع
مانائتو ٻِهاڻ ڪنهن وٽ پيدا ٿئي ٿو ته اُنهن قبيلن
۾ خوشي ۽ شادمانا ٿين ٿا ۽ ان جي پيدا ٿيڻ تي هو
هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏين ٿا. اهڙن گهوڙن کي عرب
پنهنجي ٻارن سان گڏ سِکيا ڏين ٿا ۽ آهستي آهستي
اُنهن کي سُٺا گُڻ ۽ عادتون سيکارين ٿا ته جيئن
اُهي جانور سدائين سندن وفادار رهن. کين هلڻ يا
وڏا قدم کڻڻ يا بُل ڏيڻ سيکاريو ويندو آهي پر کين
ڪنهن اجائي اَڙي لڳائي يا چهبڪ هنيو ته پوءِ گهوڙا
ڀاڄَ شروع ڪري ڇڏيندا ۽ جيئن کين وڌيڪ ڇيڙيو ويو
يا ان انداز سان ڇُهيو به ويو ته پوءِ هو تير جيان
تيز ٿي هوا سان ڳالهيون ڪندا ۽ ان تيزي ۾ سندس
ساٿي جيڪو مٿس سوار آهي جيڪڏهن هيٺ ڪري پيو ته
وفادار جانور هڪدم بيهي رهندو جيستائين سندس دوست
ٻيهر مٿس سوار ٿي وڃي. آفريڪا ۽ عربستان جي صحرائن
۾ وري اُٺ هڪ مقدس ۽ قيمتي تحفو هوندو آهي. وڏي
بار کڻڻ وارو اهو گُگدام ڪيترن ڏينهن تائين کائڻ
پيئڻ کان سواءِ به هلندو رهندو آهي ڇاڪاڻ ته قدرت
طرفان سندس پيٽ ۾ هڪ وڏي گُجي رکيل آهي جنهن ۾ هو
پاڻي جمع ڪري ڇڏيندو آهي، ان واڌاري گُجيءَ کي اُٺ
جو پنجون پيٽ به چيو ويندو آهي ۽ سندس جسماني بيهڪ
مان ائين لڳندو آهي ته هن جانور کي قدرت ٺاهيو ئي
انسان جي خدمت ڪرڻ لاءِ آهي. جيڪي وڏي يا قداوَر
نسل جا اُٺ ٿين ٿا اُهي هڪ هزار پائونڊن تائين وزن
کڻي سگهن ٿا پر هڪ ٿُوهي وارو يا هلڪي قَد بُت
وارو اُٺ ڏاڍو ڦڙت هوندو آهي جيڪو ڊوڙ ۾ تيز رفتار
گهوڙي کان به تکو ٿئي ٿو. جيئَرو يا مئل، پر اٺ جي
جسم جو هر حصو ماڻهوءَ جي ڪم اچي ٿو، ۽ ڏاچيءَ جو
کير ججهو به ٿئي ٿو ته طاقت ڏيندڙ پڻ هوندو آهي؛
ننڍي اُٺ جي گوشت جو ذائقو ٻاڪري گوشت(13) جيان
آهي جيڪو صفا ڪچڙو ۽ کائڻ ۾ مزيدار ٿئي ٿو؛ سندس
پيشاب مان لوڻ ٺهي ٿو ۽ سندس لِڏ ٻارڻ جي ڪم اچي
ٿي ۽ ان جا ڊگها وار جيڪي هر سال ڪِرندا ۽ ٻيهر
ڄمندا ٿا رهن، اُنهن منجهان بدويُن جا ڪپڙا، تنبو
۽ فرنيچر ٺهي ٿو. مينهوڳي موسم ۾ عرب بيابانن جي
گاهن ۽ ٻوٽين تي گذارو ڪن ٿا جيڪي ڪافي گهٽ ۽
ناڪافي هونديون آهن، اونهاري جي گرمين ۽ ڪجھ سياري
جي موسم ۾، هو پنهنجون جهُڳيون يا تنبو اُکيڙي
سامونڊي ڪنارن ڏانهن، يمن جي ٽڪرين طرف يا وري
فرات جي اوسي پاسي ۾ وڃي رهن ٿا ۽ اڪثر ڪري هنن
پنهنجي سِر تي خطرا کڻي نيل ندي جي ڪنارن يا شام ۽
فلسطين جي ڳوٺن جو سفر پڻ ڪيو آهي. لاڏو يا هيڏي
هوڏي ڀٽڪندڙ عربن جي زندگي خطرن کان خالي نه هوندي
آهي جنهن ۾ کين هميشه تڪليفون اينديون رهنديون آهن
۽ توڙي جو ڪڏهن ڦُر لُٽ جو مال به کين ملي ويندو
آهي، پر حقيقت اها آهي ته يورپ جي هڪ ماڻهوءَ کي
ذاتي طور تي، عرب جي وڏي ۾ وڏي امير کان به ڪيئي
دفعا وڌيڪ سُک، سهولتون ۽ عياشيون ميسر آهن، توڙي
جو عرب جو اميرزادو ڏهه هزار گهوڙن جي شان شوڪت
سان ٻاهر نڪري ٿو ۽ ماڻهن تي پنهنجي رعب تاب جو
ڌاڪو ڄمائي ٿو. |