سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:2

باب ڇٽيهون

وئنڊلن جي بادشاهه جينسيرِڪ طرفان روم کي تاراج ڪرڻ- سندس طرفان بحري جهازن جي ڦُرمار- مغرب جي آخري شهنشاهن: مئڪسيمَس، ائويٽَس، ميجوريَن، سيورَس، انٿيميَس، اوليبريَس، گليسيريَس، نيپوس ۽ آگسٽُولَس جو ترتيبوار گادي نشين ٿيڻ- مغربي شهنشاهت جو مڪمل خاتمو- اٽلي جي پهرئين بربر بادشاهه اوڊئِسر جي حڪومت.

سمنڊ(*) کان ائلپس جبلن تائين صوبن جي نقصان يا سندن برباديءَ جي ڪري روم جي عظمت ۽ اڳئين شان شوڪت ۾ ڪافي گهٽتائي اچي وئي ۽ آفريڪا جي جدا ٿيڻ تي ملڪ جي اندروني خوشحالي صفا ختم ٿي وئي. لالچي وئنڊلن، روم جي سينيٽرن جون اُهي ملڪيتون به ضبط ڪري ڇڏيون جيڪي والدين کان کين ورثي ۾ مليون هيون، ۽ ماڻهن کي حڪومت طرفان باقاعدگي سان ملڻ واري امداد کي به روڪيو ويو جنهن ذريعي غربت کي گهٽائي سگهبو هو، پر هاڻي عام ماڻهن جي سُستي ۽ ڪاهليءَ کي ويتر وڌايو ويو. هڪ اوچتي حملي سبب روم وارن جون تڪليفون ويتر وڌي ويون، ۽ جيڪو صوبو اڳ محنتي ڪُڙمين ۽ فرمانبردار رعيت جي ماڻهن جي پگهر جي پورهئي سان آباد هوندو هو، اُهو ئي هاڻي پنهنجن رهواسين خلاف، هڪ بربر جي زور تي، هٿيار کڻي بيٺو. وئنڊل ۽ الاني قبيلي جي ماڻهن، جينسيرڪ جي سوڀاري جهنڊي هيٺان رهڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏني هئي، اُنهن ڪافي زرخيز زمينون ۽ ملڪيتون هٿ ڪري ورتيون هيون جيڪي ٽئنجيئَر کان ٽِرپولي تائين سامونڊي ڪناري سان نوي ميلن جي مسافريءَ تائين پکڙيل هيون. پر جيڪي حدون‘ وارياسي بيابان ۽ بحيرهء- روم سان گڏ ۽ هر طرف کان سوڙهيون ۽ ڳُتيل هيون. ۽ جتي ڪاري رنگ واريون قومون نڪري نروار ٿيون هيون جيڪي گرم ترين علائقن ۾ رهنديون هيون()، اُنهن جي فتح جينسيرڪ کي گهڻو متوجهه ۽ متاثر نه ڪيو هو. بلڪه سندس نظرون سمنڊ طرف کُپيل هيون ڇو ته هن هڪ بحري طاقت جو مالڪ ٿيڻ ٿي چاهيو ۽ سندس جرئتمندي واري عزم کي باقاعدگي ۽ ثابت قدميءَ سان عملي جامو پهرايو ويو. اٽلس جبل جي پسگردائيءَ جي ٻيلن مان اَڻ کُٽ ڪاٺ کين ملي ويو ۽ سندس رعيت جا نوان ماڻهو جهازراني ۽ جهازن ٺاهڻ جي صنعت جا ماهر هيا، هن پنهنجي بهادر وئنڊلن کي آماده ڪيو ته هو ماڻهن کي اهڙي جنگ کان متعارف ڪرائن جنهن ۾ سامونڊي ڪنارن جي سڀني ملڪن کي هٿيارن جي پهچَ جي ويجهو ڪيو وڃي؛ اتر- اولهه آفريڪا جي مسلمانن ۽ ٻين آفريڪي ماڻهن کي ڦُرلُٽ مان ڪجھ ملڻ جي اُميد هئي ۽ ڇهن صدين جي ڊگهي وقفي گذرڻ کان پوءِ، جيڪي جنگي جهاز ڪارٿيج مان روانا ٿيا هيا، اُنهن بحيرهء- روم جي شهنشاهت تي ٻيهر پنهنجي دعويٰ ڄمائي ڇڏي. وئندلن جي ڪاميابي، سِسلي جي فتح، پالرمو جي بربادي ۽ لوڪئنيا جي ڪنارن تي سندن فوجين جي گهڻي چُرپر وئلينٽينيَن جي ماءُ ۽ ٿوڊوسيَس جي ڀيڻ کي نه رڳو گهڻو چؤڪس ڪري ڇڏيو پر ڄڻ کين ننڊ مان جهنجهوڙي جاڳائي ڇڏيو. اتحاد جُڙڻ لڳا، ۽ بيڪار توڙي ڪارگر ۽ مهانگا هٿيار جمع ٿيڻ لڳا ته جيئن نمايان دشمن کي تباهه ڪيو وڃي جنهن وٽ ايتري جرئت ۽ بهادري ته هئي ته سندن سڀني رِٿن ۽ ارادن کي ناڪام بنائي ڇڏي، پر جنهن وٽ ظاهري طرح اهڙي پاليسي يا دورانديشي ڪانه هئي ته اهڙن خطرن کي روڪي سگهي يا اُنهن کان ڀڄي يا بچي سگهي. روم جي حڪومت جي سڀني تجويزن ۽ ارادن کي سندس حڪمت عمليءَ ذريعي هر ڀيري ناڪام بنايو ويو، ڪڏهن ڄاڻي واڻي معاملن کي دير سان اُڪلائڻ جي ڪري ته ڪڏهن وري مشڪوڪ ۽ ڪُوڙن واعدن ڪرڻ سان، ۽ ڪڏهن رعايتن ڏيڻ سان کين وندرايو ويو، ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اِها هئي ته هن هڪ مضبوط اتحاد ٺاهي ورتو هو جنهن ذريعي هُنن (HUNS) جي بادشاهه آفريڪا جي فتح جي موقعي تي پنهنجن سڀني شهنشاهن کي واپس گهرائي ورتو هو ته جيئن ٻاهريَن محاذن کي ختم ڪري پنهنجي گهر ۽ اردگرد جي ماحول کي ٺيڪ ڪن ۽ ان جي حفاظت کي مضبوط بڻائن. محلات جي انقلابن، جن ذريعي اولهه جي شهنشاهت کي ڪنهن به محافظ يا قانوني شهنشاهه کان سواءِ ڇڏيو ويو هو، شڪن شُبهن کي دور ڪري ڇڏيو هو ۽ جينسيرڪ جي حرص ۽ هوَس ۾ واڌارو آڻي ڇڏيو هو. هن هڪدم وئنڊلن ۽ اتر- اولهه آفريڪا جي مسلمانن جي همت ۽ مدد سان مسلح بحري ٻيڙو تيار ڪرايو ۽ ٽائبر نديءَ تي ان کي لنگرانداز ڪيو ويو ۽ هي قدم وئلينٽينيَن جي وفات کان ٽي مهينا پوءِ ۽ مئڪسيمَس جي عهدي کي ترقي ڏئي کيس شاهي تخت تي ويهارڻ کان پوءِ کنيو ويو.

سينيٽر پيٽرونيَس مئڪسيمَس(1) جي ذاتي زندگي کي اڪثر ڪري انساني خوشي ۽ سرهائيءَ جو بي مٿال نمونو ڪوٺيو ويندو هو. سندس ڄم خانداني ۽ ناميارو هو ڇو ته هن جو تعلق ائنيسيَن جهڙي باوقار خاندان سان هيو، سندس مرتبو ان ڪري به وڏو ليکيو ويندو هو ڇاڪاڻ ته ان رتبي کي وڏي جائداد ۽ پئسي ڏوڪڙ جي پٺڀرائي حاصل هئي، ۽ هنن ظاهري فائدن سان گڏ سندس اخلاق، اٿڻي ويهڻي، لحاظ ۽ لياقتون ساراهڻ جهڙيون هيون(*) جيڪي هڪ انسان جي سهڻين وصفن ۽ خداداد خوبين ۽ گڻن کي سينگاري ۽ سنواري وڌيڪ سهڻو بڻائن ٿيون. سندس شاهي محلات توڙي کاڌي جي ٽيبل مهمان نوازي واري ۽ مانائتي هوندي هئي. جڏهن به مئڪسيمس عام ماڻهن جي ميڙن ۾ ويندو هو ته هر طرف کان سندس احسان مڃيندڙن توڙي خوشامدڙين(2) جو هڪ وڏو هجوم جمع ٿي ويندو هو جنهن ۾ اڪثريت سندس سچن دوستن جي هوندي هئي. سندس لياقتن کي سينيٽ ۽ شهنشاهه طرفان() انعامن اڪرامن جي موٽ هن ريت ملي ته کيس ٽي ڀيرا اٽلي جو چيف مئجسٽريٽ بڻايو ويو، ٻه دفعا کيس سفارتي عهدن تي ترقي ڏني وئي ۽ کيس مکيه سردار يا مُنهندار جو لقب پڻ مليو. هي شهري اعزاز فرصت جي وقت جي لطف حاصل ڪرڻ ۽ سانت ۽ سڪون جي لمحن جا مزا ماڻڻ جي عين مطابق هيا ڇو ته هُو وقت جو قدر ڪرڻ ڄاڻندو هو تنهن ڪري هر گذرندڙ وقت ۽ ڪلاڪن جي ورهاست هڪ پاڻيءَ جي گهڙيال سان ڪندو هو ۽ وقت جي قدرداني ڪرڻ سان ئي کيس خوشي حاصل ٿيندي هئي جنهن مان هو لطف اندوز ٿيندو هو. جيڪو زخم کيس شهنشاهه وئلينٽينيَن رسايو هو، اهو اهڙو نٿو لڳي جو ان جو خوني بدلو وٺجي. ان واقعي کي هڪ فيلسوف شايد هينئن ڏسندو ته جيڪڏهن سندس زال (مئڪسيمَس جي گهرواري) خلوص ۽ سچائيءَ سان زيادتي ڪندڙ آڏو آڻ نه مڃي هوندي() ته سندس پاڪدامنيءَ تي ڪو به حرف نه آيو هوندو، پر ساڳئي وقت سندس عزت ڪڏهن به نه بچي يا وٽس واپس آئي هوندي جيڪڏهن زانيءَ جي گناهه ۾ سندس پنهنجي مرضي به شامل رهي هوندي. وطن سان پيار ڪندڙ ڪو به شخص اهو هرگز نه چاهي ها ته سندس ملڪ ٻيهر مصيبتن ۾ مبتلا ٿي وڃي ۽ ٿوڊوسيَس جو شاهي خاندان وري بربادين جي ور چڙهي وڃي. پر نادان ۽ غير دورانديش مئڪسيمَس اهڙن چڱن قومي گُڻن ۽ وصفن جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي ڪاوڙ ۽ ذاتي مطلب کي اوَليت ڏني، هن رت وهندڙ وئلينٽينين جي لاش کي پنهنجن پيرن ۾ ڏٺو ۽ هن پنهنجن ڪنن سان پاڻ ٻُڌو ته روم جا ماڻهو توڙي سينيٽ کيس سلامي پيش ڪري رهيا هيا. مٿاهين مرتبي تي پهچڻ وارو ڏينهن ئي درحقيقت سندس خوشين جو آخري ڏينهن هيو. سڊونيَس جي چوڻ موجب، هن کي محلات اندر قيد ڪيو ويو ۽ سڄي رات بي آراميءَ ۾ گذارڻ کان پوءِ هن ٿڌو ساهه ڀريو ۽ اظهار ڪيائين ته سندس هر خواهش پوري ٿي هئي ۽ هاڻي سندس فقط هڪڙي خواهش باقي رهيل هئي ته هو جنهن خطرناڪ مٿاهين درجي تي پهتو هو ان تان هيٺ لهي وري ساڳئي هيٺئين درجي تائين پهچي وڃي. تخت ۽ تاج جي ذميدارين کان تنگ ۽ پريشان ٿي، هن اهڙو اظهار پنهنجي ذاتي دوست ۽ مئجسٽريٽ فُلجينٽيَس سان ڪيو ۽ جڏهن هن پنهنجي ماضيءَ جي پُرسڪون ۽ خوشين جي ڏينهن ۾ جهاتي پاتي ته شهنشاهه ٿڌو ساهه ڀريندي ڏک واري لهجي ۾ چيو: ’هاءِ اي قسمت(3)! تنهنجي حڪومت جنهن دعوت جي ٽيبل کان شروع ٿي هئي ته ساڳي ئي دعوت ۾ ان جو خاتمو به اچي ويو‘. هي هڪ اشارو يا حوالو هو جيڪو فُلجينٽيَس اڪثر ڪري شهنشاهن ۽ اُنهن جي رعيت جي حوالي سان ڏيندو هو.

مئڪسيمَس جي حڪومت ٽي مهينا مَس هلي. سندس دؤر تي هن جو ڪو به ضابطو نه رهيو هو، هن جو وقت رڳو افسوس ۽ پڇتاءُ ۾ گذرندو هو، ان کان سواءِ سندس تخت کي، خوف خطرن، ۽ سندس ئي فوج جي غدارين، ماڻهن جي چؤٻول ۽ بربرن جي سازشن صفا لوڏي ۽ لرزائي ڇڏيو هو. سندس پُٽ پئليڊيَس جي، گذريل شهنشاهه جي وڏي ڌيءُ سان شاديءَ مان سندس خانداني جانشينيءَ جو موروثي حق ته ڄميو ٿي پر هن جيڪو تشدد جو رشتو راڻي يوڊوڪسيا کي ٻڌايو هو ته ان جو مقصد فقط سندس جنسي خواهش پوري ٿيڻ ذريعي انڌي انتقام وٺڻ جو هو. هنن ڏکوئيندڙ واقعن جو سبب سندس زال هئي جيڪا مري وئي هئي ۽ وئلينٽينيَن جي بيوهه کي پنهنجي مڙس جي غم ۽ ماتم جي ڏينهَن ۾ ئي مجبور ڪيو ويو ته هوءَ هڪ گستاخ غاصب جي پيار جي ڀاڪرن ۾ پاڻ کي اُڇلائي ڇڏي جنهن تي کيس شڪ هو ته اُهو ئي سندس مڙس جو قاتل هيو. هي شڪَ ۽ گمان مئڪسيمَس جي پنهنجي غير شعوري يا ناداني واري اقرار سان پَڪ ۾ بدلجي ويا ۽ اهڙيءَ طرح هن پنهنجي ناراض ڪنوار کي پنهنجي خلاف سخت نفرت ڏياري ڇڏي هئي. ڇو ته هن کي، بهرحال اهو فخر حاصل هيو ته هوءَ شهنشاهن جي مٿاهين خاندان سان تعلق رکندي هئي. اوڀر جي شهنشاهت مان يوڊوڪسيا کي ڪنهن به مدد جو ڪو اُميد آسرو ڪونه هو؛ سندس پيءُ ۽ سندس چاچي پلچيريا مري چڪا هيا ۽ سندس ماءُ جيروسلم ۾ بي عزتي واري جلاوطني ۾ پنهنجا ڏکيا ڏينهن بسر ڪري رهي هئي، ۽ قسطنطنيہ ۾ وري حڪومت هڪ ڌارئي جي حوالي هئي. هاڻي هن ڪارٿيج ڏانهن نهاريو ۽ مخفي نموني سان وئنڊلن جي بادشاهه کي مدد ڪرڻ لاءِ ٻاڏايو ۽ جينسيرڪ کي آماده ڪيائين ته هو هن موقعي مان بهترين فائدو وٺي ۽ پنهنجي خراب يا بدنيتي جي ارادن کي به هو وقار، انصاف ۽ رحمدليءَ جهڙن لفظن جو لباس پارائي ٿي سگهيو(4). مئڪسيمَس جڏهن هيٺئين عهدي تي هو ته هن ان وقت شايد ڪي تعريف جوڳا ڪم ڪيا هوندا باقي هڪ حاڪم جي حيثيت ۾، هو پنهنجي شهنشاهت جي انتظامي معاملن کي هلائڻ ۾ ناڪام رهيو هو؛ توڙي جو آفريڪا جي ڪنارن کان سندس دشمن طرفان بحري حملي جي ڀرپور تيارين بابت کيس بروقت ٻڌايو ويو هو ته هن دشمن جي متوقع حملي کي ڄڻ ڪا اهميت ئي ڪانه ڏني ۽ نه ڪنهن بچاءَ يا پنهنجي سرحدن جي حفاظت جو بندوبست ڪيائين، نه دشمن سان ڳالهين ٻولهين ذريعي معاملي کي طئي ڪرڻ جو سوچيائين ۽ نه وري وقتائتي ڀڄڻ جو خيال آيس ته ”جتي پُڄڻ ڪم پاهه، اُتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو‘. جڏهن وئنڊل ٽائبر نديءَ جي مُهڙ وٽ پهچي پنهنجا خيما وڃي کوڙيا ته ان وقت شهنشاهه پنهنجي ڪاهليءَ واري بستري تان اوچتو تڏهن اُٿيو جڏهن بيشمار ماڻهن جا ڪاوڙ جا آواز ۽ سندن رڙيون سندس ڪنن تي پيون. مئڪسيمَس کي جيڪو سخت ڊِنل ۽ هيسيل هيو، خيال آيو ته هاڻي ڀڄڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو وٽس ڪونه هو ۽ هن پنهنجن سينيٽرن تي به زور ڀريو ته هو به هن سان گڏ ڀاڄ ڪرڻ ۾ سندس ساٿ ڏين، پر جيئن ئي مئڪسيمَس گهر کان ٻاهر نڪري گهٽين ۾ ويو ته ماڻهن جي هجوم طرفان مٿس پٿرن جو وسڪارو شروع ٿي ويو، روم يا برگنڊي جي هڪ ماڻهو فخر مان دعويٰ ڪئي ته هو پهريون شخص هو جنهن مئڪسيمَس تي وار ڪري کيس پهريون زخم رسايو هو، زخمن سان چُور سندس جسم کي وڏي بي عزتيءَ مان ٽائيبر ۾ اڇلايو ويو ۽ هن سزا جي منظر تي روم جا ماڻهو خوش ٿي رهيا هيا ۽ چئي رهيا هيا ته ’چڱو ٿيو جو ان شخص کي سخت سزا ملي جنهن ماڻهن کي سخت تڪليفون پهچايون هيون‘ ۽ يوڊوڪسيا جي گهر ۾ ڪم ڪندڙ خادم ۽ نوڪر خوش ٿيندي پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيا هيا ۽ هاڻي پنهنجي راڻيءَ کي خوشيءَ ۾ ڏسي هو به خوش ٿي رهيا هيا(5).

هنن هنگامن کان پوءِ ٽئين ڏينهن تي جينسيرڪ، اوسٽيا جي سامونڊي بندر کان بهادريءَ سان ان شهر ڏانهن روانو ٿيو جنهن جو ظاهري طرح ڪو به بچاءُ ڪو نه هو. روم جي جوانن جي حملي جي بجاءِ، گيٽن کان معزز پادرين جو هڪ وڏو جلوس ظاهر ٿيو جن وٽ وڏا هٿيار وغيره به ڪونه هيا ۽ اُهي سڀيئي مذهبي ماڻهو ٿي لڳا(6). ليئو جي بهادري، سندس مستقل مزاجي ۽ تقرير جي مهارت سبب بربر فاتح جي ڪاوڙ ۽ غصو ٿڌو ٿي ويو ۽ وئنڊلن جي بادشاهه هجوم جي سڀني ماڻهن کي نقصان نه پهچائڻ جو واعدو ڪيو، جاين ۽ عمارتن کي باهه جي شعلن ۽ قيدين کي اذيتن کان بچايو ويو ۽ توڙي جو اهڙا حڪم نه ته ڏنا ويا هيا ۽ نه وري اُنهن تي پوريءَ طرح عمل ٿيو هو، پر ليئو جهڙي نموني سان منجهيل ۽ خطرناڪ معاملن کي سُلجهايو، ان جي جيتري به تعريف ڪجي اُها گهٽ آهي ۽ اهو قدم سندس پنهنجي توڙي ملڪ جي لاءِ ڪافي فائديمند رهيو. پر روم ۽ ان جي شهرين کي وئنڊلن ۽ اتر- اولهه آفريڪا جي مسلمانن جي ظلمن ۽ شهواني شغلن جي حوالي ڪيو ويو جن جي انڌي جوش، ڪارٿيج ۾ رسيل زخمن جي انتقام وٺڻ لاءِ کين مجبور ڪيو. هي انتقامي ڪاروائي، جنهن ۾ ڦُرلُٽ جو راڄ هو، چوڏهن ڏينهن ۽ راتين تائين لڳاتار جاري رهي ۽ جيڪا به حڪومت جي توڙي ذاتي ملڪيت باقي رهجي وئي هئي، توڙي اُها مقدس هئي يا لادينيت سان لاڳاپيل هئي، ان کي جينسيرڪ جي جهازن ۾ ڀريو ۽ سَٿيو ويو. لُٽيل سامان ۾ ٻن مندرن يا وري ائين کڻي چئجي ته ٻن مذهبن جي شاندار تبرڪن

روم جي شهنشاهت ۽ جنگجو بادشاهتون- 500ع

مان انساني مقدر جي لاهن چاڙهن جي چڱيءَ طرح پروڙ پئجي ٿي سگهي. لادينيت جي خاتمي کان پوءِ ڪئپيٽول جو اُهو تقدس باقي نه رهيو هو ۽ ان کي ڇڏي ڏنو ويو هو، تنهن هوندي به ديوتائن ۽ سورهيه سپوتن جي مجسمن جو اڃا تائين احترام ڪيو ويندو هو ۽ پِتل تي سونو پاڻي چاڙهي جيڪا ڇِت بنائي وئي هئي، اُها خاص طور تي لالچي جينسيرڪ لاءِ ڇڏيل هئي(7). يهودين جي عبادت(8) لاءِ جيڪي مقدس شيون جيئن سوني ٽيبل، ۽ ستن شاخن وارو بتين رکڻ جو سونو فريم، جنهن لاءِ مشهور هو ته ان کي خود الله تعاليٰ جي هدايتن مطابق ٺاهيو ويو هو، ۽ جنهن کي مندر جي مقدس جڳهه تي نهايت ئي سينگاري سنواري ۽ نمايان ڪري رکيو ويو هو ته جيئن روم جا ماڻهو پنهنجي شهنشاهه ٽائٽَس جي ڪارنامن کي ڏسي پسي ۽ ساراهي سگهن. بعد ۾ اهي تبرڪات ’امن جي مندر‘ ۾ رکيا ويا ۽ چئن سؤ سالن جي گذرڻ کان پوءِ جيروسلم ۾ رکيل تبرڪن کي روم کان ڪارٿيج منتقل ڪيو ويو ۽ اهو ڪم هڪڙي بربر حاڪم ڪيو جنهن جو اصل نالو بالٽڪ سمنڊ جي ڪنارن جو هو. هي قديمي يادگار اسان جي توجهه، تجسُس ۽ دلچسپيءَ سان گڏوگڏ لالچي نظرن جو به مرڪز رهيا آهن. پر عيسائين جون ڪليسائون، جيڪي ان دؤر جي وهمن وسوسن ذريعي آسوديون ۽ سينگاريل هيون، ماڻهن کي لُٽ ڦُر ۽ بي حرمتي ڪرڻ جي ڄڻ دعوت ڏئي رهيون هيون ۽ پادري ليؤ جي تقدس واري فياضي يا وري ڪشاده دلي اها هئي جو هن چانديءَ جي ڇَهن گلدستن، جيڪي شهنشاهه ڪانسٽئنٽائن طرفان ڏنل تحفا هيا ۽ هر گلدستي جو وزن هڪ سؤ پائونڊن جو هو، کي باهه تي گرم ڪري رِجائي ڇڏيو هو، ۽ هي هڪ اهڙو نقصان هو جيڪو هن خود ڪيو هو ۽ ان جي تلافي ڪرڻ جي ڪوشش به خود ئي ڪيائين. گاٿن جي حملي کان پوءِ پنجيتاليهن سالن جي عرصي ۾ روم جي شان شوڪت ۾ ڪجھ قدر اضافو ٿيو هو ۽ هڪ فاتح جي حرص ۽ هوَس کان جيترو بچڻ مشڪل هو اوترو ئي مطمئن ڪرڻ به کيس ڏکيو هو، ڇو ته گاديءَ جي هنڌ جي دولت کي جمع ڪري ان کي پنهنجن جهازن ۾ روانو ڪرڻ سندس مشغلو بڻجي ويو هو. محلات جا شاهي زيوَر، شاندار فرنيچر، ڪٻٽ ۽ الماڙيون، ۽ ٻيون زبردست قيمتي شيون ۽ تحفا ڦُرمار ڪندي ڪٺا ڪيا ويا، فقط سون ۽ چاندي جي زيورن يا سامان جي قيمت جو اندازو هزارين ٽئلينٽس (ان وقت جو رومي سِڪو) جي برابر هو، ان جي باوجود پتل ۽ ٽامي جي ٺهيل شين کي به گڏ ڪري لُٽيو ويو. يوڊوڪسيا پاڻ جيڪا پنهنجي دوست ۽ نجات ڏياريندڙ سان ملڻ اڳتي هلي وئي هئي، هڪدم پنهنجي نادانيءَ جي رَويي تي پاڻ پڇتايو. سندس پاتل زيورن کي زوريءَ لاهي کيس ڦُريو ويو، ۽ بدقسمت راڻي، جيڪا پنهنجن ٻن ڌيئرن سان گڏ هئي ۽ اهي ئي بچيل رشتا هيا جيڪي عظيم ٿوڊوسيس سان لاڳاپيل هيا، کي مجبور ڪري کيس قيدي بڻائي هڪ ضِدي وئنڊل جي حوالي ڪيو ويو جنهن بنا دير پنهنجن جهازن جي سِڙهن کي ڦڙڪايو ۽ وڏي دولت کي پاڻ سان گڏ کڻي ڪارٿيج جي بندر تي وڃي لٿو(9). رومين جون هزارين عورتون توڙي مرد، جن کي سندن مرضيءَ سان يا بغير سندن رضامنديءَ جي، هنن پنهنجي خدمت ۾ رکيو هو، سخت مجبوريءَ ۾ جينسيرڪ جي جهازن جي ٻيڙي ۾ سوار ٿيا ۽ وحشي بربرن جي غير انساني روَين سندن تڪليفن ۽ اذيتن ۾ واڌارو ڪري ڇڏيو هو، جن تاراج ٿيل مال دولت جي ورهاست وقت زالن کي پنهنجن مڙسن ۽ ٻارڙن کي پنهنجي والدين کان جدا ڪري ڇڏيو هو. اهڙي ڏکئي وقت ۾ ڊيوگراٽياس، جيڪو ڪارٿيج جو پادري هو(10)، جي سخاوت ئي فقط هنن جي لاءِ سڪون ۽ اطمينان جو باعث هئي؛ هن ڪليسا جي سون ۽ چانديءَ سان جڙيل شين ۽ پليٽن کي وڏي پئماني تي وڪڻي ڇڏيو جنهن مان مليل رقم مان هن ڪجھ ماڻهن جي آزاديءَ کي خريد ڪيو، ڪيترن کي غلاميءَ مان نجات ڏياري ۽ بيشمار ڪمزورن، بيمارن ۽ قيدين جي مدد ڪئي جن جي صحت اٽلي کان آفريڪا تائين پهچڻ جي ڏکئي ۽ تڪليفن واري سفر ۾ خراب ٿي چڪي هئي. سندس ئي حڪم هيٺ ٻن شاندار ڪليسائن کي اسپتالن ۾ تبديل ڪيو ويو، بيمارن کي نرم ۽ آسائشي بسترا وِڇائي ڏنا ويا، ۽ کين مناسب کاڌو خوراڪ ۽ دوائون پڻ ڏنيون ويون، ۽ وڏي عمر جو هي پادري ڏينهن توڙي رات هنن ماڻهن ڏي ايندو ويندو رهيو ته جيئن اُنهن جا غم گهٽجن ۽ ڏک ڏور ٿين ۽ هي تڪليفون سندس عمر ۽ سگهَه جي حساب کان واڌاريون هيون پر هو خوشيءَ سان برداشت ڪندو هو، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سندس فطرت ۾ شفقت ۽ همدردي جو جذبو موجزن هو جنهن سندس خدمتن کي وقار ۽ ماڻهن طرفان احترام عطا ڪيو هو. هن جذبي جي ڀيٽ ڪينا(*) جي ڪردار ۽ ان ججَ سان ڪري ڏسو جيڪو هئنيبل ۽ سينٽ سائپرين(11) جي وچ ۾ نروار ڪيو ويو هو.

ايٽيَس ۽ وئليننٽينيَن جي موت اُنهن رشتن ۽ ضابطن کي ڪجھ ڍرو ڪري ڇڏيو هو جن گال جي بربرن کي امن ۽ ادب سان رهڻ سيکاريو هو. سامونڊي پٽيءَ تي هاڻي ڀانت ڀانت جي نسلن جا ماڻهو اچي آباد ٿيا هيا جن ۾ سئڪسَنس، اليماني ۽ فرئنڪ گهڻي تعداد ۾ هيا جيڪي رائين کان لڏي سين نديءَ جي ڪنارن تي وڃي آباد ٿيا هيا ۽ گاٿن جو مقصد فقط پنهنجي اثر جي دائري کي وڌائڻ ۽ پنهنجين سوڀن کي دائمي ڪرڻ جو هو. شهنشاهه مئڪسيمَس هڪ مناسب فيصلو ڪري پاڻ کي ذهني دٻاءَ کان آزاد ڪري ڇڏيو ته پري جي سرحدن جي سنڀال کان پاڻ آجو ٿي ويهي رهيو. هن دوستن جي منتن يا مشورن کي چخي ئي نه ڪيو، فقط شهرت جي آواز کي ٻُڌو ۽ هڪ ڌارئي شخص کي هُن گال جي فوجن جو ڪمانڊر مقرر ڪري ڇڏيو. ائويٽَس(12)، هڪ ڌاريو پر اهليت وارو ۽ قابل شخص هو ۽ سندس صلاحيتن جي قدرداني به چڱيءَ طرح ڪئي وئي هئي. هو دولتمند ۽ هڪ خانداني گهراڻي سان تعلق رکندو هو ۽ آورَن ضلعي ۾ ڄائو نپنو هو. ان دؤر جي وقت جي حالتن ۽ تقاضائن کيس مجبور ڪيو ته هو ساڳئي وقت تي شهري ۽ فوجي شعبن ۾ مهارت حاصل ڪري ۽ هن محنتي، اَورچ ۽ نه ٿڪندڙ نوجوان علم ۽ ادب توڙي قانون کي چڱيءَ طرح پڙهيو ۽ پروڙيو، ان سان گڏوگڏ شڪار ۽ هٿيارن کي استعال ڪرڻ جا هنر به سکي ورتائين. هن پنهنجي عمر جا ٽيهه سال ماڻهن جي شاندار طريقي سان خدمت ڪندي گذاريا، هو ڪڏهن جنگين ۾ پنهنجا جوهر آزمائيندو هو ته ڪڏهن وري اُلجهيل شهري مسئلن ۽ معاملن کي پنهنجي ذهانت سان سلجهائي ڇڏيندو هو، ۽ ايٽيَس جي هن زبردست سپاهي سفارت خانن کي به ڪاميابيءَ سان هلايو هو. تنهن ڪري سندس صلاحيتن جي مڃتا طور کيس گال جو شاهي منهندار ۽ مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو. شايد ايترن سارن رتبن تي پهچڻ جي ڪري ماڻهن ۾ هن جي خلاف حسد پيدا ٿيو يا وري گهڻي ڪم سبب آرام ڪرڻ جي ارادي سان، ائويٽـَس سڀني عهدن تان رٽائر ٿي پنهنجي ملڪيت وڃي سنڀالي جيڪا ڪلرمانٽ جي ڀرپاسي ۾ هئي. هي اُهو هنڌ هو جتي هڪ ڪشادي پاڻيءَ جو چشمو، جيڪو جبلن مان ٿي ڦُٽو ۽ تيز وهڪري جي صورت ۾ جهڳَ ٺاهيندو اڳتي وهندو ۽ ڌوڪيندو پنهنجي پاڻيءَ جو ڇوڙ هڪ ڍنڍَ ۾ ٿي وڃي ڪيائين، جيڪا ٻه ميل کن ڊگهي هئي ۽ سندس گهر ڍنڍَ جي آخري ڇيڙي تي پنهنجي پوري خوبصورتيءَ سان ٺهيل هو. غسل خانا، ڇپراٺا، اونهاري توڙي سياري جي موسمن لاءِ ٺهيل جدا جدا گهر، استعمال ۽ عياشيءَ جو سنگم هيا ۽ پاڙيسري ملڪ ۾ وري رڳو ٻيلا، چراگاهه ۽ سبز ساوڪ سان ڍڪيل ميدان هيا جن جو نظارو پڻ بيحد دلڪش هيو(13). هن ماحول ۾ جڏهن ائويٽـَس پنهنجي فرصت جو وقت ڪتابن جي مطالعي، مقامي راندين روندين، ٻني ٻاري جي هارپَ ۽ نظرداري ۽ دوستن جي ساٿ ۽ ڪچهرين ۾ ٿي گذاريو(14)، ته کيس هڪ شاهي ڊگري ملي جنهن ذريعي هن کي گال جي گهوڙي سوار ۽ پيادل فوج جي ماسٽر جنرل جو عهدو عطا ڪيو ويو، هن هڪدم جيئن ئي اهو فوجي عهدو سنڀاليو ته بربرن پنهنجي ڪاوڙ کي دفن ڪري ڇڏيو، ۽ هن جيڪي به قدم کنيا ۽ جيڪي به عوام کي رعايتون ڏنائين، ماڻهن مجموعي طور تي سلامتي ۽ امن امان ۾ رهڻ جي سُک جو ساهه پٽيو. پر گال جي قسمت جو دارومدار وزيگاٿن تي هو ۽ روم جي جنرل، جنهن کي پنهنجي ذاتي شان ۽ مرتبي جي بجاءِ ماڻهن جي بهبود ۽ بهتريءَ جو اونو هو، ان ڳالهه کان هرگز بُڇان نه ڪئي ته هو هڪ سفير جي حيثيت ۾ ٽولُوز جو چڪر لڳائي اچي. گاٿن جي بادشاهه ٿوڊورڪ هن جو زبردست استقبال ڪيو ۽ سندس شاندار مهمان نوازي ڪئي وئي، پر، هڪ طرف ائويٽَس هن طاقتور ۽ بهادر قوم سان هڪ پڪي پختي اتحاد ۽ ايڪي جو بنياد رکيو ته ٻي طرف کيس خبر پئي ته شهنشاهه مئڪسيمَس کي قتل ڪيو ويو هو ۽ روم کي وئندلن ڦُري تاراج ڪري ڇڏيو هو. هڪڙو تخت خالي ٿي چڪو هو جنهن تي هو بغير ڪنهن خطري جي ويهي ٿي سگهيو، ۽ جنهن تي تخت نشين ٿيڻ جي خواهش به هن جي اندر ۾ جاڳي پئي(15)، ۽ وزيگاٿن کي آسانيءَ سان قائل ڪيو ويو ته هو بغير ڪنهن رڪاوٽ پيدا ڪرڻ جي سندس حمايت ڪن. هونئن به هو ائويٽَس جي شخصيت سان پيار ڪندا هيا، ۽ سندس ڪردار جو احترام ڪندا هيا ۽ کين ان ڳالهه جو پوريءَ طرح احساس هو ته اولهه جو شهنشاهه ۽ اُهو به جيڪڏهن ائويٽس جهڙو باڪردار هجي ته اها سندن ئي فائدي ۽ وقار جي ڳالهه هئي. هاڻي اُها مُند ۽ موقعو عنقريب اچڻ وارو هو جڏهن ستن صوبن جو ساليانو ميڙ آرلس ۾ ٿيڻو هو جتي اجلاس جي ڪاروائي تي ٿوڊورِڪ جي اثرانداز ٿيڻ جو امڪان هو جتي سندس جنگجو ڀائر به موجود هوندا، پر اها ڳالهه صاف ظاهر هئي ته سندن وطن جي ماڻهن ۾ جيڪو سڀني کان وڌيڪ لياقت رکندڙ هوندو اُهو ئي سندن اڳواڻي ڪندو. بهرحال معمولي پر مانائتي مخالفت کان پوءِ ائويٽس شاهي تخت جي واڳ وٺڻ لاءِ راضي ٿي ويو، گال جي سڀني نمائندن، صوبائي عيوضين ۽ بربرن جي وڏي اڪثريت جي جوش جذبي ۽ تاڙين جي گونج ۾ شهنشاهه جي چونڊ جو فيصلو ائويٽـَس جي حق ۾ ٿي ويو. اوڀر جي شهنشاهه مرسيَن به خوشيءَ سان منظور ڏئي ڇڏي، پر سينيٽ، روم ۽ اٽلي، توڙي جو تازين مصيبتن سبب ڪمزور ٿي چڪا هئا پر پوءِ به اُنهن چپ چاپ جي ڀُڻ ڀُڻ ڪندي منظوري ڏني پر کيس گال جي غاصب جو لقب ڏنائون.

ٿوڊورِڪ، جنهن جي لاءِ ائويٽس پنهنجي تخت حاصل ڪرڻ لاءِ احسان مند هو، پنهنجي وڏي ڀاءُ ٽورسمانڊ جي قتل ٿيڻ کان پوءِ گاٿن جو حاڪم ٿيو هو ۽ هُن پنهنجي ڪُڏي ڪم کي جائز سمجهيو هو ڇاڪاڻ ته سندس اڳئين جانشين شهنشاهت سان پنهنجي ايڪي ۽ اتحاد جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي(16). جيڪڏهن اهڙو ڏوهه ڪو بربر حاڪم ڪري ها ته پوءِ اها ڳالهه تعجب واري يا ڇرڪائيندڙ نه هجي ها ڇو ته اهڙو ڪم اُنهن جي ڪردار جي عين مطابق هو پر ٿوڊورڪ جون اخلاق عادتون ۽ ڪردار انساني وصفن سان ڀريل هيا تنهن ڪري ماڻهو سندس عزت ڪندا هيا ۽ ايندڙ نسل بغير ڪنهن هٻڪ جي گاٿن جي هن بادشاهه جي تصوير ٺاهي سگهي ٿو جنهن کي سڊونيَس پڻ پنهنجي ذهن ۾ رکيو هو ته ڪيئن نه هن امن امان ۽ انساني لڳ لاڳاپن کي سهڻي نموني سان هلايو هو. ٽولُوز جي محلات منجهان هڪ تحرير هٿ آئي آهي جنهن ۾ تقرير جي هڪ ماهر پنهنجي دوست جي تجسُس ۽ شڪ واري ڪيفيت کي هيٺين لفظن سان مطمئن ڪيو آهي:

”مونکي سندس ظاهري صورت جو قسم آهي ته اُهي ماڻهو به ٿوڊورڪ جو احترام ۽ عزت ڪندا جيڪي هن وقت تائين سندس خوبين ۽ چڱاين کان ناواقف آهن ۽ توڙي جو هو پنهنجي ڄائي ڄم کان ئي هڪ عظيم شخص آهي پر سندس خوبيون خود بخود کيس مٿاهون ۽ نمايان شخص جي حيثيت ۾ ظاهر ڪنديون. هو پوري پُني قد جو آهي، ۽ سندس جسم ٿلهي هئڻ جي بجاءِ، مناسب ۽ تراشيل آهي ۽ پنهنجي عضون جي جوڙجَڪ ۾ هو متحرڪ، چُرپر ڪندڙ ۽ طاقتور آهي(18). جيڪڏهن سندس مُنهن جي بيهڪ کي ڏسجي ٿو ته سندس نراڙ ڪشادو، وڏا ۽ کُهرا ڀِرون، عُقابي نَڪ، سنها چپَ، سهڻا، اڇا ۽ سلامت ڏندَ، ۽ رنگ سهڻو ۽ وڻندڙ ۽ مُنهن تي ڪاوڙ جي بجاءِ سدائين مُرڪ ۽ حيادار، تنهن ڪري ماڻهو ساڻس محبت ڪن ٿا“. سندس وقت جي وِرڇ يعني اُهو وقت جيڪو هو ماڻهن سان گذاري ٿو، اُهو هن ريت آهي: ڏينهن جي شروع ٿيڻ کان اڳ هو پنهنجن مخصوص ماڻهن سان گڏجي ننڍي ڪليسا ۾ وڃي ٿو جتي پادري سڀني سان گڏجي عبادت ڪري ٿو پر اُهي ماڻهو جيڪي کيس وڌيڪ ويجها آهن ته اُهي سندس هن عقيدت ۽ عبادت کي سندس روزاني عادت ۾ شامل ڪن ٿا. صبح جو باقي بچيل وقت بادشاهت جي انتظامي مسئلن جي سار سنڀال ۾ گذري ٿو. سندس ڪرسيءَ جي اردگرد بيٺل محافظ فوجي آفيسر آهن پر اُهي نهايت ئي فضيلت وارا ۽ مهذب آهن ۽ شور ڪندڙ بربرن کي وڏي هال جو محافظ بنايو ويو آهي پر کين اها اجازت هرگز مليل ناهي ته اُهي پردن يا ٻڌايل حدن کان اڳتي وڌي وڃن ڇو ته اُتي خاص ڪائونسل جي هڪ جڳهه ٺهيل آهي جنهن کي گستاخ نظرن کان پري رکيو ويندو آهي ۽ اهو احتياط ڪيو ويندو آهي ته اُها جڳهه عام ماڻهن جي نظرن يا تڪڻ کان محفوظ رهي. هِتي ئي مختلف قومن جي سفيرن جو تعارف ڪرايو ويندو آهي، ٿوڊورڪ کين غور سان ٻڌي ٿو. سندن سوالن جا جواب کين ڦڙتي ۽ وضاحت سان ڏئي ٿو، ۽ پنهنجي آخري فيصلي ڏيڻ ۾، حالتن جي تقاضا موجب يا ته دير ٿو ڪري يا هڪدم اعلان ڪري ٿو ڇڏي. (اٺين ڌاران) يعني ٻي ڪلاڪ ۾ هو پنهنجي تخت تان اُٿي ٿو ۽ پنهنجي خزاني يا وري گهوڙن جي اصطبل جو چڪر ٿو لڳائي، جيڪڏهن شڪار تي وڃڻ جي خواهش ٿو ڪري يا وري گهوڙي جي پٺيءَ تي سوار ٿي ڪا ورزش ڪري ٿو ته سندس تير ڪمان هڪ نوجوان کڻي ٿو پر جڏهن شڪار کي پوريءَ طرح تاڙيو وڃي ٿو ته هو تير ڪمان پنهنجي هٿ ۾ کڻي استعمال ٿو ڪري ۽ اهو شايد ئي ڪڏهن ٿيو هجي جو سندس نشانو خطا ٿيو هجي يا گُٿو هجي. بادشاهه جي حيثيت ۾ هٿيارن کڻڻ کان کيس نفرت آهي پر هڪ سپاهيءَ جي حوالي سان هو ڪنهن به فوجي ڪم ڪرڻ کي پنهنجو اعزاز سمجهندو هو. عام ڏينهن ۾ سندس رات جي ماني اُها ئي هوندي هئي جيڪا ڪو عام شهري کائيندو هو پر هر ڇنڇر تي هو ڪيترن ئي مهمانن کي پنهنجي ٽيبل تي کاڌي کائڻ جي دعوت ڏيندو هو جنهن ۾ يونان جي شان جي جهلڪ، گال جي ڪشادگي ۽ اٽلي جي محنت ۽ مهمان نوازيءَ جا رنگ ڏسڻ ۾ ايندا هيا(19).  سون يا چانديءَ جون پليٽون پنهنجي وزن جي ڪري نه پر پنهنجي چمڪ ۽ نقش نگاريءَ سبب وڌيڪ نمايان ۽ نراليون هونديون آهن ۽ طعام جي لذت ماڻڻ لاءِ ڪنهن به ٻاهرين مدد جي ضرورت نه هوندي آهي پر اها پنهنجن حواسن تي مدار رکندڙ هوندي آهي؛ شراب جي پيالن جي سائيز ۽ تعداد، پيئڻ ۾ اعتدال رکڻ جي قانون مطابق هوندو هو ۽ ان وقت محفل تي ڇانيل احترام واري خاموشيءَ کي فقط سخت ضرورت يا ڪجهه هدايتن جاري ڪرڻ وقت ٽوڙيو ويندو هو. رات جي مانيءَ کان پوءِ ٿوڊورِڪ ڪڏهن ڪڏهن ٿوري دير لاءِ ننڊ ڪندو هو ۽ جيئن ئي هو جاڳندو هو ته ٽيبل گهرائي ڍاري يا ڇَڪي جي راند کيڏڻ شروع ڪندو هو ۽ پنهنجن دوستن کي چوندو هو ته راند جي وقت هو سندس شاهي دٻدٻي کي وساري ڇڏين ۽ هو تڏهن ڏاڍو خوش ٿيندو هو جڏهن سندس دوست آزاديءَ سان پنهنجي دل جا حال احوال کيس ٻڌائيندا هيا ته ساڳي وقت راندين روندين بابت به کيس وندرائيندا هيا، هن راند کي هو ڏاڍو پسند ڪندو هو ۽ چوندو هو ته ان جو تصور جنگ جهڙو هوندو هو، اهڙيءَ طرح هو هن راند ذريعي پنهنجي ذهن، پنهنجي صبر ۽ پنهنجي خوش طبعي جو مظاهرو ڪندو رهندو هو. جيڪڏهن هو راند هارائيندو هو ته کِلندو هو پر جي کٽيندو هو ته بردبار ۽ خاموش رهندو هو. پر سندس درٻاري سندس کٽڻ جي خوشيءَ ۾ کانئـُس ڪجهه فائدا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هيا ۽ مون خود، بادشاهه ڏي لکيل درخواستن ۾، پنهنجن نقصانن منجهان ڪيترائي فائدا حاصل ڪيا آهن(20) اٽڪل نائين ڪلاڪ ۾ (يعني ٽين وڳي) زندگي جو ڪاروبار ٻيهر شروع ٿي ويندو هو ۽ اهو سلسلو لڳاتار سج لهڻ کان پوءِ به تيسين پيو هلندو هو جيسين رات جي شاهي مانيءَ جي لڳڻ جو ماڻهن کي اشارو ملندو هو ۽ پوءِ هڪدم عرضدارن، ۽ منت ميڙ ڪرڻ وارن جو هجوم محلات مان هليو ويندو هو. رات جي مانيءَ تي ڪڏهن ڪڏهن مشڪرن ۽ ڀوڳائي ماڻهن کي به وِندر ورونهن لاءِ گهرايو ويندو هو ته جيئن کِل ڀوڳ ۽ ذهانت طرف ماڻهن جو توجهه ڦيرائي سگهجي، پر ڳائڻين ۽ کدڙن وغيره جي شرڪت تي سخت پابندي هئي ۽ اهڙيون جنگي ۽ بهادريءَ واريون ڌُنون، جيڪي ماڻهن ۾ همت ۽ مردانگي جو روح ڦُوڪن، وڄايون وينديون هيون. جن تي ٿوڊورڪ جا ڪنَ محظوظ ٿيندا هيا ۽ هو بيحد خوش ٿيندو هو. جيئن هو کاڌي جي ٽيبل تان اُٿندو هو ته رات جي ڊيوٽي وارا محافظ خزاني جي گيٽن ۽ محلات جي اردگرد چؤڪس ٿي ويندا هيا.

جڏهن وزيگاٿن جي بادشاهه، ائويٽس کي تاج پهرڻ لاءِ همٿايو هو، ته هن پنهنجي پاڻ کي توڙي پنهنجين فوجين کي روم جي جمهوريه جي خدمت لاءِ ارپي ڇڏيو هو(21). ٿوڊورِڪ جي مُهمُن سڄي دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو هو ته هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي جنگي ڪرتبن کان هرگز پٺتي نه هٽيو هو. اَڪئيٽين ۾ گاٿن جي آبادي ۽ وئنڊلن لاءِ آفريڪا جي رستي کُلڻ کان پوءِ، سُووِي قبيلي، جنهن گئليشيا ۾ پنهنجي بادشاهت قائم ڪري ڇڏي هئي، اسپين کي فتح ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري ۽ روم جي ڪمزور حڪومت جي باقي بچيل ٽُڪرن کي به تباهه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏنائون. ڪارٿاجينا ۽ تاراگونا جي مقامي ماڻهن، جن دشمنن جي حملي سبب تڪليفون ڪاٽيون هيون، پنهنجا ڏک سک ۽ جيڪي به کين خدشا ۽ خطرا هيا، اُهي بيان ڪيا. مُنهندار فرونٽو کي شهنشاهه ائويٽس طرفان ايلچي ڪري موڪليو ويو جيڪو امن ۽ ايڪي جو سٺو پيغام کڻي ويو ۽ ٿوڊرڊڪ پنهنجي طاقتور ثالثي ڪندي اعلان ڪيو ته جيستائين سندس ڀيڻيوو- سووِي جو بادشاهه رٽائرڊ نٿو ٿي وڃي ته هو روم کي انصاف ڏيارڻ لاءِ هٿيارن جي ذخيري کي وڌائيندو رهندو. ’کيس ٻڌائي ڇڏ‘، ضدي رچائريَس غرور مان وراڻيو، ’ته مان سندس دوستي توڙي هٿيارن کان نفرت ڪريان ٿو، پر مان جلدي ڪوشش ڪندس ۽ هن کي اهو به ٻڌائي ڇڏجو ته جلدئي ٽولُوز جي ديوارن اندر منهنجي اوچتي آمد جو انتظار ڪري.‘ دشمن طرفان اهڙي للڪار ٿوڊورِڪ کي محتاط بنائي ڇڏيو ۽ هو دشمن جي پيش قدمي کي روڪڻ جون تجويزون ٺاهڻ لڳو. هو وزيگاٿن، فرئنڪن ۽ برگنڊَيَنس جي وڏي فوج وٺي پائرينيز اُڪريو، ۽ توڙي جو هُو پاڻ کي ائويٽس جو ٻَڌو ٻانهو سمجهندو هو، پر هن پنهنجي ۽ سندس ايندڙ جانشينن لاءِ اسپين جي سوڀن کي پنهنجو ذاتي ورثو سمجهي ڇڏيو هو. ٻه فوجون يا ٻه قومون اُربيڪس ندي جي ڪنارن تي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيون، هي هنڌ آسٽروگاٿن کان ٻارهن ميلن تي هو ۽ ائين ٿي لڳو ته گاٿن جي فيصلي واري فتح سووِي جي بادشاهت جو نالو نشان ئي مٽائي ڇڏيندي. جنگ جي ميدان مان ٿوڊورڪ برئگا ڏانهن پيش قدمي ڪئي جيڪو مخالفن جو وڏو شهر هو ۽ جنهن اڃا تائين پنهنجي قديم وڻج واپار ۽ شهري عظمت جي وقار کي برقرار رکيو هو(22). سندس آمد کي هروڀرو رت جي وهڻ سان پليد نه ڪيو ويو، ۽ گاٿن، قيدي عورتن جي عزت ۽ وقار تي حرف نه اچڻ ڏنو، ۽ خاص طرح تي اُهي ڪنواريون جن جي پاڪدامني داغدار نه ٿي هئي، باقي بيشمار مذهبي ماڻهن ۽ ٻين کي گرفتار ڪري قيدي بنايو ويو ۽ ڪليسائن توڙي قربانگاهن کي به لُٽ ڦُر(*) جي راڄ ۾ نه بخشيو ويو. سووِي جو بدقسمت بادشاهه سمنڊ جي هڪ بندرگاهه ڏي ڀڄي ويو پر هوا جيڪا سامهون ۽ مخالف رخ کان گهُلي رهي هئي، هن کي اهڙي هنڌ تي وڃي پهچايائين جتي سندس جاني دشمن موجود هو ۽ ريچاريَس، جنهن جي نه خواهش هئي ۽ نه وري کيس رحم جي ڪا اُميد هئي، موت کي مردانگيءَ سان قبول ڪري ورتو هو- يعني اُهو موت جيڪو سندس هٿان شايد ڪنهن ٻئي جو ٿئي ها. پاليسي يا ناراضگيءَ جي هن خوني قرباني ڏيڻ کان پوءِ ٿوڊورڪ ميريڊا تائين پنهنجين فوجين سميت اڳتي وڌي ويو جيڪو لوسيٽئنيا جو مکيه شهر هو ۽ هن پيشقدميءَ ۾ کيس ڪابه رڪاوٽ پيش نه آئي سواءِ سينٽ يُولئليا جي معجزاتي طاقت جي، پر هن کي ڪاميابين جي چوٽيءَ تي روڪيو ويو ۽ سندس فتحن جي ضمانت ڏيڻ کان اڳ ئي هن کي اسپين منجهان گهرايو ويو هو. پائرينيز طرف ڀاڄ ڪندي، هن پنهنجي ناڪاميءَ جو بدلو هر ان ملڪ کان ورتو جنهن مان هو لنگهيو هو ۽ پولينشيا ۽ آسٽورگا کي تاراج ڪرڻ وقت، هن پاڻ کي هڪ اهڙو اتحادي ثابت ڪيو جنهن تي ڀروسو نه پيو ڪري سگهجي ۽ ان سان گڏوگڏ هن پاڻ کي هڪ ظالم دشمن جي روپ ۾ پيش ڪيو. هڪ طرف وزيگاٿن جو بادشاهه، ائويٽَس جي طرفان، وڙهيو ٿي ۽ سوڀون حاصل ٿي ڪيون، پر خود ائويٽَس جي حڪومت پڄاڻيءَ تي پهچي چڪي هئي ۽ ٿوڊورڪ جو وقار توڙي سندس دلچسپي ٻئي زخمي ٿي چڪيون هيون ڇو ته سندس دوست جي بيعزتي ٿي هئي جنهن کي هن اولهه جي شهنشاهت جو تاج پارايو هو(23).

سينيٽ توڙي عوام طرفان شهنشاهه ائويٽس کي مِنتون ڪيون ويون ته هو پنهنجي رهائشگاهه روم ۾ اختيار ڪري ۽ ايندڙ سال لاءِ مئجسٽريٽ جو عهدو قبول ڪري. پهرين جنوري تي سندس ناٺي سدونيَس اپولينئرس، سندس تعريف تي مشتمل هڪ مدح سرائي تيار ڪئي جنهن ۾ شاعريءَ جا ڇهه سؤ مصرع يا بندَ نظمايا ويا هيا، ۽ سندس شاعري، توڙي جو ان تي پتل جو مجسمو کيس انعام طور ڏنو ويو هو(24)، ذهانت يا سچ جي هڪ مناسب مواد سان ڀريل هئي. شاعر، جيڪڏهن اسان ان مقدس نالي کي بيعزتو ڪريون، هڪ حاڪم ۽ هڪ پيءُ(*) جي خاصيتن کي حد کان وڌائي پيش ڪيو آهي ۽ هن بابت ڊگهي ۽ شاندار حڪومت ڪرڻ جي سندس پيشنگوئي کي به حالتن غلط ثابت ڪري ڇڏيو. ائويٽَس، ان وقت جڏهن شاهي شان شوڪت، تڪليفن ۽ خطرن جي ور چڙهي ويو هو، اٽلي جي عياشين مان لطف اندوز ٿي رهيو هو، هن وڏي عمر ۾ پنهنجي عاشق مزاجي جي عادتن کي ڇڏيو نه هو ۽ هن تي ڪيترا الزام هيا ته هن نهايت بيهودگي ۽ بيحيائيءَ جي طنزن سان اُنهن مُڙسن کي بيعزتو ڪيو هو جن جي زالن سان ناجائز تعلقات قائم ڪري هنن سان هُن زيادتي ڪئي هئي(25). پر روم جا ماڻهو هاڻي قطعي طور تي کانئس بيزار هيا، هو نه ته سندس غلطيون ۽ ڏوهه معاف ڪرڻ ۽ نه وري سندس خوبين جي اعتراف ڪرڻ لاءِ تيار هيا. نتيجي ۾ شهنشاهت جا ڪيترائي حصا ڄڻ هڪ ٻئي لاءِ اجنبي بڻجي ويا هيا ۽ گال جو هي ڌاريو شخص ماڻهن طرفان نفرت ۽ حقارت جي علامت بڻجي ويو. سينيٽ، شهنشاهه جي چونڊ ڪرڻ ۾ پنهنجو جائز حق ڄمايو پر سندس اختيارَ، جيڪي پراڻي آئينَ مان حاصل ڪيا ويا هيا، اُهي زوال پذير شهنشاهت جي ڪري رد ڪيا ويا. تنهن هوندي به اهڙي بيوَس شهنشاهت به شايد ڪمزور سينيٽ جي وؤٽن جي مخالفت ڪري سگهي ها جيڪڏهن مُنهندار رسيمَر سندن شڪايتن ۽ ناراضگيءَ جي رڳو پٺڀرائي نه ڪري ها پر معاملي کي اڳتي وڌائي ۽ وڌيڪ اُلجهائي نه ڇڏي ها، هو بربرن جي فوج جو مکيه ڪمانڊر هو جنهن اٽلي جي بچاءَ ڪرڻ جي نئين سر جوڙجَڪ ڪئي هئي، وزيگاٿن جي بادشاهه واليا جي ڌيءُ، رسيمر جي ماءُ هئي، پر هو پيءُ جي طرف کان سووِي قوم سان تعلق رکندو هو، سندس فخر يا حب الوطني جي جذبي کي سندس ئي وطن جي ماڻهن جي بدقسمتيءَ سبب سخت صدمو رسيو هو ۽ هن مجبوري ۽ ناراضگيءَ منجهان ان شهنشاهه جا حڪم مڃيا جنهن جي تاجپوشيءَ ۾ نه ته هن جو هٿ هو ۽ نه وري کانئس صلاح مشورو ڪيو ويو هو. هڪ وفاداري وارين خدمتن سبب هو اڃا به مضبوط ۽ طاقتور(27) بڻجي ويو ۽ ڪارسيڪا جي بندر تي وئنڊلن جي آرماڙ جنهن ۾ سٺ جهاز هئا، کي تباهه ڪرڻ کان پوءِ رسيمر اٽلي جي فاتح ۽ کيس ڇوٽڪارو ڏياريندڙ جي لقب سان واپس موٽيو. هن موقعي مان فائدو وٺڻ کي هن غنيمت سمجهيو ۽ ائويٽس کي پيغام ڏياري موڪليائين ته سندس حڪومت جو خاتمو ٿي ويو هو ۽ ڪمزور شهنشاهه، جيڪو پنهنجن گاٿ اتحادين کان ڪافي مفاصلي تي هو، پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام ويو ۽ نيٺ پنهنجي تخت کي خيرباد چيائين. رسيمر(28)، پنهنجي رحمدلي يا وري نفرت مان، ائويٽَس کي اها اجازت ضرور ڏني ته تاج لاهڻ کان پوءِ هو پلئسينٽيا جو پادري بڻجي وڃي جيڪو خود هڪ عزت وارو عهدو هو، پر سينيٽ جيڪا مٿس اڃا تائين سخت ناراض هئي، انتهائي سخت قدم کڻندي کيس موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، هو ائلپس جبلن ڏانهن ڀڄي ويو، انڪري نه ته وزيگاٿن کي پنهنجي حق ۾ هٿيار کڻڻ لاءِ چوي پر فقط جان ۽ دولت بچائڻ لاءِ کانئن مدد گهريائين. سندس دولت جوليَن وٽ محفوظ هئي جيڪو آورن جو هڪ درويش هو(29). بيماري يا وري قاتل جي هٿن ڪم ڏيکاريو ۽ هن کي رستي تي ئي موت جي ننڊ ۾ سمهاريو ويو، پر سندس خاڪ کي بريواس اُماڻيو ويو جيڪو سندس اباڻو صوبو هو ۽ هن کي پنهنجي سرپرست جي قدمن ۾ دفن ڪيو ويو(30). ائويٽس پٺيان فقط پنهنجي هڪ ڌيءُ ڇڏي ويو جيڪا سڊونيَس ائپولينئرس جي زال هئي جنهن پنهنجي سهري کان ملڪيت ورثي ۾ ورتي هئي، پر ساڳي وقت جيڪي حڪومتي يا ذاتي سطح تي کيس اُميدون هيون، اُنهن جي پوري نه ٿيڻ تي کيس سخت افسوس به هيو. سندس ناراضگيءَ کيس آماده ڪيو ته گال ۾ هڪ باغي ڌڙي سان وڃي ملي، ۽ ان ڪفاري ادا ڪرڻ لاءِ شاعر کان اڳ ڪا غلطي ٿي وئي هئي جنهنڪري اهو مٿس لازم ٿي ويو هو ته ايندڙ شهنشاهه جي تعريف يا خوشامد ۾ به پنهنجي شاعريءَ جو نئون عقيدت جو نذرانو پيش ڪري.(31)

ائويٽَس جي جانشين هڪ وڏي ۽ عظيم ڪردار کي ڳولي لهڻ جي خوشخبري ٻڌائي، ڪڏهن ڪڏهن ڪردار بگڙيل دؤر ۾ ملندا آهن ته جيئن انسانذات جي عزت ۽ وقار جي حفاظت ڪري سگهن. شهنشاهه ميجورئن پنهنجن همعصرن طرفان تعريفون جائز طور تي لهڻيون آهن ۽ يقيناً ايندڙ نسل به سندس واکاڻ ڪندو ۽ اهڙيون تعريفون هڪ غيرجانبدار ۽ غيرواسطيدار تاريخدان هن ريت ڪيون آهن: ’هو پنهنجي رعيت جي ماڻهن سان بهتر سلوڪ ڪندو هو، هو دشمنن لاءِ بيحد خطرناڪ هو، ۽ هر خوبي ۽ خصلت ۾ هو هڪ باڪمال ماڻهو هو ۽ اهو چوَڻ بيجا نه ٿيندو ته هو پنهنجن سڀني اڳين جانشينن کان به ڪردار ۾ مٿانهون هو جن رومين تي حڪومت ڪئي هئي(32)‘. اهڙي شاهدي شايد سڊونيَس جهڙي شاعر جي مدح سرائي لاءِ ته مناسب ٿي سگهي ٿي ۽ اسان شايد ان ڳالهه تي مطمئن ٿي وڃون ته توڙي جو هڪ چاپلوس تقرير جو ماهر هڪ انتهائي نالائق شهنشاهه جي تعريف به شايد اوتري ئي جوش جذبي سان ڪري ها ۽ پنهنجن لفظن جي جادوگري ڏيکاري ها، پر ساڳئي وقت اهو به مڃڻو پوندو ته هن موقعي تي جنهن شخصيت جون خوبيون هن جي آڏو يا سڀني کي جيئن نمايان نظر اچي رهيون هيون ته پوءِ حقيقت اها آهي ته هن خوشامد نه پر سراسر سچ ڳالهايو آهي(33). ميجورئن جو نالو ماءُ جي طرف کان پنهنجي ناني تي رکيو ويو هو، جيڪو عظيم ٿوڊوسيس جي حڪومت ۾، اِليريَن جي سرحد تي فوجي ڪمانڊر هيو. هن پنهنجي ڌيءُ جو سَڱ ميجورئن جي پيءُ کي ڏنو هو جيڪو هڪ معزز آفيسر هيو جنهن وڏي ذهانت ۽ ايمانداريءَ سان گال ۾ ناني جي معاملن کي خوش اسلوبيءَ سان هلايو هو ۽ هن جي دوستي گهڻو ڪري ايٽيَس سان هوندي هئي جنهن جي مقابلي ۾ هن ٻين آڇُن کي رد ڪري ڇڏيو هو. سندس پُٽ، آئيندي جو شهنشاهه اهڙن تعليمي ادارن ۾ پڙهيو هو جتي فوجي سِکيا ڏني ويندي هئي ۽ هن ننڍپڻ کان وٺي ڦڙتي ۽ بهادريءَ جي ڪارنامن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو، هو دورانديش ۽ ذهين هو ۽ ٿورڙي آسودگيءَ ۾ به وڏي فراخدلي ۽ سخاوت سان هلندو هو. جيڪي معيارَ ايٽيَس قائم ڪيا هيا، هُن اُنهن کي برقرار رکيو، ڪاميابيون ماڻيون ۽ ڪڏهن ته وري پنهنجي محسن کان به خوبين ۽ لياقن ۾ مٿي هليو ويو ۽ آخرڪار ٻين ماڻهن ۽ خاص طرح سان پنهنجي زال جي حسد جو شڪار ٿيو جنهن مٿس زور ڀريو ته هو پنهنجي نوڪري تان رٽائر ٿي وڃي(34). ايٽيَس جي موت کان پوءِ ميجورئن کي ٻيهر ياد ڪيو ويو، عزت سان گڏ کيس ترقي ڏني وئي ۽ مُنهندار رِسيمر سان ويجهن ناتن هئڻ سبب صفا مٿاهين مرتبي تائين پهچائي کيس اولهه جي شهنشاهت جو تاج پارايو ويو. وچ ۾ جيڪو خال ائويٽس جي شهنشاهت کي ڇڏڻ سبب پيدا ٿيو، ته هڪ خواهش رکندڙ بربر جنهن جو ڄم اهڙو نه هو جو کيس شاهي رتبو ڏنو وڃي ها، اٽلي جو حاڪم ٿي ويو، ۽ کيس رئيس يا نواب جو لقب ڏنو ويو، پنهنجي دوست جي چوَڻ تي هو گهوڙي سوار ۽ پيادل فوج جو ماسٽر جنرل ٿي ويو ۽ ٿورڙن ئي مهينن جي وقفي کان پوءِ، رومين جي گڏيل خواهش جو احترام ڪيائين ڇاڪاڻ ته ميجورئن سندس اڳتي وڌڻ جي رستي کي، اليماني تي فتح حاصل ڪرڻ سان، هموار ڪري ڇڏيو هو(35). کيس روينا ۾ شاهي تاج پارايو ويو ۽ هن موقعي تي هن جيڪا تقرير سينيٽ ۾ ڪئي اُها اُن وقت جي حالتن ۽ سندس جذبن جي عڪاسي ڪري ٿي:

”روم جا قابل قانون دانو ۽ سينيٽرو(*): اوهان جي وؤٽن ذريعي هڪ بهادر فوج جي جاري ٿيل فرمان هيٺ مون کي اوهان جي شهنشاهه ٿيڻ جي ذميواري سؤنپي وئي آهي(36). شال رحم ڪندڙ رب تعاليٰ اسان جي ڪائونسلن ۽ ٻين انتظامي معاملن کي اوهان جي ۽ عوام جي فائدي ۽ بهتريءَ لاءِ هلائڻ ۾ اسان جي مدد ڪري! جيتري قدر منهنجو تعلق آهي، مون هرگز اها خواهش نه ڪئي هئي، پر مون عرض ڪيو ته آءٌ استعيفا ٿو ڏيان، پر مان هڪ سٺي شهريءَ جي حيثيت ۾ جيڪڏهن ڪنهن ذاتي ۽ ذلت واري مفاد خاطر پاڻ تي سؤنپيل قومي ذميواريءَ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪريان ها ته اِها قومي احسان فراموشي ٿئي ها، تنهن ڪري روم جي جمهوريه جيڪو قومي بار جو ذمو مون تي رکيو آهي، ان کي کڻڻ لاءِ آءٌ خوشيءَ سان تيار آهيان. تنهن ڪري ان شهنشاهه جي مدد ڪريو جنهن کي اوهان پاڻ ٺاهيو آهي، انهن ذميوارين کڻڻ ۾ اوهان منهنجو ساٿ ڏيو جيڪي اوهان مون تي رکيون آهن ۽ شال اسان جون گڏيل ڪوششون اسان جي ان شهنشاهت جي خوشين ۽ بهتريءَ ۾ واڌارو آڻن، جيڪا اوهان پنهنجن هٿن سان پاڻ مون کي ڏني آهي. پڪ ڄاڻجو ته اسان جي وقت ۾ انصاف پنهنجي قديمي طاقت سان ماڻهن کي ملندو ۽ ڪردار رڳو معصوميت جي روپ ۾ نه پر لياقت ۽ قابليت ذريعي جا چيو ويندو. جيڪو به غداري ڪندو(*)(37) ته فقط ان کي ئي ڊڄڻ ۽ خطري ۾ هجڻ جي ضرورت رهندي، باقي ٻيو ڪو به نه ڊڄي ۽ آءٌ اهڙن ناپسنديده ۽ گندن ڪمن جون سخت سزائون ڏيندس. اسان جي خبرداري توڙي اسان جي نواب رسيمَر جي رهبري، اسان جي فوجي معاملن کي صحيح رستي تي هلائيندي ۽ رومي دنيا جي حفاظت کي يقيني بڻائيندي جنهن کي اسان هن وقت تائين مقامي توڙي ڌارين دشمنن کان بچائيندا آيا آهيون(38). توهان هاڻي سمجهي ويا هوندا ته منهنجي حڪومت جا ڪهڙا اصول ۽ ضابطا آهن. توهان منهنجي محبت ۽ خلوص وارن واعدن تي ڀروسو ڪري سگهو ٿا ۽ خاص طرح ان شهنشاهه تي جيڪو اوهان جي زندگي جي ڏک سک، خوف ۽ خطرن جو ساٿي رهيو آهي، ۽ جنهن کي اڃا تائين سينيٽر سڏرائڻ تي ناز هوندو آهي ۽ جنهن کي سدائين اهو اونو رهندو آهي ته اوهان پنهنجي ان فيصلي تي ڪڏهن به نه پڇتايو جيڪو اوهان اڳ ئي سندس حمايت ۾ ڏئي ڇڏيو آهي‘. شهنشاهه، جنهن، رومي دنيا جي تباهين ۽ بربادين منجهان قانون ۽ آزاديءَ جي قديمي زبان کي وري تازو ڪيو هو، جنهن کان ٽراجن به لادعويٰ نه ٿئي ها، اُها يقينن سندس دل جي جذبن جي ترجمان هوندي ڇو ته انهن کي نقل ڪرڻ جي گنجائش وٽس ڪانه هئي ۽ نه وري سندس اڳين جانشينن جي اها روايت هئي(39).

ميجورئن جي ذاتي توڙي قومي ڪمن بابت اسان کي ايتري ڄاڻ ناهي، پر سندس قانونَ جن ۾ عقل ۽ دانشمندي جو کليل اظهار ڪيل آهي اُهي سندس اعليٰ ڪردار جي ترجماني ڪن ٿا جنهن مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته هو پنهنجي رعيت سان ڪيڏو نه پيار ڪندو هو، ۽ سندن تڪليفن ۾ ساڻن همدردي ڪندو هو ۽ جنهن شهنشاهت جي زوال جي سببن کي به سمجهي ڇڏيو هو ۽ جنهن ۾ اها اهليت هئي ته عوام جي تڪليفن ۽ مصيبتن جو اثرائتو ازالو ڪري سگهي(40) ۽ ان سان گڏوگڏ کين انصاف به هڪدم پهچائي ۽ اها به پَڪ ڪري ته ڪنهن سان ڪڏهن به ڪا زيادتي يا ناانصافي نه ٿئي. سندس ڪجھ نمايان ڪم هن ريت آهن:

(I)                                 سندس حڪومتي اختيارن وٺڻ کان پوءِ هڪدم هن ڪوششون ڪيون (آءٌ سندس پنهنجن لفظن جو ترجمو پيش ڪريان ٿو) ته مقامي ۽ ڳوٺاڻن ماڻهن کي عذابن جي چڪيءَ مان پيسجڻ کان ٻاهر ڪڍي جيڪي مختلف ۽ اجاين الزامن ۽ تهمتن هيٺ پنهنجي ڏکيا ڏينهن ڪاٽي رهيا هيا()(41). هن سلسلي ۾ هن عام معافي يا ڇُوٽ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن هيٺ هن وقت تائين ماڻهن مٿان مڙهيل سمورا ڏنڊَ، سڀيئي قرضَ، جيڪي ڪنهن به بهاني سان مالياتي آفيسر، کانئن وصول ڪري پئي سگهيا، ختم ڪيا ويا. مُدي خارج ۽ تڪليف ڏيندڙ روايتي رسمن کان ماڻهن کي ڇوٽڪاري ڏيارڻ جي عمل جو نتيجو نهايت ئي خوشگوار نڪتو ۽ هاڻي سرڪاري ناڻي ۾ آهستي آهستي واڌارو اچڻ لڳو ڇاڪاڻ ته ماڻهو نراسائي، نااُميدي ۽ لاوارثي جي ماحول مان نڪري اُميد ۽ آسري طرف وڌيا تنهن ڪري حڪومت جي ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ ۽ محنت ڪرڻ لڳا.

(II)                            ٽئڪسن جي جمع ڪرڻ ۾ ميجورئن صوبائي مئجسٽريٽن جي نظام کي لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ اُنهن وڏن ادارن کي ان ڪم کان روڪي ڇڏيائين جن کي يا ته شهنشاهه يا وري محلات جي مُنهندارن جي نالي ۾ کوليو ويو هو. شهنشاهه جا خاص نوڪر چاڪر، جن کي هروڀرو وڏا اختيار سؤنپيا ويا هيا، پنهنجن روَين ۾ بي ادب ۽ گستاخ ٿي ويا هيا ۽ پنهنجن مطالبن ۾ هڪ طرفا ۽ پنهنجي مرضي وارا هيا، ۽ اُهي ننڍن ادارن توڙي مئجسٽريٽن کان بُڇان ڪندا هيا ۽ اُهي ان وقت سخت ناراض ٿي پوندا هيا جيڪڏهن سندن ذاتي مفاد ۽ مالي فائدا گهٽ ۾ گهٽ ان رقم کان ٻيڻا ٽيڻا نه هجن جيڪا رقم هو مجبور ٿي قومي ناڻي ۾ ٽئڪس جي صورت ۾ جمع ڪرائيندا هيا. جيڪڏهن سندن بدديانتي يا رشوت خوريءَ جو هڪڙو مثال به پيش ڪجي ته اُهو ماڻهن لاءِ حيرانيءَ جو باعث ٿيندو پر رشوت جي اهڙن الزامن کي هو خود قانون دانن کان سندَ وٺي جائز ڪرائي ڇڏيندا هيا. اُهي پاڻ رقمون ته سون جي صورت ۾ وٺندا هيا پر جمهوريه جي ساڳئي سِڪي کي پاڻ قبول نه ڪندا هيا ۽ فقط اُهي قديمي سِڪا قبول ڪندا هيا جن تي فاسٽينا يا وري ائنٽوننز جي مُهر لڳل هوندي هئي. رعيت جي جنهن ماڻهو وٽ اهي سِڪا يا سَندون نه هونديون هيون، ته پوءِ کين اها اجازت هوندي هئي ته هو پنهنجن گهُرجن يا لالچ وارن مطالبن کي وڌائي يا ٻيڻو ڪري پيش ڪندا هيا ۽ جيڪڏهن هو پنهنجي کوجنا يا ڪوششن ۾ ڪامياب ٿيندا هيا ته سندن مطالبي جي رقم ٻيڻي ٿي ويندي هئي جيڪا اوائلي زمانن (42) جي تور (Weight) يا پئسن جي ڪٿيل مُلهه مطابق هوندي هئي.

(III)                       ’ميونسپالٽيون (شهنشاهه فرمائي ٿو) ’هيٺين سينيٽ (قديم زماني جي لهجي موجب) شهرن جي دل جو درجو رکن ٿيون ته ساڳئي وقت روم جي جمهوريه لاءِ اُهي وقت ۽ طاقت جو سرچشمو آهن، پر افسوس ته مئجسٽريٽن اُنهن جي درجي کي گهٽائي ڇڏيو آهي ته ساڳئي وقت ڪليڪٽرن جي حرام خوريءَ جي ڪري سندن ڪيترن ئي ميمبرن ۽ نمائندن پنهنجن مرتبن ۽ ملڪ کي ڇڏي ٻين هنڌن جا وَڻ وڃي وسايا آهن جتي هو ملڪ بدري جي زندگي گذارن ٿا‘. هو ساڳين شهرن ۾ سندن واپسيءَ تي نه رڳو زور ٿو ڀري پر حڪم ٿو ڏئي ۽ اُنهن سببن ۽ شڪايتن کي به دور ٿو ڪري جن جي ڪري هنن ميونسپالٽي جي ڪمن ۽ ڪارڪردگي کي ڇڏي ڏنو هو. اُنهن کي صوبائي مئجسٽريٽن جي اختيارن هيٺ هدايتون جاري ڪيون ويون ته هڪدم پنهنجي ڊيوٽي تي واپس وڃن ۽ ٽئڪسن کي جمع ڪرڻ جي ڪم کي شروع ڪري ڏين، پر هاڻي کين پنهنجي ضلعي جي سموري رقم جمع ڪرڻ بجاءِ سندن ذميواري فقط هيءَ هئي ته جيڪا به رقم هنن وصول ڪئي هئي ان جو صاف ۽ باقاعدگي وارو حساب ڪتاب کين پاڻ وٽ تيار رکڻو هو ته جيئن ڪنهن به وقت ان جي چڪاس ٿئي ته ان ۾ رتيءَ ماتر به ڪا ڦيرڦار ٿيل نه هجي، ۽ ساڳي وقت اُنهن باقيدارن کان به ٽئڪس وصول ڪرڻو هو جيڪي اڃا تائين جمهوريه جا قرضدار هيا.

(IV)                      پر ميجورئن ان ڳالهه کان غافل نه هيو ته جن ميونسپالٽين سان زيادتيون ۽ ناانصافيون ڪيون ويون هيون اُهي ضرور اهڙي ناروا ۽ نامناسب روَين جو بدلو وٺندا تنهن ڪري هن هڪ زبردست انتظامي قدم کڻندي ’شهرن جي محافظن‘ جي عهدي کي بحال ڪري ڇڏيو. هن ماڻهن تي زور ڀريو ته آزاد ماحول ۾ پنهنجن وؤٽن جو استعمال ڪندي پنهنجن ايماندار ۽ اعتماد وارن نمائندن جي چونڊ ڪن جيڪي جرئت سان سندن حقن جي حفاظت ڪري سگهن، سندن شڪايتن جو ازالو ڪري سگهن، جيڪي شاهوڪار ۽ دولتمند ماڻهن جي ظلمن ۽ زيادتين کان غريبن ۽ مسڪينن جي ڍال بڻجي کين بچائي سگهن ۽ شهنشاهه باقاعدگيءَ سان اُنهن انتظامي نقصن ۽ خرابين بابت لڳاتار سلسلي سان اطلاع پهچائيندا رهن جنهن ذريعي سندس نالي ۽ اختيارن جو ناجائز فائدو ورتو ويو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org