باب اٺهٺيون
(حاشين بابت وضاحتون)
(1)
محمد-
II
جي ڪردار جي باري ۾ ترڪن توڙي عيسائين تي اعتبار
هرگز نه ڪجي. فرانزا ئي هڪ اهڙو تاريخدان آهي جيڪو
اعتدال پسندي ۾ يقين رکي ٿو،
(i,33)
۽ سندس اڪيلائيءَ جي ڪري سندس ناراضگيون خودبخود
ٿڌيون ٿي ويون هيون. ساڳي وقت اسپانڊئنَس 1415ع-
نمبر 11)، فلري
(xxii,552)
پالس جو يولوجيا جوويَس
(iii,164-166)
۽ بائل جي ڊڪشنري
(iii,272-279)
جو به مطالعو ڪيو.
(2)
ڪئنٽمير (ص 115) جيڪي مسجدون ان ٺهرايون، ان مان
سندس مذهبي رواداري جي خبر پوي ٿي. محمد اڪثر ڪري
بزرگ اڳواڻ جينيڊيَس سان ٻن مذهبن جي باري ۾
اختلاف ڪندو هو.
(3)
فرانزا جي لاطيني مترجم عربي کي ترڪ ڪري ڇڏيو آهي
جيڪا قرآن جي زبان آهي ۽ هر مسلمان کي ان جي ڄاڻ
هئڻ بيحد ضروري آهي.
(4)
فليفـَس، لاطيني شاعريءَ جي مدد سان، پنهنجي زال
جي ماءُ ۽ ان جي ڀيڻين جي آزادي قسطنطنيہ جي فاتح
کان حاصل ڪئي. اها شاعري مِلن جي نواب جي سفيرن،
سلطان جي هٿن تائين پهچائي هئي. فيلفـَس تي به ان
ڳالهه جو شڪ هو ته هن قسطنطنيہ ۾ رهائش اختيار ڪرڻ
جي تياري ٿي ڪئي، تنهن هوندي به تقرير جو هي ماهر
گهڻو ڪري مقدس جنگ جو پاڻ اعلان ڪندو رهندو هو.
(ڏسو سندس زندگي جو احوال، جيڪو نقش و نگار جي
اڪيڊمي ۾ لينسلاٽ قلمبند ڪيو آهي
X,718,724).
(5)
رابرٽ والٽوريو پنهنجا ٻارهن ڪتاب 1483ع ۾ ويرونا
۾ ڇپرايا جن ۾ هن پهريون دفعو يمن جي استعمال بابت
ٻڌايو آهي. سندس محسن مگسمانڊ مالٽيسٽا، جيڪو رمني
جو بادشاهه هيو، ان محمد-
II
ڏانهن لاطيني زبان ۾ خط لکيا هيا.
(6)
فرانزا جي بيان موجب، هن وڏي محنت سان سڪندراعظم،
آگسٽس، ڪانسٽئنٽائن ۽ ٿوڊوسيَس جي زندگين ۽ ڪمن
بابت پڙهيو هو. مون ڪٿي پڙهيو آهي ته ڪتاب
’پلوٽارچ جون زندگيون‘، جو سندس حڪم تي ترڪي زبان
۾ ترجمو ڪيو ويو هيو. جيڪڏهن سلطان يوناني زبان
سمجهندو هو ته اهو سندس ئي رعيت جي ڀلائيءَ لاءِ
هو. بهرحال هي زندگيون آزاديءَ جو اسڪول به آهن ته
ساڳي وقت اُنهن ۾ بهادريءَ جا داستان به لڪل آهن.
(7)
هڪ غير يهودي بيلينو، (1429-1507ع)
جنهن کي هن وينِس مان دعوت ڏئي گهرايو هو، کان سون
۽ 3000 ڊيوڪٽس کين هٿ لڳا هيا. والٽيئَر جي ان
حماقت واري ڳالهه تي مون کي ته کِل ٿي اچي ته هڪ
غلام کي ڄاڻي واڻي ماريو ويو هيو ته جيئن پينٽر کي
مُشڪن جي چرپر بابت ڪجھ سکيا ملي.
(8)
هي شاهي شرابي سليمان-
I،
سليم-
II
۽ عموراث-
IV
هيا (ڪئنٽمير- ص 61) فارس جا فيلسوف، شرابين جي
اڃا وڏي لسٽ پيش ڪري سگهن ٿا. آخري دؤر ۾ يورپي
سياح اهڙين عياشين جا اکين ڏٺا شاهد هيا ڇو ته
اُهي خود به شراب نوشيءَ ۾ ساڻن گڏ هوندا هيا.
(*) (عظيم تيمورلنگ (1336-1405ع)
جيڪو منگولن جو سردار هيو).
(†)
جان هنيئيڊس، هنگري جو اڳواڻ جنهن بلغراد کي محمد-
II
جي حملي کان 1456ع ۾ ڪاميابيءَ سان بچايو هو).
(‡)
(البانيا جو بادشاهه (1404-1467ع).
(*) (سينٽ جان جي نوابن جو سلسلو جن
رهوڊس ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي).
(9)
ڪئلاپن کي جيڪو شاهي خاندان جي معصوم ٻارن منجهان
هيو، سندس ظالم ڀاءُ کان بچايو ويو هيو ۽ جنهن کي
پاڪ غسل ڏئي عيسائي بنائي سندس نالو ڪئلسٽَس عثمان
رکيو ويو. شهنشاهه فريڊرڪ-
III
کيس آسٽريا ۾ هڪ اسٽيٽ ڏئي ڇڏي هئي جتي هن پنهنجي
حياتيءَ جا ڏينهن پورا ڪيا ۽ ڪسپينيَن جنهن پنهنجي
جوانيءَ ۾ بزرگ بادشاهه سان وئينا ۾ ملاقات ڪئي
هئي، هن جي نيڪي ۽ ڏاهپ جي تعريف ٿو ڪري.
(سزئريبَس- صفحا
672,673).
(10)
ڏسو محمد-
II
جي تخت نشيني جنهن کي ڊيوڪَس (باب 33) ۾ بيان ڪيو
آهي. ان کان سواءِ فرانزا (i,33,ii,2
ڪالڪوڪونڊائلز
(vii,199)
۽ ڪئنتمير (ص 96) جو به مطالعو ڪجي.
(11)قسطنطنيہ
جي گهيري جي بيان ڪرڻ کان اڳ ۾، آءٌ سمجهان ٿو ته
ڪئنٽمير ۽ لنڪلئويَس جي مختصر اشارن يا تحريرن کان
سواءِ، مون کي هن فتح جي باري ۾ ترڪ ليکڪن جو ڪو
به واضح تفصيل نٿو ملي، جيئن اسان کي سليمان-
II
طرفان رهوڊس جي گهيري جو تفصيل ملي ٿو (نقش و نگار
جي اڪيڊمي-
(XXVi,723,769)
تنهن ڪري مجبور ٿي مون کي يونانين تي ڀاڙڻو پوندو
جن جي تعصب جو ڪجھ ازالو، کين ئي مليل ڏکن ۽
تڪليفن منجهان ٿي ويو آهي. اسان جي معلومات جا
معياري ذريعا هي آهن: ڊيوڪَس (باب
34-42)
فرانزا
(iii,7-20)
ڪالڪوڪونڊائلز
(viii,201-214)
۽ لونارڊَس چينِس (تاريخ- سي- پي، نيورمبرگ-
1544ع- 4 کان 20 صفحن تائين) پويان ٽي بيان ڪجھ
آڳاٽا آهن ڇاڪاڻ ته اهي چوس جي ٻيٽ تي ڇپيا هيا ۽
اُنهن جي ڇپجڻ جي تاريخ 16 آگسٽ 1453ع آهي، يعني
شهر تي قبضي ٿيڻ کان فقط اڻياسي ڏينهن پوءِ، جڏهن
شروعاتي مونجهارا ۽ مشڪلاتون هيون. ڪجھ اشارا وڏي
پادري آئسوڊور به ڏنا آهن (ڪالڪوڪونڊائلز، ڪلاسيري
باسل- 1556ع) جيڪي پادري نڪولس
V
لاءِ آهن ۽ ڪجھ مواد ٿوڊوسيَس
زائگومالا کان به مليو آهي 1581ع ۾ مارٽن ڪروسَس
ڏانهن مخاطب ڪيو ويو هو. (ٽسڪو گرئشيا
i,74-98)
هن سلسلي ۾ مختلف حقيقتن ۽ مليل مواد کي مختصر طور
ئي سهي پر اسپانڊئنَس (1453ع، نمبر
1-27)
ان کي نقادن واري نظر سان تڪيو توريو آهي. باقي
جيڪي مانسٽريليٽ ۽ پري وارن لاطينين جي وچ ۾ رشتن
جا افواهه اٿيا هيا ته آءٌ انهن طرف ڌيان ئي نٿو
ڌريان.
(12)
قلعي جي صورتحال ۽ باسفورس جي مقامي جاگرافي جي
چڱيءَ طرح خبر پيٽرگليَس کان پوي ٿي (باسفورس ۽
ٿريس جو ذڪر-
ii,13)
لنڪلوئويَس (پئنڊيڪٽ- ص 445) ۽ ٽورنفورٽ (سامونڊي
سفر-
xv,443,444)
پر مون کي ان نقشي يا ڊيزائن تي افسوس ٿو ٿئي جيڪو
ٽورنفورٽ فرانس جي سامونڊي معاملن جي وزير ڏانهن
موڪليو هيو. پڙهندڙ مهرباني ڪري هاڻي هن تاريخ جي
باب 17 جو مطالعو ڪري.
(13)
اُهو نفرت وارو لقب، جيڪو ترڪ، ڪافرن کي ڏين ٿا ان
بابت ڊيوڪَس تفصيل سان لکيو آهي ۽ لنڪلوئويَس ۽
جديدين به ان تي ڪم ڪيو آهي. پهريون عنوان ڊيوڪينج
جو آهي
(i,530)
جيڪو ڪجھ جهنگلي قسم جو آهي جنهن جو يوناني ۾ مطلب
ڪُميءَ جو آهي. پر افسوس ته گِبر، گهيبر کان مختلف
ناهي جيڪو لفظ فارسيءَ مان ترڪي ٻوليءَ ڏي هليو
ويو هو يعني باهه جي پوڄارين کان صليب ڏانهن منتقل
ٿي ويو هو. (ڊي- هربيلاٽ، مشرقي واقعا- ص 375).
(*) (پولئنڊ ۽ هنگري جا بادشاهه جيڪي
1444ع ۾ لئڊسلَس جي خلاف هيا).
(14)
فرانزا، پنهنجي مالڪ جي دانائي ۽ همت سان انصاف ٿو
ڪري: (’ماڻهوءَ جي ذلت کي ڄاڻندي، شهنشاهه فيصلو
ڪيو ته هو هن جي خلاف پهريون هٿيار استعمال
ڪندو‘). ۽ سندس چيل نامناسب لفظن تي مٿس الزام ٿو
مڙهي، يعني اُهي لفظ جيڪي هن پاڻ ٻڌا هيا. (’ٻئي
اڳواڻ ڪليسائي توڙي عام… پنهنجي چريائپ ۾ رڳو
اُميدن تي ڀاڙيندا هيا‘). ڊيوڪَس پِروي ڪائونسلر
نه هيو.
(†) (نمائش، ڏيکاءُ).
(15)
واضح ۽ لڳاتار تفصيلن ٻڌائڻ جي بجاءِ، ترڪن جي
تاريخوار واقعن (ڪئنٽمير- ص 97) ۾ ڏاند جي کَل جي
بي وقوفي واري ڪهاڻي ورجائي وئي آهي، ان کان سواءِ
ڪارٿيج جي بنيادن رکڻ ۾ ڊائڊو جي ِرٿ کي مڃيو ويو
آهي. هي تاريخوار واقعا (جيڪڏهن اسان عيسائين خلاف
متعصب نه ٿي وڃون) يوناني تاريخدانن جي مقابلي ۾
ڪافي حد تائين غير مستند ۽ غير معياري آهن.
(16)
يورپ جي پراڻي قلعي جي حدن جي سلسلي ۾، فرانزا،
ڪالڪو ڪونڊائلز سان اتفاق نٿو ڪري، جنهن جي بيان
جي تصديق ايڊيٽر لنڪلئويَس ڪري ڇڏي آهي.
(17)
هنن ۾ ڪجھ صفها محمد لاءِ به هيا، اُهي سندس
ظالماڻي ڪاوڙ کان ايترا ته محتاط هيا جو کين خطرو
هو ته جيڪڏهن اُهي سج لهڻ کان اڳ نه پهتا ته اُهي
کيس خود ٻاڏائيندا ته ڀلي شهر ۾ سندن سِرن کي ڌڙ
کان ڌار ڪيو وڃي.
(18)
ڊيوڪَس (باب- 35، فرانزا
iii,3)
جيڪي سندس جهاز ۾ چڙهيا هيا، اُهو وينِس جي ڪپتان
جي ياد کي شهادت جي رتبو ڏئي ملهائي ٿو.
(19)
فرانزا-
(iii,7)
هڪ زوردار جملو سندس ئي احساسن جي ترجماني ڪري ٿو.
(20)
ڪئنٽمير (صفحا
97,98ف)
سلطان کي يا ته پنهنجي فتح جي باري ۾ پورو يقين نه
هيو يا وري هو قسطنطنيہ شهر جي زبردست خوبين کان
ناواقف هيو. ڪو به شهر يا ڪنهن به بادشاهت جي ترقي
يا ان جي تباهيءَ جو دارومدار ان جي حاڪم جي رَويي
۽ ڀاڳ بخت مطابق هوندو آهي.
(*) (سندس تخت ڇڏڻ کان پوءِ، سن 1442ع
۾).
(21)
لاطيني يا يوناني ٻولي جي هڪ لفظ جو ترجمو ’ويڳو
پيءُ‘ ڪيو ويو آهي، پر اهو لاطيني ٻوليءَ جو بلڪل
صحيح ترجمو آهي، پر تڪڙ ۾ هن هڪ حاشيي کي غور سان
نه ڏٺو آهي جيڪو اسماعيل بلند مڃيو آهي ۽ پنهنجي
غلطي به تسليم ڪئي آهي. (ڊيوڪم- باب 35).
(22)
مشرقي رواج ته، پاڻ کان وڏي يا ڪنهن حاڪم آڏو بغير
تحفي ڏيڻ جي ڪڏهن به نه وڃجي، تمام قديمي آهي ۽
اهو قربانيءَ جي رسم سان ملندڙ جلندڙ آهي، جيڪا
وري اڃا به وڌيڪ قديمي آهي. فارس جي تحفن بابت ٻين
مثالن جو به مطالعو ڪيو. (ايلين جي تاريخ-
i,31-33).
(23)
ترڪن جو لاله (ڪئنٽمير، ص 34) ۽ يونانين جو ٽاٽا
(ڊيوڪس، باب 35) ننڍن ٻارن جي زبان جا فطري لفظ
آهن ۽ اهڙا ڪيترائي اوائلي لفط، جن مان والدين جو
تصور اڀري، هڪڙي اکر يا پد جو ورجاءُ آهن جنهن
اُچار کي ڏندن يا چپن جي چرپر ذريعي ڪڍيو ويندو
آهي. (زبانن جو سِٽاءُ
i,231-147).
(24)
ائِٽڪ سڪي جو وزن سٺ مِني هو (ڏسو هوپر کي ماپ ۽
تور بابت) پر جديد يونانين ۾ شاهڪار ماپو هڪ سئو
يا هڪ سئو پنجويهن پائونڊن جو هيو (ڊوڪينج) لونرڊس
چينِس هڪ بال کي ماپيو يا شايد پٿر کي، جيڪو هر
طرف کان يارهن پامس جي برابر وڃي ٿيو.
(25)
والٽيئر کي ڏسو (تاريخ-
xci,294,295)
کيس عالمي بادشاهت جي خواهش هئي ۽ شاعر گهڻو ڪري
ستارن جي علم يا وري ڪيميا جو خواهشمند هوندو آهي.
(26)
بئرن ٽاٽ
(iii,85-89)
جنهن ڊارڊئنيلس جي قلع بندي روس جي خلاف ڪئي هئي،
دلچسپ ۽ مزاحيه انداز ۾ پنهنجي بهادري ۽ ترڪن جي
هراسجي وڃڻ جو قصو ٿو ٻڌائي. پر اهڙي اورچ سياح کي
اڃا اهڙو سليقو هٿ نه آيو آهي جو اسان جي اعتماد
تي پورو لهي سگهي.
(27)
’هن (پادري) ڪو به توجهه نه ڏنو ڇو ته هن کي ان
ڪجھ سمجهيو ئي ڪين هو‘ هي جملو ايماندار
ائنٽونينَس جو آهي، پر جيئن ته روم جي محل کي بعد
۾ افسوس سان گڏ شرمندگي جو منهن ڏسڻو پيو، پر اسان
کي پلاٽينا جي اظهار جو طريقو وڌيڪ مانائتو نظر ٿو
اچي ’پادري جي خواهش هئي ته هو يونانين جي مدد
ڪري‘.
(28)
ائنٽمونينَس (تحريرون) پادري آئسوڊور ۽ ڊاڪٽر
جانسن- آئرين جي ڏکوئيندڙ ڳالهه ۾ (1737) خوشيءَ
سان اهو قصو شاعراڻي طريقي سان بيان ڪيو آهي:
دانهون ڪندڙ يوناني سونهري غارن کي کوٽين ٿا. جتان
هو دولت جمع ڪرڻ وارن ڏينهن جي دولت ڏسن ٿا. دولت
اُها جيڪا سندن روئندڙ بادشاهه کي ڏني وئي هئي،
جيڪي قومون پاڻ ۾ جنگين ۾ جُنبيل هيون، اُنهن جي
گيٽن تائين به اُهي پهچي ويا هيا.
(29)
پلاطيني فوجن کي ڪئپيڪولي چيو ويندو هو، ٻيون وري
ضلعن ۽ صوبن جون فوجون هيون جن کي صراط ڪيولي
ڪوٺيو ويندو هو؛ اهڙيءَ طرح ترڪن جي فوجن جا ادارا
سليمان-
II
کان به گهڻا اڳ جا هيا، جن مان ۽ سندس پنهنجي
تجربي مان امير مرسيگلي، عثمانيه سلطنت جي فوجي
اسٽيٽ ٺاهي ڇڏي هئي.
(30)
فليفـَس جي تجزيي کي 1500ع ۾ ڪسپينين به درست
سمجهيو هو. مارسيگلي ثابت ٿو ڪري ته ترڪن جون
ڪارگر فوجون ايتريون گهڻيون نه آهن جيترو اُنهن جو
ڏيک يا ڏهڪاءُ آهي. ان فوج ۾، جنهن قسطنطنيہ جو
گهيرو ڪري ان کي فتح ڪيو هو، لينورڊَس چينِس جي
ڳڻپ مطابق ان ۾ ڪُل جئنيسريز 15000 کان ڪنهن به
صورت ۾ وڌيڪ نه هيا.
(31)
(فرانزا-
iii,3)
قومي جذبن ۽ ٻين قومي معاملن کي ذهن ۾ رکندي، اسان
کي سرڪاري حقيقتن توڙي خانگي ڪائونسلن جي باري ۾
وڌيڪ ڪنهن به مستند شاهديءَ جي ضرورت ڪانهي.
(*) (1448ع ۾).
(32)
اسپانڊئنَس ۾ ايڪي ۽ اتحاد جي جيڪا وضاحت ڪئي وئي
آهي اُها نه رڳو هڪ طرفي پر نامڪمل آهي، پاميرس جو
وڏو پادري 1642ع ۾ مري ويو هو ۽ ڊيوڪَس جي تاريخ،
جنهن ۾ اهي منظر بيان ٿيل آهن (باب،
36,37)
۽ جيڪا سچن جذبن سان لکيل آهي، 1649ع تائين به نه
ڇپي هئي.
(†)
(1438ع ۾).
(33)
فرانزا، جيڪو يونانين ۾ هڪ تعاون ڪندڙ شخص هيو،
مڃي ٿو ته اهو قدم مدد جي اُميد ۾ کنيو ويو هو، هو
خوشيءَ سان اقرار ٿو ڪري ته اُهي جن سينٽ صوفيا ۾
عقيدت جو نذرانو پيش نه ڪيو هو، ته ’اُنهن تي ڪابه
معيار ڪانهي ۽ نه اُنهن کي ڪو تڪليف ڏيندو‘.
(iii,20).
(‡)
(ميزبان يعني روم جا ڪئٿولڪ جيڪي بچيل ماني
استعمال ڪندا هيا).
(34)
سندس پراڻي طريقي جو نالو جارج اسڪالئريَس هيو
جنهن کي هن پاڻ تبديل ڪري تڏهن جينيڊيَس رکيو،
جڏهن هو راهب يا وري بزرگ اڳواڻ بڻجي ويو فلورينس
۾ هن ساڳئي اتحاد کي بچائڻ جو ڪوششون ڪيون جنهن تي
هن قسطنطنيہ ۾ خود حملا ڪيا هيا. هن ليؤالاٽيَس کي
لالچايو ته کيس ڀلي ٻن اڌن ۾ ورهائي ڇڏي، پر
ريناڊوٽ (صفحا،
343-383)
هن جي سڃاڻپ کي واپس ورايو آهي ۽ سندس ٻهروپيائيءَ
واري ڪردار کي به اجاگر ڪيو آهي.
(*) (فارس جو خسرو-
II
۽ خاقان يا آوڙس جو بادشاهه جنهن 626ع ۾ قسطنطنيہ
لاءِ خطرو پيدا ڪري ڇڏيو هو.
(35)
يوناني زبان ۾ هڪ لفظ لکيل آهي جنهن جو مطلب
’پادري جو ٽوپلو‘ آهي. يوناني ۽ لاطيني عادتن جي
تضادن سبب منجهن مذهبي اختلاف پئجي ويا هيا.
(36)
اسان مجبور ٿي يوناني ميلن کي گهٽائي گهٽ ماپ جا
ڪري ڇڏيو آهي جيڪي روس جي ’ورسٽس‘ ۾ آندل آهن ۽
جيڪي 547 فرانسيسي ٽئاسز جي برابر ٿين ٿا ۽ ڊگري
جو 5/2 104 حصو ٿو وڃي بيهي. فرانزا جا ڇهه ميل،
انگريزن جي چئن ميلن کان مٿي نه آهن. ڊي، ائنول،
صفحا
61,123
وغيره).
(37)
يوناني يا لاطيني زبان جو هڪ ڊگهو جملو ڏنل آهي
جنهن لاءِ گبن فقط ايترو ٿو چوي ته: ’لونارڊس
چينيس جو هي ٽڪرو ڏاڍو اهم ۽ توجهه طلب آهي‘.
(سنڌيڪار)
(38)
ڪالڪوڪونڊائلز ۽ فرانزا موجب، وڏي توب جو ڌماڪو،
جيڪو فقط هڪ حادثو هو جيڪو ڊيوڪَس مطابق، ان کي هڪ
فنڪار جي ذهني ڪمال ذريعي نقصان ڪرڻ کان بچايو ويو
هو. ان مان ثابت ٿيو ته اهي ٻئي ليکڪ ساڳي توب يا
بندوق جي ڳالهه نٿا ڪن.
(39)
قسطنطنيہ جي گهيري کان لڳ ڀڳ هڪ سئو سال پوءِ،
فرانسيسي ۽ انگريزن جي بحري آرماڙن کي فخر هيو ته
اُنهن فقط ڪلاڪن ۾ سمنڊ جي اندر 300 فائر ڪيا هيا.
(40)
مون ڏاڍا سنجيده موضوع چونڊيا آهن پر اُنهن ۾ مون
اها ڪوشش نه ڪئي آهي ته ابي ڊي ورٽوٽ جي تلخ ۽
ضِدي انداز کي اختيار ڪريان، ڇو ته هن رهوڊس ۽
مالٽا وغيره جي گهيرن جي قصن کي گهڻو اينگهائي پيش
ڪيو آهي. پر اهڙي سٺي تاريخدان جي زندگي ۾ عشق به
چڪر لڳايو هو پر جيئن ته هن ان موضوع تي به لکڻ
شروع ڪيو ته ان ۾ به جذبن ۽ بهادري وارو انداز
موجود هو.
(*) (ڪاٺين جا بنڊل).
(41)
کاڻين ۽ قلمي شوري (يعني ڌماڪيدار پائوڊر) جو
پهريون تجربو 1480ع ۾ ڪيو ويو هو جيڪو سِينا جي
جارج (ترابوشي-
vi,i,324)
پنهنجي ڪتاب ۾ تحرير ڪيو هو، کاڻين ۾ ڌماڪن ڪرڻ جو
پهريون تجربو سارزينيلا ۾ 1487ع ۾ ڪيو ويو هو پر
ان جو اصل اعزاز نَواري جي پيٽر کي ٿو وڃي جنهن ان
۾ ترميمون 1503ع ۾ آنديون ۽ پهريون ڀيرو اهي
ڪامياب تجربا اٽلي جي جنگين ۾ ڪيا ويا هيا.
(ڪئمبري جي تاريخ
ii,93-97).
(†)
(جينئا جو ليڊر).
(42)
اها حيرت جي ڳالهه آهي ته يونانين اهڙن عمدن جهازن
جي ڪارڪردگي کي ڇو قبول نه ڪيو هو جڏهن ته پنج
ڊيوڪَس جا، چار فرانزا ۽ لونرڊس جا ۽ ٻه
ڪالڪوڪونڊائلز جا هيا جن کي وڏين ۽ ننڍين سائزن ۾
تقسيم ڪيو ويو هيو. والٽيئَر، هڪڙو جهاز فريڊرڪ-
III
جي حوالي ڪندي، اوڀر ۽ اولهه جي شهنشاهن کي
منجهائي ٿو ڇڏي.
(43)
حڪمن جي تعميل نه ڪندي ۽ اُنهن کي للڪاريندي ۽
مقامي زبان ۽ جاگرافي جي ڄاڻ نه رکندي، صدر جو
سؤٽ، جهازن کي ڏکڻ ۾ چوس جي هنڌ تي روڪي ٿو ڇڏي ۽
ٻين سان گڏ اتر جي هوا جي زور تي اُنهن کي
قسطنطنيہ روانو ڪري ٿو ڇڏي.
(*) (روم جي مقدس (جرمني جي) شهنشاهت سان
وابسته).
(44)
ترڪن جي سامونڊي ٻيڙن جي لڳاتار ڪمزوري زوال طرف
وڌندي وئي جنهن کي ريڪاٽ (عثمانيه سلطنت جي حالت-
صفحا
372-378)
ٿيوناٽ (سامونڊي سفر،
(i,229-242
۽ ٽاٽ- (ٽام جون يادگيريون-
iii)
۾ بيان ڪيو آهي. آخري بيان ڪيل مصنف پنهنجن پڙهندڙ
کي وندرائي به ٿو ته کين حيرت ۾ به وجهي ٿو ڇڏي.
(45)
آءٌ اها ڳالهه ضرور مڃيندس ته منهنجي اکين آڏو
ٿسيڊائيڊس
(vii,71)
اٿينس وارن جي جذبن ۽ اُنهن جي طبيعتن جي خوبصورت
تصوير چٽي آهي. هي ڪم هن سراڪيوز جي عظيم بندر تي
ويهي ڪيو هو.
(46)
يا ته وڌاءَ سبب يا وري ڊيوڪَس جي غلط متن سبب
(باب 38) سون جي ڏيٽي يا سِرَ جو وزن تمام گهڻو هو
يعني لڳ ڀڳ 500 پائونڊن جيترو هو. بولاڊ ان جي
قيمت 500 ڊراچمس يا 5 پائونڊ ٿو ڪَٿي. ايترو ناڻو
محمد جي فوجين لاءِ ائڊمرل جي چيلهه ڀڃڻ لاءِ ڪافي
هو.
(47)
ڊيوڪَس، جيڪو اها ڳالهه مڃي ٿو ته هو هنگري جي
معاملن کان ايترو آگاهه نه هيو، اڳتي هلي هو هڪ
ڳالهه کي وهمن وسوسن سان ٿو وڃي ملائي ته ماڻهن جو
اهو اعتقاد ته، قسطنطنيہ هر صورت ۾ ترڪ فتح ڪندا،
وهمن وارو هو ٻين تفصيلن لاءِ فرانزا جو مطالعو
ڪيو
(iii,20)
۽ اسپانڊئنس کي به ڏسو.
(48)
چئن يونانين جي هڪ جهڙي شاهديءَ جي تصديق ڪئنٽمير
(ص 96) ترڪيءَ جي تاريخوار واقعن ۾ ڪري ڇڏي آهي،
پر منهنجي خواهش آهي ته جيڪر آءٌ ڏهن ميلن جو
مفاصلو هڪڙي رات ۾ طئي ڪري ڇڏيان.
(49)
فرانزا، ڪررنٿ جي ڇَهن ميلن جي سامونڊي پٽيءَ
بابت، سامان آڻڻ نِيڻ جا ٻه مثال پيش ٿو ڪري: هڪڙو
ته تمام زبردست يعني ائڪٽيَم جي جنگ کان پوءِ
آگسٽس جو، ۽ ٻيو نائسيٽَس جو مثال جيڪو ڏهين صدي
عيسوي جو هڪ يوناني جنرل هيو. هنن مثالن سان گڏ هن
هئنيبل جي بهادريءَ جو مثال به ڏنو جنهن
جرئتمنديءَ سان ٽارينٽم جي بندر تي جهازن کي
لنگرانداز ٿيڻ ڏنو هو (پاليبيَس،
viii, 749
جنهن کي گرونوف ايڊٽ ڪيو هو).
(50)
ڪئنڊيا جو هڪ يوناني، جنهن وينِس ۾ پنهنجون خدمتون
ڏنيون هيون جنهن ۾ شرط به ساڳيا هيا، (اسپانڊئنَس
1438ع، نمبر 37) شايد محمّد جو صلاحڪار ۽ سندس
اعتماد وارو ايجنٽ به رهيو هجي.
(51)
منهنجو خاص اشارو ڪئناڊا جي ڍنڍن طرف ۽ اسان جي
پنهنجي سفر ڏانهن آهي جيڪو 1776 کان 1777 ۾ ٿيو
هو، جنهن ۾ محنت تمام گهڻي پر نتيجو ڪجهه به نه
نڪتو هو. (گِبن، آمريڪا جي آزادي جي جنگ ڏانهن
اشارو ٿو ڪري).
(*)
(1204ع ۾)
(†)
(ننڍا جهاز)
(52)
ڪالڪوڪونڊائلز ۽ ڊيوڪَس وقت ۽ ڳالهه ٻولهه جي
صورتحال بابت پاڻ ۾ اختلاف رکن ٿا، ۽ جيئن ته اهو
شاندار ۽ ايترو بهتر نه هيو ته وفادار فرانزا
پنهنجي بادشاهه کي ان حد تائين بچائي ٿو وڃي ته هن
کي آڻ مڃڻ جو خيال به نه آيو هوندو.
(*) (ڏسو حاشيو نمبر 13)
(53)
هي پَرَ (ڪالڪوڪونڊائلز
viii, 208)
مشرق جي تصوير کانسواءِ ٻيو ڪٿي به نٿا ملن سواءِ
آئرين جي ڏکوئيندڙ داستان ۾ (جنهن کي سئميوئل جا
نسن لکيو هو) محمّد جا جذبات عقل ۽ منطق کان به
مٿي هليا ٿيا وڃن:
’جيڪڏهن اُتر جون زوردار هوائون، سندس ڄميل پَرَن
مٿان يعني اهي پر جيڪي هوا ۾ ڪڪرن مٿان اُڏامي
رهيا آهن، ۽ ڀلي انهن کي ’پليڊس‘ جي سوني بگيءَ ۾
وڃي رکيو اٿائون، تڏهن به منهنجي غضبناڪ ڪاوڙ،
اُنهن کي زمين تي آڻي کين سبق سيکاريندي زوردار
لهجي جي باوجود منهنجو خيال آهي ته:
(1)
آسماني هوائون گهُلنديون به هونديون ته اُهي
هوائون هيٺئين سطح تي لڳنديون هونديون.
(2) پَليڊس، جو نالو لفظي جوڙجڪ ۽ اها ڪهاڻي صاف
صاف يوناني آهي (اسڪالئيٽ هومر 18، 686 آئونيا ۾
يوڊوسيا ص 399 ائپولوڊور،
iii،
10هين ص 229، حاشيو 682 ۽ ان کي اوڀر جي تارن جي
علم سان ڪو واسطو ڪونه هو (هائيڊ ڊي، اُلگبيگ،
تابل
(vi, 73-78 i, 40, 42)
گيبلن، (ڪئلينڊرايئر جي تاريخ، ص 73) جنهن جو
مطالعو محمّد ڪيو هو.
(3) سوني بگي جو وجود انسانن توڙي سائنس ۾ ڪٿي به
ڪونهي پر مون کي خدشو اهو آهي ته ڊاڪٽر جانسن
پليڊس کي وڏي ِرڇَ يا گاڏيءَ سان ائين وڃي ملايو
آهي جيئن ٻارهن بُرجن جي نِکٽ کي عام تارن جي
جهُرمٽ سان وڃي ملائجي. ’هڪ اهڙو ِرڇُ جنهن کي
وئگن به ڪوٺيو ويندو آهي، اِلئڊ 18، 487.
(54)
فرانزا، هنن مسلمانن کي داد ڏيڻ تي اختلاف ٿو ڪري
پر اهو اختلاف الله جي واسطي نه پر ان جي پيغمبر
لاءِ ڪيو ويو آهي. بهرحال پوءِ به والٽيئَر جا
جذبات نه رڳو حد کان وڌيڪ ٽپيل آهن پر کِلڻ جهڙا
آهن.
(*) (ماتم ڪيو)
(55)
مون کي خدشو آهي ته هيءَ گفتگو فرانزا طرفان گهڙيل
آهي ۽ اها هڪ نصيحت واري ٿي لڳي ۽ جيڪا خانقاه آهي
مون کي ان تي به شڪ آهي ته اُها ڪانسٽئنٽائن قائم
ڪئي هئي. لونرڊس هن سان ٻي تقرير منسوب ڪئي آهي
جنهن ۾ هو لاطيني فوجي جٿن سان عزت سان ٿو
ڳالهائي.
(56)
ارپنا واري ڪيفيت ڪڏهن ڪڏهن مرندڙ بادشاهن کان ذلت
جي ڪيفيت کي اوڳلرائي ڇڏيندي آهي، انجيل جي اصولن
جي بهتري جو ثبوت آهي ته گناهن يا ڏوهن کي معاف
ڪيو وڃي، شايد 490 ڀيرا معاف ڪرڻ وڌيڪ آسان آهي پر
گهٽ يا هيٺئين ماڻهوءَ کان معافي گهرڻ بيحد ڏکيو
ڪم آهي.
(57)
10,000
محافظن کانسواءِ ڪيترا ٻيڙياتا ۽ جهازران به هيا،
ڊيوڪَس هن عام حملي ۾ ترڪن جو تعداد
2,50,000
ٿو ٻڌائي يعني گهوڙيسوار ۽ پيادل فوج جو گڏيل انگ
ٻڌايل آهي.
(*) (حشر برو ٿيندو).
(†)
(نغارا يا ڀيرون)
(58)
جسٽينئيني جي ڀڄڻ تي، مٿس ملامت ڪندي فرانزا
پنهنجن توڙي عام ماڻهن جي جذبن ۽ احساسن جو اظهار
ڪيو آهي، ڪجهه ذاتي يا خانگي سببن جي ڪري ڊيوڪَس
جو روَيو هن ڏانهن همدردي ۽ عزت وارو آهي، پر
لونارڊَس چينِسس جا لفظ، لڳي ٿو ته سخت ڪاوڙ ۽
ناراضگي وارا آهن. ’هو ماڻهن جي احترام کي وساري
ٿو ڇڏي ۽ سندن توڙي پنهنجي حفاظت جو رتيءَ ماتر به
احساس وٽس ڪونهي.‘ اوڀر جي پاليسين جي سڄي سلسلي ۾
سندس ملڪي ماڻهو يعني جينئا جي رهواسين تي سدائين
شڪ ڪيو ويندو هو، پر اها حقيقت آهي ته اُهي
قصوروار هوندا به هيا.
(*) (بچاءَ جي گول شيلڊ).
(59)
ڊيوڪَس، ترڪ سپاهين جي ٻن ڌڪن سان کيس ماري ڇڏي
ٿو، ڪالڪوڪونڊائلز، کيس ڪُلهي تي زخم ٿو رسائي ۽
پوءِ گيٽ وٽ کيس چيڀاٽي ٿو ڇڏي، فرانزا کي ان وقت
تڪليف ٿي پهچي جڏهن کيس دشمنن جي صِفن مان نِيو
پيو وڃي ته ان وقت هو تصور ۾ ڄڻ موت جي منظر کان
هٽي ٿو وڃي، پر اسان بغير خوشامد جي ڊرائڊين جون
هي سِٽون هن موقعي جي مناسبت سان ورجائي سگهون ٿا:
’سيباستين وانگر، ڀلي هو پنهنجي زمين ڳولين، جتي
هو قتل ٿيل ماڻهن جي جبل کي وڃي ڏسندا، هڪڙي کي
چئو ته مٿي چڙهي ۽ اُتان وڃي هيٺ نگاهه ڪري اتي به
کيس هو بهادريءَ واري روپ ۾ ڏسندا، سندس مُنهن فخر
وچان بهشت طرف مٿي هوندو، ۽ هو هڪ ڳاڙهي مناري تي
پيل هوندو، جيڪو هن پنهنجي ترار سان ئي کوٽيو
هيو.‘
(60)
اسپانڊئنَس (1453ع، نمبر 10) جنهن کي پنهنجي
ڇوٽڪاري جي اُميد آهي، خودڪشي جي ڏوهه کان هو هن
مطالبي تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار آهي.
(61)
لونرڊَس چينسِس صحيح طرح محسوس ٿو ڪري ته ترڪن کي
جيڪڏهن شهنشاهه جي پوري ڄاڻ هجي ها ته اُهي وڏي
محنت ۽ جدوجهد سان اهڙي قيدي کي نه رڳو بچائن ها
پر ان جي حفاظت به ڪن ها جيڪو سلطان کي قبول هجي
ها.
(*) (شاهي چوغو، لباس)
(62)
ڪئنٽمير (ص 96) عيسائين جا جهاز جيڪي بندر جي مُهڙ
وٽ لنگر انداز هيا، هن سامونڊي حملي کي روڪي ڇڏڻ ۾
ڪامياب ٿيا هيا.
(63)
ڪالڪوڪونڊائلز بيوقوفيءَ مان اهو اندازو ٿو لڳائي
ته قسطنطنيہ کي ايشيا وارن تاراج ڪيو هو ڇاڪاڻ ته
اُنهن قديمي ٽراءِ وارن جي تڪليفن جو بدلو ورتو
هيو ۽
xvهين
صدي جي گرامر جا ماهر ترڪن جي هڪ فضول لقب کي ماٺو
ڪرڻ تي خوش ٿي ويا ۽ ان کي ٽراجن بنائي ڇڏيائون.
(64)
جڏهن سائرس، بابل وارن کي حيرت ۾ وڌو هو جڏهن هو
هڪ جشن ملهائي رهيا هيا، شهر ايڏو ته ڪشادو هيو پر
ان جا رهواسي ايترا ته بيپرواهه هيا جو ڪيتري وقت
کان پوءِ پري تائين هيءَ خبر پهتي ته هو ته قيدي
هيا. هيروڊوٽَس
(i, 191)
۽ اُشر (واقعا، ص 78) پيغمبر جيريميا مان ڪجهه
ٽڪرا هتي حوالن طور ڏنا آهن.
(†)
(ڏسو صفحا 1039-1038)
(65)
ڊيوڪَس هڪ مزيدار بيان ڏنو آهي (باب 39) جيڪو ٻن
سالن کان پوءِ ليسبوس جي بادشاهه جو سفير بڻجي
سلطان جي خدمت ۾ ويو هيو. (باب 44) جيستائين
ليسبوس کي شڪست آئي (1463ع) (فرانزا
iii, 27)
ته اُهو ٻيٽ تيستائين ترڪيءَ جي ڀاڄوڪڙن سان ڀريو
پيو هيو. جيڪي پنهنجن تڪليفن ۾ به خوش هيا ۽
پنهنجن ڏکن کي به خوبصورت ڪري پيش ڪندا هيا.
(66)
فرانزا جو مطالعو ڪيو
(iii, 20,21)
سندس اظهار جو طريقو هاڪاري ۽ مناسب آهي. ’امير
کيس پنهنجن هٿن سان قتل ڪري ڇڏيو…… ۽ کيس شرمندگي
۽ ذلت واري واٽ تي وٺي ويا. بدقسمت ۽ نڀاڳو جهڙو
آءٌ آهيان.‘ تنهن هوندي به کيس خبرون پيون ته حرم
سراءِ جي انڌارن ۾ خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا گندا ۽
هولناڪ منظر گذريا.
(67)
ڏسو ترابوشي کي
(vi, i, 290)
ان کانسواءِ لئنسليٽ جو به مطالعو ڪيو (نقش و نگار
جي اڪيڊمي جون يادگيريون
(x, 718)
آءٌ ان ڳالهه معلوم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان ته هو
انسانذات جي دشمن جي تعريف ڪيئن ٿو ڪري، جنهن کي
اڪثر ڪري برو ڀلو چوندو رهندو آهي ته هو تمام
بگڙيل انسان آهي، انسان نه پر هڪ حيوان ۽ ظالم شخص
آهي.
(68)
پيَس-II
جا تبصرا ٻڌائن ٿا ته هن چالاڪيءَ مان پادريءَ جو
ٽوپلو مُردي جي اُن سِرَ مٿان رکيو جنهن کي ڌڙ کان
ڌار ڪيو ويو هو جڏهن عيوضي جنهن جي ڪا اهميت ڪانه
هئي، کي خريد ڪري قيدي بنائي حاضر ڪيو ويو هيو.
بيلجيم جا تاريخوار واقعا سندس ڀڄڻ کي ساراهن ٿا
جنهن ۾ نين مُهمن جو راز لڪل هيو پر اُنهن کي هن
ماڻهن کان پنهنجي خطن ۾ به لڪايو هو. (اسپانڊئنَس
1453ع، نمبر 15) ته متان مٿس حضرت عيسيٰؑ جي
تڪليفن ۽ اذيتن جي اهميت کي گهٽ ڪرڻ جو الزام لڳي
۽ هو انعام اڪرامن کان محروم رهي.
(69)
بسبيڪئس خوشي ۽ وڏي مسرت سان جنگ جي حقن بابت
تفصيل سان ڳالهائي ٿو ۽ قديمين ۾ غلاميءَ جي
روايتن تي به روشني وجهي ٿو جيڪا اڳتي هلي ترڪن ۾
به رائج ٿي چڪي هئي. (ترسيڪا
(iii, 161.
(70)
هيءَ رقم لنڪلئويَس جي حاشياتي نوٽ ۾ ڄاڻايل آهي
(ڪالڪوڪونڊائلز
(viii, 211
پر وينِس، جينئا، فلورينس ۽ ائنڪونا ۾ ان جي
ورهاست 50، 20، 20، ۽ 15000 ڊيوڪٽس جي حساب سان
ڪئي وئي، مون کي شڪ ٿو پوي ته رقم جو هڪڙو انگ اڃا
رهجي ويو آهي، جيڪڏهن اصلي رقم واپس به ڪجي ها ته
ٻاهرين دولت چوٿين حصي کان به مٿي نه ويندي.
(71)
فرانزا جي جوشيلي انداز ۾ تعريف ڪرڻ توڙي سندس
روئڻ پِٽڻ کي غور سان ڏسو.
(72)
ڏسو ڊيوڪَس کي (باب 43) ۽ سندس تحرير جيڪا هن 15-
جولاءِ 1453ع تي لکي ان جو به مطالعو ڪيو، انهن
ڳالهين جو تعلق لارَس ڪئرينَس کان پادري نڪولَس-V
تائين آهي، (هودي، ص 192) ڪپهه جي هڪ لائبريري مان
اهي اطلاع مليا آهن.
(73)
جوليَن جو ڪئلينڊر جيڪو اڌ رات کان ڏينهَن ۽ ڪلاڪن
جو ڳاڻاٽو ٿو ڪري، پهريون ڀيرو قسطنطنيہ ۾ استعمال
ٿيو هو. پر ڊيوڪَس سج اُڀرڻ کان وٺي فطري ڪلاڪن جي
ڳڻپ ۾ وڌيڪ دلچسپي ٿو رکي.
(74)
ڏسو ترڪي جا تاريخوار واقعا (ص 329) ۽ لنڪلئويَس
جا قانوني ضابطا پڻ غور هيٺ آڻيو.
(75)
مون کي هڪ موقعو مليو هو جنهن ۾ مون يونان جي
قدامت بابت تبرڪن جو ذڪر ڪيو هو. (باب 17)
(76)
اسين ڪئنٽمير جا احسانمند آهيون (ص 102) جنهن اسان
کي ترڪن طرفان سينٽ صوفيا ۾ تبديلي آڻڻ جو ٻڌايو
آهي جنهن کي فرانزا ۽ ڊيوڪَس گهڻو نِنديو آهي. اها
ڳالهه حيران ڪندڙ آهي ته ساڳي شيءِ هڪ مسلمان ۽ هڪ
عسيائيءَ تي مختلف ۽ متضاد اثر ڪيئن ٿي ڇڏي.
(77)
ٻن سِٽن جو شعر، جيڪو ڪئنٽمير اصلي صورت ۾ اسان کي
ڏنو آهي، جڏهن اُنهيءَ رنگ ۾ پڙهجي ٿو ته اڃا وڌيڪ
خوبصورت ٿو لڳي. تڏهن ئي ته اسڪيپيو، (جيڪو رومي
جنرل هيو 183-232 ق.م) ان شعر خوشيءَ ۾ تڏهن پڙهيو
جڏهن ڪارٿيج فتح ڪيائين جيڪا هومر جي پيشنگوئي
هئي، ساڳيا محبت ۽ سخا جا احساس، فاتح جي ذهن جي
اُڏام کي ماضي توڙي مستقبل ۾ کڻي ويا هيا.
(78)
مون کي ڊيوڪَس جي ان ڳالهه تي اعتبار نٿو اچي
(اسپانڊئنَس 1453ع، نمبر 13) ته محمّد يونان جي
شهنشاهه جي سِرَ کي فارس ۽ عربستان ۾ ڦيرايو يا
گهمرايو هو، هو فقط اُنهن اعزازن ۾ خوش هيو جن ۾
انسانيت جي تذليل نه ٿئي.
(79)
فرانزا، وڏي نواب جو ذاتي دشمن هو، ۽ وقت يا موت
يا خانقاهه ڏي سندس واپسي کيس همدردي يا درگذر ڪرڻ
جي جذبن تي مائل ڪري پئي سگهي. ڊيوڪَس شهيد تي رحم
به ڪيو ٿي ته سندس تعريف به ٿي ڪئي، ڪالڪوڪونڊائلز
بي جان کدڙو آهي، پر تنهن هوندي به اسين سندس
احسانمند آهيون جو هن يونان وارن جي سازش کان اسان
کي اڳواٽ آگاهه ڪيو.
(80)
قسطنطنيہ ۽ ترڪي جي بنيادن جي واپسي لاءِ ڏسو
ڪئنٽمير کي (صفحا 109-102) ڊيوڪَس (باب 42) جنهن
سان گڏ ٿيوناٽ، ٽورنفورٽ ۽ ٻيا ڪيترائي جديد سياح
به گڏ آهن. قسطنطنيہ جي وڏائي، ان جي شهرت ۽
آدمشماري وغيره جي خوبصورت تصوير ڪشي ڪئي وئي آهي
ته عثمانيه سلطنت کي پڻ اوتروئي خوبصورت پيش ڪيو
ويو آهي (عثمانيه سلطنت جي تاريخ،
(i, 16-21
پر اسان سال 1586ع ۾ جڏهن جائزو ورتو ته گاديءَ جي
هنڌ ۾ عيسائين ۽ يهودين جي مقابلي ۾ مسلمانن جو
تعداد گهٽ هيو.
(*) (محمّد جو ساٿي، جيڪو عربن طرفان
قسطنطنيہ جي پهرئين گهيري (675-668) دؤران ويو
هيو).
(81)
ابوايوب انصاري جي مقبري کي خوبصورت نموني بيان
ڪيو ويو آهي. (سلطنت عثمانيه جي شاهڪار ڪتاب ۾
(پئرس 1787ع ۾) هڪ وڏي جلد ۾ ڇاپيو ويو آهي). هن
ڪتاب کي شاندار نموني شايع ڪيو ويو آهي.
(82)
فرانزا
(iii, 19)
ان تقريب کي
بيان ٿو ڪري جنهن جي تعريف يوناني رپورٽن ۾ پڻ
ڪئي وئي آهي ته لاطينين ڀي ان کي ساراهيو آهي. هن
حقيقت جي تصديق امئنيوئل مئلڪسَس پڻ ڪئي آهي جنهن
بزرگن جي تاريخ ڪجهه غيرمهذب يوناني زبان ۾ تڏهن
لکي هئي، جڏهن قسطنطنيہ فتح ٿي چڪو هو. پر صبر
ڪندڙ پڙهندڙ به شايد ان ڳالهه ۾ اعتبار نه ڪندو ته
محمّد، ان ۾ ڪئٿولڪ طريقو استعمال ڪيو هو. ’مقدس
تثليث جنهن مون کي تخت عطا ڪيو آهي، ان ئي توهان
کي نئين روم جو بزرگ اڳواڻ مقرر ڪيو آهي.‘
(83)
ترڪ- يونان منظرنامي ۾، اسپانڊئنيَس (1453ع، نمبر
21، 1458، نمبر 16) يونان جي ڪليسا جي غلامي ۽
گهريلو جهڳڙن جي باري ۾ بيان ڪيو آهي، اُهو بزرگ
جيڪو جينيڊيَس جو جانشين ٿيو، هن نااُميدي ۾ پاڻ
کي هڪ کوهه ۾ اُڇلائي ڇڏيو.
(84)
ڪئنٽمير (صفحا 105-101) ترڪ تاريخدان جي گڏيل راءِ
کي قبول ڪرڻ تي زور ڏئي ٿو جن ۾ قديم ۽ جديد ٻئي
شامل آهن ۽ بحث ٿو ڪري ته اُهي سڀئي حق سچ جي خلاف
هرگز نه وڃن ها ۽ نه وري قومي وقار کي هيٺ ڪن ها،
ڇاڪاڻ ته ڪنهن شهر کي زور سان حاصل ڪرڻ وڌيڪ عزت
وارو طريقو آهي بجاءِ ان جي جو حرفتن ذريعي حاصل
ڪجي. پر (1) آءٌ سندس راءِ سان اختلاف ڪريان ٿو
ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن خاص تاريخدان جو نالو نٿو کڻي ۽
لونڪلئويَس جي ترڪي ۾ لکيل واقعن ۾ اهو واضح بيان
ڪيل آهي ته محمّد قسطنطنيہ کي زور جي طاقت تي حاصل
ڪيو هو. (ص 329) (2) ساڳيو دليل ان وقت جي يونانين
لاءِ به ڏئي سگهجي ٿو جن کي هڪ عزت وارو ۽ مانائتو
صلحنامو سدائين ياد رکڻ گهرجي. دستوري طرح والٽيئر
عيسائين جي مقابلي ۾ ترڪن کي وڌيڪ پسند ٿو ڪري.
(85)
ٽريبيزانڊ جي ڪمنيني خاندان جي حسب نسب بابت
ڊوڪينج جو مطالعو ڪيو (بازنطيني خاندان، ص 195)
آخري پيلولاگن لاءِ اهو چوڻ ڪافي آهي ته اُهي
عجائباتي آهن. (صفحا 248- 247- 244) مانٽفراٽ جا
پيلولاگي ايندڙ صدي تائين اڃا مڪمل طور تي مِٽجي
نه ويا هيا پر اُنهن کان سندن يوناني ابا ڏاڏا
وسري ويا هيا.
(86)
ٻن ڀائرن جي جهيڙن جهڳڙن ۽ سندن بدبختين جي فضول
ڪهاڻي ۾ فرانزا
(iii, 21-30)
ٿومَس طرف وڌيڪ جهُڪيل ٿو لڳي، ڊيوڪَس (باب 45-44)
اختصار کان ڪم ٿو وٺي ۽ ڪالڪوڪونڊائلز (ڪتاب
viii, ix, x)
وري گهڻو پکڙيل ۽ نٽائيندڙ آهي.
(87)
ڏسو ٽريبيزانڊ جي فتح کي ڪالڪوڪونڊائلز ۾،
(ix, 263-266)
ڊيوڪَس (باب 45) فرانزا
(iii, 27)
۽ ڪئنتمير (ص 107).
(88)
توڙي جوٽورنفورٽ
(iii, xvii, 179)
ٽريبيزانڊ لاءِ ٻڏائي ٿو ته ان جي آدمشماري گهٽ
آهي، پيسونيل جيڪو جديد ۽ مستند تجزيي نگار آهي،
ماڻهن جي انگ کي
100,000
ٻڌائي ٿو
(ii, 72)
۽ صوبي لاءِ ڏسو صفحا (90-53) سندس واپار ۽
خوشحالي ٻن فوجن جي لڳاتار جهيڙن جهڳڙن سبب متاثر
ٿيندي رهي آهي جنهن ۾ جئنيسريز به شامل آهن ۽
30,000
لازي قبيلي جا ماڻهو به انهن سان گڏجي ويا آهن.
(89)
اسماعيل بيگ جيڪو سنوپ يا سنوپل جو بادشاهه هيو ان
وٽ
200,000
ڊيوڪٽس موجود هيا (جيڪي گهڻو ڪري ٽامي جي کاڻين
ذريعي هن گڏ ڪيا هيا) ڪالڪوڪونڊائلز
(ix, 258-259)
پيسونيل جديد شهر جي ماڻهن جو انگ
60,000
ٿو ٻڌائي. هي انگ وڌيڪ ٿو لڳي، پر اسان کي ماڻهن
جي دولت ۽ سندن تعداد جي خبر فقط تڏهن ٿي وڃي پوي
جڏهن اُنهن ماڻهن سان وڻج واپار ڪجي ٿو.
(90)
اسپانڊئنَس (گوبلن، تبصرو، ڪتاب-V)
آمرٿومَس جي آمد ۽ روم ۾ ان جي استعمال جو ذڪر ڪري
ٿو. (1461ع، نمبر 3)
(91)
قانون جي هڪ فقري موجب، جيڪو 6- سيپٽمبر 1494ع تي
پاس ٿيو هو ۽ جيڪو بعد ۾ ڪيپيٽول جي دستاويزن
منجهان پئرس جي شاهي لائبريري ڏي منتقل ٿيو هو،
آمر ائنڊريو پئلولاگس موريا تي پنهنجو حق ڄمائيندي
۽ ڪجهه ذاتي فائدن کي ذهن ۾ رکندي، فرانس جي
بادشاهه چارلس-VIII،
کي قسطنطنيہ ۽ ٽريبيزانڊ جون شهنشاهتون ڏئي ٿو
ڇڏي، ايم.ڊي فانسين (نقش و نگار جي اڪئڊمي،
(xvii, 539-578
هن قومي معاملي تي هڪ مقالو لکيو آهي جنهن جي ڪاپي
هن روم مان هٿ ڪئي هئي.
(92)
ڏسو فلپ ڪومنس کي
(vii, 14)
جيڪو خوشيءَ مان يونانين جي تعداد کي ڳڻي ٿو جيڪي
هٿيار کڻڻ لاءِ تيار هيا ۽ سٺ ميلن جي سامونڊي مهم
لاءِ روانا ٿيڻ وارا هيا جيڪا وئلونا کان قسطنطنيہ
تائين ارڙهن ڏينهن جي مسافري آهي. هن موقعي تي
وينِس جي سٺي پاليسيءَ جي ڪري ترڪي جي شهنشاهت بچي
وئي هئي.
(93)
اصلي دعوت جو احوال اوليوَر ڊي لا مارچ ۾ ڏسو
(يادگيريون
(i, 29-30
جنهن ۾ ايم.ڊي سينٽ پلايي جا تبصرا به شامل آهن
(بهادريءَ جون يادگيريون،
(i, iii, 182-185
مور ۽ چڪور کي شاهي پکي سڏيو ويو آهي.
(94)
باقاعدگيءَ سان ڳڻپ ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته سئيڊن،
گاٿ لئنڊ، ۽ فنلئنڊ ۾
1,800,000
جنگجُو ماڻهو موجود هيا ۽ عجيب اتفاق اهو ته اهي
هاڻي کان اڳ وڌيڪ آدمشماري وارا ملڪ هيا.
(95)
سال 1454ع ۾ اسپانڊئنَس انيس سلوِيَس کان يورپ جي
صورتحال بابت نقشو پيش ڪيو آهي، پر ان ۾ سندس
ويچار گهڻائي ونڊيل آهن. اهو ڪمال جو تجزيه نگار ۽
اٽلي جو مراتوري مختلف واقعن ۽ حادثن بابت 1453ع
کان 1481ع تائين يعني محمّد جي زندگي ۽ هن باب جي
پڄاڻيءَ تائين اسان کي گهُربل معلومات ڏيندا
رهندا.
(*) (1459ع ۾)
(†)
(1494ع ۾)
(96)
ٻن تجزيه نگارن کانسواءِ، ڪتاب جو پڙهندڙ گينون جو
به مطالع ڪري (اسٽوريا سوائل
(iii, 449-455
ته پوءِ ترڪي طرفان نئپلس جي بادشاهت جي حملي جي
چڱيءَ طرح پروڙ پئجي سگهندي. محمّد-II
جي سوڀن ۽ سندس حڪومت کي سمجهڻ لاءِ ڪتاب ’عثمانيه
سلطنت جون يادگيريون‘ پڙهڻو پوندو (وينيزيا 1677)
امن هجي يا جنگ، ترڪن هميشه وينِس جي جمهوريه جو
توجهه پئي ڇڪرايو آهي، وينِس جا سڀ دستاويز ۽ ڪاغذ
پَٽ سندن رکوالي سينٽ مارڪ وٽ کليل هوندا هيا ۽
سيگريڊو، پنهنجي طرز توڙي مقصد ۾ نفرت لائق هرگز
ناهي. تنهن هوندي به هو ڪافرن کان نفرت ضرور ڪري
ٿو، هو سندن زبان ۽ طور طريقن کان صفا ناآشنا آهي
۽ سندس بيان، جنهن ۾ هو محمّد-II
کي فقط ستر صفحن تائين محدود ڪري ٿو ڇڏي (صفحا
140-69) تنهن هوندي به سندس وسعت تڏهن وڏي ۽ مستند
بڻجي وڃي ٿي جڏهن هو 1640 ۽ 1644 سالن تائين پهچي
ٿو يعني اُهي سال جن ۾ جان سيگريڊو تاريخي محنت
ڪئي هئي.
(97)
جيئن ته آءٌ يونان جي شهنشاهت کي هميشه لاءِ خدا
حافظ چئي رهيو آهيان ته ان موقعي تي بازطيني ليکڪن
جي مُسودن جو به ذڪر ڪرڻ چاهيندس جن جا نالا ۽
شاهديون هن ڪتاب جي ڪيترن صفحن تي ورجايل آهن،
يونان ۽ اٽلي جون اَلڊس جهڙيون پريسون شاهڪار
ڪتابن کي ڇاپڻ لاءِ وقف هيون ۽ پروڪوپيَس،
اگاسيَس، سيڊرينَس ۽ زونارَس وغيره جون شروعاتي
اُٻهرايون اشاعتون، جرمني وارن جي خلوص ۽ محنت جو
نتيجو هيون. بازنطيني ڪتاب (26 وڏا جُلد) گهڻو ڪري
1648ع يا ان جي اردگرد ڇپيا جيڪي لُوور جي شاهي
پريس، روم ۽ ليپزڪ مان ڇپيا، پر وينِس جا ڇاپا
(1729ع) توڙي جو سستا ۽ گهڻا هيا پر درستگي ۽ صحيح
ڇپائيءَ ۾ اُهي پئرس جي شاندار ڇاپن کان ڪنهن به
صورت ۾ گهٽ نه هيا. فرانسيسي ڇاپن جي مٿڀرائي جا
ڪيئي سبب آهن، پر ائناڪمنينا، سِنئمَس، ولهارڊُئن،
وغيره جو مرتبو چارلس ڊوفرين ۽ ڊوڪينج جي تحريرن
ذريعن مٿاهون ٿيو آهي. سندس ٻيون تحريرون، جيئن
يونانين جي فهرست، قسطنطنيہ جا عيسائي، بازنطيني
خاندان وغيره، هيٺين شهنشاهت جي انڌارن ۾ روشني
پکيڙڻ ۾، وڏا مددگار ثابت ٿيا آهن.
باب اُڻهتريون
(خلاصو)
ٻارهين صدي عيسوي کان روم جي حالت- پادرين جي
دنياوي حڪومت- شهر ۾ بغاوت- بريسيا جي آرنولڊ جون
سياسي چالبازيون- جمهوريه جي واپسي- روم وارن جو
غرور ۽ سندن جنگيون- کين اليڪشن ۽ پادرين جي
موجودگيءَ کان محروم ڪيو ٿووڃي جيڪي ائوِگنن ۾ وڃي
سڪونت اختيار ڪن ٿا- روم جا معتبر خاندان- ڪولونا
۽ اُرسيني جا جهيڙا ۽ فساد.
گبن باب 69 ۾ روم جي موضوع تي واپس ٿواچي ته جيئن
پادرين هيٺ حڪومت جو تاريخي جائزو وٺي سگهي.
پادري، ماڻهن جي فسادن آڏو اڪثر جهُڪي پوندا هيا
ڇاڪاڻ ته اُنهن پاڻ وٽ گهڻي دولت جمع ڪئي هئي ۽
اُهي گهڻو ڪري سياسي اختلافن ۾ به پاڻ کي ملوث
ڪندا هيا. ٻارهين صدي عيسوي ۾ بريسيا جي آرنولڊ
ماڻهن کي واضح طور ٻڌايو ته ڪليسا کي فقط روحاني
معاملا نبيرڻ گهرجن ۽ جمهوريه جي قانونن کي روم جي
حڪومت ڏانهن واپس ڪيو وڃي. 1166ع ۾ روم جي سينٽ کي
ٻيهر زندهه ڪيو ويو، جنهن پنهنجو سِڪو جاري ڪيو،
پر سندس اختيار، ٻين رياستن جي وڏن مئجسٽريٽن، جن
۾ وڏو نالو بولوگنا جي برانڪيلون جو هو، جي مقرري
سبب ذري گهٽ ختم ٿي ويا، اها ٻي ڳالهه آهي ته
برانڪيلون شهر ۾ نظم ۽ ضبط کي قائم ڪري ڇڏيو هو.
سينيٽ، جرمني جي شهنشاهن کي گذارشون ڪيون ته روم
جي جمهوريه کي اصل حالت ۾ بحال ڪيو وڃي، پر اها
هاڻي تاريخ جي سکڻي ۽ اجائي آڪڙ يا اَنا هئي جنهن
کين اُتساهه ٿي ڏياريو پر حقيقت اها هئي ته روم ۾
نه ته هاڻي فوجي طاقت رهي هئي ۽ نه وري اڳيون نظم
۽ ضبط منجهن موجود هيو. ٻارهين صدي عيسوي ۾، گوڙ
شور جو هڪڙو سبب ختم ڪيو ويو جڏهن پادري جي چونڊ
جو حق پادرين جي هڪ ڪائونسل جي حوالي ڪيو ويو،
ايندڙ صديءَ ۾، پادري روم جي جهيڙن جهڳڙن کان هٽي
ويا ۽ اٽلي جي ڀرپاسي ۾ وڃي رهيا، ۽ 1308ع کان وٺي
ستر سالن تائين ائوِگنن سندن رهائشگاهه رهي. روم
۾، ’مقدس سالن‘ يعني 1300ع ۽ 1350ع کين زيارتين جي
آمدرفت کي برقرار رکڻ ۾ ڀرپور مدد ڪئي، يعني اُهي
زيارتي جيڪي سينٽ پيٽر ۽ سينٽ پال جي ڪليسائن جي
زيارت لاءِ ويندا هيا. گبن هن باب جي پڄاڻي، روم
جي نمايان خاندانن جي بيان سان ٿو ڪري، جنهن ۾ خاص
ذڪر ٻن مخالف خاندانن يعني ڪولونا ۽ اُرسيني جو
آهي.
باب ستروون
(خلاصو)
پيٽرارچ جو ڪردار ۽ سندس تاجپوشي- رينزي طرفان روم
جي آزادي ۽ حڪومت جو ٻيهر بحال ٿيڻ- سندس خوبيون ۽
خاميون- سندس نيڪالي ۽ موت- ائوِگنن کان پادرين جي
واپسي- لاطيني ڪليسا جو ٻيهر متحد ٿيڻ- روم جي
آزاديءَ لاءِ آخري ڪوششون- روم جا قاعدا ۽ قانون-
ڪليسائي رياست جي آخري بحالي.
گبن باب 70 جي شروعات پيٽرارچ جي تحريرن جي تنقيدي
جائزي سان ٿو ڪري. ان کان پوءِ سندس تاجپوشيءَ جو
ذڪر ڪندي کيس 1341ع ۾ روم جو درٻاري شاعر ٿو ڪوٺي.
پيٽرارچ، رينزي جو دوست، هڪ مسافرخانو هلائيندڙ ۽
ڌوٻياڻيءَ جو پٽ هيو جيڪو روم جي شاهڪار ليکڪن کان
متاثر ٿيو ۽ پاڻ به لکڻ شروع ڪيائين ۽ روم جي
بهبود ۽ بهتريءَ لاءِ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪندو
رهيو. 1347ع ۾ رينزي عام ماڻهن کي اپيل ڪئي ۽ هڪ
مئجسٽريٽ جي حيثيت ۾ روم جي حڪومت جون واڳون
سنڀاليائين. هن احتياط کان ڪم وٺندي ڪليسا جي
معاملن کي پنهنجي حڪومت سان ملائي ڇڏيو پر سندس
فضول خرچين جي ڪري حڪومتي اختيارن تي سندس ضابطو
گهٽ ٿيندو ويو. معزز ماڻهن بغاوت ڪئي پر کين شڪست
آئي، تنهن هوندي به ڪليسا طرفان رينزي کي حڪومت
ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو جنهن ۾ عوام به شريڪ ٿي ويو.
ٻي بغاوت به ٿي پر رينزي ائوِگنن جي پادرين جي مدد
سان ٻيهر حڪومت سنڀالي. چئن مهينن کان پوءِ اڃا
ٽين بغاوت ٿي جنهن ۾ رينزي مارجي ويو، پيٽرارچ جو
روم ۾ مستقبل جي اُميدن جو سڄو دارومدار هاڻي
پاپائيت تي هيو. پادري گريگري
VII،
1377ع ۾ روم واپس موٽي ويو، پر ٻي سال سندس موت تي
پادرين جا هڪ ٻئي سان اختلاف ٿي پيا ۽ هڪ جي بجاءِ
ٻن پادرين جي چونڊ ڪئي وئي: هڪ اربن-VI
جيڪو روم ۾ ۽ ٻيو ڪليمينٽ -VII،
جيڪو ائوِگنن ۾ رهندو هو. اولهه ۾ اها مذهبي ڦوٽ
چاليهن سالن تائين برقرار رهي ۽ 1419ع ۾ ڪانسٽنس
جي ڪائونسل وجود ۾ اچي وئي جڏهن اوٺوڪولونا کي
مارٽن-V
جي لقب سان پادري بنايو ويو جنهن پاڻ کي روم ۾
مقرر ڪري ڇڏيو. شهري حڪومت کي پهرئين مئجسٽريٽ جي
ماتحت ڪيو ويو ۽ قانون ٺاهيا ويا ۽ اُنهن کي
سورهين صدي ۾ ’روم جي قاعدن ۽ ضابطن‘ جو نالو ڏنو
ويو ۽ حڪومت جي سرشتي کي جمهوريه چيو ويو جنهن ۾
پادريت کي مڪمل اختيار سونپيا ويا. اسٽيفن پورڪئرو
آخري ڀيرو ڪوشش ڪئي ته روم جي 1453ع واري قديمي
جمهوريه کي واپس ورائجي پر اهڙين ڪوششن جي سزا کيس
موت جي صورت ۾ ڏني وئي. صديءَ جي آخر ۾ پاپائيت کي
تحفظ حاصل هيو ۽ وٽس فوج به هئي ته ڪٿي ڪو وڳوڙ يا
فساد برپا ٿئي ته ان کي هڪدم ڪچليو وڃي. پنهنجي
آخري تجزيي ۾ گبن آزادي نه هئڻ تي افسوس جو اظهار
ٿو ڪري ته ساڳئي وقت پادرين طرفان دنياداري جي
معاملن ۾ وڌيڪ اُلجهڻ تي به کيس ڏک ٿو پهچي. سندس
خواهش آهي ته هن دنيا مان هليو به وڃجي ته خيرخوبي
۽ انسانذات جي ڀلائيءَ جا ڪم ڪري پوءِ ماڻهو وڃي ۽
هنن آخري گهڙين ۾ منهنجي اها هرگز ڪوشش ناهي ته
روم جي پادرين يا عام مذهبي ماڻهن جون دليون
رنجائي هيءَ دنيا ڇڏيان. پنهنجي آخري حاشيي ۾ هو
مراتوري کي وڏو داد ٿو ڏئي ۽ سندس احسان مڃيندي
چوي ٿو ته، ’اٽلي جي تاريخ لکڻ ۾ آءٌ کيس پنهنجو
رهبر ۽ محسن سمجهان ٿو.‘
باب ايڪهتريون
پندرهين صدي عيسوي ۾ روم جي بربادين جي صورتحال-
تباهي ۽ برباديءَ جا چار اهم سبب- وڏي ميدان يا
جلسي گاهه جو مثال- شهر جي ٻيهر بحالي- هن سڄي
محنت جو آخري نتيجو.
پادري يوجينـَيس-IV
جي آخري ڏينهن ۾ سندس ٻه نوڪر داناءُ پوگيَس(1) ۽
سندس دوست ڪئپيٽولائين پهاڙ تي چڙهيا، وڏن مندرن ۽
ٿَنڀن جي تباهه ڪارين ۾ هيڏي هوڏي واجهائڻ ۽ ان
مٿاهين هنڌ تان هر طرف برباديءَ جي منظرن کي ڏسڻ
لڳا(2) هن جڳهه تي ويهي هنن سوچيو ۽ قسمت ۽ مقدر
جي لاهن چاڙهن تي غور ڪيو ته ظالم وقت جو ڦيرو
ڪنهن کي به نٿو بخشي، هي اهڙو وهڪرو آهي جنهن ۾
ماڻهو توڙي سندن ڪم ۽ فنپارا به لڙهي وڃن ٿا ۽
وڏيون شهنشاهتون ۽ وسندڙ شهر ساڳي قبر ۾ پُورجي
وڃن ٿا، ۽ اُنهن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته روم جي
اڳين عظمت ۽ دٻدٻي جي مقابلي ۾، ان جي تباهي وڌيڪ
ڀيانڪ ۽ افسوسناڪ هئي. ’سندس اوائلي صورتحال کي،
جيڪا تمام قديمي دؤر ۾ هئي جڏهن اِوئنڊر ٽراءِ(3)
جي اجنبي جي مهمان نوازي ڪئي هئي، ورجل پنهنجي
تصوراتي قلم ذريعي ان منظر کي ويهي لِيڪيو آهي. هي
تارپين جبل، تڏهن يعني شاعر جي وقت ۾، هڪ جهنگلي ۽
اڪيلو هو جتي رڳو گهاٽن وڻن جي واڌ ٿيندي هئي، پر
ان ۾ هڪ مندر به هيو جنهن مٿان سوني ڇت ڏنل هئي:
هاڻي اُهو مندر برباديءَ جو منظر پيش ڪري رهيو
آهي، ان جو سون ڦُرلُٽ جي نذر ٿي ويو آهي ۽ قسمت
جو چڪر پنهنجو ڦيرو مڪمل ڪري چڪو آهي ۽ جيڪا اڳ
صاف ۽ سهڻي سرزمين هئي اُتي هر طرف ڪرڙ ڪانڊيرا
نظر اچي رهيا آهن. ڪئپيٽول جي ٽَڪري جنهن مٿان
اسين ويٺا آهيون، ڪنهن وقت اُتي رومي شهنشاهت جو
هيڊ ڪوارٽر، ساري زمين جو قلعو ۽ بادشاهن لاءِ
خطرو هوندو هو جنهن ۾ فخر جي ڪيترن ڪارنامن جا نقش
موجود آهن ۽ جنهن کي ڪيترين قومن جي دولت ۽
حصيداريءَ ذريعي مالامال ڪيو ويو هو. دنيا جو هيڏو
سارو منظرنامو ڪيئن ڊهي پيو! ڪيئن تبديل ٿيو! ۽
ڪيئن ان جو چهرو بدلجي ويو؟ سوڀن جي پيچري کي
انگور جي وَلين ڍڪي ڇڏيو آهي ۽ جن جاين تي سينيٽر
فخر مان وڃي ويهندا هيا اُتي مال جي ڇيڻن جا ڍيرَ
نظر اچي رهيا آهن. پئلٽائن جي ٽڪريءَ تي هڪ نظر
وجهو ۽ بيشمار ڀڳل ٽٽل ٽڪرن ۾ ماربل جو ٿيٽر، پٿر
جا دِڪا، وڏا وڏا مجسما ۽ نيرو جي محلات جا ڇٻراٺا
به غور سان ڏسو، شهر جي ٻين ٽَڪرين ڏي به واجهايو،
خالي ميدانن تي رڳو ويرانا ۽ مغموم باغيچا نظر ٿا
اچن. روم جي ماڻهن جو هال جتي هو قانونن ۽ قاعدن
ٺاهڻ ۽ پنهنجن مئجسٽريٽن جي چونڊ ڪرڻ لاءِ گڏ
ٿيندا هيا، اُتي يا ته جهنگلي گل ٻوٽا نظر ٿا اچن
يا وري اهڙن هنڌن کي سُوئرن ۽ مينهُن جي آڌرڀاءُ
ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي. سرڪاري توڙي خانگي
عمارتون، جن کي مستقل بنيادن تي ٺاهيو ويو هيو،
ڊهي کنڊرن ۾ بدلجي چڪيون آهن، اُهي اگهاڙيون ۽ ڀڳل
ٽٽل حالت ۾ آهن، بلڪل ائين جيئن ڪنهن وڏي راڪاس جا
ڀڳل ٽٽل عضوا ميدان تي ٽِڙيا پکڙيا پيا هجن ۽ اها
تباهي اُنهن شاندار تبرڪن مان وڌيڪ نروار ۽ نمايان
ٿي پئي آهي، جيڪي اتفاق سان وقت جي زخمن ۽ مقدر جي
چڪرن کان بچي محفوظ رهيا آهن.(4)
هنن تبرڪن کي پوگيَس تفصيل سان بيان ڪيو آهي، هو
پهريون شخص هو جنهن تاريخي ۽ روايتي يادگارن تان
نظرون هٽائي شاهڪارن تي نظر وڌي جن ۾ وهمن وسوسن
جو به وڏو عمل دخل هيو(5). (i)
هڪ پُل هڪ محراب، هڪ مقبرو ۽ سيسٽيَس جي اهرام
کانسواءِ، هُن جمهوريه جي عمر تي غور ڪيو ته کيس
ڪئپيٽول جي آفيس ۾ محرابن جون قطارون نظر آيون جن
تي ڪئٽَلَس جو نالو ۽ سندس شاندار دؤر جا نقش اڃا
تائين نمايان هيا. (ii)
يارهن مندر پڻ نظر ٿي آيا جيڪي پئنٿين (سڀني
ديوتائن جي مندر) جي پوري تصوير پيش ڪري رهيا هيا،
ان کان پوءِ ٽي ٻيا محراب جيڪي ماربل جي ٺُلهن سان
تعمير ڪيل هيا ۽ جتي ’امن جو مندر‘ پڻ موجود هيو
جنهن کي ويسپاسيان، خانگي جنگين کان پوءِ تڏهن
تعمير ڪرايو هو جڏهن يهودين کي سرسي نصيب ٿي هئي.
(iii)
عام ماڻهن جي استعمال جي غلسخانن جن جو تعداد هُو
تڪڙ ۾ ٿو ٻڌائي ته اُهي شايد سَت هيا پر اُهي ڀڳل
ٽٽل ۽ اڻپورا هيا ۽ پوريءَ طرح استعمال نه پئي ٿي
سگهيا پر جيڪي ڊائڪليشيَن، ائنٽونينَس ۽ ڪئراڪالا
ٺهرايا هيا، اڃا تائين اُنهن تي پنهنجي تعمير
ڪرائيندڙن جا نالا اُڪريل هيا ۽ ايندڙ ويندڙ سياحن
جي لاءِ اهي حيرت ۾ وجهندڙ هيا، ڪيترا نه مضبوط ۽
وسيع جن ۾ مختلف قسمن ۽ ماپن جا ماربل خوبصورتيءَ
سان لڳرايا ويا هيا، ان کانسواءِ بيشمار ٺُلهه ۽
ٿنڀا پنهنجي مضبوطيءَ جي شاهدي پاڻ پيش ڪري رهيا
هيا ۽ ساڳي وقت اُنهن تي ٿيل محنت ۽ خرچ جو ڏَس
ڏيڻ کانسواءِ اُنهن جي استعمال ۽ اهميت جي واقفيت
به ان سان گڏ ٿي رهي هئي. ڪانسٽئنٽائن،
سڪندراعظم(*) (اليگزينڊر) ڊوميٽيَن ۽ ٽائٽَس طرفان
تعمير ڪرايل غسلخانن منجهان سندن ماضيءَ جي عظمت
جي جهَلڪ اڃا به موجود هئي. (iv)
ٽائٽَس، سيوَرس(†)
۽ ڪانسٽئنٽائن طرفان ٺهرايل فتح جا محراب البت
مڪمل طرح موجود هيا يعني اُنهن جي تعمير توڙي مٿن
ٿيل چٽسالي اصلي حالت ۾ نظر ٿي آئي، هڪ حصو جيڪو
ڊهي پيو هو سو ٽراجن جو يادگار هو ۽ ٻه محراب جيڪي
’فلئمينين طرز‘ جا هيا اُهي فاسٽينا ۽ گئلئينَس جي
بدناميءَ جا يادگار هيا. (v)
ڪاليزيَم جي اچرج ۾ وجهندڙ جلسي گاهه کي ڏسڻ کان
پوءِ، پوگيَس شايد سِرن جي تعمير ٿيل ڪُشتي جي
آکاڙي کي نظرانداز ڪري ويو آهي، جيڪو شايد شاهي
محل جي فوجين لاءِ مخصوص ٿيل هيو. مارسيلَس ۽
پامپي جا ٿيٽر، هر طرف کان سرڪاري ۽ خانگي عمارتن
سان وڪوڙيل هيا ۽ جيڪو سرڪس ائنگونئلِس ۽
مئڪسيمَس، جي نالن پٺيان هيو، ان ۾ ايتري گهڻي
ڳالهه تحقيق طلب ڪابه نه هئي. (vi)
ٽراجن ۽ ائنٽونن(‡)
جا ٿَنڀ اڃا مضبوطيءَ سان بيٺل هيا پر مصري پٿر جا
دِڪا يا ته ڀڄي پيا هيا يا وري مٽيءَ ۾ پُورجي چڪا
هيا. هي ماڻهو ديوتائن يا سورمن جي پوڄا ڪندا هيا،
اُنهن بابت سندن ٺهيل فنپارن يا مجسمن منجهان فقط
ٽامي جي ٺهيل گهوڙيسوار جو مجسمو ۽ پنج ماربل جا
ٺهيل بُت مليا جن منجهان ٻه جيڪي سڀني کان وڌيڪ
نمايان هيا اُهي يونان جي مصورن فِدياز ۽
پرئڪسيٽيلز(*) جا ٺاهيل ٻن گهوڙن جا مجسما هيا. (vii)
آگسٽَس ۽ هيڊرئن جا ٻه مقبرا يا قبرن جا نشان اڃا
پوري طرح ختم نه ٿيا هيا، پر پهرئين ذڪر ٿيل جو
نشان مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو هو ۽ پوئين،
جنهن کي ائنجلو جو قلعو به چيو ويندو هو سو هڪ
جديد قلعي جي صورت وٺي چڪو هو. بعد ۾ ڪجهه
تعميراتي ڪم به ٿيا هيا جيڪي پڻ هاڻي قديم شهر جو
حصو بڻجي ويا هيا، ۽ اهو به ممڪن هو ته ٻيا
تعميراتي ڪم به ٿيا هجن جن کي ديوارن جي اردگرد
ڳولي سگهجي ٿو ۽ اهي ديوارون چوگرد ڏهن ميلن جي
احاطي ۾ آهن جنهن ۾ ٽي سؤ اڻياسي بُرج آهن جيڪي
تيرهَن گيٽن ذريعي ملڪ جي مختلف طرفن ڏي کُلن ٿا.
هيءَ ڏکوئيندڙ تصوير، اولهه جي شهنشاهت جي خاتمي
کان اٽڪل نوَ سؤ سال پوءِ ۽ اٽلي جي گاٿن جي
بادشاهت کان به اڳ جي هئي. تڪليفن ۽ لاقانونيت جو
هڪ ڊگهو دؤر هو جنهن ۾ شهنشاهت، فن ۽ نقش و نگار،
دولت مطلب ته سڀ ڪجهه ٽائبر نديءَ جي ڪنارن تان لڏ
پلاڻ ڪري ٻي هنڌ هليو ويو هو ۽ هاڻي ان شهر کي
توڙي شهنشاهت کي اڳئين اوج تي پهچائڻ ناممڪن نظر
ٿي آيو، پر جيئن ته جيڪا به شيءِ انسان سان تعلق
رکي ٿي ته اُها جيڪڏهن اڳتي نٿي وڌي ته پوءِ پٺتي
ئي وڃي ٿي، ۽ ان مان اها ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي ته
هر دؤر ۾ قدامت جون نشانيون تيزيءَ سان تباهيءَ
طرف گامزن رهيون آهن. زوال جي رفتار کي ماپڻ ۽ هر
دؤر ۾ عمارتن جي ڪرڻ ۽ تهذيبن جي برباد ٿيڻ جو
جائزو وٺڻ منهنجي خيال ۾ هڪ اجائي ڪوشش ٿيندي،
تنهنڪري آءٌ فقط پنهنجي طرفان ٻه تجزيا پيش ڪندس
جيڪي تباهيءَ جي سببن ۽ ان جي اثرن جي خودبخود جاچ
پڙتال ڪري ان جا نتيجا پيش ڪندا. (1) پوگيَس جي
وضاحت واري شڪايت کان ٻه سؤ سال اڳ، هڪ نامعلوم
ليکڪ روم بابت پنهنجو تفصيلي جائزو پيش ڪيو هو(6).
سندس لاعلمي جي ڪري ممڪن آهي هن ساڳين شين کي
مختلف ۽ وڏن نالن ذريعي ورجايو هجي. پر واقعاتي
صورتحال جو جائزو وٺندڙ هن بربر کي اکيون به هيون
ته ڪنَ به هيا جيڪو ڪجهه بچيو هو ته هُو ان کي غور
سان ڏسي رهيو هو، هن ماڻهن جي واتان رسمن رواجن جو
جائزو پئي ورتو ۽ مختلف ڳالهين کي تڪيو ۽ توريو
ٿي، نيٺ هن چِٽي ڳڻپ ڪري ٻڌايو ته ست ٿيٽر، يارهن
غسلخانا، ٻارهن محراب، ۽ ارڙهن محلات هيا جن مان
ڪيترائي پوگيَس جي وقت کان اڳ غائب ٿي چڪا هيا. ان
مان اهو به ظاهر ٿيو ته ڪيترائي قديمي شاندار
عمارتي يادگار اڃا به موجود هيا(7) ۽ تيرهين ۽
چوڏهين صدي عيسوي ۾ تباهيءَ جا اصول طاقت ۽ تيزيءَ
سان پنهنجو ڪم ڪندا رهيا. (2) ساڳيا اصول پويَن ٽن
دؤرن(*) سان لاڳو ڪري سگهجن ٿا ۽ اهو فضول ٿيندو
ته اسان سيورَس(8) جي محلات جي ويهي تعريف ڪريون
جنهن جي لاءِ پيٽرارچ توڙي سورهين صدي جا قدامت
پرست اسان کي اڳيئي گهڻو ڪجهه ٻڌائي چڪا آهن. هڪ
طرف روم جون عمارتون اڃا سلامت بيٺيون هيون پر
اُنهن کي ڊاهڻ جا پهريان زوردار ۽ تيز ڌڪَ عمارتن
سَٺا پئي ۽ جن پنهنجي مضبوطيءَ جي خود شاهدي پيش
ٿي ڪئي، پر محرابن جو اهو حال هو جو رڳو ڇُهڻ سان
اُهي ڀورا ڀورا ٿي هيٺ ٿي ڪِريا.
وڏي کوجنا ڪرڻ کان پوءِ آءٌ ان نتيجي تي پهتو
آهيان ته روم جي تباهيءَ جا مون کي چار مکيه سبب
نظر ٿا اچن، جيڪي گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ هڪ هزار سالن
تائين ڪارفرما رهيا (i)
وقت ۽ فطرت طرفان مليل زخم (ii)
بربرن ۽ عيسائين طرفان حملا، (iii)
ذريعن جو صحيح ۽ غلط استعمال، ۽ (iv)
رومين جا اندروني جهيڙا جهڳڙا. (1) انساني ذهن ۽
سندن فن هن وقت تائين عاليشان عمارتون ۽ منارا
تعمير پئي ڪيا آهن جيڪي خود اسان جي ڄمار کان وڌيڪ
بقادار آهن، پر مضبوطيءَ جي باوجود به اُهي انسان
وانگر فنا ٿيڻا آهن ڇو ته پائداري جي هوندي به
ڪمزور ٿي ويا آهن. اهڙيءَ طرح وقت جي وهڪري ۾
انساني زندگي توڙي سندس ڪم ۽ ڪارناما تيزيءَ سان
لڙهي ٿا وڃن. هڪ عام ۽ مضبوط عمارت لاءِ اهو چوڻ
ڏکيو ٿيندو ته اُها ڪيتري جٽادار هوندي، قديمي دؤر
جي عجائباتن ۾، مصر جا اهرام(9)
(Pyramids)
قديمين لاءِ وڏي ڪشش جو باعث هيا، سؤ نسلن کان وٺي
سَرءُ جا پَن(10) قبرن ۾ ڇڻندا رهيا آهن ۽ فرعونن،
بطليموسن، قيصرن ۽ خليفن جي زوال کان پوءِ ڀي
ساڳيا اهرام اڃا اُڀا بيٺا آهن ۽ نيل نديءَ جي
ٻوڏن جي باوجود به انهن جي مضبوطي قائم آهي. هڪ
اهڙي عمارت يا ڪابه شيءِ جنهن جا گهڻا حصا هجن ۽
جنهن ۾ مختلف پرزا لڳا هجن ته ان جو نقصان يا زوال
جلد اچي وڃي ٿو ۽ وقت جيڪو خاموشيءَ سان گذري ٿو،
ان جي رفتار کي هوائون ۽ طوفان تيز ڪري ٿا ڇڏين،
ٻي طرف زلزلا، باهيون ۽ ٻوڏون به وقت جي رفتار کي
تيز ٿيون ڪن. هوائون لرزن ٿيون ۽ زمين ڌُڏي ٿي ۽
روم جا اوچا منارا پنهنجن بنيادن کان به لُڏي چڪا
آهن پر سَت ٽڪريون اُڏري زمين جي گولي جي خالن ۾
نٿيون وڃي پَون ۽ نه وري شهر، قدرتي ۽ فطري ردوبدل
کان گهڻو متاثر ٿيو آهي، جڏهن ته انتاڪيا، لِسبن
يا ليما(‡)
جي آبهوا صدين جي جاين جڳهن کي اکوڙي زمين ۾ پوري
ٿي ڇڏي. باهه زندگي ڏيندڙ به آهي ته وٺندڙ پڻ،
باهه جي ٿورڙي شرارت ۽ انساني غفلت گڏجي وڏن هاڃن
جي صورت وٺي سگهن ٿيون ۽ روم جي تاريخ جي هر دؤر ۾
انسانن کي اهڙين تڪليفن ۽ مصيبتن مان گذرڻو پيو
آهي. هڪ يادگار وڏي باهه جنهن کي ڀنڀٽ يا آڙاهه
چئجي ٿو، جيڪا نيرو جي حڪمراني ۾ سندس غلطي يا
سندس بدقسمتيءَ سبب لڳي هئي ڇَهن يا نَون ڏينهن
تائين ڀڙڪيل رهي هئي(11). بيشمار عمارتون، جيڪي هڪ
ٻئي جي ويجهيون ۽ پاڻ ۾ ڳنڍيل ۽ ڳُتيل هيون سڙي
رکَ ٿي ويون ۽ اُنهن جي شعلن وڌيڪ باهه تي ڄڻ
پيٽرول جو ڪم ٿي ڏنو ۽ جڏهن باهه بند ٿي ته چوڏهن
طبقن مان فقط چار سلامت بچيا هيا، ٽي مڪمل تباهه
ٿي چڪا هيا ۽ ستن طبقن کي ايترو نقصان پهتو هو جو
اُهي سڃاڻڻ جي قابل نه رهيا هيا ۽ جايون جڳهيون
دونهاٽيل، سڙيل ۽ زخميل ٿي لڳيون(12) سڄي شهنشاهت،
ٿيل نقصان جي ازالي ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئي، ۽ شهر،
رَک جي ڍيرن مان ٻيهر جاڳي اٿيو، وري نيون عمارتون
نئين خوبصورتيءَ سان تعمير ٿي ويون، تنهن هوندي به
جيترو نقصان ٿيو هو، ان جي تلافي پوريءَ طرح نه ٿي
سگهي ۽ يونان جا بيمثال فنپارا، سوڀن ۾ حاصل ڪيل
ٽرافيون ۽ قدامت جا عظيم منارا ٻيهر واپس نه ٿي
سگهيا. تڪليفن ۽ لاقانونينت جي ڏينهن ۾ هر زخم
موتمار ٿئي ٿو، هر زوال، خوشحاليءَ جي صورت نٿو
وٺي ۽ ايڏي وڏي نقصان جو ازالو ڪرڻ نه حڪومت جي
وَس ۾ هوندو آهي نه وري خانگي ادارا گڏجي سڏجي به
منهن ڏئي سگهندا آهن، تنهن هوندي به ٻه سبب اهڙا
آهن جيڪي باهه جي روپ ۾ هڪ وسندڙ شهر لاءِ تباهي ۽
برباديءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. (1) اهڙو مواد يا
شيون جن کي باهه جلد وڪوڙي ٿي وڃي جيئن سِرون،
ڪاٺ، ۽ ڌاتون وغيره پهريون رِجي وڃن ٿيون ۽ پوءِ
سڙي رکَ ٿيون ٿين، ۽ شعلا خالي ديوارن کي نقصان
نٿا پهچائن، پر محراب جن ۾ سڙڻ وارو مواد موجود
هجي ٿو ته باهه انهن کي وٺڻ ۾ دير نٿي ڪري ۽ سڀ
ڪجهه سڙي رکَ ٿي وڃي ٿو. (2) عام ماڻهن جي
رهائشگاهن ۾ باهه جي ننڍڙي چُوچڙي به هڪ ڀڀڙ کي
ڀڙڪائي ڇڏي ٿي پر جيئن ئي ننڍا گهر يا جهوپڙيون
خاڪ ٿين ٿيون ته ڏسبو ته وڏين يا پڪين عمارتن کي
ڪو گهڻو نقصان نه پهتو هوندو ۽ اهي باهه وسامڻ کان
پوءِ به صحيح سلامت نظر اينديون. پر روم جي
صورتحال اهڙي آهي جو اُتي اڪثر ڪري ٻوڏن جو خطرو
رهندو آهي. ٽائبر ندي کانسواءِ ٻيون نديون جيڪي
گهڻو ڪري اپينن کان هيٺ لهن ٿيون اُنهن جو وهڪرو
ڪجهه غير معمولي طرح تيز هوندو آهي، اونهاري جي
گرمين ۾ نديون ننڍيون ۽ پاڻي گهڻو هوندو آهي،
وهڪرا انڪري تيز ٿي ويندا آهن جو بهار يا سياري جي
موسم ۾ گهڻي برسات پوندي آهي، ٻيو ڄميل برف رجڻ
شروع ڪندي آهي، جڏهن پاڻيءَ جي وهڪرن کي تيز
هوائون پٺتي ڌڪينديون آهن ۽ جڏهن ندين جو پيٽ
سوڙهو ٿي ويندو آهي ۽ پاڻيءَ جو دٻاءُ ندين جي
برداشت کان گهڻو هوندو آهي ته پوءِ اُنهن جو پاڻي
ڪنارن کان اُٿلي پوندو آهي ۽ هر طرف ٻوڙ ٻوڙان
لائي ڏيندو آهي، ايتري قدر جو ڀرپاسي وارا ملڪ به
ان ٻوڏ کان بچي نه سگهندا آهن، پهرين پيونڪ جنگ جي
فتح کان هڪدم پوءِ، تمام گهڻين برساتن جي ڪري
ٽائبر جو پاڻي تار ٿي ڪنارن تائين پهچي ويو ۽
ايتري ته وڏي ٻوڏ آئي جنهن ان وقت ۽ ان هنڌ جا
اڳيان پويان سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ۽ سڀئي عمارتون
ڊهي تباهه ٿي ويون جيڪي روم جي ٽڪرين کان هيٺ
هيون. زمين جي هيٺ مٿي سطح جي ڪري اڃا وڌيڪ تباهي
آئي، ڪجهه عمارتون ته بنهه ڊهي ۽ پاڻيءَ جي وهڪري
سان گڏ لُڙهي ويون(13)، آگسٽَس جي دؤر ۾ به ساڳي
مصيبت آئي هئي، ندي پاڻيءَ ۾ تار ٿي ضابطي کان
ٻاهر نڪري وئي جنهن ۾ وڏا محلات ۽ مندر به پاڙئون
پٽجي لڙهي ويا هيا(14)، ان کان پوءِ شهنشاهه وڏي
محنت ۽ همت ڪندي نديءَ جي پيٽ کي صاف ڪرائي ان کي
ڪشادو ڪرايو ڇو ته ان جي سوڙهي ۽ تراکڙي هجڻ سبب
ئي تباهي آئي هئي،(15) شهنشاهه کان پوءِ سندس
جانشين پڻ ساڳيون ڪوششون ڪندا رهيا ته جيئن ٻوڏن
جي خطري کي گهٽائي سگهجي. هڪ اهو منصوبو به رٿيو
ويو ته ٽائبر ۽ ٻين ننڍين ندين جي وهڪرن جي رُخن
کي مٽائي ٻي طرف ڪيو وڃي پر ان تجويز جي مخالفت
ڪئي وئي ڇو ته ان ۾ ڪجهه وهمن وسوسن ۽ ٻين ڳالهين
جو عمل دخل هو ۽ مقامي ماڻهن جون وري پنهنجون
دلچسپيون هيون(16)، ٻيو ته اهو به امڪان گهٽ هو ته
ايڏي وڏي ۽ اينگهائيندڙ محنت جو نتيجو به اُميدن
موجب نڪري، نديون انسان جي وڏي خدمت ڪن ٿيون ۽
فطرت جي اهڙين ڇڙواڳين تي فتح حاصل ڪرڻ انسان جو
وڏو ڪارنامو آهي(17)، پر جيڪڏهن هڪ مضبوط ۽ مستحڪم
حڪومت به ٽائبر جي بگڙڻ ۽ ان جي جوش ۾ اچڻ کان
پوءِ ان تي ضابطو قائم نٿي ڪري سگهي ته پوءِ اولهه
جي شهنشاهت جي خاتمي کان پوءِ شهر کي پهچايل
نقصانن جي تلافي يا ان کي رسيل زخمن جو علاج ڪير
ڪندو؟ نيٺ ان برائيءَ مان ئي ڪنهن چڱائيءَ جي
اُميد نڪري آئي، جيڪو گند ڪچرو يا زمين ٽڪرين مان
لُڙهي وئي هئي، اُها هڪ هنڌ تي جمع ٿي وئي جنهن
روم جي ميدانن جي سطح کي چوڏهن کان پندرهن فوٽن
تائين مٿي ڪري ڇڏيو، شايد ان سطح تي جيڪا روم جي
اوائلي دؤر ۾ هئي(18)، ۽ هاڻي شهر، جنهن کي جديد
طريقي سان ٺاهيو ويو آهي، نديءَ جي حملن کان گهڻي
حد تائين محفوظ ٿي ويو آهي(19).
II
هر قوم جي بيشمار ليکڪن، جيڪي روم جي تباهيءَ جي
تهمت گاٿن ۽ عيسائين تي مڙهين ٿا، ان ڳالهه جي
ڇَنڊڇاڻ نه ڪئي آهي ته اهي پاڻ دشمني جي جذبن سان
ڪيترا ڀريل هيا ۽ اُنهن وٽ ڪيتري فرصت ۽ ذريعا هيا
ته پنهنجي دشمنيءَ کان پوريءَ طرح مطمئن ٿين. هن
تاريخ جي پوين صفحن ۾ مون ’بربريت ۽ مذهب‘ جي فتح
بابت لکيو آهي ۽ آءٌ هاڻي ٿورڙن لفظن ۾ وري ان
موضوع تي ايندس ۽ اوهان کي ٻڌائيندس ته انهن ٻنهي
قوتن جو قديم روم جي تباهيءَ سان ڪيڏو نه گهرو
تعلق هيو. اسان پنهنجي تصور ۾ خوش ڪندڙ پيار ڀريا
لفظ جوڙي سگهون ٿا ۽ اهو چئي سگهون ٿا ته گاٿن ۽
وئنڊلن اسڪئنڊينيويا مان ڪاهون ڪيون هيون ته جيئن
اوڊِن(20) جي ڀڄي وڃڻ جو بدلو وٺن، زنجيرن کي ٽوڙن
۽ انسانذات کي تڪليفون پهچائيندڙن کي سزائون ڏئي
سگهن، ته اُنهن شاهڪار علم ۽ ادب جو رڪارڊ ساڙڻ ٿي
چاهيو ۽ ٽسڪن ۽ ڪورنٿ جي ڀاچوڪڙ ميمبرن ذريعي قومي
عمارتسازي جي فنَ جو بنياد رکڻ ٿي چاهيائون. پر،
سچ ته اهو آهي ته اُتر جا فاتح نه ته ايترا وحشي ۽
نه وري ايترا مهذب هيا جو سندن ذهن جي ڪنهن ڪُنڊ ۾
تباهي يا بدلي وٺڻ جو ڪڏهن ڪو خيال به اچي ها.
جرمني ۽ سيٿيا جا ريڍار ٻڪرار، پنهنجن شهنشاهتن جي
فوجي سِکيا ورتل هيا، جن جي نظم ۽ ضبط کي هنن
اختيار ڪيو هو پر سندن ڪمزوريءَ سبب مٿن حملو ڪندا
هيا ۽ لاطيني زبان به ڳالهائيندا هيا، اُنهن کي
اها به خبر هئي ته روم جو نالو توڙي لقب وڏي
احترام وارو هو ۽ هو پڻ ان جي پابندي ڪندا هيا،
توڙي جو هو نقل ڪرڻ جي لائق نه هيا پر ڄاڻ جي
روشنيءَ جو قدر ڪندا هيا ۽ ان دؤر جي فنپارن توڙي
علم ادب جي تعريف ڪندا هيا. هڪ اهڙي گاديءَ جي
هنڌ، جتي ڪا مخالفت هئي ئي ڪانه، اَلارِڪ ۽
جينسيرڪ جا سپاهي فاتح فوج جي جذبن کان گهڻو متاثر
ٿيا هيا جيڪي ظلم ۽ شهوانيت کانسواءِ ڪجهه به نه
هيا، کين فقط دولت جي ڳولا هئي، ۽ نه وري اجاين ۽
فضول خيالن تي فخر يا خوشي حاصل ڪري ٿي سگهيا ته
اُنهن سفيرن يا قيصرن (سيزرس) جي محلاتن يا فن جي
ڪمن کي ڪيرائي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو هو. سندن چرپر
يقيني طور تي ڪارائتي هئي، گاٿن ڇهين تاريخ(21)
جڏهن ته وئنڊلن پندرهين تاريخ(22) تي روم کي خالي
ڪيو ۽ توڙي جو ڊهڻ جي مقابلي ۾ ٺاهڻ گهڻو ڏکيو
آهي، جيڪڏهن اُهي اُٻهرائيءَ ۾ ڪو حملو ڪري ڇڏن ها
ته قدامت جي عظمت تي ان جو ڪو خاص اثر نه پوي ها.
اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اَلارڪ ۽ جينسيرڪ ٻنهي
تاثر اهو ڏنو هو ته هو شهر جي عمارتن کي ڪو نقصان
نه پهچائيندا ۽ اهي پنهنجي طاقت ۽ سُونهن کي،
ٿوڊورِڪ(23) جي ڀاڳ ڀري حڪومت جي مرضي مطابق
استعمال ڪندا ۽ ٽوٽيلا(24) جي عارضي ناراضگي کي
سندس پنهنجي طبيعت ۽ سندس دوستن توڙي دشمنن جي
صلاح سان ختم ڪيو ويو هو. هاڻي ملامت جو سڄو الزام
معصوم بربرن کان روم جي ڪئٿولڪن ڏانهن منتقل ٿي
ويو. عاليشان مجسما، قربانگاهون، ۽ بدروحن جا گهر
سندن نظرن ۾ هيا، ۽ شهر تي مڪمل قبضو ڄمائڻ لاءِ،
سندن خواهش هئي ۽ هن سلسلي ۾ هنن وڏي جوش ۽ محنت
سان ڪم ٿي ڪيو ته جيئن پنهنجن ابن ڏاڏن جي وقتن جي
بت پرستيءَ جي آثارن کي بلڪل مٽائي ڇڏجي. اوڀر جي
مندرن(25) کي ڊاهڻ، سندن نظرن ۾ اڳتي وڌڻ جو رويو
هو ۽ اسان جي نظر ۾ سندن عقيدو هو، ۽ اهو به ممڪن
آهي ته روم جي نوَن مذهب مٽائيندڙن طرفان به اهڙن
ڪمن ۾ سندن شرڪت سبب، اهو الزام اُنهن تي به آيو
هجي، تنهن هوندي به اهو چئي سگهجي ٿو ته کين نفرت
رڳو ڪافراڻين ڳالهين ۽ ساڳي طرز جي وهمن وسوسن کان
هئي ۽ جيڪي شهري عمارتون هيون ۽ جتي عام ماڻهن جو
وڻج واپار يا وِندر ورونهن ٿيندي هئي ته اُنهن تي
نه ته ڪو الزام هو ۽ نه اُنهن کي ڪو نقصان پهچايو
ويو هو. مذهب جي تبديلي، اوچتو نه ٿي هئي پر
اُنهيءَ ۾ شهنشاهه جا فرمان، سينيٽ جا حڪم ناما ۽
وقت جون ضرورتون ڪار فرما هيون. عيسائي رتبن يا
مرتبن ۾، روم جا وڏا پادري وڏا دورانديش هوندا هيا
۽ ڪاوڙ يا غصي جو ذرو به منجهن موجود نه هوندو هو،
نه وري ڪنهن الزام جي هو ترديد ڪندا هيا، جڏهن
پئنٿين(26) (سڀني ديوتائن جو گهر) جي شاندار تعمير
کي تبديل ڪرڻ يا ان کي بچائڻ جو سوال ايندو هو ته
هو ان جي حمايت ڪندا هيا.
III
ڪنهن به شي جو مُلهه، جيڪا انسان ذات جي گهُرجن يا
خوشين جو پورائو ڪري ٿي، ته پهريون ته ان جو جوهر
ڏسجي ٿو ۽ پوءِ ان جي ظاهري شڪل تي غور ٿو ڪجي،
مادو ڪهڙو آهي ۽ اُهو ڪيئن ٺهيو آهي، ان جي قيمت
جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو آهي ته اُها شيءِ
ڪيترن ماڻهن کي گهربل آهي ۽ مارڪيٽ ۾ ان جو مُلهه
ڪيترو آهي يا وري ان جي برآمد جو وهنوار ڪيئن ۽
ڪيترو آهي، جنس ڪيتري سٺي آهي، ان جو مقامي ملهه
ڪيترو آهي ۽ دنيا ۾ ڪٿي ٻي هنڌ به ان جي طلب آهي
وغيره. روم جا بربر فاتح، ماڻهن جي جُڳن جي محنت ۽
پورهيي جي ڪمائيءَ کي گهڙي پَل ۾ ڦري تاراج ڪري
ڇڏيندا هيا، پر سواءِ ڪجهه عيش عشرت ۽ ضروري
استعمال جي شين جي هو اهو ضرور ڏسندا هيا ته جيڪو
سامان کڻڻ جهڙو نه هوندو هو ته ان کي هٿ به نه
لائيندا هيا ڇو ته گاٿن جي گاڏين ۾ ۽ نه وئڊلن(27)
جي جهازن ۾ ان سامان کي ڍوئي سگهبو هو، تنهنڪري
سندن پهرين ڪشش سون ۽ چاندي هئي، جيئن هر ملڪ جي
به ساڳي ڪمزوري هوندي آهي، نه رڳو هر ملڪ پر سڄي
دنيا ۾ سون ۽ چاندي ئي انسان جو ورثو ۽ ملڪيت
رهندي آئي آهي، هڪ گلدان يا ڪو مجسمو جيڪو اهڙين
قيمتي ڌاتن مان ٺهي ٿو، شايد ڪنهن بربر سردار کي
ته هِرکائي ٿو ڇڏي، باقي عام ماڻهو جن جو تعداد
گهڻو آهي ته اُهي ان جي ظاهري شڪل تي موهجي پون ٿا
۽ اهو به ممڪن آهي ته انهن کي رِجائي ٽڪرا ٽڪرا
ڪري، اُنهن تي مُهرون هڻي اُنهن مان شهنشاهت جو
سِڪو ٺاهي ڇڏن. اُهي ڦورُو جيڪي ان ڌنڌي ۾ گهٽ
هوشيار رهيا آهن، ته اُنهن جو گذارو پتل، شيهي،
لوهه، ٽامي يا هر اُهو ڪجهه جيڪو گاٿن ۽ وئنڊلن
کان تاراج ڪرڻ کان رهجي ويو، ته اُهو يونان جي
ظالمن، ماڻهن کان ڦُري ورتو، ۽ شهنشاهه ڪانسٽنس(*)
لالچ واري هڪ دؤري تي نڪتو ۽ پئنٿين(28) ۾ لڳل پتل
۽ قَلعي گاڏڙ ڌاتوءَ جو ٽائلون ڪڍرائي پنهنجي محل
۾ کڻي ويو. روم جون عمارتون گهڻو ڪري کاڻين مان
نڪتل مواد مان ٺهيل آهن، مواد ڪڍڻ جون پهريون
ڪوششون اڳ ۾ ئي بيان ڪيل آهن، ڌاتن کي ڪڍي صاف ڪيو
ويو ۽ اُنهن کي باهه جي تؤ تي پنهنجن گهُرجن موجب
ٺاهيو ويو، ماربل جي پٿرن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري اُنهن
کي پالش ڪيو ويو ۽ جڏهن ٻاهرين ۽ مقامي ڦُرلُٽ
پوري ٿي ته جيڪو ڪجهه شهر ۾ باقي بچي ويو هو اُهو
به پئسن تي وڪامي رهيو هو. قدامت جي منارن ۽
عاليشان عمارتن کي سندن ڳهَه زيوَر لهرائي،
اُگهاڙو ڪيو ويو هيو، پر افسوس اهو ته رومي خود
پنهنجن عظيم الشان محرابن ۽ ديوارن کي انڪري ڊاهي
رهيا هيا ڇو ته ناياب شين کي برآمد ڪري کين ذاتي
فائدا حاصل ٿي رهيا هيا، جيڪڏهن چارليمئگني اولهه
جي شهنشاهت جي گاديءَ جو هنڌ اٽلي ۾ قائم ڪيو هو،
ته سندس ذهن ۽ ضمير جي اها خواهش هجي ها ته سيزرس
جي فنپارن ۽ قدامت جي عظمتن جي بيحرمتي ٿيڻ نه ڏئي
ها بلڪ اُنهن جي وقار کي واپس ورائڻ جي ڪوشش ڪري
ها، پر فرانس جي هن حاڪم کي ڪن سببن جي ڪري جرمني
جي جهنگلن متوجهه ڪيو ۽ سندس طبيعت جو رجحان به
بربادين طرف زياده هيو ۽ نئين محل ’ائڪس لاچئپل‘
کي روينا(29) ۽ روم جي قيمتي پٿرن سان سجايو
ويو(30) چارليمئگني کان پنج سؤ سال پوءِ، سِسلي جي
هڪ بادشاهه رابرٽ کي(†)،
جيڪو پنهنجي دؤر ۾ بيحد ڏاهو ۽ سخي حاڪم مڃيو
ويندو هو، ساڳيا تحفا، ٽائبر ۽ سمنڊ جي جهازراني
ذريعي موڪليا ويا هيا، پيٽرارچ (‡)
ٿڌو ساهه ڀريندي ۽ ڏکوئيندڙ لهجي ۾ شڪايت ڪئي ته
ڇا وقت اچي ويو آهي جو دنيا جي قديم ترين گاديءَ
جي هنڌ مان قيمتي تحفا، نئپلس(31) جي عياشيءَ لاءِ
موڪليا پيا وڃن، پر ڦُرلُٽ يا هن قسم جي خريداري
تڏهن گهٽ هئي جڏهن ۽ جنهن کي اونداهو دؤر ڪوٺجي ٿو
۽ رومي تڏهن پنهنجي مرضيءَ جا مختيار هوندا هيا ۽
سندن الڳ حيثيت کي ڪوبه للڪاريندڙ ڪونه هو ۽ جي هو
چاهن ها ته قدامت جي بچيل نشانين کي عوامي توڙي
ذاتي استعمال لاءِ ڪتب آڻي سگهن ها، جيڪڏهن اُهي
موجوده شڪل ۾ شهر يا شهنشاهت جي استعمال ڪرڻ جهڙا
هجن ها. ديوارن جو دائرو ذري گهٽ ساڳيو هو باقي
شهر ستن ٽڪرين مان گهٽجي هڪ ڪئمپَس جي صورت وٺي
چڪو هو ۽ ڪجهه ڪمال جا ۽ خوبصورت منارا، جيڪي
گذريل وقت جي تيز طوفانن جو مقابلو ڪري اڃا تائين
سلامت هيا، پر افسوس جو اُهي هاڻي شهر نه پر برپٽ
۾ بيٺا هيا ۽ انسانن جي آباديءَ کان پري رهجي ويا
هيا. سينيٽرن جا محل، انهن جي جانشينن جي مزاج يا
حيثيت موجب تعمير ٿيل نه هيا، غلسخانن(32) توڙي
ڇٻراٺن جي استعمال کي ڇهين صديءَ ۾ ترڪ ڪيو ويو
هو، ٿيٽر، نمائشگاهه يا سرڪس جي راندين کي يا ته
ختم ڪيو ويو هو يا اُنهن ۾ ڪو وڏو وقفو اچي ويو
هو، ڪجهه مندر اهڙا ضرور هيا جيڪي عبادت لاءِ وقف
ڪيل هيا، ۽ عيسائي ڪليسائن ۾ صليب جو نشان ضرور
هوندو هو، ۽ ان وقت جي دستور يا رواج موجب خانقاهن
جي رهڻ جي جاين يا سندن آفيسن جو هڪ خاص ماڊل
هوندو هو جنهن سان انهن کي سڃاڻي سگهبو هو.
عيسائين جي حڪومت ۾، مذهبي يا ويراڳي ٽولن جو انگ
تمام گهڻو ٿي ويوهو ۽ شهر ۾ مردن جون چاليهه
خانقاهون، عورتن جون ويهه ۽ پادرين جا درسگاهه(33)
سٺ جي لڳ ڀڳ موجود هيا، جن ڏهين صدي عيسوي ۾
آدمشماري کي گهٽائڻ جي بجاءِ ويتر ان کي وڌائي
مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا هيا. پر جيڪڏهن قديم طرز جي
عمارتسازي کي اهڙن ماڻهن ختم ڪري ڇڏيو هو جن کي
اهڙين عاليشان عمارتن ۽ منارن جي سُونهن جي سُڌ ئي
ڪانه هئي، پر تڏهن به هنن پنهنجي سمجهه ۽ سُرت آهر
پنهنجي ضرورت ۽ وهمن وسوسن وارين عمارتن لاءِ
گهربل مواد مهيا ڪري ڇڏيو هو، پر جيستائين آيونيا
۽ ڪورنٿ جو وارو اچي تيستائين پاروس ۽ نيوميبيا
جي مواد کي ڪجهه گهٽ درجو ڏئي انهيءَ مان مڙهيون،
خانقاهون يا گهوڙن جا استبل اڏيا ويا هيا، ترڪن
طرفان يونان ۽ ايشيا جي شهرن ۾ جيڪا تباهي روزانو
آندي پئي وئي، ان صورتحال کي غمگين ۽ دلگير بڻائي
ڇڏيو هو ۽ روم جا يادگار به وقت سان گڏ انهن تباهه
ٿي ڪيا. سڪسٽـَس پنجون(*) فقط هڪڙوئي اهڙو هو جنهن
محلات جي لائق نفيس پٿر يا ماربل سينٽ پيٽر(34) جي
شاندار عمارت ۾ لڳرايا. عمارتسازيءَ ۾ تباهه ڪارين
مان به ڪٿي ڪو ٽڪرو نئين جوڙجڪ ۾ ٻي مواد سان گڏ
لڳي ٿي ويو ته ان تي خوشي ۽ ڏک جا مليل تاثرات
سندن چهرن مان ظاهر ٿيا ٿي، پر ماربل جي گهڻي حصي
کي اصل جوهر کان محروم ڪيو ويو هو ۽ ان جو مقدار
به گهٽ استعمال ٿيل هو، ڇو ته ان کي گهڻو ڪري ساڙي
چوني سان ملايو ٿي ويو ته سيمٽ جو ڪم ڏئي سگهي.
جڏهن پوگيَس هتي آيو هو ته ڪنڪارڊ(35) جو مندر ۽
ٻيون ڪيتريون ئي شاهڪار عمارتون نظرن کان اوجهل ٿي
چڪيون هيون ۽ ان دؤر جي هڪ چوڻي هڪ جائز خوف کي
ظاهر ٿي ڪري ته عمارتسازي جي هن عمل کي جيڪڏهن
جاري رکيو ويو ته قدامت جا سڀ منارا ۽ يادگار
تباهه ۽ برباد ٿي ويندا(36). جيئن ته هو تعداد ۾
ٿورا هيا ته رومين جي گهُرجن يا سندن ڦُرمار تي
ڪڙي نظر رکڻ ۾ کين آٿت ايندو هو. پيٽرارچ پنهنجي
تصور ۾، ايندڙ قومن ۾ بيشمار ماڻهن جي پيشنگوئي
ڪري ڇڏي هئي(37). ۽ مون کي اعتبار ڪندي هٻڪ ٿي ٿئي
ته چوڏهين صدي عيسوي ۾ ڀي سندن انگ گهٽجي فقط
ٽيٽيهه هزار ماڻهو وڃي رهيا هيا. ان وقت کان وٺي
ليئو ڏهين(†)
جي حڪومت تائين، جيڪڏهن اهو انگ وڌيو به هوندو ته
فقط پنجاسي هزار ماڻهن تائين پهتو هوندو(38)،
بهرحال شهرين جي واڌ، قديم شهر لاءِ، ڪنهن حد
تائين هاڃيڪار هئي. مون تباهيءَ جي ڪارڻن ۾ سڀني
کان اهم ۽ زوردار سبب آخر ۾ بيان ڪيو آهي، يعني
رومين جي وچ ۾ پنهنجا اندروني اختلاف ۽ دشمنيون
جيڪي روم جي تباهيءَ جو وڏي ۾ وڏو سبب هيون. يونان
۽ فرانس جي شهنشاهن جي حڪومتن ۾، شهر جي ترقي جي
رفتار ڪيترين بغاوتن سبب، ذري گهٽ رڪجي وئي هئي،
ڏهين صدي عيسوي جي شروعات ۾ فرانس جي زوال شروع
ٿيڻ سان، روم ۾ خانگي جنگيون شروع ٿي ويون هيون،
جنهن سبب نه ماڻهن کي روم جي قانون جي پرواهه هئي
۽ نه انجيل جي ضابطن ۽ اصولن کي ٿي مڃيائون، نه
وٽن شهنشاهه جي لاءِ احترام رهيو هو ۽ نه حضرت
عيسيٰؑ جي نمائندن جي عزت ٿي ڪيائون، پنج سؤ سالن
جي اونداهي دؤر ۾ روم ۾ لڳاتار خوني تڪرار رهيا جن
۾ شهر جا معتبر ۽ امير توڙي عام ماڻهو ملوث هيا،
گيلف ۽ گبلنَس، ڪولونا ۽ اُرسيني قومن جا ماڻهو
سدائين پاڻ ۾ پيا وڙهندا هيا ۽ جيڪڏهن ڪيتريون
ڳالهيون هن وقت ذهن ۾ نه آهن ۽ تاريخ جون ٻيون
ڪيتريون ئي ڳالهيون اهڙيون به آهن جيڪي ٻڌائڻ
جهڙيون نه آهن، بهرحال مون تڏهن به پوين ٻن بابن ۾
ماڻهن جي شڪايتن ۽ لاقانونيت جي سببن ۽ اثرن کي
بيان ڪيو آهي. اهڙي وقت ۾ جڏهن هر جهيڙي جهڳڙي جو
فيصلو ترار جي زور تي ٿيندو هو ۽ قانون جي مڪمل
ناڪاميءَ جي صورتحال ۾ ماڻهن جو حياتيون توڙي
ملڪيتون داوَ تي لڳل هونديون هيون ته جيڪي طاقتور
۽ ڏاڍا مڙس هيا اُنهن کي هٿيار ڏنا ويا هيا ته
پنهنجي حفاظت به ڪن ۽ اُهي هٿيار ڀلي پنهنجن مقامي
يا ذاتي دشمنن خلاف استعمال ڪن جن کان يا ته هو
ڊڄندا هيا يا اُنهن کان نفرت ڪندا هيا. فقط وينس
کي ڇڏي، اهڙا خوف خطرا اٽلي جي هر ننڍي وڏي
جمهوريه ۾ موجود هيا ۽ جيڪي امير يا نواب هيا اهي
ڪمزور ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هڻي، اُنهن کان ڦُرلُٽ
ڪري پنهنجن گهرن ۾ وڃي مضبوط(39) قلعا ٺاهيندا هيا
ته جيئن اندروني دشمنن جي اوچتن حملن کان محفوظ
رهن. هر شهر ۾ اهڙيون قلعي نما پر دشمني تي مبني
عمارتون تعمير ڪيون ويون هيون، هن سلسلي ۾ لَڪا
شهر جو مثال ڏئي سگهجي ٿو جنهن ۾ ٽي سؤ قلعي نما
منارا هيا، هن شهر جي قانون موجب منارن جي وڌ ۾ وڌ
اوچائي چار ويهون فوٽ (يعني اسي فوٽ) کان مٿي نه
رکڻي هئي، پر ڪن شاهوڪار شهرن ۽ وڏي آدمشماري
وارين رياستن جي لاءِ خاص اجازت ڏني وئي هئي ته
اُهي اُنهن جي اوچائيءَ کي مقرر ٿيل حد کان مٿي به
ٺاهي سگهن ٿا. سينيٽر برئنڪئلون(*)، امن امان ۽
انصاف کي قائم رکڻ لاءِ جيڪو پهريون قدم کنيو ته
هن (جيئن اسان اڳ ۾ به ٻڌايو آهي(†)
روم جا هڪ سؤ چاليهه قلعي- نما منارا هڪدم ڊهرائي
پٽ ڪرائي ڇڏيا، ۽ افراتفري ۽ لاقانونيت جي آخري
ڏينهن ۾ جڏهن مارٽن(‡) پنجين جي حڪومت هئي، تڏهن
چوئيتاليهه اهڙا منارا شهر جي تيرهن کان چوڏهن حصن
۾ اڃا به بيٺا هيا. شرارت جي مقصد پوري ڪرڻ لاءِ،
قدامت جي يادگارن ۾ ڪجھ اهڙيون ترميمون ڪيون ويون
ته جيئن اُهي اُنهن منارن سان مشابهت رکندڙ هجن؛
مندر ۽ محراب مضبوط سِرن ۽ پٿرن مان تعمير ڪيا ويا
۽ اُنهن مان ڪي ته تعريف جي قابل هيا جن مان ڪن جا
نالا به کڻي سگهجن ٿا ۽ اُنهن کي جوليَس سيزر،
ٽائٽَس ۽ ائنٽوننز(40) جي فتح جي منارن جي طرز تي
تعمير ڪيو ويو هيو. ٿورڙي ردوبدل ذريعي، هڪ ٿيٽر،
هڪ نمائش گاهه ۽ هڪ مقبري کي به مضبوط ۽ ڪشادن
قلعن ۾ تبديل ڪيو ويو هو. مون کي اها ڳالهه ورجائڻ
جي ضرورت ناهي ته هئڊرئن جي بندرگاهه کي پڻ سينٽ
ائنجيلو(41) جي قلعي جو نالو ڏنو ويو هو ۽ سيورَس
جو محل به ايترو ته مضبوط هو جو اُهو شاهي فوج جي
حملي کي آسانيءَ سان برداشت ڪري ٿي سگهيو(42)،
ميٽيلا جو مقبرو ته مٿس ڪيل ڪمن(43) جي بار هيٺ
دٻجي ويو آهي، پامپي ۽ مارسيلَس جا ٿيٽر سويلي(44)
۽ اُرسيني خاندان جي قبضي هيٺ اچي ويا آهن، ۽ هڪ
اڻ گهڙيل قلعي کي کيس وقت سر مرمت ڪري، سجائي ۽ ان
کي شاندار بڻائي اٽلي جي محلات جي زينت بنايو ويو
آهي. حد اها آهي جو ڪليسائن کي به هٿيارن ۽ قلعن
سان سجايو ويو آهي ۽ فوجي انجنيرن، جيڪي سينٽ پيٽر
جي ڪليسا جي ڇِت تي وڃي ويٺا هيا، وئٽيڪن ۽ عيسائي
دنيا ۾ وڏو خوف ۽ هراس پيدا ڪري ڇڏيو هو. جيڪا به
شيءَ قلعي جو روپ وٺي ٿي ته ان تي حملو ٿيڻ به
لازمي آهي، ۽ جنهن شيءَ تي حملو ٿيندو آهي ته اُها
تباهه به ضرور ٿيندي آهي. جيڪڏهن رومي، پادرين کان
سينٽ ائنجيلو جو قلعو زوريءَ کسي وٺن ها، ته اُنهن
هڪ فرمان ذريعي اهو فيصلو ڪيو هو ته غلاميءَ جي هن
يادگار کي يقيني طور تي تباهه ڪيو وڃي ها. جيڪا به
عمارت دفاعي مقصد لاءِ ٺهي هئي ته ان تي گهيرو
لازمي ٿيڻو هو ۽ هر گهيري ۾ برباديءَ جون انجڻون
پنهنجي پوري طاقت سان ڪم ڪنديون آهن. نڪولَس
چوٿين(*) جي موت کان پوءِ روم، جيڪو ڇهن مهينن
تائين بغير ڪنهن حڪمران يا سينيٽ جي هيو، سڄي وقت
لاءِ سخت خانه جنگي جي ور چڙهي ويو. ’گهرَ‘ هڪ
پادري جيڪو ان دور جو شاعر(45) به هيو، چوي ٿو،
’پٿرن جي تيز وسڪاري سبب صفا چيڀائجي ختم ٿي ويا
هيا(46)، ۽ توب خاني جي گولين سبب ديوارن ۾ جڳهه
جڳهه تي سوراخ ٿي ويا هيا، قلعن مان باهيون ۽
دونهون ٻاهر نڪري رهيو هو، ۽ حملي ڪندڙ لُٽ ڦر ۽
انتقامي ڪارواين ۾ مشغول ٿي ويا هيا‘. ظلم جي
قانونن ذريعي هنن پنهنجن دشمنن خلاف پنهنجا ڪم
مڪمل ڪرايا ۽ اٽلي جي ڪجھ ڌرين سخت انتقامي
ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون جن جي گهرن ۽ قلعن کي
ڊاهي پَٽ ڪيو ويو(47). جيڪڏهن ڌارين جي مقامي
دشمنيءَ سان ڀيٽ ڪجي ته اسان يقين سان چئي سگهون
ٿا ته گهريلو اختلاف ۽ دشمنيون شهر جي لاءِ وڌيڪ
هاڃيڪار ۽ تباهي آڻيندڙ هيون ۽ اسان جي هن راءِ جي
تصديق پيٽرارچ پڻ ڪري ڇڏي آهي جڏهن هو چوي ٿو:
’روم جا تبرڪ ۽ سندس عظمت جي نشانن ڏي نهاريو! نه
وقت جو وهڪرو ۽ نه بربرن جا حملا سندس بربادي جي
دعويٰ ڪري سگهيا، پر اهو ڪارنامو سندس پنهنجن
شهرين سرانجام ڏنو، سندس پنهنجي ڌرتيءَ جي پُٽن ان
کي تباهه ڪيو، ۽ توهان جي ابن ڏاڏن (هو هڪ معتبر
شخص ائنيبالڊي ڏانهن لکي ٿو) لوهن ڏنڊن ۽ داسن سان
هن شهر جي اُها تباهي آندي آهي جيڪا پيونِڪ جا
سورما ترارين(48) سان به نه ڪري سگهن ها‘. زوال ۽
تباهي جي ٻن آخري اصولن کي هڪ ٻئي سان ضرب ڪجي
ڇاڪاڻ ته گهر ۽ منارا يا قلعا جيڪي خانه جنگي جي
ڪري تباهه ٿيا، اُنهن کي نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ
قدامت جي منارن کان اتساهه حاصل ڪرڻ جي لڳاتار
ضرورت پوندي رهندي.
هن قسم جا تجزيا، ٽائٽَس جي نمائش گاهه تي به لاڳو
ڪري سگهجن ٿا جنهن کي ڪوليزيَم(49) (جلسي گاهه يا
آکاڙو) جو نالو ڏنو ويو آهي. شايد ان ڪري جو اهو
وڏي ايراضي تي ڦهليل آهي يا وري ان جو نالو نيرو
جي وڏي مجسمي تان کنيو ويو آهي- هڪ اهڙي شاندار
عمارت جيڪڏهن وقت ۽ فطرت ان جو ساٿ ڏين ها ته ان
جي شايد دائمي حيثيت هجي ها. قدامت جا ماهر جن ان
ڪوليزيَم ۾ ويهڻ جي سيٽن جي تعداد کي ڳڻڻ جي ڪوشش
ڪئي آهي، اُهي ان راءِ جا آهن ته مٿين قطار ۾ پٿر
جا ڏاڪا لڳل آهن، ۽ سڄو نمائش گاهه ڪاٺ مان ٺهيل
گئلرين سان سجايل آهي، جنهن کي ڪيئي ڀيرا باهه
ساڙي رکَ ڪري ڇڏيو هو ۽ هڪ ٻئي پٺيان ايندڙ
شهنشاهن پنهنجي حڪومت جي دؤر ۾ ان کي اچي ساڳيو
رنگ، رونق ۽ روپ بخشيو هو. هر اُها شيءَ يا نقش ۽
نگار جا لاجواب ۽ نادر نمونا، جيڪي ان وقت آسانيءَ
سان کڻي سگهڻ جهڙا هيا، جيئن ديوتائن ۽ سورمن جا
مجسما، مهانگا ڳَهه زيور جن تي چٽسالي ٿيل هئي ۽
جن کي پتل مان ٺاهي اُنهن کي سون ۽ چانديءَ جي
جڙاوت سان سينگاريو ويو هيو، اُهي ناياب ۽ اَملهه
فنپارا فاتحن، جنونين، بربرن ۽ عيسائين جي لوڀ ۽
لالچ جي وَر چڙهي ويا. جلسي گاهه جي ڪيترن وڏن
پٿرن ۾ ڪيترن سوراخن کي ڏٺو ۽ اُنهن تي ويچار ڪيو
ويو ۽ ماڻهن جا ٻه اندازا، جيڪي گهڻو ڪري درست لڳن
ٿا، ته ان مان پٿر جي کاڄڻ ۽ زوال پذير ٿيڻ جو
مطلب نڪري ٿو. هي پٿر پتل يا لوهه جي مضبوط ڪَڙن
ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هيا پر تڏهن به ڦورن يا
لُٽيرن جي عُقابي نظرن کان بچي نه سگهيا(50)، جلسي
گاهه جي ڪاريگرن ۽ هنرمندن کي هڪ قديمي تجزيي ۾
بيان ڪيو ويو آهي، جن اُنهن پٿرن ۾ سوراخ ڪيا هيا
ته جيئن اُنهن سوراخن ۾ لڪڙا کُپائي سگهجن جيڪي
تنبُن يا خيمن کي ٽيڪ ڏئي بيهاري سگهن ته جيئن
ڪاريگر اُنهن خيمن جي ڇانوَ ۾ پنهنجو ڪم ڪار
آسانيءَ سان ڪري سگهن(51). فلئويَن نمائش گاهه جي
سونهن ان جو کليل هئڻ ۽ ڪشادگي هئي جيڪو اُتر مان
ايندڙ سياحن کي پري کان ئي ڪشش ڪندو هو ۽ جن اٺين
صدي عيسوي ۾ ان جي بيحد تعريف ڪئي آهي. هڪ معزز
پادري چوي ٿو: ’جيستائين نمائش گاهه موجود آهي ته
روم به سلامت آهي، جڏهن نمائش گاهه ڊهندو يا
ڪِرندو ته روم جو به خاتمو ٿي ويندو ۽ روم جي
خاتمي سان دنيا جو به خاتمو ٿي ويندو(52)، جنگ جي
جديد طريقن ۾، جيڪڏهن ٽي ٽَڪريون ڪنهن جنگي
صورتحال تي ڪنٽرول ڪن ٿيون ته ساڳي صورتحال هڪ
قلعي لاءِ ڪارگر نه هوندي، پر انجڻن جي شديد حملي
کي فقط ديوارن ۽ محرابن جي طاقت ۽ مضبوطي ئي مُنهن
ڏئي سگهندي، ۽ اهڙي صورت ۾ فوج جو وڏو تعداد پڻ
ڪارآمد ٿي سگهندو هو، جن مان ڪجھ وئٽيڪن ۽ ڪئپيٽول
تي مورچا سنڀاليندا هيا ته ٻيا وري لئٽران ۽
ڪوليزيم يا نمائش گاهه ۾ پکڙجي ويندا هيا(53).
روم ۾ قديمي راندين جي بند ٿيڻ جي سببن کي به
سمجهڻ جي ضرورت آهي ۽ ڪارنيوال جي راندين ۽
ڪُشتين، جيڪي ٽيسٽاسيَن جبل ۽ سرڪس ائگونئلس(54)
جي نالي ڄاتيون سڃاتيون وينديون هيون، اُنهن کي
قانون(55) توڙي شهر جي ريتن رسمن جي پٺڀرائي حاصل
هئي. راندين جي موقعن تي سينيٽر وڏي مان شان سان
ايندو هو ۽ بهترين رانديگرن جو فيصلو ڪري پوءِ
اُنهن ۾ انعام اڪرام ورهائيندو هو جيئن سونيون
مُنڊيون، ڪو لباس يا ڪو ريشمي ڪپڙو انعام طور ڏنا
ويندا هيا. يهودين تي مڙهيل ٽئڪسن منجهان، راندين
جي سالياني جشن جي خرچن جو پورائو ڪيو ويندو
هو(57)، ان کان سواءِ ڊوڙن جا جسماني توڙي گهوڙي
سواري يا بَگين جي ڀاڄ جا مقابلا ڪرايا ويندا هيا،
اهڙي سلسلي جون ٽورنامينٽون پڻ ٿينديون هيون جنهن
۾ روم جا ٻاهتر نوجوان حصو وٺندا هيا. سال 1332ع ۾
اتر- اولهه آفريڪا جي مسلمانن يا اسپين جي ماڻهن
جي رواج موجب سانـَن يا سانهَن جو هڪ ميلو مچايو
ويو جنهن جو اهتمام پڻ وڏي جلسي گاهه ۾ ڪيو ويو،
هن موقعي کي ان وقت جي ڪتابن ۽ ڊائرين ۾ درج ڪيو
ويو(58). راندين جي مقابلن کي به ٻيهر رائج ڪيو
ويو ۽ هڪ عام اعلان ذريعي رِمني ۽ روينا جي اميرن
کي به هنن مقابلن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني وئي
هئي ته جيئن هن خطرناڪ وندر ۾ حصو وٺن. روم جي
عورتن کي ٽن فوجي طبقن ۾ آندو ويو ۽ ٽن بالڪونين ۾
کين ويهاريو ويو جيڪي اڄوڪي ڏينهن يعني 3 سيپٽمبر
تي ڳاڙهي لباس ۾ قطار ڪري بيٺيون هيون. وڻندڙ ۽
خوش خلق ڇوڪِري جيڪووا هنن عورتن کي ٽائبر کان به
اڳتي وٺي وئي، هيءَ هڪ مقامي ڊوڙ هئي جنهن ۾ قدامت
جا ڪجھ آثار ۽ رنگ نظر ٿي آيا. شهر جي باقي حصي
کي، دستور موجب ٻن حصن يعني ڪولونا ۽ اُرسيني
خاندانن ۾ ورهايو ويو هو؛ ٻئي طبقا پنهنجين
پنهنجين عورتن جي حسن ۽ اُنهن جي گهڻي تعداد تي
فخر ڪندا هيا ته ڪهڙي طبقي وٽ ڪيتريون خوبصورت
دوشيزائون موجود هيون؛ بهرحال هڪ نينگري سَويلا
اُرسيني بيحد حسين هئي جنهن جي ان وقت گهڻي تعريف
ڪئي ويندي هئي، پر ڪولونا طبقي ان ڳالهه تي افسوس
جو اظهار ڪيو ته وٽن پڻ هڪ خوبصورت ڇوڪري ضرور هئي
پر نيرو جي باغ ۾ گهمندي سندس پير کي موهه اچي ويو
هو جنهن ڪري هوءَ موجود نه هئي. معزز شهري ۽ امير
ماڻهو پنهنجن پهلوانن کي وٺي وڃي آکاڙي ۾ لاهيندا
هيا ته فقط هڪ نيزو هٿ ۾ کڻي پيرين پيادو وڃي
جهنگلي سانن (سانـَهن) سان مقابلو ڪري، هيڏي ساري
هجوم مان اسان جي هڪ تجزيي نگار ويهن بيحد نمايان
سورمن جا نالا، سندن رنگ ۽ اُنهن جا شغل چونڊيا
آهن. ڪيترا ته اهڙا نالا آهن جيڪي سڄي روم ۾ مشهور
آهن جيئن: ملاٽيسٽا، آلٽيري، ڪورسي، رنگ اُنهن جي
مزاج ۽ وقت جي نزاڪت مطابق چونڊيا ويا هيا، شغل
سندن اُميدن ۽ ناڪامين مطابق هيا ۽ اُنهن منجهان
گهڻو ڪري سندن بهادري نظر پئي ايندي هئي. ’آئون
هوريتائي جي جوانن وانگر اڪيلو آهيان‘. هي هڪ
بهادر ڌارئي انسان جو اعتماد هو. ’آءٌ اُداس ۽
دلگير رهندو آهيان‘ هڪ واندي نوجوان روئندي چيو
جنهن جي زال مري وئي هئي. ’آءٌ باهه وانگر ٿو ٻران
۽ دونهين وانگر دکندو ٿو رهان‘. هي هڪ عاشق جو
آواز هو. ’آءٌ لوينيا يا لوسريشيا جي پوڄا ڪريان
ٿو‘. هڪ مشڪوڪ جملو هو جنهن ۾ جديد عشق جو اظهار
هو. ’منهنجو عقيدو اهڙو صاف آهي جهڙي اڇي پوشاڪ‘.
’مون کان وڌيڪ طاقتور ٻيو ڪير آهي؟ جيڪڏهن آءٌ رت
۾ ٻڏي وڃان ته منهنجو موت ڪيترو نه خوشگوار
هوندو‘. هي هڪ خطرناڪ بهادريءَ جو اظهار هيو.
ارسيني خاندان جي فخر يا سندن دورانديشي کين آکاڙي
۾ لهڻ کان روڪيو جنهن تي سندن موروثي دشمنن جو
قبضو ٿي ويو هو ۽ جن تي ڪولونا جي عظمت جا نشان
اُڪريل هيا. ’توڙي جو آءٌ مغموم آهيان، پر پوءِ به
طاقتور آهيان‘. ’جيڏو مضبوط آهيان، اوترو ئي عظيم
آهيان‘. ’جيڪڏهن مون کي شڪست اچي وئي‘ هو تماشبينن
سان مخاطب ٿيندي چوي ٿو، ’ته ائين سمجهو ته اُها
اوهان سڀني جي شڪست هوندي‘. ان جو مطلب (ليکڪ چوي
ٿو) اڻ سِڌي طرح اهو هو ته جيڪڏهن ٻين خاندانن جو
تعلق وئٽيڪن سان هيو، ته اُهي ئي فقط اهڙا هيا
جيڪي ڪئپيٽول جا حمايتي هيا. آکاڙي جا مقابلا سخت
خطرناڪ ۽ خوني قسم جا هوندا هيا. آکاڙي ۾ لٿل هر
ماڻهو سانـَهه جو مقابلو ڪندو هو ۽ فتح گهڻو ڪري
چئن پيرن واري جانور جي ٿيندي هئي، ڇو ته هاڻي فقط
يارهن ڄڻا ميدان تي وڃي بچيا هيا، نـَو زخمي ٿي
پيا هيا، ارڙهن پهلوان مري چڪا هيا جن جو تعلق
سندن مخالفن سان هيو. ڪي معزز خاندان پنهنجن پيارن
جي موت تي ماتم ڪري رهيا هيا، پر جيڪو سندن دفن جي
رسم جو شان هو سو ڏِسڻ وٽان هيو. جڏهن سندن جنازا
سينٽ جان لئٽران ۽ سينٽ ماريا مئگور جي ڪليسائن ۾
نِيا ويا ته ڄڻ هڪ جشن جو ماحول هو، نتيجي ۾ ماڻهن
کي ٻن ڏينهن جي موڪل ڏني وئي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي
ته اهڙن مقابلن ۾ رومين جي رَت کي نه هاريو وڃي
ها، تنهن هوندي به ۽ توڙي جو اسان سندن اُٻهرائي ۽
ٽرڙاپ تي الزام ضرور مڙهيون ٿا پر پوءِ به اسان
سندن بهادريءَ جي ڪارنامن تي کين داد به ڏيون ٿا ۽
اُنهن عزت وارن رضاڪارن کي به آفرين ڏيون ٿا جيڪي
پنهنجي عظمت جو مظاهرو ڪندي هن ميلي ۾ پنهنجون
حياتيون تِريءَ تي رکي اچي مقابلن ۾ حصو وٺن ٿا ۽
ماڻهن جون دليون موهي وجهن ٿا، همدرديون حاصل ڪن
ٿا ۽ اُنهن جو ڀاڳ اُنهن قيدين، مجرمن ۽ بدڪارن
کان ڪيئي دفعا وڌيڪ بهتر آهي جن کي سندن ڏوهن جي
سزا ۾ گهلي قتل ڪيو وڃي ٿو(59).
هن دفعي نمائش گاهه جو استعمال ڄڻ انوکو ۽ لاجواب
موقعو هيو، روزانو مواد ۽ شين جون گهُرجون وڌنديون
رهيون پر کين مهيا گهٽ ٿي ٿيون ۽ شهري سواءِ افسوس
ڪرڻ جي ٻيو ڪجھ به نه ٿي ڪري سگهيا ۽ نه کين مطمئن
ڪري پئي سگهيا. چوڏهين صدي عيسوي ۾، هڪ دغابازي جي
سمجهوتي ذريعي ٻنهي خاندانن کي جلسي گاهه
(ڪوليزيَم) جي کاڻ مان(60) مفت پٿر ڪڍڻ ۽ اُنهن کي
پنهنجي استعمال ڪرڻ جي اجازت ملي وئي، ۽ پوگيَس
افسوس جو اظهار ٿو ڪري ته پٿرن جي وڏن انبارن کي
روم وارن جي بي وقوفي سبب ساڙيو ٿي ويو ته جيئن
اُنهن مان چونو ٺاهي سگهجي. پٿرن جي هن ناجائز
استعمال کي ٻُنجو ڏيڻ لاءِ ته متان رات جي انڌاري
۾ پٿرن جي چوريءَ جو ڪاروبار هلندو رهي، يوجينيَس
چوٿين(*)، اُنهن جي چؤگرد هڪ وڏي ديوار ٺهرائي ڇڏي
۽ هڪ قانون ذريعي جيڪو اڃا تائين موجود آهي، عمارت
جو هيٺيون حصو نه پر پوري عمارت پاڙي واري
خانقاهه(62) جي ويراڳين جي حوالي ڪري ڇڏي. سندس
موت کان پوءِ ماڻهن گوڙ ڪري ديوار کي ڊاهي ڇڏيو، ۽
جيڪڏهن اُهي پنهنجن وڏڙن جي عظيم يادگارن ۽ منارن
جو قدر ڪن ها ته اُهي پنهنجي عزم کي به سچو ثابت
ڪن ها ته اهڙيون قومي شيون خانگي ملڪيت جي حوالي
هرگز نه ڪبيون آهن. اندرئين حصي کي نقصان پهتو هو
پر سورهين صدي جي وچ ڌاران، علم ۽ ڪجھ پرائڻ جو هڪ
سٺو دؤر آيو ۽ ديوار جي ٻاهرئين حصي جو هڪ هزار،
ڇهه سؤ ۽ ٻارنهن فوٽن جيترو ٽڪرو اڃا ثابت هو ۽
اُهو ڊهڻ کان بلڪل بچي ويو هيو، ان ۾ چار ويهون
(يعني اسي) محراب ٺاهيا ويا جن جي اوچائي هڪ سؤ اٺ
فوٽ رکي وئي. جيڪا ٻي تباهي ٿي هئي، پال ٽئين(†)
جا ڀائٽيا مجرم نڪتا ۽ هر سياح جنهن فارنيس جي محل
ڏي نگاهه ٿي وڌي ته اُنهن اهڙن بيهودن بادشاهن(63)
جي عياشي ۽ بي حرمتي وارين روَين تي ڦِٽ لعنت ٿي
وڌي. ساڳي ملامت ۾ باربيريني پڻ شامل هيا ۽ ٻين کي
تڪليفن پهچائڻ جي روَين کان ماڻهو گهڻو خوف زده
هيا. بهرحال جلدئي نمائش گاهه کي مذهب جي پناهه ۾
ڏنو ويو ۽ هن خير جي ڪم ۾ وڏو نيڪ نام پادري
بينيڊڪٽ- چوڏهون(‡) شامل هيو جنهن هن هنڌ کي مقدس
بنائي ڇڏيو جنهن کي اذيتن ۽ ڪجھ من گهڙت افسانن اڳ
۾ عيسائي شهيدن جي رت سان داغدار بنائي ڇڏيو
هو(64).
جڏهن پيٽرارچ يادگار منارن کي ڏٺو ته سندس اکيون
اهو نظارو ڏسي ٿڌيون ٿيون ڇو ته کيس حيرانگي ٿي ته
جيڪي ڀڳل ٽٽل ٽڪرا هيا اُنهن کي به جوڙي خوبصورت
بڻايو ويو هيو، ساڳي وقت کيس رومين جي سُستي(65) ۽
ڪاهليءَ تي افسوس واري حيرت ٿي(66)، ۽ خوشي ٿيڻ جي
بجاءِ ويتر کيس شرمساريءَ جو منهن تڏهن ڏسڻو پيو
جڏهن کيس اها خبر پئي ته، سواءِ سندس دوست رينزي ۽
ڪولونا خاندان جي هڪ ٻي شخص جي، روم جي هڪ ڌارئي
شخص کي به، هتان جي قدامت وارين جاين جڳهن جي، شهر
جي اميرن ۽ مقامي ماڻهن جي مقابلي ۾ گهڻي ڄاڻ
هئي(67). روم وارن جي اڻ ڄاڻائي ۽ سندن سادگي کي،
شهر بابت ڪرايل هڪ جائزي ۾ تفصيل سان بيان ڪيو ويو
آهي، جنهن کي تيرهين صدي عيسوي جي شروعات ۾ شايع
ڪيو ويو هيو ۽ ان ۾ نالن ۽ جڳهن جون ڪيتريون ئي
غلطيون آهن جن کي درست نه ڪيو ويو آهي، ٻيو ته
ڪئپيٽول(68) جو ذڪر جنهن انداز سان ڪيو ويو آهي،
اُهو هر پڙهندڙ کي نفرت ۽ ڪاوڙ مان مُرڪڻ تي ضرور
مجبور ڪندو. ’ڪئپيٽول‘ هڪ نامعلوم ليکڪ چوي ٿو،
’تي اهو نالو دنيا جي وڏي هئڻ جي حيثيت سان رکيو
ويو آهي جتي سفير ۽ سينيٽر، شهر توڙي دنيا جي
حڪومت خاطر، هتي رهندا هيا. هن جون مضبوط ۽ اوچيون
ديوارون شيشن ۽ سون سان ڍڪيل هونديون هيون جن کي
نقاشي ۽ دنيا جي مهانگي چِٽسالي واري ڇِت جو تاج
پارايو ويو هو. قلعي جي هيٺان محلات هيو جنهن جو
گهڻو حصو سون سان سينگاريل هيو ۽ جنهن کي قيمتي
پٿرن سان سجايو ويو هيو جن جي قيمت سڄي دنيا جي
ٽئين حصي جيتري وڃي بيهندي. سڀني صوبن جي مجسمن کي
هڪ خاص طريقي سان بيهاريو ويوهو، هر مجسمي جي
ڳچيءَ ۾ هڪ گهنڊڻي ٻڌي لڙڪائي ويئي هئي، ۽ فَن يا
جادو(69) جو ڪمال اهو هو جو جيڪڏهن ڪو صوبو، روم
جي خلاف اوچتي بغاوت ڪندو هو، ته مجسمو خود بخود
ان صوبي طرف پنهنجو مُنهن ڦيرائيندو هو، گهِنڊڻي
زور سان وڄڻ شروع ڪندي هئي، ۽ ڪئپيٽول جو پيغمبر
ان باغي ماڻهو جي سڃاڻپ ڪري وٺندو هو ۽ سينيٽ کي
هن خطري جي گهنٽيءَ کان هڪدم آگاهه ڪيو ويندو هو‘.
هڪ ٻيو مثال جنهن جي گهٽ اهميت پر اوترو ئي بيهودو
۽ فضول آهي جنهن ۾ ٻن ماربل جي ٺهيل گهوڙن بابت
ٻڌايو ويو آهي ته انهن کي ٻه اگهاڙا نوجوان
هلائيندا آهن جن کي هاڻي ڪانسٽئنٽائن جي غسل خانن
مان منتقل ڪري قُئرِنل ٽڪرين تي آندو ويو آهي.
فِدياس ۽ پرئڪسيٽلز جهڙن مصورن جي نالن جي غلط
استعمال کي کڻي معاف ڪري سگهجي ٿو پر يونان جي هنن
مصورن ۽ نقاشن جي نالن کي، چئن سؤ سالن کان به
اڳتي يعني پيريڪلس کان ٽائبيريَس جي دؤر تائين به
هٽايو نه وڃي ها ۽ اُنهن کي فيلسوفن يا جادوگرن جي
روپ ۾ پيش نه ڪيو وڃي ها، جن جي اُگهاڙپ سندن
سچائي ۽ ڄاڻ جي علامت هئي، ۽ جيڪي شهنشاهه سان ڪن
ڳجهين ڳالهين جو به انڪشاف ڪندا هيا ۽ هر دنياوي
معاوضي وٺڻ کان انڪار ڪرڻ کان پوءِ، کين اهو اعزاز
نصيب ٿيو جو هو پنهنجي زندگي جي مُناري کي به خير
باد ڪري هن دنيا مان هليا ويا(70). اهڙيءَ طرح فقط
جادو جي طاقت ۾ يقين رکڻ وارا رومي فـَن ۽ حسن جي
طاقت کان بنهه بي خبر هيا؛ پوگيس پنجن مجسمن کي
پاڻ ڏٺو هو باقي بيشمار جيڪي تباهه ڪارين سبب زمين
۾ دفن ٿيل هيا، اُنهن کي ڪوبه نه ڏسي سگهيو هو ۽
ٻيهر جياري اُٿارڻ جي عمل ۾ اڃا شايد دير هئي ۽
عين ممڪن هو ته ان عمل کي سُک سلامتي ۽ روشنيءَ جي
دؤر اچڻ تائين ملتوي ڪيو وڃي(71). نيل ندي، جيڪا
هاڻي وئٽيڪن کي سرسبز رکي ٿي، کي ڪجھ مزدورن
اونهائيءَ ۾ وڃي ڏٺو هو جتي کين انگورن جو باغ
مليو هو جيڪو مندر يا خانقاهه جي ويجهو هيو پر بي
صبر مالڪ، جنهن کي تجسُس وارين ملاقاتن ڪجھ تڪليف
پهچائي هئي، ماربل کي غير فائدي مند سمجهي ان کي
ان جي اصل قبر ۾ ٻيهر واپس ڪري ڇڏيو(72). پامپي جي
مجسمي جي دريافت، جيڪو ڏهه فوٽ ڊگهو هو، هڪ قانوني
مسئلو ٿي ويو هو. ان کي ٻن ديوارن جي وچ تي لڌو
ويو هيو، جج انصاف ڪندي فيصلو ڏنو ته سِرَ کي جسم
کان جدا ڪيو وڃي، ته جيئن پاڙي وارن مالڪن جي
دعوائن کي مطمئن ڪري سگهجي، ۽ جج صاحب جي فيصلي تي
هڪدم عمل به ٿي وڃي ها جيڪڏهن مان وارو پادري وچ ۾
مداخلت نه ڪري ها ۽ پنهنجي شفقت ۽ مهربانيءَ سان
رومي سورمي جو سِرُ، پنهنجي ملڪي ماڻهن جي بي
وقوفيءَ جي فيصلي ۽ بربريت جي ڪاروائيءَ کان نه
بچائي ها(73).
پر شڪر ٿيو جو بربريت جا ڪارا ڪڪر نيٺ هٽڻ لڳا ۽
مارٽن- پنجين(*) ۽ سندس جانشين امن ۽ سڪون جي
ماحول کي موٽائي آندو، شهر توڙي هڪ ڪليسائي ملڪ ۾
ٻيهر رونقون بحال ٿيڻ لڳيون. پندرهين صدي عيسوي
کان، روم ۾ بهتري جي صورتحال ان ڪري نه آئي هئي ته
اها روم جي آزادي جو نتيجو هئي. ڪنهن به وڏي شهر
جو فطري بنياد محنت آهي، ان کان پوءِ پاڙيسري ملڪن
جي آبادي به ترقي جو ذريعو هوندي آهي ڇو ته ان
آباديءَ مان پيٽ گذران، شين ٺاهڻ ۽ پرڏيهي واپار
جا لڳ لاڳاپا به ترقي ڪرڻ جا ذريعا هوندا آهن. پر
روم جو گهڻو حصو ويران ۽ بيابان آهي، بادشاهن جا
ننڍا ملڪ جيڪي هر طرف ڦهلجي ويا آهن، اُنهن جي
زمينن کي سُست هٿ يا وري ڪرايي دار هاري کيڙيندا
آهن ۽ اهڙي ناڪام محنت سان جيڪي ٿورڙا فصل اپائجن
ٿا ته انهن جي پيداوار يا ته ٻاهر برآمد ٿئي ٿي يا
وري هڪ هٽي جي نذر ٿي وڃي ٿي. هڪ ٻيو مصنوعي سبب
جيڪو شهر جي واڌ جو ڪارڻ آهي اُهو بادشاهه جو ان
شهر ۾ محل آهي؛ عياشي واري گهر جو هيڏو سارو خرچ ۽
ملڪ تي ڀاڙيندڙ صوبن جا ٽئڪس آهن، جن جو به ڪو
جوڳو بندوبست ڪرڻو هوندو آهي. اهي صوبا يا انهن
مان اُڳڙندڙ ٽئڪس به شهنشاهت جي خاتمي سان گڏ ختم
ٿي ويا؛ ۽ جيڪڏهن پيرو جي چاندي ۽ برازيل جو سون،
وئٽيڪن جي ڪشش جو باعث بڻيو آهي ته پادرين جو
ناڻو، آفيسن جا خرچ، زيارتين ۽ ٻين ماڻهن جون خير
خيراتون ۽ ٻيا ڪليسائي خرچ اخراجات پورا ڪرڻ لاءِ
جيڪا غير يقيني آمدني ٿئي ٿي ته ان منجهان محلات
جي خرچن جو پورائو ڪرڻ يا شهر جي خوشحالي کي يقيني
بنائڻ مشڪل ڪم آهي. روم جي آدمشماري جيڪا يورپ جي
ٻين گاديءَ جي هنڌن جي مقابلي ۾ گهڻي گهٽ آهي، سا
هڪ لک ستر هزار ماڻهن تي مشتمل آهي(74)، ۽ جيڪو
وڏو حصو ديوارن جي اندر آهي ۽ ٻيو وڏو حصو جيڪو
ستن ٽڪرين تي پکڙيل آهي، اُتي انگورن جا باغ آهن
باقي رهيل ٽڪرا اڃا تائين تباهيءَ جو نقشو پيش ڪري
رهيا آهن. موجوده جديد شهر جي خوبصورتي توڙي شان
شوڪت کي هڪ طرف حڪومت طرفان ناجائز فائدن وٺڻ ته
ٻي طرف وهمن وسوسن جي اثر سان منسوب ڪيو ويو آهي.
هر دؤر (سڀني سان لاڳو ناهي) ۾ ملڪ ۾ ڪو نئون يا
نوان خاندان داخل ٿي تيزيءَ مان وڌندا رهيا آهن جن
۾ وري بغير ٻارن جي پادري به هوندا آهن ۽ ظاهر آهي
ته انهن سڀني جي خرچن جو بار ڪليسا ۽ ملڪ مٿان
هوندو آهي. ڀاڳ وارن ڀائٽين جا محلات، شان، شوڪت ۽
خدمتن جي سلسلي ۾ روم جي عاليشان منارن ۾ شامل آهن
جن تي عمارت سازي جي فن، پينٽنگ، ۽ چٽسالي جو ڪمال
ڏسڻ جهڙو آهي ۽ اُنهن جون گئلريون ۽ باغ باغيچا
قدامت جي نفيس ۽ نازڪ ڪمن سان سينگاريل آهن جن مان
ٺاهيندڙن ۽ ٺهرائيندڙن جي نفيس ذوق شوق جي چڱيءَ
طرح خبر پوي ٿي. اُهو ناڻو جيڪو ڪليسائن ذريعي جمع
ٿي ٿيو اُنهيءَ لاءِ پادرين کي اختيار ڏنا ويا هيا
ته اُن جو خرچ به ڪليسائي عبادتن تي ڪيو وڃي، پر
اهو ڪم عجيب ۽ ڏکيو هوندو هو ته اهڙين عبادت گاهن،
قربان گاهن، ننڍين گرجائن، ۽ ڪليسائن جي تعداد ۽
معيار جو اندازو ڪيئن لڳائجي ڇاڪاڻ ته ننڍا ننڍا
تارا، وئٽيڪن جي سچ جي روشنيءَ ۾ نظر به نه ايندا
هيا جيئن سينٽ پيٽر جو گنبذ، جيڪو مذهبي تاريخ جي
هڪ عظيم الشان اَڏاوت جونادر نمونو آهي. جوليَس-
ٻي، ليئو- ڏهين، ۽ سِڪٽَس- پنجين جي شهرت سان گڏ
رئفيل جي برئمينٽ ۽ فونٽانا ۽ مائيڪل- ائنجيلو جي
نيڪ نامي به گڏيل رهي آهي، ۽ ساڳي سخا ۽ فياضي
جيڪا محلاتن ۽ مندرن جي تعمير ۾ ڏيکاري وئي هئي،
اوتري ئي جوش جذبي سان ان کي زندهه ڪيو ويو هو ته
جيئن قدامت وارن ڪمن کي ساڳئي شان شوڪت سان قائم
رکي سگهجي. وڏين نمايان جڳهن، چؤراهن ۽ چؤسولن تي
ماڻهن جي آرام آسائش لاءِ چؤڪُنڊا دِڪا يا ٿلها
ٺهرايا ويا هيا؛ قيصر ۽ سفيرن جي دؤر جي يارهن وڏن
پاڻيءَ جي تلائن منجهان ٽِن جي مرمت ڪري ساڳي حالت
۾ آندو ويو هو، مصنوعي ندين کي نوَن ۽ پراڻن
محرابن منجهان گذاريو ويو هيو ته جيئن صحت مند ۽
تازو پاڻي ماربل جي ٺهيل حوضن ۾، ماڻهن جي استعمال
لاءِ جمع ٿي سگهي، ۽ تماشبين، جيڪي سينٽ پيٽر جي
ڪليسا جي ڏاڪڻين تي چڙهڻ لاءِ بيتاب ۽ بيچين هوندا
هيا، مصر جي گرئنائيٽ جهڙي ناياب پٿر جي ٺهيل ٿنڀن
وٽ اچي رڪجي ويندا هيا ڇاڪاڻ ته اُهي ٿنڀَ ٻن اوچن
۽ دائمي ڦوهارن جي وچ تي بيٺل آهن جن جي اوچائي هڪ
سؤ ويهه فوٽ آهي: هي نقشو- هيءَ صورتحال، قديم روم
جا نشان ۽ عظمت جا منارا، قدامت پرستي جي هڪ
شاگرد(75) وڏي محنت سان بيان ڪيا آهن ۽ هر هڪ شئي
جي وضاحت پڻ پيش ڪئي وئي آهي، ۽ سورمن جي قدمن جا
نشان ۽ تبرڪ، جن جو تعلق وهمن وسوسن سان نه، پر
سڌو سنئون شهنشاهت سان آهي، اُنهن کي زيارتين جي
هڪ نئين نسل عقيدت ۽ احترام مان وڃي ڏٺو آهي- هي
اُهي ساڳيا ماڻهو آهن، جن کي اتر جي ملڪن جي وحشين
۽ جهنگلين طور سڃاتو ويندو هو.
هنن زيارتين ۽ سڄي صورتحال کي سامهون رکندي،
پڙهندڙ ’روم جي شهنشاهت جي زوال ۽ خاتمي‘ جي تاريخ
بابت ضرور جذباتي ٿي ويندو ڇو ته هي هڪ اهڙو
دلفريب ۽ ڊيڄاريندڙ منظرنامو آهي جنهن جو مثال
انسان ذات جي تاريخ ۾ نٿو ملي. مختلف سبب ۽ واقعن
۽ وارداتن جا اثر هڪ ٻئي سان گهرو تعلق رکن ٿا
جيڪي انساني تاريخ جا دلچسپ داستان آهن؛ سيزرس جي
چالاڪي واري پاليسي، جن وڏي عرصي تائين روم جي
آزاد جمهوريه جي نالي ۽ ناموس کي روشن رکيو، فوجي
آمريت جي بدحالي، عيسائيت جو اُڀرڻ، مستحڪم ٿيڻ ۽
انهن جا فرقا، قسطنطنيہ جو بنياد پوڻ، بادشاهتن جي
ورهاست، جرمني ۽ سيٿيا جي بربرن جا حملا ۽ اُنهن
جي بحالي، شهري قانون جا ادارا، ﷴﷺ جن جو ڪردار ۽
سندن مذهب، پادرين جي دنيا داري واري خودمختياري،
چارليمئگني جي اولهه جي شهنشاهت جي بحالي ۽ ٻيهر
ان جو زوال، اوڀر ۾ لاطينين طرفان صليبي جنگيون،
اتر اولهه جي مسلمانن ۽ ترڪن جون جنگي سوڀون،
يونان جي شهنشاهت جي تباهي، ۽ وچين دؤر ۾ روم جي
حالت ۽ اُنهيءَ جي انقلابن جا ذڪر اذڪار هن تاريخ
۾ تفصيل سان بيان ڪيا ويا آهن. هڪ تاريخدان شايد
پنهنجو موضوع هن ڪتاب ۾ ڳولي وٺندو ۽ ان تي خوش ٿي
داد ڏيندو، پر، جڏهن هو پنهنجين ڪَمُين ۽ ڪوتاهين
کان واقف ٿيندو ته پوءِ شايد مواد جي ڪميءَ جي
شڪايت ڪندو ته هي يا هُو موضوع اڃا اڻپورو رهجي
ويو آهي.
آءٌ هِتي ڪئپيٽول جي تباهه ڪارين ۾ ئي هُيس جو مون
کي ’زوال ۽ خاتمي‘ جي تاريخ لکڻ جو خيال آيو جنهن
مون کي لڳ ڀڳ ويهن سالن جي ڄمار تائين وِندرايو به
آهي ته قابو به ڪري رکيو آهي، ۽ هي ڪم، توڙي جو
منهنجي نظر ۾، پوريءَ طرح منهنجي خواهش مطابق
ناهي، تڏهن به جيئن ۽ جهڙو آهي، آءٌ ان کي ماڻهن
جي اڳيان پيش ڪري رهيو آهيان.
لاسين، 27 جون، 1787ع. (مصنف)
حيدرآباد، 12 آگسٽ، 2011ع (سنڌيڪار)
باب ايڪهتريون
(حاشين بابت وضاحتون)
(1)
مون اڳي ئي (باب- 65 جا حاشيا) پوگيَس جي عمر
(1459-1380ع) سندس ڪردار ۽ سندس تحريرن بابت
معلومات ڏني آهي ۽ خاص طرح مقدر جي لاهن چاڙهن
بابت سندس شاندار ليڪچر بابت پنهنجا تاثرات پيش
ڪيا آهن.
(2)
هي حاشيو يوناني يا لاطيني ٻولي ۾ ڏنل آهي جنهن جو
انگريزي ترجمو گبن طرفان ڏنل ناهي، تنهن ڪري ان جو
سنڌي ترجمو به نٿو ڏئي سگهجي. (سنڌيڪار)
(3)
هي قديم تصوير جنهن کي وڏي هوشياريءَ سان پيش ۽
فنڪاريءَ سان مڪمل ڪيو ويو آهي، يقيني طور تي روم
جي رهواسين لاءِ وڏي دلچسپيءَ جو باعث هوندي، ۽
اسانجن اڳوڻين روايتن موجب اسان کي رومين جي
طرفداري ۽ ساڻن همدردي ڪرڻ گهرجي.
(4)
پوگيَس (مقدر جا لاها چاڙها، ص- 21).
(5)
ڏسو پوگيَس (صفحا
8-22)
(*) (سڪندر سيورَس)
(†) سيپٽيميَس سيورَس)
(‡) (مارڪَس آريليَس)
(*)
پنجين ۽ چوٿين- ق.م جا رومي مصور ۽ نقاش)
(6)
هي مضمون، مختصر پر لاڳاپيل حاشين سميت مانٽفاڪن
ڇپرايو آهي (اٽلي جي ڊائري- صفحا
283-301)
جيڪو پنهنجو تنقيدي جائزو به پيش ٿو ڪري. ’تيرهين
صدي عيسوي جو هڪ ليکڪ، جنهن کي تاريخ نويسيءَ جو
ڪو علم ڪونهي، جيئن اُنهن وقتن ۾ اڪثر ٿيندو هو، ۽
جنهن جو سڄو ڪم حماقتن ۽ نادانين سان ڀريل آهي، پر
جيئن ته هن روم جي باقي بچيل يادگارن ۽ منارن بابت
پورو احوال پيش ڪيو آهي ته اُهو جيڪو روم جي قديمي
عمارتن ۽ تاريخي جڳهين جي جستجو ڪندو ته سندس ڪم
مان، پوءِ به ماڻهو ڪجھ نه ڪجھ رهبري ضرور حاصل
ڪندا‘. (ص- 283).
(7)
پيري مئبيلان (اناليڪٽا-
iv,502)
ix
صدي جي هڪ نامعلوم زيارتي بابت لکيو آهي ته هو
جڏهن روم جون ڪليسائون ۽ ٻيون مقدس جايون گهمڻ ويو
ته هن ڪيتريون ئي عمارتون، ورانڊا ۽ ڇپراٺا وڃي
ڏٺا جيڪي تيرهين صديءَ ۾ ڊهي ۽ ڀڄي ڀُري غائب ٿي
ويا هيا.
(*) (صديون).
(†)
(محلات).
(8)
محلات بابت ڏسو پيٽرارچ جو ڪتاب ’يادگيريون‘
(i,325)
ڊونئٽَس (ص- 338) ۽ نارڊيني (صفحا 117،414).
(9)
مصري اهرامن
(PYRAMIDS)
جي عمر تمام پراڻي پر صحيح طرح تي معلوم ناهي ڇو
ته ڊايوڊورَس سڪيولَس
(i,I,44,72)
اهو فيصلو نٿو ڪري سگهي ته اُنهن جي تعمير 1000 يا
3400 سال اولمپئڊ کان
CLXXXth
اڳ ٿي هئي. سر جان مارشمئن مصر جي قديم خاندانن جو
مثال پيش ٿو ڪري جنهن موجب مصري اهرامن جي عمر
2000 سال ق.م ٿئي ٿي. (ڪرانيڪَس ص- 47).
(10)
گلاڪَس جي تقرير جو جائزو وٺو جيڪا اِلئڊ ۾ ڏنل
آهي
(vi,146)
هي فطري پر غمگين چهرو هومر جو ڄاتل سڃاتل هيو.
(‡)
هڪ زلزلي ۾ ليما 1746 ۽ لسبن، 1755 ۾ تباهه ٿيا
هيا.
(11)
ايم- ڊيس وِگنولس جو علم ۽ سندس تنقيد (تنقيدي
تاريخ-
(viii,74,118,ix,172-187)
موجب روم جي باهه 19 جولاءِ 64ع تي لڳي هئي ۽ بعد
۾ عيسائين جون اذيتون ساڳئي سال 15 نومبر تي شروع
ٿيون هيون.
(12)
پراڻا تبرڪ جيڪي اڳي ئي ضايع ٿي چڪا هيا، ٽئسيٽَس
سرويَس ٽوليَس جي چَنڊَ کي اُنهن ۾ ڳڻائي ٿو، مندر
۽ قربان گاهه جن کي اوئنڊر پاڪ ڪري ڇڏيو هو، جن ۾
جوپيٽر جو مندر، رومُولَس جو عزم، نوما جو محلات،
ويسٽا جو مندر جن ۾ روم جي ڪيترن ئي ديوتائن جا
مجسما به شامل هيا. ان کان پوءِ هو، فتحن ۾ جمع
ڪيل دولت تي افسوس جو اظهار ڪري ٿو ٻيو جيڪي يونان
جا فنپارا هنن جمع ڪيا هيا اُنهن تي به هو افسوس
ڪري ٿو. (تاريخوار واقعا-
xv,4041).
(13)
اوروسيَس (تاريخ-
iv,ii,244،
جنهن کي هئوَرڪئمپ ايڊٽ ڪيو) تنهن هوندي به اسان
محسوس ٿا ڪريون ته عيسائين پنهنجي بچاءَ ۾ اهڙيون
ڳالهيون ويهي گهڙيون آهن ته جيئن لامذهبن طرفان
پهچايل تڪليفن کي وڌائي پيش ڪجي.
(14)
جيڪڏهن نُوما جي محل ۽ ويسٽا جي مندر کي هورئس جي
وقت ۾ اُڇلايو وڃي ها ته جيڪو نيرو جي باهه ۾
عمارتن جو نقصان ٿيو هو ته پوءِ وڌيڪ ڪجھ ٻي لقب
ڏيڻ جي ضرورت ئي نه پوي ها.
(15)
سوٽونيَس- آگسٽو ۾ (باب- 30).
(16)
ٽئيسٽَس (واقعا-
i,79)
ٻڌائي ٿو ته اٽلي جي مختلف شهرن جون اپيلون، جيڪي
هن جي باري ۾ سينيٽرن کي ڪيون ويون هيون، اُنهن ۾
دليل ڏنل هيا جن کي اسان جائز ٿا سمجهون ۽ اُنهن
جي تعريف ڪريون ٿا. اهڙي ئي هڪ موقعي تي مقامي
دلچسپين کي به ضرور ذهن ۾ رکيو ويندو پر انگريزن
جو هيٺيون ايوان، وهمن وسوسن بابت سڀني دليلن کي
نفرت مان رد ڪري ڇڏيندو ته: ’فطرت، ندين جي فطري
وهڪرن جو اڳ ۾ ئي تعين ڪري ڇڏيو آهي‘.
(17)
ڏسو فطري قانونَ، جيڪي تقرير جي ماهر ۽ فيلسوف
بَفن ڏسيا آهن. هن گيانا، جيڪو ڏکڻ آمريڪا جو ملڪ
آهي، جي تصوير پيش ڪئي آهي جيڪا هن موجب وحشين جي
زمين آهي جتي پاڻي کي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇڏيو ويندو
آهي جيڪو انسان پنهنجي استعمال ۾ نه آڻي سگهندا
آهن. (صفحا-
212,561-
ڪوارٽو- ايڊيشن).
(18)
اٽلي ۾ سير سفر ڪندي مسٽر ايڊيسن (سندس ڪتاب (ii,98-
بئڪرول ايڊيشن) هن هڪ اهڙي حقيقت کي واضح طور بيان
ڪيو آهي جنهن ۾ ڪو به شڪ ڪونهي.
(19)
تنهن هوندي به موجوده دؤر ۾ ٽائيبر ندي ڪڏهن ڪڏهن
شهر کي نقصان پهچائيندي رهي آهي ۽ خاص طرح هنن
سالن:
1530,1557,1598ع
۾، مراتوري پنهنجن لکيل واقعن ۾ نديءَ جي ٽن شرارت
وارين ٻوڏن جو ذڪر ٿو ڪري.
(xiv,268,429,xv,99).
(20)
هن موقعي تي آءٌ اها ڳالهه کولي ٿو ٻڌايان ته
ٻارهن سالن گذرڻ کان پوءِ مون کي اوڊن جو ازوف کان
سئيڊن ڀڄي وڃڻ يا وسري ويو آهي يا مون ان واقعي کي
ياد ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنو هو، ڇو ته مون کي ان تي اعتبار
ئي نه ايندو هو. (باب- 10) گاٿ، اصل ۾ جرمن آهن پر
سيزر ۽ ٽئسٽَس کان پوءِ مڙئي اوندهه آهي يا وري
جرمني جي اڃا به ڪا قديم ڪهاڻي آهي.
(21)
(باب- 31)
(22)
(باب- 36)
(23)
(باب- 39)
(24)
(باب- 43)
(25)
(باب- 28)
(26)
’ان وقت هن (پادري) شهنشاهه فوڪَس کان مندر پئنٿين
پنهنجي لاءِ ورتو هو جنهن کي هن سينٽ مئري ڪنواري
جي ڪليسا ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو ۽ سڀئي شهيد به ان ۾
شامل هيا، ڪليسا ۾ هن گهڻيون قربانيون به ڪيون
هيون. هڪ نامعلوم ليکڪ موجب، جنهن جو مانٽفاڪن
حوالو ڏنو آهي، پئنٿين، ائگريپا طرفان سائبيل ۽
نيپچون کي ارپيو ويو هيو ۽ ان کي ٻيهر فونيفيس-
iv
نومبر 609ع ۾ ڪنواري مريم کي ارپي ڇڏيو هو. (صفحا-
297،298).
(27)
فلئمنَس وَڪا (مانٽفاڪن- صفحا
155,155)
جون يادگيريون ڇپيل آهن (ص- 21) ڪيترائي روم جا
عالم ماڻهو ان ڳالهه تي يقين ڪري ويا هيا ته گاٿن
پنهنجو خزانو روم ۾ پوريو هو ۽ اُنهن تي ڳجها نشان
هڻي پنهنجن پٽن پوٽن کي وصيت ڪئي هيائون ته اُهي
خزانو ڳولي ڪڍن. هو ڪجھ وڌيڪ ڳالهيون ٻڌائي ٿو ته
سندس ئي وقت ۾ اُها جڳهه زيارتين وڃي ڏٺي هئي جيڪي
اُنهن گاٿن جا عزيز هيا ۽ اهو عين ممڪن هو ته هو
ان خزاني کي ڳولڻ ۾ ڪامياب ويا هجن.
(*) (ڪانسٽنس-
II
شهنشاهه
641-668ع).
(28)
هڪ ذليل ۽ بي حرمتي ڪندڙ يوناني کي ڪو به بهانو
ڪونه هو ته ملحدن جي مندر کي وڃي تاراج ڪري،
پئنٿين ته اڳيئي ڪئٿولڪ ڪليسا هئي.
(29)
روينا جي لُٽ ڦر لاءِ (موزائڪ ۽ ماربل) ڏسو انهي
وظيفي کي جيڪو پادري هئڊرئن-
I،
چارليمئگني کي ڏنو هو. (تحريرون-
xvii|
مراتوري ۾- اٽلي متن-
iii,ii,223).
(30)
آءٌ سئڪسن شاعر جي مستند شاهدي پيش ڪندس (887-899ع)
(مئگني
V,437-440)
فرانس جي تاريخ:
’روم جا ماربل جا ٿنڀا، ۽ خوبصورت روينا جيڪا قديم
زماني کان سينگاريل هئي، ۽ پري پري جا يادگار
منارا، فرانس تنهنجي محل تي پهچائيندو‘. ۽ آءٌ
هاڻي سگبرٽ جي تحرير مان هڪ ڳالهه ٻڌائيندس: ’هن
هڪ شاندار محل ائڪس لا چئپل‘ ٺاهيو هو، جنهن جي
تعمير لاءِ وٽس ماربل جا ٿنڀا هيا جن کي روم ۽
روينا مان کڻائي هتي پهچايو ويو هيو.
(†)
(آنجو جو رابرٽ، نئپلس جو بادشاهه
1309-1343ع)
(‡)
(اٽلي جو شاعر،
309-1374ع).
(31)
آءٌ پيٽرارچ جي هڪ ڊگهي فقري جي ترجمي ڪرڻ کان
انڪار نٿو ڪري سگهان. (صفحا- 536،537). ’نه شرم،
نه وري ڪا نيڪي، هنن رذيلن کي مندرن لٽڻ، قلعن تي
قبضو ڪرڻ ۽ لٽيل خزانن کي پاڻ ۾ ورهائڻ کان روڪي
سگهي آهي. اهي ئي روم شهر جا ضلعا آهن جيڪي
مئجسٽريٽن لاءِ عزت جو باعث رهيا آهن. هي وڳوڙي ۽
فسادي ماڻهو، جيڪي زندگي سان لاڳاپيل هر شيءَ تي
اختلاف ڪن ٿا، پر حيرت آهي ته پنهنجي درندگي ۽
وحشياڻن ڪمن ۾ ڪيئن نه هڪ ٻئي سان اختلاف وساري هڪ
ٿي وڃن ٿا ته پُلين تي بيهي ماڻهن کان ڦُر لُٽ ڪن
ٿا، ديوارون ڊاهن ٿا ۽ قيمتي پٿر کڻي وڃن ٿا.
نتيجو اهو ٿو نڪري جو محلات اُکڙي ڊهي پون ٿا،
(زور سان يا ائين فطري طريقي سان) جن ۾ عظيم ماڻهو
ويهي حڪومت هلائيندا هيا، يا فتح جا محراب (جن مان
ڪيترا اڃا تعمير مَس ٿيا هيا) اُنهن کي به تباهه
ڪن ٿا، افسوس جو هنن ماڻهن کي ڪو احساس ڪونهي ۽
پنهنجي ڪمينگي جي ڪمن ۾ رُڌل رهن ٿا ته عظيم قدامت
جي منارن ۽ شاهڪارن کي تباهه ڪن ٿا ۽ پنهنجي ذلت
تي پشيمان به نٿا ٿين. افسوس جو اڄ، نئپلس، جيڪو
ماربل جي ٿنڀن ۽ ديوارن سان سينگاريل هوندو هو، ۽
جنهن جي چانئُٺ ۾ اندر داخل ٿيڻ کان پوءِ شاندار
مندر نظر ايندا هيا، اڄ اُتي هر طرف ويراني ۽
خاموشي آهي ۽ اهو منظر بيحد ڏکوئيندڙ، مجرماڻو ۽
شرمندگي وارو آهي… (ٿورو عرصو اڳ ۾ به هتي زيارتي
پنهنجي عقيدت جو نذرانو پيش ڪرڻ ايندا هيا)… ۽ هي
جيڪي قبرن جي مٿان يادگار ڪتبا ڏسو ٿا، انهن جي
هيٺان اوهان جا عظيم ابا ڏاڏا سُتل آهن… بس آءٌ
جذبات ۾ وڌيڪ ٻيو ڪجھ نٿو چئي سگهان. (۽ هاڻي حشر
اهڙو ٿيو آهي جو هي تباهين جا ڏکوئيندڙ آثار به
آهستي آهستي غائب ٿيندا ٿا وڃن) تنهن هوندي به
بادشاهه رابرٽ، پيٽرارچ جو دوست هيو.
(32)
تڏهن به چارليمئگني ’ائڪس لاچئپل‘ تي غسل ڪيو ۽
تريو جنهن ۾ سندس ڪجھ درٻاري به ساڻس گڏ هيا.
(اينگهارٽ
22,108,109)
۽ مراتوري بيان ٿو ڪري ته سبال 814ع ۾ پڻ عام
ماڻهن جي استعمال لاءِ غسل خانا اٽلي ۾ اسپوليٽو
جي شهر ۾ ٺهرايا ويا هيا.
(33)
ڏسو اٽلي جا واقعا- 988ع). هنن لاءِ ۽ جيڪو اڳيون
واقعو هاڻي بيان ڪيو ويو، مراتوري خود پيري مئبلن
جي بينيڊڪٽائين تاريخ جو احسان مند آهي.
(*) پادري (1585-1590ع).
(34)
گريگوريوليٽي-
(iii,50).
(35)
ڪنڪارڊ جو مندر ڪنهن بلوي يا بغاوت ۾ تيرهين صدي ۾
تباهه نه ٿيو هو جيئن مون هڪ مسودي جي مضمون ۾
پڙهيو آهي. اهڙيءَ طرح پوگيَس تصديق ٿو ڪري ته
ڪئسيليا ميٽيلا جو مقبرو ان ڪري ساڙيو ويو هو ته
ان مان چونو ٺاهيو وڃي. (صفحا-
19,20).
(36)
هي سٽون اينيَس سلوِيَس لکيون آهن، ان کان پوءِ
پوپ پيَس-
II
انهن تي ڪم ڪيو ۽ مئبلن انهن کي ڇپرايو، هي مواد
سئيڊن جي راڻيءَ کان هٿ ڪيو ويو. (اٽلي جو ميوزيم
(i,97)
’اي روم! مون کي تنهنجي تباهي جي منظرن کي ڏسي به
خوشي ان ڪري ٿي ٿئي ته تنهنجي برباديءَ ۾ به
تنهنجي عظمت جا آثار ڪيڏا نه نمايان آهن. پر هاڻي
ماڻهن تنهنجي قديمي ديوارن کي کوٽڻ شروع ڪيو آهي
ته جيئن ماربل ڪڍي ان مان چونو ٺاهن. جيڪڏهن هي
ناپاڪ ڌنڌو ائين هلندو رهيو ته پوءِ عظمت جا آثار
جيڪي تباهيءَ جي روپ ۾ موجود آهن، اُهي به غائب ٿي
ويندا‘.
(37)
خط ۽ تحريرون
(ii,14).
(†)
پوپ (1512-1531ع).
(38)
روم جي آبادي جا ننڍا ملڪ، مختلف وقتن ۾ هڪ مضمون
مان هٿ ڪيا ويا آهن جيڪو هڪ ڊاڪٽر يا حڪيم لانسيسي
لکيو هو.
(39)
سڀ حقيقتون جيڪي روم جي منارن ۽ يادگارن يا اٽلي
جي ٻين شهرن سان لاڳاپيل آهن، سي سڀئي مراتوري جي
تعريف لائق ڪتاب ’اٽلي جي قدامت جا يادگار‘ ۾ درج
ٿيل آهن.
xxvi (ii,493,496)،
لاطيني مواد،
(i,446)
۽ ٻيا اٽلي ۾ ڇپيل ڪتاب آهن.
(*) (روم جو وڏو مئجسٽريٽ
1252-1258ع).
(†)
(باب- 69 ۾).
(‡)
(پادري-
1418-1431ع)
(40)
جئنَس جي مندر کي هاڻي سينسيو جو منارو چوندا آهن،
۽ هن مندر جا آثار آسانيءَ سان ڏسي سگهجن ٿا ڇو ته
ان جي مٿان هاڻي سِرُن جي اوساري ڪئي وئي آهي.
(مانٽفاڪن اٽلي جي زبان ۾ ص 186) ٻيو نامعلوم ليکڪ
(ص- 285) هينئن ٿو ڳڻائي: ’ٽائٽَس جي محراب،
ڪارٽولاري جو منارو، سينيٽرن ۽ جوليس سيزر جا
محراب، ائنٽونينَس جا محراب وغيره‘.
(41)
پوگيَس- (ص- 12).
(42)
شهنشاهه هينري-
IV
جي خلاف. (شهنشاهه
1056-1106ع)
مراتوري- (اٽلي جا واقعا-
ix,147).
(43)
هتي آءٌ مانٽفاڪن جي هڪ اهم تحرير جو ترجمو پيش ٿو
ڪريان: ’وڏو گول منارو… دراصل سييليا ميٽيلا جو
گنبذ هوندو هو. ان جون ديوارون ايتريون ته مضبوط
آهن جو اُنهن جي وچ ۾ رتيءَ ماتر خال به ڪونهي. ان
کي ’ڏاند- منارو‘ به ڪوٺيو ويندو آهي، ڇو ته ان جي
ديوارن تي ڏاندن جا سِرَ نقش ٿيل آهن. ايندڙ صدي ۾
خانه جنگيون شروع ٿي ويون، پر پوءِ به هڪ ننڍو شهر
آباد ٿي ويو، ۽ هاڻي به ديوارون ۽ منارا ڏسي سگهجن
ٿا ۽ ميٽيلا جي گنبذ کي شهر جو قلعو سڏيو ويندو
هو. شهر ۾ جيڪا خانه جنگي شروع ٿي جڏهن اُرسيني ۽
ڪولونا خاندانن جي هڪ ٻئي سان ويڙهه شروع ٿي ته
تباهي جو آغاز ٿي ويو جنهن ۾ شڪستون، سوڀون ۽ آڻ
مڃڻ جا منظر دهرائبا رهيا. ۽ هي دؤر توڙي جو لڙاين
۽ خانه جنگين جو هو، پر ان جي اهميت روم جي تاريخ
۾ تمام گهڻي آهي‘. (ص- 142)
(44)
ڊونئٽَس ۽ نارڊيني جي شاهدين جو مطالعو ڪيو ۽ ان
سان گڏ مانٽفاڪن کي به ڏسو. سويلي جي محلات ۾،
مارسيلَس جي ٿيٽر جا آثار اڃا به نمايان ۽ نروار
آهن.
(*) (1292ع ۾).
(45)
جيمس، سينٽ جارج جو پادري، پنهنجي دنياوي زندگي ۾
جيڪا پدري سيلسٽن- (باب-
V
لکي آهي. (مراتوري- اٽلي زبان ۾- (i,ii,621,i,I,132
وغيره).
(46)
مراتوري
(i,427,431)
ٻڌائي ٿو ته پٿر جون گوليون يا گولا جن مان هر هڪ
جو وزن ٻه سؤ کان ٽي سؤ پائونڊ هيو، عام هيا ۽
ڪڏهن ڪڏهن اُنهن جي ڀيٽ
xii
يا
xviii
ڪئنٽري سان ڪئي ويندي آهي جيڪي جينئا ۾ ٺهندا هيا
۽ جن جو وزن 150 پائونڊ هوندو هو.
(47)
’سڪونٽي جو ڇَهون قانون شرارتن ۽ شيطاني واري عمل
جي منع ٿو ڪري ۽ سختي سان پابندي ٿو وجهي ته جن
شهرين کي ملڪ نيڪالي ڏني وئي هئي، اُنهن جي غير
موجودگيءَ ۾ اُنهن جي گهرن جي ڀرپور حفاظت ڪئي وڃي
جنهن ۾ سڀني جي بهتري آهي. (مراتوري-
xii,1041).
(48)
پيٽرارچ، اهڙيءَ طرح پنهنجي دوست سان مخاطب ٿئي ٿو
جنهن شرم وچان ڳوڙها ڳاڙيندي کيس اُهي ڀڳل ٽٽل
ديوارون ڏيکاريون جيڪي روم جي بربادي جي تصوير پيش
ڪري رهيون هيون ۽ پنهنجي ارادي ۽ عزم جو اظهار
ڪيائين ته هو اُنهن جي مرمت ڪرائي اُنهن کي ساڳي
صورت ۾ واپس ڪندو.
(49)
ويرونا السٽرئٽا جو چوٿون حصو، جنهن کي مارڪس مافي
بيان ڪيو آهي، گهڻو ڪري نمائش گاهه يا آکاڙي متعلق
آهي جيڪو روم ۽ ويرونا ۾ هوندو هو ۽ جيڪو ڪاٺ جو
ڪم گئلرين ۾ ڪيو ويو هو ان بابت به گهڻو ڪجھ لکيل
آهي. ان جي ڪشادگي، ۽ وڏي ڊيگهه ويڪر سبب ان تي
نالو ڪولوزيم، يا ڪوليزيم (نمائش يا جلسي گاهه)
رکيو ويو، ڇو ته ڪئپئا جي نمائش گاهه تي به ساڳيو
نالو رکيو ويو هو ۽ نيرو جو نمائش گاهه سندس ئي
محلات ۾ ٺاهيو ويو هيو.
(iv,15-19,i,4).
(50)
يوسف ماريا جيڪو پڙهيل لکيل پادري هيو ۽ پرينيسٽ
جي تاريخ جو مصنف پڻ هيو، هڪ جدارو مضمون لکيو آهي
جنهن ۾ پٿر جي سوراخن جا هن ستن کان اَٺ سبب
ڄاڻايا آهن ۽ هن ڪم جي اهميت اها آهي جو ان کي
ٻيهر ڇپرايو ويو آهي. مانٽفاڪن (ڊئريم- ص 233)
بربرن جي ڦُرلُٽ ۽ تباهه ڪارين کي پٿرن جي سوراخن
جو ذميوار ٿو سمجهي.
(51)
ڊونئٽَس (روماويٽس- ص 285).
(52)
هي چَوڻي يقيني طور تي ’ائنگلوسئڪسن زيارتين کان
اسان تائين آئي آهي جن سال 735ع کان اڳ روم کي ڏٺو
هو- هي وقت يا دؤر مشهور معروف پادري جي موت وارو
هو، ڇو ته آءٌ ان ڳالهه تي يقين نٿو ڪريان ته مان
واري ويراڳي سمنڊ کي اُڪاريو هو.
(53)
مراتوري جو اصلي ڪتاب ’پادرين جون زندگيون‘ اڃا
مون کي هٿ نه آيو آهي ۽ خاص طرح اُهو ٽڪرو جيڪو
دشمني جي ورهاڱي بابت آهي، جنهن کي يارهين کان
ٻارهين صدي عيسوي جي شروعات تائين منسلڪ ڪري سگهجي
ٿو.
(54)
توڙي جو سرڪس ائگونئلس تباهه ٿي ويو هو، پر پوءِ
به ان جو نالو ۽ نمونو ماڻهن کي ياد آهي (اگونا،
نگونا، نوونا) ۽ ان جي اندرئين حصي ۾ ايترو ميدان
ضرور آهي جو ماڻهو ڊوڙن ۾ حصو وٺندا هيا. پر مانٽ
ٽيسٽئڪو ۾ رڳا ڀڳل ٿانوَ ۽ ٺِڪر جا ٽڪرا پيل آهن.
هتي ساليانو ميلو لڳندو هو ۽ ماڻهن جي وندر ورونهن
لاءِ سوئرن کي گاڏين ۾ ڀري هتي کڻي ايندا هيا.
(55)
ڏسو روم جا مجسما- (iii,87,88,89،
صفحا
185,186)
مون اڳيئي هڪ بلدياتي ڪوڊ اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو
آهي. (باب- 70) ناگونا ۽ مانٽ ٽيسٽئڪو جون ڊوڙون
پيٽر ائنٽونيَس جي ڊائري ۾ بيان ٿيل آهن جن جو
دؤر- 1404 کان 1417ع تائين آهي. (اٽلي زبان جو
مسودو-
xxiv,1124).
(56)
پئليم، جنهن کي منيج بي وقوفيءَ مان پالمئريَم مان
ٿو ڪڍي، سو هڪ خيال هو جنهن کي لباس يا پردي مان
اڳتي وڌائي پيش ڪيو ويو ۽ اتان وري ان کي انعام
طور استعمال ڪيو ويو. (مراتوري- مقالو
xxxiii).
(57)
هنن خرچن لاءِ، روم جا يهودي هر سال 1130 فلورنس
ادا ڪندا هيا، جن مان ٽيهه چاندي جا ٽڪرا هوندا
هيا جنهن لاءِ جوڊاز پنهنجي مالڪ جي ابن ڏاڏن سان
ڌوڪو ڪيو هو. يهودين ۽ عيسائي نوجوانن ۾ پيرين
پيادو ڀڄڻ جو به مقابلو ٿيندو هو.
(58)
جلسي گاهه ۾ جيڪا سانن (سانـَهن) سان مقابلا ٿين
ٿا اُنهن جو ذڪر، يادگيرين جي بجاءِ روايتن مان
ورتل آهي ۽ ان کي روم جي قديمي واقعن ۾ پڻ بيان
ڪيو ويو آهي. (مراتوري- اٽلي مسودو-
xii,535,536)
۽ اهي مقابلا ڀلي تصوراتي لڳن پر انهن ۾ سچ ۽ فطرت
ٻئي شامل آهن.
(59)
وچين دؤر جي راندين روندين لاءِ مراتوري هڪ جدا
مقالو لکيو آهي.
(60)
هڪ مختصر پر بهتر يادگيرين ۾ ابي بار ٿيلمي (نقش و
نگار جي اڪيڊمي- (xxviii
ص- 585) ۾ چوڏهين صدي عيسوي جي معاهدن جو ذڪر ڪيو
آهي.
(61)
ناراض پوگيَس پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ٿو. (ص-
17) پر سندس اظهار جو انداز موجوده دؤر لاءِ تمام
سخت آهي. جنهن کي نفاست سان پندرهين صديءَ جي مزاج
موجب ظاهر ڪرڻو پوندو.
(*) (پادري-
1431-1447).
(62)
اوليويٽن جي ويراڳين بابت مانٽفاڪن (ص- 142) هن
حقيقت جي تصديق ٿو ڪري جيڪا هن وري فلئمينيَس وَڪا
کان ورتي آهي. (نمبر- 72) اُنهن کي اڃا به اُميد
هئي ته سندن وظيفي کي وڌايو ويندو.
(†)
(پادري-
1534-1549ع).
(63)
نمائش گاهه جي چؤگرد ايراضيءَ کي ماپڻ کان پوءِ،
مانٽفاڪن (ص- 142) ٻڌائي ٿو ته پال-
III
جي وقت ۾ اهو اصلي حالت ۾ موجود هيو. (هو خاموش به
ٿئي ٿو ته ڄڻ ڳالهائي پيو). مراتوري (اٽلي ۾ لکيل
واقعا-
xiv,371)
آزاديءَ سان فارنيس پوپ جي غلطي کي وائکو ٿو ڪري ۽
ان تي روم جي ماڻهن جي ناراضگيءَ بابت به اسان کي
ٻڌائي ٿو. اربن-
VIII
جي ڀائٽين جي خلاف مون وٽ ٻي ڪا شاهدي ڪانهي سواءِ
هينئن چوڻ جي ته: (’باربئريني اُهو ڪم ڪري
ڏيکاريو، جيڪو وحشي بربر به نه ڪري سگهيا هيا.‘)
(‡)
(پادري-
1740-1758ع).
(64)
هڪ قدامت جي ماهر طور ۽ هڪ پادري جي حيثيت ۾
مانٽفاڪن نمائش گاهه جي تباهيءَ کي نِندي ٿو.
(65)
تنهن هوندي به روم جا قانونَ (iii,81،
ص- 182) هر ان ماڻهوءَ تي 500 آئوري جو ڏنڊ وجهن
ٿا جيڪو قديمي عمارتن کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪندو، ته
جيئن شهر تباهين ذريعي خراب نه ٿئي ۽ قديمي جايون
جڳهون جيئن پنهنجي سُونهن کي دائمي طور برقرار
رکن‘.
(66)
روم کي پهريون ڀيرو گهمڻ جي موقعي تي (1337ع)
پيٽرارچ ڄڻ صفا انڌو ٿي وڃي ٿو.
(67)
هو جان ڪولونا جي تعريف به ڪري ٿو ته ڪڏهن ان کان
نٽائي ٿو وڃي.
(68)
ڪئپيٽول جي بيان کان پوءِ، هو سئڪسنس ۽ سُووي جا
مثال ڏئي ٿو جن کي جڏهن ائگريپا شڪست ڏني ته هنن
ٻيهر بغاوت ڪئي. (گهِنڊ وڳو ۽ پادري جنهن گهڻو
احتياط ٿي ڪيو، ان سينيٽرن کي اطلاع ڏنو، ائگريپا
ڪاهه ڪندو پٺتي موٽيو ۽ فارسين کي شڪست ڏنائين).
(نامعلوم- مانٽفاڪن ۾- صفحا
297,298).
(69)
ساڳيو ليکڪ تصديق ٿو ڪري ته ’ورجل کي رومين گرفتار
ڪيو هو، جيڪو کانئن ڀڄي نئپلس هليو ويو هيو‘.
يارهين صدي عيسوي ۾ روم جي هڪ جادوگر جو، وليَم
مئلميسبَري تعارف ٿو ڪرائي ۽ فلئمينيَس وَڪا جي
وقت ۾ (نمبر 103،81) هڪ فضول عقيدو هو ته ڌاريا
(گاٿ) جنن ۽ ڀوتن کان لِڪل خزانا ڳولرائي لهندا
هيا.
(70)
نامعلوم (ص- 289) مانٽفاڪن (ص- 191) پنهنجو جائز
تجزيو ٿو پيش ڪري ته جيڪڏهن سڪندر اعظم جي
نمائندگي ٿئي ته اهي مجسما پوءِ فِدياز (اولمپئڊ-
xxxiii|)
يا پرئڪسيٽلز (اولمپئڊ-
CiV)
جيڪو فاتح کان اڳ جو هيو، جا هرگز نٿا ٿي سگهن.
(پلني- فطري تاريخ-
xxxiv,19).
(71)
مئلميسبري جو وِليم
(ii,86,87)
هڪ ڪمال جي دريافت کي (1046ع) جيڪا اِوئنڊر جي پٽ
پالَس سان منسوب آهي ۽ جنهن کي ٽرنـَس قتل ڪيو هو،
اُها دريافت سندس مقبري جي دائمي روشني هئي. هڪ
ڪتبو لاطيني زبان ۾ لکيل هو: ’هڪ لاش جيڪو سلامت
هيو ۽ اُهو هڪ نوجوان جو هو جنهن جي سيني تي زخم
هيا، وغيره.‘ جيڪڏهن هن افساني جو ٿورو به بنياد
هجي، ته پوءِ اسان کي اُنهن جسمن تي رحم ڪرڻ گهرجي
ته اُنهن مجسمن کي، هڪ وحشي دؤر ۾ ٻاهر هوا تي
رکيو ويندو هو.
(72)
پوگيَس- (ص- 12).
(73)
فلئمينيَس وَڪا جي يادگيرين جو مطالعو ڪيو.(نمبر-
57، صفحا-
11,12
جيڪو نارڊيني جي روما ائنٽيڪا جي آخر ۾ ڏنو ويو
آهي. (1704ع).
(*) (پادري-
1717-1431ع).
(74)
سال 1709ع ۾ روم جي رهواسين جو تعداد (اٺن کان ڏهن
هزار يهودين کي شامل نه ڪجي)
1,38568
هيو. (لباٽ-
iii,217,218)
1740ع ۾ اُهي وڌي
146,080
ٿين ٿا، ۽ 1765ع ۾ مون اُنهن کي يهودين کان سواءِ
سندن تعداد
161,899
ڳڻيو هو. ان کان پوءِ مون کي خبر ناهي ته اُهي
انهي رفتار سان وڌندا رهيا يا نه.
(75)
پيري مانٽفاڪن پنهنجا جائزا ويهن ڏينهن ۾ ورهايا
آهن، هو اُنهن کي هفتن يا مهينن ۾ ورهائي ها ته
بهتر هيو ڇو ته اُنهن ئي ڏينهن ۾ هو شهر جو چڪر
لڳائيندو هو. اهو عالم فاضل شخص روم جي جاگرافي جو
جائزو ٿو وٺي. بلانڊَس، فلؤِيَس، مارٽيئنَس، ۽
فانـَس جون پهريون زبردست ڪوششون، يا پرهَس
لِگوريَس، وغيره جون ڪاوشون ٿيون، پر سوال اهو آهي
ته ڇا سندس علم سندس محنت سان مطابقت رکي ٿو.
آنفريَس جون تحريرون ۽ تازا پر ڊونئٽَس جا اڌورا
ڪم به ڪيل آهن. تنهن هوندي به مانٽفاڪن ٿڌو ساهه
ڀريندي هڪ مڪمل رٿ ڏيڻ جو سوچيو آهي جنهن ۾ پراڻي
شهر جو بيان به آيل آهي. هو چوي ٿو ته شهر جي ترقي
تڏهن ٿي سگهي ٿي جڏهن هيٺين ٽن ڳالهين تي غور ڪري
ان تي عمل ڪيو وڃي: (1) تباهه ڪارين جي ايراضي جي
ماپ ۽ تباهي جي دؤرن جو تعين ڪرڻ، (2) ڪَتبن ۽ نقش
نگارن جو مطالعو ۽ اُنهن هنڌن جي سڃاڻپ ڪرڻ جتان
اُهي نقش يا ڪتبا لڌا ويا هيا، ۽ (3) وچين دؤر
(يوروپي تاريخ جو) جي ڪمن، ڪتابن، ڊائرين جي مڪمل
ڇنڊڇاڻ ڪجي جن ۾ روم جي ڪنهن به هنڌ يا عمارت لاءِ
ڏَس ڏنل هجي. هي محنت طلب ڪم هوندو ۽ مانٽفاڪن جي
خواهش هئي ته ان ڪم کي بادشاهن توڙي عوام جي سخا ۽
درياهه دليءَ سان ئي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن سلسلي
۾ نولي جون جديد تجويزون (1748ع) هڪ مضبوط بنياد
قائم ڪنديون ۽ جنهن ۾ چُڪون يا غلطيون به نه
هونديون، جڏهن انهن تجويزن تي عمل ٿيو ته پوءِ
يقين سان چئي سگهجي ٿو ته قديم روم جي مقام نگاري
۽ جاگرافي تي هڪ صحيح ۽ يادگار ڪم ٿي سگهي ٿو. |