سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:روم جي شهنشاهت جو زوال ۽ خاتمو (ڀاڱو ٻيو)

باب:

صفحو:26

ايشيا جي آبادي گهٽجڻ جي ڪري، حڪومت ۽ زراعت جي وهنوار جو تعلق گهڻو ڪري وڏن شهرن سان آهي ۽ جيڪي ٻهراڙيون پري پنڌ تي آهن ته اُهي عربن، ڪُردن ۽ ترڪمانن جي ڌنارن جي رحم و ڪرم تي ڇڏيل آهن(11). آخري ذڪر ڪيل قبيلي جون ٻه شاخون ڪئسپيَن سمنڊ جي ٻنهي طرفن تي آباد آهن: اولهه واري ڪالوني کي هڪ وقت تي چاليهه هزار سپاهي ملي سگهن ٿا جڏهن ته اوڀر جي ڪالوني ۾، جيڪا هڪ سياح لاءِ ايتري نمايان نه آهي پر وڌيڪ طاقتور ۽ وڏي آبادي واري آهي، ڪٽنبن جو تعداد هڪ لک کان به مٿي هليو ويو آهي. مهذب قومن جي وچ ۾، اُهي سيٿيا جي رڻ پٽ جهڙن ماڻهن وانگر هيا جيڪي موسمن جي تبديلي جي لحاظ سان پنهنجا تنبو يا خيما هڪ جڳهه کان اُکوڙي ٻي جڳهه ڏانهن لڏپلاڻ پيا ڪندا آهن ۽ پنهنجن مال جي ڌڻن کي محلن يا مندرن جي بربادين ۾ وڃي چاريندا آهن. اُنهن جا جانور يا مال جا ڌڻ ئي اُنهن جي سموري ملڪيت هوندا آهن. سندن تنبو ڪارا يا اڇا هوندا آهن يا وري اُنهن جو رنگ سندن ڪپڙن جهڙو هوندو آهي ۽ پاڻ به اڻ اُڻيل ڪپڙن ۾ ڍڪيل هوندا آهن ۽ سياري جو سندن پوشاڪ رڍن جي کَل منجهان ٺهندي آهي ۽ اونهاري ۾ هڪ بوڇڻ، يا عام ڪپڙو اوڍڻ لاءِ کين ڪافي هوندو آهي؛ مردن جا چهرا ڀوائتا ۽ سندن طور طريقا سخت قسم جا آهن، جڏهن ته سندن عورتن جا مُنهن مهانڊا وڻندڙ ۽ نرميءَ تي مائل ٿين ٿا. جيئن ته هو سدائين لڏپلاڻ ڪندا رهن ٿا ته سندن روَش ۽ طور طريقا فوجين جهڙا ٿين ٿا، اُهي پنهنجن گهوڙن تي چڙهي دشمن سان وڙهندا آهن، پر سندن جرئت ۽ مردانگي جو مظاهرو تڏهن دلچسپ هوندو آهي جڏهن پنهنجي پاڻ ۾ يا وري پنهنجن پاڙيسرين سان مردانگي جي مقابلي کي هڪ ٻئي تي آزمائيندا آهن يا مشق ڪندا آهن. پنهنجي مال کي چارڻ جي اجازت هو اتان جي زميندار کان وٺندا آهن جيڪو ٿورا گهڻا پئسا وٺي کين اهڙو اجازت نامو ڏئي ڇڏيندو آهي، پر گهريلو يا مقامي طور تي عام اجازت نامو اتان جا سردار ۽ مُنهندار ڏيندا آهن. اوڀر جي ترڪمانن، جيڪا سندن قديمي قوم آهي، جي پهرين هجرت يا وڏي لڏپلاڻ ڏهين صدي عسيوي ۾ ٿي هئي(12). خليفن جي زوال ۽ سندن نائبن جي ڪمزورين سبب، جئڪسريٽس نديءَ جي رڪاوٽ جي به پرواهه نه ڪئي ويندي هئي، ۽ سندن ملڪي ماڻهن جي ڀاڄَ کان پوءِ، ڪجھ خانه بدوش قبيلن پنهنجي مطلب تارڻ لاءِ اسلام کڻي قبول ڪيو ۽ شاندار ميدانن تي پنهنجا تنبو کوڙي ڇڏيائون جتي کين سينٽرل ايشيا ۽ خوارزم جي معتدل آبهوا ميسر هئي، ترڪن جي غلامن، جن کي بادشاهه بنجڻ جي خواهش هئي هن لڏپلاڻ کي ڪافي همٿايو جن پنهنجي فوج تيار ڪري ورتي ۽ پنهنجي رعيت جي ماڻهن توڙي سندن مخالفن ۾ هڪ خوف جي فضا ڇانئجي وئي ۽ پنهنجي سرحد کي ترڪستان جي جهنگلي ماڻهن کان بچايائون، پر سلطان محمود غزنوي هن پاليسيءَ جو ناجائز فائدو ورتو جنهن جو اڳ ڪٿي به مثال نٿي مليو. سندس غلطيءَ تي سلجوڪن جي اڳواڻ کيس سخت تنبيهه ڪئي جيڪو بخارا جي حدن اندر رهندو هو. سلطان کانئُس پڇيو هو ته هو فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ ڪيترا ماڻهو ڏئي سگهندو. ان تي اسماعيل کيس جواب ڏنو هو: ’جيڪڏهن تون هنن منجهان هڪڙو تير اسان جي ڪئمپ ۾ اڇلائيندين ته تنهنجا پنجاهه هزار غلام هڪدم گهوڙن کي لغام ڏئي مٿن سوار ٿي ويندا‘. ’… ۽ جيڪڏهن اهو تعداد ناڪافي هجي ته پوءِ؟‘ محمود وراڻيو: ’ته ٻيو تير بالِڪ جي لشڪر تي اڇلائجان ته پنجاهه هزار ٻيا به توکي ملي ويندا‘. اسماعيل جواب ڏنو. ”پر جيڪڏهن“، محمود غزنوي ڳالهه وڌائيندي ۽ پنهنجي ظاهري پريشاني جو تاثر ڏيندي کيس چيو، ”مون کي تنهنجي سڄي قبيلي جي ضرورت سپاهين جي صورت ۾ پئجي وڃي ته پوءِ؟“ ”منهنجي تير ڪمان کي مون ڏي موڪلي ڇڏجانءِ، جيئن ئي ماڻهن کي اها خبر پوندي ته تنهنجي حڪم جي هڪدم تعميل ٿي ويندي ۽ ٻه لک گهوڙي سوار سپاهي بنا دير پهچي ويندا“. هي اسماعيل جو آخري جواب هو. ايتري پڪي پختي دوستي جي رشتن محمود غزنوي کي اعتماد ڏياريو جنهن مشڪوڪ قسم جي قبيلن کي خراسان جي وچ ۾ موڪلي ڏنو، جتي هو پنهنجن ٻين برادري وارن ماڻهن کان اوڪسَس نديءَ جي موڙ وٽ ڌار ٿي ويندا ۽ دوست شهرن جي ديوارن سان پنهنجي پاڻ کي محفوظ ڪري ڇڏيندا. پر ملڪي صورتحال لالچائيندڙ ته ضرور هئي پر ڊيڄاريندڙ ڪا نه هئي ۽ حڪومت جو جوش جذبو به محمود غزنوي جي موت ۽ غير موجودگيءَ سبب ڍرو ۽ سستيءَ وارو نظر ٿي آيو. مال چاريندڙ ڌنار هاڻي ڦورن ۽ لٽيرن ۾ تبديل ٿي چڪا هيا ۽ هاڻي اُنهن ئي لٽيرن جي ٽولن کي گڏ ڪري فاتحن جي فوج ۾ شامل ڪيو ويو ۽ کين

 

سلجوڪن جي آمد- 1070- 970ع

اصفحان ۽ فرات جهڙن پري وارن علائقن ۾ موڪليو ويو، فارس وارا اڳيئي سندن اوچتن حملن کان تنگ ٿي پيا هيا ۽ ترڪمانن کي، ايشيا جي وڏن ۽ مغرور بادشاهن سان به پنهنجي طاقت آزمائيندي نه ته شرم ٿي آيو نه وري اُهي کانئن خوفزده هيا. مسعود، جيڪو محمود غزنوي جو پٽ ۽ جانشين هيو، گهڻي وقت کان وٺي پنهنجن رفيقن ۽ اُمرائن(*) جي صلاح مشورن تي ڪَن ئي نٿي ڏنو، ۽ ”تنهنجا دشمن“، هنن کيس وري وري ياد پئي ڏياريو، ”شروع ۾ ڪِوِليُن جي جهُگٽي يا ميڙ کان وڌيڪ ڪجھ به نه هيا، جيڪي هاڻي ننڍن نانگن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن، ۽ جيڪڏهن ۽ جيستائين اُڻهن کي ڪُچليو ۽ اُڦٽ ماريو نه ويندو ته اُنهن منجهه زهر ڀرجي ويندو ۽ پوءِ اُهي موتمار نانگن جو روپ وٺي ويندا“. ڪجھ صلح جي ڳالهين، ڪجھ مخالفت، ۽ سندس نائبن جي ڪجھ ڪاميابين کان پوءِ، سلطان مسعود ذاتي طور تي لشڪر جي اڳواڻي ڪندي ترڪمانن جي مقابلي لاءِ نڪتو پر اُنهن اُٽلو وحشين جيان رڙيون ڪندي هر طرف کان مٿس حملو ڪري ڏنو. هڪ تاريخدان هن واقعي کي هينئن ٿو بيان ڪري: ’مسعود اڪيلو ئي اڪيلو دشمن جي صفن ۾ ڪاهي پيو ۽ پنهنجي طاقت ۽ بهادريءَ جا اهڙا ته جوهر ڏيکاريائين جيڪي بادشاهه اڳ ڪڏهن به نه ڏيکاريا هيا. سندس ڪجھ دوست پڻ، پنهنجي بهادر اڳواڻ جي بهادريءَ جو مشاهدو ڪندي جنگ جو حصو بڻجي ويا ۽ ائين ٿي لڳو ته پنهنجي عزت ۽ وقار کي قائم رکڻ جو ڄڻ اُنهن وچن ڪري ڇڏيو هو ۽ بهادر جي ترار جو رخ جيڏانهن به مُڙيو ٿي ته سندس دشمن جي لاشن جا ڍير لڳي ٿي ويا ۽ هو ڀاڄ کائڻ تي مجبور ٿي پيا. پر جڏهن سوڀ سندس جهنڊي جي ويجهي اچي چڪي هئي ته هڪ بدقسمتيءَ جو منظر کيس نظر آيو؛ جڏهن هن هيڏي هوڏي نهاريو ته سندس سڄي فوج کيس نظر آئي پر اُهو فوجين جو جٿو کيس ڪٿي به نظر نه آيو جنهن جي ڪمان بادشاهه خود ٿي ڪئي ۽ کيس لڳو ته اُهي ميدان ڇڏي ڀڄي ويا هيا. مسعود غزنوي سان ترڪ قوم جي ڪجھ جنرلن غداري ڪندي بزدليءَ جو مظاهرو ڪيو ۽ کيس ميدان ۾ اڪيلو ڇڏي هليا ويا ۽ زنديقن(14) جي هن منفي طرح جي يادگار ڏينهن سبب، فارس ۾ ريڍارن جي بادشاهت جو بنياد پئجي ويو(15).

فاتح ترڪمان هاڻي بنا دير پنهنجي بادشاهه جي چونڊ ڪرڻ جي تُرت تيارين ۾ لڳي ويا ۽ هتي هڪ لاطيني تاريخدان(16) جو بيان شايع اڻ مُدائتو نه لڳندو. جيڪو ٻڌائي ٿو ته هنن پنهنجي نئين بادشاهه جي چونڊ به مقدر جي فيصلي تي ڇڏي ڏني. ڪيترائي تيرَ گڏ ڪيا ويا ۽ هر تير تي پنهنجي قبيلي، ڪٽنب ۽ اُميدوار جو نالو لکيو ويو؛ اُنهن تيرن جو هڪ بنڊل ٺاهيو ويو ۽ هڪ ننڍي ٻار کي چيو ويو ته سڄي بنڊل مان ڪو هڪ تير کڻي، ۽ ڪُڻو طغرل بيگ جي حق ۾ نڪري آيو جيڪو مائيڪل جو پٽ هو، جيڪو وري سلجوق جو پٽ هو جنهن جي ذات ايندڙ نسل جي دلين ۾ يادگار ۽ لافاني ٿي چڪي هئي. سلطان محمود، جيڪو قبيلن جي تاريخ ۽ سندن حسب نسب سڃاڻڻ جو ماهر ليکيو ويندو هو، سلجوقن جي خاندان بابت هن پنهنجي لاعلمي ڏيکاري هئي؛ تنهن هوندي به ان قبيلي جو جيڪو وڏو بزرگ هيو اُن جي شهرت ۽ طاقت ڪافي مشهور رهي هئي(17). هن بادشاهه جي حرم ۾ اندر وڃڻ جي جرئت ڪرڻ تي، سلجوق کي ترڪستان مان تڙيو ويو هيو، ملڪ نيڪالي وارن ۾ سندس ڪيترائي قبيلي جا ماڻهو ۽ سندس ذاتي نوڪر چاڪر به شامل هيا؛ هُن جيڪسريٽِس ندي اُڪري، سمرقند جي پاسي ۾ وڃي پنهنجا خيما کوڙيا، اسلام جو مذهب قبوليائين ۽ ڪافرن خلاف شهادت حاصل ڪرڻ جو رتبو ماڻيائين. سندس عمر هڪ سؤ ست سال هئي جيڪا سندس پٽ کان به وڏي هئي ۽ سلجوق پنهنجن ٻن پوٽن طغرل ۽ جعفر کي پالي نپائي وڏو ڪيو؛ جڏهن سندس وڏو پوٽو پنجيتاليهن سالن جو ٿيو ته شاهي شهر نيشاپور  ۾ سلطان جو تاج مٿس رکيو ويو. هي هڪ تجربو ڪيو ويو هو پر تاج پائيندڙ جو ڪردار ۽ لياقتون اهڙيون هيون جو هن پاڻ کي ان عهدي جو لائق بنايو هو. هڪ ترڪ جي بهادريءَ جي تعريف ڪرڻ ڄڻ هڪ اجائي ڳالهه لڳندي پر طغرل(18) پنهنجي بهادري کي پاڻ ملهايو هو. سندس فوجين غزنوين کي فارس مان ڀڄائي ڪڍيو هو جتان وري کين تڙيو ويو ۽ هاڻي هو سنڌوءَ جي ڪنارن تي وڃي آباد ٿيا، ته جيئن کين اهڙي سوڀ حاصل ٿي سگهي جيڪا آسان هجي ۽ جتي کين دولت به ججهي ملي سگهي. اولهه ۾ هن بائودين جي بادشاهي سلسلي کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ عراق جي حڪمراني هاڻي فارسين کان کِسڪي ترڪن ڏي هلي وئي. جن بادشاهن پاڻ کي ڪجهه سمجهيو هو يا وري ڊنا هيا، بهرحال سلجوڪن جي تيرن اُنهن جي وڏائي وارن سِرن کي تڏهن مِٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو هو جڏهن هو آذربائجان ۽ ميڊيا کي فتح ڪري روم جي سرحدن تائين پهچي چڪو هو؛ نه رڳو ايترو پر هِن ريڍار اهو به سوچيو هو ته هو قسطنطنيہ جي شهنشاهه ڏي پنهنجو سفير موڪلي کانئُس جزيو يا ڏن وصول ڪندو(19). بهرحال پنهنجي حڪومت يا حڪومتن ۾ طغرل پنهنجي سپاهين توڙي ماڻهن جي لاءِ هڪ پيءُ جيان هو ته ساڳي وقت سندس حڪومتي نظام به سخت ۽ انصاف تي مبني هو. فارس کي لاقانونين کان ڇوٽڪارو مليو ۽ ساڳيا هٿَ جيڪي اڳ رت جي راند ۾ رَتل هوندا هيا، اُهي انصاف ۽ امن جا محافظ بڻجي ويا. جهنگلي پر ترڪمانن(20) جا نهايت عقلمند ماڻهو پنهنجن ابن ڏاڏن جي تنبن ۾ ئي رهندا ٿي آيا ۽ اوڪسَس ندي کان فرات تائين، فوجي ڪالونين سندن مقامي سرواڻن يا بادشاهن کي محفوظ به رکيو ٿي ته انهن جو پرچار به ڪيو ٿي، پر محلات جا ترڪ مهذب هيا ۽ اُنهن کي خوشين ۽ مسرتن اڃا به وڌيڪ نفيس ۽ نازڪ بنائي ڇڏيو هو؛ اُهي فارس وارن جي لباس، ٻولي ۽ مختلف طور طريقن کي اختيار ڪندا هيا ۽ نيشاپور توڙي  ِري جي شهرن، پنهنجي ذاتي بادشاهت جي شان شوڪت جي نماءُ ڪرڻ ۾ فخر محسوس ٿي ڪيو. عربستان جا توڙي فارسي ماڻهو، جيڪي به اهليت ۽ قابليت رکندڙ هيا، سڀني کي ملڪ جي اعزازن ۾ حصيدار بنايو ويو ۽ ترڪن جي سڄي قوم جوش، جذبي ۽ بيحد خلوص مان ﷴ ﷺ جن جي مذهب يعني اسلام کي اختيار ڪيو. اُتر جي بربرن جا لشڪر جيڪي يورپ ۽ ايشيا ۾ هر طرف پکڙجي چڪا هيا اُهي پڻ گهڻي ڀاڱي اسلام جي مذهب کي اختيار ڪري چڪا هيا انڪري اُهي ٻين کان جدا ٿي چڪا هيا. مسلمانن توڙي عيسائين ۾، اُنهن جي پنهنجن رواجن ۽ رسمن جو ايترو ته مٿن اثر رهيو آهي جو اُنهن کان هو ٻاهر نڪري نه سگهيا آهن جنهن ۾ قدامت پرستي جي شهرت ۽ قومن جي گڏيل راءِ جي وٽن گهڻي اهميت پئي رهي آهي. پر قرآن جو معجزو نِج ۽ ڪمال وارو آهي ڇو ته ان ۾ عبادت ظاهري شان شوڪت ۽ ڏيکاوَ واري آهي ئي ڪانه جنهن ۾ لادينن کي، بت پرستي سان ملندڙ جلندڙ ڪو ڪرتب ڏيکاريل هجي جيڪو کين پاڻ ڏانهن ڇِڪي يا ڪشش ڪري. سلجوقن جو سڀ کان پهريون سلطان پنهنجي مذهبي جوش جذبي ۾ سڀني کان وڌيڪ نمايان هو، هر روز هو پنج وقت نماز پابنديءَ سان پڙهندو هو جيڪا اسلام ۾ هر مسلمان تي لازم ڪئي وئي آهي، ۽ هر هفتي واري (جمعي جي) نماز به ادا ڪندو هو، مهيني جا پهريان ٻه ڏينهن سندس روزي رکڻ لاءِ مخصوص ڪيل هيا؛ ۽ ان کان اڳ جو هو پنهنجي محل جو بنياد رکي، هن هر شهر ۾ هڪ جامع مسجد مڪمل ڪرائي ڇڏي هئي.(21)

قرآن ۾ يقين ۽ اعتقاد هئڻ ڪري سلجوق جو پٽ پيغمبر ﷺ جي جانشين کي به احترام جي نظر سان ڏسندو هو، پر اهڙي مٿاهين ڪردار سان بغداد ۽ مصر جي خليفن جو اختلاف هو ۽ هرهڪ مخالف پنهنجي لقب يا رتبي کي صحيح ثابت ڪرڻ ۽ جاهل پر طاقتور بربرن کي پنهنجي پنهنجي لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هو. محمود غزنوي پاڻ کي عباسين(*) جو حمايتي چورائيندو هو ۽ جڏهن فاطمين جي() سفير پنهنجي وقار ۽ سڃاڻپ جو تحفو کيس پيش ڪيو هو ته ان کي هن عزت ۽ قدر جي نگاهه سان هرگز نه ڏٺو هو. تنهن هوندي به احسان فراموش هاشمي کي جيئن بخت ۽ ڀاڳ نوازيو ته هو به تبديل ٿيندو ويو ۽ زنديقن جي سوڀَ تي کين داد ۽ آفرين پيش ڪيائين ۽ سلجوقن جي سلطان کي مسلمانن جي پوري خلافت تي پنهنجو وقتي نائب يا نمائندو مقرر ڪيائين. جيئن طغرل هن اعتماد کي عملي جامو پهرائڻ شروع ڪيو ته کيس خليفي قائم جي مدد ڪرڻ لاءِ کيس سڏيو ويو ۽ کيس فرض جي ادائگي جي سڏ جو احترام ڪرڻو پيو، اهڙيءَ طرح سندس فوجن کي هڪ نئين بادشاهت ملي وئي(22). بغداد جي محلات ۾ خليفو اڃا تائين ائين ستل هيو جيئن ڪو معزز جِن ڀوت هجي. سندس نوڪر يا مالڪ جيڪو بودي جو بادشاهه هو، کيس گندن آمرن جي ذلت آميز روَيي کان نه بچائي سگهيو ۽ فرات ۽ دجله جي ڪنارن تي ترڪ ۽ عرب اميرن طرفان بغاوت جو عَلم بلند ڪيو ويو. هن موقعي تي هڪ فاتح جي موجودگي کي غنيمت سمجهيو ويو ۽ باهه ۽ ترار جون عارضي شرارتون جاري رکيون ويون جن کي جمهوريه جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ جي سلسلي ۾ مؤثر علاج سمجهيو ويو، هڪ طاقتور فوج جي اڳواڻي ڪندي، فارس جي سلطان همدان کان ڪُوچ ڪيو: جيڪي مغرور هيا تن کي ڪچليو ويو جيڪي هيڻا يا ڪمزور هيا انهن کي بچايو ويو، بودين جو بادشاهه غائب ٿي ويو، جيڪي باغي سخت ضدي ۽ هٺيلا هيا، اُنهن جا سر قلم ڪري طغرل جي پيرن ۾ رکيا ويا ۽ هن اهڙن مثالن ذريعي ڄڻ موصل ۽ بغداد جي ماڻهن کي سيکارڻ ٿي چاهيو ته سعادتمندي ۽ تابعداري ڇاکي چئبو آهي، مجرمن کي سزا ڏيڻ ۽ امن امان کي بحال ڪرڻ کان پوءِ، ريڍار بادشاهه پنهنجي محنتن جو انعام وصول ڪيو ۽ هن ناٽڪ جي پڄاڻي، بربرن جي طاقت تي مذهب جي سوڀَ(23) ذريعي ٿي، ترڪي جو سلطان دجله تي چڙهائي ڪري رَڪا جي گيٽ وٽ پهتو ۽ گهوڙي تي سوار ٿي اندر داخل ٿيو. محلات جي گيٽ وٽ هو وقار مان پنهنجي گهوڙي تان هيٺ لٿو، امير- اُمراءَ هن جي پهچڻ کان اڳ سندس استقبال لاءِ موجود هيا ۽ سلطان هاڻي پيرين پيادو هلي رهيو هو. ڪاري پردي جي پٺيان خليفي کي ويهاريو ويو هيو ۽ عباسين جو ڪارو لباس کيس پارايو ويو هو جيڪو سندس ڪُلهن کان هيٺ لڙڪي رهيو هو ۽ الله جي پيغمبر ﷺ جو لَڪڻ سندس هٿن ۾ هو. اوڀر جي فاتح، زمين کي جهُڪي چمي ڏني، ٿوري دير لاءِ شانائتي طريقي ۽ خاموشيءَ سان بيٺو رهيو ۽ آهستگيءَ سان پنهنجي وزير ۽ ترجمان سان گڏ قدم کڻندي کيس تخت تائين نِيو ويو. طغرل کي ٻي تخت تي ويهارڻ کانپوءِ، سندس منصب نامي کي عوام اڳيان پڙهيو ويو جنهن موجب کيس پيغمبر ﷺ جن جي جانشين جو نائب تسليم ڪيو ويو. کيس هڪ ٻئي پٺيان ستَ لباسَ پهرايا ويا ۽ عربستان جي شهنشاهت (خلافت) جي مختلف علائقن جا ست غلام خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ کيس پيش ڪيا ويا. سندس درويشي واري خاص پردي کي مشڪ جي خوشبوءِ سان معطر ڪيو ويو، ۽ سندس سِرَ تي ٻه تاج رکيا ويا، سندس ٻنهي پاسن کان ٻه تراريون پڻ رکيون ويون هيون جيڪي ان حقيقت جي علامت هيون ته هو اوڀر توڙي اولهه جي ملڪن جو حاڪم هيو. هن افتتاحي تقريب کان پوءِ سلطان کي روڪيو ويو ته ٻيهر نه جهُڪي پر ان جي باوجود هن ٻه دفعا خليفي جا هٿَ چُميا ۽ ان کان پوءِ سندس لقبن ۽ اعزازن جو مسلمانن جي ميڙ طرفان وڏي واڪي اعلان ڪيو ويو. بغداد جي پنهنجي ٻئي سفر جي موقعي تي، سلجوقي سلطان ٻيو ڀيرو خليفن کي سندن دشمنن کان بچايو ۽ پنهنجي سِر پاڻ خليفي جي خچر جي لغام کي وٺي پيرين پيادو جيل کان سندس محلات تائين پهچايائين. سندن رشتو وڌيڪ مضبوط تڏهن ٿيو جڏهن طغرل جي ڀيڻ جي شادي پيغمبر ﷺ جي جانشين سان ٿي. هن ترڪي جي هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ کي خوشيءَ سان پنهنجي حرم ۾ شامل ڪري ڇڏيو، پر قائم، سلطان کي پنهنجي ڌيءُ جي سڱ ڏيڻ کان غرور مان انڪار ڪري ڇڏيو ڇو ته هُن سيٿيا جي ريڍار سان هاشمين جي رت کي ملائڻ کان نفرت جو اظهار ڪيو ۽ ڪيترن مهينن تائين ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي سلسلي کي تيستائين رد ڪري ڇڏيو جيستائين سندس مالي حالتن کيس اجازت ڏني، ۽ کيس تنبيهه ڪيائين ته هو اڃا به پنهنجي مالڪ جي قبضي ۾ هيو، سندس شاهي شادي کان هڪدم پوءِ طغرل مري ويو(24)؛ جيئن ته کيس اولاد ڪونه هو، تنهنڪري سندس ڀائيٽو الپ ارسلان تخت تي ويٺو ۽ سلطان جا سڀئي اعزاز کيس مليا ۽ خليفي کان پوءِ سندس نالو مسلمانن جي هر باجماعت نماز کان پوءِ ورتو ويندو هو. تنهن هوندي به هن انقلاب ۾ عباسين کي جيتري آزادي وڏي ملي اوترائي وڏا اختيار به کين ڏنا ويا. ايشيا جي تخت تي، ترڪي جا حاڪم بغداد جي مقامي انتظام کان ايترو تعصب نه رکندا هيا ۽ خليفن جا جانشين اُنهن عذابن کان آجا هيا جيڪي فارس جي حاڪمن جي موجودگي ۽ سُڃائيءَ سبب کين مليا هيا.

خليفن جي زوال شرط ئي عربستان جي مسلمانن جا هڪ ٻئي سان اختلاف توڙي سندن اخلاقي ڪمزورين جو سلسلو وڌي ويو جنهن جي نتيجي ۾ روم جي ايشيائي صوبن جي عزت ۾ اضافو ٿي ويو ۽ اهو وقار، نائيسفورَس(*)، زِميسِس() ۽ باسل() جي سوڀن کان پوءِ ائنٽئڪ (انتاڪيا) ۽ آرمينيا جي اوڀارين حدن تائين پهچي چڪو هو. باسل جي موت کان پنجويهه سال پوءِ، سندس جانشين تي بربرن جي هڪ قوم طرفان اوچتو حملو ٿيو جن سيٿيا جي بهادري ۽ جرئت کي نوَن ماڻهن جي مذهبي جنون ۽ طاقتور بادشاهت جي دولت ۽ سندس ٻين نعمتن سان وڃي ملايو هو(25). ترڪن جي گهوڙن جا لشڪر تئورَس کان ’ارض- رُوم‘ (رُوم جي ڌرتي) تائين پکڙجي ويا. هڪ اهڙي سرحد جيڪا ڇَهه سؤ ميلن تائين ڦهليل هئي، ۽ هڪ لک ٽيهه هزار عيسائين کي مسلمانن طرفان قتل ڪيو ويو، جنهن کي پيغمبرؑ جي راهه ۾ سندن احسانمندي جي قرباني جو نالو ڏنو ويو آهي، تنهن هوندي به طغرل جون فوجون يونان جي شهنشاهت تي ڪو وڏو اثر يا دائمي نقش نه ڇڏي سگهيون هيون. بهرحال هن وڏي ملڪ تان لشڪري يلغار ٽري وئي ۽ سلطان به آرمينيا جي شهر تي حملي ڪرڻ کانسواءِ ئي ڍرو ۽ خاموش ٿي ويو ۽ ڪابه نمايان ڪاميابي کيس حاصل ڪانه ٿي، ٿوريون گهڻيون دشمنيون ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ هلنديون رهيون جن ۾ پڻ ڪو ڇرڪائيندڙ واقعو پيش نه آيو، ۽ مئسيڊونيا جي فوجن جي بهادريءَ سبب ايشيا جي فاتح(26)، ٻيهر پنهنجي وڃايل شهرت حاصل ڪري ورتي. الپ ارسلان جو نالو، جنهن کي ’بهادر شينهن‘ سڏيو ويو، هاڻي هڪ مڪمل ۽ جرئتمند انسان جي حيثيت ۾ مثالي بنجي ويو ۽ طغرل جو جانشين خوف ۽ سخا جي شاهي علامت بڻجي ويو. ترڪن جي گهوڙيسوار فوج جي اڳواڻي ڪندي، هن فرات ندي کي اُڪاريو، ڪپاڊوشيا جي وڏي شهر سزئريا ۾ داخل ٿيو جتي اڳ سينٽ باسل جي دولت ۽ شهرت جو مٿس حملو ٿيو هو. هر عمارت پهاڙ جهڙي مضبوط ۽ پختي هئي جنهن سندس حملي جو پورو مقابلو ڪيو پر تڏهن به هو مقبري جا دروازا ٻاهر ڇڪي ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جن تي سونَ، هيرن ۽ جواهرن جو خوبصورت ڪم ٿيل هيو ۽ اهڙي طرح هُن مقبري جي بزرگ جي تبرڪن ۽ مقدس شين کي بيحرمتو ڪيو جنهن جي انساني ڪمزورين کي قدامت جي رنگَ ۽ نشو و نما سان ڍڪيو ويو هو. آرمينيا ۽ جارجيا جي قطعي سوڀ، حاصل ڪئي وئي، جنهن جو ڪُڻو بهرحال الپ ارسلان جي نصيب ۽ بهادري جي نالي ۾ نڪري چڪو هو. آرمينيا ۾ بادشاهت جي لقب ۽ قوم جي جذبي کي تباهه ڪيو ويو هو، قسطنطنيہ جي ڀاڙيتُو فوجين، بيدين ڌارين، بغير پگهار جي مقرر ڪيل بزرگن ۽ بغير تجربي ۽ نظم ۽ ضبط جي ڀرتي ڪيل رنگروٽن طرفان مصنوعي قلعن ۽ مورچن کي بغير حفاظت جي ڇڏيو ويو هو. هن اهم سرحد جي نقصان جي خبر هر طرف پکڙجي وئي هئي ۽ ڪئٿولڪ عيسائين کي نه ته ڪا حيرت ٿي ۽ نه وري اُهي ناخوش هيا ته جن ماڻهن ۾ نستوري ۽ يوٽئچين طريقي جون خطائون(*) موجود هيون اُنهن کي حضرت عيسيٰؑ ۽ سندس ماءُ لادين ملحدن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو(27). جارجيا جي ماڻهن(28) يا آئبيريا جي عوام طرفان جبل ڪاڪَسَس جي وادين ۽ جهنگلن جي سختيءَ سان حفاظت ڪئي وئي هئي، پر ترڪي جو سلطان ۽ سندن پٽ مالڪ مقدس جنگ وڙهڻ ۾ ٿڪندا هرگز نه هيا، سندن قيدي مجبور ٿي روحاني توڙي دنياوي تابعداري ڪرڻ جو واعدو ڪندا هيا ۽ بجاءِ ڪالرن يا ٻانهوٽن جي، سندن بيعزتي لاءِ لوها نعلَ (جيڪي گهوڙن جي سُنبن ۾ لڳائبا آهن) کين پارايا ويا ڇو ته هنن اڃا تائين پنهنجن ابن ڏاڏن جي عبادت کي ترجيح ٿي ڏني. هيءَ تبديلي نه ته سچي هئي نه وري عالمي نوعيت جي هئي ۽ غلاميءَ جي قديم زمانن کان وٺي جارجيا جي ماڻهن پنهنجن بادشاهن توڙي پادرين جي نظام کي برقرار پئي رکيو آهي، پر ماڻهن جي هڪ قوم، جنهن کي قدرت هر لحاظ سان مڪمل رکيو هجي، سُڃائي، جهالت ۽ بڇڙاين سبب ذلت جي منزل کي وڃي پهچي ته پوءِ عيسائيت جو مذهب فقط هڪ کوکلو نالو ٿي وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن اُهي لادينيت کان مٿي اُڀريا آهن ته اهو فقط انڪري ته اُهي بلڪل جاهل هيا ۽ کين مابعد الطبيعات جي فلسفي جي خبر ئي ڪانه هئي(29).

الپ ارسلان محمود غزنوي جي مصنوعي يا سچي شرافت يا بلند نظري جي ڪاپي هرگز نه ڪئي هئي ۽ هن بغير ڪنهن ظرف يا سبب جي يونان جي راڻي يوڊوشيا() ۽ سندس ٻارن تي حملو ڪيو هو. سندس حملن جي تيزي راڻي کي مجبور ڪيو ته هن پنهنجي پاڻ کي توڙي پنهنجي حڪومت کي هڪ فوجي سپاهيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو، ۽ رومنَس ڊايوجينس کي هاڻي شهنشاهه جو لباس پهرايو ويو. سندس حب الوطني ۽ شايد سندس فخر جي جذبي، تخت تي ويهڻ کان پوءِ ٻن مهينن جي اندر قسطنطنيہ کان هڪ ٻي مهم() شروع ڪرڻ لاءِ کيس مجبور ڪيو ۽ هن بيشرمائيءَ مان ايسٽر جي جشن جي مقدس موقعي تي حملو ڪري ڏنو. محات ۾ ڊايوجينس، يوڊوسيا جي مڙس کان مٿي ڪجهه به نه هوندو هو، پر فوجي ڪئمپ ۾ هو روم وارن جو شهنشاهه هوندو هو، ۽ هن اهو ڪردار، ڪمزور ذريعن جي باوجود، وڏي همت ۽ مردانگيءَ سان ادا ڪيو. سندس ئي جذبي ۽ ڪاميابين کان متاثر ٿيندي سندس سپاهي چُست رهندا هيا ۽ کين هو سيکاريندو هو ته وقت اچڻ تي ڪيئن هڪدم عمل ڪجي، رعيت کي ڪيئن اُميد ڏيارجي ۽ دشمن کي ڪيئن خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏجي. ترڪ، فرجيا جي وچ تائين ڪاهي ويا هيا، پر سلطان پنهنجن اميرن کي پاڻ جنگ جي ترغيب ڏئي رهيو هو جنهن پنهنجن مختلف فوجي جٿن کي سڄي ايشيا جي الڳ الڳ هنڌن تي مقرر ڪري ڇڏيو هو ته جيئن سوڀَ کي يقيني بڻائي سگهجي. وٽس لُٽ ڦُر جو مال ته هيو پر نظم ۽ ضبط جي ڪمي هئي، تنهنڪري يونانين کين جدا جدا هنڌن تي شڪستون ڏئي حيران  ڪري ڇڏيو، شهنشاهه جي چُرپُر سندس ذاتي حاضري کي لازمي بنائي ڇڏيو هو ۽ جڏهن مخالفن کي سندس انتاڪيا ڏي وڌڻ ۽ حملي ڪرڻ جي خبر پئي، ته دشمن سندس ترار کي ٽريبيزانڊ تي وَهندي محسوس ڪيو. اهڙين محنت ۽ مشقت وارين مُهمن ۾، ترڪن کي فرات کان به پٺتي ڌِڪيو ويو ۽ چوٿين ۽ آخري دفعي رومنَس آرمينيا کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر رڻ پٽ واري زمين ۽ بربادي جي منظرن ٻن مهينن جي سيڌي سامان جي انتظام ڪرڻ لاءِ کيس مجبور ڪيو، تنهنڪري هو پٺتي هٽن جي بجاءِ مالازڪرڊ(30) جي گهيري ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. جيڪو ارضِ رُوم ۽ وئن شهرن جي وچ جي پنڌ تي هڪ اهم قلعو هو. سندس فوج گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک ماڻهن تي مشتمل هئي. قسطنطنيہ جي فوجن کي، فرجيا ۽ ڪپاڊوشيا جي ڇڙوڇڙ فوجي دستن ذريعي، مدد پهچائي وئي، پر اصلي طاقت يورپ جي رعيت جي ماڻهن ۽ سندن اتحادين جي هئي جن ۾ مئسيڊونيا جا فوجي، بلغاريا جا جٿا، اُوزي- مالڊَئويا جا لشڪر جيڪي خود ڀي ترڪي نسل جا هيا،(31) ۽ سڀني کان وڌيڪ فرانس ۽ نارمنڊي جا ڀاڙيتو توڙي موقعي پرست فوجي دستا پڻ شامل هيا. هڪ بهادر بالول سندن تيرن ۽ نيزن جي ڪمان ٿي ڪئي جيڪو اسڪاٽلئنڊ جي بادشاهن جو به بابو هو(32)، ۽ کين اجازت ڏني وئي هئي ته هو ڀلي پنهنجن هٿيارن جو نماءُ يونانين وانگر پر هِڪ ناچ (Pyrrhic Dance) جيان ڪن.

دليري واري هن حملي جي معلومات ملڻ تي، جنهن سندس موروثي حڪومت کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو هو، الپ ارسلان چاليهه هزار گهوڙيسوار فوج جي اڳواڻي ڪندي جنگ جي ميدان تي پهچي ويو(33). سندس تڪڙين تيارين ۽ عقلمندي وارين فوجي چالن سبب يونانين جا وڏي تعداد  وارا فوجي لشڪر موڳا ۽ مايوس ٿي ويا ۽ سندن مکيه جنگي جوڌي بئسيليَس جي شڪست ۾ هن پنهنجي پهرين بهادريءَ سان گڏ پنهنجي طبيعت جي سٺائي ۽ نرملتا جو مثال پڻ پيش ڪيو. شهنشاهه جي اياڻپ جي ڪري سندس فوجون، خاص طرح مالازڪرڊ جي نقصان کان پوءِ، ڇڙوڇڙ ٿي ويون. اها سندس اجائي ڪوشش هئي ته فرئنڪ فوجن کي هو واپس گهرائي وٺي، ڇاڪاڻ ته هنن اڳ ۾ ئي سندس سَڏ تي کيس سڏ نه ڏنو هو ۽ نٽائي ويا هيا، تنهنڪري هاڻي هن کي سندن واپسي کان بنهه نفرت اچي وئي هئي، ٻيو وري اُوزي جي جٿن جي ڇڏي وڃڻ تي سندس بيچيني وڌي وئي ۽ طرح طرح جا شڪ شبها سندس ذهن کي وڪوڙي ويا؛ تنهنڪري هن، بغير گهڻي سوچڻ جي ۽ هڪ بهتر صلاح جي مخالفت ڪندي، تڪڙو ۽ تيز فيصلو ڪري ورتو ۽ پنهنجين فوجين کي اڳتي وڌڻ جو هڪدم حڪم ڏنو. جيڪڏهن هو سلطان جي بهتر مشورن تي ڌيان ڌري ها ته رومنَس کي شايد جنگ جو ميدان ڇڏي ڀڄڻو پوي ها، يا وري دشمن سان صلح ڪري وٺي ها، پر هن چُرپر ۾ هن دشمن جي خوف ۽ ڪمزور هجڻ جو تصور ڪري ورتو هو ۽ سندس جواب بي عزتي ۽ مُهاڏي اٽڪائڻ وارو هو: ’جيڪڏهن بربر جي خواهش صلح ڪرڻ جي آهي ته پهريون اُهو اسان جي ڌرتي خالي ڪري جيڪا هن رومين جي فوج لاءِ خيما کوڙڻ ۽ سندن ترسڻ لاءِ والاري آهي ۽ ِري ۾ پنهنجو شهر ۽ محلات به اسان جي حوالي ڪري ته جيئن صلح جي ڳالهين کي اڳتي وڌائي سگهجي‘. سندس دشمن جي فضول مطالبن تي الپ ارسلان مُرڪيو پر ساڳئي وقت ڪيترن عقيدتمند مسلمانن جي موت تي هن روئي ڏنو ۽ هڪ عاجزي واري نماز پڙهڻ ۽ عبادت ڪرڻ کان پوءِ هن سڀني لاءِ کليل اعلان ڪيو ته جيڪو به جنگ جو ميدان ڇڏي وڃڻ چاهي ته، اُنهن سڀني کي اجازت آهي. هن پنهنجن هٿن سان پنهنجي گهوڙي جو پُڇ ٻَڌو ۽ پنهنجي تير ڪمان جي جڳهه تي هن هڪ هٿ ۾ نيزو، ٻي ۾ ترار کنئي، اڇا ڪپڙا اوڍيائين، ۽ پنهنجي جسم تي مشڪ جو ڦوهارو هنيائين ۽ اعلان ڪيائين ته کيس دفنايو وڃي(34). سلطان پاڻ ڪوشش ڪئي هئي يا پنهنجا ميزائل ۽ اهڙا ٻيا هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏي، پر سندس فتح جو سڄو دارومدار ترڪن جي گهوڙي سوار فوج تي هو جن جي جنگي جٿن کي هيڏي هوڏي ۽ پهرئين چنڊ جي شڪل ۾ بيهاريو ويو هو. لڳاتار يوناني طريقي جي بجاءِ، رومنَس، پنهنجي فوج کي اڪيلن ۽ جدا جدا حملن ۾ آزمائڻ چاهيو ۽ پوري قوت ۽ بي تابيءَ سان اڳتي وڌيو ۽ بربرن جي مهارت واري مقابلي کي ڪجھ سوڙهو ڪيائين. پر هنن فضول ۽ اجاين دُوبدو مقابلن ۾ هن اونهاري جي وڏي ڏينهن جو ڪافي حصو ضايع ڪري ڇڏيو. نيٺ دورانديشي ۽ ٿڪاوٽ جي ڪري هو واپس پنهنجي ڪئمپ ۾ موٽي ويو. پر جڏهن دشمن طاقتور ۽ چالاڪ هجي ته ميدان مان ڀاڄ ڪرڻ به خطرناڪ ڪم هوندو آهي، ۽ جيئن ئي جهنڊي جو رُخ مُڙي پٺتي ٿيو ته اڳيان فوجي دستا بزدلي يا ائنڊرونيڪَس جي ذلت واري حسد سبب ٽُٽي ويا؛ هُو مخالف بادشاهه هو جنهن پنهنجي ڄَم، نسل توڙي قيصرن (سيزرس) جي تاج کي پنهنجي گندي ڪردار ذريعي لڄايو هو(35). ترڪ دستن هن افراتفري ۾ تيرن جي برسات وسائڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ يونانين، جن پنهنجي فوجي دستن جي بيهڪ نئين چنڊ جيان ٺاهي هئي، اُها پوئين پاسي کان ختم ٿي وئي. فوجن جي تباهي ۽ لُٽ مار ايتري ته ٿي جو اهو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ته ڪيترن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو يا ڪيترن بيشمار ماڻهن کي قيدي بنايو ويو. بازنطيني ليکڪَن لاجواب هيرن جواهرن جي نقصان بابت لکيو آهي، پر اُنهن کان اهو ٻڌائڻ وسري ويو ته هن موتمار ڏينهن تي روم جي ايشيائي صوبن کي هميشه واسطي قربان ڪيو ويو هو.

جيستائين کيس اُميد باقي هئي، رومنَس ڪوشش ڪئي ته جيئن پنهنجي فوج جي تبرڪن کي بچائي سگهي. جڏهن وچ جي مرڪز ۽ شاهي هنڌ کي هر طرف کان غير محفوظ ڪيو ويو هو ۽ جنهن کي سوڀارن ترڪن طرفان گهيري ۾ آندو ويو هو، پوءِ به هن نراسائيءَ جي حالت ۾ جنگ کي ڏينهن جي ختم ٿيڻ تائين جاري رکيو ۽ سندس رعيت جا ماڻهو هن جا وفادار هيا جيڪي آخر تائين سندس جهنڊي جي اردگرد ثابت قدم رهيا. بهرحال پوءِ سندس ساٿي ساڻا ٿي پنهنجي اڳواڻ جي چؤڌاري ڪِرندا رهيا، سندس گهوڙي کي ماريو ويو، شهنشاهه پاڻ به زخمي ٿي پيو، تنهن هوندي ۾ اڪيلائيءَ ۾ به هو بهادر هيو ۽ تيستائين وڙهندو رهيو جيستائين گهڻن ماڻهن جي انبوهَه کيس سوگهو ڪيو ۽ هو لاچار ٿي پيو. هن بهادري جي شان جي خلاف هڪ غلام ۽ هڪ سپاهي ڳالهايو ۽ ان جي مخالفت ڪئي، غلام اُهو جنهن کيس قسطنطنيه جي تخت تي ويٺل ڏٺو هو، ۽ سپاهي اُهو جيڪو اپاهج هيو پر سندس نقصن توڙي اپاهج پڻي کي ڪنهن خدمت سرانجام ڏيڻ جي عيوض نظرانداز ڪيو ويو هو. فوج، هٿيارن، زيورن ۽ اعزازن ۽ تاج تخت کان محروم ٿي وئي ۽ رومنَس جنگ جي ميدان تي سخت اذيت ۽ غمگينيءَ ۾ رات گذاري ۽ سندس هر طرف کان خسيس قسم جا ٽڙيل پکڙيل بربر موجود هيا. صبح جو شاهي قيديءَ کي الپ ارسلان جي آڏو پيش ڪيو ويو جنهن سندس مقدر تي شڪ ڪيو جيستائين سندس سفيرن هن جي سڃاڻپ جي تصديق ڪئي جنهن کي سڃاڻڻ جي وڌيڪ شاهدي بئسيلئسيَس پڻ ڏني جنهن ڳوڙها ڳاڙيندي بدقسمت شهنشاهه جي پيرن کي چمي ڏني. ڪانسٽئنٽائن جي جانشين کي عام رواجي طريقي سان ترڪن جي گاديلي تي ويهاريو ويو ۽ کيس حڪم ڏنو ويو ته ايشيا جي حاڪم جي آڏو هو زمين کي چُمي. هن مجبوريءَ ۾ حڪم مڃيو ۽ الپ ارسلان پنهنجي تخت تان اٿيو ۽ چيو وڃي ٿو ته هن پنهنجو پير نفرت مان روم جي شهنشاهه جي ڳچيءَ تي رکيو(36). پر هن حقيقت جي پوري تصديق نه ٿي سگهي آهي، پر جيڪڏهن غرور جي هن گهڙيءَ ۾، سلطان پنهنجي قومي رواج مطابق ائين ڪيو به هجي ته ممڪن ٿي سگهي ٿو، باقي عام طور تي سندس رَويو اهڙو ته اخلاق وارو هو جو ڪٽر دشمن به سندس تعريف جا ڳڻ ڳائيندا هيا ۽ سندس ڪردار ايترو ته مثالي هو جو ايندڙ وقت جي مهذب دؤرن لاءِ ان کي سٺن لفظن ۾ ورجايو ويندو. هن شاهي قيدي کي هڪدم زمين تان مٿي کنيو ۽ ٽي دفعا پنهنجو هٿ سندس هٿ سان نرمي ۽ همدرديءَ مان ملائيندي کيس يقين ڏياريائين ته سندس زندگي توڙي سندس شان ۽ مرتبو ان بادشاهه وٽ يقينن سلامتي وارو هوندو جنهن پنهنجن هڪ جهڙن ۽ هم مرتبن جي مان مرتبي جو قدر ڪرڻ سکي ورتو آهي ته ساڳي وقت قسمت جي لاهن چاڙهن کي به سمجهي ورتو آهي. گاديلي کان رومنَس کي ڀر واري تنبوءَ ۾ نيو ويو جتي کيس سلطان جا آفيسر ساڻس شان شوڪت ۽ وقار سان پيش آيا، جيڪي ڏينهن ۾ ٻه دفعا کيس سلطان جي ويهڻ جي ٽيبل تي وڃي ويهاريندا هيا. اَٺن ڏينهن جي آزاد ماحول ۽ هڪ ٻئي سان کليل گفتگو ۾، فاتح کان ڪو هڪڙو لفظ يا اکين جو ڪو اشارو جنهن ۾ شاهي قيدي لاءِ بي عزتي جي ڪا جهلڪ هجي، سرزد نه ٿيو هو، پر اٽلو فاتح شهنشاهه مخالف شهنشاهه جي اُنهن رعيت جي ماڻهن کي بُرو ڀلو چيو جيڪي خطري جي گهڙيءَ ۾ پنهنجي بهادر شهنشاهه کي ڇڏي هليا ويا هيا ۽ نرميءَ مان پنهنجي هم منصب کي سندس غلطين طرف توجهه ڏيکاريائين جيڪي هن جنگ کي جاري رکڻ دؤران ڪيون هيون. شروعاتي ڳالهه ٻولهه ۾ الپ ارسلان کانئُس پڇيو ته هن کانئُس ڪهڙي روَيي جي اُميد رکي هئي، ۽ قيدي شهنشاهه جيڪو هن وقت تائين خاموش هو، بي رخيءَ مان هن طرح جواب ڏنو: ’جيڪڏهن تون ظالم آهين‘، ته تون مون کي مارائي ڇڏيندين، جيڪڏهن تو پنهنجي تڪبر جي آواز تي ڪَنايو ته تون مون کي پنهنجي گاڏيءَ جي ڦيٿن ۾ ٻڌي گهِلرائيندين، ۽ جي تو دنياداري ڪئي ته تون ڏَن يا جزيو وٺندين ۽ مون کي پنهنجي ملڪ ڏي موٽائي موڪليندين‘ ’۽ تنهنجو روَيو‘، سلطان پنهنجي گفتگو جاري رکندي چيو، ’مونسان ڪهڙو هجي ها، جيڪڏهن مقدر جو پاسو تنهنجي طرف هجي ها‘. يوناني شخص جو جواب  سندس جذبن جي ترجماني ڪري رهيو هو، حالانڪ دورانديشي توڙي احسانمندي جي تقاضا اها هئي ته اُهو ائين نه چوي ها: ’جيڪڏهن آءٌ جنگ ۾ سوڀارو ٿيان ها ته مان تنهنجي جسم تي بيشمار ڦٽڪا هڻايان ها.‘ ترڪي جو فاتح، پنهنجي قيديءَ جي تڪبر جي لهجي تي مُرڪيو ۽ تبصرو ڪندي چيائين ته عيسائين جو قانون ته دشمنن سان به محبت جو درس ڏئي ٿو ۽ بُرائي ڪرڻ واري کي به بخشي ٿو ڇڏي ۽ وڏي وقار مان کيس چيائين ته هو سندس ڪاپي نه ڪندو ۽ اُهو ڪم نه ڪندو جنهن جي هو مذمت ڪندو رهندو آهي. طويل گفتگو کان پوءِ، الپ ارسلان سندس آزادي ۽ صلح ڪرڻ جا شرط لکرايا ۽ هڪ ملين يا ڏهن لکن جي ڀُنگ ڀرڻ ۽ ساليانو ٽي لکَ سٺ هزار سون جي ٽڪرن(37) ڏيڻ تي کيس آزاد ڪيو ويندو جنهن ۾ شاهي ٻارن جون شاديون به شامل هيون، ان کان سواءِ اُنهن سڀني مسلمانن جي هڪدم آزادي جو به شرط رکيو ويو جيڪي جنگ جي دؤران يونان جا قيدي بڻجي ويا هيا. رومنَس ٿڌو ساهه ڀريندي هن صلحنامي کي منظور ڪيو جيڪو روم جي شهنشاهت جي شان ۽ مرتبي لاءِ سخت بيعزتي وارو هو، تنهنڪري هڪدم کيس ترڪي جي وقار وارو لباس پارايو ويو، سندس اميرن ۽ سرواڻن کي قيدي شهنشاهه جي حوالي ڪيو ويو ۽ سلطان، شانائتي ڀاڪر پائڻ کان پوءِ کيس بيشمار تحفا پيش ڪيا ۽ محافظن جي دستي سان عزت سان وڃڻ ڏنو ويو، جيئن ئي هو پنهنجي شهنشاهت جي حدن اندر داخل ٿيو ته کيس اطلاع ڏنو ويو ته محلات توڙي صوبن هڪ قيديءَ سان وفادار رهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو: ٻه لک سونَ جا ٽڪرا وڏي مشڪل سان گڏ ڪيا ويا ۽ ڪِريل شهنشاهه ڀُنگ جي اها رقم ترڪي جي سلطان کي ڏياري موڪلي ۽ اهو به کيس چورائي موڪليائين ته هو نهايت بيوَس هو ۽ عزت احترام به وڃائي ويٺو هو. سلطان جي سخا ۽ درياهه دلي هن وقت به پنهنجي شڪست کاڌل ساٿيءَ لاءِ همدرديءَ جو سوچي رهي هئي، پر رومنَس ڊايوجينس جي شڪست، ٻيهر قيدي بنجڻ ۽ پوءِ سندس موت جي ڪري سلطان پنهنجين نيڪ تمنائن کي تڪميل تائين نه پهچائي سگهيو(38).

صلحنامي جي شرطن ۾ اهو ڪٿي به لکيل نه هو ته الپ ارسلان قيدي شهنشاهه جي ملڪ جي ڪنهن صوبي کي ڦٻائيندو ۽ نه وري هن اهڙو ڪم ڪيو؛ هو ته فقط ان ڳالهه کان مطمئن هيو ته کيس فتح جون ٽرافيون ملي چڪيون هيون ۽ هن جو انتظام اهڙي طرح سان پورو ٿي چڪو هو، ان کان سواءِ انتاڪيا جي شهر اناتوليه کان جيڪو غنيمت جو مال کين هٿ آيو هو ۽ جنهن کي ڪاري سمنڊ طرف آندو ويو هو سو به ڪافي هيو. ايشيا جو وڏو حصو سندس قانونن جو محتاج هيو، ٻارهن سؤ شهزادا يا شهزادن جا پُٽ سندس تخت آڏو بيٺل هيا ۽ ٻه لک سپاهي سندس جهنڊي هيٺان ٿي هليا. سلطان کي البت ان ڳالهه کان بُڇان لڳندي هئي ته هو ڀاڄوڪڙ يونانين جو پيڇو ڪري، پر هن وڌيڪ شانائتي اعزاز حاصل ڪرڻ جو سوچيو ته جيئن ترڪستان کي فتح ڪري جيڪو سلجوقن جو اصلي خطو هو. هو بغداد کان اوڪَسَس ندي طرف ويو، هڪ پُل کي ٺاهي نديءَ مٿان اُڇلايو ويو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ويهن ڏينهن ۾ فوجن کي نديءَ جي هُن پار اُڪاريو ويو. پر هن بادشاهه جي تيز رفتاريءَ ۾ برزيم جي گورنر رڪاوٽ وڌي ۽ يوسف ۽ خارض ميان اهو سوچيو ته هو اوڀر جي طاقت جي خلاف قلعي جي حفاظت ڪندا. جڏهن کيس قيدي جي حيثيت ۾ شاهي تنبو ۾ آندو ويو ته سلطان، سندس جرئت کي ساراهڻ جي بجاءِ، هن جي بيوقوفي واري ضد تي سندس مذمت ڪئي ۽ باغيءَ جي گستاخي واري جوابن سندس خلاف هڪ فيصلو صادر ڪرائي ڇڏيو ته کيس چئن ٿنڀن سان ٻڌو وڃي ۽ تيستائين کيس نه ڇڏيو وڃي جيستائين هو اُنهي حالت ۾ چيچلائي مري وڃي. هن موقعي تي نراسائيءَ جي حالت ۾ خارض ميان خنجر کي ٻاهر ڪڍيو ۽ تخت طرف تيز تيز ڊوڙيو: محافظن پنهنجون جنگ جي استعمال واريون ڪهاڙيون کڻي ڪڍيون پر سندن ڪاوڙ کي الپ ارسلان روڪي ڇڏيو جيڪو پنهنجي زماني جو زبردست تيرانداز هو؛ هن پنهنجي ڪمان ڪڍي ورتي، پر سندس پير تِرڪي پيو ۽ تير جو نشانو ٻي طرف هليو ويو ۽ يوسف جو خنجر سلطان جي سيني ۾ تيزيءَ مان کُپي ويو جيڪو ڪٽجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. زخم موتمار هو ۽ تُرڪي جي سلطان وصيت ڪئي جيڪا هڪ مرندڙ شخص جِي، بادشاهن جي وڏائي ۽ تڪبر لاءِ هڪ زبردست تنبيهه هئي: ’پنهنجي جواني جي ڏينهن ۾‘، الپ ارسلان چيو، ’مون کي هڪڙي روحاني بزرگ هدايت ڏني هئي ته الله جي آڏو هميشه هيٺاهون ٿي جُهڪندو ڪر ۽ پنهنجي طاقت تي ڪڏهن به ڀروَسو نه ڪندو ڪر ۽ ڪڏهن به نفرت لائق دشمن کي به ڌِڪار ۽ نفرت جي نظر سان نه ڏسندو ڪر. پر مون اهي سبق وساري ڇڏيا تنهن ڪري مون کي ان غفلت ڪرڻ جي جائز سزا ملي آهي. ڪالهه مون فخر منجهان پنهنجن بيشمار ماڻهن جي تعداد کي ٿي ڳڻيو، فوجن جي نظم ۽ ضبط ۽ سندن جذبي تي فخر ٿي ڪيو، ۽ ائين ٿي لڳو ته زمين منهنجي قدمن کڻڻ سان ڌڏي رهي هئي ۽ ان وقت مون پنهنجي دل ۾ سوچيو: يقينن تون دنيا جو بادشاهه آهين ۽ جنگي ويڙهاڪن يا بهادرن ۾ تون عظيم آهين ۽ توکي ڪو به شڪست ڏئي نٿو سگهي‘. پر هاڻي سوچيان ٿو ته هي فوجون ۽ جوانَ منهنجا هرگز نه رهيا آهن ۽ منهنجي ذاتي طاقت جو حشر اهو ٿيو آهي جو هڪ خسيس ماڻهوءَ مون کي قتل ڪيو آهي(39)‘. الپ ارسلان جا گُڻ ۽ سندس اخلاق هڪ تُرڪ وارا به هيا ته ساڳي وقت هڪ پڪي مسلمان جون سموريون خاصيتون منجهس موجود هيون، سندس آواز ۽ ڪردار جي ڪري سڄي انسان ذات سندس احترام ڪندي هئي، سندس مُنهن تي ڊگهيون مُڇيون هيون ۽ سندس پَٽڪو ائين ٻڌل هوندو هو جو اُهو تاج وانگر لڳندو هو. کيس سلجوق سلطانن جي مقبري اندر دفنايو ويو ۽ ڪو سياح ايندي ويندي هيءَ تحرير پڙهي سگهي ٿو ۽ ان تي ڳُوڙهو غور ۽ فڪر به ڪري سگهي ٿو(40): ’اي ڏسندڙ ۽ غور ڪندڙ! تون جنهن الپ ارسلان جي شان ۽ دٻدبي کي ڏٺو هو ته اُهو مٿاهون ماڻهو ۽ جنتي هو، ته غور ڪري ڏِس ته اُهو هاڻي مِٽيءَ جي ڍير هيٺان دفن ٿيل آهي‘. هاڻي تائين اُها تحرير به ختم ٿي چڪي آهي ته مقبرو به سلامت نه رهيو آهي، جنهن مان پڻ صاف ظاهر آهي ته انساني عظمت کي هرگز بقا حاصل ڪونهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20  21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org