سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:3

تباهيءَ جي هن منظر نامي ۾، تماشبين، سڪندريه ۾ سيراپس جي مندر(35) جي برباديءَ کي غور سان ڏسي سگهن ٿا. سيراپس نه ته مقامي ديوتائن منجهان هيو ۽ نه وري هو راڪاس هو جيڪو وهمن وسوسن جي ڳڙهه مصر جي ميويدار مٽيءَ منجهان نڪري نروار ٿيو هجي.(36) حقيقت ۾ جيڪي پهريان بطليموس هيا اُنهن کي خواب ۾ حڪم ڪيو ويو هو ته اُهي پونٽَس* جي ڪنارن تان هن پُراسرار ڌاريي کي پنهنجي ملڪ ۾ آڻين، جتي هو سنوپ جي رهواسين طرفان پوڄيو ويندو هو پر سندس وصفن توڙي حڪومت کي ايتري ته اڻپوري طريقي سان سمجهيو ويو جو اُهو بنهه فساد جو باعث بڻجي ويو ۽ اهو سمجهڻ ڏکيو ٿي پيو هو ته هو ڏينهن جي روشن دنيا جو نمائندو هو يا وري فريبي علائقن جي بدبخت حاڪمن منجهان هڪ هيو.(37) مصر جي رهواسين، جيڪي پنهنجن ابن ڏاڏن جي مذهب سان پوري عقيدت منجهان لاڳاپيل هيا، پنهنجن شهرن جي حدن يا ديوارن جي دائرن اندر هن ڌارئي ديوتا کي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.(38) پر خوشامدڙين ۽ چاپلوس پادرين، جيڪي بطليموسن جي فراخدليءَ مان فائدو حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ رهندا هيا، پونٽس ديوتا جي طاقت آڏو هڪدم کڻي آڻ مڃيائون، نه رڳو ايترو پر ان جي اوچي حسب نسب ۽ شجري کي به ڪٿان پيدا ڪري ڇڏيائون ۽ هن ڌارئي غاصب کي اوريسِس جي تخت تي ويهاريو (39) ۽ سندس بستري تي سمهاريو ويو جيڪو آئسِس جو مڙس ۽ مصر جو مٿاهين مرتبي وارو بادشاهه هيو. سڪندريه جنهن کيس پناهه ڏني هئي، پنهنجي شهر کي ’سيراپس جو شهر‘ مشهور ڪرڻ تي فخر محسوس ڪيو. سندس مندر،(40) جيڪو شان ۽ دٻدٻي ۾ ڪئپيٽول جي مندر کي به پٺتي ڇڏي ويو هو، هڪ مصنوعي جبل جي مٿاهين ۽ ڪشادي چوٽيءَ تي تعمير ڪيو ويو هو ۽ ان کي پوري شهر ۾ ڀر وارن حصن جي سطح کان سو قدم مٿي ڪيو ويو هو ۽ اندرئين خال کي سهڻن محرابن ذريعي سجائي اُنهن کي قُبن ۽ ڪمرن ۾ ورهايو ويو هيو. مقدس عمارتون چؤڪُنڊن ورانڊن ۽ ڇٻراٺن ۾ وڪوڙيل هيون، گڏوگڏ شاندار هال، زبردست مجسما تعمير جي فن جي ڪمال کي ظاهر ڪري رهيا هيا ۽ قديمي علم ۽ ڄاڻ جا بي بها خزانا سڪندريه جي جڳ مشهور لائبرري ۾ محفوظ ڪيا ويا هيا ۽ هي اهڙيون عمارتون هيون جيڪي خاڪ مان اڀري شان شوڪت جي عروج تي پهتيون هيون.(41) توڙي جو ٿوڊوسيَس جي حڪم موجب لامذهبن طرفان قربانين ڪرڻ جي سختيءَ سان منع ٿيل هئي، پوءِ به کين شهر توڙي سراپس جي مندر ۾ برداشت ڪيو ٿي ويو، ۽ هيءَ خاص مهرباني خود عيسائين جي وهمن وسوسن جي خوف سبب مٿن ڪئي وئي هئي ۽ کين خطرو هو ته جيڪڏهن هنن قديمي رسمن رواجن کي ختم ڪيو ته پوءِ نيل نديءَ ۾ ٻوڏ به نه ايندي ڇو ته کين وهم ويهجي ويو هو ته قديمي رسمن کي جاري رکڻ سان نيل ۾ واڌارو پاڻي ايندو هو جنهن سان مصر ۾ فصل پچندا هيا ۽ قسطنطنيہ ۾ پڻ ماڻهن جو سکيو گذر گذران ٿيندو هو.(42)

ان وقت (43) سڪندريه جي پاپائي تخت تي هڪ شخص ٿيوفيليَس(44) موجود هو جيڪو امن ۽ اخلاق جو وڏو ويري هو؛ هو بهادر هئڻ سان گڏ هڪ برو انسان هو، سندس هٿ ڪڏهن سون ته ڪڏهن رت سان ناپاڪ ٿيل هوندا هيا. سندس ڪاوڙ کي، سراپِس جي اعزاز ۽ احترام ويتر اُڀاري ڇڏيو هو ۽ هن پئچس جي ننڍي ڪليسا جي جيڪا بيعزتي ڪئي هئي ان لامذهبن کي يقين ڏياريو هو ته هو هڪ اهم ۽ خطرناڪ ڪم ۾ سندن مدد ڪري سگهي ٿو. مصر جي گوڙ شور واري گاديءَ جي هنڌ ۾، ٿورڙي بدمزگيءَ تي به خانه جنگي شروع ٿي ويندي هئي، سراپس جا عقيدتمند، جن جي طاقت توڙي تعداد اُنهن ماڻهن کان گهڻو گهٽ هو جيڪي سندن مخالف هوندا هيا، فيلسوف اولمپيَس(45) جي ٽِيڪر تي هٿيار کڻي وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويا، جنهن مٿن زور ڀريو ته هو هر صورت ۾ ديوتائن جي قربانگاهن کي برباد ٿيڻ کان بچائن ۽ ان مقصد لاءِ کين پنهنجي حياتي به قربان ڪرڻي پوي ته ان کان به نه ڪيٻائن. هنن لامذهب جنونين مندر ۾ بلڪ ايئن چئجي ته سراپس جي قلعي ۾ پاڻ کي هٿيارن سان مسلح ڪيو، قبضي ڪندڙن کي جرئتمنديءَ وارن حملن ذريعي پوئتي ڌڪي ڀڄايائون ۽ مندر جو پرعزم دفاع ڪيائون ۽ غير انساني ظلمن ذريعي جيڪي هنن عيسائي قيدين تي ڪيا، ۽ هاڻي هن ويڙهه کي ’کٽين جي هارائين هنڌ تنهنجو هيءُ‘ سمجهي ان ۾ جُنبي ويا. هن سلسلي ۾ هڪ دورانديش مئجسٽريٽ جي خلوص ۽ مدد سان ٻنهي ڌرين ۾ تيستائين ٺاهه ڪرائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون جيستائين ٿوڊوسيَس کان سراپس جي مندر جي قسمت بابت ڪو جواب اچي وڃي. ٻئي ڌريون بنان هٿيارن جي هڪ وڏي چؤسول تي ڪٺيون ٿيون ۽ هاڻي شاهي فرمان کي ماڻهن جي اڳيان پڙهيو ويو. پر جڏهن سڪندريه جي بُتن جي تباهيءَ بابت حڪم کي پڙهيو ويو ته عيسائين خوشي ۽ سوڀ جي احساس مان رڙيون ڪندي پنهنجي سرهائيءَ جو اظهار ڪيو ۽ هوڏانهن بدقسمت لامذهب جن جي ڪاوڙ هاڻي حيراني ۽ اچرج ۾ بدلجي چڪي هئي، هڪدم پوئتي هٽي ويا ۽ هورڙيان قدم کڻندي، خاموشي اختيار ڪندي ۽ مخالفن جي نظرن کان بچندي ۽ لنوائيندي واپس هليا ويا. ٿيوفيلَيس، سراپس جي مندر کي ڊاهڻ لاءِ اڳتي وڌيو، جنهن کي ٻي ته ڪابه مشڪل پيش نه آئي سواءِ ان جي جو عمارت جي پيڙهه ايتري ته مضبوط، پڪي ۽ ڳري هئي جو کيس ائين لڳو ته هو ان کي هرگز اکوڙي ۽ ڊاهي نه سگهندو تنهنڪري مجبور ٿي مندر جي بنيادن کي کيس ڇڏڻو پيو ۽ هاڻي هن فيصلو ڪيو ته سڄي عمارت کي ئي ڊاهي ان کي هو هڪ مِٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو، پر ان جي هڪ حصي کي بعد ۾ صاف ڪيو ويو ته جيئن اُتي عيسائي شهيدن جي ياد ۾ هڪ ڪيلسا ٺاهي سگهجي. سڪندريه جي لاثاني لائبرري کي تباهه ۽ تاراج ڪيو ويو، ۽ ويهن سالن کان پوءِ، ڪتابن جي خالي ڪٻٽن کي ڏسي اُنهن راهه ويندڙن جي اندر ۾ ڪاوڙ ۽ آهُن جو طوفان برپا ٿي ويو جن جا قلب مذهبي ڪٽر پڻي سان اڃا تائين ڪارا نه ٿيا هيا.(46) قديم زماني جي ذهنن جو اسلوب، جن ۾ ڪيترائي هميشہ لاءِ ختم ٿي ويا، ڪجهه اهڙو هو جو اُنهن کي يقيني طور تي بت پرستيءَ جي تباهيءَ کان آجو رکيو ويو هوندو ته جيئن اُهي ايندڙ نسلن لاءِ وندرورونهن يا هدايتن ڏيڻ لاءِ ڪم اچي سگهن؛ ۽ هن سلسلي ۾ پادرين(47) جي جوش جذبي ۽ لالچ کي به، فتح جي انعام طور ايترو ڪجهه مليو هوندو جو هو ڍاپجي ويا هوندا. بتن، سون ۽ چانديءَ جي گلدانن کي احتياط مان پگهاريو ويو ۽ جيڪو سامان گهٽ قيمت وارو هو، ان کي ڌِڪار مان ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري گهٽين ۾ اڇلايو ويو. ٿيو فيليس وڏي محنت ڪري، بتن جي وزيرن طرفان ڪيل فريب ڪاري ۽ غبن سان سراغ لڳايا ۽ اُنهن کي عام منظر تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ چقمق جي پٿر جي سلسلي ۾ اُنهن وڏي هوشياريءَ سان هيراڦيري ڪئي هئي؛ ۽ هڪ خالي مجسمي جي جڳهه تي هڪ انساني ائڪٽر کان ڪم وٺڻ جو ڳجهو طريقو؛ ۽ مذهبي طريقي جي مڙسن ۽ شڪ کان بالاتر عورتن(48) جي اعتماد کي بدنام ڪرڻ جا ڪم جيڪي وزيرن ڪيا هيا اُنهن سڀني فريبڪارين جي پڇا ڳاڇا شروع ڪئي وئي. هن قسم جا الزام ڪجهه نه ڪجهه داد ضرور لهڻن ٿا ڇو ته اُهي وهمن وسوسن جي چالاڪيءَ واري روح جي بلڪل خلاف ناهن. پر ساڳيو جذبو، هڪ ڪريل دشمن کي ويتر ذليل ڪرڻ ۽ ان تي بهتان مڙهڻ جي ذليل حرڪت سان به سهمت نظر اچي ٿو ۽ اسان جو عقيدو ان خيال اچڻ سان اڳتي نٿو وڌي ته ڪوڙي ڪهاڻيءَ کي ايجاد ڪرڻ، هڪ جائز غبن ۽ فريبڪاريءَ جي حمايت ڪرڻ کان، گهٽ ڏکيو ڪم آهي. حقيقت ۾ سراپس جي وڏي سائيز جي مُورتي(49) ئي سندس مندر ۽ مذهب جي تباهيءَ جو ڪارڻ هئي. مختلف ڌاتن جي تمام گهڻين پليٽن کي جوڙي ٺاهي، ان منجهان ان ديوتا جو شاندار مجسمو ٺاهيو ويو هو جنهن ان مقدس جڳهه جي ديوارن کي هر طرف کان ڇُهيو ٿي. سراپس جو سڄو حُليو، سندس ويهڻ جو نمونو، ۽ شاهي لـٺ جيڪا سندس کاٻي هٿ ۾ هئي، اهي سڀئي عنوان ۽ آثار ذري گهٽ ساڳيا جوپيٽر جي طريقي وارا هيا. هو جوپيٽر کان هڪ ٽوڪريءَ جي ڪري مختلف هيو جيڪا سندس مٿي تي رکيل هئي، ۽ ساڳئي وقت هڪ علامتي راڪاس ذريعي پڻ هو مختلف هو جنهن کي هن ساڄي هٿ ۾ جهلي ڇڏيو هو، سندس سِر ۽ جسم هڪ نانگ وارو هو جنهن کي ٽي پڇ هيا جيڪي اڳتي وري ڪتي، شينهن ۽ بگهڙ جي ٽِن سِرن تي پهچي ختم ٿي ويا ٿي. اها ڳالهه وڏي اعتماد مان چئي ويندي هئي ته ڪنهن به ناپاڪ هٿ جيڪڏهن هن ديوتا جي شان ۾ ڪا گستاخي ڪئي ته آسمان ۽ زمين وري پنهنجي اصلي مونجهاري ۽ پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿي ويندا. هڪ بهادر سپاهي، جوش جذبي سان سرشار هو ۽ وٽس هڪ وزندار جنگي ڪهاڙي هئي، ڏاڪڻ تي چڙهي ويو ته ان موقعي تي عيسائين جي هڪ وڏي هجوم به انتظار ۽ تجسُس مان هڪ مقابلي جي اُميد ٿي رکي.(50) هن همٿ ڪندي سراپس جي ڳِٽي تي هڪ زوردار ڌڪ هنيو ته سندس ڳِٽو زمين تي ڪري پيو؛ ان جي باوجود گجگوڙ به ڪانه ٿي ۽ ٻنهي يعني آسمان توڙي زمين پنهنجي دستوري عمل ۽ سرشتي کي خاموشيءَ سان اهڙيءَ طرح جاري رکيو جيئن اڳ هيو. فاتح سپاهيءَ پنهنجن زوردار ڌڪن کي جاري رکيو ته وڏو بت پري وڃي ڪريو ۽ ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو، ۽ سراپس جي جدا ٿيل عضون کي وڏي نفرت ۽ ڌڪار منجهان سڪندريه جي گهٽين ۾ گهليو ويو. سندس بڇڙي ٿيل مردي کي نمائش ۾ ساڙيو ويو جتي هزارين ماڻهن رڙيون ڪندي اهو منظر ڏٺو ۽ ڪيترن ماڻهن پنهنجي مذهب مٽائڻ کي هن واقعي جو اثر پڻ سمجهيو ته سندن ديوتا پاڻ کي بچائڻ ۾ به ڪيڏو نه ڪمزور ۽ بيوس هيو. اُهي مذهب جيڪي ماڻهن ۾ گهڻا مقبول آهن ۽ ماڻهن کي ڏسڻ ۾ ايندڙ يا ظاهري شين جي عبادت ڪرڻ جي صلاح ڏين ٿا ته کين اهو فائدو ضرور پهچي ٿو ته اُهي انسانذات جي سمجهه ۽ سوچ مطابق هلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ ذهني طرح انهن جي ويجهو اچي وڃن ٿا پر هي طريقو مختلف ۽ اڻٽر حادثن جي ڪري جڏهن ابتو اثر ڏيکارڻ شروع ٿو ڪري ته ان گهڙيءَ ۾ هڪ بت پرست جو عقيدو صفا وائکو ٿي پوي ٿو. اهو شايد ئي ممڪن هجي ته ذهن جي هر قسم جي مرضيءَ مطابق هو بتن يا تبرڪن سان پنهنجي پڪي عقيدي کي لڳاتار قائم رکي سگهي جن کي ظاهري اکيون ۽ لامذهب هٿ، فطرت جي نمونن ۽ انساني فريبڪاريءَ سان ٺاهيل شين ۾ فرق ظاهر ڪري سگهن؛ ۽، جيڪڏهن خطري جي گهڙيءَ ۾، سندن مخفي ۽ معجزاتي نيڪي، سندن ئي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ٿي ته انوقت هو پنهنجي نصيحت ڪندڙ پادريءَ جي ڳالهين کان سخت نفرت ڪري ٿو ۽ جنهن شئي جي به هو پوڄا ڪري ٿو ته ان تي به طنز ڪري ان کي ڌڪاري ٿو ۽ پنهنجي وهمن وسوسن واري عقيدت جي حماقت ڪرڻ تي پنهنجي پاڻ کان به بڇان ٿو ڪري.(51) سراپس جي شڪست کان پوءِ، لامذهبن کي اڃا به ڪجهه اُميدون هيون ته نيل ندي، مصر جي لامذهب ملحدن کي ساليانو پاڻي نه پهچائيندي ۽ جيڪا هن دفعي ٻوڏ اچڻ ۾ گهڻي دير ٿي هئي، اها، سندن خيال موجب دريائن جي ديوتا جي ناراضگيءَ جي واضح نشاني هئي. پر ٻوڏ ۾ دير ٿيڻ جو ڪفارو ان وقت ادا ٿي ويو جڏهن نديءَ ۾ جهجهي انداز ۾ پاڻي اچي ويو. اُهي هاڻي اوچتو مٿانهين سطح تائين پهچي ويا جن ناراض ڌر کي خوشخبري ٻڌائي ته ندي هاڻي ٻوڏ آڻيندي. پر نيل امن ۽ سڪون سان پوکن کي دستوري پاڻي ڏيڻ واري سطح تي وڃي بيٺي يعني سورنهن ڪيوبٽس يا انگريزيءَ جي ٽيهن فوٽن تائين اچي وئي.(52)

روم جي شهنشاهت جا مندر ويران ٿي ويا يا تباهه ڪيا ويا پر لامذهبن جا ذهني وسوسا اڃا جاري هئا ۽ هنن ٿوڊوسيَس جي قانونن جي پرواهه ڪانه ٿي ڪئي جنهن موجب هر قسم جي قرباني ڏيڻ جي سختيءَ سان منع ڪئي وئي هئي. ملڪ جا رهواسي جن جو ڪردار ڪدورت رکندڙ اکين کان بظاهر لڪل هيو، پنهنجي مذهب کي خوشي ۽ زنده دليءَ جي ميلن ۽ ميٽنگن ۾ لڪائيندا رهيا. مقدس ڏِڻن ۽ ورسين جي موقعن تي، هو پاڪ ڪيل وڻن جي ڇانوَ ۾ گهڻي تعداد ۾ گڏ ٿيندا هيا، جتي رڍن ۽ ڏاندن کي ذبح ڪيو ويندو هو ۽ اُتي ئي انهن کي پچائي کاڌو ويندو هو ۽ هن ٻهراڙي جي روح رهاڻ کي لوبان جي ٻارڻ ۽ ديوتائن جي تعريف ۽ قصيدن ڳائڻ سان مقدس بڻائي ملهايو ويندو هو. پر اهو الزام لڳايو ويو ته جيئن ته ڪنهن به جانور جو ڪوبه حصو سڙيل- قربانيءَ ذريعي نه آڇيو ويو هو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به قربانگاهه تي جانور جو رت نه پهتو هو، ۽ جيئن ته لوڻ جي ڪيڪن جي پهرئين صدقي ۽ تقريب ختم ٿيڻ واري صدقي، ٻنهي کي نظرانداز ڪيو ويو هو، ته هنن دعوتن وارين ميٽنگن ۾ مهمانن جو ڪوبه قصور ڪونه هو تنهنڪري نه انهن تي ڏنڊ وڌو ويندو ۽ نه وري ان کي غير قانوني قرباني چيو ويندو.(53) هنن حقيقتن بابت جيڪو به سچ يا حالتن جي نزاڪت هجي،(54) هي اجايا سجايا بهانا، ٿوڊوسيَس جي آخري فرمان صادر ٿيڻ کان پوءِ، سڀ ختم ٿي ويا، جنهن لامذهبن جي وهمن وسوسن کي موتمار زخم رسايو.(55) منع نامي جو هي قانون تمام صاف ۽ قطعي واضح لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي: ”اها اسان جي خواهش ۽ مرضي آهي، شهنشاهه فرمائي ٿو ته، ’اسان جي رعيت جو ڪوبه ماڻهو، پوءِ اُهو توڙي مئجسٽريٽ هجي يا عام شهري، سندس مرتبو مٿاهون هجي يا ڪو عام ننڍو ماڻهو هجي، ڪنهن به شهر يا ڪنهن به جڳهه تي ڪنهن بت جي پوڄا نه ڪندو نه وري ڪنهن بيگناهه جي قرباني ڪندو. قربانيون ڏيڻ ۽ جانورن جا آنڊا گونڊا ڪڍي اُنهن ذريعي اڳڪٿيون ڪرڻ کي ملڪ خلاف غداري ڪرڻ جو ڏوهه هوندو (هن ۾ پڇاڳاڇا جو مقصد هجي يا نه هجي) جنهن جو ڪفارو ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه نه هوندو ته مجرم کي هر صورت ۾ موت جي سزا ڏني ويندي. لامذهبن جي وهمن ۽ وسوسن کي، جيڪي شايد بظاهر گهٽ خطرناڪ ۽ ظالماڻا لڳن، مڪمل طور تي ختم ڪيو ٿو وڃي ڇو ته اُهي مذهب جي سچ ۽ احترام لاءِ سخت هاڃيڪار آهن؛ چراغان ڪرڻ، هار پارائڻ، لوبان هارڻ ۽ شراب جو صدقو ڏيڻ کي خاص طرح بيان ڪيو ٿو وڃي ۽ اهڙن ڪمن کي سختيءَ سان نِنديو ٿو وڃي ۽ جيڪي گهريلو شين جون دعوائون آهن جيئن گهريلو ديوتا وغيره ته اُهي به هن منع نامي ۾ شامل آهن. هنن لامذهبيت وارن ڪمن ۽ غير قانوني ورسين جي سخت قانون کي جيڪو به ٽوڙيندو ته ان جي گهر توڙي سندس سڄي ملڪيت کي ان جڳهه تي ضبط ڪيو ويندو جتي به اهڙن غير قانوني ڪمن کي ڪيو ويو هوندو؛ ۽ جيڪڏهن هن فريب ۽ چالاڪيءَ سان ملحداڻي ڪم جي جڳهه پنهنجي بجاءِ ڪنهن ٻي جي ٻڌائي آهي ته ان تي سخت ۽ وڏو ڏنڊ رکيو ويندو جيڪو سون جي پنجويهن پائونڊن يا وري هڪ هزار پائونڊ اسٽرلنگ جي برابر هوندو جيڪو کيس بنا دير ادا ڪرڻو پوندو. ان کان سواءِ مذهب جي ڳجهن دشمنن جي سازشن تي به وڏو ڏنڊ مڙهيو ويندو جيڪي پنهنجي منصب جي ذميوارين کي سرانجام ڪرڻ ۾ غفلت ڪندا يا بت پرستيءَ جي واقعن کي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪندا يا ان ڏوهه جي سزا ڏيڻ ۾ ڪا سُستي ڏيکاريندا.“ ٿوڊوسيَس جي سخت قانونن جو اهو طريقو هو جنهن کي سندس پٽن ۽ پوٽن مختلف وقتن تي لاڳو ٿي ڪيو ۽ هن تي عمل ڪرڻ تي عيسائي دنيا کين وڏي واڪي داد ۽ آفرين پيش ٿي ڪيو.(56)

ڊيسيَس ۽ ڊائڪليشين جي ظالماڻي دؤر ۾ عيسائيت جي مذهب تي مڪمل پابندي لڳائي وئي هئي ڇاڪاڻ جو هنن شهنشاهت جي قديم ۽ موروثي مذهب خلاف بغاوت ڪرڻ ٿي چاهي، ۽ جيڪي ناانصافيءَ وارا شڪ، ڪجهه جاهل ۽ خطرناڪ فرقن طرفان مٿن لڳايا ويا هيا، اُنهن جو، ڪجهه حد تائين ڪئٿولڪ ڪليسا جي تڪڙين سوڀن ۽ سندن اٽوٽ اتحاد سبب، مظاهرو به ڪيو ويو هو. پر خوف ۽ جهالت جا ساڳيا دليل عيسائي شهنشاهن تي لاڳو نٿا ڪري سگهجن جن انسانذات جي اصولن ۽ انجيل جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي. زمانن ۽ عمرين جي تجربن لامذهبيت جي حماقتن ۽ ڪمزورين جي حقيقت کي کولي ڇڏيو هو، دليلن ۽ عقيدن جي روشني، انسانذات جي ڪيترن ئي حصن ۾ اڳ ۾ ئي بت پرستيءَ جي اجائي ۽ کوکلي عبادت کي رد ڪري ڇڏيو هو، هي هڪ اهڙو فرقو هو جيڪو زوال پذير ٿي رهيو هو پر جنهن اڃا به پنهنجين عبادتن کي جاري رکڻ تي زور ٿي ڀريو، جن کي شايد پنهنجن ابن ڏاڏن جي مذهبي روايتن کي جاري رکڻ جي اجازت، امن ۽ اڻچٽائيءَ ۾ ڏني وڃي ها. جيڪڏهن بيدين فرقو پنهنجي اڻمِٽ بهادريءَ جي جذبن سان ايئن سرشار هجي ها جيئن اوائلي دؤر جا عقيدتمند هوندا هيا ته ان صورت ۾ چرچ جي ڪاميابيءَ تي شايد رت جا داغ لڳل هجن ها؛ ۽ جوپيٽر ۽ اپولو جا شهيد پوءِ شايد پنهنجون زندگيون ۽ قسمتون پنهنجن قربانگاهن جي پيرن ۾ ويهي گذارڻ جو سونهري موقعو پنهنجي هٿان وڃڻ نه ڏين ها. پر اهڙو اڻٽر ۽ اڻمِٽ جذبو مشرڪن جي ڇڙواڳ طبيعتن ۽ فضول خيالن سان مطابقت رکندڙ هرگز ڪونه هو. بنياد پرست شهنشاهن جي زوردار ڌڪن ۽ جهٽڪن کي، نرمي ۽ تابعداري جي جذبي جهڪو ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي لامذهبن يا مشرڪن جي فرمانبرداريءَ کين ٿوڊوسين ڪوڊ(57) جي سورن ۽ سزائن کان محفوظ ڪري ڇڏيو هو. بجاءِ ائين چوَڻ جي ته ديوتائن جي طاقت، شهنشاهه جي اختيارن کان مٿاهين هئي، هو غمگين ۽ ڌيمي لهجي ۾، پنهنجين مقدس ريتن رسمن جي ورجائڻ کان پاسيرا رهيا ڇو ته سندن حاڪم اُنهن کي سختيءَ مان نِنديو هو. جيڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن مذهبي جذبن کان مجبور ٿي يا لِڪ ڇَپ وارين اُميدن جي آسري تي ۽ پنهنجي دل جي چوَڻ تي پنهنجن وهمن وسوسن کي ورجائيندا هيا ته ان ڳُجهه جي کلڻ تي فورن پڇتائيندا هيا ۽ سندن پڇتاءُ، مئجسٽريٽ جي سختيءَ کي نرميءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو هو ۽ پوءِ هو پنهنجي اُٻهرائيءَ جو ڪفارو بيدلي ۽ ناراضگيءَ سان ئي سهي انجيل جي حڪمن جي تعميل ڪرڻ سان ڪري ڇڏيندا هيا. ڪليسائون هاڻي اهڙن نالائق ماڻهن ۽ نئين مذهب ۾ داخل ٿيندڙن سان ڀرجي ويون هيون. جن عارضي ۽ دنياوي مقصدن سان، حاڪمن وارو مذهب اختيار ڪري ڇڏيو هو، ۽ حقيقي صورتحال هيءَ هئي جو هڪ طرف هنن نئين مذهب جون عبادتون ٿي ڪيون ۽ سڀ اُهي طريقا اختيار ڪري رکيا هيا جيڪي عيسائين وارا هيا، پر اُهي پنهنجي دل ۽ ضمير مطابق مطمئن هيا ته هو خاموشيءَ سان پنهنجي قديمي خدائن جي عبادت ۾ مشغول ۽ مصروف رهندا هيا.(58) جيڪڏهن لامذهبن صبر کي وڃائڻ چاهيو هو ته اُنهن کي بهادريءَ واري دليريءَ جي ضرورت هئي جيڪا مهاڏو اٽڪائي سگهي؛ ۽ ٽڙيل پکڙيل ماڻهن جو وڏو تعداد، جن کي مندرن جي بربادي ۽ ويرانيءَ تي وڏو افسوس هيو، بغير مقابلي يا ڪنهن مخالفت جي، پنهنجن دشمنن جي خوش بختيءَ آڏو آسانيءَ سان آڻ مڃي ڇڏيائون. ذاتي جنونيت خلاف شام جي هارين ۽ سڪندريه جي عوام جي مخالفت(59) کي شهنشاهه پنهنجي شان ۽ اختيارين ذريعي خاموش ڪرائي ڇڏيو. اولهه جي مشرڪن، يوجينيَس* جي ترقيءَ ۾ ڪو ڪردار ادا ڪرڻ کان سواءِ، غاصب جي مقصد ۽ سخت ڪردار جي بيعزتي ڪئي ڇو ته اُنهن جو ساڻس اڻپورو لڳاءُ هو. مذهبي ماڻهن پنهنجي سخت ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته هن مرتد ٿيڻ جي خطا ڪرڻ سبب فساد کي ويتر وڌائي ڇڏيو هو ۽، پنهنجي اجازت سان، فتح جي قربانگاهه کي ٻيهر بحال ڪيو ويو هو ۽ جوپيٽر ۽ هرڪيولس جي نشانين کي، صليب جي اَجيت جهنڊي جي سامهون لڳايو ويو هو. پر ڪافرن جون اجايون اُميدون يوجينيَس جي شڪست سان گڏ ختم ٿي چڪيون هيون ۽ اُهي فاتح جي ناراضگيءَ اڳيان صاف پڌرائي ٿي پيا هيا، ۽ سندن فاتح هاڻي فقط پنهنجي رب جي خوشنوديءَ جو طلبگار هيو ڇاڪاڻ ته هن بت پرستيءَ جي ٻوٽي کي پاڙئون پٽي ختم ڪري ڇڏيو هو.(60)

غلامن جي قوم هميشہ پنهنجي مالڪ جي شفقت ۽ مهربانيءَ جي تعريف ڪندي آهي، جيڪو مڪمل طاقت جي غلط ۽ ناجائز استعمال ڪرڻ ۾، ناانصافي ۽ ظلمن جي آخري حدن کي ڇُهڻ جي ڪوشش هروڀرو نه ڪندو آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ٿوڊوسيَس پنهنجي لامذهب رعيت جي ماڻهن کي ٻن مان هڪ چونڊ ڪرڻ جو موقعو ڏنو هوندو: عيسائيت يا موت؛ ۽ فصاحت بلاغت جي ماهر لبانيَس شهنشاهه جي اعتدال پسنديءَ جي تعريف ڪئي آهي جنهن ڪڏهن به اهڙو قانون نه ٺاهيو هو جنهن موجب هو رعيت جي سڀني ماڻهن کي حڪم ڏئي ته هو هڪدم ۽ اکيون ٻوٽي پنهنجي حاڪم جو مذهب اختيار ڪري ڇڏين.(61) عيسائيت سان لاڳاپي کي، معاشري جي شهري حقن حاصل ڪرڻ لاءِ، ضروري لياقت نه سمجهيو ويندو هو، نه وري ٻين فرقن جي ماڻهن سان ايڏيون سختيون روا رکيون وينديون هيون جيڪي سادگيءَ ۾ اووِڊ جي قصن ڪهاڻين تي ته اعتبار ڪندا هيا پر انجيل جي معجزن کي ضد ۾ اچي رد ڪري ڇڏيندا هيا. محلات، اسڪول، فوج ۽ سينيٽ مطلب ته هر جڳهه ڄاتل سڃاتل ۽ عقيدتمند لامذهبن يا ڪافرن سان ڀريل هوندي هئي پر کين شهنشاهت جا شهري توڙي فوجي حق، بغير ڪنهن فرق جي، حاصل هوندا هيا. ٿوڊوسيَس، نيڪي ۽ ذهني قابليت کي قدر جي نگاهه سان ڏسندو هو ۽ اهڙن ماڻهن کي پنهنجي فراخدليءَ سان نوازيندو هو، اهوئي سبب هو جو هن سماچَس(62) کي هڪ اعليٰ مرتبي جو سفارتي عهدو عطا ڪيو ته ساڳي وقت لبانيَس(63) سان ذاتي دوستيءَ جا ناتا به نڀايائين، ۽ ٻن فصاحت ۽ بلاغت رکندڙ ماڻهن، جن مشرڪن جو دفاع ڪيو هو، کي اجازت هئي ته ڀلي پنهنجي مذهب سان لاڳاپيل هجن ۽ پنهنجن مذهبي نظرين لاءِ کين پهروپيائي جي ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه هئي. لامذهبن يا مشرڪن کي، مهربانين طور، تقرير يا تحرير جي نه رڳو پوري پر ڇڙواڳ آزادي هئي، يونئپيَس، زوسيمَس(64) ۽ افلاطون جي فلسلفي جي اسڪول جي جنوني استادن جي تحريرن مان معلوم ٿيو ته اُنهن پنهنجن فاتح دشمنن لاءِ نه رڳو سخت تعصب جو اظهار ڪيو آهي پر اُنهن جي جذبن ۽ ڪردار لاءِ کليل گارگند کي به پنهنجين تحريرن ۾ جڳهه ڏني آهي. جيڪڏهن اهڙين توهين آميز تحريرن جي گستاخي عالم آشڪار هئي ته پوءِ عيسائي شهنشاهن کي يقينن داد ڏيڻو پوندو جن، مشرڪن جي وهمن وسوسن جي آخري جدوجهد(65) ۽ نا اُميدي مان اُميد جي رستي ڳولڻ جي ناڪام ڪوشش تي، پنهنجي مُنهن تي نفرت جي مرڪ سان ئي سهي، پر کين برداشت ٿي ڪيو. پر اُنهن شهنشاهي قانون تي، جنهن مطابق ملحدن طرفان قربانيون ڏيڻ ۽ ورسين ملهائڻ جي منع ڪيل هئي، سختيءَ سان عمل ڪيو ويو، ۽ هر لمحي تي ان مذهب جو اثر تيزيءَ سان ختم ٿيندو ٿي رهيو جنهن کي منطق ۽ دليلن جي بجاءِ فقط رسمن ۽ روايتن جي حمايت حاصل هئي. ڪنهن به شاعر يا فيلسوف جي عقيدتمنديءَ کي، عبادت، ڳُوڙهي فڪر ۽ مطالعي جي خوراڪ ذريعي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو، پر جيڪا عبادت خاطر عبادت آهي اُهائي ماڻهن جي مذهبي جذبن کي مضبوط بنيادن تي هلائي سگهي ٿي ۽ اُها فقط لڳاتار جاري رکڻ ۽ ان جي مستقل عادت ٺاهڻ سان ئي روح کي قرار ۽ سڪون ٿو ملي. ماڻهن جي ان لڳاتار عمل ۾ جيڪو وقفو اچي ٿو، اُهو شايد ٿورڙن ئي سالن اندر هڪ قومي انقلاب جي راهه هموار ڪري ٿو. ديني نظرين جي يادگيرين کي، پادرين، مندرن ۽ ڪتابن جي مصنوعي مدد کان سواءِ، گهڻي عرصي تائين محفوظ نٿو ڪري سگهجي.(66) ڪجهه جاهل ۽ نادانن کي، جن جي دماغن ۾ اڃا تائين به وهمن وسوسن جي واڌاري جي انڌي اُميد ڇانيل آهي، پاڻهي سندن وڏڙا کين قائل ڪري وٺندا ته پنهنجي دؤر جي ديوتائن ڏانهن متوجہ ٿين ۽ اُهي آهستي آهستي نئين فلسفي کي جوش ۽ جذبي سان سندن منَ ۾ اوتيندا، نه رڳو ايترو پر ان جي حمايت ۽ پرچار به ڪندا، جنهن لاءِ سندن روحاني بُک اڳ ۾ به انکي قبول ڪرڻ لاءِ کين قائل ڪري ڇڏيو هو. شاهي قانونن جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ، دنيا اندر جيڪو نسل پيدا ٿيو، اُن کي، ڪئٿولڪ ڪليسا جي ڪشش پاڻ ڏانهن ڇڪيندي رهي، ۽ لامذهبيت جي تباهي ايتري ته تيزيءَ سان، پر سانت سڪون سان آئي جو ٿوڊوسيَس جي موت کان فقط اٺاويهه سال پوءِ، ڪنهن به عام ماڻهو توڙي اسيمبليءَ جي ميمبر کي، اُنهن جو نالو نشان يا جهَڪو پاڇو به ڪٿي نظر ڪونه آيو.(67)

فيلسوفن، مشرڪن جي مذهب جي تباهيءَ کي هڪ خوفناڪ، حيرت انگيز ۽ انوکو واقعو ڪوٺيو آهي جنهن سڄي ڌرتيءَ کي اونداهو ڪري ڇڏيو هو ۽ مونجهارن ۽ رات جي انڌاري جي اوائلي حڪومت کي ٻيهر وجود ۾ آندو هو. اُهي ادب ۽ ڏکاري انداز ۾ ٻڌائن ٿا ته مندر قبرن ۽ تربتن سان ڀرجي ويا هئا، ۽ اُهي مقدس جايون جيڪي اڳ ديوتائن جي مجسمن سان سينگاريل هونديون هيون، هاڻي اُنهن کي عيسائي شهيدن جي تبرڪن سان گندو ڪيو ويو آهي. ’ٻاوا، (گندن جانورن جي قوم جن لاءِ يونئپَس کين انسان جو نالو ڏيڻ به پسند نٿو ڪري)، نئين عبادت جا اڳواڻ آهن. جن کي، انهن جي ڪجهه ديوتائن جي جڳهه تي، گڏيل صلاح مشوري سان تخليق ڪيو ٿو وڃي، کين ذليل ترين ۽ نفرت لائق غلامن ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. اهڙن بدنام ۽ بد ڪردارن جا مٿا جن کي لوڻ ۽ آچار لڳائي بڇڙو بڻايو ويو آهي ۽ جن کي سندن ڪيترن ئي ڏوهن جي سلسلي ۾ ذلت واري موت جي سزا ڏني وئي آهي، سندن جسمن تي اڃا به ڦٽڪن جا نشان صاف نظر پيا اچن، ۽ انهن اذيتن جا نشان جيڪي مئسجٽريٽ جي فيصلي کان پوءِ سندن جسمن تي لڳايا ويا هيا، اهڙا (يونئپيَس پنهنجي بيان کي جاري رکندي چوي ٿو) اڄڪلهه جا ديوتا آهن جن کي اسان جي ڏينهن ۾ ڌرتي جنم ڏئي ٿي، اسان جي دؤر جا شهيد به اهڙائي آهن جيڪي حقيقي معبود لاءِ اسان جي عبادتن جا عظيم منصف ۽ امين آهن، جن جي مقبرن کي ماڻهن جي عقيدت ۽ احترام لاءِ مقدس بڻايو ويو آهي.‘(68) ڪدورت جي ڳالهه کان هٽي ڪري فيلسوف، جيڪو هن انقلاب جو مشاهدو ڪندڙ به هو، جي حيرت فطري ٿي لڳي ۽ ڪيئن نه روم جي اڻڄاتل ۽ اڻچٽن مظلومن کي آسماني درجو ڏنو ويو هو ۽ کين روم جي شهنشاهت جي نامعلوم يا غيبي بچائيندڙن ۾ شامل ڪيو ويو. عقيدي جي شهيدن لاءِ عيسائين جي عزت ۽ احترام وقت ۽ سوڀ جي لحاظ سان مذهبي عبادت ۾ بدلجي ويو ۽ ڪيترائي بزرگ، درويش ۽ پيغمبر جائز طرح سان، شهيدن جي اعزازن ۽ رتبن سان شامل ڪيا ويا هيا. سينٽ پيٽر ۽ سينٽ پال جي عظمت واري موت کان ڏيڍ سو سال پوءِ، وئٽيڪن ۽ اوسٽين جا رستا مقبرن بلڪ روحاني سپوتن جي ٽرافين ذريعي ڄاتا سڃاتا ويندا هيا.(69) جنهن دؤر ۾ ڪانسٽنٽائن مذهب بدلايو هو، شهنشاهه، سفارتخانو، مئجسٽريٽ ۽ فوج جا جنرل عقيدت منجهان هڪ تنبو- ٺاهيندڙ ۽ هڪ مهاڻي(70) جي مقبري جو ديدار وڃي ڪندا هئا ۽ سندن احترام لائق هڏا حضرت عيسيٰؑ جي قربانگاهه هيٺان پُوريا ويا هيا. جنهن تي شاهي شهر جا پادري وقفي وقفي سان اهڙيون قربانيون اچي ڪندا هيا جنهن ۾ رت وهائڻ جي منع ٿيل هوندي هئي.(71) اوڀر جي دنيا جو نئون گاديءَ جو هنڌ، جيڪو ان قابل نه هيو ته قديمي يا مقامي ٽرافيون ٺاهي سگهي، مٿس ڀاڙيندڙ صوبن جي غنيمت جي مال مان شاهوڪار ٿي ويو. سينٽ ائنڊريوز، سينٽ ليوڪ ۽ سينٽ ٽِمٿي جي جسمن اڻڄاتل ۽ نامعلوم قبرن ۾، ٽن سو سالن تائين آرام ڪيو هو، جتان کين ڪڍي وڏي ڌوم ڌام سان حوارين جي ڪليسا ڏانهن موڪليو ويو جنهن کي ڪانسٽئنٽائن جي عظمت ۽ سخا جي جذبن سان ٿريس جي باسفورس(72) جي ڪنارن تي تعمير ڪيو ويو هو. پنجاهه سالن کان پوءِ، سئموئيل، جيڪو جج ۽ اسرائيل جي ماڻهن جو پيغمبر هيو، ساڳين ئي ڪنارن کي پنهنجي آمد سان عزت بخشي هئي. سندس خاڪ جنهن کي هڪ سوني گلدان ۾ وجهي ريشم جي ڪپڙي سان ڍڪيو ويو هو، پادرين طرفان ان جي، هڪ ٻئي جي هٿن ۾ احترام مان مَٽ سٽ ڪئي وئي هئي. سئموئيل جا تبرڪ ماڻهن ساڳي خوشي ۽ احترام مان وصول ڪيا جنهن جو اظهار هونئن ڪنهن زنده پيغمبر جي مان ۾ ڪيو وڃي ها؛ فلسطين کان قسطنطنيہ جي گيٽن تائين شاهي رستا ماڻهن جي جلوسن سان ڀريل هيا، ۽ شهنشاهه آرڪئڊيَس خود، مذهبي ماڻهن ۽ سينيٽ جي ميمبرن جي هڪ وڏي تعداد جي اڳواڻي ڪندي اڳتي هليو ويو ته جيئن پنهنجي خاص الخاص مهمان جو استقبال ڪري سگهي، جنهن کي بادشاهن(73) طرفان عزت  احترام پيش ڪيو ويندو هو جنهن جو هو بجا طور تي لائق پڻ هيو. روم ۽ قسطنطنيہ جي روشن مثال، ڪئٿولڪ دنيا جي مذهبي عقيدي ۽ نظم ۽ ضبط جي تصديق ڪري ڇڏي هئي. بزرگن ۽ شهيدن جا اعزاز، ملحدن ۽ مشرڪن جي ڪمزور ۽ بي اثر ڀُڻ ڀڻ کان پوءِ آفاقي سطح تي تسليم ڪيا ويا،(74) ۽ ائمبروز ۽ جيروم جي دؤر ۾، عيسائي چرچ ۾ اڃا ڪجهه ڳالهين جي گهٽتائي نظر ٿي آئي، پر پوءِ ان کي پاڪ تبرڪن سان مقدس بنايو ويو هو جنهن سبب عقيدتمندن جا جوش ۽ جذبا نئين سر ڀڙڪي اٿيا هئا.

ٻارهن سؤ سالن جي تمام ڊگهي عرصي ۾ جيڪو ڪانسٽئنٽائن جي دؤر کان شروع ٿي لوٿر جي مذهبي تحريڪ تي ختم ٿئي ٿو، بزرگن ۽ تبرڪن جي عبادت، عيسائين جي اصلي روپ ۽ سادگي وارين وصفن کي گهڻي حد تائين بگاڙي ڇڏيو هو ۽ پهرين نسل ۾ ئي بگاڙ جا آثار صاف نظر اچي ويا هيا جن عيسائيت جي سٺن اصولن کي ڇڏڻ ۽ بگڙڻ جي زهريلي انداز کي اختيار ڪري ڇڏيو هو.

I بزرگن جي تبرڪن جي سون ۽ قيمتي پٿرن کان وڌيڪ قيمتي هجڻ جي اطمينان بخش تجربي،(75) مذهبي پنڊتن کي سرهو ڪيو جن ڪليسا جي مال خزانن کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري ڇڏيو. سچ کي پاسيرو ڪندي ۽ هئڻ يا ٿيڻ جي حقيقت جي پرواهه نه ڪندي هنن هڏاوَن پڃرن لاءِ نالا ايجاد ڪيا ۽ وري نالن کي ڪم يا عمل سونپيا ويا. حوارين ۽ معتبر ماڻهن جي شهرت، جن سندن نيڪين کي اختيار ڪيو هو، کي مذهب جي افسانوي انداز اونداهو بنائي ڇڏيو هو. اصلي، اڻموٽ ۽ اوائلي شهيدن جي فهرست ۾ هنن بيشمار نقلي ۽ خيالي سپوت به شامل ڪري ڇڏيا هيا، جن جو ڪوبه وجود نه هو پر جي هيو ته چالاڪ يا سادڙن روايتي ماڻهن جي فقط تصور يا خيالن ۾ هيو، هڪ ڳالهه ۾ شڪ ڪرڻ جي گهڻي گنجائش آهي ته ٽورس فقط هڪڙو ضلعو نه هو جنهن جي اصلي بزرگن ۽ درويشن جي بجاءِ، بدمعاشن ۽ بدنام ماڻهن جي هڏن کي پوڄيو ويندو هو.(76) هيءُ هڪ اهڙو وهمن وسوسن وارو غلط عمل هيو جنهن فريب، دوکيبازي ۽ ڀورڙائيءَ کي عام ڪري ڇڏيو جنهن اڻ محسوس ٿيندڙ طريقي سان عيسائي دنيا جي تاريخ توڙي منطق جي روشنيءَ جي لاٽ کي جهڪو ڪندي ڪندي نيٺ وِسائي ڇڏيو.

II پر وهمن وسوسن جي واڌاري ۾ ايتري تيزي هرگز نه اچي ها جيڪڏهن ماڻهن جي عقيدن جي، خوابن ۽ معجزن ذريعي مدد نه ڪئي وڃي ها ته جيئن بيحد مشڪوڪ تبرڪن جي نيڪي ۽ صداقت جي باري ۾ حقيقت صاف طرح سان معلوم ٿي سگهي ها. ننڍي ٿوڊوسيس* جي حڪومت ۾، ليوسيَن،(77) جيروسلم جي نائب پادري ۽ ڪفارگمالا جي ڳوٺ جي هڪ وزير، جيڪي شهر کان ويهن ميلن جي پنڌ تي رهندا هئا، هڪ عجيب ۽ انوکي خواب جو قصو بيان ڪيو، جنهن کي فقط شڪن گمانن کي دور ڪرڻ لاءِ، ساندهه ٽن ڇنڇرن تي دهرايو ويو. رات جي خاموشيءَ ۾ هڪ بزرگ ماڻهو سندن سامهون اچي بيٺو، سندس ڊگهي ڏاڙهي هئي ۽ کيس اڇو جُبو پاتل هو ۽ سندس هٿ ۾ هڪ سوني لٺ هئي، پنهنجو تعارف ڪرايائين ته سندس نالو گماليل هو، ۽ اچرج ۾ ورتل نائب پادريءَ کي پنهنجي ميت يا هڏائين پڃري، سندس پٽ ابيباس ۽ سندس دوست نڪوڊيمَس ۽ مشهور اسٽيفن- جيڪو عيسائي مذهب جو پهريون شهيد هو- بابت ڪجهه حقيقتن جو انڪشاف ڪيائين جيڪي ڀر واري زمين ۾ ڳجهيءَ طرح دفنايا ويا هئا. هن اُٻهرائيءَ مان چيو ته هاڻي وقت هو جو هو پاڻ توڙي پنهنجن ساٿين کي هڪ اڻڄاتل جيل مان آزاد ڪرائي، ۽ سندن ظاهر ٿيڻ، تڪليف ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ صحتمند ۽ سٺو سنؤڻ هو، ۽ هنن ليوسين کي چونڊيو هو ته سندن صورتحال ۽ خواهشن بابت هو جيروسلم جي پادريءَ کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏي. هن اهم خواب ۽ انڪشاف بابت جيڪي به شڪ، تڪليفون ۽ رڪاوٽون هيون، اُنهن کي وقت سان گڏ نوَن خوابن ذريعي دور ڪيو ويو، ۽ زمين کي، بشپ طرفان ماڻهن جي وڏي تعداد جي موجودگيءَ ۾ کوليو ويو. گماليَل، سندس پُٽ ۽ سندس دوست جا تابوت بلڪل صحيح سلامت هيا، پر جڏهن چوٿون تابوت، جنهن ۾ اسٽيفن جو مڙهه رکيل هو، کوليو ويو ۽ جيئن ان تي روشني پئي ته سڄي زمين ڄن ڌُڏي وئي ۽ هڪ بهشت واري معطر خوشبوءِ هر طرف ڦهلجي وئي جنهن فورن ٽيهتر مددگارن کي مختلف بيمارين کان کين ڇوٽڪارو ڏياري ڇڏيو. اسٽيفن جي ساٿين کي ڪفار گمالا جي رهائش گاهه جي پُرسڪون ماحول ۾ ڇڏيو ويو، پر پهرئين شهيد جي تبرڪن کي هڪ جلوس جي شڪل ۾ هڪ ڪليسا ۾ نيو ويو جيڪا جبل سينا تي سندن اعزاز ۾ تعمير ڪئي وئي هئي، ۽ انهن تبرڪن جا ننڍڙا ذرڙا، رت جو هڪ ڦڙو،(78) يا هڏي جون ڇيتيون وغيره سڄي رومي دنيا ۾ تسليم ڪيون ويون هيون ته اُنهن ۾ قدرتي ۽ معجزاتي نيڪين ۽ چڱائيءَ جا عنصر هيا. آگسٽائين(79) جيڪو سنجيدو ۽ هڪ وڏو عالم هو ۽ جنهن جي ڄاڻ ڪنهن به سادگيءَ کي مڃڻ لاءِ تيار نه هوندي هئي، ان به سينٽ اسٽيفن جي تبرڪن بابت ڪيترائي اهم ۽ انوکا واقعا جيڪي آفريڪا ۾ ٿيا هيا جو ذڪر ڪيو آهي، هي لاجواب ۽ ڪمال جو بيان جيڪو ڪتاب ’خدا جي شهر‘ ۾ درج آهي، ۽ هِپو جي پادري، انهن واقعن کي، عيسائيت جي سچ بابت بيحد مضبوط ۽ لازوال دليلن طور پيش ڪيو آهي. آگسٽائين پوري سچائيءَ سان چوي ٿو ته هن فقط اُهي معجزا چونڊيا آهن جن جي ماڻهن جي ميڙ جي آڏو تصديق ٿي وئي هئي جيڪي يا ته خود هيا يا تماشبين هيا جن شهيدن جي طاقت جي شاهدي ڏني هئي. ڪيترائي ٻيا غير معمولي ماڻهو آڏو نه آيا هيا يا اُنهن کي وساريو ويو هو ۽ هپو کي، صوبي جي شهرن جي مقابلي ۾ گهٽ اهميت ڏني وئي هئي. ان جي باوجود به پادري ستر واقعن کان به گهڻا ٿو ٻڌائي جن مان ٽي ته اهڙا هيا جيڪي مئلن مان جيئرا ٿيا هيا ۽ اهي واقعا سندس ئي انتظامي ضلعي اندر فقط ٻن سالن جي عرصي ۾ ٿيا هيا.(80) جيڪڏهن اسان پنهنجن مشاهدن کي وڌيڪ وسيع ڪندا وڃون ۽ عيسائي دنيا جا سڀئي درويش ۽ بزرگ ڳڻايون ته پوءِ اهو ممڪن نه ٿيندو ۽ اهڙن قصن ڪهاڻين توڙي ڪجهه غلطين جو حساب ڪتاب به ڏکيو ٿي پوندو ڇو ته جن ذريعن وٽان اهي واقعا بيان ڪيا ويا آهن اُهي وڏا ۽ اڻکُٽ آهن. پر اسان کي ايتري اجازت ضرور ملڻ گهرجي ته اسان غور ڪريون ته وهمن ۽ وسوسن جي ڀورڙائي ۽ سادگيءَ جي دؤر ۾، معجزن جو نالو توڙي اُنهن جي اهميت ختم ٿي وئي هئي ڇو ته اهڙيون ڳالهيون فطرت جي قانون جي اُبتڙ ۽ ٽڪراءَ ۾ آهن.

III بيشمار معجزا جن ۾ شهيدن جا مقبرا دائمي نمائش جو هنڌ هوندا هيا ۽ هڪ نيڪ عقيدتمند تي پراسرار دنيا جا راز ۽ اصل حقيقتن جو انڪشاف ٿيو هو ۽ لڳي ٿو ته سندس مذهبي انداز حقيقت ۽ تجربي جي مضبوط بنيادن تي ٻڌل هوندا هيا. بيهودن روحن جي جيڪا به حالت، سندن پڄاڻيءَ ۽ سندن مئل جسمن جي ٻيهر زنده ٿيڻ جي طويل وقفي دوران ٿي هجي، اهو صاف ظاهر هو ته بزرگن ۽ شهيدن جي عظيم روحن پنهنجي زندگيءَ جو قيمتي حصو خاموشي ۽ بدناميءَ واري ننڊ ۾ هرگز نه گذاريو هوندو.(81) اهو به ظاهر هو (سواءِ سندن رهڻ جي جڳهه ۽ اُنهن جي سرهائيءَ جي طريقي کي ڄاڻڻ جي اندازي لڳائڻ جي) ته اهي پنهنجي خوشي، شادماني، نيڪي ۽ سندن اختيارن جي احساس کي چستي ۽ سرهائيءَ سان ملهائيندا هيا؛ ۽ هنن اڳي ئي پنهنجو دائمي انعام حاصل ڪري ڇڏيو هو. سندن ذهني لياقتن ۽ قابليتن جي بلندي ايتري ته وڏي هئي جو ان کي انساني تصور جي ماپي ۾ نٿو سمائي سگهجي. جيئن ته تجربي اهو ثابت ڪيو هو ته هو پنهنجن بيشمار عقيدتمندن جون دانهون ۽ فريادون ٻڌندا ۽ سمجهندا هيا، جيڪي، ساڳي ئي وقت، پر دنيا جي دور دراز علائقن ۾، اسٽيفن يا مارٽن(82) جا نالا کڻي اُنهن کي مدد لاءِ پڪاريندا هيا. سندن عرضدارن جو اعتماد ان دليل تي ٻڌل هو ته اُهي بزرگ جيڪي حضرت عيسيٰؑ سان گڏ حڪومت ڪندا هيا، زمين تي پنهنجي رحم جي نظر ڪندڙ هيا ۽ اُهي ڪئٿولڪ ڪليسا جي ترقي ۽ واڌاري جا هر وقت خواهشمند ۽ دلچسپي رکندڙ هيا ۽ اُهي فرد جيڪي، سندن نيڪي ۽ عقيدي جي مثالن جي تقليد ڪندا هيا، اُهي ئي سندن پسنديده ماڻهو هيا ۽ سندن دِلي احترام ۽ عزت جو محور ۽ مرڪز به اُهي ئي هيا. ڪڏهن ڪڏهن ته وري اُنهن جي دوستي اهڙين ڳالهين جي ڪري به متاثر ٿيندي هئي جيڪي ننڍڙيون ۽ خسيس هونديون هيون، هر اُن جڳهه کي هڪ طرفي يا جانبداريءَ جي نظر سان ڏسندا هيا جنهن کي سندن ڄم، سندن رهائشگاهه، سندن موت، سندن ذهن يا سندن تبرڪن جي وٽن هئڻ ذريعي مقدس بنايو ويو هو. تڪبر، لوڀ، لالچ ۽ انتقام جي ذليل جذبن کي هو ڌڪاريندا هيا ۽ چوندا هيا ته اهڙا جذبا بهشتي سينن ۾ هرگز سمائجي نٿا سگهن، ان جي باوجود بزرگَ پنهنجين مهربانين سان، پنهنجي عقيدتمند جي فراخدليءَ جي تعريف ڪندا هيا ۽ احسانمنديءَ مان سندن اهڙن سٺن گڻن جي منظوري ڏئي ڇڏيندا هيا پر اُنهن بدنصيب لامذهبن ۽ ملحدن جي خلاف هو سخت ڪاوڙ ۽ جوش منجهان ڳالهائيندا هيا جيڪي سندن عظيم الشان مقبرن جي تقدس جي مخالفت ڪندا هيا ۽ سندن روحاني ۽ مٿاهين طاقت ۾ اعتبار نه ڪندا هيا،(83) پوءِ اهڙن هٺيلن ۽ منڪرن کي سخت سزائون پڻ ڏنيون وينديون هيون. پر اُنهن جو قصور ۽ خطا ايتري ته وحشياڻي ۽ سندن شڪ ۽ گمان ايترا ته انوکا هيا جو اُنهن خدا پاڪ جي معرفت جي ثبوتن کي هٺ ۽ هوڏ ذريعي غلط ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته اُنهن عنصرن، يا جاندارن جي سڄي تخليق توڙي انساني ذهن جي نفيس، نازڪ ۽ لڪل جذبن به مجبور ٿي سندس وجود جو اقرار ڪيو هو.(84) عبادت يا ڪنهن ڏوهه جي تُرت ۽ تڪڙي اثر عيسائين کي اطمينان ٿي ڏياريو ته سندن بزرگن ۽ درويشن کي ڪيترا نه وڏا اختيار مليل هيا ۽ اُهي الله تعاليٰ جي عظيم ترين هستيءَ جا ڪيڏا نه لاڏلا هيا جو، اهو معلوم ڪرڻ اجايو ٿيندو ته اُهي حقيقي معبود آڏو ماڻهن جي شفاعت ڪرڻ جي سفارش ڪرڻ جا حقدار هيا، يا سندن مهرباني ۽ انصاف جي تقاضائن موجب، واسطيدار وزارت طرفان کين اهڙي اجازت نه ڏني وئي هئي. اهڙو آفاقي تصور، جيڪو وڏي سوچ ۽ ويچار کان پوءِ اُتاهون بڻجي عالمي ڪارڻ، جو ادراڪ رکي ۽ ان جي عبادت ڪري، پوڄا ڪرڻ جي ننڍين ننڍين شين ۽ اڻپورين صلاحيتن جي ڀرپور سوچ کي به پنهنجي پاڻ ۾ سمائي ٿو ڇڏي. اوائلي عيسائين جي مٿاهين ۽ نج سادگي واري مذهبي رواداري وقت سان گڏ ڪافي حد تائين بگڙي چڪي هئي، ۽ جنت جي بادشاهي، جنهن تي مابعدالطبيعات جا ڪارا ڪڪر اڳ ۾ ئي ڇانئجي چڪا هيا، هڪ اهڙي ديني رجحان سان هيٺاهين سطح تي اچي چڪي هئي جنهن ذريعي گهڻن خدائن جي عبادت ڪرڻ وارن جي حڪومت کي قائم ڪيو ويو هو.(85)

IV جيئن ته مذهب جي مقصد کي هاڻي فقط تصوراتي دنيا تائين محدود ڪيو ويو هو، ته اهڙين رسمن ۽ رواجن کي عام ڪيو ويو هو جيڪي ايتريون ته طاقتور هيون جو اُنهن ذريعي بيهودگيءَ جي احساسن کي جاڳايو ويو هو. جيڪڏهن پنجين صدي عيسوي ۾، ٽرٽوليَن(86) يا لئڪٽئنٽيَس(87) اوچتو پنهنجين قبرن مان اُٿي جيئرا ٿي پوَن ها ۽ ڪنهن بزرگ يا شهيد(88) جي ورسيءَ جي انتظامن ۾ هٿ وندائين ها ته لامذهبيت يا ڪفر جي ماحول ۽ منظر تي حيرت، ڪاوڙ ۽ اچرج مان سندن اکيون ڦاٽل رهجي وڃن ها ته ڪيئن نه عيسائين جي ميڙن ۽ هجومن جي روحاني عبادتن ۾ ڪفر ڪاهي پيو هو. جيئن ئي ڪليسا جي دروازن کي کوليو وڃي ها ته اُتي لوبان جي ٻرڻ جو دونهون، گلن جي خوشبوءِ ۽ بتين ۽ مشعلن جي روشني جا منظر کين ڏک پهچائن ها جيڪي منجهند جهڙي وقت ۾ به، سندن خيال ۾، چمڪندڙ ۽ ڀڙڪيدار روشنيءَ سان ناپاڪي ۽ بيحرمتيءَ جو نظارو پيش ڪندا هيا. جيڪڏهن اُهي قربانگاهن جي احاطي يا ڏاڪڻ جي ويجها وڃن ها ته بيشمار سُتل ۽ سنوان نوان ٿي ليٽيل ماڻهن جا هجوم کين رستي تي ملن ها جيڪي گهڻو ڪري سڀئي ڌاريا هيا يا زيارتن لاءِ اُتي ترسيل هيا جيڪي شهر ۾ ته ڪنهن موقعي کي ملهائڻ خاطر آيا هيا پر کين اڳ ۾ ئي مذهبي جنونيت توڙي شراب جي نشي جو خمار ۽ مدهوشيءَ جو ماحول محسوس ٿيو هو. سندن عقيدت جون چُميون، مقدس عمارتن جي ديوارن تي نقش ٿي ويون هيون ۽ سندن عبادتون، ان ڪليسا جي خاص ٻوليءَ ۾، اُنهن درويشن ۽ بزرگن جي هڏن، رت ۽ سندن خاڪ کي ارپيون ويون هيون. جن کي جاهلن ۽ ڄَٽن جي نظرن کان بچائڻ خاطر، پَٽَ ريشم ۽ اطلس جي پردن ۾ لِڪايو ويو هو. عيسائي، شهيدن جي مقبرن جي زيارت لاءِ اڪثر ايندا ويندا رهندا هيا ۽ سندن نيت اها هوندي هئي ته اتان اُنهن جي معرفت ۽ سفارش سان کين روحاني دولت ملي وڃي پر سندن دعائون گهڻو ڪري مالي ۽ دنياوي فائدن لاءِ وڌيڪ هونديون هيون. اُهي پنهنجي صحت کي قائم رکڻ ۽ جسماني ڪمزورين کي دور ڪرڻ لاءِ گهڻو ٻاڏائيندا هيا ته ساڳئي وقت پنهنجين زالن، جيڪي سنڍون ٿي چڪيون هيون، جي جهولي ڀرڻ توڙي پنهنجي اولاد جي خوشين لاءِ پڻ ليلائي دعائون گهرندا هيا. هو جڏهن به ڪنهن ڏورانهين يا خطري جهڙي سفر تي اُسهندا هيا ته اُهي پنهنجن بزرگن ۽ شهيدن کي منٿون ڪندا هيا ته اڻ ڏٺل ۽ ڏکئي رستي ۾ اُهي سندن رهبري ۽ حفاظت ڪندا، ۽ جڏهن هو پنهنجي سفر تان سلامتيءَ سان واپس ورندا هيا ۽ رستي تي ڪنهن به تڪليف پيش نه اچڻ تي ٻيهر پنهنجن شهيدن ۽ بزرگن جي مقبرن تي وڃي حاضر ٿيندا هيا، ته وڏي خلوص ۽ عقيدت منجهان شڪرانا بجا آڻيندا هيا ۽ پنهنجن بهشتي درويشن جي تبرڪن تي نذرانا ڏيندا هيا ۽ اُنهن جي يادن ۽ احسانن کي ڳائيندا ۽ هيج منجهان ملهائيندا هيا، جيڪي ۽ جهڙي قسم جا احسان مٿن ڪيا ويندا هيا ته انهن سان مطابقت رکندڙ نشان ٺاهي ديوارن تي لڙڪايا ويندا هيا؛ سون ۽ چانديءَ سان ٺاهيل اکيون، هٿ ۽ پير ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تصويرون يا نقش، جيڪي پڻ بت پرستيءَ جي وهمن وسوسن ۽ اوَگُڻن کان بچي نه سگهيا هيا، اُنهن بزرگن ۽ شهيدن جي وصفن، معجزن ۽ شڪل صورت سان منسوب ڪيا ويندا هيا. ساڳين ۽ هڪجهڙن وهمن وسوسن جون روايتون، جيڪي قديم زماني کان وٺي ڪيترن ئي ملڪن ۾ رائج رهيون آهن، سادڙن ۽ ڀورڙن ماڻهن کي دوکي ۽ فريب ۾ مبتلا ڪرڻ لاءِ جاري رکيون ويون آهن ته جيئن انسانذات جي احساسن ۽ سمجهه تي اثرانداز ٿي سگهجي،(89) پر اها ڳالهه ضرور مڃڻي پوندي جيڪا ڪيڏي نه تضاد واري آهي ته ڪئٿولڪ ڪليسا جي رکوالن ۽ نمائندن، لامذهبيت ۽ ڪفر جي اُنهن نمونن جي خود ڪاپي ڪئي هئي جن کي تباهه ڪرڻ لاءِ بيچينيءَ ۽ بيصبريءَ مان پاڻ ڪوششون ڪري رهيا هيا. بيحد محترم ۽ معزز پادرين پاڻ کي ان ڳالهه تي خوش ڪيو هو ته جاهل، ڳوٺاڻا ۽ اڻپڙهيل لادينن جي وهمن وسوسن کي پاڻهي ڇڏي ڏيندا جيڪڏهن کين عيسائيت جي ڇانوَ ڏيندڙ پاڇن ۾ ڪجهه هڪجهڙائيءَ وارو معاوضو ملي وڃي. هڪ صديءَ کان به گهٽ وقت ۾، ڪانسٽئنٽائن جي مذهب روم جي شهنشاهت کي پوريءَ طرح فتح ڪري ڇڏيو هو؛ پر حيرت واري ڳالهه اها هئي ته فاتح خود، پنهنجن ئي شڪست کاڌل مخالفن جي چالاڪين کان اڻ محسوس ٿيندڙ طريقي سان، مات کائيندي نظر اچي رهيا هيا.(90)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org